تنهن هوندي به سيٿيا جي ماڻهن جي هجومن ۽ عرب
قبيلن ۾ بنيادي فرق هي آهي ته پوئين قسم جا ماڻهو
واپار ۽ کيتيءَ جي ڪمن سان لاڳاپيل هيا. سندن گهڻو
وقت ۽ محنت سندن چؤپائي مال جي سارسنڀال جي بِلي
هوندي هئي، هو، بيابان ۾ رهندڙ پنهنجي برادري جي
ماڻهن سان امن توڙي جنگ مطلب ته هر حال ۾ ملندا
هيا ۽ بدوي ان ملڻ جلڻ ۽ ڳالهين ٻولهين مان پنهنجي
ضرورت جي ڳالهين کي چونڊي وٺندا هيا ته ساڳئي وقت
ڪجھ معلومات به حاصل ڪري وٺندا هيا. عربستان جي
ٻائيتاليهن شهرن(14) منجهان، جن جي ڳڻپ ابوالفدا
ڪئي آهي، وڌ ۾ وڌ آدمشماري وارا قديم شهر، خوشحال
ملڪ يمن ۾ هيا، هن جا منارا(15) ۽ معراب جو عظيم
الشان پاڻيءَ جو حوض(16) وغيره يمن جي بادشاهن (*)
ٺهرايا هيا پر اُنهن جي لادينيت واري چمڪڻ يا آڪڙ
کي، ڳاڙهي سمنڊ جي سرحد ويجھو مديني(17) ۽ مڪي(18)
جي پيغمبري شان ۽ عظمت دٻائي ڇڏيو هو، اهي ٻئي شهر
هڪ ٻئي کان فقط ٻه سؤ ستر ميلن جي مفاصلي تي هيا.
مڪي کي يونان جا ماڻهو مئڪورابا سڏيندا هيا جنهن
جو دنيا وارن جي نظرن جو مرڪز ٿيڻ بذاتِ خود هڪ
وڏي عظمت جي نشاني آهي، پر ان جي بهترين دؤر ۾ به
ماڻهن جي آدمشماري ۽ شهر جي وڏائي مرساءِ کان مٿي
نه ٿي آهي. شايد ڪو لڪل مقصد هجي جنهن سبب اهڙي
ناموزون جڳهه چونڊي وئي. هنن هڪ ميدان ۾، جنهن جي
ڊيگهه ٻه ميل ۽ ويڪر هڪ ميل هئي، مٽي ۽ پٿرن جي
ميلاپ سان پنهنجا گهر اُتي اڏيا جتي ويران جبل
هيا، زمين سڄي پٿريلي آهي ۽ پاڻي، توڙي جو اُهو
پاڪ کوهه زم زم جو هجي، تڏهن به ڪجھ لوڻياٺو آهي،
شهر کان چراگاهه تمام پري آهن ۽ انگور به ستر ميلن
جي مفاصلي تي طائف کان هتي آندا وڃن ٿا. مڪي جا
حڪمران قريش هيا جن جي شهرت توڙي سندن اخلاق عادتن
جي هاڪَ عرب قبيلن ۾ مڃيل هئي پر زمين جي سلسلي ۾
سندن بدقسمتي اها هئي جو اُها سخت ۽ پٿريلي هئڻ
سبب زراعت لاءِ نهايت ئي ناموزون هئي، ها البت اهو
خطو وڻج واپار لاءِ گهڻي قدر مناسب هيو. گيدا جو
سامونڊي بندر جيڪو فقط چاليهن ميلن جي مفاصلي تي
هيو، اتان اُنهن حبش وارن سان رابطي کي قائم ڪيو،
۽ حبش جي عيسائي بادشاهت سڀني کان پهريون مسلمانن
کي پناهه ڏني هئي. آفريڪا جا خزانا ڪاتف جي جزيري
تائين پهچي ويا جيڪو بحرين جو صوبو هو، اُتي هڪ
اهڙو شهر هو جنهن کي ڪالديا جي جلاوطن ماڻهن ٺاهيو
هو(19)، ۽ اُتان ايراني نار جي هيرن جواهرن کي
ٻيڙين ذريعي فرات جي ڪنارن تائين آندو ويو هو. مڪو
شريف يمن ۽ شام کان ذري گهٽ هڪ جيتري پنڌ تي آهي
فرق فقط اهو آهي ته يمن ان جي ساڄي طرف ۽ شام کاٻي
