سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:27

الپ ارسلان جي زندگي ۾ ئي سندس وڏي پُٽ کي ترڪن جي مستقبل جي سلطان طور چونڊيو ويو هو. سندس پيءُ جي موت تي، سندس موروثي حق تي سندس چاچي، سندس سؤٽ ۽ سندس ڀاءُ اختلاف ڪيو هو، هنن تراريون ٻاهر ڪڍيون ۽ پنهنجن پنهنجن حمايتين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ مالڪ شاهه(41) جنهن ٽي دفعا فتح حاصل ڪئي هئي، ان جي شهرت تمام گهڻي هئي ۽ هن موڀي پٽ هئڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي. هر دؤر ۾ ۽ خاص طرح ايشيا ۾، طاقت ۽ اقتدار ۾ اچڻ جي خواهش ساڳين جذبن کي جنم پئي ڏنو آهي ته ساڳين ۽ هڪ جهڙن مسئلن ۽ مونجهارن کي به اٿاريو آهي، پر خانه جنگي جي ڊگهن داستانن منجهان هڪ اهڙو جذبو جيڪو نج، سچو ۽ بيحد شانائتو به هجي، ڳولي ڪڍڻ بيحد مشڪل ڪم آهي پر هڪ ترڪ بادشاهه جي قول ۾ ان عظمت کي ڏسي پَسي سگهجي ٿو. هڪ جنگ جي موقعي تي هن طُوس ۾ امام رضا جي روضي تي پنهنجي خدمت سرانجام ٿي ڏني. جيئن ئي سلطان زمين تان اٿيو، ته هن پنهنجي وزير نظام کان پڇيو ته ٻيو ڪير ساڻس گڏ ويٺو هو، ۽ سندس ڳجهي درخواست يا اپيل جو ڇا مطلب هيو: ’ته خدا تنهنجن فوجن کي فتح ياب ڪري‘. اهو سندس وزير جو دورانديشي ۽ خلوص نيتي وارو جواب هيو. ’جيتري قدر منهنجو تعلق آهي‘، شانائتي مالڪ وراڻيو، ’مون رب تعاليٰ آڏو عاجزيءَ مان ٻاڏايو آهي ته هو منهنجي زندگي ۽ تخت ڀلي مون کان ان صورت ۾ کسي ڇڏي جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ، مسلمانن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ مون کان وڌيڪ لائق ۽ اهليت رکندڙ آهي‘. خدائي فيصلي کي خليفي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ اهو پهريون دفعو ائين ٿيو جو هڪ بربر کي خليفي ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو هو؛ هو ذاتي لياقتن توڙي پنهنجي شهنشاهت (خلافت) جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي حساب سان پڻ پنهنجي دؤر جو وڏي ۾ وڏو بادشاهه هيو. فارس ۽ شام ۾ معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ کان پوءِ، هو هڪ وڏي فوج جي اڳواڻي ڪندي ترڪستان جي فتح لاءِ روانو ٿيو جنهن کي اڳ سندس پيءُ هٿ ڪيو هو. اوڪسَس ندي کي اُڪاريندي، ٻيڙياتن، جن کي فوجين کي پار ٽپائڻ جي ذميداري ڏني وئي هئي، شڪايت ڪئي ته کين اُجورو تڏهن ملندو هو جڏهن پئسا انتاڪيا کان ايندا هيا. سلطان اهو ٻڌندي ئي ڪاوڙ ۾ تپي ويو پر پوءِ پنهنجي وزير جي چالاڪيءَ واري خوشامد ڪرڻ تي مرڪي پڻ ڏنائين. ’اها ڳالهه ائين ناهي ته سندن پئسن يا اجوري کي روڪيو يا ملتوي ڪيو وڃي يا مون اهي پري واريون جڳهون کين تنگ ڪرڻ لاءِ چونڊيون هيون، پر ايندڙ نسل لاءِ هڪ يادگار ڇڏڻ ٿي چاهيم ته انتاڪيا ۽ اوڪَسَس توهان جي حڪومت جي دؤر ۾ هڪ ئي حاڪم وٽ هيا‘. پر حدن بابت هي بيان نامناسب ۽ ڪنجوسي وارو آهي، ڇاڪاڻ ته اوڪَسَس کان اڳتي هن بخارا، خوازم، سمرقند جهڙن شهرن کي پنهنجي تابع ڪري ڇڏيو هو ۽ هر ان باغي غلام يا جهنگلي کي ڪچلي ڇڏيو هيائين جنهن به سندس سامهون ٿيڻ يا ساڻس مهاڏو اٽڪائڻ جي جرئت ڪئي هئي. مالڪ شاهه جئڪسريٽـس ندي پار ڪئي. جيڪا فارس جي تهذيب جي آخري حد هئي، ترڪستان جي سردارن سندس مٿاهين حيثيت کي تسليم ڪيو. چين جي سرحد جي آخري ڇيڙي تي قائم ڪاشغر ۽ تاتاري بادشاهن ۾ سندس نالي کي سِڪن تي نقش ڪيو ويو ۽ نماز جي خطبن ۾ پڻ ان کي شامل ڪيو ويو. چين جي سرحد کان، هن پنهنجو ڌاڪو ۽ حدون اولهه توڙي ڏکڻ جي ملڪن طرف وڌايون جيڪي جارجيا جي جبلن، قسطنطنيہ جي ڀر وارن ملڪن، جيروسلم جي مقدس شهر توڙي عربن جي مصالحي دار وڻن جي ملڪن تائين ٿي ويون. حرم جي آسائش ڪرڻ بدران، ريڍار بادشاهه هر وقت چرپر ۽ تحرڪ ۾ رهندو هو، پوءِ اُهو کڻي امن جو دؤر يا جنگين جو زمانو هجي، جيئن ته هو هر وقت سفر ۾ رهندو هو ۽ پنهنجين ڪئمپن جا چڪر لڳائيندو رهندو هو ته هر صوبي ۾ ڄڻ سندس موجودگي هر وقت پئي محسوس ٿيندي هئي، هن جي لاءِ اهو به مشهور ٿيو هو ته هو ٻارهن ڀيرا پنهنجي حڪومت جي سڀني حدن ۾ گهميو ڦريو هو جن جو ڇيڙو قبرص جي ايشيائي خطي توڙي خليفن جي حدن کان به اڳتي هو. مڙني مُهمن ۽ مسافرين ۾ سڀني ۾ مقدس ۽ شاندار سندس مڪي ڏانهن حج جي سعادت حاصل ڪرڻ وارو سفر هو جنهن ۾ قافلن جي سلامتي ۽ سندن آزاديءَ کي يقيني بڻايو ويو هو، شهرين توڙي حاجين کي سندس سخا ۽ خير خيرات جي فياضيءَ ذريعي شاهوڪار بنايو ويو هو، ۽ سڄي رستي يا رهگذر تي زيارتين لاءِ آسانيون پيدا ڪيون ويون هيون ۽ سندن کائڻ پيئڻ جو هر جڳهه تي بهترين بندوبست ٿيل هيو ۽ هي پهريون ڀيرو هو جو هن زيارتين توڙي