سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:15

هڪ طرف اٽلي جي خالي پيل تخت کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ بربرن جي حوالي ڪيو ويو هو(112)،  ته ٻي طرف نئين شهنشاهه جي اليڪشن تي شهنشاهه ليئو جي ڪائونسل احتجاج ڪيو هو. راڻي ويرينا، جنهن جي ڪوشش اها هئي ته سندس ئي خاندان مان ڪو ماڻهو اڳتي اچي، ان کي نظر ۾ رکندي هن پنهنجي ڀائِٽي جوليَس نيپوس سان پرڻائي هئي جيڪو ڊالمئٽيا جي حڪمراني ۾ پنهنجي چاچي مارسيلينَس جو جانشين بڻيو هو ۽ اهو ئي رشتو سڀني کان وڌيڪ مضبوط هو توڙي جو کيس اولهه جي شهنشاهت جو تاج پڻ کيس آڇيو ويو هو. پر بازنطين جي محلات جو انتظام ايترو ته سُستي ۽ ڪاهليءَ وارو هو جو ائنٿئميَس توڙي اوليبريَس جي موت کان ڪيترائي مهينا پوءِ وڃي سندن گادي نشين اٽلي جي ماڻهن کي پنهنجو مُنهن ڏيکاريو. هن ٿورڙي وقفي ۾ به هڪ نامعلوم سپاهي گليسيريَس کي تخت تي ويهاريو ويو جنهن ۾ سندس اڳواڻ گنڊوبالڊ هيو پر برگنڊي جي شهنشاهه
خانه جنگي جي خطري کان سندس نامزدگي جي تائيد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري مقامي ترجيحن کي نظر ۾ رکندي ائلپس(113) کان به اڃا پرڀري پنڌ تان کيس واپس گهرايو ويو ۽ روم جي حڪومت کي سنڀالڻ جي بجاءِ کيس سالونا جي بشپ هئڻ جو اعزاز سؤنپيو ويو. مقابلي ڪرڻ واري شخص کي پاسيرو ڪرڻ کان پوءِ شهنشاهه نيپوس کي سندس اعليٰ عهدي تي سينيٽ، اٽلي جي عوام ۽ گال جي صوبن جي نمائندن طرفان مڪمل مڃتا ڏني وئي؛ سندس اخلاق ۽ فوجي صلاحيتن کي وڏي واڪي ساراهيو ويو ۽ اُهي جيڪي سندس حڪومت مان ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هيا اُنهن پنهنجن ذاتي فائدن کي عوام جي مجموعي بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ قربان ڪري ڇڏيو(114). سندن اُميدون (جيڪڏهن اهڙون اُميدون اُنهن پاڻ وٽ پاليون هيون) هڪ سال ۾ ئي خاڪ ۾ ملي ويون جڏهن هڪ صلح ۽ امن جو معاهدو، جنهن موجب آورن کي وزيگاٿن جي حوالي ڪيو ويو، ۽ هي سندس مختصر ۽ داغدار حڪومت جو گندو واقعو هو. گال جي تمام وفادار ماڻهن کي، اٽلي جي شهنشاهه، مقامي حفاظت کي مضبوط ڪرڻ خاطر قربان ڪري ڇڏيو(115)، پر، ان کان اڳ جو هو ٻين ڪُڌن ڪمن ذريعي اٽلي جي تاج کي وڌيڪ داغدار ڪري، بربر اتحادين پاران هن جي خلاف سخت بغاوت برپا ٿي وئي جن پنهنجي جنرل اوريسٽِس جي ڪمان ۾ روم کان روينا تائين پنهنجي پيش قدمي کي جاري رکيو. نيپوس سندن گوڙ شور واري آمد تي بنهه ڊڄي ويو ۽ روينا جي طاقت تي وڌيڪ ڀاڙڻ بدران هو پنهنجي جنگي جهازن ڏانهن ڀڄي ويو ۽ ائڊرئٽڪ جي ڪنارن جي سامهون ڊالمئٽيا ۾ وڃي پناهه ورتائين. پنهنجي تخت کي اهڙي شرمناڪ طريقي سان ڇڏڻ ڪري هن پنهنجي حياتيءَ کي پنجن سالن تائين ته ضرور وڌائي ڇڏيو، پر هو ڄڻ نه جيئرن ۾ هو نه مُئن ۾؛ لڳو ائين ٿي ته هن پنهنجي پاڻ کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هو، نيٺ سالونا جي هنڌ تي هڪ احسان فراموش گليسيريَس کيس قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو شايد سندس ان ڏوهه جو بدلو هو جيڪو هن مِلن جي پادري سان ورتاءُ ڪيو هو(116).

اٽيلا جي موت کان پوءِ جن قومن پنهنجي آزادي کي قائم رکيو هيو، اُهي قومون توڙي فاتحن جي حيثيت ۾ يا وري قبضي جي حوالي سان، پر اُنهن گهڻي ڀاڱي دنيوب جي اُترئين طرف يا وري ندي ۽ ائلپس جي وچ واري حصي يعني روم جي صوبن ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪئي هئي. پر سندن نوجوانن ۾ جيڪي بيحد بهادر هيا، اُنهن پنهنجا نالا ’اتحادي فوج‘ ۾ لکرائي ڇڏيا هيا جن کي اٽلي جي حفاظت لاءِ چونڊيو ويو هيو(117) جن کي ڏسندي ئي ماڻهن کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ۽ هن گڏيل سڏيل هجوم ۾، هيرولي، سِري، الاني، ترسيلنگي ۽ رُگيَنس جا قبيلا زياده طاقتور هيا. هنن جنگجُو قومن جي مثال جي اوريسٽس(118) تقليد ڪئي هئي جيڪو تاتولَس جو پٽ هو ۽ اولهه جي آخري رومي شهنشاهه جو پيءُ هو. اوريسٽس، جنهن جو ذڪر اڳيئي تاريخ جي ورقن ۾ موجود آهي(*)، ڪڏهن به پنهنجو ملڪ نه ڇڏيو هو. سندس ڄم توڙي بخت ڀاڳ جي ڪري هو پنونيا جي رعيت جو هڪ معزز شخص ليکيو ويو هو ته هن اٽيلا وٽ وڃي نوڪري ڪئي هئي جيڪو سندس قانوني حاڪم هيو، کانئس سيڪريٽري جو عهدو حاصل ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا اٽيلا جي سفير جي حيثيت ۾ کيس قسطنطنيہ موڪليو ويو هو ته وڃي پنهنجي حاڪم جي نمائندگي ڪري ۽ سندس شاهي پيغام سندس هم منصب کي پهچائي. ان فاتح جي موت اوريسٽس کي آزاد ڪري ڇڏيو، هاڻي وٽس ٻه رستا هيا: يا ته اٽيلا جي پٽن کي هر ڪم کان انڪار ڪري يا وري اُنهن سان گڏجي سيٿيا جي صحرا ۾ وڃي آسٽروگاٿن جي تابعداري ڪري جن اڳيئي پنونيا جي حڪومت کي ڦُري تاراج ڪري ڇڏيو هيو. تنهن ڪري هن اٽلي جي شهنشاهن جي خدمت ۾ وڃڻ چاهيو جيڪي وئلينٽينيَن جا گادي نشين هيا ۽ جيئن ته وٽس همت، بهادري، صنعت گري جي لياقتن سان گڏ زندگي جو ڪافي تجربو هو ته هن کي فوجي مهارت حاصل ڪرڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳو ۽ هن لاءِ سٺو وقت اُهو آيو جو شهنشاهه نيپوس جي مهربانين سان کيس اميرزادي جو لقب ڏنو ويو ۽ ان کان پوءِ فوجن جو ماسٽر، جنرل بنجي ويو. هي فوجون عزت جون خواهشمند هيون ۽ اوريسٽِس کين اُها عزت ۽ وقار بخشيو هيو ڇو ته سندس ڪردار ايترو ته اعليٰ درجي جو هيو جو هو فوجين سان سندن زبان ۾ ڳالهائيندو هو، ۽ سندن قومي سردارن يا وڏڙن سان سندس دوستي هوندي هئي ۽ اُنهن سان آزاد ۽ پنهنجائپ واري لهجي ۾ گفتگو ڪندو هو. سندس ئي چوڻ تي هن جا ماڻهو هڪ فضول يوناني شخص جي خلاف اُٿي بيٺا جنهن کانئن تابعداري ڪرائڻ ٿي چاهي، ۽ وري جڏهن اوريسٽس ڪنهن مجبوري يا ضروري سبب کان تخت تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته سندس وفادار ماڻهن بنا دير سندس پٽ آگسٽولَس جي چونڊ ڪري کيس اولهه جو شهنشاهه بنائي ڇڏيو. نيپوس طرفان پنهنجي تخت ڇڏڻ تي اوريسٽس هاڻي پنهنجن اردن جي تڪميل جي چوٽيءَ تي پهچي چڪو هو، پر پهرئين سال گذرڻ کان پهريائين هن محسوس ڪيو ته ڪُوڙي ۽ سکڻي آڪڙ ۽ احسان فراموشيءَ جا سبقَ ۽ نتيجا جيڪي هڪ باغيءَ کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجن، سدائين اوتري ئي زور سان واپس ورندا آهن جيتري زور سان اڳواٽ اُنهن تي عمل ٿي چڪو هوندو آهي(*)، ٻين لفظن ۾ احسان فراموش باغي کي پاڻ به اوترو ئي ڀوڳڻو پوندو جيترو هن ڪنهن ٻي سان ظلم ڪيو هوندو. اٽلي جي شهنشاهه جي حڪومت هونئن ئي ايتري ڪمزور هئي جو کيس هاڻي ٻن مان فقط هڪ طريقو چونڊڻو هو ته هو آئنده لاءِ غلام ٿي گذارڻ پسند ڪندو يا ڪرايي تي ڪم ڪندڙ بربرن جي ظلمن ۽ زيادتين جو کاڄ ٿيندو رهندو. ڌارين سان گڏجي حڪومت ڪرڻ جي عمل جو نتيجو نه رڳو سخت خطرناڪ صورت ۾ سامهون آيو هو پر روم جي آزادي جي آخري آثارن ۽ وقار کي به سخت بي عزتو ڪيو ويو هو. هر انقلاب جي موقعي تي، ڀاڙيتُو فوجين جي پگهارن توڙي ٻين الائونسن ۾ واڌارو ڪيو ويندو هو پر پوءِ به نتيجو اهو نڪرندو هو ته سندن غرور ۽ بدمزاجي اڳي کان به اڳري ٿي ويندي هئي، اُهي گال، اسپين ۽ آفريڪا ۾ پنهنجن هم منصبن سان ساڙ ڪندا هيا توڙي جو اُهي دشمنن خلاف جنگين ۾ سوڀارا رهيا هيا ۽ پنهنجي آزادي کي قائم رکي پنهنجي ثقافتي سرمايي کي زندهه رکيو هئائون؛ پر ڀاڙيتو فوجين هاڻي مطالبو ڪيو هو ته اٽلي جي آباد زمينن جو ٽيون حصو منجهن ورهايو وڃي. هنن اڻ وڻندڙ حالتن ۾ اوريسٽس جي قومي جذبي، جنهن جي اسان مناسب موقعي تي تعريف ڪنداسون، پنهنجي پاڻ سان عزم ڪيو ته هو اهڙن نمڪ حرام فوجين سان مهاڏو اٽڪائيندو ۽ سندن مقابلو ڪندو پر روم جي معصوم ماڻهن جي تباهي ۽ برباديءَ ۾ هرگز شريڪ نه ٿيندو. هن سندن مطالبي کي رد ڪيو ۽ سندس انڪار اوڊئسر جي خواهشن جي عين مطابق هو جيڪو پاڻ هڪ بهادر بربر هو جنهن پنهنجن ساٿي سپاهين کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن اُهي سندس حڪم هيٺ ڪم ڪندا ته پوءِ کين ان انصاف جي اُميد ضرور رکڻ گهرجي، جيڪو سندن اپيلن جي باوجود به اڃا تائين کين پلئه نه پيو هو. اٽلي جي هر ڪئمپ توڙي فوجي چوڪين ۽ اسٽيشنن تان، اُهي فوجي، جن کي ساڳيون شڪايتون ۽ ايندڙ وقت لاءِ ساڳيون اُميدون هيون جن جو کين يقين ڏياريو ويو هو، قطارن جي صورت ۾ پنهنجي نئين اڳواڻ جي جهنڊي هيٺان جمع ٿيندا ويا ۽ اميرزادو، جيڪو نوَن فوجين جي وهڪري کان بيحد متاثر ٿيو هو، هڪدم پاويا جي مضبوط شهر ڏانهن هليو ويو، جيڪو نيڪ انسان ايپيفئنيَس جو شهر هو جتي هو مقدس پادري هوندو هو. پاويا جو هڪدم گهيرو ڪيو ويو، قلعن تي حملا ڪيا ويا، شهر کي ڦري تاراج ڪيو ويو، ۽ توڙي جو پادري پُرخلوص ڪوششون ڪيون ته ڪليسا بچي وڃي ۽ قيدي عورتن جي پاڪدامني به قائم رهي پر باغين جو ضد هو ته هيءَ بغاوت تڏهن وڃي ڪجھ ٺاپر ۾ ايندي جڏهن اوريسٽس جو سِرُ ڌَڙ کان ڌار ڪيو ويندو(119). سندس ڀاءُ پال کي روينا جي ويجهو قتل ڪيو ويو هو ۽ آگسٽولس به بيوس بڻجي چڪو هو ۽ هو پنهنجي عزت اڳيئي گنوائي چڪو هو ۽ هاڻي اوڊئسر اڳيان رحم جي نظر لاءِ ٻاڏائي رهيو هو.