طرف آهي. پنڌ ويندڙ قافلن لاءِ پهريون هنڌ سياري ۽
ٻيو اونهاري ۾ رهڻ يا اُتي ترسڻ لاءِ موزون آهن ۽
جڏهن به هندستان کان قافلا مناسب وقت ۽ موسم ۾ هتي
پهچندا هيا ته اُهي ڳاڙهي سمنڊ جي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ
مسافريءَ کان پاڻ کي بچائي ڇڏيندا هيا. صنعا ۽
معراب جي بازارن ۾ توڙي عمان ۽ عدن جي ڪنارن تي،
مڪي جي قريشن جا اُٺ خوشبودار سامان يعني عطر عنبر
۽ اَن کڻي آيا جنهن کي بصرا ۽ دمشق جي ميلن ۾ خريد
ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح هن وڻج واپار مان مڪي وارن کي
تمام گهڻو فائدو ٿيندو هو ۽ شهر جي گهٽين مان به
ڄڻ خوشحالي نروار پئي نظر ايندي هئي ۽ هن شهر جي
اميرن اسلحي ۽ هٿيارن جي شوق رکڻ سان گڏوگڏ وڻج
واپار جي ڌنڌي کي وڌائڻ طرف پڻ ڀرپور توجهه
ڏنو(20).
عربن جي دائمي آزاديءَ جو چؤٻول ڌارين توڙي اتان
جي مقامي ماڻهن ۾ عام جام رهيو آهي جن ان کي ڪافي
ساراهيو آهي ۽ جيڪڏهن هن موضوعَ تي ڪٿي ڪو تضاد
پيدا ٿيو به آهي ته اُهو به پيشنگوئي ۽ معجزي جي
صورت ۾ حضرت اسماعيلؑ (*) (21) جي نسل ۽ پوئلڳن جي
حق ۾ ويو آهي. ڪي غير معمولي ڳالهيون اهڙيون آهن
جن کي نه ته لڪائي سگهجي ٿو ۽ نه وري اُنهن کي
هٽائي پٺتي ڪري سگهجي ٿو تنهن ڪري هي موضوع جيڪو
هينئر ڇيڙجي ٿو ان ۾ بحث ڪرڻ اجايو ۽ بيوقفيءَ
وارو هوندو. يمن جي بادشاهت کي حبش وارن، فارسين،
مصر جي سلطانن(22) ۽ ترڪن(23) سدائين دٻايو ۽
پنهنجي حڪم هيٺ پئي رکيو آهي ۽ مڪي ۽ مديني جا
مقدس شهر پڻ سيٿيا جي آمرن اڳيان جهُڪندا رهيا
آهن، ۽ عربستان جي رومي صوبن(24) اڪيلائي ۽
ويرانيءَ وارو خاص هنڌ اهڙو چونڊيو جتي حضرت
اسماعيلؑ ۽ سندس پُٽن پنهنجن ٻين ڀائرن ۽ پنهنجي
برادري وارن جي سامهون پنهنجا خيما وڃي کوڙيا
هوندا. هي غير معمولي واقعا عارضي يا مقامي نوعيت
جا هيا، پر مجموعي طور ماڻهن جو اُهو مجموعو، جنهن
کي هڪ قوم چئجي ٿو، وڏين ۽ طاقتور بادشاهتن جي
غلاميءَ کان آزاد رهيو. مصر جي بادشاهه جي فوج هجي
توڙي سائرس، پومپي يا ٽراجن جو دٻدٻو هجي، پر ڪنهن
کي به اها همت ڪانه ٿي ته هو عربستان کي فتح ڪري
سگهن؛ ترڪي جو موجوده حڪمران(25) شايد اها دعويٰ
ڪري ته هن جي حڪومت جا ڪجھ پاڇا عربستان تائين
پهچن ٿا ته اُها ڳالهه به حقيقت کان ڪافي دور
هوندي ڇاڪاڻ ته ترڪن جو غرور ان وقت ختم ٿي ويو
جڏهن اُنهن اهڙي قوم ڏانهن دوستيءَ جي هٿ وڌائڻ جي
ڪوشش ڪئي جن کي ڇيڙڻ يا ناراض ڪرڻ هنن لاءِ خطرناڪ
هو ۽ مٿن حملو ڪرڻ جو هو تصور به نٿي ڪري سگهيا.
