سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:39

قسطنطنيہ جو نقشو ٽِڪنڊو آهي، سندس سمنڊ وارن ٻن پاسن کي دشمن جي پهچ کان محفوظ بڻايو ويو آهي، پروپونٽس جي قدرتي بيهڪ ئي حفاظت واري آهي باقي بندر کي انساني ڪوششن ذريعي مضبوط ڪيو ويو آهي. ٻن پاڻين جي وچ ۾ جيڪا بيهڪ نظر اچي ٿي اُها ٽِڪنڊي واري آهي، زميني ٽُڪري کي مضبوط ۽ ٻِٽي ديوار ذريعي محفوظ بنايو ويو آهي ۽ ان کان سواءِ ديوار جي ڀر ۾ هڪ سؤ فوٽ اونهي هڪ کاهي پڻ کوٽيل آهي جيڪا پڻ دفاعي لحاظ کان اهم آهي. قلعن جي هن سلسلي جي خلاف جنهن کي فرانزا، جيڪو اکين ڏٺو شاهد هيو، ڇَهن ميلن جو ڊگهو(36) سلسلو ٿو ڪوٺي، ترڪن وڏي حملي جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ شهنشاهه، جدا جدا ڪم مختلف ماڻهن ۾ ورهائڻ ۽ خطرناڪ هنڌن جي حفاظت جي بندوبست ڪرڻ کان پوءِ، ٻاهرين ديوار کي محفوظ بنائڻ جي ڪمن ۾ لڳي ويو. گهيري جي پهريَن ڏينهن ۾، يوناني سپاهي کاهيءَ ۾ هيٺ لهي ويا يا وري ميدان تي جُلهه ڪيائون، پر کين جلد خبر پئجي وئي ته سندن تعداد جي حساب سان، هڪ عيسائي ويهن ترڪن جي مقابلي ۾ به وڌيڪ ڪارائتو هو ۽ هنن شروعاتي بهادري وارن مرحلن کان پوءِ ان ڳالهه تي کين اطمينان هيو ته هو پنهنجن مزائيلن سان قلعي جي حفاظت ڪري سگهندا. هن دورانديشيءَ تي هروڀرو بزدليءَ جو الزام نٿي لڳي سگهيو. ساڳي وقت ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته اها قوم واقعي بزدل ۽ نِيچ هئي پر سندن آخري ڪانسٽئٽائن سندن دلير سپوت هيو ۽ سندس مددگار به اهڙا هيا جن ۾ روايتي رومي وصفون موجود هيون ۽ جيڪي ٻاهريون طاقتون هيون اُنهن مغرب جي سورهيائي يا وصفن ۽ قدرن کي دل سان تسليم ٿي ڪيو. لڳاتار نيزن ۽ تيرن جي بارش ٿي رهي هئي جن مان دونهون، آواز ۽ بارود توڙي بندوقن جي باهه جا شعلا ٿي نڪتا. سندن ننڍا هٿيار جيڪي ساڳئي وقت تي استعمال ڪيا ٿي ويا، اُنهن ۾ پنجن کان ڏهن تائين شيهي جا بالَ، جن جي سائيز اکروٽ جيتري هئي، بارود يا شوري جي طاقت جي زور تي ڇوڙيا ويا ۽ هڪڙي ئي وارَ ۾ خبر ناهي ڪيترين سيني تي ٻڌل شيلڊن ۽ جسمن مان پار ٿي ويا ٿي. پر ترڪن جا حملا هاڻي خاموش ٿي ويا هيا يا وري تباهيءَ جو شڪار ٿي ويا هيا. هر ڏينهن تي عيسائين جي سائنس يا سندن حرفتون وڌندڙ هيون پر هر روز سندن بارود يا مشيني گولن کي اڇلائڻ جي شوري جو ذخيرو ختم ٿيندو رهيو: سندن توبخانو، سائيز توڙي تعداد ۾ ايترو وڏو ۽ گهڻو نه هيو ۽ جيڪڏهن وٽن ڪجھ توبون هيون به ته اُنهن کي ديوارن تي کين فِٽ ڪرڻ ڏکيو ٿي لڳو، ته متان پراڻيون ديوارون مشينن جي وزن ۽ ڌماڪي سان ڦهڪو کائي ڊهي نه پَون(37). تباهيءَ بابت اهو راز مسلمانن تائين به کُلي ويو هيو، جن ان مان زوردار طاقت، دولت ۽ آمراڻي حڪمرانيءَ ذريعي ڀرپور فائدو ورتو. محمد جي وڏي توبخاني بابت جدا ماڻهن کي خبر پئي ۽ اُها هڪ ان زماني جي تاريخي مشين هئي ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هر طرف کان هڪ هڪ ماڻهوءَ جي ضرورت پوندي هئي ۽ اهي ماڻهو به اوترا ئي جانٺا ۽ طاقتور هوندا هيا(38) ۽ توبخاني جي هڪ ڊگهي سلسلي جو رُخ جنهن ۾ بندوقون ۽ توبون شامل هيون، ديوارن ڏانهن ڪيل هو. چوڏهن توبن منجهان زوردار ڌماڪا ٿي رهيا هيا جن جا گولا پري پري وڃي ٿي ڪريا، اُنهن منجهان هڪڙي توب اهڙي به هئي جنهن ۾ هڪ سؤ ٽيهه بندوقون فِٽ ٿيل هيون يا وري اُن مان هڪ سؤ ٽيهه گوليون هڪ ئي وقت تي ٻاهر ٿي نڪتيون. تنهن هوندي به سلطان جي حملن بابت اسان يقين سان چئي سگهون ٿا ته نئين سائنس يا مشيني ايجادن جي اها اڃا ابتدا مَس هئي. توب هلائڻ وقت ان جو ماهر موجود هوندو هو جيڪو وقت يا وقت جي گهڙين کي بيهي ڳڻيندو هيو ۽ وڏي توب کي پهريون بارود سان ڀريو ويندو هو ۽ پوءِ ان کي ڇوڙيو ويندو هو ۽ اُها توب ڏينهن ۾ ست دفعا هلائي سگهبي هئي(39). بدقسمتيءَ سان گرم ٿيل مادو ڦاٽي پيو ۽ ڪيترائي توب هلائڻ وارا مري ويا، بهرحال هڪ ماهر کي داد ڏنو ويو جنهن ان خطري ۽ حادثي کي وڌيڪ خطرناڪ ٿيڻ کان بچائي ورتو جنهن هر ڌماڪي کان پوءِ مشين جي ٻوٿ تي تيل ٿي هاريو.

جيڪي پهريان گولا مشينن منجهان ڇوڙيا ويا ته اُنهن جو اثر گهٽ پر آواز وڌيڪ هيو تنهنڪري هڪ عيسائي کين صلاح ڏني ته انجنيئرن کي سيکاريو ويو ته هو قلعي جي خاص هنڌن جي ٻن مخالف طرفن کان پنهنجو نشانو وٺن. توڙي کڻي اهڙي حملي ۾ ڪجهه اوڻايون ۽ ڪمزوريون هيون پر تڏهن به گولن جي لڳاتار ڇُٽڻ ۽ باهه جي شعلن ديوارن تي پنهنجا اثر ضرور ڇڏيا ۽ ترڪ جڏهن اونهي کاهيءَ جي ڪنارن تائين پهتا ته کين احساس ٿيو ته کين ان کـَڏ يا کاهيءَ کي هڪدم ڀرڻ گهرجي ۽ هو بنا دير ان ڪم ۾ لڳي ويا ۽ ڪوشش ڪيائون ته حملي جي خاص هنڌ تائين رستو ٺاهيو وڃي(40) ڪاٺين جا بيشمار ڀاڪُر ۽ بنڊل(*)، دٻا ۽ ڪاٺين جي وڏن بُنڊن کي کاهيءَ ۾ وڌو ويو ته جيئن جلد ڀرجي سگهي، ان کانسواءِ اُٻهرائيءَ جي اها حالت هئي جو مکيه ماڻهو جيڪي ڪمزور ٿي ڪنهن ڪم جا نه رهيا هيا اُنهن کي به مُنهن ڀَر کاهيءَ ۾ اُڇلايو ٿي ويو ته جيئن وڏي کَڏ جلد ڀرجي سگهي. گهيري ڪندڙ جو ڪم کاهيءَ کي ڀرڻ جو هيو ۽ گند ڪچري کي صاف ڪرڻ سان گهيري ۾ آيلن جي حفاظت جي صورتحال بهتر ٿي رهي هئي ۽ ڊگهي ۽ خوني لڙائيءَ کان پوءِ به اُها ڄاري جنهن کي ڏينهن جو اُڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، رات ٿيڻ تائين به اُن جا بَخيا اُڊڙيل نظر ٿي آيا. محمّد جو ٻيو قدم کاڻين کي آزمائڻ جو هيو، پر زمين پٿريلي هئي ۽ جيڪا به ڪوشش ڪئي ٿي وئي ته ان کي عيسائي انجنيئرن روڪي ناڪام بڻائي ٿي ڇڏيو، ۽ اڃا تائين ڪابه اهڙي سائنس ايجاد نه ٿي هئي جو پهاڙن ۽ جبلن کي بارودي ڌماڪن ذريعي ٽڪرا ٽڪرا ڪري هوا ۾ اُڏائي ڇڏي ها، جنهن ۾ منارا توڙي شهر به اُکڙي ۽ اُڏري وڃن ها(41). قسطنطنيہ جي گهيري کي هڪ ڳالهه ڪافي نمايان ڪري ٿي ته قديم توڙي جديد توبخانا پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا هيا. پراڻيون بندوقون ۽ توبون جديد انجڻين سان ملايون ويون هيون جن ذريعي تيرن توڙي پٿرن کي پري پنڌ تائين اُڇلائڻ آسان ٿي ويو هو ۽ گوليون توڙي داسا يا لوها ڏنڊا به ديوارن ڊاهڻ لاءِ استعمال ڪيا ٿي ويا ۽ بارودي شوري جي دريافت، نه وسامندڙ باهه کي وسائڻ لاءِ پاڻيءَ جي استعمال جي منع نه ڪئي هئي. هڪ تمام وڏو هلندڙ ڦرندڙ بُرج ٺاهيو ويو هو جنهن ۾ هٿيار ۽ ڪاٺين جا بنڊل رکيل هيا ۽ سانَن (سانَهن) جي کَلُن کي ٽيڻو ڪري اُنهن کي ڍڪيو ويو هو ته جيئن دشمن جي حملي کان محفوظ رهن ۽ بُرجن جي سوراخن مان بندوقن ۽ توبن جا لڳاتار وارَ ڪيا ٿي ويا؛ مُهڙئين پاسي کان ٽي دروازا ٺاهيا ويا هيا ته جيئن اُتان دشمن خلاف حملا ڪري سگهجن ۽ ضرورت پوڻ تي سپاهين کي اُتان حفاظت سان ڪڍي به سگهجي. هو هڪ ڏاڪڻ ذريعي مٿئين حصي تي چڙهيا ۽ چرخين يا ڦِرڻين ذريعي هڪ اهڙو سرشتو جوڙي ورتائون جو چُرندڙ پُرندڙ ڏاڪڻين ذريعي هڪ عارضي پُل تعمير ٿي وئي ته جيئن قلعي کي نقصان رَسڻ جي صورت ۾ ٻيو نعم البدل موجود هجي. اهڙين ترڪيبن سان جيڪي يونانين کي ناراض ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون، سينٽ رومنَس جي مناري کي وڏي محنت ۽ سخت ڪوششن کان پوءِ آخرڪار ڊاهيو ويو، ترڪن کي به ڌِڪي پٺتي هٽايو ويو پر پوءِ انڌاري ٿيڻ تي اُنهن ڪوشش ۾ ڪجهه رڪاوٽ اچي وئي پر کين يقين هو ته جيئن صبح ٿيندو، روشني ڦهلبي ته هو نئين جوش ۽ جذبي سان پنهنجن حملن کي جاري رکندا ۽ آخرڪار سوڀ حاصل ڪندا. هن مختصر وقفي ۾ هنن پنهنجين اُميدن ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ هر لمحي کين شهنشاهه جسٽينئني() طرفان سندن همت افزائي ٿيندي رهي جنهن سڄي رات جاڳي ساڻن گڏ گذاري ۽ گڏجي اهڙا اُپاءَ ورتائون ته جيئن ڪليسا ۽ شهر کي هر صورت ۾ بچايو وڃي. صبح ٿيڻ شرط سلطان وڏي حيرت ۽ غمگينيءَ مان ڏٺو ته سندس ڪاٺ جو ٺهيل شاندار بُرج سڙي رَک ٿي چڪو هو، کاهي صاف هئي جنهن کي اصل حالت ۾ آندو ويو هيو ۽ سينٽ رومنَس جو منارو اڳي وانگر مضبوط ۽ سالم بيٺو هو. هن پنهنجين  ِرٿن جي ناڪاميءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هڪ اعتراض جوڳو يا ملحداڻو جملو پنهنجي واتان ڪڍيائين ته ستٽيهه هزار پيغمبرن جا قول به کيس اعتبار ڪرڻ تي مجبور نٿا ڪري سگهن ته ڪافرن هيترو سارو ڪم، ايتري ٿورڙي وقت ۾، ڪيئن مڪمل ڪيو هوندو.

