سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:21

جيڪي ڀاڄوڪڙ يا مددگار ماڻهو هيا اُنهن شڪايت ڪئي ته جنگ ۾ اُنهن مدد به ڪئي هئي ۽ وڏو بار برداشت ڪيو هو پر جڏهن فتح حاصل ٿي ته کين فراموش ڪيو ويو هيو. ’افسوس‘، سندن رهبر کين وراڻيو، ’اوهان به مون سان گڏ تڪليفون ڪاٽيون آهن ۽ ڪجھ وڌيڪ ڪاٽيو ته جيئن نَوَن مذهب اختيار ڪندڙن کي راضي ڪري سگهجي ۽ کين ننڍيون وڏيون سوکڙيون ڏئي کين راضي رکجي. باقي توهان جي لاءِ آءٌ خود ۽ منهنجو مال ملڪيت حاضر آهن. اوهان منهنجي ملڪ نيڪاليءَ جي ڏينهن جا ساٿي آهيو. منهنجي بادشاهت جا شريڪ ۽ منهنجي بهشت ۾ به مون سان گڏ هوندا‘. سندس شڪايت کان پوءِ طائف جا نائب سرواڻ شروع ٿيا جيڪي ٻي گهيري کان سخت گهٻرايل هيا. ’اي الله جا پيغمبر اسان سان ٽن سالن جو معاهدو ڪر جنهن ۾ اسان کي پنهنجي قديمي عبادت ڪرڻ جي به اجازت ڏني وڃي‘. ’هڪڙي مهيني توڙي هڪ ڪلاڪ جي به اجازت نه ملندي‘، پيغمبرؑ کين جواب ڏنو. ’ته پوءِ اسان کي نماز پڙهڻ/ عبادت ڪرڻ کان معاف ڪيو وڃي‘. ’نماز يا عبادت کان سواءِ مذهب جو ڪوبه فائدو ڪونهي‘. اُنهن خاموشيءَ ۾ شرط قبول ڪيا، اُنهن جي مندرن کي ڊاهيو ويو، ۽ سڄي عربستان جي بُتن کي تباهه ڪرڻ جو ساڳيو حڪم ڏنو ويو. ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن، وڏي سمنڊ ۽ ايراني نار تي ويٺل پيغمبرؑ جي ساٿين توڙي ٻين وفادار مسلمانن کي داد ۽ آفرين پيش ڪيو ويو ۽ جيڪي سفير مديني جي تخت آڏو جُهڪيا ٿي اُهي ايترا ته بيشمار هيا (هڪ عربي چَوڻي) جيتريون کجيءَ جي ڪنهن وڻ مان پَڪل کارڪون هيٺ ڪرنديون آهن. سڄي قوم الله جي حڪمن ۽ ﷴ ﷺ جن جي حڪومت کي تسليم ڪيو؛ جزيي جي بُڇان ڏياريندڙ نالي کي ختم ڪيو ويو، ۽ خير خيرات، يا پنهنجي آمدني جو هڪ حصو مقرر ڪيو ويو جيڪو ماڻهو پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڏيڻ لڳا ۽ هڪ لک چوڏهن هزار مسلمانن ﷴ ﷺ جن سان گڏجي آخري حج جو فرض ادا ڪيو(144).

جڏهن حرقل اعظم (هيراڪليَس)، فارس جي جنگ تان هڪ فاتح جي حيثيت ۾ واپس ٿيو ته ايميسا جي شهر ۾ حضرت ﷴ ﷺ جن جي هڪ سفير سندس خاطر تواضح ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ٻين شهنشاهن ۽ قومن کي به اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. هن موقعي تي عربن مذهبي جوش مان اهو سمجهي ورتو هو ته روم جي عيسائي شهنشاهه ڳجهي نموني اسلام قبول ڪيو هو؛ يونانين وري هڪ سکڻي ۽ مڪر واري دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ذاتي طور مديني جي شهنشاهه سان وڃي ملاقات ڪئي هئي، جنهن کانئُس هڪ وڏو علائقو فقط ان ڪري حاصل ڪيو هو ته جيئن يونانين کي شام جي صوبي مان خيريت ۽ سلامتيءَ سان نڪرڻ جو محفوظ رستو ڏنو وڃي(145). پر حرقل اعظم ۽ ﷴ ﷺ جن جي دوستي مختصر وقت لاءِ هئي، اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عربن جي فتح جو جذبو گهٽ ٿيڻ جي بجاءِ اڃا وڌي ويو هو ۽ هڪ سفير جي قتل ٿيڻ جي واقعي کين فلسطين جي علائقي تي، جيڪو اُردن جي اوڀر ۾ هو، حملو ڪرڻ جو هڪ شاندار موقعو مهيا ڪري ڏنو هو جتي ٽن هزار فوجين سان نيٺ حملو ڪيو ويو. مسلمانن جي طرف کان جهنڊو زيد جي هٿ ۾ ڏنو ويو هو، اسلام جي روح جي نظم ۽ ضبط جو ڪمال اهو آهي جو خانداني سردار ۽ پنهنجي پنهنجي قبيلي جي مکيه ۽ وڏن ماڻهن به پيغمبرؑ جي هڪ غلام هيٺ خدمت ڪرڻ ۽ سندس حڪمن مڃڻ ۾ عيب يا ناراضگي محسوس نه ڪئي. سندس شهادت کان پوءِ جعفر ۽ عبدالله کي هڪ ٻئي پٺيان نامزد ڪيو ويو ته اُهي ڪمان سنڀاليندا ۽ جهندو هٿ ۾ کڻندا ۽ جيڪڏهن ٽيئي ڄڻا جنگ ۾ مارجي وڃن ته فوجن کي خودمختياري سؤنپي وئي هئي ته هو هڪ ٻئي جي صلاح مشوري سان پنهنجو جنرل پاڻ چونڊِن. نامزد ڪيل ٽيئي اڳواڻ مؤتيٰ جي جنگ ۾ مارجي ويا، هي پهريون موقعو هو جو مسلمان فوجين جو هڪ ڌارئي دشمن سان جنگي مقابلو هو. زيد، دشمن جي صفن ۾ اڳتي وڌي ويو هو ۽ هڪ بهادر جيان پنهنجو سِر ڏنائين، جعفر به جوڌن جيان شهيد ٿيو ۽ شهادت کي يادگار بنائي ڇڏيائين، پهريون سندس ساڄو هٿ ڪٽجي ويو ته جهنڊي کي پنهنجي کاٻي هٿ ۾ کنيائين، کاٻو هٿ به سندس جسم کان جدا ٿي ويو ته ٻنهي وَڍيل هٿن جي دُڏن سان جهنڊي کي جهليائين جيستائين سندس جسم زمين سان ملي هڪ ٿي ويو جو کيس پنجاهه ڪارِي زخم لڳي چڪا هيا. ’اڳتي وڌو منهنجا ساٿيو‘، عبدالله رڙيون ڪندي چيو جنهن هاڻي شهيد جعفر جي جڳهه تي جهنڊو کنيو هو، ’اعتماد ۽ ڀروسي سان اڳتي وڌو، فتح يا بهشت ٻئي اسان جا آهن‘. هڪ رومي فوجي جي نيزي سندس فيصلو ڪري ڇڏيو، پر هيٺ ڪرندڙ جهنڊي کي خالد بچائي ورتو جنهن مڪي ۾ اسلام قبول ڪيو هو ۽ نَوَن ترارن به سندس هٿ کي ڪو نقصان نه پهچايو هو اُٽلو ترارون ڀڄي پيون هيون؛ سندس بهادريءَ سبب عيسائين جا بيشمار فوجي پٺتي هئڻ تي مجبور ٿي ويا. رات جو مسلمان فوجين جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ خالد بن وليد کي سپهه سالار چونڊيو ويو، ٻي ڏينهن تي سندس جنگي تجربي ۽ بهادريءَ سبب مسلمانن کي سوڀ حاصل ٿي يا شڪست، اهو نٿو چئي سگهجي، باقي خالد بن وليد پنهنجن مسلمانن توڙي سندس دشمنن ۾ ’الله جي ترار‘ (سيف الله) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مسجد جي ممبر تي ويهي حضرت ﷴ ﷺ جن عظيم شهيدن جي قربانين جو ذڪر پيغمبري شان سان ڪيو پر ذاتي طور تي انساني فطرت جا احساس ان وقت ظاهر ٿيا جڏهن پاڻ زيد جي ڌيءُ تي رُنا. ’آءٌ ڇا پيو ڏسان؟‘ سندن هڪ عقيدتمند تعجب مان کانئن پڇيو، ’تون ڏسين ٿو‘، پيغمبرؑ جواب ڏنو ’ته هڪ دوست پنهنجي هڪ وفادار دوست جي موت تي غم جو اظهار ڪري ٿو‘. مڪي جي فتح کان پوءِ، مسلمانن عربستان جي حڪمران حرقل جي جنگي تيارين کي روڪڻ جو عزم ڪيو ۽ رومين خلاف جنگ جو پڪو پختو اعلان ڪري ڇڏيائون، پر اعلان ڪرڻ کان اڳ هن مهم جي خطرن ۽ تڪليفن کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪيائون(147). مسلمانن ۾ بد دلي پيدا ٿي پيئي، هنن الزام لڳايو ته وٽن پئسا، گهوڙا ۽ کاڌو خوراڪ گهربل ضرورتن کان گهڻو گهٽ هيو، ٻيو ته لابارن جو موسم ۽ اونهاري جي سخت گرمي هئي. ’دوزخ اڃا وڌيڪ گرم آهي‘، ناراض پيغمبرؑ کين چيو. کين ان ڳالهه تي بڇان لڳي ۽ فرمايائون ته ڪنهن کي به جنگ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي، پر جنگ کان واپسيءَ تي پيغمبر ﷺ هنن نِڪمن ۽ اعتراض ڪندڙن کي نه رڳو سخت لفظن ۾ تنبيهه ڪئي پر کين پنجاهه ڏينهن لاءِ سزا ڏئي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. سندن عارضي علحدگيءَ حضرت ابوبڪرؓ ۽ حضرت عثمانؓ ۽ ٻين ڪيترن ئي وفادار ساٿين جي مان ۽ مرتبي کي ويتر وڌائي ڇڏيو جن پنهنجون حياتيون توڙي مال دولت اسلام جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، ۽ ﷴ ﷺ جن سان ڏهه هزار گهوڙي سوار ۽ ويهه هزار پيادل فوجي گڏ هيا ۽ جهنڊو سندن هٿ ۾ هيو. سفر بيحد اڻانگو ۽ تڪليفن وارو هو، ٿَڪَ ۽ اُڃ کي سخت گرمي اڃا وڌائي ڇڏيو هو، ٻيو ته بيمار ڪندڙ برپٽ جي هوائن مسلمانن کي ويتر پريشان ڪري ڇڏيو هو، هڪڙي اُٺ تي واري واري سان ڏهه ڄڻا ٿي سوار ٿيا ۽ پاڻيءَ جي به سخت اڻاٺ هئي. مديني ۽ دمشق جي وچ ۾ ڏهن ڏينهن جو مفاصلو هو، اُهي تبوڪ جي پاڻيءَ جي چشمي ۽ وڻن جي جهڳٽي وٽ ڪجھ دير ترسيا ۽ ٿَڪَ پٽيائون. هن جڳهه کان ﷴ ﷺ جن اڳتي وڃڻ ۽ جنگ کي اينگهائڻ کان منع ڪئي ۽ پاڻ مخالفن جي امن جي ارادن کي ڏسي مطمئن ٿيا، بهادر خالد بن وليد جو نالو مخالفن لاءِ خوف ۽ ڏهڪاوَ جي علامت بڻجي هر طرف پکڙجي ويو ۽ پيغمبرؑ ڳاڙهي سمنڊ جي ويجهو فرات کان ائلا تائين ماڻهن کان بيعت وصول ڪئي جن اسلام قبول ڪيو هو. پنهنجي رعيت جي عيسائين کي پيغمبرؑ سندن ذات جي تحفظ جي ضمانت ڏني، کين واپار وهنوار جي آزادي ڏني، سندن مال ملڪيت جي سلامتيءَ جو يقين ڏياريو ۽ کين پنهنجي طريقي سان عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني(148). سندن عرب ڀائرن جي ڪمزورين، پيغمبرؑ جي پيغام جي مخالفت ڪرڻ کان کين روڪي ڇڏيو هو، حضرت عيسيٰؑ جا پوئلڳ، يهودين جي دشمنن جا دوست هيا، ۽ عظيم فاتح جي دلچسپي ان ڳالهه ۾ هئي ته ٻيا ماڻهو ان عقيدي اڳيان پنهنجي آڻ مڃين جيڪو هن ڌرتي جي گولي تي سڀني کان وڌيڪ طاقتور مذهب هيو.

ٽيهٺ سالن جي عمر تائين حضرت ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن جيتري طاقت حاصل ڪئي هئي ته کين دنياوي توڙي روحاني تڪليفون ۽ ڪوفتون به اوتريون ئي وڏيون مليون هيون، اها ڳالهه ته کين مرگهيءَ جا دؤرا پوندا هيا، يونانين طرفان اهو مٿن سراسر هڪ بهتان هو(149). کين پڪو يقين هو ته خيبر ۾ هڪ يهودي عورت بدلي وٺڻ لاءِ کين زهر ڏنو هو(150). چئن سالن جي دؤران پيغمبرؑ جي صحت ڪِرندي رهي ۽ ضعيفي ۾ اضافو ٿيندو رهيو، پر سندن موتمار بيماريءَ ۾ حقيقت ۾ کين چوڏهَن ڏينهن جو بخار هيو، جنهن وقفي وقفي سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندن دليلن جي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي هئي. جيئن هو سجاڳ ٿيندا هيا ۽ پنهنجي خطري واري حالت کان باخبر ٿيندا هيا ته پنهنجي اُمت جي ماڻهن کي اخلاق ۽ پڇتاءُ جي ترغيب ڏيندا هيا. ’جيڪڏهن ڪٿي به ڪو اهڙو ماڻهو هجي‘، ممبر تي ويهي پيغمبرؑ ماڻهن کي چيو ’جنهن کي مون ڪو چهبڪ هنيو هجي يا رنجايو هجي، ته آءٌ پنهنجي پُٺي حاضر ڪريان ٿو ته اُهو ماڻهو ڀلي مون کي به چهبڪ وهائي ڪڍي‘. ڇا مون ڪنهن مسلمان جي شهرت تي ڪو داغ لڳايو آهي؟ ڀلي اُهو شخص ماڻهن جي وڏي ميڙ ۾ مون کي منهنجون غلطيون ٻڌائي؛ ڇا اسان ڪنهن ماڻهوءَ کي مال ملڪيت کان ڪڏهن محروم ڪيو آهي؟ جيڪو ڪجهه مون وٽ آهي، ته اُميد ته اُهو سندس قرض لاهڻ لاءِ ڪافي هوندو. ’هائو‘، ماڻهن جي ميڙ سان هڪ آواز آيو، ’آءٌ چانديءَ جي ٽن درهمن جو حقدار آهيان.‘ ﷴ ﷺ جن شڪايت کي ٻڌو، سندس خواهش جو پورائو ڪيو، ۽ پنهنجي قرضدار جون مهربانيون مڃيائون ته قيامت جي ڏينهن بجاءِ هن دنيا ۾ ئي هُن مٿن الزام هنيو هو. موت کي پنهنجي ويجهو ڏسندي پاڻ مطمئن ۽ ثابت قدم رهيا ۽ پنهنجن غلامن کي به آزاد ڪيائون. پنهنجي ڪفن دفن جي باري ۾ واضح هدايتون ڏنائون، ۽ پنهنجن دوستن ۽ عقيدتمندن جيڪي زار زار روئي رهيا هيا، ۽ جن کي امن ۽ رحمت جون دعائون ڏيندي کين آٿت ۽ تسليون ڏنائون. وصال کان ٽي ڏينهن اڳ تائين هو باقاعدگيءَ سان باجماعت نماز ادا ڪندا رهيا، حضرت ابوبڪر صديقؓ جيڪي سندن پراڻا ساٿي ۽ اعتماد وارا هيا اُنهن کي پنهنجي جڳهه تي نماز ۾ امامت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون ۽ خلافت جي لاءِ به سندس ئي نالو تجويز ڪيائون پر حضرت ابوبڪرؓ دوانديشي ڪندي اهڙين وڏين ذميدارين قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي. جڏهن پاڻ ڪافي ضعيف ۽ ڪمزور ٿي ويا ته پاڻ پين ۽ مَس جي گهُر ڪيائون ته هو ڪجهه لکڻ چاهيندا يا ٻين لفظن ۾ هڪ مقدس ڪتاب جي تحرير لکرائيندا، جيڪو شايد وحي ذريعي مٿن نازل ٿيل سڀني خدائي حڪمن ۽ پيغامن جو مڪمل نچوڙ هجي ها، ته هڪ اختلاف پيدا ٿي پيو ته ڇا اهڙي وقت ۾ کين اها اجازت ڏئي سگهجي ٿي ته قرآن جي هوندي ٻيو ڪجهه اسان جي حوالي ڪن، جيڪڏهن سندن پاڪ گهر وارين ۽ سندن ساٿين جي روايتن تي ويساهه ڪجي ته حقيقت اها آهي ته پاڻ پنهنجي ڪٽنب جي رشتن کان وٺي پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين پنهنجي پيغمبري عظمت ۽ شان شوڪت توڙي مذهب جي روح کي مٿانهون رکيائون، ۽ جبرائيلؑ جي اچڻ جو به فڪر ڪيائون جيڪو زمين تي آخري ڀيرو نازل ٿيو هو ۽ پيغمبرؑ توڙي زمين کي الوداع چوڻ آيو هو ۽ اعتماد سان اهو به ٻڌائي ويو هو ته رب العزت جون پنهنجي پياري پيغمبرؑ تي نه رڳو رحم ۽ ڪرم جون نوازشون هيون پر قادر مطلق جي خاص رحمتن جو مٿن پاڇو هو. ڳالهين ڪندي پاڻ پنهنجي لاءِ اهو به انڪشاف ڪيو هئائون ته موت جي فرشتي کي سندن روح کي ضبط ڪرڻ جو تيستائين اختيار نه هيو جيستائين هو پيغمبرؑ کان اڳواٽ اهڙي اجازت نه وٺي. بهرحال اهڙي اجازت ڏني وئي ۽ پاڻ پنهنجن آخري پساهن طرف ماڻهن کي محسوس ٿيڻ لڳا، سندن مٿو بيبي عائشهؓ جي جهوليءَ ۾ پيل هيو جيڪا سڀني گهروارين کان کين وڌيڪ پياري هئي، کين سور جي تڪليف ٿي ۽ هو بيهوش ٿي ويا، ٻيهر هوش ۾ ايندي پنهنجون نظرون گهر جي ڇت ڏانهن ڦيرايون، ۽ نظرن کي کُپائيندي هٻڪيل ۽ جهيڻي آواز ۾ آخري لفظ ادا ڪيائون: ’اي الله… منهنجي گناهن کي معاف ڪجانءِ… ها… لبيڪ، آءٌ… اچان ٿو… پنهنجي شهر جي اُنهن ساٿين سان مٿي گڏ هوندس… ۽ اهو چئي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا. مسلمانن جي لاءِ وڏي ۾ وڏي غمناڪ خبر سبب، شام ڏانهن ڪُوچ ڪندڙ جنگي مهم کي روڪيو ويو، فوج مديني جي گيٽن وٽ رڪجي وئي ۽ هر طرف کان ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد جمع ٿي ويو ته پنهنجي پيغمبرؑ جو آخري ديدار ڪري سگهن. سڄو شهر ۽ خاص طرح اسلام جي پيغمبر جي گهر ۾ روڄ راڙو ۽ غم ۽ اندوهه جو عالم برپا ٿي چڪو هو يا وري ڪڏهن صفا خاموشي ڇانئجي ٿي ويئي، جنون هاڻي شايد واحد طريقو هو جنهن ذريعي ڪو اُميد جو ڪِرڻو ڪٿي نظر اچي ۽ ماڻهن کي اطمينان ميسر ٿئي. ’هو ڪيئن ٿو مري سگهي، جيڪو اسان جو شاهد، اسان کي شفاعت ڏياريندڙ ۽ الله وٽ اسان جي پارت ڪندڙ هو؟ خدا جو قسم هو مئو ناهي پر حضرت موسيٰؑ ۽ حضرت عيسيٰؑ وانگر زندهه آهي‘ هو هن وقت هڪ محويت جي عالم ۾ آهي ۽ تمام جلد پنهنجن وفادار ماڻهن ڏانهن واپس ايندو.‘ عقل ۽ دليل کي ماڻهو وساري ويٺا هيا، ۽ حضرت عمرؓ سخت غصي جي حالت ۾ مياڻ مان پنهنجي ترار ڪڍي ڦيرائي رهيو هو ۽ دڙڪو ڏيندي ماڻهن کي سختيءَ مان چيائين ته هو هر ان ماڻهو جو سِرُ ڪپي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندو جيڪو به ائين چوندو ته اسان جو پيارو پيغمبر گذاري ويو آهي. حضرت عمرؓ جي غصي کي حضرت ابوبڪرؓ جي باوقار موجودگي ۽ ٿڌي نموني سمجهائڻ سان ڪجهه ماٺار ۾ آندو ويو. ’اهو ﷴ ﷺ آهي يا ان جو الله آهي جنهن جي اسان عبادت ڪريون ٿا‘. حضرت ابوبڪرؓ کين چيو. ’ﷴ ﷺ جن جو خدا هميشه زندهه آهي ۽ رهندو مگر پيغمبرؑ به ائين ئي فاني آهي جيئن اسان سڀئي آهيون. ۽ هن پنهنجي ئي پيشنگوئي موجب رب آڏو پنهنجي جان حاضر ڪئي آهي.‘ کين انهيءَ جڳهه تي تربت ۾ لاٿو ويو جتي هن لاڏاڻو ڪيو هو(151). سڄو مدينو ﷴﷺ جن جي لاڏاڻي ۽ تدفين کان پوءِ مقدس شهر بڻجي ويو ۽ مڪي جا بيشمار حاجي صاحبان مديني پهچي پنهنجي عقيدت جو نذرانو(152) وڃي پيش ڪندا آهن جتي پيغمبرؑ جو روضو سادگيءَ جو هڪ نمونو آهي(153).

حضرت ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن جي حياتي جي پڄاڻيءَ تي، مون ۾ شايد اها اُميد رکي وڃي ته مان سندس خوبين ۽ خامين کي توري تڪي پيش ڪريان، ته مان اهو فيصلو ڪريان ته سڄي انسانذات جي هڪ اعليٰ سيرت انسان لاءِ ڪهڙي لقب جي چونڊ ڪريان، جيڪو دنيا جو هڪ يگانو ۽ خاص الخاص انسان هو. جيڪڏهن آءٌ عبدالله جي پٽ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو سڃاڻندو هجان ها ته پوءِ ته منهنجو ڪم اڃا به وڌيڪ مشڪل ٿي وڃي ها ۽ ڪاميابيءَ جو ڪو يقين نه هجي ها، پر ٻارهن صدين جي وڏي مفاصلي گذرڻ کان پوءِ آءٌ فقط مذهبي خوشبوءِ جي ڪڪر جي هڪ ڌُنڌ مان ئي سندس پاڇو ڏسي سگهان ٿو ته ڇا آءٌ سندس هوبهو تصوير جي نقش چِٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس، تيزيءَ مان ٺهيل مشابهت ان شخصيت سان شايد مشڪل سان ڀيچي اچي جيڪو حرا جي غار جو اڪيلو رهاڪو هو، جيڪو مڪي جو وڏي ۾ وڏو تبليغ ڪندڙ ۽ عربستان جو فاتح هيو. هُو دنيا جي وڏي ۾ وڏي انقلاب جو پايو وجهندڙ انتهائي متقي، پرهيزگار ۽ وڏي سوچ رکندڙ شخص هو، جيئن ئي شاديءَ کيس هر خواهش کان مٿي ڪري ڇڏيو هو، ته هن حرص يا لوڀ لالچ کي بلڪل ڇڏي ڏنو هو، ۽ چاليهن سالن تائين هو هڪ معصوم جيان رهيو هو. الله جي وحدانيت هڪ اهڙو خيال آهي جيڪو انساني فطرت ۽ دليل سان ٺهڪندڙ آهي، ۽ يهودين ۽ عيسائين سان ٿوري گفتگو به مڪي جي بتن کان کيس نفرت ڪرڻ سيکاري ڇڏي هئي. انسان توڙي هڪ شهريءَ جو اهو فرض آهي ته نجات جو ڪو فلسفو پيش ڪري ۽ پنهنجي ملڪ کي غلطين ۽ گناهن کان بچائي ڇڏي. ذهني قوت جيڪڏهن لڳاتار هڪڙي شيءِ تي خرچ ڪجي ته پوءِ هڪ عام فرض هڪ مخصوص سڏ ۾ بدلجي ويندو ۽ سمجهه يا شعور جي مشوري يا تصور کي جنت جو اُتساهه سمجهيو ويندو ۽ ڪنهن خيال جي اهميت ذهن جي خمار يا محويت واري ڪيفيت ۾ ختم ٿي ويندي ۽ ان وقت اسان کي اندروني روشني ڏسڻ ۾ ايندي ۽ اسان کي پنهنجي وجود ۾ پنهنجي پالڻهار ۽ خالق جي موجودگي محسوس ٿيندي جيڪو ڏسڻ ۾ نه اچڻ جي باوجود به اسان تي رحم جي نظر رکي ٿو. سقراط جي شيطان يا بدروح(155)، مان هڪ يادگار مثال ٿو ملي، هڪڙو ڏاهو ماڻهو پاڻ کي ڌوڪو ڪيئن ٿو ڏئي يا هڪڙو سٺو ماڻهو ٻين کي ڌوڪو ڪيئن ٿو ڏئي، ۽ انساني ضمير، خود فريبي ۽ ڄاڻي واڻي ڪيل ڌوڪي جي وچ  تي مُنجهيل حالت ۾ ڪيئن ننڊون ٿو ڪري. سخا ۽ خيرات ڏيڻ منجهان ﷴ ﷺ جن جي اصل ارادن جي خبر پوي ٿي ته اُهي صاف ۽ نِج همدردي ۽ ڀائيچاري وارا هيا، ان جي باوجود ضدي ۽ هٺيلن ماڻهن اسلام جي پيغمبر جي مخالفت ڪئي. سندس دعوائن کي رد ڪيو ۽ کين تڪليفون پهچايون، عظيم پيغمبر پنهنجي ذاتي دشمنن کي ته معاف ڪري سگهي ٿو، پر هو جائز ۽ قانوني طرح الله جي دشمنن کان نفرت ڪري سگهي ٿو، ﷴ ﷺ جن جي دل ۾ پڻ الله جي دشمن خلاف بدلي وٺڻ جي باهه ڀڙڪي پئي، پر هن حضرت يونسؑ وانگر(*) ٿڌو ساهه ڀريو ۽ اُنهن فسادين جي تباهي لاءِ سوچيو جن جي پاڻ مذمت ڪئي هئائون. مڪي جي ناانصافين  ۽ مديني جي انتخاب ڪرڻ سان هڪ شهري بادشاهه بڻجي ويو، ۽ هڪ مبلغ فوجن جواڳواڻ بڻجي ويو، ۽ هن پنهنجي ترار کي نبين وارو وقار بخشيو. ساڳيو خدا جيڪو گنهگارن کي وبا جي بيمارين ۽ زلزلن ذريعي سزا ڏئي ٿو سو هنن جي مذهب تبديل ڪرڻ يا سيکت ڏيڻ لاءِ سندن بهادريءَ کي آزمائي سگهي ٿو. سياسي حڪومت جي معاملن ۾ مذهبي جنون جي انتها پسندي کي گهٽائڻ لاءِ کين مجبور ڪيو ويو هو، ۽ پنهنجن ساٿين ۽ پوئلڳن جي جائز خواهشن کي به ڪنهن حد تائين هن پورو ڪيو هو ۽ ڪن موقعن تي انسانذات جي خرابين ۽ اَوگُڻن کي به سندن نجات ۽ ڇوٽڪاري لاءِ استعمال ڪيو ويو هو. سندس مذهب کي ڦهلائڻ جي سلسلي ۾ ڌوڪي، ٺڳي، ظلم ۽ ناانصافي جو سهارو ڪڏهن به نه ورتو ويو، پر ﷴ ﷺ جن اُنهن يهودين ۽ بت پرستن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو جيڪي ڌوڪو ڪندي جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويا هيا. اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيندڙ نوجوان جوش جذبو ڏيکاريندا هيا، هو سچا، سٻاجها ۽ سادڙا هوندا هيا ۽ پنهنجي سادگيءَ ۾ رهندا هيا(156). هڪ فيلسوف تجزيو ڪيو ته اُنهن جي سادگي يا ڀورڙائي ۾ ئي سندن ڪاميابيءَ جو راز لڪل هو. خدائي فريضي ادا ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا هيا ۽ سندن دلچسپين ۽ مذهب جو پاڻ ۾ اٽوٽ رشتو هو ۽ سندن ضمير ان نقطي تي مطمئن ٿيندو هو ته فقط پيغمبرؑ جي ذات ئي اهڙي هئي جنهن کي خدا تعاليٰ پنهنجين نعمتن ۽ رحمتن سان مالامال ڪري ڇڏيو هو. ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن الله جي وحدانيت جي پرچار ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ربي راهه تي هلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهيا. حق ۽ سچ جي حمايت ۾، ڌوڪي ۽ افساني گهَڙڻ جي فنڪاريءَ جو رتيءَ ماتر به عمل دخل ڪونه هو. پاڻ نهايت ئي بردبار، شفيق، هر هڪ جا همدرد ۽ هڏ ڏوکي هيا، اهوئي سبب آهي جو ﷴﷺ جن جو فرمان هو ته قيدين کي وڪڻڻ وقت مائرن کي پنهنجن جگر گوشن کان هرگز ڌار نه ڪيو وڃي، اهو جذبو خود ڪنهن به تاريخدان کي لکڻ وقت ضرور متاثر ۽ متوجهه ڪندو(157).

