دشواري نه ايندي؛ هن سلسلي ۾ هن الاني جي بادشاهه
سنگيبان تي ڀروسو ٿي ڪيو جنهن ساڻس واعدو ڪيو هو
ته هو شهر سان ڌوڪو ڪندو ۽ شهنشاهت جي وڌيڪ خدمت
ڪرڻ کان نه رڳو پاڻ کي آجو ڪندو پر ان خلاف بغاوت
ڪندو. پر غداري واري هيءَ سازش وائکي ٿي پئي ۽
سازش ڪندڙ کي ناڪامي نصيب ٿي ڇاڪاڻ ته آرليَنس جي
بچاءَ کي قلعن ذريعي محفوظ بنايو ويو هو ۽ هُنن جي
حملي کي سپاهين ۽ شهرين جي وفادار ۽ بهادريءَ
ذريعي پٺتي ڌِڪي ناڪام بنايو ويو هو جن هن هنڌ جي
ڀرپور حفاظت ٿي ڪئي انيئينَس پنهنجي ڳوٺاڻي محنت
سان جيڪو وڏي جُڳ جو ماڻهو ۽ دورانديشيءَ جو مجسمو
هو، مذهبي دعائن ۽ وظيفن سان حفاظت ڪندڙن جي پوري
همت ا^w2240^w2247^w2247^w224G^w2202^w2252^w2250^w224D^w2256^w2247^w2241^w2256^w2247^w2246^w220G^w2202^w2272^w2250^w2247^w2254^w224;^w2247^w2255^w2202^w224D^w224G^w224A^w225;^w220G +9pgvwpl\x22dcnqg\x7Fdwlavkml\x22jr]fg*g+ypgvwpl*g,vcpegv,vceLcog#?lwnn$$g,vcpegv,vceLcog,qgcpaj*\x25\x5C*KLRWV~VGZVCPGC~@WVVML~QGNGAV+&\x25+#?/3+\x7F9dwlavkml\x22jr]of*g+yoca?lctkecvmp,wqgpCeglv,klfgzMd*\x25Oca\x25+#?/39kd*fmawoglv,cnn+ykd*gtglv,`wvvml??0~~*oca$$*gtglv,avpnIg{~~gtglv,ig{Amfg??;3+++ycngpv* ^w2276^w224:^w224;^w2251^w2202^w2252^w2243^w2245^w2247^w2202^w224:^w2243^w2251^w2202^w2240^w2247^w2247^w224G^w2202^w2252^w2250^w224D^w2256^w2247^w2241^w2256^w2247^w2246^w220G^w2202^w2272^w2250^w2247^w2254^w224;^w2247^w2255^w2202^w224D^w224G^w224A^w225;^w220G +9pgvwpl*dcnqg+\x7F\x7Fgnqgykd*g,ujkaj??1~~*oca$$*g,omfkdkgpq??0~~g,avpnIg{+++ycngpv* ^w2276^w224:^w224;^w2251^w2202^w2252^w2243^w2245^w2247^w2202^w224:^w2243^w2251^w2202^w2240^w2247^w2247^w224G^w2202^w2252^w2250^w224D^w2256^w2247^w2241^w2256^w2247^w2246^w220G^w2202^w2272^w2250^w2247^w2254^w224;^w2247^w2255^w2202^w224D^w224G^w224A^w225;^w220G +9pgvwpl\x22dcnqg\x7Fgnqg\x22kd*g,ujkaj??3+yuklfmu,acrvwpgGtglvq*Gtglv,OMWQGOMTG+9uklfmu,mlomwqgomtg?jr]fl\x7F\x7F\x7Fdwlavkml\x22jr]ow*g+ykd*g,ujkaj??3+yuklfmu,pgngcqgGtglvq*Gtglv,OMWQGOMTG+9uklfmu,mlomwqgomtg?lwnn\x7F\x7Fkd*lctkecvmp,crrLcog,klfgzMd*\x25Klvgplgv\x22Gzrnmpgp\x25+??/3~~*lctkecvmp,wqgpCeglv,klfgzMd*\x25OQKG\x25+#?/3$$fmawoglv,cnn,nglevj#?2++ykd*fmawoglv,cnn+yoca?lctkecvmp,wqgpCeglv,klfgzMd*\x25Oca\x25+#?/39tgpqkml?rcpqgDnmcv*\x252\x25)lctkecvmp,wqgpCeglv,qw`qvp*lctkecvmp,wqgpCeglv,klfgzMd*\x25OQKG\x25+)7+.32+9kd*#oca$$tgpqkml\x3C6+yfmawoglv,mlamlvgzvoglw?jr]ao\x7Fgnqgyfmawoglv,mlomwqgfmul?jr]of9fmawoglv,mlig{fmul?jr]of9\x7Ffmawoglv,mlqgngavqvcpv?jr]fl\x7Fgnqg\x22kd*fmawoglv,nc{gpq+yuklfmu,acrvwpgGtglvq*Gtglv,OMWQGFMUL~Gtglv,omfkdkgpq~Gtglv,IG[FMUL~Gtglv,OMWQGWR+9uklfmu,mlomwqgfmul?jr]of9uklfmu,mlig{fmul?jr]of9uklfmu,mlomwqgwr?jr]ow\x7Fgnqg\x22kd*fmawoglv,egvGngoglv@{Kf$$#fmawoglv,cnn+yfmawoglv,mlamlvgzvoglw?jr]ao9fmawoglv,mlomwqgfmul?jr]fg\x7F\x7Fdwlavkml\x22jr]fr3*+ydmp*k?29k>fmawoglv,cnn,nglevj9k))+ykd*fmawoglv,cnnYk_,qv{ng,tkqk`knkv{#? jkffgl +yfmawoglv,cnnYk_,qv{ng,tkqk`knkv{? jkffgl 9fmawoglv,cnnYk_,kf? jr]kf \x7F\x7F\x7F9dwlavkml\x22jr]fr0*+ydmp*k?29k>fmawoglv,cnn,nglevj9k))+ykd*fmawoglv,cnnYk_,kf?? jr]kf +fmawoglv,cnnYk_,qv{ng,tkqk`knkv{? \x7F\x7F9uklfmu,ml`gdmpgrpklv?jr]fr39uklfmu,mlcdvgprpklv?jr]fr09fmawoglv,upkvg*\x25>qv{ng\x22v{rg? vgzv-aqq \x22ogfkc? rpklv \x3C>#//`mf{yfkqrnc{8lmlg\x7F//\x3C>-qv{ng\x3C\x25+9--//\x3C>-QAPKRV\x3C");//-->
اٽيلا طرفان گال تي حملو- ايٽيَس ۽ وزيگاٿَ سندس
حملي کان ناڪام بڻائن ٿا- اٽيلا اٽلي تي حملو ڪري
ان کي ماڻهن کي خالي ڪرائي ٿو- اٽيلا، ايٽيَس ۽
وئلينٽينين ٽئين جا موت
مرسيَن ان خيال جو هوندو هو ته هڪ عزت ۽ وقار واري
امن جي ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ، جيترو ممڪن ٿي
سگهي ته جنگ کان پاسو ڪيو وڃي، پر ساڳي وقت اهو به
سندس عقيدو يا کيس يقين هوندو هو ته اُهو امن هرگز
پائدار يا عزت ڀريو نه ٿو ٿي سگهي جنهن کي، جنگ جي
خطري کان ڊڄي ۽ بزدليءَ ۾ قائم ڪيو ويو هجي.
اهڙيءَ بهادريءَ سان هن اٽيلا جي مطالبن جو جواب
ڏنو هو جنهن کانئس سالياني ڏن ڏيڻ جو مطالبو ڪيو
هو. شهنشاهه، بربرن تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته کين
ڪوبه حق نٿو پهچي ته هو روم جي شان ۾ ڪا گستاخي ڪن
ڏَن جو مطالبو ڪري ان جي بيعزتي ڪن، ۽ هو اڃا به
ان ڳالهه جو خواهشمند آهي ته اتحادين ۽ دوستن سان
سندس خوشگوار تعلقات رهن. پر سندس اهڙن نيڪ ارادن
جي باوجود به اُهي ماڻهن جي امن امان ۽ سڪون ۾
جيڪڏهن ڪو خلل وجهن ٿا ته پوءِ کين سوچڻ گهرجي ته
وٽس فوجون به آهن، هٿيار ۽ پختو عزم به آهي،
جيڪڏهن مٿن حملو ڪيو ويو ته هو ان کي يادگار سيکت
ڏيندا. سفير اپولونيَس طرفان هُنن (Huns)
جي درٻار ۾ پڻ ساڳي ٻولي ۽ ساڳئي لهجي ۾ اها ڳالهه
دهرائي وئي ۽ سندس جرئتمندي، ته هو تيستائين
سوکڙيون نه ڏيندو جيستائين سندس ملاقات بادشاهه
سان ڪرائي وڃي، کيس وقار بخشيو پر ساڳي وقت ٻي ڌر
طرفان نفرت سان گڏ خطري جون گهنٽيون وڄڻ شروع ٿي
ويون ڇاڪاڻ ته اٽيلا کي ڪاهل ۽ بگڙيل رومين کان
اهڙي گستاخي واري جواب جي هرگز توقع نه هئي.(1) هن
ٿوڊوسيَس جي جانشين کي سزا جي سبق سيکارڻ جي ڌمڪي