تنهن ڪري سندن دائمي طرح آزاد رهڻ جا سبب عربن جي
قومي ڪردار ۽ هن عظيم ملڪ جي پيشانيءَ تي واضح طور
تي نقش ٿيل آهن. ملڪن کي، سندن طاقتور بهادريءَ
جو اندازو بچاءَ توڙي اڳرائيءَ واري جنگ ٻنهي ۾ ٿي
چڪو هو. هتان جي مجاهد جو خاموشيءَ وارو توڙي
متحرڪ اخلاق ۽ اعليٰ ڪردار سندس ڌنارڪي زندگي جي
سکيا ۽ نظم ۽ ضبط ۾ لڪل هوندو آهي. رڍن ۽ اُٺن جي
سار سنڀار ۽ پرورش جي ذميداري قبيلي جي عورتن تي
ڇڏيل هوندي آهي، پر سندن بهادر ۽ ويڙهاڪ جوڌن کي
جيڪي سندن امير جي جهنڊي هيٺ هوندا آهن، سدائين
گهوڙن تي سوار ٿيل ڏٺو ويو آهي ۽ اُهي کليل ميدانن
تي تير اندازي، نيزي بازي ۽ ترار وهائڻ(‡) جي مشق
ڪرڻ ۾ مصروف رهندا آهن. سندن دائمي آزادي جي
يادگيري ۽ تاريخ کي قائم رکڻ جو ڄڻ هنن پختو عزم
ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪي سندن نسل ايندا رهن ٿا يا
ايندا رهندا اُنهن ۾ هڪ نئون جوش جذبو پيدا ٿئي ٿو
ته جيئن اُهي نه رڳو پنهنجن ابن ڏاڏن جي عظيم ورثي
جي حفاظت ڪن پر پاڻ کي به هن ملڪ جا سچا سپوت ثابت
ڪري ڏيکارن. سندن مقابلو جڏهن مجموعي طور عرب دشمن
سان ٿئي ٿو ته هو پنهنجا اندروني ويڇا وساري دشمن
جي مقابلي ڪرڻ ۽ کيس شڪست ڏيڻ لاءِ متحد ۽ هڪ ٿي
وڃن ٿا پر جڏهن آخري ڀيرو ترڪن سان سندن لڙائي لڳي
ته مڪي جي قافلن تي اسي هزار ماڻهن حملو ڪيو ۽ کين
ڦري تاراج ڪيو: جڏهن جنگ ۾ اُهي اڳتي وڌن ٿا ته هر
طرف کان سوڀَ سندن قدم چُميندي نظر اچي ٿي. سندن
گهوڙا ۽ اُٺ، جيڪي اٺن کان ڏهن ڏينهن اندر چئن کان
پنج سؤ ميلن جو سفر آسانيءَ سان طئي ڪري وڃن ٿا،
دشمن جي ظاهر ٿيڻ تي غائب ٿي وڃن ٿا. ۽ بيابان جو
ڳجهو پاڻيءَ جو ذخيرو پڻ ڪٿي به نظر نٿو اچي، ته
ان صورتحال ۾ ظاهري طرح فاتح فوجون به اُڃ، بُک ۽
بدحاليءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون، حملو ڪندڙ دشمن
پنهنجي دشمن کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو پر عرب پنهنجي
دشمن جي اهڙي ڪوشش تي کانئُس سخت نفرت ڪندي مٿس
کِلن ٿا ڇاڪاڻ جو کين ته پرواهه ئي ڪانهي جو هو
پنهنجن بيابانن جي تپندڙ خلوتن ۾ آرام ڪندا آهن.