اهو ڪامياب بربر، ايڊيڪان جو پٽ هو جيڪو ڪنهن اهم ڌنڌي ۾، جنهن کي پوئين باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي()، اوريسٽس جو ساٿي هيو. هڪ سفير جو عهدو ڪنهن به شڪ يا گمان کان مٿاهون هئڻ گهرجي، ۽ ايڊيڪان هڪ سازش جي چؤٻولن کي پنهنجي ڪنن سان پاڻ ٻُڌو هو جيڪا سندس حاڪم جي زندگي خلاف سِٽي وئي هئي. پر سندس هن غلطيءَ جو ڪفارو سندس پڇتاءَ ۽ لياقتن ذريعي ٿي ويو هو، سندس رتبو مٿاهون ۽ نمايان هو ۽ کيس اٽيلا جي حمايت حاصل هئي ۽ جيڪي فوجون سندس ڪمان هيٺ هيون، جن واري واري سان شاهي ڳوٺ جي پهريداري ٿي ڪئي، اُنهن جو تعلق سِري قبيلي سان هيو جيڪي سندس موروثي رعيت جا ماڻهو هيا. قومن جي انقلابن ۾، اُهي اڃا تائين هنن (HUNS) سان لاڳاپيل هيا، ۽ ٻارهن سالن کان به وڌيڪ عرصي کان پوءِ ايڊيڪان جي نالي کي وڏي عزت سان ورتو ويندو هو ۽ آسٽروگاٿن سان سندن مقابلو برابري وارو ڪونه هيو ۽ هن مقابلي کي ٻن خوني جنگين کان پوءِ ختم ڪيو ويو هو جنهن ۾ سِري قبيلي کي شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو هو ۽ پوءِ اُهي ڇڙوڇڙ ٿي ويا.(120) سندن بهادر اڳواڻ، جيڪو ذڪر ڪيل فسادن ۾ سلامت نه رهيو هو، جا ٻه پٽ هيا: هڪڙو اونلف، ٻيو اوڊئسر ۽ اُنهن ٻنهي مشڪل ۽ مفلسي جي حالتن سان مقابلو ٿي ڪيو ۽ پاڻ کي زندهه رکڻ لاءِ ڪڏهن ڦُرمار جو سهارو وٺندا هيا ته ڪڏهن ڪا نوڪري ڪري پيٽ پاليندا هيا ۽ اهو حال سندن جلاوطني ۾ ٿيو هو. اونلف قسطنطنيہ وڃڻ ۽ اُتي رهائش اختيار کي پسند ڪيو جتي مٿس هڪ سخي ۽ سٺي ڪردار واري ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳو، ۽ جيڪو شخص قتل ٿيو هو اهو وڏو مشهور ماڻهو هو جنهن جي شهرت جنگي هٿيارن سبب گهڻي هوندي هئي، سندس ڀاءُ اوڊئسر هڪ رولاڪ شخص هو جنهن پنهنجو وقت گهڻو ڪري ناريڪم جي بربرن سان گذاريو هو ۽ هن جو ذهن ۽ مقدر اهڙو هو جو ڏکيا ۽ مشڪل مرحلا سندس سامهون ايندا رهندا هيا ۽ هو اُنهن مان ڪاميابيءَ سان پار وڃي پوندو هيو ۽ جيڪڏهن سندس موڊ ٿيندو هو ته هو پرهيزگار بڻجي سيورينـَس جي جهُوپڙي ۾ به هليو ويندو هو جيڪو ملڪ جو هڪ درويش ۽ بزرگ هيو، ۽ کانئس دعائون ۽ برڪتون هٿ ڪري واپس ٿيندو هو. اوڊئسر قد جو ڊگهو هوندو هو تنهن ڪري ننڍي ۽ هيٺاهين دروازي مان هو ڏکيائيءَ سان گذري سگهندو هو تنهن ڪري هو مجبور ٿي اتان جُهڪي لنگهندو هو، کيس ان جهڪيل طريقي سان ڏسي بزرگ سندس عظمت جي اڳواٽ پيشنگوئي ڪئي هئي ۽ پيغمبري لهجي ۾ کيس چيو هيائين! ’ڀلي پنهنجن ارادن ۽ مقصد ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪر، اٽلي وڃ جتي تون پنهنجي چمڙي تان هي کَهُرا ڪپڙا لاهي ڇڏيندين، ۽ تو وٽ، تنهنجي دماغي وسعت جيتري ججهي دولت هوندي(121)‘. هن بربر پيشنگوئي جي روح کي چڱيءَ طرح سمجهيو ۽ ان کي پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان پورو ڪري ڏيکاريائين، کيس اولهه جي شهنشاهت ۾ اهم رتبو مليو ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ محافظن جو نگران مقرر ٿيو جيڪو هڪ مانائتو عهدو هو. آهستي آهستي سندس اٿڻي ويهڻي ۽ زندگي جا طور طريقا مهذب ٿيندا ويا ۽ سندس فوجي مهارت به ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيندي رهي ۽ اٽلي جا اتحادي کيس پنهنجو جنرل هرگز مقرر نه ڪن ها جيڪڏهن اوڊئسر ۾ هو جرئت ۽ بهادريءَ جا گُڻ نه ڏِسن ها(122). نيٺ فوجن سندس اهليت ۽ لياقتن کي سلام پيش ڪندي کيس پنهنجو بادشاهه بنايو، پر هو پنهنجي حڪومت جي دؤر ۾ ڪڏهن به شهنشاهي تخت تي نه ويٺو ۽ نه ئي وري شاهي تاج پنهنجي سِر تي رکيائين(123). فقط ان ڪري ته متان اُنهن شهنشاهن جي دل آزاري ٿئي، جن جي رعيت جي ماڻهن پاڻ ۾ گڏجي هڪ تنظيم ٺاهي هئي جنهن جو نالو ’فاتح فوج‘ رکيو هئائون ۽ ممڪن هو ته اُها تنظيم اڳتي هلي هڪ عظيم قوم سڏرائي.

شاهي خاندان بربرن کان چڱيءَ طرح واقف هيا ۽ اٽلي جا نماڻا ماڻهو بغير ڪجهه ڪڇڻ ۽ پڇڻ جي حڪمن کي مڃڻ ۽ تابعداري ڪرڻ ڄاڻندا هيا، پر شرط اهو هو ته اُهو اولهه جي شهنشاهت جو جائز ۽ مقرر ٿيل نمائندو هجي جن جي حڪمن جي هو تعميل ڪندا. پر اوڊئسر پڪو عزم ڪيو هو ته هو ان بيڪار ۽ مهانگي عهدي کي ختم ڪندو، پر قديمي زماني کان هلندڙ روايتن کي ختم ڪرڻ به بيحد مشڪل ڪم آهي ۽ ان جي لاءِ وڏي جرئتمندي جي قدمن کڻڻ جي ضرورت پوي ٿي. بدقسمت آگسٽولس پنهنجي بي عزتي جو پاڻ ئي سبب بڻجي ويو هو، هن پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ چاهي پر سينيٽ، پنهنجي آخري قانون سازيءَ ۾، جنهن ۾ شهنشاهه جي تابعداري بابت قانون پاس ٿيل هيا، اڃا به پنهنجي آئين جي روح کي برقرار رکڻ ۽ آزادي کي پنهنجي اصلي صورت ۾ بحال ڪرڻ ٿي چاهيو. سندن گڏيل صلاح مشوري سان شهنشاهه زينو ڏي هڪ خط لکيو ويو جيڪو ليئو جو جانشين ۽ سندس ناٺي هو ۽ جنهن جي شهنشاهت بازنطين جي تاج تخت سان ڪجھ جهڳڙي بعد بحال ٿي هئي. خط ۾ لکيو ويو: ’هو پوري ايمانداريءَ سان اٽلي ۾ شاهي سلسلي کي جاري رکڻ جا مخالف آهن ۽ ان کان لادعويٰ ٿيڻ جو اعلان ڪن ٿا ڇو ته ان جي ضرورت آهي نه سندن خواهش آهي ته شهنشاهت جي تسلسل کي قائم رکجي ڇو ته سندن خيال موجب فقط هڪ حاڪم جي شان شوڪت کي قائم رکڻ وڌيڪ بهتر به آهي ته ڪافي مناسب پڻ آهي جيڪو ٻنهي يعني اولهه توڙي اوڀر جي خِطن تي حڪمراني ڪري. هو پنهنجي توڙي پوري عوام جي طرفان هن راءِ سان اتفاق ڪرڻ جو اظهار ڪن ٿا ته ’عالمي شهنشاهت‘ جي گاديءَ جو هنڌ هاڻي روم کان قسطنطنيہ ڏي منتقل ٿي ويندو ۽ هو پنهنجي مالڪ کي چونڊڻ جي حق کي غلط روايت سمجهندي، ان کان به دستبردار ٿين ٿا ڇو ته هي اسان جي خراب ماضيءَ جي بُري نشاني آهي جيڪا ان حڪمراني جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي جنهن سڄي دنيا کي قانون سؤنپيا هيا. اسان جي جمهوريه (هو ان لفظ کي ٻيهر دهرائن ٿا پر سندن منهن تي ڪاوڙ جا ڪي به آثار ڪونهن) اسان کي يقين آهي ته اوڊئسر جي شهري توڙي فوجي اهليتن تي پورو ڀروسو ڪري ٿي ۽ اسين ادب سان عرض ڪريون ٿا ته شهنساهه مهرباني فرمائي اوڊئسر کي اميرزادي جو لقب عطا ڪري ۽ اٽلي جي سڀني ضلعن ۽ صوبن جو انتظام به سندس ئي حوالي ڪيو وڃي‘. سينيٽ جي ڊپٽين جي قسطنطنيہ ۾ مرحبا ڪئي وئي پر ان استقبال ۾ خوشيءَ جي بجاءِ ناراضگي ۽ ڪاوڙ شامل هئي، ۽ جڏهن اُهي زينو سان مليا ته هن کين ٻن شهنشاهن سان سندن روَيي تي خوب ملامت ڪئي، يعني ائنٿيميَس ۽ نيپوس جن کي اوڀر جي شهنشاهه دائمي طرح اٽلي ۾ مقرر ڪري ڇڏيو هو. ’پهرين‘، هن چيو، ’کي ته اوهان قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٻي کي اوهان ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي، پر ٻيو اڃا زندهه آهي ۽ جيستائين هو زندهه آهي ته هو اوهان جو قانوني حاڪم آهي‘. پر دورانديش زينو شايد سوچ ڪئي ته هڪ هٽايل شهنشاهه کي واپس ورائڻ ذري گهٽ ناممڪن هو ته هن اها جستجو ئي ڇڏي ڏني. بهرحال سندس اندر ان ڳالهه تي ڪجھ مطمئن ٿيو ته اڃا تائين ماڻهو کيس شهنشاهه سڏيندا هيا ۽ ٻيو ته ماڻهن سندس احترام ۾ روم جي ڪيترين ئي جڳهن ۽ چؤراهن تي سندس مجسما ٺاهي بيهاريا هيا، ان کان سواءِ هن جي دوستي واري خط و ڪتابت جو سلسلو به اوڊئسر سان ڳنڍيل هيو ۽ ٻي ڳالهه ته هو ڪڏهن ڪڏهن شاهي تحفا ۽ نشان به وصول ڪندو رهندو هو، ڪڏهن شاهي محل ۽ تاج جا زيور کيس تحفي طور ڏنا ويندا هيا جن کي بربر، ماڻهن جي نظرن مان هٽائڻ لاءِ آماده هيو(124). وئلينٽينيَن جي موت کان ويهن سالن جي عرصي ۾، نَوَ شهنشاهه هڪ ٻئي پٺيان هليا ويا هيا ۽ اوريسٽس جو پٽ جيڪو هڪ خوبصورت نوجوان هو ۽ جنهن جي حسن جي ڪري سندس سفارش ڪئي وئي هئي، پر هو نئين نسل کي هرگز قبول نه هيو ڇالاءِ ته سندس حڪومت جي دؤر ۾ اولهه جي شهنشاهت جي ڏيئي کي مڪمل طرح وِسايو ويو هو، ۽ هن انسان ذات لاءِ به ڪو اهڙو ڪارنامو نه ڪيو هو جنهن کي ماڻهو ياد ڪري سگهن(125). اميرزادي اوريسٽس، ناريڪم صوبي جي هنڌ پيٽوويو جي نواب رومولَس جي ڌيءُ سان شادي ڪئي هئي، آگسٽس جو نالو، حسد ۽ بغض جي باوجود، عقيليا ۾ چڱيءَ طرح ڄاتو سڃاتو ويندو هو ۽ ٻن وڏن معمارن يا پايو وجهندڙن جا لقب شهر ۽ بادشاهيءَ ۾ ورهايا ويا ۽ اُهي ئي لقب وري سندن آخري جانشينن منجهه متحد ٿي ويا(126). اوريسٽس جي پٽ، رومولَس توڙي آگسٽَس جي عظيم نالن کي بي عزتو ڪري ڇڏيو، ۽ پهرئين نالي کي يونانين مٽائي موميلَس رکي ڇڏيو ۽ ٻي لقب کي وري لاطينين مٽائي نفرت جوڳي لقب آگسٽولَس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن بي ضرر نوجوان جي حياتيءَ کي اوڊئسر جي رحمدليءَ جي ڪري بچايو ويو جنهن کيس پوري ڪٽنب سميت پنهنجي شاهي محل مان ڪڍي ڇڏيو، سندس ساليانو الائونس سون جا ڇهه هزار ٽڪرا ڪيو ويو ۽ ڪمپانيا ۾ لڪولَس جي جڳهه تي جلاوطني ۾ کيس رهڻ جي اجازت ڏني وئي(127). جيئن ئي رومين پيونڪ جي جنگين مان آزاد ٿي سُک جو ساهه کنيو، ته اُنهن کي ڪمپانيا جي حسن ۽ خوبصورتي ڪشش ڪرڻ لڳي ۽ وڏي جُڳ واري شخص اسڪيپيو جو لِٽرنم ۾ ٺهيل گهر، ٻهراڙيءَ جي خوبصورتي ۽ سادگيءَ جو هڪ نادر نمونو هو.(128). نئپلس جي وڻراهن جا حسين ڪنارا ننڍن ننڍن گهرن سان وڪوڙيل هيا، ۽ سُلا پنهنجي مخالف جي تعميري ذهن تي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو(*) جنهن پاڻ کي مسينم جي اوچائيءَ تي هڪ ڇيڙي تي وڃي ويهاريو هو ۽ اهو منظر به ڪيڏو نه حسين هو جو هر طرف کان سمنڊ جون لهرون ۽ ڌرتيءَ جي ساوڪ نظر اچي رهي هئي ۽ اهو منظر تيستائين نظرن آڏو رهيو ٿي جيستائين ۽ جتي نظر کُٽي ٿي وئي(129). لڪولَس، ماريَس جي گهرن کي خريد ڪري ڇڏيو هو ۽ حد اها هئي ته انهن گهرن جون قيمتون بنادير اڍائي هزارن کان اسي هزار پائونڊ اسٽرلنگ تائين چوٽ چڙهي ويون هيون(130). انهن گهرن جي نئين مالڪ انهن کي يوناني هنرن ۽ سجاوٽن سان وڌيڪ سينگاري ڇڏيو هو، جن ۾ ايشيا جي سونهن پڻ ڀري وئي هئي ۽ لڪولَس جي گهرن توڙي باغيچن، شاهي محلاتن ۾ پڻ اڃا وڌيڪ رتبو ۽ شهرت حاصل ڪري ڇڏي هئي(131). جڏهن وئنڊل سامونڊي ڪنارن تي طاقتور ٿي ويا ته مسينم جي ڇيڙن تي ٺهيل گهرَ، قلعن نما نظارو پيش ڪري رهيا هيا ۽ وئنڊلن اُنهن گهرن کي لقب به اهوئي ڏنو، ۽ هيءَ ئي اُها جڳهه هئي جتي اولهه جو آخري شهنشاهه مات کائڻ کان پوءِ ڀاڄ کائي اچي هتي لِڪو هو. ان عظيم انقلاب کان ويهه سال پوءِ، انهن گهرن کي ڪليسا ۽ خانقاهه ۾ تبديل ڪيو ويو ته جيئن درويش صفت بزرگ سيورينَس جي مڙهه کي دفنائي سگهجي. اُنهن بهرحال سِمبرڪ ۽ آرمينيا جي سوڀن ۾ حاصل ڪيل ٽرافين ۾ ڏهين صدي عيسوي تائين خوشي ۽ سڪون جا ڏينهن گذاريا هيا. جڏهن قلعا، جن لاءِ کين خطرو اهو هو ته اُهي شايد خطرناڪ مسلمانن کي محفوظ اجهو مهيا ڪن، تنهنڪري اُنهن کي نئپلس جي ماڻهن ڊاهي مِٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو(132).

