(165)
تعريف ڪئي آهي.
(166)
ڊي.هربيلاٽ جي واقعن ۾، امام حسينؑ بابت جيڪو
مضمون آهي، ان ۾ شجرو ۽ ٻارهَن امامن جي زندگي جو
احوال لکيل آهي جنهن ۾ هر امام بابت تفصيلي ذڪر
ڪيل آهي.
(167)
حضرت عيسيٰؑ جي مخالف جو نالو ته اجايو ٿو لڳي، پر
مسلمانن ۾ هر مذهب بابت قصا ۽ ڪهاڻيون هر وقت
موجود رهنديون آهن. (سيل، بنيادي گفتگو، صفحا
82-80) اصفحان جي شاهي استبل (گهوڙن جي جڳهه) ۾ ٻن
گهوڙن کي سدائين سَنجن سوڌو تيار رکيو ويندو هو.
هڪڙو گهوڙو خود امام مهدي لاءِ ۽ ٻيو سندس نائب ۽
ساٿي ۽ بيبي مريم جي پٽ حضرت عيسيٰؑ لاءِ مخصوص
هوندو هو.
(168)
سال 200هجري (815ع) لاءِ ڊي هربيلاٽ جو مطالعو
ڪيو. (ص 546)
(169)
ڊي هربيلاٽ، (ص- 342) فاطمي گهراڻي جي دشمنن کين
يهودي نسل ذريعي بيعزتو ڪيو. تنهن هوندي به هنن
پنهنجو شجرو امام جعفرؓ جيڪو ڇهون امام هو، سان
وڃي ملايو ۽ غيرجانبدار تاريخدان ابوالفدا ٻڌائي
ٿو (مسلمانن جا واقعا، ص 230) ته اُنهن سان هر
ڪنهن رشتو ڳنڍڻ يا شجرو ملائڻ ٿي چاهيو: ”جيڪي
بغير ڪنهن شڪ شبهي جي حضرت عليؓ جي اولاد مان آهن
۽ اهڙا ماڻهو اڃا به موجود آهن جن کي پنهنجن ماڻهن
جي حسب نسب ۽ شجرن جي پوريءَ طرح ڄاڻ آهي.“ هو هڪ
وڏي تاريخدان شريف الرازي مان ڪي حوالا به ڏئي ٿو.
”ڇا مون کي هڪ دشمن جي ملڪ ۾ به هيٺاهون ٿيڻو
پوندو يا عاجزي اختيار ڪرڻ پوندي…… جڏهن مصر جو
خليفو به عليؓ جي خاندان مان آهي ۽ آءٌ ان سان
ساڳيءَ پيءُ ۽ محافظ جي اٽوٽ رشتن سان ڳنڍيل
آهيان.“
(170)
فارس جي آخري شاهي خاندان جو شجرو شيخ سيفي سان
ڳنڍيل آهي جيڪو چوڏهين صدي عيسوي جو وڏو بزرگ هيو
۽ ان جي معرفت اهو حسب نسب حضرت موسيٰ ڪاظم سان ٿو
وڃي ملي جيڪو امام حسينؓ جو پٽ جيڪو حضرت عليؓ جو
فرزند هو. (اُليريَس، ص- 957، چارڊن
(iii, 288
پر مون کي ان حسب نسب جا وچان ڪڙا ملندي نظر نٿا
اچن. جيڪڏهن اُهي فاطمي خاندان جا سچا فرد هجن ها
ته اُهي پنهنجي خانداني لِڇَ شهنشاهه مزندران سان
ضرور وڃي ڳنڍن ها جنهن جي حڪومت نائين صدي عيسوي ۾
به قائم هئي. (ڊي.هربيلاٽ، ص 96)
(171)
(عثمانيه شهنشاهت جي تاريخ، ص- 94) تفصيل سان بيان
ڪيو آهي. ان کانسواءِ نيبهُر (عربستان جو احوال،
صفحا 317، 16-9 وغيره) پڻ تذڪرو ڪيو آهي. پر ان
ڳالهه جو افسوس آهي ته ڊينمارڪ جو سياح عربستان جي
تاريخوار واقعن کي گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
(*) (شهري جج).
(172)
جديد عالمي تاريخ جي ليکڪن (جلد
i
۽
ii)
850 فوليو صفحن ۾ ﷴ کين اها سهولت هئي ته هو
عربي متن پڙهي ٿي سگهيا ۽ ان کي درست به ڪري ٿي
سگهيا، تنهن هوندي به سندن وڏي ٻٽاڪ جي باوجود،
پنهنجي تحرير جي تڪميل ٿيڻ وقت، مون کي سندن
تحريرن منجهان ڪو وڌيڪ مواد يا واڌاري معلومات نه
ملي سگهي آهي. هيڏا سارا جلد ڄڻ وِساڻل آهن ۽
اُنهن ۾ ڪابه اهڙي شيءِ ڪانهي جو ڪٿي ڪا لاٽ يا
شعلو نظر اچي، يا جنهن ۾ ڪنهن فلسفي جو لطف اچي ۽
مواد سهيڙيندڙن هڪ ٻئي خلاف تعصب ۽ ڪٽرپڻي جو
مظاهرو پڻ ڪيو آهي، خاص طرح سيل ۽ گئگنيئَر خلاف
يا اُنهن سڀني جي خلاف جن ﷴ ﷺ جن جي شان کي
مٿانهون ڪيو آهي ۽ ساڻس انصاف ڪندي حق جا لفظ چيا
آهن (عالمي تاريخ لنڊن ۾ 1736ع ۽ 1744ع ۾ ستن
جُلدن ۾ شايع ٿي هئي.)
باب ايڪونجاهون
(خلاصو)
عرب يا عرب مسلمانن طرفان فارس، شام، مصر، آفريڪا
۽ اسپين جي فتح، خليفن يا (خلافت) سندن حڪومت ۾
عيسائين جي حالت.