عيسائي بادشاهن جي ڪشاده دلي مرده دلي ۾ بدلجي چڪي هئي پر گهيري جي پهرين مرحلن ۾ ڪانسٽئنسٽائن، آرچيپلئگلو، موريا ۽ سِسلي جي ٻيٽن تي کاڌي خوراڪ يا ٻي ضروري سامان جي مُهيا ٿيڻ کي يقيني بنائي ڇڏيو هو. اپريل جي شروعات ۾، پنج(42) وڏا جهاز، جن ۾ جنگي ۽ ٻيو ضروري سامان هيو، چوس جي بندر کان هلڻا هيا پر اُتر جي خطرناڪ ۽ طوفاني هوائن انهن کي روڪي ڇڏيو هيو(43)، هنن منجهان هڪڙي جهاز تي شاهي جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو(*)، باقي چار جهاز جينئا جا هيا جن ۾ ڪڻڪ، جَوَ، شراب، تيل ۽ ڀاڄيون موجود هيون ۽ وڏي ڳالهه ته گاديءَ جي هنڌ ۾ خدمتن ڪرڻ لاءِ، ان جهاز ۾ فوجي ۽ سامونڊي جوڌا به سوار هيا. روح پرور هوا گهُلي پئي جيڪا ڪافي دير تائين هلندي رهي ۽ ٻي ڏينهن تي ڏکڻ کان هڪ تيز واچوڙي سندن جهازن کي هيليسپانٽ ۽ پروپونٽِس پهچائي ڇڏيو، پر شهر، زميني توڙي سامونڊي رستن ذريعي آمدرفت لاءِ کليل هيو ۽ ترڪن جو سامونڊي ٻيڙو (آرماڙ) باسفورس پار ڪندي ئي، پهرين تاريخ جي اڌ چنڊ جيان هر ڪناري طرف ڦهلجي ويو ته جيئن مخالفن جي مددگار جٿن جي آمد کي روڪي سگهجي. پڙهندڙن، جنهن جي ذهن ۾ قسطنطنيہ جي جاگرافي جو نقشو موجود آهي ته اُهو هن زبردست نظاري مان لطف اندوز ٿيندو ته ساڳي وقت اهڙين ڪوششن جي ساراهه به ضرور ڪندو. عيسائين جا پنج جهاز، مٿس سوار ماڻهن جي خوشين، هُوڪرن ۽ هنيوڇين ۾، سِڙهن ۽ بادبانن جي زور تي ڌوڪيندا ۽ اڳتي وڌندا رهيا ۽ سندن سامهون ترڪن جا ٽي سؤ جهاز موجود هيا ٻي طرف هڪ مضبوط قلعي ۽ سندن ڪئمپ ۾ يورپ توڙي ايشيا جا بيشمار تماشبين موجود هيا، جيڪي سندن مدد لاءِ آيل فوجين توڙي سيڌي سامان پهچڻ جو بيچينيءَ سان انتظار  ڪري رهيا هيا. هڪ سرسري جائزي وٺڻ سان ڏسندڙن کي اها صورتحال شَڪ واري هرگز نٿي لڳي ڇاڪاڻ ته مسلمانن جي برتري واضح نظر اچي رهي هئي، ان کانسواءِ سندن تعداد توڙي بهادري پڻ سندن مخالفن جي مقابلي ۾ وڌيڪ نروار ۽ نمايان هئي. پر سندن سامونڊي جهازن جي ٻيڙي کي اُٻهرائيءَ ۽ اڻپورين ڪوششن سان تيار ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪاريگرن جي ذهني ڪاوشن جي بجاءِ سلطان جي ذاتي خواهش جو عمل دخل زياده هيو. سندن خوشحاليءَ جي ڏينهن ۾ ترڪن ان ڳالهه کي دل سان تسليم ڪيو هو ته الله تعاليٰ زمين يا ڌرتيءَ جي حڪمراني ته کين بخشي ڇڏي هئي باقي سمنڊ ڪافرن جي حوالي ڪري ڇڏيو هئائين(44)، ۽ بعد ۾ جيڪي شڪستون کين آيون يا سندن زوال ايندو ويو ته ان سان مٿي بيان ڪيل حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي. وٽن فقط ارڙهن جهاز اهڙا هيا جيڪي مقابلي ۾ ڳاڻاٽي جهڙا هيا باقي ٻيون ته کليل ٻيڙيون ۽ ننڍا جهاز هيا جن جي بناوٽ ۾ ڪابه مهارت نظر نٿي آئي جن ۾ فوجي ته گهڻا هيا پر اُنهن ۾ توبخاني جو نالو نشان ڪونه هو، ۽ جيئن ته سپاهين يا ويڙهاڪن جي همت به تڏهن وڌندي آهي جڏهن هو پاڻ وٽ طاقتور هٿيار ڏسندا آهن، پر هن افسوسناڪ صورتحال تي سندن خاص فوجي به جن کي جئينيسري (جانثار) چيو ويندو هو، ڊڄي ۽ ڪنبي رهيا هيا، جڏهن ته عيسائين جي ڪئمپ ۾ پنج وڏا ۽ مضبوط جهاز لنگر انداز هيا جن جي رهبري ماهر ڪشتيبان ڪري رهيا هيا ۽ اُنهن ۾ اٽلي ۽ يونان جا تجربيڪار ناکئا ويٺل هيا جن کي سامونڊي سفرن توڙي خطرن جو مڪمل تجربو هو. وڏن ۽ ڳئورن جهازن جي ڪوشش اها هئي ته هر رڪاوٽ کي هٽائي پري ڪن يا ان کي صفا ٻوڙي ڇڏين ۽ پنهنجي رستي کي يقيني بڻائن ته جيئن سندن جهازن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪا به رنڊڪ نه اچي؛ سندن توبخانو به پاڻيءَ تي موجود هيو، اهڙيءَ طرح پاڻيٺ- گاڏڙ باهه جا شعلا سندن مخالفن مٿان وسي رهيا هيا ۽ اهڙن موقعن تي هوائون توڙي سامونڊي لهرون پڻ اُنهن جي مدد ڪنديون آهن جيڪي ماهر جهازران هوندا آهن. هن مقابلي ۾ هڪ شاهي جهاز، جنهن تي ذري گهٽ قبضو ٿي چڪو هو، پر ان کي جينئا وارن بچائي ورتو ۽ ترڪن کي، جن پري توڙي ويجهي پنڌ تان حملا ٿي ڪيا، پوئتي ڌِڪي ڀڄايو ويو ۽ سندن نقصان به تمام گهڻو ٿيو، محمد سامونڊي ڪناري تي گهوڙي تي چڙهيل هيو ته جيئن ذاتي طور تي پنهنجين فوجين کي همت ۽ حوصلو ڏئي سگهي ۽ کين انعامن اڪرامن جون لالچون به ڏياريائين ٿي ته منجهن خوف به اهڙو پيدا ٿي ڪيائين جيڪو دشمنن جي دڙڪن ۽ دهمانن کان به وڌيڪ خطرناڪ هو. سندس جوش جذبا سندس مُنهن جي تيورَن ۽ جسم جي چرپر مان صاف نظر اچي رهيا هيا ته(45) هو ڪيترو نه ڪاوڙ ۽ جوش ۾ ڀريل هو ۽ ائين ٿي لڳو ته ڄڻ خود جنگ جي ميدان تي وڙهڻ لاءِ تيار هجي ۽ سڄي فطرت جي حڪمراني ڄڻ سندس حڪمن جي تابع هئي. هن پنهنجي گهوڙي کي اَڙي هنئي ۽ گهوڙو سمنڊ ڏانهن روانو ٿي ويو، هن پنهنجين فوجين کي رڙيون ڪندي لعنت ملامت ٿي ڪئي ۽ فوجي ڪئمپ ۾ جيڪو شور ۽ غرغاءُ پيدا ٿيو ان ترڪن کي ٽئين دفعي ڀرپور حملي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو جيڪو ظاهر آهي ته پهرين ٻن حملن کان وڌيڪ زوردار ۽ طاقتور هيو ۽ آءٌ هن ڳالهه کي ورجايان ٿو توڙي جو مون وٽ هينئر فرانزا جي شاهدي موجود ڪانهي، جيڪو سندن ئي زبان مان چورائي ٿو ته هنن فقط هڪڙي ڏينهن ۾ پنهنجا ٻارهن هزار ماڻهو مارائي ڇڏيا هيا. ٻيا وري يورپ ۽ ايشيا جي ڪنارن ڏانهن وٺي ڀڳا، جڏهن ته عيسائي فوجين، جن جو ڪو به نقصان نه ٿيو هو ۽ خوشيءَ ۾ ٻهڪيا پئي، باسفورس کي پار ڪري، بندر تي ئي هنن پنهنجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي. فتح جي خوشي ۽ اعتماد ۾، هنن ٻٽاڪون ٿي هنيون ته ترڪن جي سڄي طاقت سندن ڪنٽرول ۽ قبضي ۾ اچي چڪي هئي، پر ائڊمرل يا ڪئپٽن پاشا، جنهن کي هڪ اک تي زخم رسيو هو، کين حوصلو ڏياريو ته سندن شڪست جو ڪارڻ به اهو حادثو هو جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو. بالٿا اوگلي، بلغاريا قوم جي بادشاهن جو هڪ غدار هو، سندس فوجي ڪردار سندس لالچي طبيعت جي ڪري داغدار ٿي چڪو هو ۽ جڏهن بادشاهه آمر هجي ته ان جي حڪمراني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي بدنصيبي سندن ڏوهي هجڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت بڻجي ويندي آهي. محمّد ناراض ٿي سندس عهدن توڙي نوڪري کي ختم ڪري ڇڏيو هو. ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪئپٽن پاشا کي چئن نوڪرن ميدان تي سمهاري ڇڏيو ۽ هڪ سوني ڏنڊي سان(46) سؤ ڀيرا ڌڪَ هڻي کيس اُڦٽ ماريو ويو، توڙي جو اڳ ۾ هن سلطان جي نرم طبيعت جي تعريف ڪئي هئي(*) جنهن فقط سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ ملڪ بدري جي کيس سزا ٻڌائي هئي. هاڻي يونانين کي ڪجهه اُميد جا ڪِرڻا نظر آيا پر اُنهن پنهنجن مغرب جي اتحادين جي ڪاهليءَ جي سخت مذمت ٿي ڪئي، اناتوليا جي برپٽن ۽ فلسطين جي جبلن جي وچ ۾ صليبي جنگين ۾ مارجي ويل لکين ماڻهن کي دفن ڪيو ويو هيو پر شاهي شهر جي صورتحال سندس دشمنن جي مقابلي ۾ گهڻي مضبوط هئي، جتي سندن دوست به وڃي ٿي سگهيا ۽ سامونڊي ملڪن جي وچٿري هٿيارن واري طاقت به روم جي نالي ۽ ان جي تبرڪن کي بچائڻ لاءِ ڪافي هئي جنهن مطابق هو عثمانيه سلطنت جي وچ ۾ هڪ عيسائي قلعي کي قائم ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿي پئي سگهيا. تنهن هوندي به هي ڪوششون قسطنطنيہ کي ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ ڪافي نه هيون، پري جي طاقت ان خطري کي ٽارڻ لاءِ ڪافي نه هئي، ۽ هنگري يا گهٽ ۾ گهٽ هنيئيڊس جو سفير ته ترڪن جي ڪئمپ ۾ اڳي ئي رهندو هو جيڪو سلطان جي خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏو ثبوت هو(47).

يونانين لاءِ ديوان جي رازن تائين پهچڻ ڏکيو ڪم هو تنهن هوندي به يونانين کي يقين ٿي ويو هو ته هڪ اهڙو مقابلو يا مُهاڏو جيڪو حيرت انگيز حد تائين رڳو ضِد ۽ هوڏ تي ٻڌل هجي، محمّد جي مستقل مزاجيءَ جي لاءِ ٿڪائيندڙ هيو. تنهنڪري هن پٺتي هٽڻ جو به سوچيو ۽ شايد گهيري کي ختم به ڪري ڇڏي ها جيڪڏهن سندس ٻي نمبر وزير جي حاسد طبيعت خليل پاشا جي ڌوڪيبازي واري صلاح جي مخالفت نه ڪري ها جيڪو اڃا تائين اندروني طرح بازنطينين سان مليل هو ۽ ساڻن خطن ۽ چٺين چپاٺين ذريعي مسلسل رابطي ۾ هو، شهر کي تيستائين ختم ڪرڻ جو خواب اجايو هو جيستائين بندر جي پاسن توڙي زمين کان مٿس ٻِٽو حملو نه ڪيو وڃي، پر مسئلو اهو هو ته بندر تائين پهچڻ ناممڪن هو، هڪ ڊگهي دفاعي سلسلي، جنهن ۾ اٺ وڏا ۽ ويهه ننڍا جهاز پڻ بيهاريا ويا هيا، ان کان سواءِ ڪافي ٻيڙيون ۽ بتيلا پڻ هيا جن شهر جي بچاءَ کي ڪافي حد تائين يقيني بڻائي ڇڏيو هو؛ هيڏي ساري رڪاوٽ کي ٽوڙڻ جيئن ته مشڪل ڪم هو تنهنڪري ترڪن کي سامونڊي حملي يا وري کليل سمنڊ ۾ جنگ ڇِڙڻ جو گهڻو امڪان نظر ٿي آيو. هن ڳُوڙهي مونجهاري ۾ به محمّد جو ذهن پوري خبرداريءَ سان ڪم ڪري رهيو هو. کيس ڪمال بهادري واري هڪ  ِرٿ سُجهي آئي ته زميني رستي سان هو پنهنجا ننڍا جهاز ۽ فوجي سامان باسفورس کان پار ڪري بندر تائين پهچرائي ڇڏي. مفاصلو فقط ڏهن ميلن جو هو پر زمين ناهموار هئي جنهن تي وڻ ۽ گاهه هو ۽ رستو فقط هڪڙوئي هو جيڪو غلاطه سان ڳنڍيل هو، تنهنڪري کين رستي مِلڻ يا سندن مڪمل تباهيءَ جو دارومدار جينئا وارن تي هيو. پر هي مطلب جا واپاري اهڙا هيا جن فقط اها رعايت ورتي هئي ته سڀني کان آخر ۾ سندن خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ۽ جيڪڏهن ڪٿي هنر يا مهارت جي ڪا ڪمي نظر ٿي آئي ته ان کي فرمانبردار لشڪرن جي طاقت سان پورو ڪيو ٿي ويو، رستي جي ناهمواري يا کڙٻڙ کي مضبوط ۽ سِڌن سنوَن تختن سان هموار ڪيو ويو ۽ کيس وڌيڪ تِرڪڻو بنائڻ لاءِ ان تي  ِرڍن ۽ ڏاندن جي چرٻيءَ جو تَهه چاڙهيو ويو. اسي کن ننڍا ۽ اڃا وڌيڪ ننڍا سِڙهه وارا جهاز جن ۾ ٽيهن کان پنجاهه وَنجهه لڳل هيا اُنهن کي باسفورس جي ڪناري تي لاهي ۽ رولرن يا چڪرُين تي کنيو ويو ۽ اُنهن کي ماڻهن جي مدد سان چرخين تي کڻي موقعي واري هنڌ تي پهچايو ويو. جهازن جي مُهڙئين توڙي ٻي پاسي کان رهبر مقرر ڪيا ويا ته جيئن هيڏي هوڏي ڀِٽڪڻ کان بچي وڃن، هاڻي سِڙهن کي کولي هوا جي حوالي ڪيو ويو ۽ بندر تي ماڻهن خوشيءَ ۾ نغما ٿي آلاپيا ۽ تاڙيون وڄائي خوشيون ٿي ملهايون. هڪ رات ۾ ترڪن جي سامونڊي فوج وڏين تڪليفن کان پوءِ جبل تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ ميدان تي پنهنجي پوزيشن درست ڪيائون ۽ هيٺاهينءَ کان بندر جي ننڍي پاڻيءَ ۾ فوجين پنهنجي ڪمان سنڀالي ۽ هي هنڌ يونانين جي هيٺاهين سطح تي بيٺل جهازن کان گهڻو مٿانهون هو، هن ڪامياب مهم جي اهميت فقط هن ڳالهه ۾ هئي ته ترڪن جو هن ڏکئي هنڌ تي پهچڻ ئي ڄڻ ڪاميابيءَ جي علامت هو جو مخالفن ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو ۽ ترڪن ۾ اعتماد اچي ويو، پر هڪ اهڙي حقيقت کي اکين آڏو رکيو ويو جنهن کي ٻنهي قومن جي قلمن سان لکيو ويو آهي(48). يعني ساڳئي قسم جي مهم قديميُن به آزمائي هئي(49)، ۽ ترڪن جا جهاز وڏا ٻيڙا هيا (اها ڳالهه آءٌ ٻيهر ورجايان ٿو) ۽ جيڪڏهن اسان ان جي اهميت ۽ مفاصلي جي ڀيٽ ڪريون، رڪاوٽن ۽ ذريعن کي به جاچيون ۽ پرکيون ته ائين چئي سگهبو ته ڪيترن سالن کان پوءِ اهو معجزو(50) اسان جي وقت ۾ ٻيهر ٿيو آهي(51). جيئن ئي محمّد بندر جي مٿاهين حصي تي قبضو ڪيو ۽ سامونڊي توڙي پيادل فوجي پنهنجين پنهنجين مقرر ڪيل هنڌن تي پهتا ته هنن هڪ پُل ٺاهي ورتي جيڪا پنجاهه ڪيوبِٽس ويڪري ۽ هڪ سؤ ڪيوبِٽس ڊگهي هئي. اها دٻن، ڊمن ۽ تختن منجهان ٺاهي وئي هئي جنهن کي ٿوڻين جي سهاري بيهاريو ويو هو ۽ لوهه جي سيخن کي به ضرورت آهر استعمال ڪيو ويو هو، هن هنڌ جي اردگرد وڏي ۾ وڏي توبخاني کي فِٽ ڪيو ويو، جڏهن ته اسي جهاز، فوجي ۽ ڏاڪڻيون عين ان جڳهه تي آنديون ويون جن تي اڳ لاطيني فوجين فتح حاصل ڪئي هئي(*). عيسائين جي سُستي ۽ ڪوتاهيءَ تي اهو الزام لڳايو ويو آهي ته اُنهن پنهنجن اڻپورن ۽ اڌورن ڪمن کي اُنهيءَ حالت ۾ ڇڏيو هو ۽ اُنهن کي ڊاهيو نه هو ۽ سندن باهه کي هڪ وڏي باهه ذريعي ناڪام ڪيو ويو هو ۽ ائين به نه هيو ته اُهي رات جو ڪم ڪرڻ کان عاري هوندا هيا يا جهازن کي باهه ڏئي ساڙي يا سلطان جي ٺاهيل پل کي ڊاهي نٿي سگهيا. پر حقيقت اها هئي ته سلطان جي ذاتي اڳواڻيءَ سندس فوجين کي چؤڪس رکيو هو جن دشمن کي ويجهو اچڻ ئي نٿي ڏنو، دشمن جي جهازن کي ٻوڙيو ويو يا مٿن قبضو ڪيو ويو، اٽلي ۽ يونان جي چاليهن بهادر جوانن کي سندس حڪم تي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، توڙي جو ردِعمل ۾ شهنشاهه به انتهائي وحشياڻو ڪم ڪيو ۽ ٻه سؤ سٺ مسلمانن قيدين جون ڌڙ کان ڌار ٿيل مُنڍيون کين ڏيکاريون ويون پر تڏهن به سندس ڏک ۾ ڪمي نه آئي هئي. چاليهن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ به قسطنطنيہ جي مقدر جو فيصلو نه ٿي سگهيو. دشمن فوجين جي جٿن کي ٻِٽي حملي ذريعي تباهه ڪيو ويو ۽ اُنهن مضبوط قلعن کي، جيڪي اوائلي وقتن کان وٺي، ڪيترن حملن جي باوجود هن وقت تائين سلامت بيٺا هيا، ترڪن جي توبخاني اُنهن کي هر طرف کان ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيو، ڪيترن هنڌن کي ٽوڙيو ويو ۽ سينٽ رومَنس جي گيٽ جي ويجهو چئن منارن کي ڊاهي زمين برابر ڪيو ويو، پنهنجين ڪمزور ۽ باغي طريقي جي فوجين کي پگهارن ڏيڻ لاءِ ڪانسٽئنٽائن کي مجبور ڪيو ويو ته هو پنهنجن ڪليسائن ۾ لڳل هيرن موتين مان ان جو پورائو ڪري توڙي جو سلطان ساڻس واعدو ڪيو ته هو بعد ۾ چؤڻ تي خرچ ڀري ڪليسائن کي اصلي صورت ۾ بحال ڪندو، ۽ ٻيا به ڪيترا قدم اهڙا کنيا ويا جو اتحاد جي دشمنن کي ننديو ويو، اهڙيءَ طرح ماڻهن ۾ اندروني ڦوٽ ۽ هڪ ٻئي جي مخالفت جو جذبو پيدا ٿي ويو جنهن عيسائين جي باقي بچيل طاقت کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو، جينئا ۽ وينِس جي فوجي جٿن پنهنجن پنهنجن ماڻهن جي برتري ۽ خدمتن کي اڳتي وڌايو ۽ جسٽينيئيني ۽ وڏي نوابَ، جن جون خواهشون هيڏي ساري خطري جي هوندي به اڃا ختم نه ٿيون هيون، هڪ ٻئي تي غداري ۽ بزدليءَ جا الزام مڙهيائون.