بدويُن جا هٿيار توڙي سندن صحرا نه رڳو سندن
آزاديءَ کي قائم رکڻ جا ضامن آهن پر اُهي عربستان
جي خوشحالي به بحال رکيو ٿا اچن ۽ ان جا رهواسي
جنگ جي هاڃن ۽ نقصانن کان سدائين محفوظ رهيا آهن
پر پنهنجي ڌرتيءَ جي آبهوا ۽ عياشين جي ڪري ڪجھ
ڪمزور به ٿي ويا آهن. آگسَٽس جا فوجي لشڪر جڏهن
هتي آيا ته بک، بيمارين(27) ۽ ٿڪاوٽ سبب بيحال ٿي
ناڪام ٿي ويا؛ باقي سامونڊي فوج جي طاقت فقط اهڙي
آهي جنهن سان يمن کي شڪست ڏئي دشمن جو تابعدار
بنايو ويو هيو. (28)، تڏهن يمن، فارس جي شهنشاهت
جو هڪ حصو هيو، ان جي باوجود مصر جا ست بادشاهه
پوءِ به جبلن ۾ حڪمراني ڪري رهيا هيا ۽ خسرو جي
ايلچي کي مجبور ٿي پري واري ملڪ ۽ پنهنجي بدقسمت
مالڪ کي وسارڻو پيو. جسٽينين شهنشاهه جي دؤر جا
تاريخدان عربستان کي هڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ چون
ٿا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن ذاتي مفادن، يا دلچسپين
خاطر، اوڀر جي ملڪن سان ڊگهي جهيڙي ۾ پاڻ ۾
ورهائجي ويندا هيا؛ غَسان جي قبيلي کي شام جي سرحد
تي خيما کوڙڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، ۽ حِرا جي
بادشاهن کي ڏکڻ طرف بابل جي تباهين تي هڪ شهر ٺاهڻ
جي اجازت ڏني وئي هئي جيڪو فقط چاليهن ميلن جي
مفاصلي تي هيو. جنگ جي ميدان تي سندن خدمتون داد
ڏيڻ لائق هيون پر سندن دوستي لالچ واري ۽ مٿن
اعتماد ڪرڻ عبث ۽ سندن دشمني به سندن مزاج جي لاهن
چاڙهن تي مدار رکندڙ هئي، باقي رولو بربرن کان
هٿيار ڦٽا ڪرائڻ ۽ کين صلح تي آماده ڪرڻ جي مقابلي
۾ کين جذبات ۾ آڻڻ وڌيڪ آسان هو ۽ جنگ جي چالبازين
۾، هنن گهڻو ڪجھ سکيو هو ته ساڳئي وقت کين روم ۽
فارس جي زبردست ڪمزورين جي به چڱيءَ طرح پروڙ پئجي
چڪي هئي جن کان هو نفرت ڪندا هيا. مڪي کان فرات
تائين عربن جي قبيلن کي(29) يونانين ۽ لاطينين
طرفان گهڻو ڪري غلط فهميءَ مان سئراسن جي لقب سان
سڃاتو ويندو هو: هڪ اهڙو نالو جنهن جي لاءِ هر
عيسائيءَ کي سيکاريو ويندو هو ته اهو نالو سدائين
خوف ۽ نفرت مان وٺي.