پنهنجي برادري وارن لاءِ ايترا شاندار انتظام ڪرايا هيا. سلطان کي شڪار جو نه رڳو شوق هو، پر اها سندس ڪمزوري هئي، هن سلسلي ۾ وٽس ستيتاليهه هزار گهوڙا رکيل هيا، ترڪي جي جانورن جي شڪار کان پوءِ سلطان، هر شڪار ٿيل جانور لاءِ غريبن کي سون جو هڪ ٽڪرو کين ڏنو ته جيئن ماڻهن جي جاکوڙ ۽ محنت جو ڪجھ صِلو کين ملي سگهي يا ٻين لفظن ۾ سلطان جي شوق کي پورو ڪرڻ ۽ کيس وندرائڻ ۾ جن ماڻهن محنت ڪئي هئي ته اُنهن کي به ڪجھ اجورو ڏنو ويو. سندس حڪومت جي دؤر ۾ امن امان بحال رهيو ۽ رعيت جا ماڻهو بيحد سکيا ستابا هيا، ايشيا جي شهرن کي مسجدن محلاتن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جي تعمير سان سينگاريو ۽ سنواريو ويو؛ ڪجھ ماڻهو ممڪن آهي ته سندس انعامن اڪرامن حاصل ڪرڻ کان سواءِ هن دنيا مان هليا ويا هجن پر اهو ممڪن ناهي ته انصاف ملڻ کان سواءِ ڪو ماڻهو رهجي ويو هجي. سلجوقن جي بادشاهت(42) ۾ زبان توڙي فارس جي علم ۽ ادب کي ٻيهر جياريو ويو ۽ جيڪڏهن مالڪ ڪنهن اهڙي ترڪ جي فياضيءَ کي پاڻ اختيار ڪيو هجي جيڪو سندس پنهنجي ذات کان گهٽ متحرڪ يا ڪارائتو هوندو(43)، ته سندس محلات پڪ سان سوين شاعرن جي ڪلام سان گونجي رهيو هوندو. سلطان، ڪئلينڊر جي سڌارڻ ۽ سنوارڻ تي خاص ڌيان ڏنو ۽ اهي سڌارا تڏهن ممڪن ٿي سگهيا جڏهن اوڀر جي ملڪن جا فلڪيات جا ماهر هڪ جڳهه تي گڏ ٿيا ۽ ڪئلينڊر کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجون تجويزون ڏنيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسلام جي پيغمبر ﷺ جن جي قانون موجب، مسلمان چنڊ جي مهينن جي پيروي ڪن ٿا، جڏهن ته فارس ۾، زرتشت جي زماني کان وٺي، سج جي چڪر يا ڦيري کي سالياني جشن طور ملهايو ويندو آهي(44)، پر مجوسين جي شهنشاهت جي خاتمي کان پوءِ، ڏينهن جي واڌاري(*) جي عمل کي وساريو ويو، منٽن يا ڪلاڪن جي حِصن کي ضرب ڏئي ڏينهن ۾ شمار ڪيو ويو ۽ بهار جي تاريخن کي برج حمل مان ڪڍي برج حُوت ڏي ڪيو ويو هو. مالڪ شاهه جي حڪومت کي ’گلالين‘ جو دؤر ڪوٺيو وڃي ٿو جنهن ۾ وقت کي ماپڻ جي اڳ وارين سڀني غلطين کي ٺيڪ ڪيو ويو ۽ انهي لحاظ سان مالڪ شاهه جوليَن کان به گوءِ کڻي گريگوريَن طريقي سان وڃي ڀيچيو هو(45).

اهڙي وقت ۾ جڏهن يورپ سخت جهالت ۽ جهنگلي پڻي جي اونداهين ۾ غرق هو، تڏهن ايشيا جي شهرن ۾ روشنيون ۽ رونقون موجود هيون ۽ اهو ڪارنامو تُرڪ فاتحن جي علم ۽ ڄاڻ جو گهٽ پر سندن حلم ۽ فرمانبرداري جو وڌيڪ آهي. سندن ڏاهپ ۽ اعليٰ ڪردار جو گهڻو حصو فارس جي هڪ وزير ڏانهن ٿو وڃي جنهن شهنشاهت ۾ پنهنجون خدمتون ان وقت ڏنيون هيون جڏهن الپ ارسلان ۽ سندس پٽ جون حڪومتون هيون. نظام، اوڀر جي ملڪن ۾ سڀني کان وڌيڪ قابل ۽ وڏين خوبين وارو وزير هو ۽ خليفي ’مذهب ۽ سائنس جو رهنما‘ جهڙو خطاب کيس عطا ڪيو هو، ۽ سلطان کيس پنهنجو خاص الخاص وزير مقرر ڪيو هو جنهن تي سندس مڪمل اعتماد هو ۽ جيڪو مظلوم ماڻهن کي انصاف ڏيندو هو. ٽيهن سالن جي انتظام هلائڻ کان پوءِ، وزير جي شهرت، سندس دولت توڙي سندس خدمتون عيبن ۽ گناهن جو روپ وٺي ويون. هڪ عورت ۽ سندس مخالف گڏجي هن جي خلاف سازشون سِٽيون ۽ کيس وزارت مان ڪڍيو ويو ۽ مٿس الزام مڙهيو ويو ته سندس ٽوپي، مَس ڪُپڙي ۽ سندس آفيس جا بئج اُن خدائي حڪم جا پابند هوندا هيا جنهن سرشتي سان سلطان جو تاج ۽ سِر بند به شامل هيا. ٽيانوي سالن جي عمر ۾ هن باڪمال شخص کي پنهنجي مالڪ وزارت تان لاهي ڇڏيو، دشمنن مٿس طرح طرح جا الزام مڙهيا ۽ نيٺ هڪ جنوني ماڻهوءَ کيس قتل ڪري ڇڏيو، نظام جي آخري لفظن، سندس معصوميت جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ مالڪ شاهه جي باقي زندگي ٿورڙي ۽ بدناميءَ جي ور چڙهي وئي. اصفحان کان، جتي خلافت توڙي حڪومت جي دامن تي هڪ بدنما داغ لڳو هو، سلطان پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بغداد کي ڪري ڇڏيو جنهن ۾ خلافت کي به اوڏانهن منتقل ڪرڻ جو پروگرام هيو ۽ پنهنجي رهائش گاهه پڻ مسلم دنيا جي گاديءَ جي هنڌ ۾ تعمير ڪرڻ جو سندس ارادو هيو.  ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي بربر کي موت جي فرشتي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. قسطنطنيہ ۾ سندس سفيرن روم جي هڪ شهزاديءَ جو سڱ گهريو پر اهڙي تجويز کي هوشياريءَ سان رد ڪيو ويو هو ۽ اليگزيَس جي ڌيءُ، جيڪا خود به ڪنهن سازش جو شڪار هئي، هن ميلاپ لاءِ پنهنجي طرفان سخت نفرت جو اظهار ڪيو(46). سلطان پنهنجي ڌيءُ جو سڱ خليفي مقتدي کي ڏنو ۽ هڪ شاهي شرط اهو رکيائين ته هو پنهنجين سڀني زالن ۽ سُريتُن کي هميشہ واسطي ڇڏي ڏئي ۽ اڳتي لاءِ پنهنجو لڳ لاڳاپو فقط سندس ڌيءُ سان رکي.