گِبن، پهريَن خليفن، جيڪي ﷴ ﷺ جا جانشين هيا، جي
ڪفايت شعاري ۽ سندن جوش جذبي جي ذڪر سان هن باب جي
شروعات ڪري ٿو. عربستان کان پري وارن ملڪن جي سوڀن
جو ذميوار، هُو فارس ۽ روم جي شهنشاهت جي نااهلي
کي سمجهي ٿو. اٺين صدي عيسوي جي شروعاتي سالن
تائين اهي سوڀون هندستان کان وٺي ائٽلانٽڪ سمنڊ
تائين ڦهليل هيون جن کي گِبن پنجن عنوانن هيٺ
ڄاڻائي ٿو:
1. فارس: مسلمانن فارس وارن کي شڪست ڏئي بصري ۽
ڪوفي جي شهرن جو بنياد رکيو، هنن 651ع ۾ يزد جرد
جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو جيڪو فارس جي
حڪمرانن جو آخري ساساني بادشاهه هيو ۽ 710ع تائين
مسلمان سنڌو درياهه ۽ ڪئسپيَن سمنڊ جي ڪنارن تائين
وڃي پهتا.
2. شام: 635ع ۾ دمشق تي مسلمانن جو قبضو ٿي ويو ۽
ايندڙ ٽن سالن اندر جيروسلم، حلب ۽ ائنٽئڪ
(انتاڪيا) پڻ مسلمانن جي حڪمراني هيٺ اچي ويا.
شهنشاهه هيراڪليس (حرقل) پنهنجون فوجون هٽائي
ڇڏيون ۽ مسلمانن ايجيَن سمنڊ جي اردگرد جي علائقن
تي ڪافي حملا ڪيا.
3. مصر: گِبن عُمرو بن العاص جو ذڪر ڪري ٿو جنهن
مصر جي عيسائين جي مدد سان 641ع ۾ سڪندريه
(اليگزينڊريا) کي فتح ڪيو. گِبن ان ڳالهه تي
اعتبار نٿو ڪري ته سڪندريه ۾ بطليموسن جي لائبرري
کي مسلمانن ساڙي ڇڏيو هو.
4. آفريڪا: سال 683ع تائين، مسلمانن عقبه جي
اڳواڻيءَ ۾ اُتر آفريڪا جي سوڀَ کي مڪمل ڪري ورتو
هو، تان جو مسلمان تئنجيئَر تائين پهچي ويا هيا،
پر اُتر آفريڪا جا ماڻهو اٺين صدي عيسوي تائين
مسلمان نه ٿيا هيا.
5. اسپين: اسپين تي پهريون حملو طارق بن زياد 710ع
۾ ڪيو هو ۽ اڳئين سال هُن جيريز جي هنڌ تي بادشاهه
راڊرڪ جي اڳواڻيءَ ۾ گاٿن کي شڪست ڏني، پوءِ سڄو
ملڪ سندس قبضي هيٺ اچي ويو پر عيسائين کي پنهنجين
ڪليسائن کي قائم رکڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ مسلمانن
جي حڪومت ۾ زراعت کي ڪافي ترقي ملي ۽ ماڻهو خوشحال
ٿي ويا.
گِبن پنهنجي ڊگهي بابَ جي پڄاڻي، فارس جي مجوسي
مذهب توڙي آفريڪا ۽ اسپين ۾ عيسائيت جي زوال تي
پنهنجي تبصري سان ٿو ڪري، 718ع تائين عربستان جا
مسلمان خليفا دنيا جا بيحد طاقتور بادشاهه بڻجي
ويا.
مسلمان شهنشاهتن جو ڦهلاءُ- 56- 632ع
باب ٻاونجهاهون
(خلاصو)
قسطنطنيـﮣ تي عربن جا ٻه حملا- فرانس تي حملو ۽
چارلس مارٽل طرفان سندن شڪست- بنواميّه ۽ بنو عباس
جي خانه جنگي- ڪريٽ، سِسلي ۽ روم تي سامونڊي
چڙهايون- خليفن جي شهنشاهت جو زوال ۽ ان جو
ورهاڱو- يونان جي شهنشاهن جون شڪستون ۽ سوڀون.
باب 52 ۾ گِبن مسلمانن طرفان قسطنطنيہ تي قبضي ڪرڻ
جي ڪوشش جو ذڪر ڪري ٿو. ستن سالن تائين شهر تي
گهيرو ڪيو ويو، پر حفاظتي تدبيرن ۽ ’يونان جي
باهه‘ (جيڪا شايد پتري ڊانبر سان لڳائي وئي هئي)
مسلمانن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو ۽ سال 677ع ۾ ٽيهن
سالن لاءِ امن امان جو سمجهوتو طئي ٿي ويو. هڪ ٻيو
گهيرو جيڪو (718-716ع ۾ ڪيو ويو ان کي به روڪيو
ويو. فرئنڪن جي بادشاهت تي مسلمانن حملو ڪيو جيڪو
ڪامياب رهيو، پر چارلس مارٽل ٻيهر مسلمانن کي
ٽُورس ۽ پئائٽيئرس جي وچ ۾ 732ع ۾ شڪست ڏني. 755ع
۾ کين پائرينيز کان به پٺتي ڌِڪيو ويو. ان دؤران
ڏهين صدي عيسوي ۾ هڪ ٻئي جي مخالف ٽن خليفن،
بغداد، تيونس ۽ قرطبه ۾ حڪومت ٿي ڪئي. پهرين
مسلمانن جي وقت ۾ علم ۽ ذهانت به جنم ورتو. سائنس
تي يونانين جي تحقيق ۽ لکڻين جا ترجما شايع ٿيڻ
شروع ٿي ويا ۽ خاص طرح تي فلسفي، رياضي، آسماني
علم، حڪمت يا طب، بدني بناوٽ، وڻن ٻوٽن ۽ علم
ڪيميا جي علمن ڏانهن ماڻهو وڌيڪ متوجهه ٿيا. گِبن،
بهرحال، ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ٿو ڪري ته
مسلمانن يوناني توڙي لاطيني شاندار علمن کي پڙهي
لکي نه ڄاڻندا هيا. جيڪڏهن ائين ڪن ها ته وڌيڪ ڄاڻ
حاصل ٿيڻ تي هو وڌيڪ آزاد ذهن سان سوچڻ جي صلاحيت
رکن ها. اٺين صدي عيسوي جي آخر ۾ قسطنطنيہ جي شهر،
خليفي هارون رشيد کي داد ٿي ڏنو جنهن ان شهر جي
آزاديءَ کي برقرار رکيو هو، پر تڏهن به هارون
سدائين دڙڪا داٻَ ڏيندو رهندو هو ۽ نيٺ ڪاري سمنڊ
جي ڪنارن تي آباد هيراڪليا شهر تي 806ع ۾ قبضو
ڪيائين. نائين صدي عيسوي ۾ ڪريٽ ۽ قبرص مسلمانن جي
قبضي هيٺ اچي ويا. 846ع ۾ روم تي حملو ڪيو ويو پر
ان کي پادري ليؤ-iv
بچائي ورتو جنهن ٻيهر شهر جي ديوارن کي اوچو
ڪرايو. بغداد جي خليفن ترڪن کي ڀاڙيتُو فوجين جي
حيثيت ۾ استعمال ڪيو جن جي طاقت محلات جي سازشن ۽
انقلابن سبب ڪمزور ٿي چڪي هئي؛ گڏوگڏ مذهبي جنون
جي هڪ نئين لهر ڪرمتي فرقي جي حيثيت سان اُڀري آئي
جنهن جي نتيجي ۾ خودمختيار بادشاهتون قائم ٿي
ويون. شهنشاهن نائيس فورَس-II
۽ جان-I
ذِميِس جن 963ع کان 976ع تائين حڪومت ڪئي، يونانين
ٻيهر ڪريٽ، سليشيا، شام ۽ قبرص تي پنهنجي حڪومت
قائم ڪري ورتي.