اوڊئسر روم جي تاريخ ۾ پهريون بربر هر جنهن روم ۾ اُنهن ماڻهن تي حڪومت ڪئي هئي جن ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي سڄي انسانذات کان مٿاهون ۽ معتبر سمجهيو هو. رومين جي بيعزتي اسان جي دلين ۾ انهن لاءِ احساس ۽ عزت وارا جذبا پيدا ڪري ٿي ۽ اسان کي اُنهن جي بگڙيل نسل جي فضول ڏک ۽ ڪاوڙ تي افسوس ۽ ساڻن همدردي آهي. پر اٽلي جي عذابن آهستي آهستي سندس آزادي ۽ شان شوڪت تي فخر ڪرڻ جي احساس کي ختم ڪري ڇڏيو هو. روم جي برتري ۽ مثالي ڪردار جي دؤر ۾، صوبا فوجي هٿيارن رکڻ ۽ شهري جمهوريه جي قانون تي عمل ڪرڻ جا پابند هيا، پر بُرو وقت اهڙو آيو جو شهرين جي پاڻ ۾ دشمني ۽ اختلافن سبب قانونن جي پابندي ڪرڻ ختم ٿي وئي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو شهر توڙي صوبا هڪ آمر جي خسيس ۽ ذاتي ملڪيت بڻجي ويا. آئين جا طور طريقا جن سندن مفلسي ۽ غربت کي نه رڳو ختم ٿي ڪيو پر سندن عزتِ نفس جو پردو به رکيو ٿي، ختم ڪيا ويا ۽ انهن جي جڳهه تشدد ۽ طاقت جي ڏيک وڃي ورتي ۽ هاڻي اٽلي جي ماڻهن پنهنجن حاڪمن تي هئڻ توڙي نه هئڻ کي ساڳيو سمجهي ڏک ۽ درد مان رت جا ڳوڙها ٿي ڳاڙيا، ۽ اُنهن کان کين سخت نفرت ٿي وئي هئي ۽ اها صورتحال لڳاتار پنجن صدين تائين جاري رهي جنهن دؤران فوجي ڇڙواڳي، موڊ ۽ مرضي جي آمريت ۽ ڄاڻي واڻي ٻين کي تڪليفن ۽ عذابن ۾ مبتلا ڪرڻ ڄڻ هڪ رسم ٿي وئي هئي. ساڳئي دؤر ۾ بربرَن، جيڪي ڪجهه به نه هيا، ۽ جن کان ماڻهو بُڇان ڪندا هيا، پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريو، ۽ جرمني توڙي سيٿيا جا ويڙهاڪ صوبن ۾ پهريون نوڪرن چاڪرن جي حيثيت ۾ داخل ٿيا، پوءِ اُهي رومين جا اتحادي ۽ آخرڪار اُهي روم جا مالڪ بڻجي ويا جيئن مثل مشهور آهي ته: ’آئي ٽانڊي ڪاڻ، بنجي وئي بورچياڻي‘ ۽ رومين جي بيعزتي ڪرڻ لڳا يا وري سندن ٻاڏائڻ تي، کين سهارو ڏيڻ يا بچائڻ لڳا. ماڻهن جي نفرت کي خوف ۽ ڏهڪاءَ ذريعي دٻايو ويو، اُهي ويڙهاڪ اڳواڻن جي شان شوڪت جو احترام ڪندا هيا جن کي شهنشاهت طرفان وڏا اعزاز مليل هيا، ۽ روم جي قسمت جو فيصلو گهڻي وقت کان وٺي طاقتور ڌارين جي ترار جي طاقت تي مدار رکندڙ هو. رسيمر جيڪو سخت طبيعت رکندڙ هو ۽ جنهن اٽلي جي تباهيءَ جي پاڻ لتاڙ ڪئي هئي، بادشاهه جي لقب يا اعزاز ملڻ کان سواءِ ئي حڪومت ڪئي هئي، ۽ صبر ڪندڙ رومين بس لاشعوري طور تي اوڊئسر ۽ سندس بربر جانشين جي شهنشاهت ۽ حاڪميت کي قبول ڪري ڇڏيو هو.

اٽلي جو بادشاهه پنهنجي رتبي سان مطابقت رکندڙ هوندو هو، سندس جرئت توڙي ڀاڳ بخت کيس مٿاهين درجي تي پهچايو هو، سندس جهنگلي طور طريقن کي، گفتگو جي سليقن سيکارڻ ذريعي سنواريو ويو هو ۽ توڙي جو هو فاتح سان گڏ هڪ بربر به هيو، تڏهن ڀي هو انسانن، ادارن ۽ پنهنجي رعيت جي ماڻهن جي احساسن جو احترام ڪندو هو. ستن سالن جي وقفي کان پوءِ اوڊئسر اولهه جي شهنشاهت ۾ سفارتي عهدن توڙي مئجسٽريٽن کي بحال ڪري ڇڏيو.

شايد حياداري جي عظمت يا فخر منجهان، هن پنهنجي ذات جي لاءِ اُهي اعزاز ٺُڪرائي ڇڏيا جيڪي اوڀر جا شهنشاهه اڳ پاڻ اختيار ڪندا هيا، پر اهم ڪرسيءَ کي لڳاتار يارهَن ناميارن سينيٽرن واري واري سان پئي ڀريو هو،(133) ۽ ان لسٽ ۾ هڪ نمايان ۽ عزت وارو نالو بئسيليَس جو آهي، جنهن جي اخلاق ۽ اعليٰ ڪردار سڊونيَس کي سندس دوست ۽ مداح بنايو هو.(134) شهنشاهن جي قانونن کي سختيءَ سان لاڳو ڪيو ويندو هو، ۽ اٽلي جو شهري انتظام اڃا تائين شاهي محافظن جا منهندار هلائيندا رهندا هيا يا وري سندن ماتحت آفيسر اهو نظام سنڀاليندا هيا. اوڊئسر ڍَل يا ٽڪسن جي اوڳاڙيءَ جي بُڇان ڏياريندڙ ۽ ڏکئي ڪم جي ذميواري مئجسٽريٽن کي سؤنپي ڇڏي پر هن اهو حق پنهنجي لاءِ ضرور مخصوص ڪيو هو ته جتي ۽ جڏهن به قومي گهُرجن موجب ضرورت پوندي ته هو ان ناڻي کي استعمال ڪري سگهندو(135). ٻين بربرن جيان، کيس به آرين مذهب جي ترغيب ڏني وئي هئي، پر هن جو لاڙو خانقاهيت طرف هو ته ساڳي وقت پادرين طرف پڻ راغب هيو ۽ جيئن ته ڪئٿولڪ عيسائين سندس دؤر ۾ مڪمل خاموشي اختيار ڪري ڇڏي هئي ته ان مان به صاف ظاهر ٿو ٿئي ته هن وٽ هر مذهب لاءِ پورو احترام ۽ برداشت جو جذبو موجود هو. شهر جي امن قائم رکڻ لاءِ منهندار بئسيليَس جي مداخلت جي ضرورت پئجي وئي ته هو روم وارن لاءِ مناسب پادري جي چونڊ ڪري. هڪ اهڙو فيصلو جنهن مذهبي جوشيلن تي پابندي مڙهي هئي ته اُهي پنهنجين زمينن کي مرڪز کان جدا نه ڪن(*)، ڇاڪاڻ ته ان منصوبي ۾ خود عوام جو فائدو هو، جن جي عقيدت تي ته ٽئڪس هرگز نه مڙهيو وڃي ها ۽ نه کانئن اهو مطالبو ڪيو وڃي ها ته اُهي اُجڙيل ڪليسائن جي مرمت ۾ مالي مدد ڪن(136). اٽلي کي سندس ئي فاتحن جي هٿيارن ذريعي حفاظت حاصل هئي، ۽ سندس سرحدن جو احترام گال توڙي جرمني جي بربرن طرفان پوريءَ طرح ڪيو ويندو هو، جن اڳ ٿوڊوسيَس جي ڪمزور قوم کي بيعزتو ڪيو هو. اوڊئسر اڊرئٽڪ کي پار ڪيو ته جيئن شهنشاهه نيپوس جي قاتلن کي جوڳي سزا ڏئي سگهي ته ساڳئي وقت ڊالمئٽيا جي صوبي جا سامونڊي حق به حاصل ڪري. هاڻي هو ائلس اُڪري چڪو هو ته جيئن نوريڪم جي باقيات کي فاوا کان بچائي سگهي جيڪو رُگيَنس جو بادشاهه هو جنهن جي رهائشگاهه دنيوب کان به اڳتي هئي. بادشاهه کي جنگ ۾ شڪست ڏني وئي ۽ کيس قيدي بنايو ويو، اهڙيءَ طرح قيدين ۽ رعيت جي بيشمار ماڻهن جون ڪالونيون روم ۽ اٽلي ۾ آباد ٿي ويون، ۽ اهي آباديون بار بار شڪستون کائڻ ۽ پنهنجي عزت گنوائڻ کان پوءِ قائم ٿيون هيون، جنهن ۾ بربرن، جيڪي هر شيءِ جا مالڪ ۽ مختيار هيا، لاءِ وڏي فتح ۽ ڪامراني لکيل هئي(137).

اوڊئسر جي دورانديشي ۽ ڪاميابيءَ جي باوجود، سندس بادشاهت ۾ پڻ ماڻهن لاءِ ڏک ۽ برباديءَ جو ماحول هو. ٽائبيريس جي دؤر کان وٺي، اٽلي ۾ زراعت جو پيشو زوال پذير ٿي چڪو هو، ۽ اها شڪايت عام هئي ته روم جي ماڻهن جي گذاري جو دارومدار هوائن ۽ لهرن جي حادثاتي هئڻ يا نه هئڻ تي هو.(138) شهنشاهت جي ورهاڱي ۽ زوال ۾ مصر ۽ آفريڪا جا ڏَن ڀرڻ وارا فصل هاڻي نه پوکيا ويندا هيا ۽ ماڻهن جو تعداد لڳاتار گهٽبو رهيو ڇالاءِ جو جمهوريه ۾ گذاري ڪرڻ جا وسيلا وقت سِر گهٽجي رهيا هيا ۽ مسلسل جنگين، ڏُڪر(139) ۽ بيمارين جي ڪري ملڪ ڏيوالو ٿي ويو هو. سينٽ ائمبروز هڪ مشهور ضلعي جي برباديءَ تي افسوس جو اظهار ٿو ڪري جنهن ۾ ڪڏهن بولوگنا، موڊينا، ريگينم ۽ پلاسينٽيا جهڙا خوبصورت شهر هوندا هيا(140). پوپ گئلسيَس، اوڊئسر جي رعيت جو ماڻهو هيو ۽ هو ڳچ وڌاءُ ڪندي ان ڳالهه جي تصديق ٿو ڪري ته ايميليا، ٽسڪني ۽ ٻين ڀر وارن صوبن ۾ ڪو نالي ماتر ماڻهو به نه رهيو هو ۽ سڀئي تباهه ٿي ويا هيا(141). روم جا ڪڙمي ڪاسبي، جن کي مالڪ جي طرفان ماني ملندي هئي، يا ته ختم ٿي ويا يا وري ڪيڏانهن هليا ويا ڇو ته سندن مالڪ جي سخا جو هٿ مٿانئن هٽي ويو هو؛ هنرن جي زوال سبب مستري ۽ ڪاريگر به واندا ۽ نڪما نظر اچڻ لڳا ۽ بيروزگار بڻجي ويا ۽ سينيٽر جيڪي پنهنجي ملڪ جي تباهي کي صبر سان برداشت ڪري رهيا هيا، پر تڏهن دانهون وٺي ڪيائون جڏهن سندن ذاتي دولت ۽ عياشي کين ختم ٿيندي نظر آئي؛ وڏين جاگيرن ۽ ملڪيتن جو ٽيون حصو، جنهن سان حقيقت ۾ اٽلي جي تباهي جائز طريقي سان لاڳاپيل آهي،(142) جنگي فاتحن جي حوالي ٿي ويندو هو. ماڻهن جون بيعزتيون ڪري ويتر سندن زخمن تي لوڻ ٻُرڪيو ويندو هو، ڪنهن جي ڏکن سورن ڏانهن ڪو ڏسندو ئي ڪونه هو، پر پريشان ماڻهن کي اُلٽو خوفزده ڪري اڃا وڌيڪ پريشان ڪيو ويندو هو، ۽ ستم ظريفي وري اها جو نيون زمينون بربرن جي نوَن لشڪرن ۾ ورهايون وينديون هيون، هر سينيٽر تيستائين مشڪوڪ نظرن سان ڏٺو ويندو هو جيستائين هڪ طرفا سروير سندس پسند واري گهر يا ٻني ٻاري تي پهچن. گهٽ ۾ گهٽ بدقسمت اُهي ماڻهو هيا جيڪي ڪنهن به شڪايت يا مطالبي ڪرڻ کان سواءِ هر ڳالهه اکيون ٻوٽي مڃي ويندا هيا ڇو ته هنن لاءِ ’زور اڳيان زاريءَ‘ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هوندو هو. جيئن ته اُهي زندهه رهڻ چاهيندا هيا ۽ آمر جو مٿن احسان اهو هو ته هن کين هن وقت تائين زندهه رهڻ ڏنو هو، ۽ جيئن ته هو سندن مقدر تي مڪمل اختيار رکندڙ هيو ته جيڪو ڪجهه به هو کين ڏيندو هو ته ان کي هو حاڪم جو تحفو ڪري قبول ڪندا هيا(143). اٽلي جون تڪليفون اوڊئسر جي دروانديشي ۽ اعليٰ انساني ڪردار جي ڪري ڪافي حد تائين گهٽجي ويون جنهن پاڻ کي پابند ڪري ڇڏيو هو ته هو مطالبن ڪرڻ وارن گهُرجائو ماڻهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندو ۽ پنهنجي طرفان پوري ۽ پُرخلوص ڪوشش ڪندو ته سندن جائز مطالبن کي سندن اطمينان جي حد تائين پورو ڪيو وڃي. بربر بادشاهن جي اڪثر ڪري مخالفت ٿيندي هئي، کين تخت تان لاٿو يا سندن ئي رعيت جي ماڻهن طرفان کين ماريو ويندو هو ۽ اٽلي جي مختلف ڀاڙيتو ٽولن، جن پاڻ کي هڪ چونڊيل جنرل جي جهنڊي هيٺ جمع ڪرڻ شروع ڪيو هو، پنهنجي لاءِ آزاد فضا ۾ رهڻ ۽ ڦُرلُٽ جي دولت تي پنهنجي دعويٰ رکي ڇڏي. هڪ اهڙي بادشاهت جيڪا قومي ايڪي کان خالي هجي ۽ حقدار کي موروثي حق ڏيڻ کان منع ڪري، تيزيءَ سان پنهنجي خاتمي طرف هلي وئي. چوڏهن سالن جي حڪومت کان پوءِ اوڊئسر کي هڪ ٻي ذهين شخص ٿوڊورڪ عذابن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو جيڪو آسٽروگاٿن جو بادشاهه ۽ اهڙو سورهيه سپوت هو جيڪو جنگ جي ميدان توڙي حڪومت هلائڻ جي فن جو ماهر هو جنهن امن ۽ خوشحاليءَ جي دؤر کي وري واپس ورايو ۽ جنهن جو نالو اڃا تائين به ماڻهن جي دلين ۾ هن لاءِ سُٺا خيال ۽ احترام جا جذبا پيدا ٿو ڪري، ۽ جيڪو اڄ تائين سڄي انسانذات طرفان نيڪ جذبن جو محور ۽ مرڪز آهي.

 

باب ڇٽيهون

 

(حاشين بابت وضاحتون)

(*)     (ائٽلانٽڪ)

()      (خط استوا وارو)

(1)                               سڊونيَس اپولينئريَس پنهنجي ٻي ڪتاب جي تيرهين تحرير لکي ته جيئن پنهنجي دوست سيرينَس جي عجيب ۽ اُبتي ڳالهه کي رد ڪري سگهي جنهن مرحوم شهنشاهه جي لاءِ وڏو جوش ڏيکاريو هو. هيءَ تحرير جيڪا تعريفي ۽ خوش ڪندڙ هئي، وڏي تعريف لائق هئي ۽ جنهن ۾ اسان کي مئڪسيمَس جي ڪردار جي به خبر پوي ٿي.

(*)     (پورو ۽ مناسب)

(2)                             ڪلاينٽم پرِيويا هڪ قطار يا سلسلي جو نالو آهي جيڪو سڊونيَس خود (i, 9) پنهنجي هڪ ٻي سينيٽر جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي جنهن جو رتبو مئجسٽريٽ جي برابر هو.

()      (شهنشاهه)

()      گِبن هي قصو باب نمبر 35 ۾ بيان ڪيو آهي

(3)                             ’هو، جنهن جي ڏوهه واري ڳچيءَ مٿان اُگهاڙي ترار اُلاريل هجي، ان کي سِسلي جون دعوتون يا طعامَ ڪهڙو مزو ڏيندا. نه کيس پکين جون لاتيون وڻنديون ۽ نه وري موسيقيءَ جا سُريلا ۽ مڌر آلاپ سندس نِنڊن کي واپس ورائيندا.‘ هورئٽ (iii, 1) سڊونيَس پنهنجي تحرير کي ڊيموڪلس جي ڪهاڻي تي ختم ٿو ڪري، جيڪا سِسرو (ٽسڪيولم، (v, 20-21 وڏي دلچسپي منجهان ٻڌائي هئي. (سِسلي جو ڊيموڪلس پنهنجي ترار سان راند کيڏيو هو ۽ هن اُها ترار گهوڙي جي وار سان هڪ ماڻهوءَ مٿان ٻڌي ڇڏي هئي).