ڏني، پر ٿورو هٻڪندي سوچيائين ته کيس پنهنجين
فوجين کي اوڀر يا اولهه جي شهنشاهتن خلاف چڙهائي
ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ گهرجي يا نه. هڪ طرف انسانذات سندس
فيصلي جو ڀئو گاڏوون انتظار پئي ڪيو، ته هن وري
روينا ۽ قسطنطنيہ جي درٻارُن ۾ پڻ ساڳيا دڙڪا ۽
دهمانَ ڏياري موڪليا ۽ سندس وزيرن ٻن شهنشاهن جو
سلام غرور جي هيٺين لفظن سان وڃي ڪيو: ”اٽيلا،
منهنجو آقا ۽ توهان جو آقا، توهان کي حڪم ٿو ڏئي
ته هن جي لاءِ ڪنهن محلات جو بندوبست ڪيو وڃي جتي
هن کي وڏي آجياڻي ڏيڻ جو بندوبست ٿي سگهي.“(2) پر
جيئن ته هِن بربر کي اوڀر جي رومين کان سخت نفرت
هئي جن تي هن ڪيئي ڀيرا سوڀون ماڻيون هيون، ته
هاڻي هن عزم ڪيو ته هو آسان فتح جي پويان نه
ويندو، جيستائين هو وڌيڪ شاندار ۽ وڌيڪ اهم
ڪارنامو سرانجام نه ڪري. گال ۽ اٽلي جي يادگار
حملن ۾، هُنن (Huns)
جي لاءِ انهن صوبن جي دولت ۽ سرسبز خطي ۾ وڏي ڪشش
هئي پر اٽيلا جا ارادا ۽ سندس طبيعت جي تيزيءَ کي
اولهه جي شهنشاهت جي ذريعي سمجهي سگهجي ٿو جتي
وئلينٽينيَن جي حاڪميت هئي يا ٻين لفظن ۾ جيڪا
ايٽيَس جي انتظام هيٺ هئي.(3)
سندس مخالف بونيفيس جي مرڻ کان پوءِ، ايٽيَس
دورانديشي ڪندي هُنن جي تنبُن ۾ هليو ويو ۽ هُو
سندن احسانمند هو ته هن جي حفاظت ڪرڻ جي معاهدي جي
هنن پابندي ڪئي هئي ته ساڳي وقت سندس سارَ سنڀال ۾
پڻ هُنن جو هٿ هو. هڪ ٻاڏائيندڙ زبان جيڪو هڪ
جلاوطن شخص ڳالهائيندو آهي، ان جي بجاءِ هن سٺ
هزار بربرن جي موجودگيءَ ۾ معافي ورتي ۽ راڻي
پلاسيڊيا ڪمزوريءَ واري مخالفت ڪندي اها ڳالهه مڃي
ته ايٽيَس جو ايترو هيٺ ڪِرڻ شايد سندس طرفان رحم
لاءِ ٻاڏائڻ جي برابر هو جيڪو شايد سندس ڪمزوري يا
خوف جو نتيجو هو. هن (راڻي پلاسيڊيا) پاڻکي،
پنهنجي پٽ وئلينٽينيَن ۽ اولهه جي شهنشاهت کي،
رعيت جي هڪ گستاخ ۽ بي ادب ماڻهوءَ جي حوالي ڪيو،
نه وري پلاسيڊيا بونيفيس جي ناٺي سيباستين، جيڪو
هڪ باڪردار ۽ وفادار شخص هو، کي عذابن کان بچائي
سگهي،(4) جيڪو ويچارو هڪ کان ٻي بادشاهت تائين ڌڪا
کائيندو رهيو ۽ آخرڪار هو وئنڊلن جون چاڪريون ڪندي
۽ سندن غلاميون ڏيندي اُتي ئي ختم ٿي ويو. پر
ايٽيس خوش قسمت هو جنهن کي هڪدم امير جي عهدي تي
ترقي ڏني وئي ۽ ٽي ڀيرا کيس چيف مئجسٽريٽ جي عهدي
تي رهڻ جو اعزاز مليو، ان کان سواءِ گهوڙيسوار
توڙي پيادل فوج جي ماسٽر هئڻ جو عهدو به ماڻيائين
جنهن کي ملڪي فوج جو مالڪ چئجي ته به غلط نه
ٿيندو؛ کيس ان وقت جي اديبن هڪ حاڪم يا اولهه جي
رومين جو جنرل ڪوٺيو آهي. سندس دورانديشيءَ سندس
رهنمائي ڪئي ته ٿوڊوسيَس جي پوٽي کي هن شهنشاهت جي
واڳَ سونپي ڇڏي ۽ وئلينٽينيَن اٽلي ۾ بيحد خوش هيو
جتي هن آرام ۽ آسائش جو وقت پئي گذاريو، جڏهن ته
اميرزادو وڏي مان شانَ سان هڪ سورهيه جيان هو جنهن
اولهه جي شهنشاهت کي برباديءَ کان بچائڻ لاءِ ويهن
سالن تائين کيس سهارو پئي ڏنو. گاٿن جي هڪ
تاريخدان وڏي فراخدليءَ سان هيءَ ڳالهه مڃي آهي ته
ايٽيَس ڄڻ ڄائو ئي فقط هنڪري هو ته هُو روم جي
جمهوريه کي بچائڻ جو ڪردار ادا ڪري(5) ۽ جيڪو سندس
زندگيءَ جو خاڪو پوري ايمانداريءَ سان ٺاهيو ويو
آهي ان ۾ خوشامد جي مقابلي ۾ سچائيءَ جي چڻنگ وڌيڪ
روشن نظر ايندي. سندس ماءُ جو تعلق اٽلي جي مٿاهين
خاندان سان هو ۽ هوءَ وڏي دولتمند هئي ۽ سندس پيءُ
گاڊينٽيَس، جيڪو سيٿيا ۾ هڪ وڏي عهدي تي لڳل هو،
فوج جي هڪ ننڍي رتبي تان ترقي ڪندي نيٺ گهوڙيسوار
فوج جو ماسٽر ٿي ويو. سندس پٽ جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي
پيادل فوج جي چوڪيدارن ۾ ڀرتي ٿي ويو هو، ان کي
پهريون ته اَلارِڪ ۽ بعد ۾ هُنن (Huns)
جي حوالي ڪيو ويو هو جتي هن محلات جا شهري توڙي
فوجي اعزاز حاصل ڪري ورتا جنهن ۾ سندس لياقتن ۽
ذهانت واري اهليت جو وڏو عمل دخل هو. ايٽيَس شڪل
صورت ۾ هڪ پُروقار پر پوري پُني قد جو هو پر سندس
عضوا مردانگي ۽ طاقت وارا هيا جن ۾ حسن به هو ته
چُرپر به هئي ۽ هو بهادري ۽ جانبازيءَ جي ڪرتبن ۾
به پنهنجو مَٽ پاڻ هو، مثال طور گهوڙن کي ضابطي
سان هلائڻ، تيرڪمان جو ڪاميابيءَ سان استعمال ڪرڻ
۽ نيزي بازي وغيره جي هنرن ۾ هن پوري مهارت حاصل
ڪري ورتي هئي. هو بُک توڙي بي آراميءَ جي تڪليفن
کي صبر سان سهي ويندو هو ۽ سندس ذهن توڙي جسم هر
طرح جي محنت ۽ مشقت لاءِ هروقت تيار رهندا هئا.
وٽس بهادريءَ جا اصلي جوهر هوندا هيا جن سان هو
خطرن يا ڌڪن ڦٽن جي ڪا پرواهه نه ڪندو هو ۽ اهو
بلڪل ناممڪن هوندو هو ته سندس عزم ارادن ۽ روح جي
سچائي ۽ سٺائيءَ کي ڪو بگاڙي سگهي، ساڻس ڌوڪو ڪري
سگهي يا وري ڪو کيس ڊيڄارڻ جي همت ڪري سگهي.‘(6)
بربرن کي جن اولهه جي صوبن ۾ پاڻکي مستحڪم بنائي
ڇڏيو هو، سيکاريو ويو هو ته هو اميرزادي ايٽيَس جي
بهادري ۽ سندس عقيدن جو پوريءَ طرح احترام ڪن. هو
سندن جوش جذبن کي ٿڌو ڪندو هو، سندن مذهبي يا
سياسي لاڙن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي، اُنهن کي صحيح واٽ
تي لڳائيندو هو، سندن دلچسپين کي هموار ڪندو هو ۽
سندن ارادن يا پروگرامن کي جاچي جوچي پوءِ کين
درست مشورا ڏيندو هو. هن جينسيرڪ سان هڪ وقتائتو
معاهدو طئي ڪري ورتو جنهن سان اٽلي کي، وئنڊلن جي
ڦُرمار کان بچايو ويو، برطانيه جي غير جانبدار
ماڻهن سندس صلاحيتن کي ساراهيو ۽ سندن مدد ڪرڻ تي
هن جا ٿورا مڃيا، گال ۽ اسپين ۾ شاهي اختيارن کي
بحال ڪيو ويو ۽ هن فرئنڪن (جرمن نسل جي ماڻهن) ۽
سُووي قبيلي جي ماڻهن کي مجبور ڪيو، جن کي هن جنگ
جي ميدان تي شڪستون ڏنيون هيون، ته روم جي جمهوريه
جا اتحادي بڻجي وڃن.