باب ٽيونجاهون
(خلاصو)
ڏهين صدي عيسوي ۾ اوڀر جي شهنشاهت جي حالت- سندس
وُسعت ۽ ورهاست- دولت ۽ آمدني- قسطنطنيـﮣ جو مَحل-
لقبَ ۽ عُهدا- شهنشاهن جي طاقت ۽ سندن دٻدٻو-
يونانين، عربن ۽ فرئنڪن جي حڪمت عملي- لاطيني زبان
جو ڪمزور ٿيڻ- يونانين جو مطالعو ۽ سندن تنهائيءَ
جو لطف.
هن باب جي شروعات ۾ گِبن، ڏهين صدي عيسوي ۾ اوڀر
جي شهنشاهت جي تاريخ جي ذريعن تي هڪ سرسري نظر ٿو
وجهي، جيڪا اُڻٽيهن طبقن يا فوجي حڪومتن ۾ ورهائجي
چڪي هئي. قسطنطنيه، بهرحال ان وقت وڏي ۾ وڏو شهر
هو جنهن دنيا جي اُنهن حصن مان ماڻهن کي پاڻ وٽ
اچڻ ۽ ڪشش ڪرڻ جي دعوت ٿي ڏني جيڪي مسلمانن فتح
ڪيا هيا. گبن، پيلوپونيس جي حالت جو ذڪر ٿو ڪري
جتي اڃا تائين روم جي آزاديءَ جا آثار نظر ٿي آيا
۽ جتي ريشم جي وڪري مان ايندڙ دولت نمايان هئي.
شهنشاهت مان قسطنطنيه جي شهر ۾ دولت جمع ٿيندي رهي
جتي شاهي محلات هاڻي هر طرف کان وڏين ۽ اوچين
عمارتن سان وڪوڙجي ويو هو. محلات توڙي شاهي طبقي
جو هڪ مڃيل معيار مقرر ٿي چڪو هيو جنهن ۾ آفيسون،
عهدا، لباس ۽ تقريبن جي طريقن جا معيار ۽ ماپا
مقرر ڪيا ويا هيا. آمراڻي رعب تابَ سينيٽ کي به
دٻائي ۽ هِيسائي ڇڏيو هو ۽ ڪليسا به خاموشي کڻي
اختيار ڪئي هئي. گِبن، شهنشاهت جي سامونڊي توڙي
پيادل فوج جي هڪ منظرنامي کي اڳيان ٿو آڻي جنهن ۾
هو مسلمانن جي مذهبي جذبي اڳيان مخالفن جي لڳاتار
شڪستن جو جائزو ۽ تضاد پيش ٿو ڪري ۽ ٻڌائي ٿو ته
مسلمان ڪيئن نه مذهبي جذبن سان ٽمٽار ٿيل هيا. ان
وچ ۾ مغربي دنيا ۾ ٽين طاقت به وجود ۾ اچي وئي
جيڪا چارليمئگني جي فرئنڪن جي شهنشاهت جي روپ ۾
سامهون آئي، پر اُها جلد سندس ئي جانشينن جي هٿان
پنهنجي پاڻ ۾ ورهائجي ۽ وڏيرا شاهي جي ور چڙهي
وئي. جسٽينيَن کان پوءِ، قسطنطنيه ۾ لاطيني، زبان
جو استعمال گهٽجي ويو هو جنهن کي وري فرئنڪن
پنهنجي زبان طور تسليم ڪري ورتو هو، توڙي جو اوڀر
جي شهنشاهن آخر تائين پنهنجي رومي سڃاڻپ کي برقرار
رکيو هو. نائين صدي عيسوي ۾ لائبريريَن فوٽيَس جي
اڳواڻيءَ ۾ يوناني علم جي مطالعي کي ٻيهر زنده ڪيو
ويو پر گبن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ٿو ڪري ته
ڪو به نئون ڪم نه ٿيو ۽ نه وري ڪي نوان ڪتاب شايع
ٿي سگهيا. ”ڏُکارا ۽ بهادريءَ وارا منظر يا وري
دلفريب موسيقيءَ جون ڌنون خاموش ٿي ويون ۽ شاندار
دؤر هميشه واسطي غائب ٿي ويو“.
باب چوونجاهون
(خلاصو)
پاليشيَنس جو فلسفو ۽ سندن اصليت- يوناني شهنشاهت
طرفان کين اذيتون- آرمينيا ۾ بغاوت- ٿريس طرف
لڏپلاڻ- اولهه ۾ سندن پرچار- پروٽيسٽنٽ تحريڪ جا
ٻِجَ، نوعيت ۽ نتيجا.
گبن هڪ مختصر باب ۾ پاليشيَنس جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو
هڪ عيسائي فرقو هو جنهن توريت کي رد ڪري سينٽ پال
جي مذهبي رهبري قبول ڪئي هئي. اُهي پهريون ايشيا
مائنر ۾ وڃي رهيا جتي يوناني شهنشاهن کين اذيتون
پهچايون. سندن تڪليفن نيٺ رنگ لاتو جنهن جي نتيجي
۾ نائين صدي عيسوي ۾ آرمينيا ۾ بغاوت جنم ورتو
جنهن کي مسلمانن جي خلافت طرفان حمايت حاصل هئي.