گهريلو آمريت جا غلام ته پنهنجي قومي آزادي تي
هروڀرو خوش ٿين ٿا، البت عرب آزاد رهڻ سکيو آهي ۽
هو پنهنجي معاشري جا فائدا به ڪنهن حد تائين وٺڻ
ڄاڻي ٿو ته ساڳئي وقت فطرت جي جيڪا مٿس فياضي آهي
ان جا به ڀرپور مزا ٿو ماڻي. هر قبيلي ۾ وسوسن،
احسان مندي جي جذبن ۽ ڀاڳ بخت جي ڀَلاين، ڪنهن خاص
ڪٽنب کي، ظاهري طرح ٻي هڪ جهڙي ڪٽنب کان مٿانهون
ڪري ڇڏيو آهي. مثال طور شيخن ۽ اميرن جا مرتبا
سدائين سندن پنهنجي ئي پيڙهي يا قوم تائين محدود
رهن ٿا پر جانشيني جو طريقو جيترو غير معتبري وارو
آهي ته اوتروئي خطرناڪ پڻ آهي، ۽ اميرن منجهان
جيڪي وڏي عمر جا معزز ماڻهو آهن، اُنهن کي ٻين اهم
ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ جهيڙن
جهڳڙن کي حل ڪرڻ لاءِ به صلاح مشورا کانئن ئي ورتا
وڃن ٿا ۽ سندن بهادري جي مثالن کي ٻين ماڻهن لاءِ
رهبري طور قبول ڪيو وڃي ٿو. جيڪي عقلمند ۽ جذبو
رکندڙ عورتون آهن(‡)
جيئن زينوبيا (زينب)(31) ته اُنهن کي به عوام تي
حڪمراني ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو. جڏهن به مختلف
قبيلا، ڪڏهن ڪڏهن يا عارضي طور ئي سهي، پاڻ ۾ ملي
هڪ ٿي وڃن ٿا ته هڪ فوج وجود ۾ اچي ٿي؛ ۽ جڏهن اهو
ايڪو ۽ اتحاد وڌيڪ پائدار ٿئي ٿو ته هڪ قوم وجود ۾
اچي ٿي ۽ جيڪو سڀني کان وڌيڪ معتبر جنهن کي امير
الاُمراءُ چئجي ٿو ۽ جنهن جو جهنڊو سندس سِر وٽ
نمايان ڪيو وڃي ٿو. اُهو ڌارين جي نظر ۾ اهڙو
ماڻهو هوندو آهي جيڪو بادشاهه جي لقب جو حقدار
هوندو آهي. جيڪڏهن عرب جا بادشاهه پنهنجي طاقت جو
غلط يا ناجائز استعمال ڪندا آهن ته سندس رعيت جا
ماڻهو کين ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اِها ئي ان بادشاهه جي
سزا هوندي آهي ڇوته سندن عوام کانئُن پدري شفقت ۽
نرم رَوين جو طلبگار رهندو آهي. هو آزاد طبيعت جا
مالڪ آهن، سندن قدمن ۾ زنجير پيل نه آهن، صحرا ۽
بيابان به کليل آهن، پر اهڙي ذهني آزاديءَ جي
باوجود قبيلا ۽ خاندان پاڻ ۾ خانداني رشتن ۾ هڪ
ٻئي سان سلهاڙيل هوندا آهن. يمن جي مهذب ماڻهن
بادشاهه جي رعب ۽ دٻدٻي کي مڃيو ۽ ان جي حمايت ڪئي
هئي، پر جيڪڏهن هو پنهنجي حياتيءَ کي خطري ۾ وجهڻ
کان سواءِ(32) پنهنجو محل ڇڏي نه وڃي ها ته حڪومت
جا اختيار خود بخود بادشاهه جي اميرن ۽ مئجسٽريٽن
ڏانهن منتقل ٿي وڃن ها. ايشيا جي وچ ۾ مڪي ۽ مديني
جا شهر، گڏيل ملڪيت جي روح جو منظر پيش ڪن ٿا.