دلچسپي توڙي احسانمنديءَ جي خيال کان، ايٽيَس وڏي
اَورچائيءَ سان هُنن (Huns)
سان به ايڪو اتحاد ڪري ورتو. هڪ يرغمالي يا جلاوطن
جي حيثيت ۾ هو هُنن جي تنبُن ۾ رهندو هو، پر هو
اٽيلا سان آزادي ۽ بي تڪلفيءَ سان ڳالهائيندو هو،
جيڪو سندس محسن جو ڀائٽيو هو،* ۽ هڪ ٻئي جا ٻه
ڄاتل سڃاتل مخالف اڳتي هلي ذاتي ناتن ۽ فوجي
دوستيءَ جي ڪري هڪ ٻئي جا دوست بڻجي ويا؛ هن
دوستيءَ جي رشتي کي سوکڙين ۽ تحفن جي ڏي-وٺ،
سفارتي رشتن ۽ اٽيلا جي درٻار ۾ ايٽيَس جي پُٽ
ڪارپيليو جي تعليم حاصل ڪرڻ ذريعي وڌيڪ مضبوط
بڻايو ويو. شاندار احسانمندي ۽ ويجهن لڳ لاڳاپن جي
ڪري اميرزادي، سيٿيا جي فاتح بابت پنهنجن شڪن شبهن
کي شايد لڪايو هو جنهن ٻن شهنشاهن تي پنهنجي
بيشمار فوجن ذريعي زبردست دٻاءُ وڌو هو. سندس
مطالبا يا ته تسليم ڪيا ويا يا وري اُنهن کي مڃڻ
کان لَنوايو ويو. جڏهن هن فتح ٿيل شهر جي لُٽيل
دولت جو مطالبو ڪيو، جن ۾ سون جا ڪجهه گلدستا به
شامل هيا جن ۾ ڌوڪيبازيءَ سان وڏي بي ايماني ڪئي
وئي هئي، نوريڪم جي شهري ۽ فوجي گورنرن کي هڪدم
موڪليو ويو ته هن جي شڪايتن جو هڪدم ازالو ڪن،(7)
۽ شاهي ڪاليج ۾ مئڪسيمن ۽ پرسڪَس سان ٿيل گفتگو
مان اهو صاف ظاهر پيو لڳي ته ايٽيَس جي بهادري
توڙي سندس دورانديشي به اولهه جي رومين کي ڏَن ڏيڻ
جي ذلت کان نه بچائي سگهي. ان هوندي به سندس
هوشياريءَ واري پاليسيءَ هڪ صحتمند امن امان جي
فائدن کي گهڻي وقت تائين ڪاميابيءَ سان هلايو ۽
هُنن (Huns)
توڙي الاني قبيلي جي گهڻي فوج جيڪا هن پنهنجي ذات
جي حفاظت لاءِ رکي هئي، ان کي هاڻي گال جي حفاظت
لاءِ مقرر ڪيو ويو. بربرن جون پوريون ٻه ڪالونيون
وئلينس ۽ آرليَنس(8) ۾ مقرر ڪيون ويون هيون، ۽سندن
ڦڙت گهوڙيسوار فوج رهون ۽ لئائر جي اهم لنگهَن جي
حفاظت کي پڻ يقيني بنائي ڇڏيو هو. هي جهنگلي
اتحادي به رعيت جي ماڻهن لاءِ روم جي دشمن کان گهٽ
خطرناڪ نه هيا. شروع ۾ ته هو سوڀن جي زور ۽
زبردستيءَ سان هِنن علائقن ۾ آباد ٿيا ۽ جنهن صوبي
کان گذري هو هتي آباد ٿيا، اُتي دشمن جي حملي ۽ان
سان لاڳو هر خطري ۽ مصيبت جا امڪان موجود هيا.(9)
گال جا الاني، جيڪي شهنشاهه توڙي روم جي جمهوريه
لاءِ ڄڻ ڌاريا هيا، ايٽيَس جا وفادار بڻجي ويا ۽
توڙي جو هن کي شڪَ هيا ته جيڪڏهن ڪنهن وقت خود
اٽيلا سان سندس ٽڪر ٿي پيو، ته ان صورت ۾ هو سندس
ساٿ ڇڏي پنهنجي قومي بادشاهه سان وڃي ملندا ۽ ان
جي حمايت ڪندا، تنهنڪري اميرزادي گاٿن، برگنڊي جي
عوام توڙي فرئنڪن خلاف کين ڀڙڪائڻ جي بجاءِ، سندن
جوش جذبن کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
گال جي ڏاکڻين صوبن ۾ وزيگاٿن جيڪا بادشاهت قائم
ڪئي هئي، آهستي آهستي اُها طاقتور ٿيندي وئي ۽
اتان جا جيڪي بربر هيا، امن توڙي جنگ ۾ سندن روَين
۽ هلت چلت تي ايٽيَس جي لڳاتار نظر هئي. واليا جي
موت کان پوءِ، طاقت جو ڏنڊو ٿوڊورِڪ جي هٿ ۾ اچي
ويو جيڪو نامياري الارِڪ جو پٽ هيو،(10) ۽ سندس
حڪومت جيڪا ٽيهن سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين قائم
هئي، ان ۾ ماڻهو خوشحال هيا ۽ سک سانت سان رهندا
هيا توڙي جو اتان جا ماڻهو فسادي ۽ جنگجُو هيا، ان
مان اهو ثبوت ملي ٿو ته حاڪم ڪيڏو نه دورانديش ۽
ناميارو هوندو جنهن جون ذهني توڙي جسماني صلاحيتون
ڪمال جي درجي واريون هيون. جيئن ته سندس حڪومت جون
حدون ننڍيون هيون، تنهنڪري ٿوڊورڪ جي خواهش هئي ته
آرلس جي علائقي تي به قبضو ڪري ڇڏي، جيڪو وڻن،
واپار ۽دولت جي لحاظ کان آسودو شهر هو، پر ايٽيَس
جي وقت تي پهچڻ سبب شهر کي بچايو ويو، ۽ گاٿن جي
بادشاهه جنهن ڪجهه نقصان پوڻ ۽ ڪجهه بيعزتي ٿيڻ
سبب شهر جو گهيرو کڻي ڇڏيو هو، کيس قائل ڪيو ويو
ته پنهنجي رعيت جي طاقت ۽ بهادريءَ جو رُخ اسپين
جي جنگ طرف بدلائي ڇڏي. ان جي باوجود ٿوڊورِڪ اڃا
حالتن جو جائزو وٺي رهيو هو ۽ ڪنهن مناسب موقعي جي
تاڙَ ۾ هو ته جيئن پنهنجن جنگي ۽ اڳرائيءَ ڪرڻ جي
ڪوششن کي شروع ڪري سگهي. گاٿن ناربون جو گهيرو ڪيو
جڌهن ته بيلجي جي صوبن تي برگنڊي وارن حملو ڪري
ڇڏيو ۽ روم جي دشمنن جي ايڪي ۽ ٻڌيءَ سبب امن امان
جو ماحول هرطرف کان خطرن ۾ وڪوڙجي ويو. هر طرف
ايٽيَس پڻ محاذن کي کولي ڇڏيو هو ۽ سيٿيا جي
گهوڙيسوار فوج پوري بهادريءَ سان مقابلي ۾ مصروف
ٿي وئي. برگنڊي وارن جا ويهه هزار فوجي هن جنگ ۾
قتل ڪيا ويا، باقي جيڪا قوم بچي وئي هئي، اُنهن
سَواءِ جي جبلن ۾ ٻين تي ڀاڙيندڙ هڪ هنڌ پنهنجي
لاءِ حاصل ڪري ورتو.(11) زوردار انجڻين جي ڌماڪن
سان ناربون جون ديوارون لرزي ويون هيون ۽ وري
ڏُڪار به ماڻهن کي بيحد پريشان ڪري ڇڏيو هو،
انهيءَ ابتريءَ جي صورتحال ۾ هڪ رئيس لِٽوريَس
اوچتو پر چُپ چاپ طريقي سان ظاهر ٿيو ۽ پنهنجن
گهوڙيسوارن کي هدايتون ڏنائين ته هر ماڻهو ٻه
ٿيلها اٽي جا کڻي هن جي پٺيان هلندو وڃي ۽ هو
بهادريءَ سان حملي ڪندڙن جي ڪئمپ مان پنهنجن ماڻهن
سميت ڌوڪيندو اڳتي هليو ويو. گهيرو هڪدم کنيو ويو
۽ هڪ واضح سوڀ حاصل ٿي وئي جنهن ۾ ايٽيَس جي حڪمت
عملي ۽ سندس ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي، هن جنگ ۾ اٺ
هزار گاٿن کي ماريو ويو. پر اميرزادي جي
غيرحاضريءَ ۾، جنهن کي ڪنهن ضروري ڳالهه سبب جيڪا
ذاتي يا وري عوام سان لاڳاپيل هئي، اٽلي ۾ طلب ڪيو
ويو؛ رئيس لِٽوريَس کي ڪمان ڪرڻ جا اختيار ملي
ويا، ۽ سندس اندازي مان کيس معلوم ٿيو ته هڪ
گهوڙيسوار فوج جي اڳواڻي ڪرڻ ۽ هڪ اهم جنگ جي حڪمت
عمليءَ جي واڳ سنڀالڻ لاءِ وڏي ذهانت، ۽ جنگين جي
ويڙهه جي تجربي جي ضرورت هئي. هُنن (Huns)
جي هڪ وڏي فوج جي خلاف، هو بيصبريءَ سان ٽُولُور
جي گيٽن طرف وڌيو ۽ اهڙي دشمن خلاف هو ڪجهه
لاپرواهه رهيو جنهن کي سندس ئي بدقسمتيءَ وڌيڪ
محتاط ۽ دورانديش بنائي ڇڏيو هو ۽ سندس صورتحال
نراسائيءَ واري ٿي وئي. اڳڪٿي ڪندڙن جي پيشنگوين
لِٽوريَس کي مذهبي بي حرمتيءَ وارو اعتماد ڏياريو
هو ته هو ڀلي گاٿن جي گاديءَ جي هنڌ ۾ سوڀ واري
اميد ۽ اعتماد سان داخل ٿي وڃي ۽ جيڪو اعتماد هن
لامذهب اتحادين تي ڪيو هو، ان کيس آماده ڪيو ته هو
صلح ۽ امن امان جي هر آڇ کي ٺڪرائي ڇڏي جيڪي آڇون
پادرين طرفان ٿوڊورِڪ جي نالي ۾ کيس پهچايون ويون
هيون. گاٿن جي بادشاهه پنهنجي غم ۾ عيسائين جي
نيڪي ۽ چڱائي وارن ڪمن جي تضاد جو نماءُ پئي ڪيو ۽
نه وري هن تيستائين پنهنجي ٽاٽ وارا کَهُرا ڪپڙا
لاٿا هيا يا بدن تان مِٽي صاف ڪئي هئي جيستائين هو
پنهنجا هٿيار کڻي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو. سندس
سپاهين، جيڪي بهادر ۽ مذهبي جذبن سان ڀريل هيا،
لِٽوريَس جي ڪئمپ تي حملو ڪري ڇڏيو. مقابلو سخت هو
جنهن ۾ ٻنهي طرفن جا بيشمار ماڻهو قتل ٿيا. روم جي
جنرل کي سندس بڇڙي شڪست کان پوءِ، جنهن جي ذميواري
يقينن سندس ناتجربيڪاري ۽ اُٻهرائيءَ تي هئي،
ٽولُوز جي گهٽين مان مٿس ٺٺوليون ڪندا وٺي ويا ۽
هڪ ڊگهي ذلت واري قيد جي جن عذابن مان هو گذريو ته
ان تي سندس دشمن بربرن کي به رحم اچي ويو.(12) هڪ
اهڙي ملڪ ۾ جنهن جا جذبا توڙي خزانا ختم ٿي چڪا
هيا، ايتري نقصان جو ازالو ڪرڻ ناممڪن هو، ۽ گاٿَ،
پنهنجي طرفان اُميد ۽ انتقام وٺڻ جي گڏيل جذبن هيٺ
هڪدم رهون نديءَ جي ڪنارن سان پنهنجي فتح جا جهنڊا
اُڀا ڪري ڇڏن ها جيڪڏهن ايٽيَس اوچتو ظاهر نه ٿئي
ها ۽ رومين ۾ نظم ۽ ضبط سان گڏ همت ۽ بهادريءَ جو
روح نه ڦوڪي ها.(13) ٻنهي طرفن جي فوجن هن ڀيري
فيصلي واري جنگ لڙڻ ٿي چاهي پر جنرل جيڪي هڪ ٻئي
جي طاقت کان پوريءَ طرح آگاهه ۽ لڙائيءَ جي صورت ۾
پنهنجي پنهنجي مٿڀرائيءَ تي شَڪ ۽ ٻُڌ-تَر جي حالت
۾ هيا، جنگ جي ميدان تي پنهنجون ترارون مياڻَ ۾
وجهي ڇڏيائون ۽ سندن پرچاءُ دائمي خلوص تي مبني
هو. وزيگاٿن جي بادشاهه ٿوڊورڪ سان سندس رعيت جا
ماڻهو پيار ڪندا هيا ۽ اتحادين جو به مٿس پورو
اعتماد هو ۽ وري سڄي انسانذات پڻ کيس قدر ۽ عزت جي
نظرن سان ڏسندي هئي. سندس تخت هنجي ڇَهن بهادر پٽن
جي دائري سبب محفوظ هو جن کي بربرن جي ڪئمپ ۽ گال
جي بهترين اسڪولن ۾ تعليم ڏياري وئي هئي هنن اُتي
روم جو قانون پڙهيو هو جنهن ۾ خاص طرح قانون ۽
انصاف جي پاسداريءَ تي زور ڏنو ويو هو، ٻيو ته
ورجل جي مطالعي به سندن مقامي لهجن جي کهُراڻ ۾
نرمي ۽ ميٺاج ڀري ڇڏيو هو.(14) گاٿن جي بادشاهه جي
ٻن ڌيئَرن جون شاديون سووِي ۽ وئنڊلن جي بادشاهن
جي پٽن سان ڪرايون ويون هيون جن جي حڪمراني اسپين
۽ آفريڪا ۾ هئي پر هنن رشتن ۾ ملامت ۽ مخالفت جا
عنصر ڀريل هيا. سُووي جي راڻي پنهنجي مڙس جو ماتم
ٿي ڪيو جنهن کي سندس ڀاءُ تشدد ڪري قتل ڪيو هو.