ترڪي جي شهنشاهت جي عظمت ۽ ايڪو مالڪ شاهه تي ختم ٿي ويو. سندس خالي تخت تي سندس ڀاءُ ۽ چئن پُٽن جو جهيڙو ٿي پيو ۽ ڪيترين خانه جنگين کان پوءِ، هڪ صلح نامي، جنهن بچيل اُميدوارن جو سرچاءُ ڪرايو هو، فارس جي بادشاهت جي سلسلي جي جدائيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي جيڪا سلجوق خاندان جي وڏي ۾ وڏي ۽ خاص شاخ هئي. ٽي ننڍا شاهي گهراڻا: ڪرمان، شام ۽ روم جا هيا، جن مان پهرئين گهراڻي، هڪ وڏي پر غير نمايان(47) حڪومت تي راڄ ڪيو جيڪا هندي سمنڊ جي ڪنارن تي قائم هئي(48)، ٻي گهراڻي، حلب ۽ دمشق جي عرب بادشاهه کي ڌِڪي ٻاهر ڪڍيو، ۽ ٽئين ۽ خاص گهراڻي ايشيا مائنر جي رومي صوبن تي حملا ڪيا. مالڪ شاهه جي ڪشاده دلي سندن مٿي اڀرڻ جو باعث بڻي؛ هن پنهنجي رت جي رشتي جي ڀائرن کي توڙي اُنهن کي به جن کي هن جنگين ۾ شڪستون ڏنيون هيون، اجازت ڏني ته ڀلي پنهنجي مرضي مطابق پنهنجون بادشاهتون قائم ڪن، ۽ هو ان ڳالهه تي به ناخوش نه ٿيندو هو ته جيڪڏهن ٻيا، جنکي پاڻ بادشاهتون قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني هيائين، ڪجھ وڌيڪ حصا پنهنجي قبضي ۾ ڪري وڃن جيڪي اڳتي هلي سندس حڪومتي نظام جي امن امان ۾ ٿوري گهڻي خلل ڪرڻ جو باعث بڻيا، پر هو انهن ڳالهين کان بي نياز رهندو هو. پنهنجي خاندان توڙي سڄي قوم جي اَبي هئڻ جي حيثيت ۾، فارس جو هي عظيم سلطان، پنهنجن برادري وارن بادشاهن کان تابعداري، فرمانبرداري ۽ جائز ڏَن وصول ڪندو هو؛ ڪرمان، نائيسيا، حلب ۽ دمشق، عطابيڪن ۽ شام ۽ عراق جي اميرن پنهنجون ننڍيون ننڍيون رياستون سندس ئي حڪم هيٺ قائم ڪيون(49) ۽ ترڪمانن جا لشڪر اولهه ايشيا جي ميدانن ۽ صحرائن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. مالڪ شاهه جي موت کان پوءِ، ايڪي، اتحاد توڙي فرمانبرداري جا ٻنڌڻ ۽ رشتا ڍرا ٿيندا ويا جيڪي اڳتي هلي نه سگهيا ۽ ختم ٿي ويا؛ سلجوقن جي خانداني روايت موجب، سندن غلامن کي به بادشاهت جو موروثي حق ڏنو ويندو هو، ۽ اوڀر جي روايت موجب نتيجو اهو نڪتو ته اُهي جيڪي سلجوقن جي پيرن جي مِٽي ۽ دَزَ جهڙا به نه هيا(50)، بادشاهتون قائم ڪري ويهي رهيا.

شاهي سلسلي جو هڪ بادشاهه، قتلمش جيڪو عزرائيل جو پٽ جيڪو وري سلجوق جو پٽ هو، الپ ارسلان خلاف جنگ ڪندي مري ويو هو ۽ انسان دوست فاتح سندس قبر تي وڃي ڳوڙها ڳاڙيا هيا. سندس پنجن پٽن، جيڪي هٿيارن ۾ طاقتور، اقتدار ۾ اچڻ جا خواهشمند ۽ انتقام وٺڻ لاءِ آيا هيا، الپ ارسلان جي پٽ جي خلاف پنهنجين ترارين کي مياڻ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ٻئي فوجون هڪ ٻئي جي سامهون ٿيڻ واريون هيون جڏهن خليفي، جيڪو پنهنجي شان کان بي نياز ۽ حاسد نظرن کان بچيل هيو، ٻنهي ڌرين ۾ اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ’بجاءِ پنهنجي ڀائرن جي رَت وهائڻ جي، توهان سڀئي برادري وارا ماڻهو جيڪي لائق ۽ مذهب ۾ به پڪا آهيو، پنهنجي پاڻ ۾ اتحاد ڪري يونانين خلاف جهاد ڪريو جيڪي الله ۽ ان جي رسول ﷺ جا دشمن آهن‘. هنن سلطان جي هدايت وڏي غور مان ٻُڌي، سلطان اُٿي ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڀاڪر پاتو ۽ وڏي پٽ سليمان شاهي جهندو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ کيس وڏيون سوڀون نصيب ٿيون ۽ ان سان گڏ روم جي شهنشاهت جي صوبن يعني ارض- روم کان قسطنطنيہ ۽ اولهه جي ڪجھ اڻڄاتل حصن تائين کيس موروثي حاڪميت پڻ ملي وئي(51). پنهنجن چئن ڀائرن سان گڏجي، هن فرات کي اُڪاريو، ان وقت ترڪن جي ڪئمپ فرجيا ۾ ڪُتيهه جي ڀرپاسي قائم ٿيل هئي ۽ سندس طوفاني گهوڙي سوار فوج هليسپانٽ ۽ ڪاري سمنڊ تائين آبادين کي تباهه ڪري ڇڏيو. شهنشاهت جي زوال کان وٺي، ايشيا مائنر جو خطو عارضي تباهين ۽ فارسين ۽ عرب مسلمانن جي حملن جي ور چڙهي ويو پر دائمي فتحن جو ڪُڻو ترڪي جي سلطان جي نصيب ۾ هو ۽ سندس فوجن کي اڳ يونانين ئي متعارف ڪرايو هو، جن جي خواهش اها هئي ته هو سندن ملڪ جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ مٿن حڪومت ڪندا. رومنَس جي قيد ٿيڻ کان وٺي، يوڊوسيا جو ڪمزور ۽ بزدل پٽ ڇهن سالن تائين شاهي تاج(*) جي ڏهڪاوَ کان ڊڄندو ۽ ڪنبندو رهيو هو ۽ اهو سلسلو تيستائين قائم رهيو جيستائين اوڀر ۽ اولهه جي ملڪن جا صوبا ساڳي مهيني ۾ ٻِٽي بغاوت سبب ختم ٿي ويا، سندن سرواڻ جيڪو به هجي پرنائيسفورس مشهور نالو هيو، پر برينيَس ۽ بوٽونئيٽس جون ذاتيون يورپي قومن وٽ هڪڙيون ته ايشيا جي اُميدوارن وٽ ٻيون آهن. سندن سبب يا اڃا به ائين کڻي چئجي ته سندن واعدا سندن گڏجاڻين ۾ توريا تڪيا ويندا هيا، ۽ ڪجھ سوچڻ ۽ ٿورو هٻڪڻ کان پوءِ سليمان، بوٽونئيٽس جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ فوجن لاءِ انتاڪيا کان نائيسيا تائين کين وڃڻ جو رستو مهيا ڪري ڏنو ۽ پنهنجي پهرئين چنڊ جي جهنڊي کي صليبي جهنڊي سان ملائي ڇڏيائين. سندس اتحادي جي قسطنطنيہ جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ، سلطان جي ڪرسوپولِس جي شهر ۾ وڏي پئماني تي دعوت ۽ مهمان نوازي ڪئي وئي ۽ ٻن هزار ترڪن کي يورپ ۾ آندو ويو، ڇاڪاڻ ته سندس بهادري، جرئت ۽ هوشياريءَ جي ڪري شهنشاهه گهڻو متاثر هو جو سندس ساٿ ڏيڻ سبب مخالف برينيَس جي گرفتاري عمل ۾ آئي جنهن کان پوءِ کيس قيد ڪيو ويو. پر يورپ جي سوڀ ڪافي مهانگي خريد ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته انلاءِ ايشيا کي قربان ڪرڻو پيو هو؛ قسطنطنيہ جي فرمانبرداري کان اڳتي وارن صوبن مان ناڻي جي آمدني بند ٿي چڪي هئي ۽ ترڪن جي اڳتي وڌڻ جي رفتار کي به جهٽڪو لڳو جن اڳ لَنگهن، گذرگاهن توڙي ندين ۽ جبلن تي قلعا ٺاهي اُنهن کي مضبوط ٿي ڪيو، پر هاڻي سندن ڀاڄ يا اُنهن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪا اُميد ڪانه رهي هئي. ان دؤران هڪ ٻي اُميدوار به سلطان جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ کيس درخواست پيش ڪئي، ميلسنَس جنهن کي رنگ برنگي لباس ۽ ڳاڙهو بوٽ پاتل هو، ترڪن جي ڪئمپ جي چرپر کي هن ڏٺو وائٺو، ۽ جيڪي پنهنجي پنهنجي ترقي ۽ بهتري کان نااُميد ٿي ويا هيا، روم جي شهنشاهه جي سڏ تي اُنهن هڪدم موٽ ڏني ۽ هن اُنهن شهرن کي بنا دير بربرن جي حوالي ڪري ڇڏيو. شهرن جي حاصلات کي هڪ صلح نامي جي صورت ۾ يقيني بنايو ويو جيڪو شهنشاهه اليگزيَس(*) سان طئي ڪيو ويو هو، ۽ رابرٽ() جي خوف کيس مجبور ڪيو ته هو سليمان سان دوستيءَ جو هٿ وڌائي ۽ اهو فقط سلطان جي موت کان پوءِ ئي هن لاءِ ممڪن ٿي سگهيو ته هن رومي دنيا جون مشرقي حدون نڪو ميڊيا تائين وڌائي ڇڏيون هيون جيڪو قسطنطنيہ کان سٺ ميلن جي مفاصلي تي هو. ٽريبيزانڊ، جيڪو ٻنهي پاسن کان سمنڊ ۽ جبلن ذريعي محفوظ هيو، ان جي قدرتي بيهڪ اهڙي هئي جو ايگزين طرف هن يوناني ڪالوني هئڻ جي حيثيت کي برقرار رکيو هو ته ساڳي وقت ان جي طور طريقن مان اهو به معلوم ٿي رهيو هو ته اهو خطو ايندڙ وقت لاءِ عيسائي شهنشاهت جو مرڪز بڻجي ويندو.