قسطنطنيہ جي گهيري دؤران، امن ۽ پيش پوڻ جون ڳالهيون اڳتي وڌيون، ۽ فوجي ڪئمپ ۽ شهر جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڳالهين ٻولهين جي ڏي- وٺ ٿي(52). يونان جي شهنشاهه کي تڪليفن ۽ ڏکن مان گذرڻو پيو تنهنڪري هن لاءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو هو سواءِ ان جي ته جيڪي به شرط رکيا ويا اُهي کيس قبول ڪرڻا پيا پر ان ۾ سندس مذهب ۽ شاهي رتبي جو احترام ڪيو ويو، ترڪي جي سلطان جي خواهش هئي ته سندس سپاهي موت جي مُنهن ۾ نه وڃن، پر ان کان وڌيڪ سندس تمنا اها هئي ته هو بازنطينين جي خزانن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ۽ ان دولت کي پنهنجي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري ۽ هن گِبرس(*) لاءِ پنهنجو مقدس فرض سمجهيو ته ٽي شرط هنن جي آڏو رکي: خُتنو ڪرائن، ٽئڪس ڏين يا موت قبول ڪن. محمّد تڏهن مطمئن ٿئي ها جڏهن کيس هڪ لک ڊيوڪَٽس (ان وقت جو سِڪو) ساليانو ملن ها، پر سندس خواهشون ان کان به اڳتي وڌي ويون جڏهن هن اوڀر جي گاديءَ جي هنڌ حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ هن سلسلي ۾ هو بادشاهه کي اوترو معاوضو ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي ويو ۽ عوام لاءِ پنهنجي طرفان کين برداشت ڪرڻ جو يقين ڏياريائين. يا جيڪڏهن هو ان مان مطمئن نه ٿين ته پوءِ سلامتيءَ سان کين ملڪ ڇڏي وڃڻ جو اختيار به کين ڏنائين. پر پوءِ جڏهن ڪنهن به سمجهوتي يا صلحنامي جي ڪا صورت نظر نه آئي ته هن پڪو عزم ڪيو ته يا هو اوڀر جي تختگاهه تي ويهندو يا وري قسطنطنيہ جي ديوارن اندر سندس قبر هوندي. عزت جي احساس يا وري عالمي مذمت جي خوف پئلولاگَس جي ضمير کي جنجهوڙيو ۽ هن شهر جي واڳَ ترڪن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ عزم ڪيائين ته هو ترڪن سان آخري ۽ فيصلائتي جنگ ڪندو. هاڻي سلطان به پنهنجي طرفان حملي جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو جنهن ۾ ڪيترا ڏينهن گذري ويا، پر سندس ئي تارن جي آسماني علم کيس ڪجهه اطمينان ڏياريو جنهن موجب مئي جي اڻٽيهين تاريخ سلطان جي لاءِ ڀاڳ، بخت ۽ فيصلي وارو ڏينهن هوندو. ستاويهين مئي جي شام جو هن پنهنجو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ ان ڏينهن تي سڀئي فوجي اڳواڻ سلطان وٽ گڏ ٿيا ۽ پنهنجن ڍنڍورچين کي هر طرف موڪلي ڏنائين ته ماڻهو پنهنجين پنهنجين ڏنل ذميوارين کي پورو ڪرڻ لاءِ هوشيار ۽ چؤڪس رهن ڇاڪاڻ ته خطري واري گهڙي پهچڻ واري هئي، ڪنهن به آمراڻي حڪومت لاءِ خوف پهريون اصول هوندو آهي ۽ سلطان خطرن کي مشرقي انداز ۾ ماڻهن اڳيان بيان ٿي ڪيو ۽ کين تنبيهه ٿي ڪيائين ته ڀاڄوڪڙ ۽ غداري ڪندڙ توڙي جو پکين وارا پَرَ پائن تڏهن به کين هرگز ملڪ ڇڏي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي ۽ کين سندس انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آندو وڃي. سندس پاشائن ۽ جانثارن جي اولاد جي بيشمار ماڻهن جا والدين عيسائي هيا پر ترڪي جي نالي کي نروار ڪرڻ ۾ اُنهن سڀني جو هٿ هيو ۽ توڙي جو نسل وڌندا ۽ تبديل ٿيندا رهيا تڏهن به فوجي دستا يا خود فوج جي نالي کي ترڪيءَ جي روايتن موجب زندهه رکيو ويو، بهرحال هن مقدس جنگ ۾ مسلمانن تي فرض ڪيو ويو ته هو عبادتن سان پنهنجن ذهنن ۽ ستَ ڀيرا وضو ڪرڻ سان پنهنجن جسمن کي پاڪ رکن ۽ ان سان گڏوگڏ روزا به رکن ته جيئن پرهيزگاري مڪمل ٿي وڃي، ڪجهه درويشن جي هجوم خيمن جو چڪر لڳايو جن کين شهادت جي باري ۾ سندن ذهن کي صاف ڪيو ۽ نوجوانن کي دائمي بقا واري زندگيءَ جي باري ۾ خوشخبري ٻڌائي وئي جنهن ۾ وهندڙ نديون ۽ باغ باغيچا هوندا، ڪارين ڪجلين اکين واريون ڪنواريون سندن خدمت ۾ هونديون، محمّد، بهرحال کين دنياوي فائدن جي به لالچ ڏني. فتح جي صورت ۾ فوجين جو پگهار ٻيڻ تي وڌايو ويندو. محمّد اعلان ڪيو: شهر ۽ ان جون عمارتون منهنجون آهن باقي اءٌ واعدو ٿو ڪريان ته قيدي ۽ مالِ غنيمت اوهان جو هوندو، ان کانسواءِ سون ۽ حُسن جي خزانن ۾ به اوهان جو حصو هوندو، تنهنڪري دولتمند ٿيو ۽ خوش رهو. منهنجي شهنشاهت اندر ڪيترائي صوبا آهن، اُهو بهادر سپاهي جيڪو سڀني کان پهريون قسطنطنيہ جي ديوارن ۽ قلعن کي فتح ڪندو، ته دولتمند صوبي جي حڪمراني ان جي حوالي ڪئي ويندي ۽ ان بهادر شخص لاءِ احسانمنديءَ جو احساس منهنجي دل ۾ وڌندو رهندو جيڪو کيس سندس اُميدن کان به گهڻو فائدو پهچائيندو.‘ اهڙن ۽ ڪيترن ٻين واعدن ترڪن ۾ وڏو جوش جذبو پيدا ڪري ڇڏيو تنهنڪري هو بي ڊپا ۽ بهادر ٿي جنگ ۾ وڙهيا ۽ هر طرف ’لا اِلٰه اِلا الله، محمّد الرسول الله‘ جا نعرا گونجڻ لڳا ۽ غلاطه کان ستن منارن تائين سمنڊ توڙي ڌرتي سندن بارود ۽ هٿيارن جي باهه سان رات جو به روشن ٿي وئي.

مسلمانن جي مقابلي ۾ عيسائين جي ذهني ڪيفيت بلڪل مختلف هئي، جن وڏي واڪي پر اجاين شڪايتن سان پُڪاريو پئي ته کين سندن ئي گناهن جي سزا(*) ملي رهي هئي ڇو ته هو سزا جا جائز طور مستحق هيا. هڪ جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ ڪنواري بيبي مريم جي تصويرن کي کڻي ٻاڏايو ويو پر هن سندن شڪايتن تي ڌيان ئي نه ڌريو، هاڻي عيسائين شهنشاهه تي الزام مڙهيو ته هو جيڪڏهن سلطان آڏو وقت تي پيش پوي ها ته هو ابتري واري حالت کان بچي وڃن ها ۽ هاڻي هو پنهنجي ايندڙ وقت کان بنهه ڊنل هيا ۽ ترڪن جي دائمي غلاميءَ ۾ رهڻ جو کين خطرو به هو ته ساڳئي وقت کين اهو احساس به هو ته ان غلاميءَ ۾ کين تحفظ ۽ سڪون حاصل هوندو. يونان جي نوابن ۽ معتبرن ۽ اتحادين جي بهادر ماڻهن کي اٺاويهين تاريخ جي شام جو سلطان جي محلات ۾ سڏيو ويو ته جيئن وڏي حملي جي خطرن کان کين آگاهه ڪيو وڃي. آخري تقرير پئلولاگَس جي هئي جنهن ۾ هن روم جي شهنشاهت کي دفنائڻ جا راڳ آلاپيا، پر پوءِ به هن عام ماڻهن سان فريب وارا واعدا ڪيا ۽ ڌوڪي وارين چالن سان کين وندرايو ويو ۽ منجهن اُميد جو شعلو ٻارڻ چاهيائين جيڪو سندس دل مان به وسامي چڪو هو. چوڻ لڳو: هن دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ ۾ مزو ڪونهي، هر طرف اُداسي ڇانيل آهي ۽ انجيل توڙي ڪليسا ٻنهي ۾ اُنهن سپوتن ۽ سورمن لاءِ ڪنهن اُجوري يا انعام جي اُميد ڏياريل ڪانهي جيڪي پنهنجي ملڪ بچائڻ لاءِ وڙهيا هجن ۽ پنهنجين زندگين جو نذرانو پيش ڪيو هجي، پر سندن بادشاهه جي مثال ۽ گهيري ۾ بند رهڻ سبب ويڙهاڪن ۾ نراسائيءَ ۾ به اُميد پيدا ٿي وئي، بهرحال هن نااُميدي جي منظر نامي کي تاريخدان فرانزا جيڪو پاڻ به موقعي تي موجود هيو، هن طرح بيان ڪيو آهي: ’اُهي رُنا، اُنهن هڪ ٻئي سان ڀاڪر پاتا، توڙي جو کين هڪ ٻئي جي خاندانن يا ڀاڳ بخت جي به خبر نه هئي، بس هنن پنهنجون زندگيون ارپي ڇڏيون هيون ۽ هر ڪمانڊر پنهنجي ڊيوٽي جي جڳهه تي وڃي سڄي رات جاڳيو ۽ قلعي جي حفاظت لاءِ چؤڪس رهيو. شهنشاهه پنهنجن ڪجھ وفادار ساٿين سان گڏ سينٽ صوفيا جي ڪليسا جي گبنذ ۾ داخل ٿيو، جيڪا ٿورڙن ڪلاڪن کان پوءِ مسجد ۾ تبديل ٿيڻي هئي، ۽ عقيدت مان ڳوڙها ڳاڙيندي عيسائي رسمون ادا ڪيائين. هن پنهنجي محل ۾ ڪجھ گهڙيون تڏهن گذاريون جڏهن سڄي محلات مان رڙين ۽ سُڏڪن جا ماتمي آوار ٿي اُڀريا ۽ سڀني کان معافيون ورتائين جن کي مبادا هن ڪي تڪليفون يا ايذاءَ رسايا هجن(56)، ان کان پوءِ هو پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿيو ته جيئن فوجي دستن جو معائنو ڪري ۽ دشمن جي چُرپر تي نظر رکي. آخري ڪانسٽئنٽائن جي شڪست ۽ سندس ڏکن جو داستان، بازنطيني قيصرن (سيزرس) کان دردناڪيءَ ۾ وڌيڪ شاندار آهي.