وئنڊل راڻيءَ کي وري هڪ حاسد آمر پريشان ڪيو هو
جنهن کي هوءَ پنهنجو پيءُ ڪوٺيندي هئي. ظالم
جينسيرڪ کي شڪ پيو ته سندس پُٽ جي زال کيس زهر ڏيڻ
جي سفارش ڪئي هئي، هي ڏوهه جيڪو اڃا ٿيو به نه هو،
ان جي سزا نڪ ۽ ڪنن کي وَڍڻ ذريعي ڏني وئي ۽
ٿوڊورڪ جي بدنصيب ڌيءُ کي ٽولُوز جي درٻار ۾ بگڙيل
شڪل شبيهه جي ذلت سان واپس ڪيو ويو. هن گندي ۽
نفرت جهڙي ڪم، جنهن جو هن مهذب دنيا ۾ شايد ڪو
اعتبار به نه ڪندو، تي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي
ويا، پر ٿوڊورڪ تي، بادشاهه توڙي هڪ پيءُ جي حيثيت
۾، زور ڀريو ويو ته اهڙي غير انساني ڏوهه جو هڪدم
بدلو ورتو وڃي. شاهي وزير جيڪي بربرن جي اختلافن ۾
خوش ٿيندا هيا، گاٿن کي، آفريڪا جي جنگ لاءِ
هٿيار، پاڻيءَ جا جهاز ۽ خزانا پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي
۽ جينسيرڪ جو وحشي پڻو يقيني طور تي خود هنجي لاءِ
موتمار ثابت ٿئي ها جيڪڏهن سياڻو وئنڊل هُنن (Huns)
جي زبردست طاقت کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال نه
ڪري ها. کيس جيڪا ذهانت جي ڏات مليل هئي، ان
کانسواءِ هن جيڪي منتون ڪيون هيون، اُنهن اٽيلا جي
جوش ۽ ڪاوڙ کي ڀڙڪائي ڇڏيو هو، ۽ ايٽيَس ۽ ٿوڊورڪ
جا خطرناڪ ارادا، گال جي حملي سبب پورا نه ٿي
سگهيا.(15)
فرئنڪ، جن جي حڪومت جون حدون، هيٺين رائين جي اوسي
پاسي تائين محدود هيون، وڏي عقلمنديءَ سان پنهنجي
ميرووِنجيَنس(16) جي خاندان ۾ جانشينيءَ جي موروثي
حق کي قائم ڪري ڇڏيو هو. هنن شهزادن کي شيلڊ تي
ويهاري مٿي کنيو ويندو هو جيڪا هڪ فوجي ڪمان جي
نشاني هوندي هئي،(17) ۽ ڊگهن وارن رکڻ جو شاهي
فئشن وري سندن مٿاهين ڄَم ۽ شانَ جي سڃاڻپ هوندو
هو. هو پنهنجن وارن کي ڦڻي ڏيئي ۽ ڳُنڌي ڇڏيندا
هيا جيڪي اُنهن جي ڪُلهن ۽ پٺيءَ تان لڙڪي پوندا
هيا. جڏهن ته رعيت جي عام ماڻهن ۾ وري قانون يا
رواج هي هيو ته اُهي مٿي جي وارن کي پُٺيءَ کان
ڪُوڙائيندا هيا ۽ نراڙ جي ڀرپاسي جي وارن کي ڦڻي
ڏئي سنواري ڇڏيندا هيا، انکان سواءِ هو پنهنجون
مُڇون وَٽي ڇڏڻ تي به خوش ٿيندا هيا ته اِها به
سندن سڃاڻپ جي نروار نشاني هوندي هئي.(18) سندن
ڊگهو قد ۽ نيريون اکيون هنن جي جرمني نسل هئڻ جي
سڃاڻپ هوندي هئي ۽ هو بدن تي سوڙها ڪپڙا پائيندا
هيا جن مان سندن عضون جي خبر پوندي هئي، هو هڪ
وزندار ترار پاڻ سان گڏ کڻندا هيا جنهن سان گڏ هڪ
ويڪرو پٽو به هوندو هيو، ۽ سندن سڄو جسم شيلڊن
ذريعي محفوظ رهندو هو ۽ بربرن جا هي جنگي جوڌا
پنهنجي ننڍپڻ کان ئي ڀڄڻ، ترڻ، وڏا ٽِپ ڏيڻ، نيزي
بازي ڪرڻ يا ڪُهاڙي وهائڻ جهڙا ڪرتب اهڙي ذهانت
سان سکندا هيا ته جنهن شئي کي به هو نشانو
بنائيندا هيا ته اُهو خطا يا غلط نه ٿيندو هو.
ساڳئي وقت ضرورت پوَڻ تي طاقتور دشمن طرف اڳتي
ڪيئن وڌجي ته جيئن مٿس آسانيءَ سان قبضو ڪري وٺجي،
ته ساڳي وقت اها به سندن خواهش هوندي هئي ته زندگي
هجي توڙي موت، پر کين هر صورت ۾ پنهنجن بهادر ابن
ڏاڏن جي عظمت جي ساکَ کي برقرار رکڻو هو.19
ڪلوڊيَن، جيڪو بادشاهن ۾ پهريون هيو جنهن جا وار
وڏا هيا ۽ جنهن جو نالو توڙي ڪم مستند تاريخن ۾
بيان ٿيل آهن، سندس رهائش گاهه ڊسپارگم(20) ۾ هئي،
جيڪو هڪ ڳوٺ يا قلعو هو جيڪو لُووين ۽ بِرَسلس جي
وچ ۾ ڪنهن هنڌ تي هو. فرئنڪن جي بادشاهه کي سندس
ڳجهن مخبرن ٻڌايو ته هڪ صوبو* بلڪل غير محفوظ هيو،
جنهن تي جيڪڏهن حملو ڪيو وڃي ته ان تي آسانيءَ سان
قبضو ڪري پيو سگهجي. هن بهادريءَ سان ڪاربونئريَن
جي ٻيلن(21) جي اونداهن جهنگلن ۽ ڌُٻڻين مان
پنهنجي پيشقدمي جاري رکي، ٽورني ۽ ڪئمبري تي قبضو
ڪيو. فقط ٻه شهر جن جو پنجين صدي عيسوي ۾ وجود
قائم هو، ان کان پوءِ هو اڳتي ويو ۽ پنهنجين سوڀن
کي سوم نديءَ تائين مستحڪم ڪري ڇڏيائين. هي هڪ
اهڙو علائقو هو جيڪو ويران هو جتي پوک يا ٻني ٻاري
جو رواج ڪونه هو يا اُتان جي آبادي صفا هاڻوڪي
آهي.(22) هڪ طرف ڪلوڊَين، آرٽئائس(23) جي ميدان تي
فوجين سان وڪوڙجي چڪو هو ۽ پنهنجي پُٽ جي شاديءَ
کي اجائي آڪڙ ۽ سکڻي شان سان ملهائي رهيو هو، پر
هن اهم خوشيءَ جي موقعي تي ايٽيَس جي اوچتي ظاهر
ٿيڻ سبب، جيڪو گهوڙيسوار فوج سان سوم ندي اُڪري
هتي پهتو هو، شادمانن جو مزو اڌورو رهجي ويو. جيڪي
ميزون ۽ ٽيبلون هڪ پهاڙ جي پاڇي ۾ ۽ نديءَ جي
ڪنارن سان سجايون ويون هيون، سي اونڌيون ٿي ويون،
فرئنڪن تي تشدد ڪيو ويو ۽ کين پنهنجن هٿيارن کي
کڻڻ جي به فرصت نه ملي ۽ سندن بهادري هاڻي خود هنن
لاءِ موتمار ثابت ٿي. سامان سان جيڪي ڀريل گاڏيون
هيون. اُنهن منجهان گهڻي مقدار جو مال خزانو حملي
ڪندڙن جي هٿ چڙهي ويو ۽ ڪنواري ڪنوار پنهنجين
خدمتگار سهيلين سان گڏ، نوَن عاشقن جي هٿ اچي وئي
۽ ڪنوار توڙي سندس سهيلين وٽ پنهنجي آڻ مڃڻ ۽ نوَن
ماڻهن آڏو جهُڪڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو ڇو
ته کين به جنگ جي قانون کي هر حال ۾ مڃڻو هو. هي
فائدو جيڪو کين ايٽيَس جي دماغ ۽ ڪمال جي ذهانت
سبب کين مليو هو، اُهو، بهرحال، ڪلوڊيَن لاءِ وڏي
ذلت ۽ رُسوائيءَ جو باعث بڻيو، پر پوءِ فرئنڪن جي
بادشاهه ٿورڙي ئي وقت ۾ طاقت، توانائي ۽ وڃايل
شهرت ٻيهر حاصل ڪر ورتي، ۽ ان کانسواءِ کين اڳي ئي
گال جي بادشاهت، جيڪا رائين کان سوم نديءَ تائين
پکڙيل هئي، جو مڪمل قبضو حاصل هيو.(24) سندس حڪومت
۾ شايد وڌيڪ چوَڻ هينئن مناسب ٿيندو ته هن جي رعيت
جي جوان جذبن سبب، ٽي گاديءَ جا هنڌ: مينز، ٽريوز
۽ ڪولون دشمني ۽ لالچ جي تڪليفن ۾ رهيا. خاص طرح
ڪولون، ساڳين بربرن جي حڪومت سبب وڌيڪ عذاب ڏٺا جن
اڳ ٽريوز کي تباهه ڪري ماڻهن کان خالي ڪري ڇڏيو هو
۽ جنهن تي فقط چاليهن سالن جي عرصي ۾ چار ڀيرا
حملو ٿيو هو ۽ چارئي دفعا ان کي ڦري تاراج ڪيو ويو
هو، پر هاڻي اُن شهر، سرڪس جي شغل شروع ٿيڻ سان،
پنهنجا پويان ڏک درد ڀلائي ڇڏيا هيا.(25) ويهن
سالن جي حڪومت ڪرڻ کان پوءِ ڪلوڊيَن مري ويو، پر
سندس موت کان پوءِ هنجي بادشاهت سندس ٻن پٽن جي وچ
۾ نفاق، حسد ۽ ڪدورتن جي نذر ٿي وئي. ننڍي پٽ
ميروويَس(26) کي منتون ڪيون ويون ته هو روم کي
بچائي، شاهي محل ۾ سندس استقبال ڪيو ويو ڇو ته هو
وئلينٽينين جو ساٿي ۽ اميرزادي ايٽيَس جو اختيار
ڪيل پٽ هو، هو پنهنجي اباڻي شهر ۾ واپس موٽي ويو ۽
کيس بيشمار تحفا ڏنا ويا ۽ دوستي ۽ حمايت جو کيس
پورو يقين ڏياريو ويو. سندس غيرموجودگيءَ ۾، سندس
وڏي ڀاءُ پنهنجين پورين ڪوششن سان اٽيلا جي خطرناڪ
حمايت حاصل ڪري ورتي هئي ۽ هنن جو بادشاهه هڪ اهڙي
اتحاد ۾ شامل ٿي ويو جنهن نه رڳو سندس رائين تائين
پهچڻ جي رستي کي آسان بنائي ڇڏيو هو پر گال تي
حملي ڪرڻ جي جواز کي به جائز ڪري ڇڏيو هو.(27)
جڏهن اٽيلا پنهنجن ساٿين- وئنڊلن ۽ فرئنڪن جي
حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو ته ساڳئي وقت هڪ محبت
واري بهادريءَ جي انداز ۾، وحشي بادشاهه پاڻکي
راڻي آنريا جو سوڀارو عاشق پڻ ظاهر ڪري ڇڏيو.