خليفن جي شروعاتي فتحن حاصل ڪرڻ کان وٺي اناتوليه يا ايشيا مائنر ۾ ترڪن جي آباديءَ، شهنشاهت کي وڏو نقصان رسايو هو. اسلام جي تبليغ ڪرڻ سان سليمان پنهنجي لاءِ غازي جو لقب ماڻي ورتو ۽ هو مسلمانن جو هڪ وڏو سپوت هيو ۽ روم جي سندس نئين بادشاهت هاڻي اوڀر جي ملڪن جي جاگرافي جو حصو بڻجي چڪي هئي. چيو وڃي ٿو ته نئين خطي جون حدون هڪ طرف فرات کان قسطنطنيہ تائين ته ٻي طرف ڪاري سمنڊ کان شام جي سرحدن تائين ڦهليل هيون ۽ اهو علائقو قدرتي نعمتن سان مالامال هيو جنهن ۾ چاندي، ٽامي ۽ لوهه جون کاڻيون، به موجود هيون ته ساڳي وقت لوڻ ۽ ڦٽڪي به ججهي انداز ۾ هيا، جتي اَن ۽ شراب به جام هو ته چوپائي مال جي به ڪمي ڪانه هئي ۽ خاص طرح تي اوچي نسل جا گهوڙا اتي تمام گهڻا هيا(52). لِڊيا جي دولت، يونان جا فنپارا يا وري آگسٽَس جي دؤر جي شان شوڪت جو ذڪر يا ته فقط ڪتابن يا تباهيءَ جي آثارن ۾ نظر ايندو ۽ اهڙا داستان خود سيٿيا جي فاتحن وٽ به پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا هيا. تنهن هوندي به موجوده تباهين ۽ زوال جي باوجود به اناتوليه وٽ اڃا به ڪافي دولت ۽ آبادي وارا شهر موجود آهن ۽ بازنطيني شهنشاهت جي دؤر ۾ اهي شهر وڌيڪ سکيا ستابا، رونق ۽ دولت وارا سڏبا هيا. سلطان جي پنهنجي پسند مطابق، بٿنيا جي وڏي شهر نائيسيا کي سندس محلات جي تعمير لاءِ چونڊيو ويو جتي پوءِ هڪ قلعو پڻ تعمير ڪيو ويو. رُوم جي بادشاهي سلسلي يعني سلجوقن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ اُتي پسند ڪيو جيڪو قسطنطنيہ کان هڪ سؤ ميلن جي مفاصلي تي هو، جتي حضرت عيسيٰؑ جي خدائيت کان نه رڳو انڪار ڪيو ويو هو پر ان تي ٺٺوليون پڻ ڪيون ويون هيون ۽ هي سڀ ڪجھ ان مندر اندر ٿيو جتي ڪئٿولڪن طرفان سندن پهرين پئنچاتي گڏجاڻيءَ ۾ هن سلسلي ۾ ڪي اهم فيصلا ڪيا ويا هيا. مسجدن ۾ الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ ‎ﷴ ﷺ جن جي پيغام جو پرچار ڪيو ويندو هو، عربي زبان اسڪولن ۾ سيکاري ويندي هئي، قاضي جيڪو به فيصلو ڪندا هيا ته اُهو قرآن جي تعليمات تي مبني هوندو هو، شهرن ۾ ترڪي جون رسمون ۽ روايتون هلنديون هيون؛ ۽ اناتوليه جي ميدانن توڙي جبلن ۾ هر طرف ترڪمان پکڙيل هوندا هيا. جزيي ڏيڻ ۽ غلام ٿي رهڻ جهڙن سخت شرطن قبول ڪرڻ جي عيوضي ۾ يونان جي عيسائين کي به مذهبي آزادي نصيب ٿيندي هئي، پر سندن مقدس ڪليسائن سندن پادرين ۽ مذهبي پيشوائن جي به بيحرمتي ۽ بيعزتي ڪئي ويندي هئي(53)، ۽ لادينن جي سوڀ ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ سندن ڀائرن جي مذهب مٽائڻ لاءِ کين مجبور ڪيو ويندو هو، هزارين ٻارڙن جو زوريءَ طوهر ڪرايو ويندو هو ۽ هزارين قيدي فقط پنهنجن مالڪن کي خوش رکڻ ۽ سندن عيش عشرت جي پورائي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل هوندا هيا(54). ايشيا کي وڃائڻ کان پوءِ فقط انتاڪيا جو صوبو يا ان جي پسگردائي اهڙي هئي جتي حضرت عيسيٰؑ يا قيصر (سيزر) سان ماڻهن جي عقيدت ۽ اوائلي وابستگي هلندي ٿي آئي، پر هي صوبو پنهنجي مذهبي سڃاڻپ ۾ اڪيلو ٿي روم وارن کان ڪٽجي چڪو هو ڇاڪاڻ ته ان جي اردگرد ۽ هر طرف کان مسلمانن جون حڪومتون ۽ اسلام جو پرچار عام هو. هن سلسلي ۾ هڪڙي شخص فلريٽَس، جيڪو اتان جو گورنر هو، جي نراسائي ان حد تائين وڃي دنگ ڪيو جو هو پنهنجي مذهب ۽ وفادارين کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو پر پوءِ سندس پٽ کيس روڪي ڇڏيو جيڪو هڪدم نائسين جي محل ۾ سليمان جي خدمت ۾ پهتو ۽ پنهنجا نياز ۽ نذرانو پيش ڪري واپس وريو. مُهم جُو سلطان پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ ٻارهَن راتين ۾ (ڇاڪاڻ ته هو ڏينهن جو آرام ڪندو هو) ڇَهه سؤ ميلن جو سفر ڪيائين. سلطان جي تيز سفر ۽ مهم کي راز ۾ رکڻ سبب انتاڪيا جو صوبو پريشان ٿي ويو ۽ جيڪي صوبي جا ٻيا ننڍا وڏا شهر جيئن لائوڊيسيا ۽ حلب جو سرحدون(55) هيون ته اُنهن پنهنجي صوبائي شهر جا حڪم ٿي مڃيا. لائوڊيسيا کان ٿريس جي باسفورَس تائين جنهن کي سينٽ جارج جي ٻانهن به ڪوٺيندا هيا، سليمان جي سوڀن ۽ سندس حڪومت جي سرحدن جي ڊيگهه ٽيهن ۽ ويڪر ڏهَن کان پندرهَن ڏينهن جي سامونڊي مسافريءَ جيتري هئي جيڪا لائيسيا جي جبلن ۽ ڪاري سمنڊ جي وچ تي ڦهليل هئي(56). ترڪن جي سامونڊي سفر جي اڻ ڄاڻائيءَ سبب، ڪجھ وقت لاءِ شهنشاهه جي ذلت واري حفاظت کي جاري رکيو ويو، پر جيئن ئي يوناني قيدين هٿان ٻه سؤ جهازن جو ٻيڙو يا آرماڙ تيار ٿي ويو ته شهنشاهه اليگزيَس کي، پنهنجي گاديءَ جي هنڌ جي محل جي ديوارن اندر، ڪنبڻي شروع ٿي وئي هئي. هن پنهنجي درد جي داستانن کي، ڏُکارن خطن ۾ لکي يورپ جي ملڪن ڏانهن اُماڻيو ته مَن لاطيني ماڻهو مٿس رحم کائي سندس مدد ڪن؛ هِنن خطن ۾ هُن ڪانسٽئنٽائن جي شهر جي خطرن، ڪمزورين ۽ ماڻهن کي هِرکائڻ لاءِ ان جي دولت جو ذڪر به وڏي تفصيل سان لکيو هو(57).