(4)                             پروڪوپيَس اِوئگريَس، اِڊئٽيَس ۽ مارسيلينَس جي شاهديءَ جي باوجود وڏو عالم مراتوري (اڊئٽيَس جا واقعا، (iv, 249 هن دعوت جي حقيقت کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ وڏي سچائيءَ سان پنهنجي راءِ هن طرح پيش ٿو ڪري: ”ماڻهن جي فطري لاڙن ۽ رايَن کي وڌائي پيش ڪرڻ ناممڪن ڳالهه آهي ته اُهي ڪُوڙين ڳالهين کي تصوراتي انداز ۾ پيش ڪن.“ پر سندس دليل، وقت ۽ هنڌ جي وقفي کي ڏسندي، ڪافي ڪمزور ٿو لڳي. اِنجير يا شهتوت، جيڪي ڪارٿيج جي ويجهو پيدا ٿيندا هيا، اُنهن کي روم ۾ ٽئين ڏينهن تي آندو ويو هو.

(5)                              مدح سرائي ۾ سڊونيس (ائويٽـَس 442) ’برگنڊي جي هڪ سازشي ۽ غدار شخص تو ۾ هڪ اُٻهرو ۽ گندو خيال پيدا ڪيو ته تون شهنشاهه کي قتل ڪري ڇڏ.‘ هڪ ڪمال جي سِٽ ملي آهي جيڪا ان ڳالهه طرف اشارو ٿي ڪري ته روم ۽ مئڪسيمَس سان برگنڊي جي ڀاڙيتُو ويڙهاڪن ڌوڪو ڪيو هو.

(6)                             پادري ليئو جي ظاهري ڪاميابيءَ کي شايد پراسپر ۽ هسٽوريا مسيلن طرفان جائز سمجهيو ويو هجي، پر بئرونيَس جو عقل ۾ نه ايندڙ خيال (455 عيسوي، نمبر 13) ته جينسيرڪ، عيسائين جي ٽن ڪليسائن کي تباهيءَ کان بچايو هو، جي پٺڀرائيءَ ۾ شڪ واريون شاهديون به موجود ناهن جن ۾ لائبر پونٽيفيڪئلس پڻ شامل آهي.

(7)                             ڪئٽولَس، جنهن ڪئپيٽول جي مندر جي ڇِت کي سونو ڪيو هو، ان جي گهڻي مقدار جي استعمال جي عالمي سطح تي مخالفت ڪئي وئي هئي (پلني، فطري، تاريخ 18 (xxxiii, پرڪمال اهو آهي ته شهنشاهه سونَ جي مقدار کي اڃا وڌائي ڇڏيو هو ۽ مندر جي ٻاهرئين حصي تي سون لڳرائڻ جو خرچ جيڪو شهنشاهه ڊوميٽين ڀريو هو، ان جو مُلهه 12000 ٽئلينٽس يا 2400،000 پائونڊن جي برابر هو. ڪلاڊيَن ۽ روتيليَس جا رايا: ’سون جو چمڪڻ ۽ جرڪڻ تارن جي چمڪ دَمڪ کان به وڌيڪ تيز هو‘… يا … ’مندر جي چمڪڻ جو نظارو ڏسندڙ اکين کي به حيران پريشان ڪري ڇڏي ٿو…‘ ان ڳالهه کي ثابت ڪن ٿا ته مندر تان سون جي چادر نه عيسائين ۽ نه وري گاٿن لاٿي هئي. (ڏسو ڊونيٽَس، روما ائنٽڪئا، ii,125) هتي اها ثابتي به ملي ٿي ته ڪيپيٽول جي مندر تي جيڪو سون جو مقدار لڳو هو اُهو اهڙين وڏين گاڏين ۾ آندو ويو هو جن کي چار گهوڙا ڇِڪيندا هيا.

(8)                             هڪ سنجيدو ۽ غور سان پڙهندڙ شخص، هئڊرئن ريلنڊ جي تحقيقي مضمون کي پڙهي ڏسي جنهن جو عنوان آهي، ٽرئجيڪٽي رهيمم، 1716.

(9)                             جنهن جهاز ۾ ڪئپيٽول جي تبرڪن کي کڻي ٻاهر نيو ويو هو، فقط اُهو هڪڙو ئي هيو جيڪو سمنڊ ۾ ڀڄي تباهه ٿيو هو. جيڪڏهن ڪو متعصب فيلسوف يا لاديني بغض رکندڙ اهو حادثو بيان ڪري ها ته اهو ان واقعي کي بيان ڪندي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪري ها ته ’چڱو ٿيو جو ناپاڪ سامان ۽ ورثو جهاز ۾ ٻڏي غرق ٿي ويو‘.

(10)                      ڏسو وڪٽر وٽيسِس (’وئنڊلن جا عذاب‘ ۾، i,8,11-12 جنهن کي رئنارٽ ايڊٽ ڪيو هو) ڊيوگراٽياس‘ ڪارٿيج جي ڪليسا جو انتظام ٽن سالن تائين سنڀاليو هو. جيڪڏهن هو اڳ ۾ ئي دفن ٿيل نه هجي ها ته سندس لاش کي، جوشيلن ۽ جنوني ماڻهن هٿان شايد ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ها.

(*)     (هي 216 قبل مسيح جو واقعو آهي جڏهن هئنيبل جي فوجن، روم جي سڄي فوج جو قتلام ڪيو هو).

(11)                        مئڪسيمَس جي موت ۽ وئنڊلن طرفان روم کي تاراج ڪرڻ جي صاف شاهدي سڊونيَس جي آهي (مدح سرائي، ائرٽس 441-450) پروڪوپيَس (ڊي بيل وئنڊل، i,4-5,ii,9,255 ۽ 188-189) اِوئگريَس (ii,7) جارنئنڊس (ڊي، ريب گيٽڪس، 45,677) ۽ اڊئٽيَس جا تاريخوار واقعا، پراسپر، مارسيلينَس ۽ ٿيوفينس وغيره.

(12)                      ائويٽَس جي ذاتي زندگي ۽ سندس مٿاهين مرتبي تي پهچڻ جي باري ۾ سڊونيَس اپولينئريَس جي مدح سرائي کي پڙهجي، پر ڪجھ شڪ جي نظر سان ان کي ڏسجي. ان کان سواءِ ان ۾ سندس رعيت ۽ ناٺيءَ جي باري ۾ پڻ معلومات ملي ٿي.

(13)                      ننڍي پلني جي مثال کان پوءِ، سڊونيَس (ii,2) پنهنجي گهر جي باري ۾ هڪ ڊگهو ۽ شوبازي وارو بيان لکيو آهي جنهن جو نالو (ائويٽيڪم هيو) ۽ اهو ائويٽَس جو پنهنجو هيو. بهرحال، سندس گهر ڪهڙي هنڌ تي هو، ان جي پوري خبر ڪانهي. هن سلسلي ۾ ساوارن ۽ سرمانڊ جي حوالن کي ضرور پڙهجي.

(14)                      سڊونيَس (ii,9) گال جي اميرن جي ڳوٺاڻي زندگي کي تڏهن بيان ڪيو، جڏهن هو پنهنجن دوستن ڏانهن نِسبِس جي اردگرد ٻنيون گهمڻ ويو هو. سندس صبح جو وقت ٽينيز جي راند کيڏڻ ۾ گذرندو هو يا وري لائبرري ۾ ويهي ڪتاب پڙهندو هو جنهن ۾ گهڻو ڪري لاطيني مصنفن جا ڪتاب هوندا هيا، لامذهبيت تي خواه مذهب جي موضوعن تي به ڪتاب هيا، پهريان مردن لاءِ ۽ ٻيا عورتن جي پڙهڻ لاءِ هوندا هيا. کاڌي جي ٽيبل ٻه ڀيرا سجائي ويندي هئي، هڪ منجهند جي ۽ ٻيو رات جي مانيءَ جي وقت تي ۽ ٻنهي ويلن تي گرم گرم گوشت کارايو ويندو هو (تريل ۽ اُٻاريل) ۽ مانيءَ جي وچ ۾ ماڻهن جي آجيان شراب نوشيءَ سان ڪئي ويندي هئي. وچ واري وقفي ۾ ماڻهو آرام ڪندا هيا، گهوڙن جي پٺيءَ تي ويهي هوا کائيندا هيا ۽ نيم گرم پاڻيءَ سان غسل ڪري ٿَڪ لاهيندا هيا.

(15)                       مدح سرائي جون ستر سِٽون (505-578) جيڪي ٿوڊورڪ ۽ گال جي منت ۽ آزيءَ کي بيان ڪن ٿيون ۽ جنهن ۾ ائويٽَس جي اعتدال پسندي واري ناراضگي کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان کي هڪ ايماندار تاريخدان فقط ٽن- چئن لفظن ۾ ٿُڏي يا رد ڪري ڇڏيو آهي ’هن جو مقصد فقط روم جي شهنشاهت تي حڪمراني ڪرڻ جو هو‘.

(16)                      سِوائل جو پادري اِيسوڊور، جيڪو خود حسب نسب ۾ شاهي گهراڻي سان تعلق رکندو هو، ان ڏوهه جو نه فقط اعتراف ٿو ڪري پر ان جرم کي هو جائز ٿو سمجهي (ص، 718، گاٿن جي تاريخ) جنهن کي سندن غلام جارنئنڊيس ٻهروپيائيءَ سان لڪايو هو(43,673).

(17)                      وضاحتي بيان (i,ii,2-7) ڪنهن سياسي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ کانئس لکرايو ويو هو. اهو فقط عوام کي ڏيکارڻ لاءِ هيو ۽ جنهن کي سڊونيَس جي دوستن، سندس تحريرن کي هڪ جڳهه تي جمع ڪرڻ کان اڳ نمايان ڪيو هو. پهريون ڪتاب جدا ڇپيو هو. ڏسو ٽليمانٽ (ڪليسائي يادگيريون xvi,264).

(18)                      ٿوڊورڪ جي تفصيلي بيان ڪرڻ ۾ مون ڪيترين ئي ننڍين ڳالهين ۽ واقعن کي لِڪايو آهي ته ساڳي وقت ڪجھ جملا به مون منظر عام تي نه آندا آهن، جن کي شايد برداشت ڪري سگهجي ها ڇو ته اُهي اُنهن لاءِ چِٽا ۽ صاف آهن جيڪي، سڊونيَس جي همعصرن وانگر، اُهي بازاريون گهمندا هيا جتي اُنهن غلامن جو وڪرو ٿيندو هو جيڪي صفا اگهاڙا هوندا هيا. (ڊوبوس، تنقيدي تاريخ ۾ i,404).

(19)                      هيءَ وضاحت لاطيني يا يوناني زبان ۾ ڏنل آهي جنهن جو ترجمو نٿو ڏئي سگهجي. (سنڌيڪار)

(20)                    آورن جو سڊونيَس، ٿوڊورڪ جي رعيت جو ماڻهو نه هيو پر ممڪن آهي ته هو مجبور ٿي ٽولُوز جي عدالت ۾ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ويو هجي.

(21)                      ٿوڊورڪ پاڻ ۽ ڄاڻي واڻي پنهنجي وفاداريءَ جو وچن ڏنو هو جنهن کي ٻنهي هنڌن يعني گال ۽ اسپين ۾ پوريءَ طرح سمجهيو ويو هو: ”روم ۾ جڏهن تون حاڪم آهين ته آءٌ تنهنجو دوست آهيان، هاڻي جڏهن تون شهنشاهه آهين ته آءٌ تنهنجي مرتبي جيڏو تنهنجو سپاهي آهيان“. (سڊونيَس، مدح سرائي، ائويٽس، 811).

(22)                    آسن، ڊي ڪلئرس (ص 245) ’دولتمند ڊاڙي جيڪو سمنڊ ۾ به پنهنجي آڪڙ بازي پيو ڏيکاري‘. سووِي جي بادشاهه جي ارادن منجهان اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته گئليشيا جي سامونڊي بندرن کان بحيرهء- روم تائين جهاز راني ڪرڻ جو رواج هو ۽ سڀني ماڻهن کي ان جي ڄاڻ هئي. برئڪارا يا برئگا جا جهاز ڪنارن طرف ڏاڍو محتاط طريقي سان ويندا هيا ته متان اُهي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪٿي وڃائجي نه وڃن.

(*)     (اُڇلايو ويو).

(23)                    اڊئٽيَس جي تحريرن ۾ سووِي جي جنگ مستند طريقي سان بيان ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اِريا فلئويا جو پادري تماشبين به هيو ته خود ئي تڪليفن ۾ به اچي ويو هو. جازنينڊيَس (44,675-687) گاٿن جي سوڀ بابت خوشي ۽ تفصيل سان لکيو آهي.

(24)                    ٽراجن جي لائبرري جي هڪ ورانڊي يا گلئري ۾ ڪيترن ئي ليکڪن ۽ تقرير جي ماهرن جا مجسما رکيل آهن. (سڊونيَس ائپولينئريَس، ix,16,284) ڪارم (viii,350).

(*)     (سَهرُو).

(25)                     ’سندس خواهش هئي ته هو وڳوڙ ۽ فسادن ۾ پنهنجي زندگي گذاري، تنهن ڪري سينيٽرن کيس پنهنجي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو‘. اهو ٽورس جي گريگري جو مختصر تاثر هيو. (ii,ix,iii,ii,168) هڪ پراڻي دستاويز (ii,649) ۾ ائويٽَس جي هڪ غير مهذب ڀوڳَ جو ذڪر آيل آهي پر اهو ٽريوز جي بجاءِ روم تي وڌيڪ ٺهڪي اچي ٿو.

(26)                    سڊونيَس (مدح سرائي ائنٿيميَس، 362 وغيره) رسيمر جي شاهي ڄَم جي تعريف ٿو ڪري ۽ کيس قانوني وارث ٿو ڪوٺي ۽ هو ٻنهي بادشاهتن يعني گاٿن ۽ سووِي جو ذڪر ڪرڻ پسند ٿو ڪري.

(27)                    ڏسو اڊئٽيَس جون تحريرون. جارنينڊيس (44,676) ڪجھ سچائيءَ مان هينئن ٿو چوي: ”هڪ صفا انوکو انسان ۽ پنهنجي فوجي ڪرتبن ۾ پڻ يڪتا ماهر“.

(28)                    ’معصوم ائويٽَس کي بچائڻ‘ بظاهر ته رحمدليءَ جو جملو آهي پر حقيقت ۾ اها وڪٽر جي نفرت واري زبان آهي (اسڪئليگر جي تاريخوار واقعن ۾). ٻي جڳهه تي هو کيس انتهائي سادگي پسند انسان ٿو ڪوٺي هيءَ تعريف مناسب ۽ جائز آهي، پر ساڳي وقت اهي جملا، سڊونيَس جي تعريف جي بجاءِ لفظن ۽ دل جي خلوص سان ادا ڪيل آهن.

(29)                    اهو هڪ اندازو آهي ته کيس ڊائڪليشين جي اذيتن ۾ تڪليفون آيون هيون. (ٽليمانٽ، ڪليسائي يادگيريون، v,279,696) ٽورس جي گريگري جي هڪ معتقد سڄو ڪتاب جولين شهيد جي عظمت ڏي منسوب ڪيو آهي. (شهيد جي عظمت، ii، مئڪسيمس جي احوال ۾ ix,861-871) جنهن ۾ هو اٽڪل پنجاهه حماقت جهڙن معجزن جو ذڪر ٿو ڪري جيڪي هن جي تبرڪن ذريعي ٿيا هيا.