اُنهن جي ڪجھ پوئلڳن کي جنگي جوڌن جي حيثيت ۾ ٿريس
۾ رهائش ملي جتان اُهي فرانس ۽ اٽلي ڏانهن منتقل
ٿي ويا. اُهي بت پرستيءَ توڙي روم جي حڪومت جي
خلاف هيا. تيرهين صديءَ ۾ هو البيجينِس جي حيثيت ۾
سڃاپجڻ لڳا. هي لقب کين فرانس جي هڪ شهر البي مان
مليو هو جتي هو رهندا هيا، پر اُتي کين سخت اذيتن
مان گذرڻو پيو. گبن کين پروٽيسٽنٽ تحريڪ جو پيشرؤ
يا سرواڻ ٿو ڪوٺي ۽ هن باب جي پڄاڻي اُنهن فائدن
حاصل ٿيڻ تي ٿو ڪري جيڪي اڳتي هلي هن تحريڪ مان
کين حاصل ٿيا هيا.
باب پنجوجاهون
(خلاصو)
بلغاريا جا ماڻهو- هنگري جي ماڻهن جو اصل نسل،
سندن لڏپلاڻ ۽ آباد ٿيڻ- اوڀر توڙي اولهه ۾ سندن
حملا- روس جي بادشاهت- روس جي جاگرافي ۽ يونان جي
شهنشاهت سان سندن وڻج واپار جي جنگ- بربرن جي
مذهبي تبديلي.
گبن، عيسوي سن نائين، ڏهين ۽ يارهين صدين ۾
بازنطينيا خلاف سيٿيا جي حملن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي
بلغاريا، هنگري ۽ روس جي نالن هيٺ ڪيا ويا هيا.
بلغاريا وارن 811ع ۾ شهنشاهه نائيسفورس کي هڪ جنگ
۾ ماري ڇڏيو هو. بعد ۾ اُهي عيسائي ٿي ويا ۽ خواهش
ظاهر ڪئي هيائون ته پنهنجي بادشاهه سِميَن جي
سربراهيءَ ۾ هو قسطنطنيه ۾ هڪ سامونڊي شهنشاهت جو
بنياد وجهندا، پر سندن خواهش پوري ڪانه ٿي جو هو
پاڻ ۾ هڪ ٻئي خلاف ورهائجي ويا هيا ۽ نيٺ يارهين
صدي عيسوي ۾ شڪست کاڌائون. هنگري جا ماڻهو شروع ۾
ايشيا کان آيا هيا ۽ نائين صدي عيسوي ۾ اُهي دنيوب
جي ڪنارن تي وڃي آباد ٿيا هيا. هنن چارليمئگني جي
پوئلڳن ۽ جرمني جي شهنشاهت خلاف حملن جي شروعات
ڪري ڇڏي هئي پر اُنهن، جرمن شهنشاهن: هينري ۽
فائولر جي هٿان 934ع جي جنگ ۾ شڪست کاڌي؛ بعد ۾
عظيم شهنشاهه اوٺو به کين 955ع ۾ مات ڏني. ان کان
پوءِ هنن مختلف بادشاهن جي سلسلي هيٺ سڪونت اختيار
ڪئي ۽ ٽن سؤ سالن تائين امن ۽ سُڪون جي زندگي
گذاريائون. نائين صدي عيسوي ۾ روس جا ماڻهو
اسڪئنڊينيويا جي نارمن يا نارمنڊي جي شهنشاهن جي
رعيت ۾ شامل هيا، نوفگورڊ ۽ ڪيف جا شهر وڻج واپار
جا مرڪز هيا ۽ روس جا واپاري تڏهن بالٽڪ کان
قسطنطنيه تائين ڌنڌو ڌاڙي ڪندا هيا. پر جنگين، وڻج
واپار ۾ رڪاوٽ وجهي ڇڏي ۽ ٻن سؤ سالن ۾ روسيُن چار
ڀيرا سامونڊي رستي قسطنطنيه تي حملا ڪيا، پر هر
ڀيري سندن حملي کي ناڪام بنايو ويو. بازنطيني
شهنشاهت سان اتحاد ڪري هنن بلغاريا وارن کي شڪست
ڏني، پر جڏهن هنن وري قسطنطنيه کي سوڙهو ڪرڻ شروع
ڪيو ته شهنشاهه جان-
I
972ع ۾ کين شڪست ڏني. ڏهين صدي جي آخر ۾، يونان ۽
جرمني جي پرچارڪن جي گڏيل ڪوششن ۽ سندن چپ چاپ همت
۽ مردانگيءَ سان روس وارا به پنهنجو مذهب مٽائي
عيسائي ٿي ويا ۽ آرٽس ۽ سائنس جو علم اتر ۽ مشرقي
يورپ جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين ڦهلجي ويو.
باب ڇاوَنجاهون
(خلاصو)
اٽلي ۾ عرب مسلمان، فرئنڪ ۽ يونان جا ماڻهو-
نارمنڊي وارن جا پهريان معرڪا ۽ سندن آبادي- رابرٽ
گِسڪارڊ جو ڪردار ۽ سندس سوڀون- اَپُوليا جو حاڪم-
پنهنجي ڀاءُ جي ڪوششن سان سِسلي طرفان سُک جو ساهه
پَٽڻ- اوڀر ۽ اولهه جي شهنشاهن خلاف رابرٽ جون
سوڀون- سِسلي جو بادشاهه راجر آفريڪا ۽ يونان تي
حملو ٿو ڪري- شهنشاهه مينوئل ڪمنينَس- يونانين ۽
نارمنس جي وچ ۾ جنگيون- نارمنڊي جي هستي جو مٽجي
وڃڻ.