حضرت ﷴ ﷺ شاهي دٻدٻي ۽ شان شوڪت کان نفرت ڪندو هو، هو پنهنجي گهر ۽ پنهنجي ڪٽنب جا ننڍا ۽ نوڪرن وارا ڪم ڪرڻ ۾ به عار محسوس نه ڪندو هو، هو باهه پاڻ ٻاريندو هو، فرش کي پاڻ ڌوئيندو ۽ صاف ڪندو هو، رڍن کي ڏُهندو هو، ۽ پنهنجي بوٽن يا گهيتلن جي مرمت پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪندو هو ۽ پنهنجن ڪپڙن کي ٽوپو به پاڻ ڏيندو هو. هو ويراڳين واري نظريي، جنهن ۾ گناهن جو ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ هو پاڻ کي سزا ڏيندا آهن، جي سخت خلاف هو، هو بغير ڪنهن ڏيکاوَ جي عربن يا سپاهين وارو سادگيءَ جو کاڌو کائيندو هو، ڪن خاص خوشي يا تقدس وارن موقعن تي هو پنهنجن ساٿين کي دعوت ڏيندو هو جتي هو گهڻو ڪجهه پچائيندا هيا ۽ پنهنجن گهڻگهرن سان گڏجي ويهي ماني کائيندو هو، پر گهريلو زندگي ۾ ڪيترا هفتا گذري ويندا هيا جو پيغمبرؑ جي گهر ۾ چُلهه نه ٻرندي هئي. سندس ئي مثال مان شراب واپرائڻ جي منع نامي جي خبر پوي ٿي، بک لڳڻ تي جوَن جي بچيل ماني کائي گذارو ڪندو هو، کين کير ۽ ماکي جي غذا ڏاڍي وڻندي هئي، پر سندن عام کاڌو کارڪون  کائڻ مٿان پاڻي پي ڇڏڻ هوندو هو، خوشبوءِ کين بيحد پسند هئي ۽ پاڻ پنهنجي گهر وارين (امهات المؤمنين) جو به تمام گهڻو خيال رکندا هيا ۽ اُنهن سان ويجهائي واري رغبت جو به لحاظ رکندا هيا. ﷴ ﷺ پاڻ اقرار ڪيو هو ته اهڙين معصوم خوشين سان سندس روحاني جذبا ۽ فطري قوتون وڌي وينديون هيون. هن خطي ۾ موسم جي گرمي عربن جي رت ۾ باهه ڀڙڪائي ٿي ڇڏي ۽ سندن جنسي خواهش جي طبعي لاڙن جي تصديق قديمي ليکڪن پڻ ڪئي آهي(159). عربن جي نفس پرستي کي قرآن جي شهري ۽ مذهبي قانون سان لاڳو ۽ ان جو پابند بنايو ويو آهي؛ اڳين عربن ۾ ويجهن مائٽن سان زنا جو مٿن الزام رهندو هو؛ بيشمار شادين ڪرڻ جي رواج کي چئن جائز زالن ۽ سُريتن تائين محدود ڪيو ويو، سندن بستري توڙي ڏاج جي حقن کي انصاف سان طئي ڪيو ويو هو، طلاق وٺڻ جي آزادي کي لغام ڏنو ويو هو، زنا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي وڏن ڏوهن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو، اڻ پرڻيل مردن ۽ عورتن جي جنسي ميلاپ جي ڏوهه جي سزا سؤ ڦٽڪا هوندي هئي(160). اسلام جي وڏي قانونساز جا اهي فرمان ۽ اصول تعريف لائق هيا، پر امهات المؤمنين جي وڌيڪ تعداد سبب سندن دشمنن مٿن الزام تراشي ڪئي آهي مگر کين اهو سوچڻ گهرجي ته بيبي عائشهؓ کانسواءِ ٻيون بيبيون بيوه هيون جتي جنسي خواهش جو جذبو گهٽ پر کين پاڇي ۾ پناهه ڏيڻ جو خيال کين وڌيڪ هيو. هر عمل جو جائزو پنهنجي معاشرتي پس منظر ۾ وٺڻ ضروري هوندو آهي. ﷴ ﷺ جا عقيدتمند ساڻن ڪهڙي به نسبت قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي خوش نصيبي سمجهندا هيا ۽ هن سلسلي ۾ ڪنهن قبيلي جي دل شڪني ڪرڻ به نامناسب ۽ سياسي طرح سان هاڃيڪار هوندي هئي، ۽ جيڪڏهن اسان حضرت سليمانؑ جي ست سؤ سالن ۽ ٽي سؤ سُريتين جي مثال کي سامهون آڻيون ته پوءِ عربن جي اعتدال پسندي کي داد ڏيڻو پوندو جن سترهن کان پندرهن زالن تائين حدبندي ڪئي، مديني ۾ اسلام جي پيغمبرؑ جي زالن جو تعداد يارهن هيو جن کي پنهنجا جدا جدا گهر هيا ۽ سڀني سان پيغمبرؑ جو واري واري سان ازدواجي رشتو رهندو هو. خاص ڳالهه اها هئي ته سڀ بيوه هيون سواءِ بيبي عائشه جي جيڪا حضرت ابوبڪر صديقؓ جي نياڻي هئي. فقط اُها ڪنواري هئي ۽ ﷴ ﷺ اُن سان فقط نوَن سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي هئي. (اهو عربستان جي گرم آبهوا جو ڪرشمو هو جو وقت کان اڳ بلوغت اچي وئي هئي) سندس جواني، سندس حسن ۽ بيبي عائشهؓ جي اوتري سٺي سيرت کيس مٿانهون مقام عطا ڪري ڇڏيو هو ان ڪري هوءَ پيغمبرؑ کي سڀني کان وڌيڪ پياري هئي ۽ جنهن ۾ سندس وڌيڪ اعتماد هوندو هو، ۽ سندس لاڏاڻي کان پوءِ حضرت ابوبڪرؓ جي نياڻي کي مسلمان احترام مان ماءُ يا امان ڪري پڪاريندا هيا. ڪجهه منافقن سندن ڪردار ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ رات جي هڪ مسافريءَ ۾ هوءَ حادثاتي طور اڪيلي پٺتي رهجي ويئي هئي ۽ ٻي صبح جو بيبي عائشه پنهنجي گهر واپس آئي.  ٻڌايو ته هوءَ معصوم هئي، مٿس الزام مڙهيندڙن کي نِنديو ويو، اسلام ۾ زنا جي ڏوهه جي سخت سزا آهي، زنا جي الزام کي ثابت ڪرڻ لاءِ شاهدين جي معيار کي به سخت بڻايو ويو آهي يعني زنا جي ثابتي لاءِ چئن مردن جي شاهديءَ کي لازم ڪيو ويو آهي(161).