(30)                    ٽورس جو گريگري (ii,xi,168) پنهنجي ملڪ جي ماڻهوءَ جي حڪومت جي دؤر کي بيان ڪرڻ ۾ مختصر ضرور آهي پر سندس تحرير سچ تي مبني آهي. لڊئٽيَس جون تحريرون: ’هن پنهنجي شهنشاهت ۽ زندگي، ٻئي وڃايون‘، منجهان معلوم ٿو ٿئي ائويٽَس جو موت تشدد ڪرڻ سان ٿيو هو پر اِهو راز ڳجهو رهيو هوندو ڇاڪاڻ ته اِوئگريَس (ii,7) کي اهو خدشو هو ته سندس موت وبائي بيماريءَ جي ڪري ٿيو هو.

(31)                      هڪ حياداري واري اپيل جيڪا هن پنهنجن برادري جي ماڻهن ورجل ۽ هورئس جي مثالن کان پوءِ ڪئي هئي، سڊونيَس ايمانداريءَ سان قرض جو اقرار ڪري ٿو ۽ ان کي ادا ڪرڻ جو واعدو ٿو ڪري. (سڊونيَس iv,308). ’مان هڪ ٻي مليٽري جي اڳواڻ اڳيان هٻڪيو آهيان، پر تون، پنهنجي سوڀ ۾، مون کان کِلندي موڪلايو هو. سو ڀلي اُهو شاعر، جنهن کي تو بچايو هو، پنهنجي زبان سان تنهنجي خدمت ڪري ۽ منهنجي طرفان تنهنجي تعريف ئي ڀلي منهنجي ڀُنگ جي رقم هجي‘. ڏسو ڊوبوس، (تنقيد جي تاريخ، i,448 وغيره).

(32)                    پروڪوپيَس جي لفظن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي (ڊي، بيل وئنڊل، i,7,194) جنهن ۾ هن شاهي ڪردار جو مختصر پر جامع خاڪو پيش ڪيو آهي.

(33)                    مشهور مدح سرائي کي 458 عيسوي کان اڳ ئي ظاهر ڪري ان جو اعلان ڪيو ويو هو، جڏهن شهنشاهه  اڃا مئجسٽريٽ هو. ان ۾ ذهانت کان وڌيڪ فن لڪل آهي ۽ وري فن کان وڌيڪ ان ۾ محنت نظر اچي ٿي. زيور توڙي ڪوڙا يا فضول آهن ۽ اظهار ڪمزور توڙي ڊگهو آهي، پر سڊونيَس چاهي اهو ٿو ته اهم تصوير جي نمائش ۾ ذهن ۽ فن گڏجي ڪم ڪن ته پوءِ نتيجو به سٺو نڪرندو ۽ اهو ڪم صاف روشني ۾ ٿيڻ گهرجي. ميجورئن جي ذاتي زندگي ٻن سؤ سِٽن ۾ لکيل آهي. (107-305).

(34)                    هن هڪدم سندس موت جو مطالبو ڪيو ۽ هوءَ سندس بي عزتيءَ مان مطمئن ڪانه هئي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته ايٽيَس- بيليسئريَس ۽ مارلبارو وانگر (شهنشاهه جسٽينين ۽ راڻي ائن جا ڪمانڊر) تي به سندس زال جو حڪم هلندو هو جيڪا پنهنجي نيڪي ۽ پرهيزگاري ڪري مشهور هئي. (ٽورن جو گريگري- ii,7,162) ۽ هوءَ ڪنهن به انسانيت کان ڪريل ڪم ۾ ڪڏهن به رُڌل نه رهندي هئي.

(35)                     اليماني جي فوجن رهيشيا جي ائلپس جبلن کي اُڪريو پر ڪئمپ ڪئنيني يا بيلنزون جي واديءَ وٽ شڪست کاڌائون جتي ٽيسن ندي وهي ٿي ۽ اُها اڏولا جبل کان لهي لوگو مئگيور تائين وڃي ٿي. (ڪلوور، قديم اٽلي ۾، i,100-1) هن جنگ ۾ فاتحن نَو سؤ بربرن کي شڪست ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي جنهن مان اٽلي جي ڪمزور فوجي طاقت جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. (مدح سرائي ميجورئن، 373).

(*)     (روم جا سينيٽر).

(36)                    سڊونيَس دعويٰ ٿو ڪري ته اٽلي جي شهنشاهت ۾ ٻڌي هئي ۽ سندن هڪڙو ئي آواز هو. (ناول ميجورئن، iii,34) ’ملڪ جي آئيني حڪمن توکي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا هيا، يعني عوام، سينيٽ، فوج ۽ تنهنجي ساٿي (رسيمر) جي توکي پوري حمايت حاصل هئي‘. هتي جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي آهي اُها آئيني ۽ قديم آهي، جنهن منجهان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته مذهبي ماڻهن کي اڃا ملڪي سطح تي ايتري اهميت ڪانه هئي.

(*)     (غداريءَ لاءِ ڀرپور مذمت).

(37)                    تحرير دير سان ڇپجڻ جي ڪري شايد ان کي غور سان پڙهيو ويندو ڇاڪاڻ ته خط ۾ گهڻو ڪجھ دلچسپ مواد موجود آهي جيڪو پڙهڻ وٽان هوندو. تنهن ڪري مون ان کي اهميت ڏني آهي.

(38)                    ميجورئن کي ائويٽَس جي ظلمن ۽ زيادتين کي ضرور سمجهڻ گهرجي ها، جنهن جي موت کي آخرڪار هن هڪ سٺو ۽ ساراهه جوڳو ڪم ڪوٺيو. هن موقعي تي سڊونيَس ڊڄي ٿو ۽ ڪوبه فيصلو نٿو ڪري سگهي، هو فقط ٻارهَن سيزرس ۽ آفريڪا جي قومن جو ذڪر ڪري ٿو ته جيئن کيس ائويٽَس جهڙي خطرناڪ ماڻهوءَ جو ذڪر ڪرڻو ئي نه پوي. (305-369).

(39)                    ميجورئن جو سڄو فرمان يا سندس سينيٽ ڏانهن لکيل خط کي ڏسو. (ناول، iv,34) تڏهن به اظهار جي طريقي سان (اسان جي حڪومت يا اسان جو حڪم) ۾ ان دؤر جو رنگ رچيل آهي ۽ اهو به ڏسو ته جمهوريه جي لفظ سان ’مهرباني طور‘ جو لفظ به گڏيل نه آهي جنهن کي هو بار بار دهرائي ٿو.

(40)                    ميجورئن جي قانونن کي ڏسو (اُهي فقط نوَ آهن پر ڊگها ۽ مختلف آهن) جيڪي ٿوڊوسيَن ڪوڊ جي آخر ۾ بيان ڪيل آهن. (ناول، iv,32-37) گوڊ فراءِ هنن واڌارن ٽڪرن جي ڳنڍڻ تي پنهنجي طرفان ڪو به تبصرو ڪونه ڪيو آهي.

(†)     (ملڪيت تي ٽئڪس يا ٻيون ٽئڪسون يا محصول).

(41)                      (ناول، ميجورئن، iv,34).

(42)                    وڏي عالم گرِيوز وڏي محنت واري پڇا ڳاڇا کان پوءِ پڪَ ڪئي ته اؤري يا اوريَس روم جو رائج سِڪو هيو جيڪو ائنٽوننز جي زماني ۾ استعمال ٿيندو هو جنهن جي تور هڪ سؤ ارڙهن ۽ پنجين صدي جي سڪي جو وزن فقط اٺهٺ انگريزي اَن جا داڻا هوندو هو. ميجورئن پنهنجن سِڪن کي سون جي ٽڪرن ۾ رائج ڪيو هو سواءِ گال جي جتي سِڪي کي ’ساليڊس‘ چيو ويندو هو (اصل ۾ اهو به اؤريس جي برابر هوندو هو) پر تور ۾ ته نه باقي معيار ۾ هڪ جيترو هوندو هو.

(43)                    سڄو فرمان (ناول، ميجورئن vi,35) دلچسپ آهي. ’قديمي عمارتن جي تعمير سازيءَ کي بگاڙيو ويو ۽ وڏين جاين جڳهن کي فقط ان ڪري ڊاهيو ويو ته اُنهن جي مرمت ڪري سگهجي. تنهن ڪري جيڪو به پنهنجي ذاتي جڳهه تعمير ڪرائي ته اُهو ڀلي ڊٿل جاين مان سامان کڻي پنهنجي جڳهه ۾ استعمال ڪري پر شرط اهو هو ته وٽس مئجسٽريٽ جي اجازت هجي‘. ساڳئي جذبي پر گهٽ اختيارن سان، پيٽرارچ به اهو ڪم چوڏهين صدي ۾ جاري رکيو (پيٽرارچ، i,326-327) جيڪڏهن آءٌ رڳو هِنن ۽ اهڙن تاريخي قصن (يا حماقتن) کي ويهي دُهرايان ته توهان کي روم جي زوال ۽ خاتمي ۽ خاص طرح روم شهر جو چٽو نقشو نظر ايندو، ۽ هي مقصد ئي هو جيڪو منهنجي تحقيق جو موضوع هيو.

(*)     (پوڙهي ۽ نوجوان جي وچ تي).

(44)                    شهنشاهه، روگئٽين جي رحمدليءَ تي کيس تنبيهه ٿو ڪري جيڪو ٽسڪني جو سفارتي عملدار هو پر اُها ڇَندَ ايتري ته زوردار هئي جو ائين ٿي لڳو ته شهنشاهه ڄڻ مٿس پنهنجي ذاتي رنجش ۽ ڪاوڙ جي برسات وَسائي رهيو هو. (ناول، ix,47) ميجورئن جو قانون، جنهن ذريعي ضدي بيواهن کي سزا ڏني ويندي هئي، بعد ۾ جلدئي سندس جانشين سيورَس تبديل ڪري ڇڏيو هو. (ناول، سيورَس، i,37).

(45)                     سڊونيس، مدح سرائي ميجورئن (385-440).

(*)     (نائپر ندي).

(†)     (ڊان ندي).

(46)                    فوج جو جائزو ۽ ائلپس جو لنگهُه، اهي ٻَه مدح سرائيءَ جا ڏاڍا اهم ۽ مناسب موضوع آهن. (470-552) ايم- ڊي بئاٽ (عوام جي تاريخ، viii,49-55) ساواران يا سرمانڊ جي مقابلي ۾ وڌيڪ مناسب ۽ هوشيار تبصري نگار آهي.

(47)                    ’ڪجھ هٿيارن ذريعي، ڪجھ لفظن جي جادوگريءَ سان‘ اهو پرسڪَس جو جائز ۽ زوردار جملو آهي. (ليگاٽ مان حوالو، ص 42) توڙي جو اهو ننڍو ٽڪرو آهي پر ان جي باوجود ان مان ميجورئن جي تاريخ بابت گهڻي خبر پوي ٿي. جارنينڊيس وزيگاٿن جي شڪست ۽ اُنهن سان اتحاد جي حقيقت کي لڪائي ويو آهي جن کي گئليشيا ۾ وڏو مان مليو هو ۽ جن جو واضح ذڪر اِڊئٽيَس جي تاريخوار واقعن ۾ درج ٿيل آهي.

(48)                    فلورَس (ii,2) هو شاعريءَ جي تصوراتي خيالن ۾ پاڻ کي گم ٿو ڪري ڇڏي ۽ ائين تصور ٿو ڪري ته سڀيئي وڻ خود بخود جهازن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، ۽ سڄو ڪاروبار، جيئن پاليبيَس جي پهرئين ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي. ڄڻ روز مرهه جي دستور کان هٽيل ٿي لڳو.

(49)                    سڊونيَس، مدح سرائي ميجورئن (441-461) ’جڏهن ته تون ٽسڪن ۽ آيونيَن جي سمنڊن جي ڪنارن تي جنگي جهازن جي آرماڙ پيو ٺاهين ته تڏهن ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄي ساري ٻيلي کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو هو، وغيره‘. پرسڪَس جهازن جو تعداد 300 ٿو ٻڌائي جنهن کي بي ترتيبي جي ڀيٽ ذريعي اِگامينن انهن جي تعداد کي اڃا وڌائي آگسٽس جي جهازن سان وڃي ملايو آهي.

(50)                     پرڪوپيَس، ڊي بيل وئنڊل (i,8,194) جڏهن جينسيرڪ پنهنجي غير واقف مهمان کي ڪارٿيج جي بارودخاني ڏانهن وٺي ٿي ويو ته هٿيار پاڻهي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويا. ميجورئن پنهنجن پِيلي رنگ جي تالن کي ڪارو رنگ ڏياري ڇڏيو هو.

(51)                       مدح سرائي، ميجورئن (330) ’تمام گهڻي ڦُرلُٽ جي مال جمع ڪرڻ کان پوءِ سارو مال وري عياشيءَ ۾ هليو ويو ۽ اُن طاقت به تيستائين سندس ساٿ ڏنو جيستائين هو غريب هيو‘. هن انکان پوءِ رعيت جي سڀني اوڻاين ۽ عيبن کي هُن جينسيرڪ ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو.

(52)                     هن ڳوٺ ساڙائي ڇڏيا ۽ پاڻي جي تلائن ۾ زهر ملائي ڇڏيو. (پرسڪَس، ص 42) ڊوبوس (تنقيدي تاريخ، i,475) ۾ ٻڌائي ٿو ته وڏا اسٽور جن کي اتر آفريڪا جي مسلمانن زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو، سندس تباهي واري ڳولا کان ممڪن آ ته بچي وڃن‘. ٻن کان ٽن سَون تائين کڏون ساڳي جڳهه تي کوٽيون ويون هيون، ۽ هر کڏ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 400 بشيل (اَن جو پراڻو ماپو) موجود هيا. (شاهه جو سفر نامو، ص 139).

(53)                     اڊئٽيَس جيڪو رسيمر جي فتني فساد کان گئليشيا ۾ محفوظ هو، جرئتمندي ۽ ايمانداريءَ سان چوي ٿو: ’وئنڊلن کي غدارن ڌمڪيون ڏنيون آهن‘. پر هو غدارن جي نالن ٻڌائڻ کان نٽائي ٿو وڃي.

(54)                     پروڪوپيَس، ڊي بيل وئنڊل (i,8,194) اڊئٽيَس جي شاهدي ايمانداريءَ واري آهي. ’جيئن ميجورئن گال کان روم واپس ٿي موٽيو، ۽ روم جي شهنشاهت جي وقار وڌائڻ ۾ مصروف هيو، ته عين ان موقعي تي غنيمت سمجهندي، رسيمر ساڙ ۾ سڙي ويو ۽ پنهنجن ڪدورت رکندڙ ساٿين جي مشوري سان غداري ڪندي ميجورئن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ڪن ماڻهن پوءِ اظهار ڪيو ته کيس سووِي جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو هو. آءٌ ڪو به لفظ مٽائي نٿو سگهان ڇالاءِ ته اُهي لفظ ان ڏوهه ۾ شامل ڪيترن ئي مجرمن جا نالا وٺن ٿا جيڪي ميجورئن کي قتل ڪرائڻ جي سازش ۾ شامل هيا.

(55)                      ڏسو اينوڊيَس جو نشان. نمبر، cxxxv اوپيرا (i,1903) توڙي جو اها ڳالهه اڻ چٽي آهي، پر ان جي باوجود اينوڊيَس کي ميجورئن جي موت کان پنجاهه سالن کان پوءِ پاويا جو پادري بنايو ويو هو. ۽ سندس تعريف ۾ وزن ضرور آهي.

(56)                     سڊونيَس آرلس ۾ رات جي مانيءَ جو ڊگهو احوال ٻڌائي ٿو (i,ix,25-31) جيڪا سندس موت کان ڪجھ گهڙيون اڳ سندس مان ۾ ميجورئن ڪئي هئي. سندس ارادو اهو ڪونه هو ته ان شهنشاهه جي هو تعريف ڪري جيڪو مري چڪو هو، پر بس هن هڪ غير دلچسپيءَ وارو جملو هن لاءِ چئي ڇڏيو هو. ’شهنشاهه مُرڪيو، ڇو ته سندس ڪردار اهڙو هو جو توڙي جو هن پنهنجن دوستن سان ڪچهري ويٺي ڪئي، پر پوءِ به هن پنهنجن اختيارن جو استعمال ڪيو ٿي ۽ هو خوش، تازو ۽ توانا نظر اچي رهيو هو‘. هيءَ تعريف اُنهن 600 سِٽن جي مدح سرائي کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ وزني آهي جيڪا ڏوڪڙ ڀري لکرائي وئي هئي.