انڌاري ۾ ان ڳالهه جو امڪان رهندو آهي ته حملو ڪندڙ شايد پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وڃي، پر هن کُليل ۽ وڏي حملي ۾ جتي فوجي حڪمت عملي سان گڏ محمد جي آسماني علمن جي ڄاڻ به ڪم ڪري رهي هئي ته ان موجب اڻٽيهين مئي، چوڏهن سؤ ٽيوَنجاهه عيسوي (1453-05-29) جي صبح جو ڏينهن حملي ڪرڻ لاءِ طئي ڪيو ويو، اڳين رات تي ٻين معاملن کي حل ڪيو ويو، فوجن، توبخانن ۽ ڪاٺين جي بنڊلن کي کاهيءَ وٽ آندو ويو جتي ڪيترن هنڌن تي کڙ ٻڙ ته ڪٿي زمين هموار هئي ۽ اَسي کن جهازن کي ڏاڪڻين سميت اُنهن ڪنارن تي بيهاريو ويو جيڪي حفاظتي لحاظ سان ڪجھ ڪمزور هيا. موت جي خاموشي ڇانيل هئي جنهن مان ممڪن آهي ڪي ماڻهو لطف اندوز ٿي رهيا هجن پر آواز ۽ چرپر ڪرڻ جا قانون، ڪنهن به نظم ۽ ضبط يا خوف جا محتاج نه هوندا آهن، ڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي آواز کي ته دٻائي سگهي ٿو يا پنهنجي پيرن جي چرپر کي خاموش ڪري سگهي ٿو پر جتي هزارين ماڻهو هجن ۽ اُهي هلي به رهيا هجن ته ان مان يقينن آواز پيدا ٿيندا جيڪي هن موقعي تي به گهڻائي ناموافق ۽ رڙين جهڙا آواز پيدا ٿيا جن کي منارن جي چؤڪيدارن غور سان ٻُڌو. پرهه ڦُٽي جو، بندوق هلائڻ جي رسم پوري ڪرڻ کان سواءِ، ترڪن، سمنڊ توڙي زمين کان شهر تي حملي جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ سندن حملي کي هڪ وٽيل سڳي يا ڌاڳي سان تشبيهه ڏني وئي آهي ته اهو حملو ڪيترو نه ويجهڙائيءَ کان ۽ لڳاتار ڪيو ويو هو(57). اڳين صفن ۾ ڄڻ ته گند ڪچرو ڀريل هيو، جن ۾ اُهي پاڻ هُرتو شامل ٿيندڙ اناڙي ماڻهو شامل هيا جن کي وڙهڻ جو اڳ ڪو به تجربو ڪونه هو، ان کان سواءِ ڪمزور ماڻهو ۽ ننڍا ٻار به شامل هيا، ڪڙمي ڪاسبي، رولُو ۽ وائڙا به جنگ وڙهڻ آيا هيا ۽ ڪيترا اهڙا به هيا جن کي ڦُر لُٽ جي مال ملڻ جي اُميد هئي ۽ ٻيا وري شهادت جي شوق ۾ ڪاهي آيا هيا. بهرحال پوءِ به هو ڪنهن طرح ديوار تائين پهچي ويا. جن دليري ۽ اُٻهرائپ ڪندي ديوار تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اُنهنکي ته اُتي ئي اُڦٽ ماري ڍير ڪيو ويو، ۽ عيسائين جو ڪو به تير، ڀالو يا گولي وڏي هجوم تي ضايع نه پئي وئي. پر بچاءَ جي سلسلي ۾ سندن طاقت توڙي بارود ختم ٿيندو پئي ويو، کاهيءَ کي اُنهن انسانن سان ڀريو ٿي ويو جيڪي قتل ٿيندا هيٺ ڍير ٿيندا ٿي رهيا ۽ ٻيا به ڪيترائي ڄڻ سندن قدمن پٺيان قدم رکندا کاهيءَ ۾ ڪِرندا رهيا ۽ اهڙن متوالن(*) لاءِ موت، ڄڻ زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪارائتو ٿي ويو هيو. مختلف پاشائن ۽ سنجڪن جي حڪم هيٺ اناتوليا ۽ رومانيا جون فوجون اڳتي وڌي ويون، جنگ ۾ سندن واڌارو يقيني نه پر مشڪوڪ هيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي لڙائيءَ کان پوءِ، يونانين جي پوزيشن اڳ کان بهتر ٿي وئي هئي ۽ هاڻي شهنشاهه جو آواز به کين ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو کين همٿائي رهيو هو ته هر صورت ۾ سوڀ حاصل ڪرڻي هئي، ۽ ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻو هو. فيصلي واري گهڙيءَ ۾ جانثاران اٿيا جيڪي تازا توانا، طاقتور جوشيلا ۽ اڻ موٽ ٿي لڳيا. سلطان جيڪو گهوڙي تي سوار هو، ۽ لوهو نيزو سندس هٿ ۾ هو، اُهو پنهنجن فوجن جي جرئت ۽ بهادريءَ جو عيني شاهد هيو، هو ڏهن هزارن پروانن اندر گهيريل هيو جيڪي سندس حفاظت ڪري رهيا ۽ جن کي هن مناسب موقعي اچڻ لاءِ خاص مقرر ڪيو هو ۽ هاڻي هو ڪڙي نظر سان سڀني جي چرپر ڏسي رهيو هو ۽ پنهنجي آواز سان کين همت ۽ حوصلو ڏئي رهيو هو. سندس ڪيترائي انصاف جا وزير پٺئين پاسي کان بيٺل هيا جيڪي سپاهين کي ڪڏهن اڳتي وڌڻ جو چئي رهيا هيا ته ڪڏهن کين روڪي رهيا هيا ۽ ڪاهلن کي سزائون به ڏئي رهيا هيا، ۽ جيڪڏهن اڳين صفن ۾ خطرو موجود هيو ته شرمساري ۽ موت اُنهن لاءِ هيو جيڪي ڀاڄوڪڙ ۽ پوين صفن ۾ موجود هيا. خوف خطري يا تڪليفن جي دانهُن جا آواز ٻڌڻ ۾ نٿي آيا ڇاڪاڻ ته دهل، باجا، شرنايون ۽ موسيقي جا ٻيا ڪيترائي ساز وڄي رهيا هيا() تنهن ڪري ماڻهن جا آواز اُنهن ۾ دٻجي ويا هيا ۽ تجربي اهو ثابت ڪيو آهي ته آوازن جو ٽيڪنيڪي طريقو، جيڪو رت جي دؤري ۽ جذبن کي وڌائيندو آهي، انساني مشين تي، دليلن ۽ منطق جي مقابلي ۾ وڌيڪ اثرانداز ٿيندو آهي. ترڪن جي توبخاني ۽ بندوقن جا ڌماڪيدار آواز، ڪئمپن، جهازن پُلين مطلب ته هر طرف ٻڌڻ ۾ ٿي آيا ۽ شهر، توڙي ترڪن ۽ يونانين تائين دونهون ئي دونهون نظر ٿي آيو جيڪو روم جي ڇوٽڪاري يا وري ان جي مڪمل تباهي ۽ برباديءَ کان پوءِ ئي ختم ٿيڻو هو. تاريخ جي سورمن جا ڪارناما ۽ ڪهاڻيون اسان کي تصور ۾ خوب وِندرائين ٿيون ۽ اهڙن داستانن ۾ اسان جي دلچسپي گهڻي وڌي وڃي ٿي؛ جنگين جون مهارت واريون تياريون ذهنن ۾ جنم وٺڻ ٿيون ۽ ان خطرناڪ سائنس ۾ ڪافي بهتري پڻ آئي آهي، پر هڪ وڏي حملي ۾ هڪ جهڙا بُڇان ڏيندڙ يا نفرت جهڙا جذبا موجود هجن ٿا جتي رڳو رَت، ڀيانڪ ڀئو ۽ مونجهارا جنم وٺن ٿا؛ پر آءٌ ٽن صدين جي ڊگهي عرصي گذرڻ ۽ هزارن ميلن جي مفاصلي تي ويهي ڪري ان منظر جو نقشو نٿو لِيڪي سگهان جنهن جا تماشبين به هاڻي نه رهيا آهن ۽ نه وري زندگي جي اُن موڙ تي ڪم ڪندڙ خود به ان قابل هيا جو انصاف تي مبني ڪو نظريو پيش ڪري سگهن.

قسطنطنيہ جي نقصان جو ظاهري سبب ته گوليون ۽ تير هيا جيڪي جان جسٽينئيني جي سيني مان ٻِسٽ ٻاهر هليا ويا هيا. سندس جسم مان رَت وهڻ ۽ سندس سخت سور جي تڪليف مان هن جي همت ۽ دليريءَ جو اندازو ٿي رهيو هو ۽ جنهن جي فوجن ۽ بااعتماد ماڻهن کي شهر جي مضبوط قلعي سان تشبيهه ڏني ويندي هئي. هو زخمي ٿيڻ واري هنڌ تان اٿيو ۽ ڪنهن سرجن جي لاءِ هيڏي هوڏي واجهايائين، پر موقعو ڏسندي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين پر نه ٿڪندڙ ۽ سدا چؤڪس رهڻ واري شهنشاهه کيس ڏسي ورتو ۽ سندس رستو روڪيندي کيس چيائين: ’تنهنجو زخم‘، پئلولاگَس مخاطب ٿيندي کيس چيو، ’معمولي آهي، پر تنهنجي لاءِ خطرو وڏو آهي، تنهن ڪري تنهنجي هتي موجودگي ضروري آهي ۽ تون آخر ويندين به ڪيڏانهن؟‘ ’آءٌ ويندس‘، جينئا جي ڏڪندڙ شخص چيو، ’آءٌ به ان ساڳئي رستي سان ويندس جيڪو خدا تعاليٰ ترڪن لاءِ کولي ڇڏيو آهي‘، ۽ هنن لفظن سان هو اندرين ديوارن جي هڪ سوراخ مان ٻاهر هليو ويو. بزدليءَ جي هن ڪُڌي ڪم سبب، سندس سڄي فوجي زندگيءَ تي ڄڻ ڪارو چُٽو لڳي ويو ۽ جيڪي ٿورڙا ڏينهن هو غلاطه ۾ يا چوس جي ٻيٽ تي رهيو ته پاڻ کي پاڻ به ملامت ڪندو رهيو ته ماڻهن به سندس ڪردار کي نِنديو. سندس مثال جي پوئواري لاطيني فوجي جٿن طرفان پڻ ڪئي وئي تنهن ڪري جيئن ئي مٿن حملن جو زور وڌندو رهيو ته سندن دفاع يا بچاءُ ڪمزور ٿيندو ويو. ترڪن جو تعداد عيسائين جي مقابلي ۾ پنجاهه يا سؤ دفعا وڌيڪ هيو جيڪو هر لحاظ سان مضبوط ۽ طاقتور پڻ هيو، ٻِٽين ديوارن کي ڊاهي زمين جي سطح سان ملايو ويو ۽ ڪيترن ميلن جي دائري ۾ ڪيتريون جڳهون پهچڻ ۾ آسان هيون ۽ ٻين هنڌن تي پهرو ته هيو مگر اُهو ڪمزور قسم جو هو ۽ جيڪڏهن گهيري ڪندڙ ڪنهن به هڪ هنڌ تي پهتا ٿي ته ڄڻ اُهي سڄي شهر تائين پهچي ٿي ويا. جنهن شخص کي سلطان پهريون انعام عطا ڪيو اُهو حسن هيو جيڪو جانثارن سان تعلق رکندڙ هيو، هو هڪ جانٺو جوان ۽ طاقتور سورمو هو. هڪ هٿ ۾ ترار ۽ ٻي ۾ ڍال(*) کنيون هو ٻاهرئين قلعي تي چڙهيو؛ ٽيهن جانثارن منجهان، جن سندس بهادريءَ کي پاڻ به اختيار ڪيو هو، ارڙهن جانثارن، بهادريءَ جي هن مهم ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. حَسن ۽ سندس ٻارهن بهادر ساٿي چوٽيءَ تائين پهچي ويا، پر حسن قلعي جي چوٽيءَ تان هيٺ ڪري پيو، هو هڪ گوڏي جي سهاري تي اُٿيو پر ٻيهر تيرن ۽ پٿرن جي برسات مٿس شروع ٿي وئي. پر سندس ڪاميابيءَ اها ڳالهه ثابت ڪئي هئي ته لڳاتار ڪوششن سان هر شئي حاصل ڪري سگهجي ٿي، ديوارن ۽ منارن کي ترڪن جي لشڪرن ڍڪي ڇڏيو ۽ يوناني، جيڪي ميدان تي بهتر پوزيشن ۾ هيا، هاڻي ترڪن کين اتان ڌِڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ هو مجبور بڻجي ويا، ترڪن جي لشڪرن مان شهنشاهه(59)، جنهن جنرل توڙي سپاهيءَ جون ٻئي ذميداريون خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ٿي ڪيون، ڏسندي ڏسندي غائب ٿي ويو. جيڪي امير پنهنجن آخري پساهن تائين ساڻس گڏ هيا، اُنهن پئلولاگَس ۽ ڪئنٽاڪزين جي عزت وارن نالن جي احترام کي آخري دم تائين قائم رکيو هو، سندس ڏک ڀريا لفظ به ماڻهن ٻڌي ورتا: ’ڇا ڪوئي عيسائي اهڙو هن وقت موجود ناهي جيڪو منهنجي سِسي کي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي(60)؟‘ ۽ سندس آخري خوف جنهن کيس پريشان ٿي ڪيو اُهو هو هيو ته هو ڪٿي زندهه بي دينين جي هٿ نه اچي وڃي(61). ڪانسٽئنٽائن نراسائيءَ مان دورانديشي ڪندي پنهنجي شاهي لباس کي ماڻهن جي گوڙ شور ۾ ڦِٽو ڪري ڇڏيو(*) ۽ هڪ نامعلوم هٿ کيس هيٺ ڪيرائي ڇڏيو ۽ سندس جسم کي اُتي دفنايو ويو جتي قتل ٿيل ماڻهن جو جبل اڳ ئي ٺهي چڪو هو. سندس موت کان پوءِ ڪا به رنڊڪ يا رڪاوٽ باقي نه رهي هئي، يونانين شهر ڏانهن ڀڄڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ سندن ڪيترائي ماڻهو سينٽ رومنَس جي سوڙهي لنگهه کان گذرندي ٻوسٽ ۽ ساهه گهُٽجڻ سبب مري ويا. فاتح ترڪ اندرين ديوار جي گذر گاهن مان تيز تيز اڳتي وڌيا ۽ جيئن اُهي گهٽين مان گذري رهيا هيا ته اُنهن سان سندن ڀائرن جا خوشيءَ ۾ نه ماپندڙ لشڪر اچي مليا جن فينار گيٽ کي بندر طرف ڪيرائي ڇڏيو هو(62). جذبات جي شروعاتي گرميءَ ۾ اٽڪل ٻن هزار عيسائين کي ترار سان قتل ڪيو ويو، پر پوءِ ظلم تي لالچ جو قبضو ٿي ويو ۽ فاتحن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته يونان جي ماڻهن کان هنن مال غنيمت جو چوٿون حصو لهڻو هو جيڪڏهن شهنشاهه ۽ سندس بهادر سپاهي گاديءَ جي هنڌ جي هر حصي ۾ ساڻن ايترو سخت مقابلو نه ڪن ها. بهرحال ٽيونجاهه ڏينهن جي گهيري کان پوءِ قسطنطنيہ تي محمد نمبر ٻئي مڪمل قبضو ڪري ورتو جڏهن ته اڳ ان عظيم شهر کي خسرو، خاقان ۽ خليفا به مات نه ڏئي سگهيا هيا. سندس شهنشاهت کي لاطينين ختم ڪيو هو ۽ هاڻي وري سندن مذهب کي مسلمان فاتحن مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو(63).