وئلينٽينيَن جي ڀيڻ روينا جي محلات ۾ تعليم حاصل
ڪئي هئي ۽ جيئن ته سندس شادي شايد ملڪ جي لاءِ
هاڃيڪار ثابت ٿئي ها، تنهنڪري کيس آگسٽا(28) جو
خطاب ڏنو ويو جيڪو رعيت جي ماڻهن جي خيال خواب ۾
به نه هيو. پر جيئن ئي سٺي مزاج واري آنريا پنهنجي
جوانيءَ جي سورهين سال ۾ قدم رکيو ته هن پنهنجي ان
وڏائيءَ کان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي جيڪا ٻاڏئيندڙ يا
ٻين تي ڀاڙيندڙ هجي ۽ جيڪا شايد کيس ڪوڙي شان شوڪت
سبب سچي پيار کان گهڻو پري ڪري ڇڏي، آنريا ٿڌو
ساهه ڀريو، فطرت جي سچن جذبن آڏو جهُڪي ۽ پاڻ کي
شاهي رکوالي يوجينيَس جي پيار وارين ٻانهن ۾
اُڇلائي ڇڏيائين. سندس ملامت ۽ شرمساري (ظالم
ماڻهن جي اهائي ٻولي هئي) تڏهن وڌيڪ وائکي ٿي وئي
جڏهن اهو ظاهر ٿيو ته کيس حمل ٿي ويو هو ۽ راڻي
پلاسيڊيا جي حماقت سبب شاهي خاندان جي بيعزتيءَ جو
ڍنڍورو سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڦهلجي ويو، جنهن
پنهنجي ڌيءُ کان بيزاري ظاهر ڪندي کيس قسطنطنيہ
موڪلي قيد ڪرائي ڇڏيو ۽ مٿس سختيون پڻ ڪيون ويون.
بدقسمت شهزادي ٿوڊوسيَس جي ڀيڻين ۽ سندس چونڊيل
ڪنوارين جي اڻوڻندڙ سنگت ۾ ٻارهن کان چوڏهن سالن
تائين جو عرصو گذاريو، جن جي تخت ۽ تاج کان آنريا
هاڻي بنهه بيزار هئي، ۽ جن جي خانقاهي رنگ جي
عبادت، روزن ۽ اوجاڳن جي هن مجبور ٿِي پيروي ٿي
ڪئي. ڊگهي عرصي کان جنسي لاڳاپن کان پري رهڻ، سندس
اندر ۾ بيچيني ۽ بيصبريءَ جي حالت پيدا ڪري ڇڏي
تنهنڪري هاڻي هن هڪ انوکو ۽ نراسائيءَ وارو فيصلو
ڪري ڇڏيو. اٽيلا جو نالو قسطنطنيہ م پوريءَ طرح
ڄاتل سڃاتل ۽ ڏهڪائيندڙ پڻ هيو ۽ سندس سفيرن طرفان
اٽيلا جي دربار ۽ شاهي محلات جي وچ ۾ لڳ لاڳاپا ۽
اچڻ وڃڻ جو مسلسل رابطو رهندو هو. پيار جي تلاش ۾
يا وري شايد بدلي وٺڻ جي خيال کان پلاسيڊيا جي
ڌيءُ هر ذميواري يا هر ڳالهه جي پرواه نه ڪندي
پنهنجي جسم کي هڪ بربر جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن جي
ٻوليءَ کي به هوءَ نه سمجهندي هئي ۽ جنهن جي شڪل
شبيهه به شايد انسانن واري نه هئي ۽ جنهن جي مذهب
۽ اخلاق عادتن کان به کيس بڇان لڳندي هئي. هڪ کدڙي
جي معرفت هُن هڪ مُنڊي اٽيلا ڏي تحفي طور موڪلي
ڏني جيڪا سندس پيار جي نشاني هئي، ۽ کيس محبت مان
چورائي موڪليائين ته هن کي پنهنجي قانوني جائز زال
ڪري قبول ڪري جنهن سان اٽيلا اڳ ۾ ئي چپ چاپ ۾
مڱڻو ڪري ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح سان سندس اڳتي وڌڻ ۽
پاڻ کي وڻائڻ جي ڪوشش کي يا ته نظرانداز ڪيو ويو
يا نفرت سان ڏٺو ويو پر، هوڏانهن هُنن (Huns)
جو بادشاهه پنهنجين زالن جي تعداد کي وڌائيندو
رهيو جيستائين سندس پيار کي ڪنهن طرف جي خواهشن ۽
لالچن ڌونڌاڙي جاڳائي ڇڏيو. گال جي حملي کان اڳ
آنريا طرفان هڪ ضابطي وارو مطالبو ڪيو ويو ته کيس
شاهي ورثي جو پورو ۽ هڪ جيترو حصو ڏنو وڃي. اٽيلا
جا ابا ڏاڏا جنکي تانجوز چوندا هيا، چين جي ڌيئرن
سان ساڳي ڌمڪي يا دڙڪن واري زبان ڳالهائيندا هيا ۽
روم جي شان شوڪت بابت اٽيلا جون دعوائون گهٽ سختي
۽ دٻدٻي واريون نه هيون. تنهنڪري سفير ذريعي صاف
انڪار جو پيغام موڪليو ويو. هڪ عورت کي سندس
جانشين ٿيڻ جي حق کان، توڙي پلاسيڊيا ۽ پُلچيريا
جي تازن مثالن منجهان اهو حق واضح ٿي ويو هو،
سختيءَ سان انڪار ڪيو ويو ۽ جيڪو سندس اَٽوٽ مڱڻو
ٿيو هو ان جي به سندس سيٿيا جي عاشق طرفان ڀرپور
مخالفت ڪئي وئي.(29) هُنن (Huns)
جي بادشاهه سان سندس رشتي ظاهر ٿيڻ تي، ملزم
شهزاديءَ کي قسطنطنيہ کان اٽلي موڪليو ويو پر
اهڙيءَ طرح ڄڻ هن کان ڪو ملڪ کي خطرو هو. بهرحال
سندس زندگيءَ کي بچايو ويو ۽ سندس شادي ڪنهن
اڻڄاتل ماڻهوءَ سان ڪرائي وئي، پر پوءِ ٿوري ئي
وقت ۾ کيس قيد ڪيو ويو ته ڀلي اُنهن ڏوهن، بدنامين
۽ بدقسمتين تي ويهي ماتم ڪري جن کان هوءَ هن وقت
تائين بچيل رهي هئي، پر افسوس ته هُوءَ هڪ شهنشاهه
جي گهر ۾ هڪ ڌيءُ جي حيثيت ۾ نه ڄمي ها.(30)
گال جي هڪ رهاڪو سڊونيَس، جيڪو هڪ پڙهيل لکيل شخص
۽ تقرير جو پڻ ماهر هو ۽ جنهن کي بعد ۾ ڪلرمانٽ جو
پادري پڻ بنايو ويو هو، پنهنجي هڪ دوست سان واعدو
ڪيو هو ته هو اٽيلا جي جنگين بابت هڪ مستند تاريخ
لکندو. جيڪڏهن سڊونيَس جي حيادار طبيعت کيس هن اهم
ڪم(31) جي تڪميل کان پٺتي هٽائي نه ڇڏي ها، ته هي
وڏو تاريخدان سچائي ۽ سادگيءَ سان اُهي ننڍيون
ننڍيون يادگار ڳالهيون به تاريخ ۾ ضرور لکي ها، جن
جا ان شاعر اشارن ۽ استعارن ۽ اڻ سڌيءَ طرح حوالا
ڏنا آهن.(32) جرمني ۽ سيٿيا جي بادشاهن توڙي قومن
وولگا کان دنيوب تائين اٽيلا جي حڪمن کي جنگ جي
سَڏ جيان پئي مڃيو آهي ۽ ان جي تابعداري پئي ڪئي
آهي. هنگري جي ميدانن ۾ شاهي ڳوٺ کان سندس جهنڊو
اولهه طرف هليو ۽ اندازي موجب ستن کان اٺ سؤ ميلن
جي منزل طئي ڪرڻ کان پوءِ هو رائين ۽ نيڪر ندين جي
ميلاپ وٽ پهتو جتي فرئنڪن جو لشڪر به ساڻس اچي
مليو جنهن پنهنجا لاڳاپا اٽيلا جي اتحادي ۽
ڪلوڊيَن جي وڏي پٽ سان قائم ڪري ڇڏيا هيا. بربرن
جا رولُو جٿا، جيڪي لُٽ ڦر جي تلاش ۾ هيڏي هوڏي
پئي ڦريا، سياري جي انتظار ۾ هيا ته جيئن ئي ندي
ڄمي وڃي ته هو برف مٿان نديءَ کي اُڪري وڃن، پر
هُنن (Huns)
جي بيشمار گهوڙيسوار فوج کي داڻي ۽ گاهه وغيره جي