(57)                     سڊونيَس، (مدح سرائي ائنٿيميَس، 317) ’شهنشاهه سيورَس فطري طور تي ديوتائن جي رتبي تي پهچي چڪو هو‘. شهنشاهن جي پراڻي لسٽ ۾، جيڪا شهنشاهه جسٽينين جي وقت ۾ تيار ٿي هئي، سندس خدا پرستي ۽ سعادتمنديءَ جي بيحد تعريف ڪئي وئي آهي ۽ ان لسٽ ۾ سندس رهائش روم ۾ ڄاڻايل آهي. (سرمانڊ، سڊونيَس، صفحا 111-112).

(*)     (فرق ظاهر ڪري ٿو).

(58)                     ٽليمانٽ، جنهن جي ڪردار کي لاديني ماڻهن طرفان هميشه بي عزتو ڪيو ويندو هو، مارسيلينس جي مثبت ڪردار کي (جيڪو سوئيداس محفوظ ڪري ڇڏيو هو) هڪ لاديني تاريخدان سان منسوب ٿو ڪري. (شهنشاهن جي تاريخ، vi,330).

(59)                     پروڪوپيَس، (ڊي بيل وئنڊل، i,6,191) مارسيلينَس جي زندگي جا مختلف روپ، يونان جي تاريخدان کي ان وقت جي لاطيني تاريخوار واقعن سان ڀيٽائڻ جو ڪم ايترو آسان نه آهي.

(60)                    آءٌ اُها تعريف، جيڪا سڊونيس (مدح سرائي ميجورئن 553) ۾ هڪ نامعلوم ماسٽر، جنرل جي ڪئي هئي، ايجيڊيَس لاءِ وقف ڪريان ٿو، جيڪو ميجورئن جي فوج جي پوئين حصي جو ڪمانڊر هو. اِڊئٽيَس، هڪ عوامي رپورٽ ۾، عيسائين جي مذهبي پارسائي جي تعريف ٿو ڪري ۽ پرسڪَس سندس فوجي ڪردار جو ذڪر ٿو ڪري (ص 42).

(61)                      گريگري ٽورَن (ii,168,ii,12 ۾) پيري ڊئنيل جنهن جا خيال مٿاڇرا ۽ جديد هوندا هيا، چائلڊيرڪ جي خلاف ڪجهه اعتراض شروع ڪري ڇڏيا هيا، (فرانس جي تاريخ 1، ۽ ان تاريخ جو مقدمو، (صفحا |xxviii) پر اُهي ڊوبوس کان مطمئن آهن (تنقيد جي تاريخ، i,460-510) ته ساڳئي وقت ٻن مصنفن کان به راضي آهن جن سوئسنس جي اڪيڊمي جي انعام سان اختلاف ڪيو هو. (صفحا، 131-177,310-339). جيتري قدر چائلڊيرڪ جي جلاوطني جي مُدي جو سوال آهي، ته اهو ضروري آهي ته ايجيڊيس جي زندگي کي، اِڊئٽيَس جي تاريخوار واقعن کان به اڳتي وڌايو وڃي يا وري گريگري جي تحرير ۾ ضروري ترميم ڪئي وڃي جنهن موجب ’آڪٽئوو‘ لفظ جي بجاءِ ’ڪوارٽو ائنو‘ پڙهيو وڃي ۽ اُهو به وري اٺين سال جي بجاءِ چوٿون سال پڙهيو وڃي.

(62)                    جينسيرڪ جي سامونڊي جنگ جو احوال اسان کي پر سڪَس ٻڌايو آهي. (ليگيشن مان چونڊ ٽڪرا، ص 42) پروڪوپيَس (ڊي- بيل وئنڊل، i,5,189-190,22,228) (وڪٽروٽينِس ڊي پرسيڪيوٽ وئنڊل، i,17) ۽ رُئن، (صفحا 467-481) ۽ ساڳئي وقت سڊونيَس جي ٽن مدح سراين ۾ جنهن جي ترتيب ساوارن توڙي سرمانڊ ۾ خراب نموني ڪئي وئي آهي. (ائويٽس، vii,441-451) (ميجورئن، v,327-350 ۽ 385-440ف، ائنٿيميَس، ii,348-386) هڪڙي جڳهه تي شاعر خود پنهنجي رعيت جي ماڻهن کان متاثر ٿيو آهي ۽ زنده دلي جي هڪ تاثر سان زبردست خيال پيش ٿو ڪري. (2,348) ’دشمن وئنڊل (يعني جينسيرڪ) ڪارٿيج کان حملو ٿو ڪري ۽ هر سال اسان جي لاءِ تباهي جو سامان ٿو آڻي جيڪو هو پنهنجن جنگي جهازن ۾ ڍوئي ٿو، ۽ گرم ڪارٿيج مان توڙي ڪاڪَسَس مان اسان جي خلاف جهنگلي ۽ وحشي ماڻهن کي موڪلي ٿو ڇڏي‘.

(*)     (جبرالٽر جا ڇوڙ)

(63)                    شاعر خود رسيمر جي تڪليفن جو اعتراف ڪري ٿو. (ii,352) ’اَجيت رسيمر جنهن تي روم جي مقدر ۽ آئيندي جو دارومدار هو، توڙي جو جنگي ديوتا جو ساٿ به کيس حاصل هيو، پر پوءِ ڀي هڪ رُولو ٺڳَ ۽ لُٽيري کي تڙي ڪڍي نه سگهيو‘. اٽلي پنهنجي شڪايت ٽائبر سان ٿو ڪري ۽ روم، درياهه ديوتا جي مهربانين سان، پاڻ کي کڻائي قسطنطنيہ وٺي ٿو وڃي، قديمي حقن تان دستبردار ٿئي ٿو ۽ آرورا سان دوستي رکڻ لاءِ منٿون ٿو ڪري، جيڪا اوڀر جي ديوي هئي. هيءَ هيڏي ساري زبردست مشينري، جنهن کي ڪلاڊين جي ذهانت استعمال ڪيو هو ۽ ان جو ناجائز فائدو پڻ ورتو هو، سڊونيَس جي اجاين خيالن جو سرچشمو به اهو ئي آهي جنهن کي مٿي بيان ڪيو ويو آهي.

(*)     (تاريخ جي پهرئين ڇاپي جو ٽيون جُلد، باب، 38 تي ختم ٿي ويو).

(64)                    مرسيَن، ليؤ ۽ زينو جا اصل مصنف هيٺاهين سطح تي اچي نامڪمل ٽڪرن ۾ ورهائجي ويا هيا جن جي ڪمين ۽ ڪوتاهين جو پُورائو ڪجھ قدر ٿيوفينس، زونارَس ۽ سيڊرينَس جي تحريرن اچي ڪيو آهي.

(65)                     سينٽ پلچيريا 453 عيسوي ۾ مري وئي هئي يعني سندس مصنوعي مڙس کان چار سال اڳ هوءَ هلي وئي. ۽ يونانين طرفان سندس ورسي هر سال 10 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي آهي. هن وصيت ڪئي هئي ته سندس ورثي ۾ مليل دولت کي نيڪيءَ جي ڪمن يا وري ڪليسائي ڪمن ۾ خرچ ڪيو وڃي. ڏسو ٽليمانٽ ( ڪليسائي يادگيريون، xv,181-184).

(66)                    ڏسو پورڪوپيَس کي (ڊي بيل وئنڊل، o,4,185).

(67)                    اَسپر جي تخت تي ويهڻ کان معذوري ظاهر ڪرڻ سان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته دهريت جا داغ ڪجھ ماڻهن تي دائمي لڳي چڪا هيا ۽ اُهي نه مٽجڻ وارا هيا، جڏهن ته بربريت ٻي نسل ۾ غائب ٿي چڪي هئي.

(68)                    ٿيوفينس، (ص 95) هي هڪ تقريب جو اصل يا آغاز معلوم ٿئي ٿو جنهن کي سڄي دنيا جي عيسائين اختيار ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن منجهان مذهبي ماڻهن عجيب و غريب ۽ خطرناڪ نتيجا ڪڍيا آهن.

(69)                    سيڊرينَس، (صفحا 345-346) جيڪو بهتر ڏينهن جي ليکڪن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو، هُن اسپر جي يادگار تحريرن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

(70)                    اِساريَنس جي طاقت، اوڀر جي شهنشاهت کي، زينو ۽ اَنسٽئيَس جي، حڪومت ۾، چيڙائي ڇڏيو هو پر اهو دؤر اُنهن بربرن جي تباهيءَ جو باعث بڻيو جن ٻه سؤ ٽيهن سالن تائين پنهنجي آزاديءَ کي خطرناڪ نموني سان برقرار رکيو هو.

(71)                      ’روم جي هڪ شهري جي حيثيت ۾ تون پنهنجو شان شوڪت پنهنجي پيءُ پروڪوپيَس کان حاصل ٿو ڪرين جنهن جو حسب نسب وڃي شاهي خاندان سان ملي ٿو‘. شاعر سڊونيَس (مدح سرائي ائنٿيميَس، 67-306) پوءِ ٿورو اڳڀرو وڌي ٿو ۽ مستقبل جي شهنشاهه جي زندگي ۽ سندس ذاتي ڀاڳ بخت جي ڳالهه ڪري ٿو جنهن جي لاءِ کيس اڳ اڻپوري ڄاڻ هئي.

(72)                    سڊونيس، برداشت جي جذبي ۽ ذهانت سان معلوم ٿو ڪري ته هن ناڪامي، ائنٿيميَس جي ڪردار ۽ اخلاق کي اڳي کان به وڌيڪ چمڪائي ڇڏيو هو (210 وغيره) جنهن حاڪميت جي هڪ ڏنڊي کي ڇڏي مجبور ٿي ٻيو ڏنڊو هٿ ۾ کنيو هو (22 وغيره).

(73)                    شاعر ٻيهر ملڪ جي سڀني حڪمن کي ملهائي ٿو. (15-22) ۽ اڊئٽيَس جا واقعا انهن طاقتن جو ذڪر ڪن ٿا جن سندس فوجي پيش قدميءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي.

(74)                    ’مون اميرزادي رسيمر جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن سان شهنشاهه جي ڌيءُ کي پرڻايو ويو هو ته جيئن ملڪي حفاظت جو سلسلو وڌيڪ مضبوط ٿئي‘. (صفحا i,5,10) ليونس کان سڊونيَس جو سفر ۽ روم جي جشن کي خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. i,5,9-13، تحرير 9-21).

(75)                     سڊونيَس (i,9,23-24) پوري ايمانداريءَ سان پنهنجو مقصد، سندس محنت ۽ سندس انعام جو ذڪر ڪري ٿو. ’هن مدح سرائيءَ جو اندازو يا پوري قدرداني ته نه ٿي سگهي پر ان کي ان جي بهتر هئڻ لاءِ انعام ضرور ڏنو ويو‘. کيس 471 عيسوي ۾ ڪلرمانٽ جو پادري بڻايو ويو. (ٽليمانٽ، ڪليسائي يادگيريون، xvi,750).

(76)                    ائنٿميَس جو محل پروپونٽِس جي ڪنارن تي اڏيل هو جنهن کي مارمارا جو سمنڊ چوندا آهن. نائين صدي عيسوي ۾، اليڪيَس، جيڪو شهنشاهه ٿيوفيلس جو ناٺي هو، زمين خريد ڪرڻ جي اجازت ورتي هئي ۽ پنهنجا ڏينهن هڪ خانقاهه ۾ پورا ڪيائين، جنهن کي هن ان خوبصورت هنڌ تي ٺاهيو هو. (ڊوڪينج، عيسائي قسطنطنيہ، صفحا 117,152).

(77)                    بشپ ڪجھ اطمينان سان محسوس ڪري ٿو ته روم جي مقابلي ۾ لامذهبن ۽ دهرين کي قسطنطنيہ ۾ موڪلڻ وڌيڪ آسان هو.

(78)                    دمئسيَس، فيلسوف آئسوڊور جي زندگي ۾، (فوٽيم، ص 1049) دمئسيَس جيڪو شهنشاهه جسٽينيَن جي حڪومت جي دؤر ۾ رهندو هو، هڪ ٻيو تحريري ڪم ڪيو، جنهن ۾ روحن، شيطانن، جنن ڀُوتن ۽ لامذهبيت بابت ڳالهيون آيل آهن.

(79)                    سڊونيَس جي شاعري ۾، جنهن جي هن پوءِ مذمت ڪئي (ix,16,285)، وڏا ديوتا ئي دراصل خاص محرڪ آهن. جيڪڏهن جيروم کي فقط ورجل جي پڙهڻ تي فرشتن چهبڪ هنيو هو ته، ڪلرمانٽ جي پادري کي بيهودگي واري ڪاپي ڪرڻ تي شاعري ۽ فنونِ لطيفه جي ديوي طرفان اڃا وڌيڪ زوردار چهبُڪ لڳڻ گهرجن ها.

(80)                    اووِڊ (فاسٽ، ii,267-452) قديمي دؤر جي حماقتن جو مزيدار احوال ڏنو آهي ۽ اُنهن حماقتن ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته اُنهن لاءِ پوءِ به ماڻهن جي دل ۾ عزت ۽ احترام هوندو هو. هڪ دفعي هڪڙو سنجيدو مئجسٽريٽ اگهاڙو ٿي گهٽين مان ڀڄندو ٿي ويو ۽ ڪمال اهو جو ڪنهن به ماڻهو نه حيرت جو اظهار ڪيو ۽ نه وري اهڙي نادانيءَ تي ڪنهن کي ڪا کِل آئي.

(*)     (هڪ روايت موجب هو ٽراجن جي جنگ کان سٺ سال اڳ اڪيڊيا کان لڏي اٽلي هليو ويو هو.

(81)                      ڏسو ڊايونس کي. (هئليڪارن، i,25,65 جنهن کي هڊسن ايڊٽ ڪيو) روم جون قدامتون (ڊونئٽَس، ii,18,173-174) ۽ نارڊيني (صفحا، 386-387) وڏي محنت ڪئي آهي ته لوپرڪال جي صحيح ڳالهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪجي.

(82)                    وئٽيڪن جي مسودن مان بئرونيَس، پوپ گلئسيَس جي هن تحرير کي ڇپرايو هو. (496 عيسوي نمبر 28-45) جنهن جو عنوان آهي: ’سينيٽر ائنڊرومئچَس‘. جيڪو ٻين رومين جي خلاف هيو. اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته لوپرڪيولا جو جشن قديم روايتن موجب ملهايو وڃي. گلئسيَس هميشه اهو اندازو لڳائيندو آهي ته سندس مخالف ٿورڙا عيسائي آهن، ۽ کيس هنن اڳيان جلد آڻ نه مڃڻ گهرجي ۽ هو ان زماني جي سڀني براين ۽ مصيبتن جو ڪارڻ هن بيضرر جشن کي سمجهي ٿو.

(83)                    ’اهڙيءَ طرح اسان، جن کي خدا جي مهربانيءَ سان سڄي دنيا جي حڪومت عطا ڪئي وئي آهي… ۽ جن کي اهڙو نيڪ، پرهيزگار ۽ سدائين سوڀارو شهنشاهه ۽ پُٽ ائنٿيميَس مليو آهي… شال اُهو ئي رب ۽ سندس قدرت کيس خدا پرستي واري شاهي طاقت عطا ڪري… وغيره‘. اهو ۽ اهڙو شاندار اظهار ليؤ جو آهي جنهن کي ائنٿيميَس عزت منجهان: سائين، پيءُ ۽ پاڪ شهنشاهه ليؤ‘ جو نالو ٿو ڏئي. ڏسو (ناول، ائنٿيميَس، ii,iii,38 ۽ ٿوڊوسيَن ڪوڊ).