بدقسمتيءَ جون خبرون گهڻو ڪري پَرَ پائي اڏرنديون آهن ۽ ڪُنڊ ڪڙڇ تائين بنا دير پهچنديون آهن پر قسطنطنيہ جي فتح ٿيڻ جي خبر پرانـَهن پنڌن تائين شايد دير سان پهتي ۽ اهو بهتر ئي ٿيو ته سندس بربادي جي ڦهلڻ ۾ دير لڳي(64). پر اهو ضرور ٿيو ته هر طرف ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهن ۾ اضطراب ۽ بيچيني وڌي وئي ۽ حملي جي وقت جيڪو گوڙ گهمسان ۽ توبخانن جا ڌماڪا ٿيا ته ماڻهن صبح ٿيڻ تائين راتيون جاڳي گذاريون، باقي آءٌ ان ڳالهه تي اعتبار نه ٿو ڪريان ته جانثارن، يوناني عورتن کي ننڊ مان وڃي جاڳايو هوندو. بهرحال عام ماڻهن لاءِ تڪليفون ۽ مصيبتون ضرور پيدا ٿي پيون، گهر ۽ خانقاهون خالي ٿي ويون، ۽ ڊڄندڙ ۽ ڪنبندڙ ماڻهن گهٽين ۾ ائين ڀڄڻ شروع ڪيو جيئن رڍون ٻڪريون هيڏي هوڏي ڀڄنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ماڻهن جي گڏيل ڪمزوري طاقت ۾ بدلجي ويندي آهي يا وري ماڻهن ۾ اجايون اُميدون پيدا ٿي وينديون آهن ته هر ماڻهو پنهنجي مُنهن سُک ۽ سلامتيءَ سان هوندو، گاديءَ جي هنڌ جي هر حصي کان ماڻهو سينٽ صوفيا جي ڪليسا ڏانهن ڀڄندا ويا ۽ فقط هڪ ڪلاڪ اندر اُتي پهچي ويا. هيءَ مقدس جڳهه، ان جي منڊلي، وچون حصو، مٿيون توڙي هيٺيون گئلريون فادرس، مردن، عورتن، ٻارن، پادرين، ويراڳين ۽ مذهبي ڪنوارين سان ڀريون پيون هيون، دروازن کي اندران بند ڪيو ويو هيو، پر ماڻهن مقدس گنبذ هيٺان وڃي پناهه ورتي جنهن کي اڳ هنن اهڙي عمارت سمجهيو هو جنهن کي ناپاڪ بنايو ويو هجي ۽ جتي هاڻي هو وڃي به نٿي سگهيا(). هڪ پيشنگوئيءَ ۾ سندن پورو اعتماد هو جنهن ۾ هڪ جوشيلي يا ڌوڪيباز شخص کين ٻڌايو هو ته ’هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو ترڪ قسطنطنيہ ۾ داخل ٿي ويندا، ۽ رومين جو پيڇو سينٽ صوفيا جي چؤسول تائين ڪندا جيڪو ڪانسٽئنٽائن جي ٿنڀن جي ڀرسان هيو ۽ ائين ٿيڻ شرط سندن تڪليفون ۽ مصيبتون وڌنديون پر اوچتو آسمانن تان هڪ فرشتو هيٺ ايندو جنهن جي هٿ ۾ ترار هوندي ۽ شهنشاهت کي ان بهشتي هٿيار ذريعي ڇوٽڪارو ڏياريندو جنهن کي هو هڪ غريب ماڻهوءَ جي حوالي ڪندو جيڪو ٿنڀي جي بنياد وٽ ويٺل هوندو. ’وَٺ هيءَ ترار‘، هو چوندو، ’۽ آقا جي ماڻهن جو بدلو وٺ‘. هنن جذباتي لفظن چوڻ شرط ترڪن ۾ ڀاڄ پئجي ويندي ۽ رومي سوڀارا ٿيندا ۽ اولهه ۽ اناتوليه کان وٺي فارس تائين کين ڌِڪي ٻاهر ڪڍندا. هن موقعي تي ڊيوڪَس، هن خواب واري تصور تي يونانين کي ڇَنڊَ پٽي ۽ سندن ضِد ۽ اندروني ڦوٽ ۽ اختلافن تي کين خوب نِنديو. ’جيڪڏهن اهو فرشتو ظاهر ٿئي ها‘، هڪ تاريخدان لکي ٿو، ’جيڪڏهن هو اوهان جي دشمنن کي ختم ڪرڻ لاءِ اوهان کي چوي به ها ته اُهو فقط تڏهن ٿئي ها جڏهن اوهان ڪليسا جي ايڪي ۽ اتحاد لاءِ آماده هجو ها ۽ اهڙي فيصلائتي گهڙيءَ ۾ اوهان پنهنجي سلامتيءَ کي رد ڪري ڇڏيو ها يا وري پنهنجي خدا سان به ڌوڪو ڪريو ها(65)‘.

هڪ طرف هو ڪنهن فرشتي جي معجزاتي آمد جا منتظر هيا ته ٻي طرف ترڪَ دروازن کي ڪهاڙين سان ڀڃي اندر داخل ٿي ويا، پر کين ڪنهن به رڪاوٽ جو مُنهن نه ڏسڻو پيو، هاڻي هو غور سان پنهنجن قيدين کي ڏسي ۽ اُنهن منجهان چونڊ ڪري رهيا هيا. جواني، حُسن، ۽ دولت کين ڪشش ٿي ڪئي، ۽ ملڪيت جا حق هنن پنهنجي پاڻ ۾ طئي ڪري ورتا ته ڪهڙو ماڻهو ڪنهن جي ملڪيت هوندو ائين به ٿيو ته جنهن اڳ ۾ ڪنهن تي قبضو ڪري ورتو، اُهو ان جو ٿي ويو پر جي ڪٿي ڪو اختلاف ٿيو ته کين پنهنجي اڳواڻ جو حڪم هر حالت ۾ مڃڻو هو. هڪ ڪلاڪ جي اندر مرد قيدين کي رَسن سان ۽ عورتن کي سندن برقعن يا رَوَن سان ٻڌي قابو ڪيو ويو. نوڪرن کي سينيٽرن جي قطار ۾ بيهاريو ويو، پادرين کي ڪليسا جي بار ڍوئيندڙن سان گڏ رکيو ويو ۽ غريب طبقي جي نوجوانن کي اهڙين شريف عورتن سان رهايو ويو جن جي چهرن تي سج به اڃا ليئو نه پاتو هو ۽ نه وري سندن ويجهن عزيزن کين ڏٺو هو. قيدين جي هن منظرنامي ۾ سماجي رتبن جو خيال يا احساس نه رهيو هو، فطرت جي قانونن کي ٽوڙي ختم ڪيو ويو هو ۽ ظالم سپاهي ڪنهن پيءُ جي درد ڀرين دانهن ڏي ڪنايو ئي ڪين ٿي، ۽ نه وري کين ڪنهن ماءُ جا ڳوڙها نظر ٿي آيا جيڪي هن پنهنجي اولاد جي وڇوڙي تي ڳاڙيا هوندا ۽ نه ننڍڙن ٻارن جي سُڏڪن تي ڪنهن کي رحم ٿي آيو. سڀني کان وڌيڪ راهبائون متاثر ٿيون جيڪي رڙيون ڪري زارو قطار ٿي رُنيون جن کي قربان گاهن تان اگهاڙين ڇاتين، ڦهليل ٻانهن ۽ وکريل وارن سان کنيو ويو هو ۽ اسان کي ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ گهرجي ته اُنهن منجهان ڪجھ اهڙيون به هيون جن پنهنجين خانقاهن ۾ وڃڻ جي بجاءِ ترڪن جي حرم ۾ وڃڻ کي وڌيڪ ترجيح ٿي ڏني. بدقسمت يونانين کي جانورن جيان شهر جي گهٽين ۾ گهليو ويو ۽ جيئن ته فاتح پنهنجي ٻي شڪار ڪرڻ لاءِ آتا هيا ته اُنهن ٿڪل ڏڪندڙ ۽ ڪنبندڙ ماڻهن کي ويتر ڌڪ ٿي هنيا ته جيئن اُهي تڪڙا قدم کڻي سگهن. هڪ ۽ ساڳي وقت تي سڀني ڪليسائن ۽ خانقاهن کي ڦـُري تاراج ڪيو ويو. گاديءَ جي هنڌ جي سڀني محلاتن، عاليشان عمارتن ۽ رهائش گاهن کي به لٽيو ڦريو ويو جنهن ۾ ڪنهن تقدس يا احترام جو رتيءَ ماتر به خيال نه رکيو ويو. سٺ هزار کان به مٿي پارسا ۽ عبادت گذار ماڻهن کي شهر جي مختلف جڳهن تان کنڀي فوجي ڪئمپن ۾ آندو ويو جن جي، اناج جي جنس جيان مٽا سٽا ڪئي وئي، ٻين کي وڪرو ڪيو ويو ۽ مالڪن جي مُوڊ ۽ مرضي مطابق کين عثمانيه سلطنت جي دور دراز صوبن ۾ نِيو ويو ته جيئن اُتي غلاميءَ جي زندگي گذارن. ماڻهن جي اهڙن لشڪرن ۾ ڪيترا ماڻهو بيحد نمايان ۽ نالي وارا هيا. تاريخدان فرانزا جيڪو پهريون شاهي محل جو رکوال ۽ سيڪريٽري هيو، پنهنجي خاندان سميت متاثر ٿيل ماڻهن ۾ شامل هيو. چئن مهينن تائين غلاميءَ جي زندگي گذارڻ بعد هن آزادي ماڻي، ايندڙ سياري ۾ هو هيڊرئانوپل ويو جتي هن پئسن سان پنهنجي زال جي آزادي گهوڙن جي هڪ مالڪ کان حاصل ڪئي پر سندس ٻه ٻارڙا جيڪي حسين جوانڙا هيا، اُنهن کي قابو ڪري محمد پنهنجي خدمت لاءِ رکيو هو. فرانزا جي ڌيءُ حرم سراءِ ۾ ئي مري وئي ۽ شايد ڪنواري هئي؛ سندس پٽ جيڪو پندرهن سالن جي عمر جو هو، بدناميءَ کان بچڻ لاءِ هن موت قبول ڪيو ۽ کيس سندس عاشق ماري ڇڏيو(66). هن هڪ ٻيو غير انساني ڪم ڪيو جنهن جو ازالو ڪنهن به صورت ۾ نٿو ٿي سگهي ته هن يونان جي هڪ پوڙهي ۽ معزز عورت ۽ سندس ٻن ڌيئرن کي هڪ لاطيني شاعريءَ عيوض آزاد ڪيو جيڪا فليفس لکي هئي ۽ جنهن ان معزز خاندان ۾ پنهنجي لاءِ زال جي چونڊ ڪئي هئي(67). محمد جو تڪبر يا سندس ظلم، شايد روم جي عيوضي جي گرفتاريءَ سان مطمئن ٿي وڃي ها پر وڏي پادري آئسوڊور جي چالاڪي سبب جامع تلاشيءَ کان لنوايو ويو ۽ هو هڪ عام ماڻهوءَ جي روپ ۾ غلاطه ڏانهن کِسڪي هليو ويو(68).

ٻاهرئين بندر جي گذر گاهه وٽ اڃا تائين اٽلي جي جهازن جو قبضو هو جيڪي وڻج واپار جي سامان سان گڏ جنگي هٿيار به کڻي آيا هيا. اُنهن ترڪن طرفان ڪيل گهيري ۾ بهادريءَ جي ڪارنامن جي تعريف ڪئي ۽ اُنهن مخالفن جي ڀاڄ تي پنهنجي طرفان اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ترڪي جا جهازران شهر کي تاراج ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا هيا. جڏهن هنن پنهنجن جهنڊن کي ڦڙڪايو ته سمنڊ جي ڪناري تي ڪيترائي عرضدار موجود هيا جن درد جون دانهون ٿي ڪيون، پر کين ٻاهر ڪڍڻ جا ذريعا محدود هيا، وينِيس ۽ جينئا وارن پنهنجن ملڪي ماڻهن کي پنهنجي جهازن ۾ سوار ڪيو ۽ سلطان جي پڪن واعدن جي باوجود، غلاطه جي رهواسين پنهنجن گهرن کي خالي ڪيو ۽ جهازن ۾ چڙهي ٻين ملڪن ڏانهن رمندا رهيا.