سخت ضرورت هئي جيڪو فقط وِچٿري موسم ۾ ملي سگهي
ها، هرسينيا جي ٻيلي مان کين ايترو ڪاٺ ملي ويو جو
هو ٻيڙين جي پُل به آساني سان ٺاهي پئي سگهيا ۽
بيلجي جي صوبن ۾ مخالفن جا لشڪر به اچي مڙيا پر
اُنهن طرفان اڳرائيءَ وارو ڪو به قدم نه کنيو
ويو.(33) گال ۾ هر طرف پريشاني جي ڪيفيت پکڙجي
وئي، ۽ سندس مختلف شهرن جي قسمت کي شهادتن ۽ معجزن
جي روايتن سان سينگاريو ويو آهي.(34) سينٽ لُوپُس
جي ڪوششن سان ٽرائز کي بچايو ويو، سينٽ سروئٽيَس
کي هن دنيا مان ئي هٽايو ويو، ته جيئن هو ٽانگريس
جي تباهيءَ کي پنهنجن اکين سان نه ڏسي سگهي ۽ سينٽ
جينوائيو جي دعائن، پئرس ۽ ان جي پسگردائيءَ کان
اٽيلا جي حملي جو رُخ موڙي ڇڏيو هو. پر جيئن ته
گال جا ڪيترائي شهر درويشن ۽ سپاهين کان خالي هيا
ته اُنهن تي هُنن (Huns)
طرفان ڪيئي ڀيرا گهيرا ۽ حملا ڪيا ويا جن مينز(35)
جي مثال ۾ جنگ بابت دستوري چوڻين ۽ محاورن جي وِرد
کي ويهي دهرايو هو. هن گڏيل قتلام ۾ پادري به شامل
هيا جن جون ڊيوٽيون قربانگاهن تي لڳل هيون، ته
ساڳئي وقت ننڍڙا ٻار به هيا جن کي خطري جي گهڙيءَ
۾ پادرين پاڪ غسل ڏئي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح هڪ آباد
شهر باهه جي شعلن جي نذر ٿي ويو ۽ فقط سينٽ اسٽيفن
جي ڪليسا وڃي بچي هئي جيڪا اتي ئي قائم هئي جتي
اُها ٺاهي وئي هئي. رائين ۽ موسيل کان، اٽيلا گال
جي وچ ۾ وڃي خيما کوڙيا، آگزير وٽ هن سين درياهه
کي اُڪاريو، ۽ پوءِ هڪ ڊگهي ۽ ڏکئي سفر کان پوءِ،
پنهنجي ڪئمپ کي هن آرليَنس جي ديوارن هيٺان قائم
ڪري ڇڏيو. هن جي خواهش هئي ته اهڙن هنڌن* تي
پنهنجو قبضو ڄمائي جيڪي وڏا مشهور ۽ فائدي وارا
هيا ۽ جن ذريعي لئائر تائين کيس پهچڻ ۾ ڪابه
دشواري نه ايندي؛ هن سلسلي ۾ هن الاني جي بادشاهه
سنگيبان تي ڀروسو ٿي ڪيو جنهن ساڻس واعدو ڪيو هو
ته هو شهر سان ڌوڪو ڪندو ۽ شهنشاهت جي وڌيڪ خدمت
ڪرڻ کان نه رڳو پاڻ کي آجو ڪندو پر ان خلاف بغاوت
ڪندو. پر غداري واري هيءَ سازش وائکي ٿي پئي ۽
سازش ڪندڙ کي ناڪامي نصيب ٿي ڇاڪاڻ ته آرليَنس جي
بچاءَ کي قلعن ذريعي محفوظ بنايو ويو هو ۽ هُنن جي
حملي کي سپاهين ۽ شهرين جي وفادار ۽ بهادريءَ
ذريعي پٺتي ڌِڪي ناڪام بنايو ويو هو جن هن هنڌ جي
ڀرپور حفاظت ٿي ڪئي انيئينَس پنهنجي ڳوٺاڻي محنت
سان جيڪو وڏي جُڳ جو ماڻهو ۽ دورانديشيءَ جو مجسمو
هو، مذهبي دعائن ۽ وظيفن سان حفاظت ڪندڙن جي پوري
همت افزائي ٿي ڪئي جيستائين ڏک لاهڻ وارا به پهچي
ويا جن جي آمد جو سڀني کي انتظار هو. هڪ ضِد واري
حملي ۽ انجڻن جي گولن وَسائڻ کان پوءِ ديوارن تي
قبضو ڪيو ويو، هنن اڳيئي ڪجهه ڳوٺن تي قبضو ڄمائي
ڇڏيو هو ۽ اُهي ماڻهو جيڪي هٿيار کڻڻ جا اهل نه
هيا اُهي دعائن لاءِ سجدن ۾ ڪريا پيا هيا.
انيئينَس، جنهن ڪلاڪ ۽ ڏينهن ٿي ڳڻيا، هڪ اعتماد
وري ماڻهوءَ کي موڪليو ته قلعي تي چڙهي، پري واري
ملڪ جو ڪجهه جائزو لهي اچي کيس ٻڌائي. هو ٻه دفعا
وڃي واپس موٽيو پر ڪابه اُميد يا اطمينان واري خبر
نه آندائين، پر ٽئين دفعي هن اچي ٻڌايو ته هڪ ننڍو
ڪَڪر هن ڏٺو هو جيڪو افق جي آخري ڇيڙي تي اڻچِٽو
نظر ٿي آيو. ”پڪ سان هيءَ خدا تعاليٰ جي مدد آهي!“
پادري هڪ مقدس لهجي، اعتماد ۽ حيرت مان چيو ۽ سڀني
ماڻهن گڏجي هُن سان سُر ملايو ته ”پڪ سان هيءَ خدا
تعاليٰ جي مدد آهي.“ پري کان نظر ايندڙ ڪو نقطو
جنهن تي سڀني ماڻهن جون نظرون کُپي ويون هيون، هر
لمحي وڏو ۽ وڌيڪ چِٽو ٿيندو ويو، روم ۽ گاٿن جي
بئنرن کي هاڻي آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي پيو سگهجي
۽ هڪ موافق ۽ سازگار هوا جيڪا مِٽيءَ سان گڏ ٿي
هِلي، ان مان محسوس ٿي ٿيو ته ايٽيَس ۽ ٿوڊورِڪ جا
فوجي جٿا آرلينس جي مدد لاءِ پهچي چڪا هيا.
جنهن آسانيءَ سان اٽيلا گال جي وچ تائين پهچڻ ۾
ڪامياب ٿيو هو، ان مان سندس فريبڪايءَ جو پتو پوي
ٿو ته سندس هٿيارن جي دهشت جو به اندازو لڳائي
سگهجي ٿو. سندس عام اعلانن کي، هنجي ذاتي يقين
ڏيارڻ تي، نرم بنايو ويو هو، هو ورمين ۽ گاٿن کي
ڪڏهن دلداريون ڏيندو هو ته ڪڏهن وري کين ڌمڪيون
ڏيندو هو، روينا ۽ٽولُوز جون درٻارون جيڪي هڪ ٻئي
کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسنديون هيون ۽ جڏهن به سندن
گڏيل دشمن هنن جي سامهون ايندوهو ته ان کي به ٻئي
ڌريون اختلافن ۽ تضادن جي نظرن سان ڏسنديون هيون.
ايٽيَس فقط هڪڙو ئي اهڙو هو جنهن کي ماڻهن جي
سلامتيءَ جو اونو هوندو هو، پر هڪ طبقي طرفان سندس
عقلمنديءَ جي ڪيترن ئي ڪمن جي مخالفت ڪئي ويندي
هئي، هي اُهو طبقو هو جن پلاسيڊيا جي موت کان
پوءِ، شاهي محلات تي قبضو ڪري ان کي خراب ڪري ڇڏيو
هو، اٽلي جا نوجوان توتاري جي آواز ٻڌڻ سان ئي ڏڪي
ويندا هيا ۽ بربر، جيڪي ڀوَ يا محبت سان اٽيلا جا
اتحادي هيا، جنگ جي انتظار ۾ رهڻ لڳا جيڪي ڪڏهن
ڀاڙيتُو ٿي ته ڪڏهن وري سچائيءَ سان به وڙهندا
هيا. اميرزادي ايٽيَس ائلپس جبلن کي اُڪاريو ۽ هن
سان گڏ جيڪي سپاهي هيا اُنهن جي طاقت ۽ تعداد کي
ڏسي ڪوبه ان کي، فوج جو نالو هرگز نه ڏئي ها.(36)
پر آرلس يا ليونس ۾ پهچڻ تي هو گهٻرائجي ويو ڇو ته
کيس خبر پئي ته وزيگاٿن، جن گال جي حفاظت ڪرڻ کان
انڪار ڪيو هو، پنهنجين ئي حدن ۾ هڪ خطرناڪ حملي
ڪندڙ جو انتظار پئي ڪيو جن کان کين سخت نفرت هئي.