گِبن، ڏکڻ اٽلي جي آزاديءَ جي احوال سان هن باب جي
شروعات ڪري ٿو ته ڪيئن اُها عرب مسلمانن ۽ ساڳئي
وقت لومبارڊ شهزادن جي چنبي مان نائين صدي عيسوي ۾
ٻاهر نڪري نروار ٿي هئي، جيڪا هونئن اڳ يونان جي
شهنشاهت جو حصو هئي. يونان جي مخالفن، نارمنڊي
وارن کي دعوت ڏني ته اُهي سندن مدد ڪن، ۽ جڏهن
يونانين 1038ع ۾ سِسلي کي عرب مسمانن کان آزاد
ڪرائي پنهنجي قبضي هيٺ آڻن چاهيو ته نارمنس،
اپُوليا تي قبضو ڪري ورتو. هن موقعي تي لاطيني
ڪليسا، يوناني ڪليسا کان پنهنجا رشتا ۽ لاڳاپا
هميشه واسطي ختم ڪري ڇڏيا ۽ هنن نارمنس کي،
اپُوليا، ڪئلابريا ۽ سِسلي کي فتح ڪرڻ جو حق ڏئي
سندن حمايت ڪري ڇڏي. 1054ع ۾ رابرٽ گسڪارڊ سندن
اڳواڻ بنجي ويو. سئلرنو جو ميڊيڪل اسڪول ۽ اَملفِي
جي دولت ۽ وڻج واپار سندس خاص ملڪيت جو حصو ۽
ذريعو هيا. سِسلي جي سوڀَ، سندس ننڍي ڀاءُ راجر جي
حصي ۾ آئي جنهن ٽيهن سالن جي جدوجهد کان پوءِ ان
کي حاصل ڪيو. هي خطو بعد ۾ لاطيني ڪليسا جو حصو
بڻجي ويو پر مسلمانن کي مڪمل مذهبي آزادي جو حق
ڏنو ويو هو. رابرٽ گِسڪارڊ ان دؤران يونان جي
شهشاهت تي حملو ڪري شهنشاهه اليگزيَس کي دُرازو جي
هنڌ وٽ 1081ع ۾ شڪست ڏني. بعد ۾ هو اٽلي واپس ويو
ته جيئن جرمن شهنشاهه هينري-IV
جو مقابلو ڪري جنهن کي اليگزيَس جي حمايت حاصل هئي
ته جيئن ٻئي گڏجي روم جو گهيرو ڪري سگهن. شهنشاهه،
نارمنس اڳيان نه بيهي سگهيو ۽ پوئتي واپس وريو پر
ان کان اڳ روم کي لُٽ مار ۽ باهه لڳڻ ڪري سخت
نقصان رسي چڪو هو. 1085ع ۾ رابرٽ مري ويو پر ان
کان اڳ هو يونان خلاف حملي جي تياري ڪري چڪو هو.
گِبن هاڻي، ٻارهين صدي عيسوي جي پهرئين اَڌ ۾،
سِسلي جي راجر-
II
جي اُڀرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو احوال اسان کي ٻڌائي ٿو
جنهن ڏکڻ اٽلي جي نارمن حدن ۽ علائقن کي پاڻ سان
ملائي پنهنجي حڪمراني هيٺ آڻي ڇڏيو هو. هن مالٽا
کي پنهنجي شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو ۽ اتر آفريڪا جي
ڪنارن تي رهندڙ آبادين کي مجبور ڪيائين ته هو سندس
حڪومت اڳيان آڻ مڃين ۽ کيس جزيو ڏين. اٿينس ۽
ڪورنٿ تي سامونڊي پٽيءَ کان مٿن حملو ڪيو ويو جنهن
جي نتيجي ۾ ريشم جي صنعت کي سِسلي ۾ آندو ويو ۽
فرانس جي صليبي بادشاهه لوئس-
VII
کي يونان جي قبضي ڪندڙن کان ڇڏائي کيس بچايو ويو.
شهنشاهه مينوئل جي حڪمرانيءَ ۾ (1143-1180ع)
يونانين ٻيهر اٽلي تي پنهنجي دعويٰ ڄمائي ۽ ٻين
شهرن کي به هُشي ڏنائون ته اُهي جرمن شهنشاهه
فريڊرڪ باربروسا جي مخالفت ۽ ساڻس مقابلو ڪن پر
پادري اليگزيندر (سڪندر)
III
سندن حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هاڻي نارمن- سِسلي
جي طاقت ڪمزور ٿي چڪي هئي ۽ سال 1194ع ۾ ساڳيو خطو
فريڊرڪ باربروسا جي پٽ فتح ڪري ڇڏيو جيڪو پوءِ
شهنشاهه هينري-
VI
جي نالي سان مشهور ٿيو.
باب ستوَنجاهون
سلجوق نسل جا تُرڪ- هندستان جي فاتح محمود (غزنوي)
خلاف سندن بغاوت- طُغرل، فارس کي پنهنجي تابع ٿو
بنائي ۽ خليفن جي حفاظت ٿو ڪري- اَلپ ارسلان طرفان
شهنشاهه رومنَس ڊايوجينس جي شڪست ۽ سندس قيدي ٿيڻ-
مالڪ شاهه جو رعب، دٻدٻو ۽ شان شوڪت- ايشيا مائنر
۽ شام جون سوڀون- جيروسلم جي حالت ۽ سختيون- مقدس
مقبري جون زيارتون.
هن ڪتاب جو پڙهندڙ سِسلي جي ٻيٽ کان هلي يقيني طور
تي ڪئسپيَن سمنڊ کان به اڳتي وڌي چڪو هوندو ۽
تُرڪن جي گاديءَ جي هنڌ يا آستانن تائين پهچي چڪو
هوندو جن جي خلاف اصولي طرح پهرين صليبي جنگ شروع
ڪئي وئي هئي. ڇهين صدي عيسوي ۾ قائم ڪيل سيٿيا جي
شهنشاهت گهڻو اڳ ختم ٿي چڪي هئي پر يونانين توڙي
ٻين مشرقي ملڪن ۾ سيٿيا جو نالو اڃا تائين مشهور
هيو ۽ ننڍيون ننڍيون قومون يا قوميتون، جيڪي خود
به طاقتور ۽ آزاد حيثيت رکندڙ هيون، چين کان
اوڪَسَس نديءَ تائين هڪ وڏي رڻ پٽ ۾ ٽڙيل پکڙيل
هيون ۽ دنيوب کي، جيڪا هنگري جي ڪالوني هئي، يورپ
جي جمهوريه ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ ايشيا جي تخت
گاهَن تي تُرڪ نسل جي سپاهين ۽ غلامن جو قبضو ٿي
چڪو هو. هڪ طرف اپوليا ۽ سِسلي، نارمنس جي نيزن ۽
ڀالن جي خوف کان سندن تابع بنجي ويا هيا ته ٻي طرف
کان اتر جي ريڍارن ۽ ڌنارن جا لشڪر فارس جي
بادشاهتن اندر ڪاهي پيا هيا؛ سلجوق شهزادن موقعي
جو فائدو وٺي سمرقند کان وٺي يونان ۽ مصر جي سرحدن
تائين پنهنجي شاندار شهنشاهت قائم ڪري ڇڏي ۽ ان
وقت کان وٺي ترڪن پنهنجي حڪومت کي تيستائين قائم
رکيو جيستائين سينٽ صوفيا تي ڪنهن ٻي فاتح جو
جهنڊو نه ڦڙڪيو هو.