معاملن توڙي مقامي ڌنڌي ۽ واپار ۾ پنهنجي ملڪ جا
مالڪ ۽ شهزادا ليکيا ويندا هيا، پر اُهي يونان جي
پيريڪلس يا فلورينس جي ميڊيسي وانگر حڪومت ڪندا
هيا جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ماڻهن جو اعتماد هوندو هو، سندن
اباڻي ورثي جي ڪري هنن جو اثر رسوخ ورهائجي ويندو
هو، اهڙيءَ طرح اهو اثر توڙي حڪومتي طاقت جو لاڙو،
پيغمبر جي چاچن کان قريش خاندان جي نوجوان نسل
ڏانهن منتقل ٿي ويو. ڪن مقدس موقعن تي هو عام
ماڻهن جي وڏي ميڙ کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪندا هيا ۽
جيئن ته ماڻهن کي فرمانبردار بنائڻ لاءِ يا ته کين
زوريءَ مجبور ڪيو ويندو آهي يا وري کين دليلن ۽
نرميءَ مان مڃرايو ويندو آهي ۽ هن سلسلي ۾ قديمي
عربن ۾ تقرير جي فن جي شهرت هر طرف پکڙيل هئي ۽
اِها ڳالهه ئي ماڻهن جي ذهني آزاديءَ جو کليل ثبوت
آهي(33). پر هُنن جي سادگي واري آزادي ڪجھ ٻي جِنس
واري هئي جيڪا يوناني ۽ لاطيني جمهوريتن واري
مصنوعي سُٺائيءَ کان صفا مختلف هئي جنهن ۾ هر فرد
کي پنهنجي برادري يا معاشري جي شهري توڙي سياسي
حقن جي حصيداري مليل هئي. عربن جي سادگي پسند ملڪ
۾ قوم بلڪل آزاد آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڌرتيءَ جو هر
سپوت پنهنجي مالڪ اڳيان ذلت واري غلامي ڪرڻ لاءِ
تيار نه آهي. سندس سيني ۾ همت، مردانگي، صبر ۽
بردباريءَ جون تعريف لائق وصفون سمايل آهن،
آزاديءَ جو روح کيس خود حڪم هلائڻ لاءِ آماده ڪري
ٿو ۽ بيعزتيءَ جي خوف کيس ڏکن، تڪليفن، خطرن،
تانجو موت کان به کيس بي نياز بنائي ڇڏيو آهي.
سندس عزم ۽ برجستگي سندس طرز طريقي ۽ رويي مان صاف
ظاهر هوندي آهي؛ هو نرم لهجي ۾ ڳالهائيندو آهي پر
سندس هر ڳالهه مختصر ۽ وزنائتي هوندي آهي؛ وڏا ٽهڪ
ڏيندي مشڪل سان ئي کيس ڪنهن ڏٺو هوندو؛ البت ماڻهن
کيس ڏاڙهيءَ کي ڏڪائيندي شايد ڪٿي ڏٺو هجي جيڪو
سندس طرفان هڪ پُروقار مردانگيءَ جو اشارو هوندو
آهي. هن کي پنهنجي عزت ۽ اهميت جي پوريءَ طرح ڄاڻ
آهي جنهن کيس پنهنجن مخالفن سان به بردباريءَ سان
مُهاڏو اٽڪائڻ ۽ پاڻ کان وڏن سان بغير خوف جي پيش
اچڻ سيکاريو آهي(34). مسلمانن جي آزادي سندن سوڀن
کي برقرار رکيو هو، پهريَن خليفن پنهنجي رعيت جي
مزاج ۽ زبان سان هڪ جهڙائيءَ وارو رشتو قائم ڪيو،
اُهي مِمبر تي ويهندا ها ته ماڻهن جي ميڙ کي
اخلاقي طرح سنوارڻ ۽ کين قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا
هيا ۽ شهنشاهت جي گاديءَ جي هنڌ کي فرات منتقل ٿيڻ
کان اڳ ئي عباسين جي حڪومت فارس ۽ بازنطيني طرح جي
وڏائي واري شان شوڪت کي پنهنجي بادشاهت ۾ رائج ڪري
ڇڏيو هو.