پر سلجوقي ترڪن جي سڀني کان اهم ۽ دلچسپ سوڀَ، جيروسلم جي فتح هئي(58)، هڪ اهڙو شهر جيڪو مختلف قومن لاءِ ڪشش جو مرڪز بڻجي ويو. حضرت عمرؓ  آڏو شڪست مڃڻ وقت، اتان جي رهواسيُن کي سندن مذهبي آزادي ۽ مال ملڪيت جي سلامتيءَ جو يقين ڏياريو ويو هو، پر اُنهن شرطن کي هڪڙي حاڪم پنهنجي مطلب مطابق تعبير ڪيو ۽ هو اهڙو سخت مزاج هو جو ان جي ڳالهه سان اختلاف ڪرڻ خطري کان خالي نه هيو؛ خليفن جي حڪومت جي چئن سؤ سالن ۾، جيروسلم جي سياسي فضا ڪيترائي سج اُڀرندي ۽ لهندي ڏٺا ۽ ڪيترن ئي سياسي توڙي مذهبي طوفانن هن شهر جي نقشي ۾ وڏيون تبديليون آڻي ڇڏيون هيون(59). آبادي توڙي نئين مذهب اختيار ڪندڙن جو انگ وڌي ويو هو؛ مسلمان بهرحال گهڻائيءَ ۾ هيا ۽ شهر جي اٽڪل ٽن حصن تي مسلمانن جو ڌاڪو هيو، پر هڪ خاص حصو اڃا تائين عيسائين ۽ اُنهن جي پادرين جي اثر هيٺ هيو؛ ۽ هر گهر کي، پنهنجي سلامتيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ سون جا ٻه ٽڪرا ڏَن ڏيڻو پوندو هيو ۽ حضرت عيسيٰؑ جو مقبرو توڙي سندس ٻيهر هن دنيا ۾ واپس ورڻ جي ڪليسا جي نگراني عيسائين وٽ هوندي هئي. حضرت عيسيٰؑ جي عقيدتمندن منجهان جيڪي وڌيڪ معزز، مانائتا ۽ جن جو تعداد به گهڻو هيو، اُهي جيروسلم لاءِ اجنبي هيا يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اهي زيارتي هيا جيڪي ٻين ملڪن کان هتي پهتا هيا ڇاڪاڻ ته عربن جڏهن جيروسلم کي فتح ڪيو هو ته عيسائي زيارتين جو انگ گهٽجڻ جي بجاءِ ويتر وڌي ويو هو ۽ سندن جوش، جذبي کي، جيڪو هن ڏکئي ۽ خطرائتي سفر ۾ ساڻن گڏ هوندو هو، سندن ئي غم ۽ غصي جي خوراڪ ملندي رهندي هئي تنهن ڪري اُهو وٽن تازو رهندو هو. اوڀر توڙي اولهه جي ملڪن کان بيشمار ماڻهو هن مقدس مقبري جي زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا هيا ته ساڳي وقت ٻيون به ڪيتريون ئي زيارتون جيڪي هن پاڪ ڌرتيءَ تي موجود آهن جن ۾ ايسٽر جو جشن به شامل آهي اُتي يوناني، لاطيني، نستوري، حضرت يعقوبؑ جا پوئلڳ، مصري عيسائي، حبش جا ماڻهو، توڙي آرمينيا ۽ جارجيا جا عقيدتمند به اچي گڏ ٿيندا هيا جيڪي ڪليسائن، پادرين ۽ ٻين مذهبي ماڻهن جي سار سنڀال لهندا هيا ته ساڳي وقت مختلف طبقن جي غريبن ۽ مسڪينن جي خدمت چاڪري به ڪندا هيا. مختلف زبانن ۾ عبادت ڪئي ويندي هئي پر اُنهن عبادتن ۾ هڪ جهڙائي هوندي هئي ۽ وچ ۾ ڪو به اختلاف نه هوندو هو؛ هڪڙي ئي مقبري هيٺ يا هڪڙي جڳهه تي مختلف قومن جي گڏجڻ جو منظر اصلاح ۽ امن جي علامت هوندو هو پر مختلف عيسائي فرقن جا مذهبي جوش جذبا هاڻي هڪ ٻئي خلاف نفرت ۽ انتقام جي حد تائين، اُن مسيحا جي بادشاهت ۾، اچي ويا هيا جيڪو سخت اذيتن مان گذريو هو ۽ جنهن جي عظمت جي جهلڪ دشمنن کي به معاف ڪرڻ مان نظر پئي ايندي هئي، پر سندس پوئلڳ هاڻي پنهنجن ئي روحاني ڀائرن خلاف ٿي ويا هيا ۽ اُنهن تي حڪمراني ڪرڻ ۽ کين اذيتون ڏيڻ جو سوچي رهيا هيا. پر هن ڏکئي وقت ۾ فرئنڪن جي جذبي ۽ چارليمئگني(60) جي عظمت عيسائين جي ڪم آئي جن ٻنهي طبقن يعني لاطيني زيارتين ۽ اوڀر جي ڪئٿولڪ عيسائين کي محفوظ رکيو. ڪارٿيج، سڪندريه ۽ جيروسلم جي غربت ۽ تنگ دستي کي ان نيڪ شهنشاهه وڏو سهارو ڏنو جنهن وڏي پئماني تي خير خيرات ماڻهن ۾ ورهائي ۽ فلسطين جون ڪيتريون ئي خانقاهون سندس ئي مالي مدد سان يا ته نئين سر تعمير ڪيون ويون يا وري اُنهن جي مرمت ڪرائي کين ٻيهر رهڻ لائق بنايو ويو. خليفي هارون الرشيد(*) جيڪو عباسين ۾ سڀني کان وڌيڪ عظيم هو، پنهنجن عيسائي ڀائرن ۾ شايد ساڳي ذهني صلاحيت ۽ طاقت ڏٺي هئي، جيڪا مسلمانن ۾ هئي، تنهن ڪري هن اُنهن سان دوستيءَ جي رشتن کي هموار ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي تحفا تحائف ڏيڻ شروع ڪيائون ۽ پنهنجا تعلقات بهتر بڻايائون. خليفي، پنهنجي حڪومت جي ڪنهن به حصي تان هٿ کڻڻ کان سواءِ، شهنشاهت کي، مقدس مقبري ۽ جيروسلم شهر جون چاٻيون پيش ڪيون. ڪارلووِنجيَن جي موروثي بادشاهت جي زوال کان پوءِ، اَملفي جي جمهوريه