(84)                    هيراڪليَس (حرقل) جي مهم ۾ کيس ڪافي تڪليفون آيون هيون. (ٽليمانٽ شهنشاهن جي تاريخ ۾، 6,640) اهو ڪافي هوشياريءَ جو ڪم آهي ته ٿيوفينس وارين حالتن مان بغير زخم کائڻ جي ڪو ڪامياب ٿي وڃي، جيئن پروڪوپيَس جهڙي معتبر شخص اسان کي ٻڌايو آهي.

(*)     (جوليَس سيزر جو مخالف جنهن يوٽيڪا جي هنڌ وٽ خودڪشي ڪئي هئي جڏهن هو پنهنجي مقصد ماڻڻ ۾ ناڪام ٿيو هو.

(85)                     بيرينَس کان ڪاتو جي پيش قدمي جيڪا سائرين جي صوبي کان شروع ٿي هئي، اُها هرڪيوليَس جي پيش قدميءَ کان به وڌيڪ ڊگهي هئي جيڪا هن ٽِرپولي کان شروع ڪئي هئي. هن ٽيهن ڏينهن ۾ گرم ۽ وارياسي رڻ پٽ کي اُڪاريو ۽ اهو ضروري سمجهيو ويو ته ٻين روزمرهه جي استعمال جي شين سان گڏ چمڙي جون ٺهيل پاڻيءَ سان ڀريل مشقون به سفر جي لاءِ ضروري سمجهيون ويون، ان کان سواءِ ڪيتريون ئي ڄؤرون، جيڪي نانگ ڏنگڻ جي صورت ۾ زخم مان زهر چُوسڻ لاءِ ڪارائتيون هونديون آهن سي به کنيون ويون. (ڏسو پلوٽارچ، vi,275، باب، 56) ۽ اسرابن جي جاگرافي، (xvii,1193).

(86)                    وڏو ۽ گهڻو مواد صاف طور تي پروڪوپيَس پيش ڪري ڇڏيو آهي (ڊي- بيل وئنڊل، i,6,191) ۽ ننڍيون ڳالهيون ۽ ٻيا تفصيل جيڪي ٽليمانٽ (شهنشاهن جي تاريخ، vi,396) وڏي محنت سان بازنطيني ليکڪن ۽ اديبن کان گڏ ڪري ورتا آهن، پر اُهي يقيني به ناهن ته وري ايترا اهم به ڪونهن. تاريخدان مئلچَس ماڻهن جي دردناڪ حالت تي افسوس جو اظهار ٿو ڪري. (سُئيدا مان هڪ ٽڪرو (بازنطين جي تاريخ، ص 58) پر هو ان وقت ناانصافي ٿو ڪري جڏهن هو ليؤ تي ماڻهن کان ڦُريل دولت ميڙڻ ۽ ان کي جمع ڪرڻ جو الزام ٿو مڙهي.

(87)                    هي زمين جو ڇيڙو ڪارٿيج کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. (پروڪوپيَس، i,6,192) ۽ سِسلي کان ويهه ليگون پري آهي. (شاهه جا سفر، ص 89) اسڪيپيو (روم جو جنرل (236-183 ق.م) ان کان به اڃا اڳتي هليو ويو هو ۽ ڏکئي ڇيڙي تي وڃي ديرا ڄمايا هيائين. (ڏسو لوي جو خوش مزاجي وارو بيان، xxix,26-27).

(88)                    ٿيوفينس (ص 100) تصديق ٿو ڪري ته وئنڊلن جا ڪيترائي جهاز ٻڏي ويا هيا. جارنينڊيس جو چوڻ ته بئسيلسڪَس ڪارٿيج تي حملو ڪيو هو، ان کي صحيح طرح سان پروڙڻ جي ضرورت آهي.

(89)                    دمئسيَس وِٽ آئسوڊور ۾ (اَپڊفوٽيَم، ص 1048) ان وقت جي ٽن مختصر واقعن جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته مارسيلينَس ڪارٿيج جي ويجهو وڙهيو هو ۽ کيس سِسلي ۾ ماريو ويو هو.

(90)                    آفريڪا جي جنگ لاءِ پروڪوپيَس جو مطالعو ڪيو. (ڊي- بيل وئندل، i,6,191-193) ٿيوفينس (صفحا، 99-101) سيڊرينَس (صفحا، 349-350) ۽ زونارَس (ii,xiv,50-51) مانٽيسق (عظمت جون ڳالهيون وغيره، xx,iii,497) سامونڊي هٿيارن جي ناڪامي بابت پنهنجا جائز ويچار ونڊيا آهن.

(91)                      جارنينڊيس، ٿوڊورڪ- II ۽ يورِڪ جي حڪومتن ۾ بهترين رهبر آهي (ريبَس گيٽِسز، 44-47,675-681) اِڊئٽيَس ته جلدئي ختم ٿي وڃي ٿو، ۽ آئسوڊور وري اسپين ۾ پنهنجي معلومات کي گهڻي ڀاڱي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اُهي واقعا جن جو تعلق گال سان آهي اُنهن کي ابي ڊوبوس وڏي محنت ۽ وضاحت سان پنهنجي ٽئين ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي. (تنقيد جي تاريخ، i,424-620).

(92)                    ماريانا کي ڏسو. (اسپين جي تاريخ، i,v,5,162).

(93)                    گال جي اڻپوري پر اصلي تصوير ۽ خاص طرح آورن جو نقشو اسان کي سڊونيَس ڏيکاريو آهي، جيڪو پهريون سينيٽر ۽ پوءِ هڪ پادري جي حيثيت ۾ پنهنجي ملڪ جي قسمت لاءِ گهڻو فڪرمند هو. ڏسو- V (ليگيشن- vii) تحريرون، (i,5,9).

(94)                    سڊونيَس- iii، تحريرون، (3,65-68) گريگري تورن (ii,174,ii,24 ۾) جارنينڊيس (45,675) شايد ايڪڊيسيَس اڪيلو ئي ائويٽس جو ناٺي هو، جيڪو ٻي مڙس مان سندس زال جو پٽ هو.

(95)                     سڊونيَس- (ii، تحريرون- i,33) آخري لفظ: ’يا ته سندن ملڪ کي وڃائجي يا وري سندن وارن کي‘. سرمانڊ، (ص 25) شايد پنهنجي هيٺئين سطح جي ذهنيت مطابق ٿي هليو پر شايد سڊونيَس جي به ساڳي خواهش هئي.

(96)                    برطانيه وارن جي تاريخ کي جارنينڊيس ۾ ڳولي سگهجي ٿو. (44) ۽ (45,678) سڊونيَس (iii, تحريرون، 9,73-74) ۽ ٽورس جو گريگري (ii,170,ii,18 ۾) سڊونيَس (جيڪو ڀاڙيتو فوجين کي ’تيز‘ تازا توانا، مصروف، ضدي ۽ بهار‘ ٿو ڪوٺي، سندن جنرل سان دوستي ۽ پنهنجائپ واري لهجي ۾ مخاطب ٿو ٿئي.

(97)                    ڏسو سڊونيَس (I، تحريرون، 7,15-20) جن ۾ سرمانڊ جا حاشيا به شامل آهن. خط سندس دل وٽان لکيو ويو هو جيڪو سندس فهم ۽ مزاج مطابق هيو. سڊونيَس جو نثر، توڙي جو ڪوڙين ۽ مصنوعي ڳالهين سان ڀريل آهي، تڏهن به سندس ڦِڪي ۽ ٻاڙي شاعريءَ کان ڪيئي دفعا وڌيڪ بهتر آهي.

(98)                    جڏهن ڪئپيٽول جي مندر واري حيثيت کي ختم ڪيو ويو ته ان کي پوءِ شهري مئجسٽريٽ جي آفيس ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو اڃا تائين روم جي سينيٽر جي رهائش گاهه آهي. اُتي، بهرحال سونارن کي پنهنجن قيمتي زيورن جي نمائش ڪرڻ جو موقعو ملندو رهندو آهي.

(99)                    افسوس ته هي حاشيو لاطيني يا يوناني زبان ۾ لکيل آهي جنهن جو سنڌي ترجمو نٿو ڏئي سگهجي.(سنڌيڪار)

(*)     (ٽائبر نديءَ ۾ هڪ ٻيٽ).

(100)             سرمانڊ، (ص 17) پر ان قانون موجب فيصلي ۽ موت جي سزا جي وچ ۾ فقط ڏهن ڏينهن جي وِٿي هوندي هئي، باقي ويهه ڏينهن بعد ۾ ٿوڊوسيَس جي حڪومت ۾ وڌايا ويا هيا.

(*)     (ڪمينو، غير مقبول)

()      (روم جو هڪ سازشي شخص جنهن کي 63 ق.م ۾ ماريو ويو هو.

(101)               (اسان جي دور جي ڪئٽلائين. سڊونيَس (ii خط، 1,33,V، تحريرون، vii,13,143، تحريرون، 7,185) هو ڏوهن تي بد دعا ڏئي ٿو ۽ سيرونئٽَس جي سزا تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. شايد ان ڪري ته هو هڪ سٺو ۽ ڪردار وارو شهري آهي، يا شايد اهو روَيو هن جي خلاف سندس ذاتي رنجش وارو هجي.

(102)             ائنٿيميَس جي حڪومت ۾ رسيمر الاني جي بادشاهه کي شڪست ڏئي کيس قتل ڪيو هو،(جارنينڊيس 45,678) سندس ڀيڻ کي برگنڊي جي بادشاهه سان پرڻايو ويو هو ۽ هن سووي ڪالوني جي ماڻهن سان تمام ويجها تعلقات قائم ڪري ڇڏيا هيا جيڪي پنونيا ۽ نوريڪم ۾ رهندا هيا.

(103)             (بي صبرو ۽ اُٻهرو گلاٽيَن) سرمانڊ (پنهنجن تحريرن ۾ انوڊيَس ڏي لکي ٿو) پنهنجي درخواست خود ائنٿيميس جي حوالي ٿو ڪري. شهنشاهه شايد گلاٽيا جي صوبي ۾ ڄائو هو جنهن جا رهواسي گئلو، گريشين سڏرائيندا هيا ۽ سندن ڪم اهو هو ته هو وحشين ۽ بگڙيل ماڻهن کي به ايڪي ۽ اتفاق سان هلائڻ جي ڪوشش ڪندا هيا.

(104)             ايپيفئنيَس ٽيهن سالن تائين پاويا جو پادري رهيو هو (367-497ع) ڏسو ٽيلمانٽ (ڪليسائي يادگيريون، xvi-788) سندس نالو توڙي ڪارناما ايندڙ نسل کان لڪل رهجي وڃن ها جيڪڏهن اينوڊيَس، جيڪو سندس جانشينن منجهان هڪ هيو، سندس زندگي جي باري ۾ تفصيل سان نه لکي ها. (سرمانڊ، اوپيرا- I 1647-1692) جنهن ۾ هو کيس ان دؤر جي عظيم ڪردار جي صورت ۾ پيش ٿو ڪري.

(105)              اينوڊيَس (صفحا، 1659-1664) ايپيفئنيَس جي هِن سفارتخاني ۽ سندس بيان کي فقط ٻاڙَن ۽ اجائي لفظن جو ميڙ ۽ سکڻي ڦونڊ سان تعبير ٿو ڪري ۽ اولهه جي شهنشاهت جي خاتمي جي سببن جا ڪجھ سنجيده مثال پيش ٿو ڪري.

(106)             پرسڪس (ليگيشن مان ٽڪرا، ص 74) پروڪوپيَس (ڊي- بيل وئنڊل، i,6,191) يوڊوڪسيا ۽ سندس ڌيءُ، ميجورئن جي موت کان پوءِ آزاد ٿيا هيا. اولبريَس جو سفارتي عهدو (464ع) شايد کيس شاديءَ جي تحفي طور ڏنو ويو هو.

(107)             اوليبريَس جي مخالفت وارو روپ (پاگي جي نقطئهِ نظر جي باوجود) اوترو وقت برقرار رهيو جيترو وقت سندس حڪومت رهي. ليئو جي ڳُجهن رابطن ۽ واسطن، کي ٿيوفينس ۽ پاسچل جي واقعن ۾ پڻ تسليم ڪيو ويو آهي. اسان کي سندس مقصد يا ارادن جي ڪابه ڄاڻ ڪانهي، پر هڪ اڻ چِٽي دؤر ۾، اسان جي اڻڄاڻائي، ڪجھ عوامي معاملن ۽ ڪجھ حقيقتن تائين، پهچي وڃي ٿي.

(108)             چوڏَهن علائقن، جن ۾ روم کي آگسٽَس پاران ورهايو ويو هو، فقط هڪڙو جئنيڪيولم، ٽائبر ندي جي ٽسڪن واري طرف هيو. پر پنجين صدي عيسوي ۾ رئٽيڪن جي ٻهراڙي واري هڪ هنڌ منجهان هڪ وڏو شهر ٺهي ويو هيو، ۽ ڪليسائي ورهاڱي جنهن کي سمپليسيَس لاڳو ڪيو هو، حڪومت ڪندڙ پادري ۽ روم جا ستن مان ٻه علائقا، سينٽ پيٽر جي مکيه ڪليسا تي ڀاڙيندا هيا. ڏسو نارڊيني (قديم روم ۾، ص 67) حالتن کي پوريءَ طرح بيان ڪبو ته هڪ ڊگهو داستان ٺهي ويندو ۽ منهنجي لاءِ بهتر اهو آهي ته روم جي وڏي جاگرافي دان جي قصي بيان ڪرڻ کان پوءِ اوهان کان اجازت وٺان.

(109)             گلئيَس (تحريرون، ائنڊرومئچ ۽ بئرونيَس، 496ع، نمبر 42) سگونيَس (i,xiv، صفحا 542-543) ۽ مراتوري (اٽلي جا واقعا، iv,308-309) هڪ اڻپوري خاتون هسٽوريا مسيلا جي مدد سان هن خوني ۽ ڪاري ڌنڌي جي حقيقت کي واضح ڪيو آهي.

(110)               ’شهر ۾ رڳو ظلم ۽ بڇڙي ڪاروبار جو منظر هو‘، جڏهن وسپاسيان روم تي حملو ڪري ان کي تاراج ڪيو هو. (ڏسو ٽئسيٽَس، iii,82-83) ۽ هر شرارت ۽ رهزني هر طرف زور وٺي وئي هئي. مختلف وقتن ۽ دؤرن جا انقلاب اهڙيون برباديون پکيڙيندا آهن پر ڀلي ڪيترا به دؤر گذري وڃن پر اُهي ٽئسيٽَس جهڙي تاريخدان کي ورلي پيدا ڪندا آهن جيڪي اهڙن واقعن کي پنهنجي بيان ذريعي لازوال بنائي ڇڏيندا آهن.

(111)                 ڏسو ڊوڪينج، فئملي بازنطين، (صفحا 74-75) ايروبائنڊَس، جنهن شهنشاهه جسٽينيَن جي ڀائِٽيءَ سان شادي ڪئي هئي، هُو وڏي ٿوڊوسيَس جي اٺين پيڙهيءَ مان هيو.

(112)               اولهه جي شهنشاهت جا آخري انقلاب ٿيوفينس اڻ چٽي نموني بيان ڪيا آهن (ص 102) جارنينڊس، 45,.679) مارسيلينَس جا تاريخوار واقعا ۽ هڪ نامعلوم ليکڪ جي تحرير مان ٽڪرا جن کي اميئينس (صفحا، 716-717) جي آخري ڏينهن ۾ وئليسيَس ڇپرايو هو. جيڪڏهن فوٽيَس ناداني ڪندي ايترو مختصر نه ٿئي ها ته اسان جيڪر مئلچَس ۽ ڪئنڊيڊَس جي همعصرن جي تاريخن مان ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري وٺون ها. (ڏسو هن منجهان اقتباس، صفحا 172-179).