ترڪ بادشاهن ۾ سڀني کان وڏو ۽ عظيم محمود غزنوي
هو(1) جنهن فارس جي اوڀر وارن صوبن ۾ حضرت عيسيٰؑ
جي ڄمڻ کان هڪ هزار سال پوءِ حڪومت ڪئي هئي. سندس
پيءُ سبڪتگي يا سبڪتگين، ﷴ ﷺ جي غلامن جي غلامن جو
به غلام هو(*). پر غلامن جي حسب نسب موجب، پهريون
رتبو فقط لقبن تائين محدود هيو ڇو ته اُهو ايشيا
مائنر ۽ خراسان جي حاڪم ذريعي ڀرجي چڪو هو ڇاڪاڻ
ته اهو اڃا تائين بغداد جي خليفي جي تابعداري ڪندو
هو. ٻيو عهدو مملڪتي وزير جو هو جيڪو ساماني
قبيلي(2) جو نائب هو جنهن سياسي غلامي جي رشتن کي
بغاوت ڪري ٽوڙي ڇڏيو هو. ٽيون عهدو هڪ جائز نوڪر
وارو هو جيڪو ان باغي جي ڪُٽنب پاڻ وٽ رکيو هو
جتان سبڪتي، جرئت ۽ هوشياريءَ سان شهر جي وڏي ۾
وڏي رتبي تائين رسيو جيڪو غزنا(3) جي صوبي ۾ هو ۽
هو پنهنجي مالڪ جي ناٺي هئڻ سان گڏوگڏ سندس جانشين
به بڻجي ويو. ساماني بادشاهت جي جُهرندڙ سلسلي کي
پهريون ته ٽيڪ ڏئي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر بعد ۾
سندن ئي نوڪرن چاڪرن ان کي ڌِڪو ڏئي ڪيرائي ڇڏيو ۽
جڏهن هر طرف افراتفري ڦهلجي وئي ته محمود غزنوي جي
ڀاڳَ ڀڙڪو کاڌو. فقط هن جي لاءِ سلطان(4) جي لقب
کي پهريون ڀيرو ايجاد ڪيو ويو ۽ سندس بادشاهت جو
دائرو هڪ طرف ٽرنسوڪسيانا کان وٺي اصفحان جي حدن
تائين ته ٻي طرف ڪئسپين سمنڊ جي ڪنارن کان سنڌو
ندي تائين وڌي ويو. پر سندس شهرت ۽ دولت جو خاص
سبب سندس جهاد هو جيڪو هن هندستان جي گنٽوز يا بت
پرستن سان ڪيو هو. ٻاهر جي هن بيان ۾ منهنجي لاءِ
صفحو ڪافي نه هوندو پر هڪ پورو جُلد به شايد اُنهن
جنگين جي بيان ڪرڻ يا اُنهن ٻارهَن حملن جي ذڪر
ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هوندو جيڪي محمود غزنوي هندستان
تي ڪيا هيا. ڀلي موسمون ڪيڏيون به خراب ڇو نه هجن،
يا جبل ڀلي ڪيتري به اوچائي وارا هجن، نديون ڀلي
وڏيون ۽ ويڪريون هجن، صحرا ۽ رڻ پٽ ڀلي ويران هجن
۽ دشمنن جا ڀلي ڪيڏا به وڏا لشڪر هجن ۽ ڀلي مخالفن
جي فوج ۽ هيبتناڪ هاٿي هجن(5) جيڪي جنگ وڙهڻ جي
ڪيڏي به مهارت ڇو نه رکندا هجن پر مسلمان مجاهد
ڪنهن به خوف خطري کان ڊڄڻ ۽ هيسجڻ وارا هرگز نه
هيا. غزني جي سلطان، سڪندراعظم جي فتحن کي به مات
ڏئي ڇڏي هئي. ٽن مهينن جي هلڻ ۽ ڪشمير ۽ تبت جي
جبلن جي مسافري ڪرڻ کان پوءِ، هو مشهور شهر
قنوج(6) وٽ پهتو جيڪو گنگا ندي جي مٿئين ڪپر تي
اڏيل آهي ۽ سنڌوندي جي ڪناري تي هڪ سامونڊي جنگ ۾
هن دشمن جي چئن هزار ٻيڙين کي تباهه ڪري ڇڏيو.
دهلي، لاهور ۽ ملتان پنهنجا پنهنجا گيٽ کولڻ لاءِ
مجبور ٿي پيا ۽گجرات جي مشهور بادشاهت هن لاءِ ڪشش
جو باعث بڻي ۽ هن اُتي ترسڻ جو ارادو ڪيو، سندس
لالچ اڃا به اڳتي وڌي ۽ هن ڏاکڻئين سمنڊ مان
خوشبودار ۽ سونا ٻيٽ تلاش ڪرڻ جي اجائي ڪوشش ڪئي.