بيبي خديجه سان سندن زياده انسيت جي ڪري هڪ ٻيو موضوع جنم وٺي سگهي ٿو. سندن چوويهن سالن جي شاديءَ ۾ بيبي صاحبه جي نوجوان مڙس ڪڏهن به گهڻين شادين ڪرڻ جو نه سوچيو، ۽ ان پاڪباز عورت جي فخر ۽ نازڪپڻي کي، ماڻهن جي ذاتي زندگي توڙي سماج ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو. سندس موت کان پوءِ پيغمبرؑ چئن عظيم عورتن جي صف ۾ سندس نالو شامل ڪري ڇڏيو، يعني حضرت موسيٰؑ جي ڀيڻ، حضرت عيسيٰؑ جي ماءُ ۽ بيبي فاطمه جيڪا سندس ڌيئرن مان سڀني کان وڌيڪ کين پياري ۽ باوقار هئي. ’ڇا هوءَ پوڙهي نه هئي؟‘ بيبي عائشه کين پنهنجي حسن جي غرور جي آسري تي کانئُن پڇيو. ’ڇا توکي الله ان جي جڳهه تي وڌيڪ بهتر ساٿي عطا نه ڪري ڇڏيو آهي؟‘ ’نه، خدا جو قسم، نَه‘: جذبي مان وراڻيو، ’هن کان بهتر ساٿي مون کي ٻيو نٿو ملي سگهي، هن جو مون ۾ پورو اعتماد هو، جڏهن ماڻهو مون کان پري هوندا هيا، هوءَ منهنجون گهُرجون تڏهن پوريون ڪندي هئي، جڏهن مان مسڪين هيس ۽ سڄي دنيا مون کي اذيتون پهچائيندي هئي. ته هوءَ(165) مون کي سهارو ڏيندي هئي‘.(165)

پيغمبرؑ، جيڪو اسلام جو باني ۽ مسلمانن جي شهنشاهت جو پايو وجهندڙ هو طرفان گهڻين شادين ڪرڻ جو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي نسل جي ماڻهن جي انگ کي وڌائجي. بيبي عائشه ڪنواري هئي باقي ٻيون بيبيون سڀ بيوهه هيون پر اولاد کين ڪونه ٿيو. بيبي خديجه کي چار پٽ ڄاوا پر اُهي سڀئي ننڍيلا ئي مري ويا. مصر جي ماريه کين پياري هئي ڇاڪاڻ ته ان هڪ پٽ کي جنم ڏنو هو جنهن جو نالو ابراهيم هو. پندرهن مهينن کان پوءِ پيغمبرؑ سندس قبر تي وڃي رنو پر ساڳئي وقت دشمنن جي ٺٺولين کي صبر ۽ ارادي جي مضبوطيءَ سان برداشت ڪيائين جن مشهور ڪيو هو ته پيغمبرؑ جي پٽ جي مرڻ جي ڏک ۾ سج گرهڻ ٿيو هو يا سجَ پنهنجو مُنهن لڪايو هو. بيبي خديجه مان کين چار ڌيئرون پيدا ٿيون پر وڏيون ٽيئي پنهنجي پيءُ جي سامهون فوت ٿيون ۽ سڀني کان ننڍي بيبي فاطمه، جيڪا کين بيحد پياري هئي ۽ جنهن تي سندن پورو ڀروسو هو، سندن سؤٽ حضرت عليؓ جي نڪاح ۾ داخل ٿي وئي، ۽ جنهن عظيم انسانن کي جنم ڏنو. حضرت عليؓ جون صلاحيتون توڙي هن جي خاندان جون بدقسمتيون مسلمان خليفن جي هڪ سلسلي لاءِ مون کي شايد هڪ لقب ڏيڻ لاءِ آماده ڪري جيڪو سندن حڪمرانن کي رسول الله جي خليفي يا جانشين جو ملندو آيو آهي(166).

حضرت علي (ڪرم الله وجهہ) ڄَم، خانداني لاڳاپن ۽ سندس پنهنجي ڪردار جي لحاظ کان ملڪ جي سڀني ماڻهن کان مٿاهون هو ۽ ان ڪري جيڪا جڳهه، پيغمبرؑ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي، ان جي لاءِ هو شايد موزون ترين شخص هو. ابوطالب جو پٽ، هونئن ئي بنوهاشم قبيلي جو سرپرست هو ۽ مڪي شهر توڙي ڪعبة الله جو موروثي شهزادو ۽ محافظ هو. پيغمبرؑ جي لاڏاڻي کان پوءِ، رسالت جي شمع ته وسامي چڪي هئي پر بيبي فاطمه جي مڙس کي وراثت مان وڏي اعزاز جي اُميد هئي؛ ڪجھ وقت لاءِ عرب ڄڻ هڪ عورت جي حڪمراني هيٺ خاموش هيا، ۽ پيغمبرؑ جي ٻن ڏوهٽن کي عربن ڪڏهن ﷴ ﷺ جن جي جهوليءَ ۾ پيار ڪندي ڏٺو هو ته ڪڏهن کين ممبر تي ساڻن گڏ ڏٺو هو ۽ جن جي لاءِ پيغمبرؑ فرمايو هو ته سندن ٻئي ڏوهٽا قيامت جي ڏينهن جنت جي نوجوانن جا سردار هوندا. ڪجھ پهريَن مسلمانن شايد اها خواهش ڏيکاري هوندي ته ٻنهي جهانن ۾ سندن رهبريءَ هجي، ڇو ته ڪي وڌيڪ سنجيده ۽ معتبر شخص موجود هيا پر ڪوبه مسلمان حضرت عليؓ جي وصفن ۽ اعليٰ ڪردار کان اڳتي نه وڌي سگهيو آهي. هو شاعر هئڻ سان گڏ هڪ مجاهد سپاهي ته ساڳئي وقت هو هڪ ولي به هيو. اخلاقيات ۽ مذهب بابت سندس قولن ۾ ڏاهپَ جرڪندي نظر اچي ٿي(167)، ۽ مخالفن کي اها جرئت نه ٿيندي هئي ته تقرير جي فن توڙي ترار بازي ۾ هو ساڻس ڪنهن مقابلي جي همت ساري سگهن. اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جي پهرين ساعتن کان وٺي سندن ڪفن دفن ٿيڻ جي گهڙين تائين، پيغمبرؑ کان هو هڪ لمحي لاءِ به پري نه ٿيو ۽ جنهن جي لاءِ  ساڻن اهڙو ئي هيو جهڙو حضرت هارونؑ جو حضرت موسيٰ ؑ سان هو. ابوطالب جي پٽ کي پوءِ مِهڻا مليا ته هو پنهنجي حقَ وٺڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن ۾ جيڪڏهن هو ڪامياب ٿئي ها ته ساڻس مقابلي ڪرڻ وار ڪوبه نه هجي ها. پر هن عظيم سپوت مسلمانن جي شهنشاهت جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي پاڻ تي اعتماد ڪيو ۽ شايد ماڻهن جي مخالفت جي خوف کان ﷴ ﷺ جن پڻ اهڙي تجويز کي اڳتي نه وڌايو ۽ وري سندن بيماريءَ جي بستري تي بيبي عائشهؓ جو اثر وڌيڪ هيو.

پيغمبرؑ جي لاڏاڻي کان پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي ۽ ماڻهن ۾ ڪجھ ڇڙواڳيءَ جو ماحول پيدا ٿي ويو، تنهن ڪري ماڻهن جو هڪ وڏو اجلاس سڏرايو ويو ته سندن جانشين بابت ڪو فيصلو ڪيو وڃي. حضرت عليؓ جي موروثي جانشيني جي دعويٰ مڪي جي معززن ۽ بزرگن کي قبول نه هئي جيڪي هڪ آزاد چونڊن ذريعي جانشين مقرر ڪرڻ پيا چاهن، قريش، بنوهاشم گهراڻي جي موروثي معتبري ۽ سندن عزت ڀرئي مقام کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا، قبيلن جون قديمي دشمنيون ۽ ڪدورتون ٻيهر ڪَرَ موڙي اٿيون، مڪي جي مهاجرن ۽ مديني جي مقامي ماڻهن پنهنجون پنهنجون دعوائون ظاهر ڪيون، ۽ جيڪڏهن هڪ ئي وقت تي ٻن خليفن جي تجويز کي مڃيو يا منظور ڪيو وڃي ها ته مسلمانن جو مذهب توڙي سندن شهنشاهت پنهنجي شروعاتي دور ۾ ئي پنهنجو موت مري وڃي ها. پر اهو اختلاف ۽ هنگامو حضرت عمرؓ جي مداخلت سبب نبري ويو جنهن جانشينيءَ تان پنهنجي دستبرداريءَ جو اعلان ڪيو ۽ حضرت ابوبڪرؓ کي خليفو تسليم ڪندي سڀني مسلمانن کان اڳ ان جي بيعت ڪيائين. هن موقعي تي جلد بازي ڪرڻ ۽ ماڻهن جي وِچٿري مرضيءَ سان خلافت جي منصب سنڀالڻ تي مخالفت ۽ فتني جو امڪان هو پر وري به حضرت عمرؓ ممبر تي بيهي اعلان ڪيو ته جيڪو به مسلمان هاڻي وؤٽن يا چونڊن جي ڳالهه ڪندو ته چونڊيل ۽ چونڊيندڙ ٻئي موت جا مستحق ٿيندا(168). بيعت جي سادگي واري تقريب کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديقؓ کي مديني، مڪي ۽ عربستان جي ٻين صوبن ۾ پڻ جائز خليفو تسليم ڪيو ويو، فقط بنوهاشم قبيلي طرفان بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ اُنهن جي مکيه يعني حضرت عليؓ ڇهن مهينن کان به ڪجھ وڌيڪ عرصي تائين بيعت نه ڪئي ۽ پنهنجي وجود کي آزاد ۽ علحدو رکيو. بيبي فاطمه جي انتقال سبب سندس ڌُر ڪمزور ٿي پئي، تنهن ڪري حضرت عليؓ به حضرت ابوبڪرؓ جي بيعت قبول ڪري ورتي ۽ سندس اها تجويز قبول ڪري ورتائين ته سندن دشمنن جو کين گڏجي مقابلو ڪرڻو ۽ ساڻن