اوڀر ۾ واپار ۽ مذهب کي گهڻي ترقي ڏياري. سندن جهازن ۽ ٻيڙن ذريعي، لاطيني زيارتي، مصر ۽ فلسطين جي ڪنارن تي وڃي لٿا ۽ پنهنجي ڏيتي ليتي ۽ مٽاسٽا جي سامان ذريعي هنن پنهنجي لاءِ فاطمي خليفن(61) جو توجهه ۽ سندن مهربانيون حاصل ڪري ورتيون. ڪئلوَري جبل تي هڪ ساليانو ميلو لڳندو هو جتي اٽلي جي واپارين مذهبي راهبن لاءِ هڪ خانقاهه ۽ جيروسلم جي سينٽ جان جي اسپتال تعمير ڪرائي، اهڙيءَ طرح خانقاهي ۽ فوجي سرشتي جون هي اهڙيون ثقافتي نشانيون هيون جيڪي رهوڊس ۽ مالٽا جي ٻيٽن ۾ اڃا تائين موجود آهن. جيڪڏهن عيسائي زيارتين جا ٽولا پيغمبر ﷺ جن جي مقبري جو احترام ڪن ها ته مسلمان، مٿن ڪنهن به الزام مڙهڻ جي بجاءِ، عيسائين جي مذهب ۽ سندن نيڪيءَ جي پاسداري يا حمايت ڪن ها پر هڪ خدا کي مڃيندڙ عيسائي() سخت قسم جا هيا جن ۾ ڪا به لچڪ ڪانه هئي ۽ هو اهڙي عبادت طرف راغب ٿي ويا هيا جنهن ۾ الله تعاليٰ جو جنم، موت ۽ ٻيهر زندهه ٿي موٽڻ اچڻ (نعوذ باالله) شامل هو؛ ڪئٿولڪ عيسائين اهڙا نقش ٺاهي رکيا هيا جيڪي مختلف بتن جي نمائندگي ڪندا هيا ۽ مسلمان ان ’معجزاتي شعلي‘ تي ڪاوڙ ۽ ٺٺوليون ڪري کِلندا هيا(62) جيڪو مقدس مقبري تي (63) ايسٽر جي موقعي تي ٻاريو ويندو هو. مذهب جي روپ ۾ هيءَ ڌوڪيبازي، سڀ کان اڳ نائين صدي عيسوي ۾ ڪئي وئي هئي(63). جنهن جي پٺڀرائي لاطيني عيسائين ڪئي هئي ۽ جنهن کي يونانين، آرمينيا جي مذهبي ٽولن ۽ مصري عيسائين پاران(65) هر سال دُهرايو يا ورجايو ويندو آهي ۽ سادڙن ۽ ڀورڙن ماڻهن تي(66) ان ڌوڪيبازي جي معجزي کي مڙهيو ويندو آهي ته جيئن اُهي به اُن تي ويساهه ڪن ۽ ائين ڪرڻ سان هنن جي پنهنجي توڙي آمرن جي فريب ڪاريءَ کي هٿي ملندي آهي. هر دؤر ۾ برداشت جي اصول کي به خود مطلبيءَ سان ڳنڍيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙن ڪرتبن سان بادشاهن جي آمدني جا ذريعا وڌي ويندا آهن ۽ هِتان جا اميرَ، هزارين زيارتين ۽ ڌارين جي آمد جي ڪري پنهنجي دولت کي ويتر وڌائيندا رهندا آهن.

جنهن انقلاب ذريعي حڪمرانيءَ جو حق عباسين کان فاطمي خليفن ڏانهن منتقل ٿي ويو، ان هن مقدس خطي کي نقصان ڏيڻ بجاءِ ويتر فائدو پهچايو. مصر جي مقامي حڪمران کي، عيسائين جي ڌنڌي ۽ واپار جي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ۽ فلسطين جا اميرَ، شهنشاهه جي حڪمرانيءَ کان گهڻا پري نه هيا. پر فاطمين جو ٽيون خليفو حاڪم() جي نالي سان مشهور هو(67)، هو هڪ اُٻهرو ۽ مست نوجوان هو جيڪو پنهنجي لادينيت ۽ آمراڻي روَش ۾ ايترو ته اڳتي وڌيل هو جو نه ته وٽس خدا جو ڪو خوف هوندو هو ۽ نه انسانن جو ڪو لحاظ يا حيا رکندو هو ۽ سندس حڪومت جو سڄو دؤر بد اعمالين، خرابين ۽ وحشي پڻي جي ڪمن جي ڪري نمايان هو. مصر جي قديمي ۽ اوائلي رسمن رواجن جي خلاف ورزي ڪندي، هن، عورتن کي مڪمل طور تي قيدين جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ مردن توڙي عورتن جي صبر جو ٿانءُ ڀرجي ڇُلڪڻ تي اچي ويو ۽ هنن جون دانهون ۽ شڪايتون شروع ٿي ويون، جنهن جو نتيجو ويتر اهو نڪتو جو هن پراڻي قاهره جي ڪجھ حصي کي باهه لڳرائي ڇڏي ۽ سندس محافظن ۽ شهرين جي وچ ۾ ڪيترن ڏينهن تائين خوني ويڙهه هلندي رهي. شروعات ۾ ته خليفي پنهنجي پاڻ کي هڪ پڪو مسلمان ظاهر ڪيو جيڪو ڪاليج ۽ مسجدون تعمير ڪرائيندو هو ۽ اُنهن جي حفاظت ڪندو هو، هن قرآن جي ٻارهن سؤ نوي ڪاپين کي سٺي صورتخطي ۽ سونهري اکرن ۾ لکرايو هو ۽ سندس حڪم تي مصر جي انگورن جي باغن کي تباهه ڪرايو ويو هو ڇاڪاڻ ته اُنهن منجهان شراب ٺهندو هو. پر کيس دماغ ۾ الائي ڪهڙو خلل پيدا ٿي پيو جو هن ۾ هڪ نئين مذهب جي باني هئڻ جو شوق پيدا ٿي پيو؛ هن خواهش ظاهر ڪئي ته سندس نالو پيغمبر ﷺ کان به وڌيڪ مٿاهون نظر اچي، ۽ پاڻ کي سڀني کان مٿاهين الله جو پاڇو يا اولڙو چورايائين جيڪو زمين تي نوَن (9) رُوپن بدلائڻ کان پوءِ آخرڪار سندس روپ ۾ ظاهر ٿيو هو. حاڪم جي نالي ۾ جيڪو جيئَرن ماڻهن توڙي مُردن تي قدرت رکندڙ هيو (هن پاڻ کي ائين ظاهر ڪيو) ۽ هر ماڻهو نئين مذهب جي تعريف ڪندو نظر آيو ۽ قاهره جي ويجهو هڪ جبل تي سندس معجزن کي ڏيکاريو ويو ۽ هڪ ئي وقت تي سورهن هزار ماڻهن سندس نئين مذهب کي قبول ڪري ڇڏيو ۽ هن وقت جبل لبانَس جي ڊرُوز قبيلي جا ماڻهو جيڪي آزاد ۽ جنگجُو آهن، کين به هن احمق، نالائق ۽ ظالم ماڻهو(68) جي عقيدي ۽ خدائي صفتن کي مڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. پنهنجي