پر جزيي ادا ڪرڻ تي اُتان جي راجا پنهنجي حڪومت جي
حدن کي برقرار رکيو ۽ ماڻهو ۽ سندن زندگيون به بچي
ويون، پر جوشيلا مسلمان هندستان جي مذهب سان ظلم ۽
زبردستي سان پيش آيا، سوين مندرن ۽ سندن عبادت جي
جاين کي ڊاهي پَٽ ڪيو ويو، هزارين بُتن کي ڀڃي
ڀورا ڀورا ڪيو ويو، ۽ پيغمبر ﷺ جي غلامن کي اُنهن
ڀڳل ٽٽل بتن ۾ مڙهيل قيمتي سامان جو حصو بطور
انعام اڪرام جي ڏنو ويو. سومنات جو مندر گجرات جي
ڇيڙي تي ٺهيل هيو ۽ دِيو جي ڀر ۾ هو. هڪ اهڙو هنڌ
جيڪو پورچوگيزن جي آخري ملڪيت هئي(7). ان مندر تي
ٻن هزار ڳوٺن جو ناڻو خرچ ٿيندو هو، ٻن هزار
برهمڻن کي پاڪ ڪيو ويو هو ته جيئن اُهي سومنات ۾
رکيل وڏي ۾ وڏي ديوتا جي خدمت ۾ رُڌل رهن ۽ جنهن
کي هر صبح ۽ هر شام جو گنگا جي پاڻيءَ سان غسل
ڪرايو ويندو هو: ٻيا جيڪي خدمتگار هيا اُنهن ۾ ٽي
سؤ مؤسيقار ۽ سازندا، ٽي سؤ حَجم ۽ پنج سؤ نچڻيون
هيون جيڪي پنهنجي ڄَم جي اعزاز توڙي حُسن ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ هيون. ٽِن طرفن کان مندر جي حفاظت سمنڊ پاڻ
ٿي ڪئي ۽ هڪ سوڙهو ٻيٽ وچ تي هيو جنهن جي فطري يا
مصنوعي بيهڪ خوبصورتي واري هئي ۽ شهر توڙي ڀر وارن
هنڌن تي اهڙا ماڻهو رهندا هيا جيڪي مذهبي جنون
رکندڙ هيا. هو پنهنجن گناهن ۽ انهن جي نتيجي ۾
مليل سزائن جو اعتراف ڪندا هيا جيڪي کين قنوج ۽
دهلي ۾ مليون هيون، پر جيڪڏهن ڪو پليد ڌاريو ماڻهو
(سندن عقيدي موجب) سندن پاڪ خطي ۾ اچڻ جي ڪوشش
ڪندو ته خدائي ناراضگي ۽ انتقام جو کاڄ ٿي هڪ
ڌماڪي سان پرزا پرزا ٿي ويندو. محمود غزنوي، هن
عقيدي کي هڪ ذاتي للڪار سمجهي پنهنجي ايماني طاقت
کي هندستان جي وڏي ديوتا خلاف آزمائڻ ٿي چاهيو.
ديوتا جي پنجاهه هزار پوڄيندڙن کي مسلمانن جي نيزن
۽ ڀالن سان ختم ڪيو ويو، ديوارن کي ڊاهيو ويو، ۽
هِندن جي پاڪ جاءِ کي بي عزتو ڪيو ويو ۽ فاتح هن
وڏي بُت جي سِرَ کي پنهنجي لوهي ڀالي سان اُڏائي
ڇڏيو. ڊڄندڙ ۽ ڏڪندڙ برهمڻن هڪ ڪروڙ اسٽرلنگ کيس
آڇيا ته اُنهن جي بدلي ۾ کين جان جي پناهه ڏئي ۽
سندن وڏي ديوتا کي نقصان نه رسائي ۽ محمود جي
سياڻن صلاحڪارن به کيس صلاح ڏني ته جيڪڏهن پٿر جي
ٺهيل بُت کي تباهه ڪيو به ويو ته ان سان بت پرستن
جي دلين جا جذبا هرگز ڪونه بدلبا، تنهن ڪري مناسب
اهو هو ته ايڏي وڏي رقم جي آڇ کي هرگز نه ٺڪرائجي
ڇاڪاڻ ته اهي پئسا ضرورتمند مسلمانن کي وقت اچڻ تي
ڪم ايندا. ”توهان جا دليل“، محمود جواب ڏنو،
’شاندار(*) ۽ وزندار آهن پر محمود غزنوي، ايندڙ
نسل جي نظرن ۾ بتن جي هڪ واپاري طور سڃاپجڻ نٿو
چاهي‘. هن پنهنجن حملن کي جاري رکيو ۽ هيرن ۽
جواهرن جو هڪ خزانو جيڪو پٿر جي مجسمي جي پيٽ ۾
لڪل هو، ٻاهر نڪري آيو جنهن ڪنهن حد تائين برهمڻن
جي فضول خرچي کي صاف ظاهر ڪري ڇڏيو. بت مان ٻاهر
آيل قيمتي ٽڪرن کي غزنا، مڪي ۽ مديني ڏانهن موڪليو
ويو، بغداد هن دلچسپ معرڪي کي غور سان ٻُڌو ۽
محمود غزنوي کي بغداد جي خليفي طرفان وڏو داد ڏنو
ويو ۽ کيس ﷴ ﷺ جي مذهب جو محافظ ۽ مسلمانن لاءِ
ڀاڳ بخت آڻيندڙ جو لقب عطا ڪيو ويو.
هي پاسو رت جي رستي وارو هو ۽ قومن جي تاريخ اڪثر
اهڙي ئي رهي آهي، پر ساڳئي وقت آءٌ هتي ڪجھ سائنس
۽ اخلاقيات جي خوشبودار گلن آڇڻ کان به انڪار نه
ڪري سگهندس. محمود غزنوي جو نالو اوڀر جي ملڪن ۾
اڃا تائين به عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو: سندس
رعيت جا ماڻهو، امن ۽ خوشحاليءَ جهڙين نعمتن سان
نوازيل هيا؛ سندس عيب ۽ اوڻايون مذهب جي پردي ۾
لڪل هيون، ٻه مشهور مثال سندس انصاف سخا ۽ فياضي
بابت وڌيڪ وضاحت ڪندا.