جنگ جوٽڻي هئي، پر خليفي جي ان نماڻي آڇ سان شيرِ خدا يڪيراءِ نه ٿيو ته هو خلافت کي ڇڏي ڏئي. فقط ٻن سالن جي خلافت کان پوءِ حضرت ابوبڪرؓ انتقال ڪري ويو. خليفي پنهنجي وصيت ۾، جيڪا هن پنهنجن ٻين ساٿين جي مشوري سان لکرائي هئي، هن پنهنجو جانشين حضرت عمرؓ کي بنايو جيڪو هڪ بهادر ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو. ’منهنجي لاءِ هي وقت ايڏي وڏي منصب لاءِ مناسب ناهي‘. حضرت عمرؓ چيو. ’پر منصب جي تقاضا کي تنهنجي گهُرج آهي‘. حضرت ابوبڪرؓ کيس وراڻيو، ان کان پوءِ سندس روح پرواز ڪري ويو پر اڳ ۾ خليفي دعا گهري هئي ته الله تعاليٰ سندس طرفان خليفي جي انتخاب ڪرڻ جي فيصلي کي قبول ڪندو ۽ مسلمانن کي هدايت ڏيندو ته هو ساڻس تعاون ۽ سندس فرمانبرداري ڪن. هيءَ دعا بيسود نه هئي ڇاڪاڻ ته حضرت عليؓ خود، نماز جي هڪ ذاتي موقعي تي، خلافت جي لاءِ سندس مقابلي ڪرڻ واري جي مٿاهين لياقت ۽ صلاحيتن جو نه رڳو کليل اعتراف ڪيو هو پر محبت وارن لفظن ۾ پنهنجي طرفان سندس لاءِ اعتماد ۽ احترام جو يقين ڏياريو هو. سندس حڪومت جي ٻارهين سال ۾ حضرت عمرؓ تي هڪ قاتل حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي پٽ توڙي حضرت عليؓ جي نالن کي سندس جانشيني لاءِ نامنظور ڪيو ۽ پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هن ڇَهن پارسا ۽ معزز ماڻهن جي هڪ شُوريٰ نامزد ڪئي ته اُهي گڏجي سندس جانشين جو اهڙو فيصلو ڪن جيڪو سڀني مسلمانن لاءِ قبول ڪرڻ جهڙو هجي. هن موقعي تي دوستن ۽ ساٿين طرفان حضرت عليؓ تي ٻيهر الزام هنيو ويو(169) ته هن پنهنجي جائز حق کي ٻين ماڻهن جي فيصلي جي سپرد ڇو ڪيو هو ۽ ٻيو ته هن پنهنجو نالو اُنهن ڇَهن ۾ ڇو شامل نه ڪرايو هو، وغيره. هو پنهنجو نالو وؤٽرن کان ضرور منظور ڪرائي وڃي ها، جيڪڏهن انڪساري کان ڪم وٺندي نه رڳو قرآن ۽ سُنت جي قانون سان ڪو سمجهوتو ڪري ها پر سندس قدم پهريَن ٻن خليفن جي عزم ۽ ڪارنامن جي به انحرافي هجي ها جيڪي وڌيڪ محترم ۽ تجربيڪار هيا(170). اهڙي صورتحال ۾ حضرت عثمانؓ، جيڪو ﷴ ﷺ جن جو خاص نائب هو، کي خليفو چونڊيو ويو، ۽ ٽيئن خليفي جي حڪمراني ۽ پيغمبرؑ جي لاڏاڻي کان چوويهه سال پوءِ، حضرت عليؓ کي ماڻهن جي اتفاق راءِ سان چوٿون خليفو چونڊيو ويو. عربن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ قديم سادگي نظر ايندي هئي ۽ ابوطالب جي پُٽ کي دنيا جي ظاهري ٺٺ ٺانگر ۽ وڏائيءَ کان بنهه بڇان لڳندي هئي. نماز جي وقت هو مديني جي مسجد ۾ ويو، جسم تي کيس سنها ڪپڙا پاتل هيا، مٿي تي پٽڪو ٻڌل، هڪڙي هٿ ۾ بوٽ ۽ ٻي هٿ ۾ لٺ يا لَڪڻ جي بجاءِ تير ڪمان کنيل هو. پيغمبرؑ جي ساٿين ۽ مختلف قبيلن جي سربراهن کيس سلامي پيش ڪئي ۽ پنهنجو پنهنجو ساڄو هٿ ساڻس ملائيندا سندس بيعت ڪندا ويا.

مختلف نظرين يا خواهشن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ جيڪي شرارتون جنم وٺن ٿيون، اُهي اُنهن وقتن ۽ ملڪن سان تعلق رکن ٿيون جتان اُهي شروع ٿين ٿيون. پر حضرت عليؓ جي سلسلي ۾، سندس دوستن توڙي دشمن جون مذهبي همدرديون يا نااتفاقيون هجري سال جي هر دور ۾ رهيون آهن ۽ اُهي ساڳيا جذبا يا جنون فارسين ۽ ترڪن جي لازوال نفرت جي روپ ۾ اڃا تائين موجود آهن. پهرين ڌُر جيڪا شيعن جي فرقي سان مشهور آهي. جنهن اسلام ۾ هڪ نئون نقطو داخل ڪرائي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن  پنهنجين ذاتي محفلن ۽ مجلسن ۾ يا وڏن جلسن جلوسن ۾ هو پهريَن ٽن خليفن خلاف بُرا ۽ گُٿا لفظ ڳالهائيندا آهن ۽ کين غاصب چوندا آهن ۽ سندن چوڻ موجب حضرت عليؓ کي خلافت ۽ امامت جي جائز حق کان محروم ڪيو ويو هو، ۽ وٽن خاص طرح سان حضرت عمرؓ جو نالو هنن جي لاءِ بُڇان جي علامت آهي(172). ٻي طرف سُني فرقو(*) آهي جن کي اڪثريت جي حمايت حاصل آهي ۽ جن کي بنيادي مسلمان چيو وڃي ٿو، سندن خيال ۽ نظريا غير جانبدار يا گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ مهذب ۽ شانائتا آهن. اُهي حضرت ابوبڪر، حضرت عمر، حضرت عثمان ۽ حضرت عليؓ جي عزت ڪن ٿا ۽ احترام مان سندن نالو وٽن ٿا ۽ چئني خليفن کي هو پاڪ ۽ پيغمبرؑ جو جائز جانشين مڃين ٿا. پر اُهي بيبي فاطمه جي مڙس کي آخري درجو ڏين ٿا ڇو ته سندن عقيدو اهو آهي ته خلافت جو سلسلو شخصيتن جي مرتبي ۽ تقدس جي درجن مطابق رکيو ويو هو(173). هڪ تاريخدان جيڪو چئني خليفن جو، بغير ڪنهن تعصب يا وهمن وسوسن جي تجزيو ڪندو ته اطمينان سان اهو اعلان ڪندو ته سڀني جا طور طريقا اعليٰ درجي جا هيا، ماڻهن سان سندن ورتاءُ مثالي هو، سندن جوش جذبا سرگرم ۽ خلوص وارا هيا، ۽ دولت ۽ طاقت جي هوندي به سندن زندگي فقط اخلاقي ۽ مذهبي خدمتن لاءِ وقف ٿي وئي هئي. پر حضرت ابوبڪر صديقؓ ۽ حضرت عمر فاروقؓ جو عوامي ڪردار، پهرين خليفي جي دروانديشي ۽ ٻي جي سخت انتظام سبب بيحد ڪامياب هو ۽ ان ڪري سڄي عربستان ۾ سندن دور امن ۽ خوشحاليءَ جو دؤر هو. البت حضرت عثمانؓ جي ڪمزور طبيعت، وڌندڙ عمر ۽ ڪرندڙ صحت سبب مسلمانن جي شهنشاهت جو دائرو وسيع نه ٿي سگهيو ۽ نه وري ڪي نمايان سوڀون سندس حڪومت جي حصي ۾ آيون. جڏهن به هن ڪنهن کي چونڊيو ته ان ئي کيس ڌوڪو ڏنو، هن جنهن تي به اعتماد ڪيو ته اُهو ئي فريبي نڪتو، ۽ جيڪي اهليت رکندڙ مسلمان هيا اُهي سندس حڪومت ۾ بيڪار ٿي سندس مخالف بڻجي ويا ۽ سندس حد کان وڌيڪ سخا جو جيڪڏهن ڪو نتيجو نڪتو ته اُهو فقط احسان فراموشي ۽ بدظني جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. غير يقيني، ۽ قومي ڦوٽ جو ماحول صوبن تائين ڦهلجي ويو، تنهن ڪري سندس نائب مديني ۾ گڏ ٿيا، ۽ خارجي جيڪي وڳوڙي ۽ نراس ٿيل جنوني هيا، ۽ جن حڪم مڃڻ ۽ دليلن کي ٻڌڻ ڇڏي ڏنو هو پر اُهي آزاد ڄايل عربن جي آزاد رَوين کان پريشان هيا ۽ عربن وري ساڻن ٿيل ظلمن ۽ زيادتين جو نه رڳو ازالو ٿي چاهيو پر جن به ماڻهن کين تڪليفون پهچايون يا اذيتون ڏنيون هيون، اُنهن کي سزا به ڏيڻ ٿي چاهي. ڪوفي کان، بصري کان توڙي مصر يا صحرا جي هر قبيلي مان اُهي هٿيار کڻي اٿيا ۽ مديني کان ٿورڙي مفاصلي تي گڏ ٿيا ۽ خليفي جي لاءِ بيحد سخت ۽ ڏکيا شرط رکيائون: هُو يا ته ماڻهن کي انصاف ڏئي يا وري پنهنجي مسند ڇڏي ڏئي‘. خليفي طرفان پڇتاءَ جي اظهار ڪرڻ تي فسادين نرمي ڏيکاري ۽ اُهي پٺتي هٽڻ لڳا پر دشمنن جي چالبازين وري سازشون سِٽيون ۽ باهه کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ سندس ئي هڪ دوکي باز ملازم سندس شهرت کي سخت نقصان پهچايو ته جيئن جلد ئي سندس خلافت جو خاتمو اچي وڃي. خليفي پنهنجو اڪيلو محافظ به پنهنجي هٿان پاڻ وڃائي ڇڏيو هو ۽ اُهو