خدائي ڪردار ۾ حاڪم، يهودين ۽ عيسائين کان سخت نفرت ڪندو هو جن کي هو پنهنجن دشمنن جا غلام سمجهندو هو. جڏهن ته مانهن جي اڪثريت محمد ﷺ جي دين کي مڃيندي هئي. مصر توڙي فلسطين ۾، سندس ظلمن ۽ اذيتن سبب ڪجھ ماڻهو شهيد ۽ ٻيا مُرتد ٿي ويا ۽ جيڪي حق ۽ خاص رعايتون مذهبي ماڻهن کي حاصل هونديون آهن، اُنهن کان به کين محروم ڪيو ويو هو ۽ ڌارين توڙي مقامي ماڻهن کي پنهنجي عقيدي جي اظهار ڪرڻ کان به روڪيو ويو هو. عيسائي دنيا جي وڏي مندر توڙي حضرت عيسيٰؑ جي ٻيهر زنده ٿي اچڻ واري ڪليسا کي به ڊاهي پَٽ ڪيو ويو ۽ ايسٽر جي چمڪندڙ معجزاتي لاٽَ کي به وِسايو ويو ۽ جبل جي اندر اُڪريل هڪ مقدس غار کي تباهه ڪرڻ لاءِ بي حرمتي جا حربا هلائي ناپاڪ ماڻهن جي هٿن سان ان کي ڊاهيو ويو هو ڇو ته اُها ئي غار مقدس مقبري جي هڪ اهم نشاني هئي. هن بي حرمتيءَ جي خبر پوڻ تي، يورپ جي قومن ۾ حيرانگي ۽ ڪاوڙ جي لهر ڦهلجي وئي پر، مقدس ڌرتيءَ جي حفاظت جي ڪوششن ڪرڻ جي بجاءِ، هنن اهو ڏسي سُک جو ساهه کنيو ته گهٽ ۾ گهٽ يهودين کي يا ته ساڙيو ٿي ويو يا وري کين ملڪ بدر ڪيو ٿي ويو ڇو ته، سندن خيال موجب، اُهي ئي ناپاڪ ۽ لادين بربر جا ڳُجها صلاحڪار هيا(69). تنهن هوندي به جيروسلم جي عذابن ۾ ڪجھ قدر گهٽتائي فقط ان ڪري آئي هئي ته حاڪم، پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن کان پاڻ پڇتايو هو ۽ تنهن کان سواءِ کانئس ڪجھ ڪوتاهيون به ٿيون هيون؛ بهرحال ڪليسائن جي ٻيهر بحالي جو قصو تڏهن ختم ٿي ويو جڏهن آمر کي سندس ئي ڀيڻ جي ايلچين قتل ڪري ڇڏيو. هن کان پوءِ ايندڙ خليفن مذهب جي احترام جي پاليسين کي اڳتي وڌايو ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو سبق ماڻهن کي سيکاريو جنهن ۾ قسطنطنيہ جي شهنشاهه جي نيڪيءَ جو وڏو هٿ هو ۽ هن جي مالي ۽ اخلاقي مدد سان مقدس مقبري کي، جيڪو تباهين جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو هو، ٻيهر تعمير ڪري سينگاريو سنواريو ويو، ۽ ٿورڙي عرصي جي روزي رکڻ کان پوءِ، زيارت جا طلبگار پنهنجين منتظر نظرن سان پنهنجي روحاني دعوت ڏانهن ذوق شوق سان واپس وريا(70). فلسطين جي سامونڊي سفر دؤران خطرا گهڻا ۽ موقعا ٿورا هيا پر هنگري جي مذهبي تبديليءَ سبب جرمني ۽ يونان جي وچ ۾ آمدرفت تمام آسان بڻجي وئي. سينٽ اسٽيفن جي فياضيءَ جي ڪري، سندس ئي بادشاهت جي حواري، پنهنجن مسافر ڀائرن کي(71) ذهني ڪوفت مان آجو ڪري ڇڏيو ۽ هنن بلغراد کان انتاڪيا تائين عيسائي شهنشاهت اندر پندرهن سؤ ميلن جو سفر طئي ڪري ڇڏيو. فرئنڪن ۾ زيارت جو شوق ايتري قدر وڌي ويو جو اڳين وقتن کي به مات ڏي ويو هو؛ ان جو اندازو ان منظر مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو زيارتي لشڪرن جي روپ ۾ هر رستي ۽ هر گهٽيءَ ۾ نظر اچي رهيو هو ۽ جن ۾ مرد عورتون، ٻڍا ۽ ٻار سڀيئي شامل هيا ۽ جن کي پنهنجين حياتين جي به ڪا پرواهه ڪانه هئي پر سندن بي تابيءَ واري خواهش فقط اها هئي ته فقط هڪ دفعو هو پنهنجي ’نجات ڏيندڙ‘ جي مقبري کي چُمي سگهن. بادشاهن توڙي سندن وزيرن پنهنجي حڪومت جي سار سنڀال لهڻ به ڇڏي ڏني ۽ هنن پاڪ صاف زيارتي قافلن کي ڏسي هر ڪنهن کي اهو اندازو آسانيءَ سان ٿِي ويو هو ته اهي حقيقت ۾ فوجون هيون جيڪي صليب جي جهنڊي هيٺان تمام وڏن لشڪرن جي صورت ۾ وڌي رهيون هيون. پهرين صليبي جنگ کان اٽڪل ٽيهه سال اڳ، مينٽز جي وڏي پادري، جنهن سان گڏ اتريش، بئمبرگ ۽ راتسبن جا پادري به گڏ هيا، جن گڏجي رائين کان اُردن تائين هي ڏکيو سفر طئي ڪيو هو ۽ سندن پوئلڳن جو تعداد ستن هزارن جي لڳ ڀڳ هيو. قسطنطنيہ ۾ شهنشاهه پاران ڪشادي دل سان سندن مهمان نوازي ڪئي وئي، پر دولت جي اجائي ڏيک عربن کي مٿن حملي ڪرڻ لاءِ اُڪسايو، هنن پنهنجون ترارون مياڻ مان بيدليءَ ۽ احتياط سان ٻاهر ڪڍيون ۽ ڪئپرنام جي جڳهه تي سندن گهيرو ڪيائون پر هڪ فاطمي امير ڪجهه رقم وٺڻ عيوض کين بچائي ڇڏيو. مقدس جڳهن جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ هو اٽلي طرف روانا ٿي ويا پر فقط ٻه هزار بچي ويل ماڻهو پنهنجي آبائي وطن ۾ سلامتيءَ سان پهچي سگهيا. اِنگلفس، جيڪو فاتح وليمَ جو سيڪريٽري هو ۽ زيارتين جي قافلي سان گڏ ٿي هليو. پنهنجو مشاهدو بيان ڪندي چوي ٿو ته هو نارمنڊي مان ٽيهن مضبوط گهوڙيسوارن سان نڪتا ۽ هنن ائلپس کي اُڪاريو جن ۾ ويهه بدنصيب زيارتي به گڏ هيا(*)، سندن هٿ ۾ لڪڻ هيو ۽ ٻٽون سندن پُٺ تي هيو(72).