جڏهن به وڏن شهرن کي فتح ڪري اُنهن کي تاراج ڪيو ويندو آهي ته تاريخدانن کي اڪثر ڪري نِنديو فقط ان ڪري ويندو آهي ته هو هر صورتحال جي ساڳي تصوير ليڪيندا آهن، سندن خيال ۾ ساڳين جذبن منجهان اثر يا نتيجا به ساڳيا ئي نڪرندا آهن، ۽ جڏهن اُهي جذبات حد کان اڳتي وڌي ويندا آهن ته پوءِ افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته هڪ وحشي ۽ مهذب ماڻهوءَ جي وچ ۾ فرق تمام ٿورو رهجي ويندو آهي. تعصب، ڪٽرپڻي يا نفرتن جو ذڪر جڏهن به ايندو ته ترڪن تي، عيسائين جي رت وهائڻ يا سندن نسل ڪشي ڪرڻ جو ظالماڻو ۽ زيادتين ڪرڻ جو الزام نه ايندو پر سندن روايتي محاورن ۾، (يعني قديمي روايتن موجب) جن ماڻهن يا قومن تي سوڀ حاصل ڪبي آهي ته اُنهن جون زندگيون فاتحن وٽ خودبخود ضبط ٿي وينديون آهن ۽ فاتحن جو جائز انعام ئي اهو هوندو آهي ته هو فتح ٿيل ماڻهن کان پنهنجي خدمت ڪرائيندا آهن، يا وري پنهنجن قيدين (مرد توڙي عورتن) کي وڪرو ڪري پئسا وصول ڪندا آهن(69). قسطنطنيہ جي دولت، سلطان پنهنجي فاتح فوجين ۾ ورهائي ڇڏي هئي جنهن ۾ فقط هڪ ڪلاڪ جي ڦُرلُٽ جي ڪمائي به ڪنهن چڱي ڀلي صنعت جي سالن جي ڪمائيءَ جي برابر هوندي. پر جيئن ته مال غنيمت جي ورهاست جا ڪي واضح اصول نه ٺاهيا ويا هيا ته جرئت ۽ بهادري جي انعامن اڪرامن جي رسائي اصل حقدارن تائين گهٽ پر چيلن ۽ چالاڪ ماڻهن تائين وڌيڪ نظر آئي ۽ اُنهن ۾ اهڙا ماڻهو به هيا جن نه محنت ڪئي ۽ نه وري جنگ ۾ حصو ورتو هو. سندن ذلت جي داستانن کي دهرائڻ سان نه ته ڪو فائدو ٿيندو ۽ نه ان مان ڪا رهبري ملندي؛ جڏهن شهنشاهت کي ’آخري ڀيري مالي مشڪلاتون آيون ته ان وقت سندس ڪل ناڻو چاليهه لک ڊيوڪٽس(70) هيو ۽ هن دولت مان تمام ٿورو حصو وينِس، جينئا، فلورينس ۽ ائنڪونا جي واپارين جو هيو. هنن ڌارين ماڻهن محنت ڪري دولت جي ذريعن کي مٽاسٽا ذريعي وڌايو، پر يونانين جي دولت کي عاليشان محلاتن، خوبصورت الماڙين ۽ ڪٻٽن، پراڻن ۽ قديمي سِڪن جي نمائش ذريعي ڏيکاريو ويو ته متان حڪومت انهي دولت کي ملڪ جي بچاءَ جي بهاني استعمال نه ڪري ڇڏي. خانقاهن ۽ ڪليسائن جي ڦُرلٽ يا انهن جي بي حرمتي جي واقعن تي ماڻهن بيشمار شڪايتون درج ڪرايون. سينٽ صوفيا جي گنبذ کي، زميني بهشت‘ عرش جو ٻيو نطارو، فرشتن جي سواري يا وري خدا تعاليٰ جي عظمت جو تخت گاهه ڪوٺيو ويندو هو(71)، جيڪو زمانن کان خير خيرات يا قربان گاهه طور استعمال ٿيندو هو، ختم ڪيو ويو ۽ ان ۾ لڳل سون، چاندي هيرا موتي، قيمتي گلدان ۽ پادرين جاڳههَ زيور وڪڻي وڏي بي حيائيءَ سان اُنهن کي انسان ذات جي استعمال ۾ آندو ويو. خدائي مجسمن کي ختم ڪيو ويو، ڪاٺ ۽ ان مان ٺهيل عمدين شين کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو يا مورڳو اُنهن کي ساڙيو يا پيرن هيٺان ڪچليو ويو يا وري اُنهن کي بورچيخانن يا گهوڙن جي استبلن ۾ استعمال ڪيو ويو جنهن کي بيهودگيءَ کان سواءِ ٻيو نالو نٿو ڏئي سگهجي. اهڙين بي حرمتين جي مثالن جي ڪاپي، قسطنطنيہ جي لاطيني فاتحن تان ڪئي وئي هئي ۽ جيڪو رَويو حضرت عيسيٰؑ، بيبي مريم ۽ ٻين درويشن سان ڪئٿولڪن کان وٺي هلندو ٿي آيو ته جوشيلن يا جنوني مسلمانن به بت پرستي جي يادگارن سان ساڳيو نامناسب رَويو روا رکيو هو. شايد هڪ فيلسوف، بجاءِ ماڻهن جي دانهُن ۽ فريادن تي غور ڪرڻ جي ائين چوندو ته جڏهن به ڪنهن فن جو زوال ايندو آهي ته فنپارو يا ڪنهن به فن جو ماڊل ان فن جي مقابلي ۾ افضل نه هوندو آهي، اهڙيءَ طرح معجزن ۽ خوابن جي فيڪٽري کي پادرين طرفان هلايو ويندو ته کوڙ سارا معجزا پيدا ٿي پوندا ۽ ڀورڙا ۽ سادڙا ماڻهو اُنهن ۾ جلدي اعتبار به ڪري وٺندا. فيلسوف بانطيني لائبرري جي ضايع ٿيڻ تي به ڏک جو اظهار ڪيو جيڪا پڻ جنگ جي شعلن جي نذر ٿي وئي هئي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب هڪ لک ويهه هزار مسودا ضايع ٿي ويا هيا(72)، ۽ تڏهن ڏهن جُلدن جي قيمت هڪ ڊيوڪٽ هئي، ۽ ساڳي قيمت ۾ مذهبي ڪتابن جو پورو شيلف ڀرجي ويندو هو، جن ۾ ارسطو ۽ هومر جا ڪتاب به هوندا هيا ۽ قديم يونان جي سائنس ۽ علم ادب تي به وڏو مواد موجود هوندو هو. اسان کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي ٿئي ته اسان جي شاهڪار ادب، جنهن جو مُلهه ڪَٿڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي، جو گهڻو ذخيرو اٽلي ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي ۽ جرمني جي هڪ شهر جي ڪاريگرن هڪ اهڙو اصول طئي ڪري ورتو آهي جنهن مطابق وقت جي وحشي پڻي ۽ درندگيءَ جي طريقن جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.

اڻٽيهين مئي جي يادگار ۽ تاريخي ڏينهن جي پهرئين ڪلاڪ(73) کان وٺي، ساڳئي ڏينهن جي اٺين ڪلاڪ تائين، قسطنطنيہ ۾ افراتفري ۽ لُٽ مار جو راڄ هيو ۽ اُهو تڏهن وڃي ختم ٿيو جڏهن فتح جي خوشيءَ ۾ سلطان بذات خود سينٽ رومنَس جي گيٽ کان شهر ۾ داخل ٿيو. سندس وزير، پاشا، ۽ محافظ ساڻس گڏ هيا ۽ اُنهن مان هر هڪ هرڪيولَس جيان مضبوط ۽ سگهارو، اپولو جيان هوشيار ۽ جنگ جي فن ۾ هر هڪ، ڏهن عام ماڻهن جي برابر هيو. فاتح(74)، حيرت ۽ اطمينان سان گنبذ ۽ محلاتن جي عاليشان نقشن نگارن کي غور سان جاچي ڏٺو، جيڪي مشرقي عمارت سازي جي فن کان بلڪل مختلف هيا. نمائشي آکاڙي ۾ سندس نظرون هڪ اهڙي هنڌ کُپي ويون جتي ٽن نانگن جا نقش چِٽيل هيا ۽ پنهنجي طاقت آزمائڻ خاطر، هن پنهنجي لوهي نيزي ۽ جنگي ڪهاڙيءَ سان هِنن راڪاسن مان هڪ کي ڌڪ هنيو(75) جيڪي ترڪن جي نظر ۾ بُت يا شهر جا مُنڊيءَ جا جَڙاوَ يا ٻُڙا هيا. سينٽ صوفيا جي مکيه دروازي تي هو پنهنجي گهوڙي تان هيٺ لٿو، ۽ گنبذ جي اندر ويو ۽ عظمت جي هن مناري لاءِ هن جي دل ۾ ايتري عزت پيدا ٿي وئي جو هن جڏهن اهو ڏٺو ته هڪ جوشيلو مسلمان، ماربل جي ٺهيل پيچري کي اُکوڙي رهيو هو ته سلطان پنهنجي ترار اُڀي ڪندي کيس سخت تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن قيدي ۽ ٻيو مال غنيمت سپاهين کي ڏنو ويو هو ته هي عاليشان ۽ عوامي تفريح جون عمارتون ۽ محلات خود سلطان جي لاءِ مخصوص ڪيا ويا هيا. سندس حڪم تي اوڀر جي شهر جي ڪليسا کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو، ان مان وهمن وسوسن ۽ بُت پرستيءَ جا اوزار يا مورتيون اڳيئي ڪڍيون ويون هيون، صليبُن کي ٻاهر اڇلايو ويو، ۽ جن ديوارن تي تصويرون، مجسما يا نقش ڪيل هيا، اُنهن کي مٽائي ۽ ديوارن کي ڌوئي پاڪ ڪيو ويو. ساڳئي يعني جمعي جي ڏينهن تي مؤذن وڏي اوچائيءَ تي ٺهيل ممبر تي چڙهيو ۽ اتان وڃي اَذان ڏنائين جنهن ۾ الله ۽ ان جي رسول ﷺ جا نالا ڏنل هيا. نماز ۾ امام خطبو ڏنو ۽ محمد ٻئي پڻ ٻين سان گڏجي نماز ادا ڪئي ۽ ان قربان گاهه تي وڃي شڪرانا ادا ڪيائين جتي عيسائين جي رازن بابت، آخري قيصرن (سيزرس) کان ٿورڙو ئي اڳ شادمانا ٿيا هيا(76). سينٽ صوفيا کان هو هڪ ويران جهوپڙي ۾ ويو جنهن بابت چيو ٿو وڃي ته اُها ڪانسٽئنٽائن جي هڪ سؤ دعويدارن يا جانشينن جي هئي، پر جنهن کي چند ڪلاڪن اندر ان اعزاز کان محروم ڪيو ويو هيو. انساني عظمت جي لاهن چاڙهن بابت ڪيئي خيال سندس ذهن ۾ اُڀريا ۽ لٿا ۽ هن فارسي شاعريءَ مان ٻه سٽون پڙهيون: ”ڪوريئڙي پنهنجو ڄار شاهي محلات ۾ اُڻيو آهي، ۽ چٻري، افراسياب جي منارن تي ويهي پنهنجو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو آهي(77)‘.

سلطان تنهن هوندي به مطمئن نه هيو. هن تيستائين پنهنجي سوڀ کي مڪمل نه پئي سمجهيو جيستائين کيس ڪانسٽئنٽائن بابت پوري خبر نه پئي هئي ته هو ڪيڏانهن ڀڄي ويو هو، ڪٿي قيد ٿي ويو هو يا جنگ ۾ مري ويو هو. ٻن جئنيسرين دعويٰ ڪئي ته هنن کيس ماريو هو ۽ انعام جو مطالبو ڪرڻ لڳا، سندس لاش کي ٻين لاشن جي ڍير جي هيٺان ڳولي لڌو ويو ۽ کيس سندس بوٽن جي نشاني ذريعي سڃاتو ويو جن تي سونهري عقابن جو برٿ ڀريل هو، يونانين پنهنجي فوت ٿيل شهنشاهه جي سِرَ کي سڃاتو ۽ سندس موت تي ڳوڙها ڳاڙيا، ۽ رت سان ڀريل ٽرافي کي ڏيکارڻ کان پوءِ(78)، محمد حڪم ڏنو ته سندس دشمن کي پورن اعزازن سان دفن ڪيو وڃي. ڪانسٽئنٽائن جي موت کان پوءِ، ليوڪَس نوٽارَس جيڪو هڪ وڏو نواب(79)، ۽ شهنشاهت جو پهريون وزير هو، اُهو سڀني کان وڌيڪ اهم قيدي هو. اوچتو هو اڳتي وڌيو ۽ خزانن جا انبار کڻي سلطان جي پيرن تي وڃي ڪريو، ’پر ڇو؟‘ سلطان کانئُس پڇيو، ’تو هي خزانو پنهنجي بادشاهه جي حوالي نه ڪيو ته هو پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ هن مان ڪجھ مدد وٺي سگهي ها؟‘ ’هي خزانو اوهان جو آهي‘ غلام جواب ڏنو، ’الله تعاليٰ هن کي اوهان جي هٿن جي حصي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو‘. ’جيڪڏهن اهو منهنجي حصي جو هيو‘ آمر کيس چيو، ’ته پوءِ تو هيترو وقت منهنجي حوالي ڇو نه ڪيو ۽ تو اسان سان جنگ به جاري رکي؟‘ وڏي نواب سلطان کي ڪجھ ڌارين ماڻهن جي ضد بابت ٻڌايو ۽ ترڪي جي هڪ وزير جي ڳجهن رازن جي باري ۾ به کيس ٻڌايائين. هن تفصيلي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ سلطان نه رڳو کيس معاف ڪيو پر سندس حفاظت ڪرڻ جو به کيس يقين ڏياريائين. محمد هاڻي پنهنجي گهر واري ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو جيڪا هڪ معتبر بادشاهه زادي هئي ۽ جيڪا ڪيتري وقت کان وٺي بيمار هئي، ۽ سلطان ڪوشش ڪئي ته هو سندس تڪليفن ۾ کيس ڪجھ دلداريون ڏئي جيڪا انسانيت توڙي ساڻس ويجهي رشتيداريءَ جي به گهُرج هئي. سلطان پنهنجن آفيسرن جي لاءِ به ڪجھ نرميون ۽ ذاتي شفقت جو اظهار ڪيو، جن مان ڪيترن کي ته هن پنهنجي خرچ تي آزاد ڪرايو هو ۽ ڪجھ ڏينهن لاءِ هن پاڻ کي فتح ٿيل ۽ مظلوم ماڻهن جو دوست ۽ سندن پيءُ ظاهر ڪيو. پر جلدئي اهو منظر تبديل ٿي ويو ۽ سندس رواني ٿيڻ کان اڳ ئي نمائشي آکاڙي ۾ سندس معتبر قيدين کي قتل ڪيو ويو. سندس ڌوڪي واري ظلم تي عيسائين کيس پِٽ پاراتا ڏنا. هنن وڏي نواب جي موت کي بهادري واري شهادت جو نالو ڏنو ۽ سندس موت جو سبب اهو ڄاڻايو ويو ته نواب پنهنجن ٻارن کي سلطان جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ڇو ته هو اهڙي طرح پنهنجي جنسي خواهش پوري ڪري ها. بهرحال هڪ بازنطيني مؤ‍رخ ان کي سلطان خلاف کليل سازش ڪوٺيو آهي جنهن ۾ شايد اٽلي جو هٿ هيو؛ هن غداريءَ کي شاندار چئي پيو سگهجي پر حقيقت اها آهي ته جنهن باغي جرئت سان اهو ڪُڌو ڪم ڪيو هو، ان کي پنهنجي جان تان به هٿ ڌوئڻا پيا ۽ نه وري فاتح جو ان ۾ ڪو قصور هيو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن پنهنجن دشمنن کي مارايو به هو ته فقط ان ڪري ته هو اُنهن تي اعتماد نه ڪندو هو، توڙي جو ان ڪهاڻيءَ ۾ ڪا صداقت نٿي ڏسجي. ارڙهين جون تي سوڀارو سلطان هئڊريانوپل واپس ويو ۽ عيسائين جي ڪمينگي وارين حرڪتن تي طنز مان کليو جن کي اوڀر جي شهنشاهت جي زوال جي روپ ۾ پنهنجي بربادي نظر آئي هئي.