(I)
جيئن آءٌ سندس هال ۾ وڃي ويٺس ته رعيت جو هڪ مظلوم
ماڻهو بادشاهه جي تخت آڏو اچي جهُڪيو ۽ هڪ ترڪ
سپاهي جي گستاخي ۽ بيهودي روَش جو ذڪر ڪيائين ته
ڪيئن نه هن کيس پنهنجي گهر ۽ بستري مان تڙي ڪڍي
ڇڏيو هو. ”رڙيون ڪرڻ بند ڪر“، محمود کيس چيو،
’جڏهن هو ٻيهر اچي ته مون کي اچي ٻڌائجان، آءٌ
ذاتي طور اُتي پهچي توسان انصاف ڪندس ۽ جيڪڏهن هن
توسان اهڙو ورتاءُ ڪيو آهي ته کيس ضرور سزا
ڏيندس‘. سلطان پنهنجي سُونهين
(Guide)
جي پٺيان هلندو رهيو ۽ گهر جي اندر ۽ ٻاهر محافظن
کي چؤڪس ڪري ڇڏيائين ۽ بتين کي وِسائيندي مجرم کي
موت جي سزا جو حڪم ڏنائين جنهن کي ڦُر لُٽ ۽ زنا
ڪندي پڪڙيو ويو هو. موت جي سزا جي تعميل ٿيڻ کان
پوءِ، بتين کي ٻيهر روشن ڪيو ويو ۽ محمود غزنوي
سجدي ۾ پنهنجو سر کڻي رکيو ۽ سجدي مان اُٿندي، هن
ڪجھ کاڌي کائڻ جي طلب ڪئي، کاڌي ملڻ تي هو ان کي
هڪ بکايل جي هٻڇَ جيان ڳڙڪائي ويو. غريب ماڻهو،
جنهن جي شڪايت جو هن ازالو ڪيو هو، پنهنجي حيرت ۽
تجسُس کي گهڻو روڪي نه سگهيو تنهن ڪري هڪ مهربان ۽
شفيق بادشاهه هيٺين سطح تي اچي پنهنجي انوکي عمل
جي وضاحت هن ريت ڪئي: ’مون کي شڪ ڪرڻ جا گهڻا سبب
هيا ته منهنجن پُٽن مان ڪنهن به هڪ پُٽ کان سواءِ
ٻي ڪنهن کي هرگز اها جرئت ئي ڪانه ٿئي ها ته اهڙو
بيهودو ڪم ڪري؛ ۽ مون بتيون ان ڪري اُجهائي ڇڏيون
ته جيئن منهنجو انصاف انڌو ۽ اڻموٽ هجي. منهنجي
عبادت ۽ سجدو فقط شڪراني ادا ڪرڻ لاءِ هو ته مون
صحيح مجرم ڳولي لڌو هو ۽ منهنجو انتظار ۽ بيچيني
ايتري وڌيل هئي جو مون
بازنطيني شهنشاهت- 1050ع
تنهنجي شڪايت ٻڌڻ واري لمحي کان وٺي ٽن ڏينهن
تائين ڪجھ به نه کاڌو هو“.
(II) سلطان محمود
غزنوي، اولهه فارس جي حاڪمن خلاف جنگ جو اعلان ڪري
ڇڏيو هو، پر هن جنگ جي تياريءَ کي فقط هڪ ماءُ جي
خط ملڻ تي ترڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ حملي ڪرڻ کي تيستائين
ملتوي ڪري ڇڏيو جيستائين سندس پُٽ وڏو ٿئي(8). خط
۾ ان ماءُ لکيو هو: ’منهنجي مڙس جي زندگي دؤران،
مون کي سدائين تنهنجي جنگي جنون بابت خدشا ۽ وسوسا
رهندا هيا، هو هڪ بادشاهه ۽ ساڳئي وقت هڪ سپاهي به
اهڙو هو جو تنهنجي فوج لاءِ وڌيڪ موزون ۽ مناسب
هجي ها. پر هو هاڻي زندهه ڪونهي، ۽ هن جي سڄي
ملڪيت هاڻي هڪ عورت ۽ هڪ ننڍو ٻار آهي ۽ توکي هرگز
اهو نه جڳائي ته تون هڪ صغير ٻار ۽ ڪمزور عورت
خلاف حملو ڪرين. جيڪڏهن تون سوڀ حاصل ڪئي به ته
اُها ڪيڏي نه غير شانائتي هوندي ۽ جيڪڏهن توکي
شڪست ملي ته اُها ڪيتري نه شرمناڪ هوندي، پر،
بهرحال، جنگ ۾ فتح توڙي شڪست فقط الله تعاليٰ جي
هٿ وَس هوندي آهي‘. فقط لالچ ۽ حرصَ سلطان محمود
جي ڪردار کي داغدار بنائي ڇڏيو هو ۽ سندس اها طلب
ايتري ته اجهاڳ هئي جو هو ڪڏهن به مطمئن ٿي نه
سگهيو هو. تنهن هوندي به اوڀر جي ليکڪن، سلطان جي
حرص هوَس بابت اعتبار ۾ نه ايندڙ مبالغي کان ڪم
ورتو آهي جنهن ۾ سون ۽ چانديءَ جي دولت کي ڪروڙن ۾
ٻڌايو ويو آهي ۽ هيرا، جواهر، موتي ۽ مرجان ايترا
ته ڳڻايا ويا آهن جو فطرت جي ڪارخاني ۾ اوترا شايد
پيدا به ٿي نٿا سگهن(9). تنهن هوندي به هندستان جي
مٽيءَ ۾ ايتري ته مڻيا آهي جو اُتي قدرت جي نهايت
قيمتي شين جون کاڻيون موجود آهن ۽ هر دؤر ۾ ان جي
وڻج واپار دنيا جي سونَ ۽ چانديءَ کي اُتي پئي
آندو آهي ۽ جن ماڻهن سڀ کان پهريون هن ڌرتيءَ جي
نعمتن مان فائدو ورتو اُهي پهريان مسلمان فاتح
هيا. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ سندس روَيو ۽ ورتاءُ
پيشيمانيءَ وارو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪا دولت وڏين
محنتن ۽ مشقتن سان هن پاڻ وٽ گڏ ڪئي هئي ۽ خطرن جي
باوجود به پاڻ وٽ جمع ڪري رکي هئي سا آخرڪار ضايع
ٿي وئي هئي. هن غزنا جي مختلف خزانن جو جائزو ورتو
ته اوچتو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو ۽ ٻيهر دروازا
بند ڪري ڇڏيائين ۽ ڪنهن کي به پنهنجي دولت مان ڪجھ
به نه ڏنائين توڙي جو کيس خبر هئي ته هيتري ساري
دولت کي وڌيڪ وقت لاءِ محفوظ ڪرڻ جو نه وٽس وقت هو
۽ نه ذريعا هيا، ٻي ڏينهن تي هن پنهنجي فوج جو
جائزو ورتو، هڪ لک پيادل فوج، پنجوَنجاهه هزار
گهوڙي سوار ۽ تيرهن سؤ جنگي مهارت رکندڙ هاٿي وٽس
موجود هيا(10). هو ٻيهر انساني وڏائيءَ جي سکڻي
آڪڙ تي بيحد رُنو ۽ سندس غمگين طبيعت ۾ ان وقت
وڌيڪ اضافو اچي ويو جڏهن ترڪمانن، جيڪي سندس دشمن
هيا، جي پيش قدميءَ جو اطلاع کيس مليو جن کي اڳ
پاڻ ئي فارس جي بادشاهت جي وچ ۾ مقرر ڪيو هيائين. |