روم وارن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ فاطمي خليفن جي سڪون ۽ سرور کي ترڪن برباد ڪري ڇڏيو(73). مالڪ شاهه جو هڪ نائب عزيز خارض ميان هڪ طاقتور فوج جي اڳواڻي ڪندي شام تي ڪاهه ڪري ويو، ۽ ترار جي زور ۽ ڏڪار سبب دمشق کي فتح ڪيائين. هيمس توڙي صوبي جي ٻين شهرن بغداد جي خليفي ۽ فارس جي سلطان جي اڳواڻيءَ کي قبول ڪيو ۽ سوڀارو امير، بغير ڪنهن روڪ يا رنڊڪ جي نيل نديءَ جي ڪنارن تائين پهچي ويو؛ فاطمي امير آفريڪا کي به پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ لاءِ اُتي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو پر سندس ئي محافظن جي ڪجهه شِيديُن، قاهره جي رهواسين سان گڏجي هڪ زوردار حملو ڪيو ۽ تُرڪ جنگجو کي مصر جي حدن مان تڙي ڪڍيائون. واپس ڀاڄ ڪندي به هو ماڻهن کي قتلام ڪرڻ ۽ ڦُرلُٽ ڪرڻ کان نه مُڙيو، جيروسلم جي هڪ جج ۽ سندس نوٽري پبلڪ جي ڪيترن ئي عملدارن کي هن پنهنجي گهر ۾ دعوت جي بهاني تي گهرائي کين قتل ڪرائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ عام شهرين جو وارو آيو ۽ اندازي موجب ٽن هزار ماڻهن کي هڪڙي جڳهه تي قتل ڪيو ويو. سلطان تُوڪش جيڪو مالڪ شاهه جو ڀاءُ هو، ان عزيز جي ظلمن يا شڪست جي کيس ڀرپور سزا ڏني، جنهن کي هڪ وڏو لقب عطا ڪيو ويو هو ۽ سندس اختيار به تمام وڏا هيا، ان شام ۽ فلسطين ۾ پنهنجي طاقت جو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو. سلجوق خاندان جيروسلم ۾ اٽڪل ويهن سالن تائين حڪومت ڪئي(74)، پر پوءِ پاڪ شهرن ۽ ٻين خطن جي موروثي سارسنڀال لهڻ جا اختيارَ امير آرتوڪ کي سؤنپيا ويا جيڪو ترڪمان قبيلي جو سردار هيو ۽ جنهن جي اولاد، فلسطين مان نيڪالي ملڻ تي، آرمينيا ۽ اسيريا(75) ۾ شاهي خاندان جا ٻه سلسلا قائم ڪري ڇڏيا. اوڀر جي عيسائين ۽ لاطيني زيارتين اهڙي انقلاب تي افسوس جو اظهار ڪيو جنهن ۾ کين اُتريَن علائقن جي ڌارين ۽ اوپرن ماڻهن(76) جي حڪمراني هيٺ رهڻ ۽ سندن رعيت هئڻ جو ڳَٽ سندن ڳچين ۾ پارايو ويو هو. پنهنجي محل توڙي فوجي ڪئمپ ۾، سلطان فارس جي رهڻي ڪهڻي ۽ تهذيب کي اختيار ڪيو. پر مجموعي طور تي ترڪ قوم ۽ خاص طرح تي ريڍارن ۽ ڌنارن جي اڪثريت ۾ رڻ پٽ جي زندگيءَ جو ڀوائتو ۽ خطرناڪ انداز نمايان ۽ نشانبر هيو. نائيسيا کان جيروسلم تائين، ايشيا جي اولهه وارا ملڪ، اڃا تائين ڌارين توڙي مقامي ماڻهن جي مخالفت کي ڀوڳي رهيا هيا ۽ ۽ فلسطين جا مالوَند ماڻهو، جن کي پنهنجن علائقن ۾ ڪجهه برتري ته ڪجهه معتبري حاصل هئي، پر وٽن نه وقت هو ۽ نه اهليت يا لياقت جو اُهي مذهبي آزادي يا وڻج واپار جي فائدن کي ماڻي سگهن يا انهي تبديليءَ ۾ شريڪ ٿي سگهن. جيڪي زيارتي ٽولا هيا، اُهي سفر جون بيشمار تڪليفون ڪاٽيندا ۽ خطرن کي مُنهن ڏيندا جيروسلم جي ديوارن تائين پهچي ته ويا هيا پر اُهي بدقسمت ماڻهو لُٽجي ڦُرجي ۽ ظلم زيادتين جو شڪار بڻجي برباد ٿي ويا هيا، ويتر اُهي زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ  لاءِ مقدس مقبري تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي، ڏڪار، بُک ۽ بيمارين جو کاڄ بڻجي ختم ٿي چڪا هيا. مقامي رنگ جي وحشي پڻي يا جنون جي هڪ لهر اُٿي پئي جنهن ترڪمان کي کليل آزادي ڏئي ڇڏي ته هو ڀلي هر فرقي جي مذهبي ماڻهن کي بيعزتو ڪري، نتيجو اهو نڪتو جو هڪ مذهبي اڳواڻ کي وارن کان وٺي رستن ۽ گهٽين ۾ بيدرديءَ سان گهِليو ويو ۽ کيس هڪ گندي کڏَ ۾ اُڇلايوو ويو ته جيئن کانئُس، سندس مال جي ڌَڻ کي ڇڏائڻ جي رقم اوڳاڙي سگهجي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي چؤپائي مال کي انسانن جيان پاليندو هو ۽ پيار ڪندو هو. اهڙيءَ طرح حضرت عيسيٰؑ جي واپسيءَ جي ڪليسا جي عبادت ۾ به اڪثر خلل پوندو رهندو هو ڇاڪاڻ ته ڪليسا جا رکوالا سخت مغرور ۽ وحشي طبيعت جا مالڪ هيا، اهڙن ڏُکوئيندڙن خبرن ۽ دردناڪ داستانن کي ٻُڌي، مغرب جا لکين ماڻهو صليب جي جهنڊي هيٺ ڪاهي ويا ته جيئن هن ’مقدس زمين‘ تي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جو ڪجهه ازالو ڪري سگهن، پر هِتان جي سڀني براين ۽ بڇڙاين کي گڏ ڪري جيڪڏهن اُنهن کي سلطان حاڪم جي فقط هڪڙي بيحرمتيءَ جي ڪم سان ڀيٽ ڪبي ۽ جنهن کي لاطيني عيسائين صبر سان سَٺو هو ته حاڪم جي بڇڙاين جو پاسو پوءِ به ڳرو ٿي ويندو. مذهبي توڙي انساني اَسهپَ جي صورتحال اها وڃي بيٺي هئي جو ٿورڙي ڳالهه تي به ماڻهو آپي کان ٻاهر نڪري ٿي ويا ۽ هاڻي ته وري ديني چٽاڀيٽي ۽ پادرين يا مذهبي ماڻهن جي حڪومت ۾، ڪنهن ماڻهوءَ جي رڳَ تي، ٻي شخص جي هٿَ جي نرم ڇُهاءَ سان ڀي ڀَنڀٽ ٻري ٿي سگهيو ۽ ان جو اثر يورپ جي ڏورانهَن ملڪن ڏانهن بنادير پهچي ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org