(113)               ڏسو گريگري ٽورن، (ii,175,ii,28 ۾ ) ڊوبوس، (تنقيد جي تاريخ، ii,613) ٻن ڀائرن جي قتل ٿيڻ شرط گنڊوبالڊ هڪدم برگنڊي جو اڪيلو بادشاهه بڻجي ويو، پر سندن نااتفاقين سبب ان بادشاهت جو زوال به جلد اچي ويو.

(114)               سڊونيَس (v,16,146) نيپوس، ايڪڊيسيَس کي اميرزادي جو خطاب ڏنو هو جنهن جو واعدو اننٿيميَس ڪيو هو. ’هن ائنٿيميَس جي ڪيل واعدي کي پورو ڪيو هو‘ (ڏسو، viii,7,224).

(115)                اپييفئنيَس کي نيپوس وزيگاٿن جو سفير ڪري موڪليو هو ته جيئن مٿن ڏَنڊن يا محصولن جو حساب لڳائي سگهي. يعني اُهي علائقا جيڪي روم جي شهنشاهت جو حصو هيا. (اينوڊيَس سرمانڊ ۾، i,1665-1669) سندس نااُميدي واري ڳالهه ٻولهه هڪ بي عزتي واري راز تي پردو وجهي ڇڏيو هو جنهن ڪري ڪلرمانٽ جو پادري سخت ناراض ٿي ويو هو. (سڊونيَس).

(116)               مئلچَس (اَپڊوفوٽيَم، ص 172، اينوڊيَس جو هڪ لطيفو يا ٽوٽڪو، BK|xxxii، سرمانڊ، اوپيرا، ii,1879) بهرحال شهنشاهه يا مکيه پادري جي سڃاڻپ جي باري ۾ اڃا ڪي شڪ ۽ گمان باقي آهن.

(117)               هنن ڀاڙيتو ويڙهاڪن جي باري ۾ جن اولهه جي شهنشاهت کي تباهه ڪيو هو، اسان کي پروڪوپيَس معلومات ڏني هئي. (ڊي- بيل گوٿيڪو، i,i,308) عام تاثر توڙي هاڻوڪا تاريخدان اوڊئسر جي نمائندگي ڪن ٿا توڙي جو اُهو هڪ ڌاريو بادشاهه هو ۽ هن ڌاري فوج وٺي اٽلي تي پنهنجي رعيت جي ماڻهن تي حملو ڪيو هو.

(118)               ’اوريسٽس، ان وقت جڏهن اٽيلا اٽلي ۾ داخل ٿيو هو، هڪدم ان سان مليو هو جنهن کيس پنهنجو سيڪريٽري بڻايو هو‘. نامعلوم (ويلس، ص 716) کانئس تاريخ ۾ ڪو مغالطو ٿيو آهي، پر اسان سندس معلومات تي کيس داد ڏيون ٿا ته اٽيلا جو سيڪريٽري آگسٽولس جو پيءُ هيو.

(*)     (باب، چوٽيهين ۾).

(*)     (ڦِريو يا بدليو).

(119)               ڏسو اينوڊيَس (وِٽ، ايپيفئنيَس سرمانڊ i,1669-1670) هو پروڪوپيَس جي بيان کي وڌيڪ مانائتو ۽ اثرائتو ٿو بنائي توڙي جو اسان کي اهو شڪ ضرور آهي ته شيطان واقعي پاويا جي گهيري ڪرڻ جي سازش ڪئي هئي ته جيئن هو پادري ۽ سندس پوئلڳن کي تڪليف پهچائي سگهن.

()      (باب، چوٽيهون).

(120)             جارنينڊيس (53-54,692-695) ايم- ڊي بئاٽ (يورپ جي ماڻهن جي تاريخ، viii,221-228) اوڊئسر جي اصل نسل ۽ سندس جنگي مُهمن جي باري ۾ چٽيءَ طرح وضاحتون ڪيون آهن. آءٌ ته يقيني طور تي اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته اهو ساڳيو ئي شخص هو جنهن ائنگرس کي ڦُري تاراج ڪيو هو ۽ جنهن سئڪسن لُٽيرن جي سامونڊي ٻيڙي جي ڪمان پڻ سنڀالي هئي. (گريگري ٽورن، ii,170,ii,18 ۾).

(121)               نامعلوم، (ويلس، ص 717). هو سينٽ سيورينَس جي زندگي جي باري ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو جيڪا اڃا تائين موجود آهي ۽ جنهن ۾ اڃا اهڙا حوالا به آهن جن جي باري ۾ معلومات نه ملي سگهي آهي پر اُها نهايت ئي اهم تاريخ آهي، جيڪا سندس شاگرد يوجيپيَس (511 عيسوي) سندس موت کان ٽيهه سال پوءِ گڏ ڪري ڇپرائي هئي. ڏسو ٽليمانٽ (ڪليسائي يادگيريون، xvi,168-181).

(122)             ٿيوفينَس، جيڪو کيس گاٿ ٿو ڪوٺي ۽ اها ڳالهه مڃي ٿو ته هو پڙهيل لکيل هو ۽ جنهن جي پالنا اٽلي ۾ ٿي هئي (ص 102) ۽ جيئن ته هي مضبوط اظهار ڪنهن ادبي معنيٰ ۽ مفهوم سان لاڳاپيل ناهي، ته انکي شاهي محافظن جي طويل خدمت جي حوالي سان سمجهائي سگهجي ٿو.

(123)             ڪئسيوڊور (تاريخوار واقعن ۾ 476ع) لڳي ٿو ته هن پاڻ کي بادشاهه جو خيالي خطاب ڏنو هو، جنهن ۾ نه ته ڪا قوم ۽ نه وري ڪو ملڪ شامل هو.

(124)             مئلچَس، جنهن جي نقصان ٿيڻ تي اسان کي افسوس ٿيو هو، هن خاص الخاص سفارتخاني کي سينيٽ کان وٺي زينو تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي (ليگيشن منجهان ٽڪرا، 93) هڪ نامعلوم اقتباس (ص 717) ۽ ٻيو ڪئنڊيڊَس منجهان ٽڪرو (اَپڊفوٽيَم، ص 176) به ڪجھ نه ڪجھ مناسب ٿو معلوم ٿئي.

(125)              جنهن سال اولهه جي شهنشاهت جو ڏيئو صفا اُجهامي ويو هو، ان جو پوريءَ طرح تعيُن نه ٿي سگهيو آهي ته اُهو ڪهڙو سال هيو. هڪ عام خيال ته اهو سال شايد 476ع هجي، ان جي تصديق ڪيترن واقعن منجهان ٿي آهي. پر ٻه تاريخون جيڪي جارنينڊيس اسان کي ٻڌايون آهن (46,680) ان مطابق پوءِ تاريخ کي 479ع تائين پوئتي ڪرڻو پوندو؛ توڙي جو ايم- ڊي بئاٽ هن جي شاهديءَ کي ايتري اهميت نه ڏني آهي، پوءِ به هن ڪجھ اهڙن واقعن جا حوالا ڏنا آهن جن مان هن جي مؤقف جي تائيد ٿئي ٿي.

(126)             سندس انعام اڪرام ڊوڪينج ۾ ڏسو (بازنطين مان حوالا، ص 81) پر سڪَس (ليگيشن مان ٽڪرا، ص 56) مافي (ii,314). اسان اهڙو يا اهڙي قسم جو ٻيو مثال به پيش ڪري سگهون ٿا، روم جي شهنشاهت جي عام ۽ گهٽ ۾ گهٽ درجي جي رعيت جي ماڻهن به ’اميرزادي‘ جهڙو عظيم لقب اختيار ڪري ڇڏيو هيو، جيڪو آئرلينڊ جي تبديليءَ کان پوءِ سڄي قوم اختيار ڪري ڇڏيو آهي.

(127)             نامعلوم، (ويلس، ص 716) جارنينڊيس اولهه جي شهنشاهت جي ٻن سنن (46,680) جي تصديق ڪري ٿو.

(128)             سينيڪا جي تقرير جي فصاحت بلاغت (تحريرون، |xxxvi) کي ڏسو. فيلسوف کي شايد ياد آيو هجي ته عياشي، نسب وارو هڪ صيغو آهي ۽ وڏو اسڪيپيو جنهن جا اخلاق عادتون، مطالعي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي تجربن سان چمڪي پيون هيون، پر خود هن تي به مخالفن ۽ سندس همعصرن جا ڪيتائي الزام لڳي چڪا هيا. (لِوي، xxix,19).

(*)     (ماريَس).

(129)             سُلا، هڪ فوجي سپاهيءَ جي زبان ۾ سندس ذهانت جي تعريف ڪري ٿو ته ڪيئن نه هن هڪ قلعي جون زبردست نقشو تيار ڪيو هو. (پلني، فطري تاريخ، xviii,7) فيڊرَس جيڪو ان جون ديوارون ٿو ٺاهي، ته ان سڄي منظر نامي منجهان هڪ ڦِڪو قصو ٺهي پيو آهي (ii,5) جيڪو هن طرح آهي:

”شهنشاهه ٽائبيريَس، نئپلس ڏانهن ويندي پنهنجي گهر مسينيَم پهتو جنهن کي جبل جي چوٽيءَ تي لُڪيولَس ٺهرايو هو، اُهو سِسلي ۽ ٽسڪن جي سمنڊن مٿان ڄڻ ڪَرَ کنيون بيٺو هو“.

(130)             ستن بيشمار ڊراچمن جي تعداد منجهان ٻه سؤ پنجاهه جي تعداد جو اڌ، تنهن هوندي به ماريَس جي هٿ ۾ فقط عياشي واري رٽائرمنٽ واري زندگي هئي. روم جا ماڻهو تڪبر مان کانئـُس نفرت ڪندا هيا ۽ اُهي سندس چُرپر تي به سخت ناراض ٿيندا هيا. ڏسو پلو ٽارچ کي (ماريو ۾ ii,524، باب چوٽيهون).

(131)               لُوڪيولَس کي ٻيا به ڪيترائي شاندار گهَر هيا جيڪي بائي، نئپلس ۽ ٽسڪيولَم جي هنڌن وٽ ٺهيل هيا. هو فخر منجهان چَوندو هو ته هو پکين، جيئن ٻَگھن ۽ ڪُونجن جيان موسم جي مناسبت جي لحاظ سان پنهنجون رهائش گاهون مٽائيندو رهندو هو.

(132)             بزرگ سيورينَس سال 482ع ۾ نوريڪم ۾ وفات ڪئي هئي. ڇَهن سالن کان پوءِ سندس مَيت جيڪا جتان گذري ٿي، ماڻهن کي، ڪرشما ڏيکاريندي پئي وئي، سندس مُريدن ۽ عقيدتمندن پاران انکي اٽلي نِيو ويو. هڪ عورت نيپوليپن جي ساڻس عقيدت ايتري هئي جو هن لُوڪيولن جي گهر ۾ ان بزرگ جي ان وقت دعوت ڪئي هئي جڏهن آگسٽولَس هن جهان ۾ نه رهيو هو. (ڏسو بئرونيَس ڪليسائي يادگيريون، 496ع نمبر 50-51) ۽ ٽليمانٽ (ڪليسائي يادگيريون، xvi,178-181) يوجيپيَس جي اصلي زندگي ۾ ڏسو. بزرگ سيورينَس جي مرڻ کان پوءِ جي نئپلس ۾ منتقليءَ جو بيان سچو ۽ مستند آهي.

(*)     (سفارتڪارن لاءِ وقف ٿيل)

(133)             ايلچي فاسٽي جي رجسٽرن ۽ لک پڙهه جي سامان جو بيان شايد پاگي يا مراتوري ۾ ملي سگهي. اوڊئسر يا سينيٽ جن سفارتڪارن کي مقرر ڪيو هو اُنهن جي حيثيت کي اوڀر جي شهنشاهت طرفان پڻ تسليم ڪيو ويو هو.

(134)             سڊونيَس اپولينئريَس، (i، تحريرون، 9,22، جن کي سرمانڊ ايڊٽ ڪيو هو) ان وقت جي ٻن اهم ۽ ناميارن سينيٽرن کي هڪ ٻئي سان ڀيٽيو آهي. (468ع). اُنهن جا نالا گينئڊيَس ۽ اوينـَس هيا. پهرئين کي هو شاندار شخصيت جو مالڪ ٿو سمجهي ۽ ٻي کي هڪ باڪردار ماڻهو ٿو سڏي جيڪو پنهنجي ذاتي توڙي عام زندگي ۾ اوچي اخلاق ۽ ڪردار جو مالڪ هو. بئسيليَس جونيئَر جيڪو شايد سندس پٽ هو، اُهو سن 480ع ۾ سفارتڪار هو.

(135)              ايپيفئنيَس، پاويا جي ماڻهن جي سفارش ۽ روحاني مدد ڪئي هِن بادشاهه پهريون ته کين پنجن سالن تائين هر ڳالهه جي مُهلت ڏني ۽ پوءِ کين محلات جي مُنهندار پلئجيَس جي ظلمن کان کين نجات ڏياري. (اينوڊيَس، وِٽ سينٽ ايپيفئنيَس ۾ (سرمانڊ، i,1670-1672).

(*)     (منتقل ڪندي)

(136)             ڏسو بئرونيَس (ڪليسائي واقعن ۾ 483ع نمبر 10-15) سورهَن سالن کان پوءِ، بئسيليَس جي غلط ڪمن کي، هڪ عوامي گڏجاڻيءَ ۾ سماچَس پادري طرفان نِنديو ويو هو.

(137)             ڊيڪن پال، اوڊئسر جي جنگين کي چڱيءَ طرح بيان ڪيو آهي (ڊي جيسٽ لئنگوبارڊ، i,19,757 جنهن کي گروٽيَس ايڊٽ ڪيو هو ۽ ڪئسيوڊورَس جي ٻن تاريخوار واقعن توڙي ڪسپينن پڻ ان کي بيان ڪيو هو. بزرگ سيورينَس جي زندگي جنهن کي يوجيپيَس بيان ڪيو آهي ۽ جنهن کي مُنهندار ڊي بئاٽ چڱيءَ طرح پڙهيو هو، ان منجهان نوريڪم جي تباهي ۽ بَوئريا جي قديمي جڳهن جي برباديءَ جي باري ۾ حقيقتون ۽ واقعا بيان ٿيل آهن.

(138)             ٽئسيٽَس (واقعا، iii,53) جن منجهان روم جي اندروني زوال جي داستان کي ورجايو ويو آهي. (صفحا، 351-361).

(139)             اوڊئسر جي حملي ڪرڻ واري وقت تي اٽلي ۾ سخت ڏڪار آيو هو ۽ هيرولي جي بادشاهه ان کي چڱيءَ طرح بيان ڪيو هو جنهن کي وري فرانس جي شاعر ليس موئس نثر توڙي نظم ۾ قلمبند ڪيو آهي. (ii,174,206 جيڪو بعد ۾ ايڊٽ ٿيو) مون کي، بهرحال ان ڳالهه جي خبر ڪانهي ته اها معلومات کيس ڪٿان ملي، پر مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته جيڪو ڪجھ به هُن ٻڌايو آهي، تاريخي لحاظ سان اُهو سراسر غلط آهي.

(140)             سينٽ ائمبروز جي تحرير کي ڏسو، (xxxix). جنهن کي مراتوري بيان ڪيو آهي. (i,xxi,354).

(141)               (ڪليسائي واقعا، 496ع، نمبر، 36).

(142)             پلني، (فطري تاريخ، xviii,7).

(143)             اطمينان يا صبر جا اِهي موضوع آهن جن کي سِسرو پنهنجي دوست پئپيريَس پيٽَس کي ٻڌايا آهن ته اُنهن تي غور ڪري. (ix,17). هي تڏهن جا واقعا آهن جڏهن سيزر فوجي ڪمانڊر هيو. ’مون فقط اهو ٻڌايو آهي ته زندگي بهترين طريقي سان ڪيئن گذاري سگهجي ٿي‘. هي اشارو هڪ مشهور روم جي فيلسوف ڏانهن آهي جيڪو زندگي يا موت جي سلسلي ۾ اهو چاهيندو هيو ته اُنهن جي چُونڊ ڪرڻ ۾ به ماڻهو آزاد هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org