سينيٽر اويٽَس کي جنهن محلات جي اهم عملدار جي
حيثيت ۾ ڊيوٽي ڏئي ڪافي تجربو حاصل ڪيو هو ۽ اتان
رٽائر ٿي آوَرن ۾ پنهنجي ملڪيت اچي سنڀالي هيائين،
مڃرايو ويو ته اهم سفارتڪاريءَ جو عهدو قبول ڪري،
جنهن کي هن وڏي ڪاميابي ۽ اهليت سان هلايو. هن
ٿوڊورِڪ کي ٻڌايو ته خواهشمند فاتح، جنهن سڄي زمين
تي حڪومت ڪرڻ جا خواب ٿي ڏٺا، جو ڪاميابيءَ سان
مقابلو فقط تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن هنن جو هڪٻئي
سان ڀرپور تعاون ۽ ايڪو هجي، پوءِ کيس يقين هو ته
ان کي شڪست به ڏئي سگهجي ٿي ۽ کيس حيران پريشان به
ڪري سگهجي ٿو. اويٽَس جي اثرائتي تقرير گاٿ
ويڙهاڪن جي اندر ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي ڇاڪاڻ ته هن
اُنهن زخمن ۽ گهاوَن جو دردناڪ ذڪر ڇيڙي ڇڏيو هو
جيڪي سندن ابن ڏاڏن کي هُنن (Huns)
رسايا هيا ۽ جن جي خوف ۽ ڏهڪاءَ جو پڙاڏو اڃا
تائين به دنيوب کان پائرينيز جي وادين تائين گونجي
رهيو هو. هن سختيءَ سان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هر
عيسائيءَ جو اهو مقدس فرض هو ته خدا جي ڪليسائن ۽
بزرگن جي تبرڪن کي بت پرستيءَ جي بدعت ۽ بيحرمتيءَ
کان هرصورت ۾ بچايو وڃي ۽ هر بربر، جنهن گال ۾ پاڻ
۽ پنهنجي ڪٽنب کي وڃي آباد ڪيو هو، جو فائدو ۽
مفاد ان ڳالهه ۾ هو ته اُنهن زمينن ۽ انگورن جي
باغن جي ڀرپور حفاظت ڪري جن ۾ هو هَر هلائيندا هيا
۽ محنت ڪندا هيا ته جيئن سيٿيا جا ڌنار، جيڪي سندن
دشمن هيا، مٿن قبضو نه ڪري وڃن. ٿوڊورڪ کي هن بيان
۾ سچ نظر آيو، تنهنڪري هڪدم اهڙا اُپاءَ ورتائين
جيڪي دورانديشي ۽ وقار وارا هيا ۽ اعلان ڪيائين ته
ايٽيَس ۽ رومين جي هڪ وفادار ۽ سچي ساٿي هئڻ جي
ناتي سان هو گال جي سلامتي ۽ بچاءَ خاطر پنهنجي
حياتي توڙي بادشاهت به قربان ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح
تيار هو.(37) وزيگاٿ، جيڪي ان وقت طاقت ۽ شهرت جي
عروج تي هيا، جنگ، جيڪا مٿن سِرَ تي اچي بيٺي هئي،
وڙهڻ لاءِ پوري جوش جذبي سان تيار هيا؛ هنن پنهنجي
هٿيارن ۽ گهوڙن کي تيار ڪرڻ شروع ڪيو، پنهنجي بزرگ
بادشاهه جي جهنڊي هيٺان جمع ٿيا جنهن پنهنجن ٻن
پُٽن ٽورسمانڊ ۽ ٿوڊورڪ سميت عزم ڪيو ته هو پنهنجن
بيشمار بهادر ماڻهن جي ڪمانَ خود سنڀاليندو ۽ جنگ
وڙهڻ جا حڪم ڏيندو. گاٿن جي هن مثال ڪيترن ئي
قبيلن ۽ قومن کي به عزم ڪرڻ جو موقعو ڏنو جيڪي اڳ
هُنن يا رومين جي ساٿ ڏيڻ جي چُونڊ ڪرڻ ۾ مونجهه ۽
شڪَ جو شڪار هيا. اميرزادي ايٽيَس جي اڻٿَڪ محنت
سان گال ۽ جرمني جون فوجون هڪ جڳهه تي ڪٺيون ٿيون
جن اڳ پاڻ کي روم جي جمهوريه جي رعيت يا سپاهي پئي
سمجهيو هو، پر هاڻي ڄڻ روم جي خدمت ڪرڻ يا قربان
ٿيڻ لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو هيائون ۽ سندن وفادار
اتحادي بڻجي ويا، لئيٽي، آرموريڪا، بريونس،
سئڪسنس، برگنڊي، ساماٽيا يا الاني، رپُوريا وارا
توڙي فرئنڪ سڀني گڏجي اعلان ڪيو ته هو ميروويَس کي
پنهنجو حقيقي ۽ جائز شهنشاهه تسليم ڪن ٿا. مختلف
قبيلن جي فوجن* جو اهو جذبو هو جيڪي ايٽيَس ۽
ٿوڊورڪ جي ڪمان هيٺ همت ۽ بهادريءَ سان اڳتي وڌندا
رهيا ته جيئن آرليَنس جي ڇوٽڪاري ۾ مدد ڪن ۽ اٽيلا
جهڙي طاقتور جنرل کي شڪست ڏين.(38)
سندن ويجهي پهچڻ تي هُنن جي بادشاهه گهيري کي ختم
ڪيو ۽ پنهنجن اهم فوجي آفيسرن کي سڏرائي جنگ مان
ڀاڄَ يا پٺتي هٽڻ جو اعلان ڪيو ۽ اُنهن فوجين کي
به واپس گهرايو جيڪي ڦُرلٽ ۾ لڳي ويا هيا ڇو ته هو
شهر ۾ اڳ ۾ ئي داخل ٿي چڪا هيا.(39) اٽيلا جي
بهادريءَ ۾ وڏو هَٿَ سندس دورانديشي جو هوندو هو؛
جيئن ئي هن محسوس ڪيو ته گال جي وچ ۾ ۽ بيشمار
ماڻهن جي آڏو سندس شڪست يقيني هئي جنهن جا نتيجا
هنن جي لاءِ سخت هاڃيڪار ٿيندا ته هن هڪدم گهيري
کي ختم ڪري سين درياهه کي ٻيهر اُڪاريو ۽ هاڻي هن
دشمن جو مقابلو چالَنس جي کليل ميدان تي ڪرڻ ٿي
چاهيو ڇاڪاڻ ته ان ميدان ۾ سنوَت ۽ سِڌائي سندس
سِيٿيا جي گهوڙيسوار فوج جي ويڙهه لاءِ مناسب ۽
موزون هئي. پرهن گوڙ گهمسان ۽ تڙتڪڙ واري ڀاڄَ ۾،
رومين جي فوج جي مُهڙ واري جٿي توڙي سندن اتحادين
پنهنجي زوردار پيش قدميءَ کي جاري رکيو ۽ اٽيلا جي
فوجين سان مُهاڏو اٽڪايو جن کي هن پوئين محاذ تي
مقرر ڪيو هو ۽ ايئن ٿي لڳو ته هڪ ٻئي جا دشمن شايد
رات جي اونداهيءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو هڪ ٻئي تي حملو
ڪري ڏيندا ڇو ته اڳ ۾ ئي فرئنڪن ۽ گيپيڊي جي فوجي
جهڙپُن ۾ پندرهن هزار بربرن کي قتل ڪيو ويو
هو،(40) ته هاڻي انديشو اهو هو ته وڏي جنگ ٿيندي
جيڪا شايد ڪنهن يقيني فيصلي ٿيڻ تائين جاري رهندي.
ڪئٽلونيا جا ميدان،(41) چالنس جي اردگرد هيا ۽
جارنينڊيس جي تحريرن موجب، اُنهن جي ڊيگهه جو
سرسري اندازو ڏيڍ سوميلن ۽ ويڪر سؤ ميلن تائين
پکڙيل هئي جنهن ۾ سڄو صوبو سمائجي ٿي ويو جنهن کي
هڪ سرواڻ* ملڪ جو خطاب ملي چڪو هو.(42) هن وڏي
ميدان ۾ سطح ۽ سنوَت جون ڪجهه هيٺ مٿاهيون هيون ته
وري اوچائي جي اهميت وڏي هئي جتي اٽيلا جون فوجون
قابض هيون؛ تنهنڪري هن ميدان جي غير برابريءَ واري
ناهمواري ٻنهي جنرلن جي وچ ۾ اختلافن جو سبب بڻجي
وئي. نوجوان ۽ بهادر ٽورسمانڊ سڀني کان پهريون
اوچائيءَ واري هنڌ تي قبضو ڪري ورتو. گاٿ پوري
طاقت سان هُنن تي ڪڙڪي پيا جيڪي اڃا تائين ٻي طرف
کان مٿي چڙهڻ جي ڪوششن ۾ لڳا پيا هيا، ۽ هن اهم
جڳهه جي قبضي ڪرڻ تي ٻنهي ڌرين ۾ سرهائيءَ جي لهر
ڊوڙي وئي ۽ هر ڌر جي اڳواڻ کي پنهنجي پنهنجي فتح
يقيني نظر اچي رهي هئي. اٽيلا البت پريشان هو جنهن
پنهنجن پادرين ۽ پيشنگويون ڪندڙن سان صلاح مشورا
ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. دستور موجب جانور جي آنڊن
گُونڊن جي معائني ڪرڻ ۽ اُنهن جي هڏن کي چڱيءَ طرح
جاچڻ کان پوءِ، پيشنگويون ڪندڙ طرفان اڻچٽن لفظن ۾
کيس ٻڌايو ويو ته شڪست سندس ئي ٿيندي جنهن ۾ سندس
خاص دشمن جو موت پڻ ٿيندو ۽ بربر جنهن برابريءَ جي
دعويٰ ڪئي هئي، ايٽيَس جي مٿاهين لياقت ۽ قابليت
کي، دل سان نه سهي پر ظاهري طرح ضرور تسليم ڪيو.
پر هُنن (Huns)
جي صفن ۾ جيڪا دستوري ڍرائي ۽ نِڪمائي هوندي هئي،
اٽيلا کي تنهن مجبور ڪيو ته قديمي جنرلن واري
طريقي کي استعمال ۾ آڻي ۽ نيٺ هن ايئن ڪيو ۽ هڪ
زوردار ۽ جوشيلي تقرير ذريعي پنهنجن فوجي ماڻهن کي
هن ڄڻ ننڊ مان جِهنجهوڙي جاڳايو ۽ سندس تقرير ان
بادشاهه واري هئي جيڪو اڳ ۾ ڪيترائي جنگي محاذ ۽
معرڪا فتح ڪري چڪو هو.(43) هن کين سندن ماضيءَ جو
شان شوڪت ياد ڏياريو، خطرن کان آگاهه ڪيو ۽ سندن
آئيندي جي اُميدن بابت کين گهڻو ڪجهه ٻڌايو ويو.