قسطنطنيہ هاڻي ويڳاڻو ۽ غير آباد لڳي رهيو هو، جنهن ۾ نه ڪو بادشاهه هو ۽ نه وري منجهس ماڻهن جي وڏي آبادي موجود هئي. پر تنهن هوندي به ان کي برباد شهر هرگز نٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ ته ان جي بيهڪ ئي بي مثال هئي، ٻيو ته اهو هڪ وڏي شهنشاهت جي گاديءَ جو هنڌ هيو ۽ هن هنڌ جو ڏيک وقت جي حادثن ۽ قسمت جي لاهن چاڙهن کان گهڻو مٿاهون هو. بورسا ۽ هئڊريانوپل، جيڪي عثمانيه سلطنت جا قديمي گاديءَ جا هنڌ هيا، اُهي هاڻي صوبائي شهرن جي هيٺئين درجي تي اچي ويا هيا ۽ محمد ٻئي پنهنجي توڙي پنهنجن جانشينن جي رهائش گاهه ساڳئي اهم مقام تي رکي جيڪا ڪانسٽئنٽائن پنهنجي لاءِ چونڊي هئي(80). غلاطه جي قلعن کي، جيڪي شايد لاطينين کي پناهه ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ها، ڊاهي پٽ ڪيو ويو، پر جيڪو نقصان ترڪن جي توبخاني جو ٿيو هو ان جي هڪدم مرمت ڪئي وئي ۽ آگسٽ جي مهيني کان اڳ چوني جي گهڻي مقدار کي ساڙيو ويو هو ته جيئن قسطنطنيہ جي ديوارن جي مرمت ڪري انهن کي اصل صورت ۾ آندو وڃي. جيئن ته سموري زميني توڙي عمارتي ملڪيت، توڙي سرڪاري هئي يا خانگي، ملحداڻي هئي يا مقدس، هاڻي فاتح جي ٿي وئي هئي ته هن سڀ کان پهريون اٺن فرلانگن جي ٽڪري کي هڪ ٽڪنڊي جڳهه کان جدا ڪيو ته جيئن پنهنجو محل يا حرم سراءِ ٺهرائي سگهي. هتي ئي عيش عشرت جو مرڪز هو ۽ عالم پناهه (جيئن اٽلي وارا کيس سڏيندا هيا) هتان ويهي يورپ ۽ ايشيا تي حڪومت ڪندو هو پر باسفورس جي ڪنارن تي هو دشمنن جي سامونڊي فوج جي نشانن کان محفوظ ڪونه هو. سينٽ صوفيا جي عظيم ڪليسا، جنهن کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو هيو، منجهان ڪافي ناڻو وصول ٿيڻ لڳو جنهن ۾ ڪافي منارن جو واڌارو ڪيو ويو هيو ۽ جنهن جي اردگرد وڻن جا جهڳٽا ۽ ڦوهارا تعمير ڪيا ويا هيا، ته جيئن مسلمان عقيدت سان عبادت ڪري سگهن ۽ اهڙن دلڪش نظارن ۾ روحاني تراوت به حاصل ڪن. ساڳي طرز تي شاهي مسجدون تعمير ڪرايون ويون جن کي عرف عام ۾ جامع مسجد چيو ويندو هو ۽ پهرين اهڙي مسجد محمد ٻئي ٺهرائي هئي جيڪا پاڪ حوارين جي ڪليسا جي تباهه ڪارين مٿان ۽ يوناني شهنشاهن جي مقبرن جي ڀرسان تعمير ڪرائي وئي هئي. سوڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٽئين ڏينهن تي، ابو ايوب جي قبر(*)، جيڪو عربن جي پهرئين حملي ۾ شهيد ٿيو هو، کي خواب ۾ ڏٺو ويو ۽ ترڪ سلطان سندس مقبري جي اڳيان اچي پنهنجي سلطنت جي ترار کڻندا آهن(81). قسطنطنيہ جو تعلق فقط روم جي تاريخدان سان نه آهي ۽ نه وري آءٌ هتي شهري يا مذهبي عمارتون ويهي ڳڻائيندس جن کي ترڪن تعمير ڪرايو هو، آبادي به پوءِ تيزيءَ سان وڌي ۽ سيپٽمبر کان پهريون انا توليا ۽ رومانيا جا پنج هزار خاندان شاهي حڪم کي مڃيندي ۽ پنهنجي مٿان موت جي ترار کي لڙڪندو ڏسندي، گاديءَ جي هنڌ ۾ پنهنجون نيون جايون جڳهون جوڙي ويهي رهيا. محمد جي تخت کي ماڻهن جي تعداد ۽ سندس رعيت جي وفادار مسلمانن جي پُشت پناهي حاصل هئي، پر سندس قومي پاليسي اها هئي ته يونانين کي به هو پنهنجي ملڪ ۾ واپس آڻيندو. ۽ اُهي وڏن انبوهن ۽ هجومن جي صورت ۾ واپس وريا ڇو ته سندن زندگي، آزادي، ۽ مذهبي عبادتن ۽ رسمن کي جاري رکڻ جي کين مڪمل ضمانت ڏني وئي هئي. شهر جي بزرگ يا اڳواڻ جي پڳ ٻڌرائڻ جي رسم کي، بازنطينين جي محل جي رسمن کي زندهه ڪري اختيار ڪيو ويو هو. اطمينان ۽ ڀئو جي گڏيل جذبن سان هنن سلطان کي تخت تي ويٺل ٿي ڏٺو، جنهن جينيڊيَس کي ريڍارن وارو هڪ لَڪڻ يا ڏنڊو سندس هٿن ۾ ڏنو جنهن کي ڪليسائي رتبي جي هڪ علامت سمجهيو ويندو هو. هُن بزرگ کي حرم سراءِ جي گيٽ تائين آندو، سندس اڳيان گهوڙو آندائين جنهن مٿان تمام مهانگا سنجَ رکيل هيا ۽ وزيرن ۽ پاشائن کي حڪم ڏنائين ته کيس محلات تائين وٺي وڃن جتي سندس رهائش گاهه مقرر ٿي هئي(82). قسطنطنيہ جون ڪليسائون ٻن مذهبن ۾ ورهايل هيون، اُنهن جون حدون مقرر ڪيون ويون هيون، ۽ جيستائين سليم طرفان دخل اندازي نه ٿي هئي، جيڪو محمد جو پوٽو هو، يونانين(83) سٺ سالن تائين مذهبي حد بنديءَ مان مڪمل فائدو ورتو هو. عيسائي، جن کي ديوان جي وزيرن جي پٺڀرائي حاصل هئي ۽ جن سلطان جي جنونيت کان بچڻ ٿي چاهيو، هنن جو خيال هو ته اها حد بندي هڪ قانوني گهرج هئي، جنهن ۾ سخا نه پر ساڻن انصاف ڪيو ويو هو، ساڻن رعايت نه پر هڪ معاهدو هو ۽ جيڪڏهن اوچتو اڌ شهر به کانئن کسجي وڃي ته ٻي اڌ ته اڳيئي مقدس شڪست قبول ڪري آڻ مڃي ڇڏي هئي. شروع ۾ مليل امداد ته باهه جي شعلن ڳڙڪائي ڇڏي هئي، پر نقصان جو ازالو ٽن جئنيسرين جي شاهدي ذريعي پورو ڪيو ويو هيو جن کي معاهدي جا نقطا چڱيءَ طرح ياد هيا ۽ ڪئنٽمِير جي خيال مطابق، ان وقت جي مثبت روَين، تاريخي حقيقت ۽ گڏيل هاڪار جي مقابلي ۾ اُنهن ڪوڙن قسمن جي وڌيڪ اهميت هئي جيڪي پئسا وٺي کنيا ويا هيا(84).