مسلمانن طرفان مٿس اعتماد ۽ تعظيم وارو محافظ هو جيڪو هاڻي باقي نه رهيو هو؛ ڇَهن هفتن جي هن گهيري ۾ سندس کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي به بند ڪيو ويو هو ۽ سندس گهر جي ڪمزور دروازن تي بزدل باغي پهرو ڏئي رهيا هيا. جن ماڻهن سندس سادگي واري طبيعت جو ناجائز فائدو ورتو هو، اُهي کيس ڇڏي ويا هيا ۽ هاڻي هڪ بيوَس ۽ باوقار خليفو فقط پنهنجي موت جو انتظار ڪري رهيو هو؛ بيبي عائشه جو ڀاءُ باغي قاتلن جو اڳواڻ هيو، ۽ حضرت عثمانؓ تي جنهن جي جهوليءَ ۾ قرآن رکيل هو، ڪيئي وار ڪري کيس ڪارِي زخم رسايا ويا. پنجن ڏينهن تائين هڪ افرا تفري ۽ فتني فساد جي ڇڪتاڻ جو ماحول رهيو جيڪو حضرت عليؓ جي آمد سبب ڪجھ بهتر ٿيو، جنهن خلافت جي واڳ وٺڻ قبول ڪئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو انڪار ڪري ها ته حالتون قتل عام جي نوبت تائين پهچي وڃن ها. هاشمي قبيلي جي سرواڻ هئڻ جي حيثيت ۾ هن پنهنجي خانداني فخر جي پٺڀرائي ڪئي ۽ چيائين ته حڪومت جي مقابلي ۾ هو خدمت ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو، ڌارين ۽ دشمنن جي قياس آراين جي سختيءَ سان مذمت ڪيائين، ۽ چاهيائين ته پوري قوم جا ماڻهو سندس جائز خلافت جي دستوري منظوري ڏين، پوءِ ڀلي سندن مرضي ان ۾ شامل نه به هجي. مٿس اهو الزام ڪڏهن به نه لڳو هو ته هن حضرت عمرؓ جي قاتل کي سندس قتل ڪرڻ لاءِ همٿايو هو توڙي جو فارس وارا نادانيءَ مان هن عظيم شهيد جي ڏينهن تي خوشيون ملهائن ٿا. حضرت عثمانؓ ۽ سندس رعيت جي ماڻهن جي وچ ۾ برپا ٿيل فساد کي، حضرت عليؓ جي ڪوششن سان، ڪنهن حد تائين ختم ڪيو ويو هو؛ ۽ حضرت امام حسنؓ، جيڪو حضرت عليؓ جي پُٽن ۾ سڀني کان وڏو هو، کي خليفي جي حفاظت ڪندي نه رڳو زخمي پر بيعزتو پڻ ڪيو ويو هو. پر ان جي باوجود اهو چَوڻ ته حضرت عليؓ فتني ۽ فساد پرپا ڪندڙن جي مخالفت ڪرڻ ۾ سرگرم ۽ مخلص هو، ڪجهه مشڪوڪ ٿو لڳي. خلافت جي هن اُميدوار کي عربستان جي رڻ پٽن جي حاڪم ٿيڻ سان گهڻي دلچسپي نه هئي ڇاڪاڻ ته مسلمان اڳ ۾ ئي اوڀر توڙي اولهه ۾ سوڀون حاصل ڪري چڪا هيا ۽ فارس، شام توڙي مصر جون مالدار بادشاهتون ڄڻ ته مسلمانن جي خليفي جي ميراث بڻجي چڪيون هيون.

عبادت ۽ پرهيزگاريءَ جي زندگي، حضرت عليؓ جي بهادري جي جذبن کي ٿڌو نه ڪري سگهي هئي، بالغ نظري جي عمر کي پهچڻ ۽ انسانن جي رهڻي ڪهڻي جي ڊگهي تجربي حاصل ڪرڻ جي باوجود به سندس طبيعت ۾ جواني واري تيزي ۽ بهادري موجود هئي. پنهنجي حڪمراني جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن عربستان جي ٻن طاقتور قومي سرواڻن طلحا ۽ زبير کان بيعت حاصل ڪرڻ ۾ ڪجھ غفلت جو مظاهرو ڪيو هو. اُهي لِڪ ڇپ ۾ مديني کان کِسڪي مڪي هليا ويا ۽ اُتان وري بصري ڏي هليا ويا جتي اُنهن بغاوت جو عَلم بلند ڪيو ۽ عراق يا اسيريا جي حڪومت تي قبضو ڪيائون جنهن کي هنن پنهنجين خدمتن جي انعام جو نالو ڏنو هو. حُب الوطني جو لباس شايد فقط اُهي ماڻهو پائن ٿا جيڪي پنهنجين ڪمزورين يا اندروني تضادن کي لڪائن ٿا ۽ دشمنن خاص طرح سان حضرت عثمانؓ جي قاتلن هاڻي سندس خون جي بدلي وٺڻ جي گهُر ڪئي. اُنهن سان بيبي عائشهؓ به گڏ هئي جيڪا پيغمبر اسلام ﷺ جي بيوهه هئي. سنجيدگي پسند مسلمانن کي اها ڳالهه مناسب نٿي لڳي ته اُها بيبي جنهن جو مرتبو اُمت جي ماءُ وارو هو، گهر کان ٻاهر نڪري ماڻهن جي سامهون اچي پر پوءِ موقعي پرست ماڻهن کي اهو يقين هو ته سندس موجودگي هنن لاءِ اُتساهيندڙ هوندي ۽ کين انصاف ملي سگهندو ۽ سندن ڪوششون ڪامياب ٿينديون. ويهه هزار ماڻهن  جي فوج ۽ ڪوفي جي نَوَن هزار مددگار جٿن جي اڳواڻي ڪندي خليفي بصري جي ديوارن اندر باغين ۽ دشمنن کي شڪست ڏني جيڪي تعداد ۾ تمام گهڻا هيا. لڙائي جي شروعات ۾ ئي طلحا ۽ زبير قتل ٿي ويا ۽ اهڙيءَ طرح مسلمانن هڪ ٻئي جي خون سان تاريخ جي صفحن کي داغدار ڪري ڇڏيو. فوجن جو حوصلو وڌائڻ خاطر بيبي عائشهؓ سندن صِفن منجهان گذري ۽ جنگ ۾ پنهنجي جڳهه جو انتخاب اهڙي جڳهه تي ڪيائين جيڪا خطرن کان خالي نه هئي. جنگ شروع ٿي چڪي هئي ۽ ستر ماڻهو، جن بيبي صاحبه جي ڏاچيءَ جون واڳون سنڀاليون هيون، يا ته قتل ٿي ويا يا سخت زخمي ٿي پيا ۽ جنهن پالڪيءَ ۾ هوءَ ويٺل هئي ان تي نيزن ۽ تيرن جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ اُهي تير پالڪيءَ ۾ ڄاهي جي ڪنڊن وانگر چُڀيل هيا. احترام لائق بيبي عائشهؓ کي فاتح طرفان ميارون ٻڌڻيون پيون پر پوءِ کيس بنا دير جي پنهنجي گهر پهچايو ويو جيڪو پيغمبرؑ جي روضي جي ڀر ۾ هو ۽ حضرت عليؓ طرفان سندس پورو ادب ۽ احترام رکيو ويو جيڪو پيغمبرؑ جي بيوهه جي حيثيت ۾ سندس پورو حق هو. جنگ جمل ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ حضرت عليؓ جي فوج امير معاويهؓ جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌي جيڪو وڌيڪ خطرناڪ دشمن ۽ ابوسفيان جو پٽ هو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي لاءِ خليفي جو لقب اختيار ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس شام جي فوجن ۽ بنو اُميه قبيلي جي حمايت حاصل هئي. سِفين(174) جو ميدان فرات ندي جي اولهندي ڪناري تائين پکڙيل آهي. هن ڪشادي ميدان تي هڪ سؤ ڏهن ڏينهن تائين اجائي ۽ بيسود جنگ لڙي وئي. لڳ ڀڳ نوي حملن يا ڪاهُن ۾ حضرت عليؓ جي طرف کان پنجويهه هزار ۽ حضرت معاويهؓ جي ڌر کان پنجيتاليهه هزار ماڻهو مري ويا جن ۾ پنجويهه اهڙا محترم اصحابي به شهيد ٿي ويا جن اسلام جي پيغمبر ﷴ ﷺ جن جي جهنڊي هيٺ بدر جي جنگ ۾ پڻ حصو ورتو هو. هن خوني لڙائيءَ ۾ جائز طرح سان مسند ماڻيندڙ خليفي حضرت عليؓ پنهنجي بهادري توڙي ڪردار جو مثالي مظاهرو ڪيو. هن پنهنجي فوجين کي سختيءَ سان هدايت ڪئي هئي ته تيستائين اڳتي نه وڌن جيستائين دشمن طرفان اڳرائي نه ڪئي وڃي، ۽ جيڪي ماڻهو ميدان ڇڏي ڀڄڻ جي ڪن ته اُنهن کي هرگز ماريو نه وڃي ۽ جيڪي دشمنن طرفان جنگ ۾ مارجي وڃن اُنهن جي بي حرمتي نه ڪئي وڃي ۽ جيڪي عورتون قيدي بڻجي وڃن ته اُنهن جو به پورو احترام ڪيو وڃي. حضرت عليؓ گهڻن مسلمانن جي رت وهائڻ جي مخالفت ڪندي دشمن آڏو اها رِٿ به پيش ڪئي ته عام جنگ جي بجاءِ هڪ هڪ ماڻهو آمهون سامهون ٿي مقابلو ڪري پر سندس دشمن جيڪو خوف ۾ ڏڪي رهيو هو ان اها رِٿ فقط ان ڪري رد ڪري ڇڏي ته ان ۾ سندس يقيني موت نظر اچي رهيو هو. شامي فوجن ۾ ان وقت ٿرٿلو مچي ويو جڏهن حضرت عليؓ، جيڪو پنهنجي چِٽڪٻري گهوڙي تي سوار ٿي ٻه- ڌاري ترار کڻي دشمنن جي صفن کي چيريندو اڳتي وڌيو. جيئن ئي هن دشمن تي وار ٿي ڪيو ته ’الله اڪبر‘ جو زوردار نعرو ٿي هنيون ۽ رات جي وقت جڏهن جنگ ٻيهر شروع ٿي ته ماڻهن چار سؤ ڀيرا کيس ساڳيو نعرو هڻندي ٻڌو. دمشق جي شهزادي اڳواٽ ئي ڀاڄ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، پر حضرت عليؓ جي يقيني فتح سندس هٿن مان تڏهن کسجي وئي جڏهن سندس ئي فوجن جوش جذبي مان سندس نافرماني ڪئي. ان جو سبب اهو هو جو امير معاويه قرآن کي نيزن تي مٿي کنيو ته حضرت عليؓ جي فوج جا ماڻهو قرآن کي نيزن تي ڏسي ڊڄي ويا ۽ حضرت عليؓ کي مجبور ٿي جنگ کي ختم ڪرڻو ۽ هڪ بڇان ڏياريندڙ صلح ڪرڻو پيو. هو ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ ڪوفي ڏانهن واپس هليو ويو، سندس فوج جي دل ٽٽي پئي. نتيجو اهو نڪتو جو فارس، يمن ۽ مصر جا ڏورانهان صوبا سندس دشمن جي اثر هيٺ اچي ويا ۽ مذهبي جنون جي يلغار جنهن جو شروعاتي مقصد قوم جي ٽن سرواڻن ڏانهن هو، هاڻي فقط ﷴ ﷺ جي سؤٽ ڏانهن ان جو رُخ موڙيو ويو جيڪو هن جي لاءِ ئي هاڃيڪار ثابت ٿيو. ڪعبة الله ۾ خارجي گڏ ٿيا ۽ اُنهن اُتي اسلام ۽ ملڪ کي پيش آيل خطرن تي ويهي بحث ڪيو ۽ پاڻ ۾ متفق ٿي فيصلو ڪيائون ته حضرت عليؓ، امير معاويهؓ ۽ سندس دوست عمرو بن عاص جيڪو مصر جو وائسراءِ هو، جو موت ئي اسلام جي مذهب کي انتشار کان بچائي ۽ امن جي فضا کي بحال ڪري سگهي ٿو. قاتلن پنهنجو پنهنجو شڪار پاڻ چونڊيو، خنجرن کي تکو ڪري اُنهن کي زهر جو پاڻي پياريو ويو، پوري عزم سان ڪم ڪرڻ لڳا ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي مقصد واري منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. سندن ارادا خطرناڪ هيا پر پهرئين قاتل غلط فهميءَ ۾ عمرو جي بچاءِ سندس نائب کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻي قاتل دمشق جي شهزادي يعني امير معايهؓ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ۽ جائز طرح مسند تي ويٺل خليفي کي ڪوفي جي مسجد ۾ ٽئين قاتل شهيد ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح حضرت عليؓ ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ پنهنجي اولاد کي رحم جي درخواست ڪيائين ته قاتل کي فقط هڪ ڌَڪ سان ختم ڪن (يعني کيس عذات ڏئي نه ماريو وڃي). حضرت عليؓ جي مقبري(175) کي بنو اُميه قبيلي (176) جي ظالمن کان مخفي رکيو ويو هو پر هجري سن جي چوٿين دؤر ۾ ڪوفي جي کنڊرن(177) ۾ هڪ مقبرو، هڪ مسجد ۽ هڪ شهر تيار ٿي ويو. شيعا فرقي جا هزارين ماڻهو هن پاڪ جڳهه تي نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان الله جي ولي ۽ وصي جي حاضري ڀرڻ اچن ٿا ۽ هر سال سڄو رڻ پٽ هزارين ۽ لکين ايرانين سان ڀرجي روشن ٿي وڃي ٿو جيڪي محبت سان اُتي ائين ئي عقيدت جو نذرانو پيش ڪن ٿا جيئن مڪي ۾ حج جي موقعي تي حاجي سڳورا پنهنجي عقيدت، عبادت جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا.

جن ماڻهن ﷴ ﷺ جن کي اذيتون پهچايون هيون، ۽ جيڪي بُت پرستيءَ جا اڳواڻ هيا اُهي ئي اسلام ۽ ان جي سلطنت جا رکوالا بڻجي ويا. ابوسفيان طرفان اسلام جي مخالفت سخت زوردار ۽ هَٺ واري هئي، هو گهڻي وقت گذرڻ کان پوءِ بيدلي، موقعي پرستي ۽ ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ خاطر مسلمان ٿيو هو، ته جيئن پنهنجي پاڻ کي ۽ بنو اُميه جي خاندان کي تباهيءَ کان بچائي سگهي. معاويه جيڪو ابوسفيان ۽ سخت ظالم هِندا جو پٽ هو، کي اهو اعزاز حاصل هو ته هو پنهنجي نوجواني ۾ ئي پيغمبر ﷺ جو سيڪريٽري بڻجي ويو هو ۽ حضرت عمرؓ جي حڪم تي شام جي حڪومت جون واڳون سندس حوالي ڪيون ويون هيون، ۽ ملڪ جي هِن اهم صوبي ۾ هو ڪڏهن نائب جي حيثيت ۾ ته ڪڏهن بااختيار حڪمران جي صورت ۾ پورا چاليهه سال لاڳاپيل رهيو. پنهنجي بهادري جي نيڪ نامي ۽ روشن خياليءَ سان هن انسان ذات جي شهرت کي متاثر ڪيو، ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو به سندس ئي احسان مند هيا، تنهن ڪري مسلمانن کي ڪافي سوڀون به حاصل ٿيون ۽ خاص طرح قبرص ۽ رهوڊس جي فتحن مان کين ڪافي مال غنيمت هٿ آيو. حضرت عثمانؓ جي قاتلن کي هٿ ڪرڻ ۽ کين سزا ڏيارڻ(*) سندس حڪومت جي خاص مقصدن منجهان هڪ هو. شهيد جي رت سان رنڱيل قميص کي دمشق جي مسجد ۾ نمايان ڪري ڏيکاريو ويو هو جتي امير معاويهؓ پنهنجن اُنهن عزيزن تي افسوس ڪيو جيڪي خليفي جي شهادت جي موقعي تي زخمي ٿيا هيا ۽ هن موقعي تي شام جي سٺ هزار ماڻهن وفاداريءَ جو قسم کنيو ۽ ان عهد کي به ورجايائون ته هو حضرت عثمانؓ جي ناحق خون جو بدلو وٺندا. عمرو، جيڪو مصر جو فاتح هو، پهريون شخص هو جنهن پنهنجي نئين حاڪم جو سلام ڪيو ۽ هڪ خطرناڪ راز تان به پردو کنيائين ته ان ڳالهه جو گهڻو امڪان هو ته عربستان ۾ خلافت يا خلافتون پيغمبر ﷺ جي شهر جي بجاءِ ڪن ٻين شهرن ۾ قائم ڪيون وڃن(178). امير معاويهؓ جي پاليسي اها هوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان سندس مخالف جي بهادري ۽ جرئت کان بچيل رهجي، ۽ حضرت عليؓ جي شهادت کان پوءِ، هن سندس پٽ امام حسنؓ سان خلافت تان دستبرداريءَ جو معاهدو طئي ڪري ڇڏيو، جنهن جي دل ۽ دماغ دنياداريءَ جي معاملن کان مٿي هوندا هيا. هن ڪوفي جي محل مان لَڏڻ ۽ خلافت کي ڇڏڻ جو فيصلو بنا دير ڪري ڇڏيو جنهن ۾ کيس ٿڌي ساهه ڀرڻ جي به ضرورت پيش نه آئي ۽ محلات مان نڪري پنهنجي عظيم ڏاڏي ۽ پيغمبر اسلام جي روضي جي ڀر ۾ اچي رهيو. خليفي جي دلي خواهش تڏهن تڪميل کي پهتي جڏهن هن خلافت جي انتخاب جي نظام کي بدلائي ذاتي چونڊ جي بنياد تي موروثي بادشاهت قائم ڪري ڇڏي. هن موقعي تي ڪجھ اعتراض اُٿيا ۽ عربن جي مذهبي ماڻهن ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مديني جي چئن ماڻهن خليفي جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر امير معاويهؓ اهڙن اعتراضن جي پرواهه ڪرڻ بنان پنهنجي پٽ يزيد کي جيڪو ڪمزور ۽ بيحد بدڪار شخص هو، خليفو ۽ پيغمبر جو جانشين مقرر ڪري ڇڏيو. يزيد پنهنجي بدڪرداريءَ سبب ڪنهن به طرح سان اميرالمومنين ٿيڻ جي لائق نه هيو.


§ (نوٽ هتي منافقن، مُشرقن ۽ مغرب وارن طرفان هُلايل ڪجهه اهڙين ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي نه رڳو بهتانن تي مبني آهن پر نازيبا ۽ نامناسب به آهن تنهنڪري اُنهن کي هتي جڳهه نه ڏني وئي آهي، البت پڙهندڙ حضرات، جيڪڏهن چاهِن ته گِبن جي انگريزي ڪتاب جو مطالعو ڪري سگهن ٿا. سنڌيڪار)

*  (هتي شايد اشارو اهو هوندو ته حضرت ابوبڪر صديقؓ حضرت علي (ڪرم الله وجهہ) جن کي آڇ ڪئي هوندي ته هو سندس حق ۾ خلافت ڇڏڻ لاءِ تيار هو، پر اها آڇ شايد قبول نه ڪئي وئي هجي. سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org