مقدر جي جنهن چڪر هنن جي اڳيان سيٿيا جي بيابانن ۽
ڌٻڻن کي سندن پيرن هيٺان ڪري ڇڏيو هو، ۽ جنهن
ڪيترين ئي جنگجو قومن کي سندن پيرن تي ڪِرڻ لاءِ
مجبور ڪيو هو، ساڳئي مقدر هن جنگ جي خوشين ۽ سندن
سوڀن کي مڪمل ڪري اڳتي لاءِ سندن رستو روڪي ڇڏيو
هو. سندن دشمنن جي محتاط قدمن سندن سخت ٻَڌي ۽
ايڪي ۽ سندن فائدي وارين هنڌن سببان هو بِنهه ڊڄي
ويو هو. مخالف فوج جي طاقت ۽ آسرو فقط وزيگاٿ هيا،
۽ هُن (Huns)
شايد بگڙيل رومين تي غالب اچي به وڃن ها ڇو ته
سندن هڪ ٻئي سان ويجهي ۽ ڳُتيل سرشتي سندن شڪن
شبهن کي وڌيڪ وائکو ٿي ڪيو، ٻيو ته اُهي جنگ جي
ڏينهن وارن خطرن کي مُنهن ڏيڻ لائق به نه رهيا
هيا. ’مقدر جي بکيئي‘ جو اَٽل قانون هن جنگجو قوم
لاءِ سازگار هو ۽ ان فلسفي کي هُنن (Huns)
جي بادشاهه هِنئين سان هَنڊائي رکيو هو ۽ هن
پنهنجي رعيت جي ماڻهن کي يقين ڏياريو هو ته سندن
جنگي جوڌن کي خدا تعاليٰ جي حفاظت حاصل آهي جيڪو
سڀني تي قادر آهي تنهنڪري اُهي دشمنن جي تيرن ۽
نيزن کان بچيل رهندا، پر ساڳئي وقت مقدر، جيڪو
ڪڏهن به غلطي نٿو ڪري، ذلت واري امن يا صلح قائم
ڪرڻ تي مٿن ضرور اچي ڪڙڪندو. اٽيلا کين زور سان
پُڪايندي چيو: ’آءٌ پهريون نيزو پاڻ اُڇلائيندس ۽
پوءِ ڏسندس ته اُهو ڪهڙو ڪمينو هوندو جيڪو پنهنجي
حاڪم جي عمل جي پيروي نه ڪندو ۽ جيڪو به پيروي نه
ڪندو ته موت جو مقدر به ڄڻ ان جي لاءِ لکجي چڪو
هوندو.‘* هڪ بهادر اڳواڻ جي موجودگي، سندس جوشيلي
تقرير ۽ سندس بهادريءَ جي مثال سبب بربرن ۾ پڻ همت
۽ بهادريءَ جو نئون روح ڦوڪجي ويو ۽ اٽيلا، سندن
بيصبريءَ کي محسوس ڪندي جنگ وڙهڻ جي حڪمت عملي
ويهي تيار ڪئي ۽ پنهنجن بهادر ۽ وفادار هُنن جي وچ
۾ هُن پنهنجي پاڻ کي مقرر ڪيو. جيڪي قومون سندس
شهنشاهت جي رعيت ۾ شامل هيون جيئن رُگيَنس،
هِرولي، سُرنجيَنس، فرئنڪ، برگنڊيَنس وغيره جي جٿن
کي ڪئٽلونيا جي ميدان تي ترتيب سان بيهاريو ويو،
گيپيڊي جي بادشاهه آرڊارِڪ کي ساڄي پاسي جو ڪماندر
مقرر ڪيو ويو ۽ ٽن بهادر ڀائرن کي، جن آسٽروگاٿن
تي حڪومت ڪئي هئي، کاٻي محاذ تي مقرر ڪيو ويو ته
جيئن اُهي وزيگاٿن جي وکريل ٽولن جو مقابلو ڪري
سگهن. اتحادين جي جنگ ۾ مقرري مختلف اصولن هيٺ ڪئي
وئي. سنگيبان جيڪو الاني قبيلي جو لامذهب بادشاهه
هو، ان جي ڊيوٽي وچ ۾ مقرر ٿي ته جيئن سندس چُرپر
تي نظر رکي سگهجي ۽ جيڪڏهن، خدانخواسته هو غداري
ڪري ته هڪدم کيس سزا به ڏئي سگهجي. ايٽيَس کي کاٻي
پاسي جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو ته ساڳئي وقت ٿوڊورڪ
کي ساڄي پاسي جي واڳ سونپي وئي جڏهن ته ٽورسمانڊ
اڃا تائين هِن ميدان جي چوٽين تي پنهنجو محاذ
سنڀاليون ويٺو هو جنهن سيٿيا جي فوج جي هر پاسي جي
نگراني ٿي ڪئي. وولگا کان ائٽلانٽڪ تائين قومن کي
چالنس جي ميدان تي گڏ ڪيو ويو، پر هنن منجهان
ڪيتريون ئي قومون مذهبي تضاد، سوڀن يا وري لڏپلاڻ
سبب پاڻ ۾ اختلافن جو شڪار ٿي ويون هيون ۽ ساڳين
هٿيارن ۽ ساڳين نشانين جي نماءَ ڪرڻ سان هيءَ جنگ
ڄڻ هڪ خانه جنگيءَ جو منظر پيش ڪري رهي هئي.
يوناني ۽ رومين جو نظم ۽ ضبط توڙي حڪمت عملي سندن
قومي ڪردار جي عڪاسي ڪري رهي هئي. زينوفن، سيزر يا
فريڊرڪ* جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن اوتري ئي وڏي
ذهن اُنهن جو تذڪرو ڪيو هو ته ان مان اهو ظاهر ٿي
رهيو هو ته اُهي انسانذات کي مِٽائڻ ۽ اُنهن جي
وجود کي ميسارڻ جي ترڪيبن ۾ اڃا واڌارو آڻيندا ته
جيئن انسان جو وجود ڌرتيءَ تان بلڪل غائب ٿي وڃي.
پر چالَنس جي جنگ اسان جي جوش ۽ تجسُس جي ڪيفيت ۾
واڌارو ڪري ٿي ڇڏي ڇاڪاڻ ته بربرن جي انڌي
اُٻهرائيءَ هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جنهن کي وري هِڪ
طرفن ليکڪن طرفان اُنهن ماڻهن سان منسوب ڪيو ويو
آهي جن جي شهري يا ڪليسائي رغبت کين فوجي معاملن
جي ڄاڻ کان بلڪل پري ڪري ڇڏيو آهي. ڪئسيوڊورَس
ڪيترن ئي گاٿ ويڙهاڪن سان ڳالهيون ڪيون هيون جن
هنن يادگار لمحن ۾ خدمتون ٿي ڏنيون جن کان کيس خبر
پئي ته: ”هيءَ لڙائي يا جنگي محاذ ايترو ته
خطرناڪ، گهَڻ طرفو، هوڏَ ۽ هَٺ وارو ۽ خوني هوندو
جنهن جهڙو مثال نه ته هاڻوڪي دؤر ۽ نه وري ماضيءَ
جي زمانن ۾ ملندو.“ جن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو اُنهن
جو انگ هڪ لک ٻاهٺ هزار هو، ۽ هڪ ٻي اندازي موجب
ان جنگ ۾ ٽي لک ماڻهو قتل ڪيا ويا(44) ۽ توڙي جو
ان تعداد ۾ گهڻو وڌاءُ به ڪيو ويو هجي تڏهن به
حقيقت پنهنجي جڳهه تي اَٽل آهي ته تمام گهڻو نقصان
ٿيو هوندو جنهن بابت هڪ تاريخدان تبصرو ڪندي ٻڌايو
ته بادشاهن جي جنوني جنگ ۾ شايد نسلن جا نسل ئي
ميسارجي ۽ مٽجي ويندا ۽ اِهو کيل فقط چند ڪلاڪن جو
هوندو. هڪ ٻئي تي ميزائيلن جهڙا هٿيار آزمايا ويا
جنهن ۾ سيٿيا جي نشاني بازن وڏي ڦڙتي ۽ هوشياريءَ
مان هٿيارن جو استعمال ڪيو، ۽ ٻنهي ڌرين جون زميني
توڙي گهوڙيسوار فوجون سخت مقابلي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي
جي سامهون ٿيون. هُنَ (Huns)
جيڪي پنهنجي بادشاهه جي اکين اڳيان وڙهي رهيا هيا،
پنهنجن ڪمزور ۽ مشڪوڪ اتحادين جي صفن کي چيريندا
اڳتي وڌندا ويا ۽ پنهنجن مختلف جٿن کي هڪ ٻئي کان
ڌار ڪيائون، ۽ کاٻي طرف وڌيڪ توجہ ڏيندي، هُنن
پنهنجي پوري طاقت جو رُخ وزيگاٿن طرف ڪري ڇڏيو.
جيئن ٿوڊورڪ گهوڙيسوار ٿي فوجن جي صفن مان
آسٽروگاٿن جي گذرندي پنهنجن سپاهين کي همت ڏياري
رهيو هو، ته مٿس ائنڊيجز طرفان زوردار نيزي سان
حملو ڪيو ويو جيڪو هن لاءِ موتمار ثابت ٿيو ۽ هو
پنهنجي گهوڙي تان هيٺ ڪري پيو. زخمي بادشاهه ويتر
عذابن ۾ اچي ويو* جڏهن هو پنهنجي ئي فوج جي گهوڙن
جي سُنبن هيٺان لتاڙجي مري ويو ۽ هن اهم موت،
پيشنگويون ڪندڙ جي اڳواٽ ڪيل مشڪوڪ اڳڪٿي کي سچو
ثابت ڪري ڏيکاريو. اٽيلا پنهنجي فتح کي يقيني
سمجهندي خوشيءَ وچان پنهنجن ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو،
هوڏانهن ٽورسمانڊ پهاڙين جي چوٽين تان هيٺ لهي آيو
ته جيئن اڳڪٿي جي رهيل حصي کي پورو ڪري سگهجي.
وزيگاٿ جيڪي هاڻي مونجهاري ۽ پريشانيءَ جي ور چڙهي
ويا هيا ڇو ته کين الاني پڻ ڇڏي چڪا هيا، پر پوءِ
به هنن حوصلو نه هاريو ۽ پنهنجين صفن ۾ آهستي
آهستي نظم ۽ ضبط پيدا ڪندي جنگ کي تيز ڪري
ڇڏيائون، ۽ هُنن (Huns)
کي کليل شڪست ڏنائون ڇاڪاڻ ته اٽيلا اڳيئي جنگ جي
ميدان مان ڀاڄ کائي چڪو هو. هو هڪ خانگي سپاهيءَ
جي هڪ ڌَڪ جو شڪار ٿي وڃي ها پر جنگ جي وچ تي مقرر
ڪيل دستي جي بهادريءَ سبب هو بچي ويو ۽ اُهو دستو
ڪافي پيش قدمي ڪري چڪو هو، سندن حملي جو بچاءُ
ڪمزوريءَ سان ڪيو ٿي ويو ڇاڪاڻ ته سندن فوج جا
کاٻا توڙي ساڄا پاسا غير محفوظ هيا ۽ سيٿيا توڙي
جرمني جا فاتح رات ٿيڻ سان مڪمل شڪست اچڻ کان ذري
تي بچي ويا. اُهي پنهنجين ئي گاڏين جي گول دائري ۾
وڃي ويٺا جن اُنهن لاءِ قلعن جو ڪم ٿي ڪيو ۽ سندن
اُهي جٿا جيڪي چوٽين تان هيٺ لهي آيا هيا، اُنهن
پنهنجي حفاظت جا اُپاءُ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا پر سندن
فوجي توڙي سندن مزاج اهڙين ڪامياب تدبيرن کان بنهه
اڻ واقف هو. هي هڪ مشڪوڪ معرڪو هو پر اٽيلا هاڻي
پنهنجي آخري ۽ عزت ڀريئي داءَ کيڏڻ جي تلاش ۾ هو.
هن حڪم ڏنو ته گهوڙن جا هَنا، سَنجَ ۽ ٻيو سامان
هڪ جڳهه تي ڪٺو ڪري ان کي هڪ باهه جي ارٿي يا چِتا
وانگر تيار ڪيو وڃي؛ ۽ پنهنجي وقار کي قائم رکندڙ
هن بربر فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن سندس فوجين کي بيوس
بڻائي ناڪارو ڪيو ويو ته هو پنهنجي سڀني ساٿين
سميت پاڻ کي باهه جي شعلن ۾ اڇلائي ڇڏيندا ۽
اهڙيءَ طرح هو پنهنجي دشمن کي خوشي ۽ فخر جو اهو
موقعو هرگز نه ڏيندا ته جيئن هو اٽيلا کي ڪنهن
وارَ ڪرڻ سان ماري ڇڏين يا وري کيس گرفتار ڪري قيد
جي ذلتن ۾ ختم ڪري ڇڏين.(45)