يورپ ۽ ايشيا ۾ يونان جي بادشاهت جي بچيل ٽُڪرن کي آءٌ ترڪن جي فوج جي حوالي ٿو ڪريان، پر ٻن شاهي خاندانن(85) جي تباهي جن جو قسطنطنيہ تي راڄ هوندو هو، بذات خود ڄڻ اوڀر ۾ روم جي شهنشاهت جي زوال ۽ خاتمي جي مڪمل شاهدي پيش ڪري ٿي. موريا، ڊميٽريَس ۽ ٿومَس(86) جن مان ٻه پئلولاگَس جا ڀائر هيا جيڪي اڃا جيئرا هيا، کين ڪانسٽئنٽائن جي موت تي حيرت وٺي وئي هئي ته اوترو اچرج کين بادشاهت جي تباهيءَ جو هيو. جيئن ته هاڻي هو پنهنجي بچاءَ کان به نااُميد ٿي ويا هيا ته اُنهن مانائتن يونانين سان گڏجي، اٽلي ۾ وڃي پناهه ورتي ته جيئن ترڪن جي خطرن ۽ هراس واري ڪيفيت کان پري هجن. سندن شروعاتي خدشا ته سوڀاري سلطان خود ئي دور ڪري ڇڏيا هيا جنهن کانئن ٻارهن هزار ڊيوڪٽس جو ٽئڪس وٺي کين مطمئن ڪيو هو ۽ سندس خواهش هئي ته ٻين کنڊن، علائقن ۽ ٻيٽن جي به تلاش ڪئي وڃي ته جيئن اُهي به ٽئڪس يا جزيو ادا ڪن، اهڙي ئي طريقي سان موريا کي ستن سالن تائين سُڪون ملي ويو هو. پر هن ظاهري سُڪون ۾ ڏک، اختلاف ۽ تڪليفون لِڪل هيون. هيڪسامِلين، جيڪو سمنڊ جي سوڙهي پٽيءَ تي هڪ قلعو هو ۽ جنهن کي ڪڏهن ٺاهيو ته ڪڏهن ڊاهيو ويندو هو، اٽلي جا ٽي سؤ تير انداز هاڻي ان جي حفاظت نٿي ڪري سگهيا، ڇو ته ڪوِرنٿ جي چاٻين تي ترڪن قبضو ڪري ڇڏيو هو، جڏهن اُهي اونهاري جي سير سفر کان واپس موٽيا ته ساڻن گڏ بيشمار قيدي ۽ ججهو مال غنيمت هيو؛ جيڪي يوناني زخمي ٿيل هيا اُنهن جي شڪايتن تي غور ته نه ڪيو ويو پر اُنهن کي نفرت سان هڪ ڪَن کان ٻُڌي ٻي ڪن کان ڪڍيو ويو. البانيا وارن، جيڪي ريڍارن ۽ لٽيرن جي روپ ۾ رولُو ماڻهو هيا، هن ٻيٽ کي پنهنجن لشڪرن سان اچي ڀريو پر اُنهن هر طرف لُٽ مار ۽ قتل جون وارداتون شروع ڪري ڇڏيون، ٻن آمرن، پاڙي وارن پاشائن کان مدد گهري جيڪا بي عزتي واري هئڻ سان گڏ خطرناڪ به هئي، پر جڏهن هن بغاوت کي ڪچلي ڇڏيو ته هن تجربي مان جيڪو سبق کيس مليو، ان کيس اڳتي لاءِ محتاط ڪري ڇڏيو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙو رَويو اختيار ڪرڻ بهتر هو، رت جا رشتا، توڙي جيڪي هنن قربان گاهن اڳيان قسم کڻي واعدا وچن ڪيا هيا، ۽ نه وري ضرورتن جا ٻنڌڻ، گڏجي به سندن گهريلو جهيڙن جهڳڙن کي ختم ڪرائي سگهيا. هنن ترار جي زور تي هڪ ٻئي جي مال ملڪيت يا وراثتن کي پئي لٽيو ۽ ڦريو، جيڪا امداد يا خير خيرات اولهه جي ملڪن کان هتي پهتي هئي ته ان کي به دشمنين سبب ضايع ڪيو ويو ۽ هو رڳو پنهنجي وحشي پڻي ۽ خون خرابي ذريعي زندگي گذارڻ ڄاڻندا هيا، ان کان سواءِ ٻيو ڪو به لڇڻ منجهن ڪو نه هو. ڪمزور دشمن جون تڪليفون ڪڏهن سندن وڏي سرواڻ يا سردار جو توجهه ڇڪرائينديون هيون، ۽ جڏهن معاملو برداشت کان ٻاهر ٿي ويو ته محمد پاڻ کي ڊميٽريس جو دوست ظاهر ڪيو ۽ وڏي فوج وٺي موريا تي ڪاههَ ڪري اُتي پهتو. هن جڏهن اسپارٽا جي مال ملڪيت پنهنجي قبضي هيٺ ڪئي ته: ’تون بيحد ڪمزور آهين‘ سلطان چيو، ’ته هن بغاوت واري صوبي کي صبر ۽ سڪون ۾ واپس آڻين. تنهنڪري آءٌ تنهنجي ڌيءُ کي پنهنجي بستري تي سمهاريندس ۽ تون پنهنجي باقي زندگي عزت ۽ حفاظت سان گذاريندين‘. ڊميٽريَس ٿڌو ساهه کنيو ۽ حڪم مڃيندي پنهنجي ڌيءُ ۽ قلعا سلطان جي حوالي ڪيائين، ۽ سلطان جي پٺيان هئيڊريانوپل پهتو ۽ ٿريس جو شهر سندس حوالي ڪيو ويو ته جيئن هو پنهنجو گذارو ڪري سگهي. ان کان سواءِ امبروس، ليمنوس ۽ سئموٿريس جا ننڍا ننڍا ٻيٽ به ڊميٽريس جي حوالي ڪيا ويا. ايندڙ سال ڏکن جو سندس پراڻو ساٿي به ساڻس وڃي مليو جيڪو ڪمنينيَن قوم جو آخري فرد هو جنهن، لاطينين طرفان قسطنطنيہ فتح ڪرڻ کان پوءِ، ڪاري سمنڊ جي ڪناري تي هڪ نئين شهنشاهت جو بنياد رکيو هيو(87). جيتري قدر اناتوليه جي فتح جو تعلق آهي محمد، دائود جي گاديءَ جي هنڌ ۾ سامونڊي توڙي پيادل فوج مقرر ڪئي، جنهن پاڻ کي ٽريبيزانڊ(99) جو شهنشاهه سمجهي ڇڏيو هو ۽ جيڪا سندن پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ان جو آخري يا فيصلائتو سوال هي هيو: ’ڇا تون پنهنجي بادشاهت کي ڇڏي پنهنجي زندگي ۽ مال دولت بچائڻ چاهيندين؟ يا پنهنجي دولت، بادشاهت ۽ زندگي ٽيئي وڃائڻ چاهيندين؟ ڪمزور ۽ ڊڄڻي ڪمنينَس کي ڏڪڻي وٺي وئي، ٻيو ته کيس هڪ مسلمان پاڙيسري جي خبر هُيس جيڪو سِنوپ(89) جو بادشاهه هو جنهن کي سلطان جو اوچتو سڏ ٿيو ته اُهو پنهنجي قلعي واري شهر، جنهن ۾ چار هزار توبون ۽ ڏهن کان ٻارهن هزار سپاهي هيا، ڇڏي هليو ويو، تنهن ڪري ٽريبيزانڊ جي هٿَ ٺوڪئي شهنشاهه به بنا دير آڻ مڃي، جنهن پنهنجي ڪٽنب سميت رومانيا جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي، پر ان شڪ تي ته هو فارس جي بادشاهه سان ڳجهه ڳجهاندر ۾ خط و ڪتابت ڪندو هو، ته کيس نه رڳو پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا پر سڄي ڪمنينـُين قوم کي قربان ڪيو ويو ڇو ته اهو فاتح جو حڪم هو. هوڏانهن ڊميٽريَس کي سندس پيءُ جي نالي به هن جو بچاءُ نه ڪيو، کيس ملڪ بدر ڪيو ويو ۽ سندس ملڪيت کي ضبط ڪيو ويو، سندس مسڪيني ۽ مظلوميت واري حالت سلطان جي دل ۾ رحم ۽ نفرت جا گڏيل جذبا پيدا ڪيا، سندس پوئلڳن کي قسطنطنيہ پهچايو ويو ۽ کيس پنجاهه هزار ائسپرس (سڪو) جي پينشن ڏئي سندس غربت جو ڪنهن حد تائين ازالو ڪيو ويو، ان وچ ۾ خانقاهي زندگي گذارڻ ۽ ڪجھ ٻين سببن جي ڪري پيلولاگس به مري ويو. باقي اها ڳالهه يقين سان نٿي چئي سگهجي ته ڊميٽريس جي غلامي ۽ ذلت واري زندگي يا سندس ڀاءُ ٿومَس(90) جي جلاوطني ختم ٿي يا لڳاتار رهي. موريا جي سوڀ کان پوءِ بادشاهه ڪورفو ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتان وري اٽلي هليو ويو ۽ هن سان ڪجھ اگهاڙا ساٿي به گڏ هيا؛ ڇاڪاڻ ته سندس نالو وڏو هيو ۽ کيس تڪليفون به آيون هيون تنهن ڪري حوارين جي اڳواڻ سينٽ ائنڊريو کيس وئٽيڪن ۾ پنهنجو مهمان بڻايو ۽ سندس ڏکن واري زندگي کي ڪجھ آٿت ڏيڻ لاءِ، پادري ڇهه هزار ڊيوڪٽس سندس وظيفو مقرر ڪري ڇڏيو. سندس ٻن پٽن ائنڊريو ۽ مئنيوئل کي اٽلي ۾ تعليم ڏياري وئي، پر وڏو پنهنجين خراب عادتن ۽ ناڪام شاديءَ سبب، دشمنن لاءِ نفرت جوڳو ۽ دوستن تي هڪ بار بڻجي ويو. کيس هڪ لقب ڏنو ويو هو ۽ اهو ئي سندس سڄو ورثو هو جنهن کي هن فرانس ۽ ائراگان(91) جي بادشاهن کي وڪڻي ڇڏيو. ٿورن خوشحالي وارن ڏينهن ۾ چارلس اٺين، اوڀر جي شهنشاهت جي حڪمراني جي خواهش ڏيکاري جنهن ۾ نئپلس جي بادشاهت به شامل هوندي، هڪ عوامي اجتماع ۾، هن آگسٽَس جي لقب سان پاڻ کي شهنشاهه بڻائي ڇڏيو، يونانين شادمانا ڪيا ۽ ترڪ، فرانس جي سورهيائيءَ کان اڳيئي ڪنبي رهيا هيا(92). مينيوئل پئلولاگَس، جيڪو سندس ٻيو پٽ هيو، کي لالچايو ويو ته پنهنجي وطن جو چڪر لڳائي اچي ته واپسيءَ تي کيس مان ملندو، اهڙيءَ طرح قسطنطنيہ ۾ کيس آسائش ۽ حفاظت سان ترسايو ويو، ۽ خبر تڏهن پئي جڏهن عيسائين ۽ مسلمانن جي هڪ وڏي هجوم وڏي مان شان سان کيس قبر ۾ وڃي پوريو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن ۾ اهڙا جانور به پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجن علائقن جي بجاءِ ٻين هنڌن تي وڃڻ چاهيندا آهن، اهڙيءَ طرح شاهي خاندان جو آخري نسل به نالائق منجهان هيو ۽ پاڻ کي ثابت به اهڙو ئي ڪري ڏيکاريائون، هن سلطان کان ٻه خوبصورت عورتون تحفي ۾ ورتيون، ۽ سندس پٽ جيترو وقت به زندهه هيو ته لڳندو هو ته ڄڻ هيو ئي ڪين ۽ هڪ ترڪ غلام جي مذهب کي قبول ڪيو هيائين.

قسطنطنيہ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ ان جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي هئي؛ نڪولس پنجين جي پادريت، توڙي جو پُرامن ۽ خوشحاليءَ واري هئي، پر اوڀر جي شهنشاهت جي خاتمي سان سندس پادريت به بي عزت ٿي ختم ٿي وئي، هاڻي وري لاطينيت جون تڪليفون ۽ سندن خوف خطرا وڌي ويا ڄڻ ته وري صليبي جنگين جو جذبو ۽ جنون نئين سر زندهه ٿي ويو هو. اولهه جي هڪ دؤر دراز ملڪ ۾ برگنڊي جو نواب، فلانڊرس ۾ لِسلي جي هنڌ تي پنهنجن دوستن ۽ اميرن سان ڪچهري ڪري رهيو هو ۽ هن دعوت ۾ طعامن جي ڌوم ڌام واري نمائش ڪئي وئي هئي، ۽ کاڌا اهڙا هيا جيڪي سندن تصور ۽ مزاج جي عين مطابق هيا(93). هلندڙ دعوت جي وچ ۾ هڪ جانٺو عرب مسلمان وڏي هال ۾ هليو ويو جنهن سان هڪ مصنوعي هاٿي ساڻ هيو ان وقت سندس پُٺي قلعي طرف هئي، هڪ بزرگ عورت، جنهن کي ماتمي لباس پاتل هيو، جنهن کي مذهب جي علامت به چيو ويندو آهي، قلعي مان ٻاهر نڪتي، هن پنهنجين اذيتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجن ساٿين جي سُستيءَ تي الزام مڙهيائين، پر سونهري پشم جو واپاري اڳتي وڌيو، سندس مُٺ ۾ هڪ چڪور هو، ۽ اتان جي رسمن مطابق، هن اُهو چڪور نواب جي خدمت ۾ پيش ڪيو. هن عجيب و غريب موقعي تي، فلپ، هڪ بزرگ ۽ ڏاهي بادشاهه پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته هو ترڪن خلاف مقدس جنگ جي شروعات ڪندو، ان ميڙ ۾ ويٺل ننڍن پادرين ۽ نوابن سندس مثال جي پٺڀرائي ڪئي، اُنهن خدا، بيبي مريم، عورتن ۽ چڪور جو قسم کنيو، سندن عزم سندن کنيل قَسمن کان گهٽ مانائتو نه هيو. پر عملي قدمن کڻڻ جي منزل اڃا اڳڀري هئي ۽ ٻارهن سالن ۾ يا ائين کڻي چئجي ته سندس پساهن جي آخري گهڙين تائين، برگنڊي جو نواب شايد پوري خلوص سان هن جهان مان پنهنجي لاڏاڻي جي تيارين ۾ رهيو هو. جيڪڏهن هر سينو جوش جذبي سان چمڪندڙ هجي ها، جيڪڏهن عيسائين جو اتحاد سندن جرئت ۽ بهادريءَ سان مطابقت رکندڙ هجي ها، جيڪڏهن سئيڊن(94) کان وٺي نئپلس تائين هر ملڪ گهوڙي سوار، پيادل فوج ۽ دولت جي پنهنجي حصي آهر مدد ڪري ها، ته اهو عين ممڪن هو ته قسطنطنيہ کي ڌارين کان ڇوٽڪارو ملي وڃي ها ۽ ترڪن کي هيلسپانٽ يا فرات تائين ڌِڪي ٻاهر ڪڍجي ها. پر شهنشاهه جي سيڪريٽري، جنهن هر خط پاڻ ويهي لکيو هو ۽ هر ميٽنگ ۾ پاڻ شريڪ ٿيو هو ۽ جنهن جو نالو انيس سلويَس(95) هو ۽ پاڻ مدبر سان گڏ تقرير جو به وڏو ماهر هو، پنهنجي تجربي مان عيسائين جي ابتريءَ بابت هينئن ٿو ٻڌائي: ’اهو اهڙو جسم آهي جيڪو بغير سِرَ يا دماغ جي آهي، هڪ اهڙي جمهوريه، جيڪا بغير قاعدن، قانونن يا مئجسٽريٽ جي آهي. پادري ۽ شهنشاهه فقط وڏا لقب يا بيجان مورتين جي صورت ۾ رهجي ويا آهن ڇو ته هو ان قابل نه رهيا آهن جو حڪم ڏئي سگهن ڇو ته ڪو به انهن جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي، هر ملڪ کي پنهنجو بادشاهه آهي ۽ هر بادشاهه پنهنجو ذاتي مفاد يا مطلب ٿو رکي. ڪهڙي تقرير يا ڪهڙو تقرير جو ماهر ايترن سارن مختلف نظريا رکندڙن ۽ هڪ ٻئي جي مخالفن کي پاڻ ۾ ملائي ۽ ساڳئي جهنڊي هيٺ آڻي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن فرض ڪجي ته هو جنگ ۾ گڏ ٿي ويندا ته پوءِ ڪنهن کي اها جرئت ٿيندي ته سندن جنرل ٿيڻ قبول ڪري؟ اهڙي صورتحال ۾ نظم ۽ ضبط کي ڪير برقرار رکندو؟ فوجي ضابطا ڪير بحال ڪندو؟ ڪير ايترن بيشمار ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪندو؟ مختلف ٻولين ڳالهائڻ وارن جي زبان ڪير سمجهندو يا وري ڪير کين اخلاق عادتون سيکاريندو جيڪي باقي ماڻهن سان مطابقت رکندڙ هجن؟ ڪهڙو اهڙو ماڻهو هوندو جيڪو انگريزن ۽ فرانسيسين، جينئا ۽ ائراگان وارن ۽ جرمني ۽ هنگري ۽ بوهيميا جي مختلف ۽ متضاد ماڻهن جي وچ ۾ سرچاءُ ڪرائيندو؟ جيڪڏهن مقدس جنگ ۾ ماڻهن جو تعداد گهٽ هوندو ته ڪافر کين جلد شڪست ڏئي ڇڏيندا، پر جي تعداد گهڻو هوندو ته پنهنجي ئي وزن ۽ مونجهارن ۾ چيڀاٽجي ويندا‘. تنهن هوندي به ساڳيو انيس، جڏهن پيَس- ٻئي جي لقب هيٺ کيس پادري جي تخت تي ويهاريو ويو، ته هن هڪدم ترڪن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. مئنٽئا(*) جي اجلاس ۾ هن ماڻهن ۾ ڪجھ جوش جذبو ضرور پيدا ڪيو پر ڪمزور ۽ بيجان هيو، پر جڏهن پادري ائنڪونا() ۾ پهتو ته جيئن ذاتي طور تي فوجين جي صورتحال کي پاڻ وڃي ڏسي، ته هن محسوس ڪيو ته تياريون هاڻي بهانن جو روپ وٺي چڪيون هيون، اهڙيءَ طرح سڄو ڏينهن اجاين پروگرامن ٺاهڻ ۾ گذري ويو جنهن جو کڙ تيل ڪجھ به نه نڪتو، سندس موثر فوج فقط جرمني وارن جي هئي جن کي مجبور ٿي هن منع ڪري ڇڏي. مستقبل جي ڪا پرواهه نه ڪندي، سندس جانشينن توڙي اٽلي جي طاقتن کي فقط موجوده وقت ٽارڻ ۽ گهريلو مقصدن حاصل ڪرڻ جي ڳڻتي هئي، ۽ سندن نظرن ۾ هر مقصد ظاهري نوعيت جو هو. جيڪڏهن هو ڪنهن وڏي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها ته اُهو خود کين، سندن ظاهر ظهور دشمن خلاف، دفاعي ۽ سامونڊي جنگ جي تيارين ۾ مشغول ڪري ڇڏي ها ۽ سڪندر بيگ ۽ البانيا جي بهادر ماڻهن جي مدد ملڻ کان پوءِ نئپلس جي بادشاهت شايد حملي کان بچي وڃي ها. ترڪن طرفان آٽرئنٽو جو گهيرو ۽ سندس بربادي هر طرف ماڻهن ۾ هراس پيدا ڪري ڇڏيو ۽ پادري سِڪسٽَس، ائلپس کان به اڳتي وڌڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته عين ان موقعي تي محمد ٻئي جي موت في الحال طوفان کي ٽاري ڇڏيو، موت وقت سندس عمر ايڪونجاهه سال هئي(96). هن اٽلي کي به فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، جيڪو مضبوط شهر ۽ ڪشادي بندر جو مالڪ هو، ۽ جيڪڏهن محمّد-II ڪجھ وقت وڌيڪ زندهه رهي ها ته نِت نيون سوڀون سندن قدم چمن ها ۽ سندس نالو قديم روم جي ناميارن ماڻهن جي لسٽ ۾ موجود هجي ها(97).


§ (ستٽيهه هزار پيغمبرن جي انگَ کي گبن خبر ناهي ڪٿان هٿ ڪيو آهي، اسان ته اهو انگ هڪ لک چوويهه هزار پڙهيو آهي. سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org