قومن توڙي انسانن جي مطالعي مان اسان کي اُنهن
سببن جي پروڙ پوي ٿي ته اُهي هڪ ٻئي جا دوست يا
دشمن ڇو رهندا هيا، يا وري سماجي طرح سان اُهي
ڪهڙيون ڳالهيون، گُڻ يا اَوگڻ هيا جن ذريعي سندن
ڪردار جو دائرو محدود يا وسيع ٿي ويندو هو، يا وري
هو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويندا هيا يا وري هڪ ٻئي سان
ڪاوڙجي ۽ تپي باهه ٿي ويندا هيا. سڄي دنيا جي
ماڻهن کان عربن جي نرالي رنگ ڍنگ، ڌارين ۽ دشمنن
بابت، سندن خيالن ۽ سوچن کي ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي
۽ هن خطي جي مفلسي واري حالت بذاتِ خود ڄڻ هڪ
قانوني شڪل وٺي وئي آهي ۽ سندن اها سوچ، جنهن موجب
هو عمل ڪن ٿا، اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. اُهي
دعويٰ ڪندا آهن ته جيڪي شاهوڪار خطا ۽ آباد زمينون
توڙي فضائون، ٻين انسانن جي حصي ۾ آيون هيون، ۽
ويچاري حضرت اسماعيلؑ جو اولاد شايد ٻين طريقن يا
طاقت جي زور تي پنهنجي موروثي حقن کي حاصل ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي وڃي ها، پر ناانصافيءَ مان کيس محروم
ڪيو ويو هيو. پلني جي چَوڻ مطابق عرب قبيلن ۾ چوري
۽ واپار ڪرڻ جي پراڻي عادت آهي، جيڪي قافلا سندن
برپٽن منجهان گذرن ٿا اُنهن کان ڪجھ ڏوڪڙ وصول ڪري
کين اڳتي گذرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي يا مورڳو کين
ڦريو وڃي ٿو ۽ سندن پاڙيسري، حضرت ايوبؑ ۽
سيسوسٽرس(35) جي زمانن کان وٺي سندن لالچ ۽ ڦُرمار
جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو بدوي پري کان
ڪنهن اڪيلي مسافر کي ڪٿي ڏسي ٿو ته هڪدم ڪنهن
جانور تي سوار ٿي ۽ تيزيءَ مان رڙيون ڪندو سندس
پٺيان وڃي ٿو ۽ پري کان وڏي واڪي کيس چوي ٿو:
’جلدي پنهنجا ڪپڙا لاهي ڇڏ، جو تُنهنجِي چاچِي
(منهنجي زال) کي پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونهن‘. جيڪڏهن
مسافر جلدي آڻ مڃي حڪم جي پوئواري ڪئي ته مٿس رحم
ڪيو ويندو پر جي ٿوري به مخالفت يا مزاحمت ڪيائين
ته حملو ڪندڙ آپي مان ٻاهر نڪري ويندو ۽ مقابلي ۾
شايد سندس ئي رت وهيو هجي جنهن ان رَت جو ڪفارو
ادا ڪيو هجي جيڪو پنهنجي حفاظت ڪندي مسافر وهايو
هوندو. ڪو اڪيلو لُٽيرو يا سندس ڪجھ ساٿين کي ته
ڪو خاص نالو ڏنو وڃي ٿو پر جڏهن اُهي گهڻا ٿين ٿا
۽ لُٽ ڦُر جو ڪاروبار گڏجي ڪن ٿا ته ان کي ڄڻ هڪ
قانوني حيثيت ۽ عزت واري جنگ جا لقب ملي وڃن ٿا.
اهڙن ماڻهن جي طبيعت ۽ طور طريقا جيڪي انسان ذات
خلاف هٿيار کڻن ٿا، تڏهن وڌيڪ ظالماڻا ٿي وڃن ٿا
جڏهن ويتر کين ڦرمار، قتل ڪرڻ ۽ بدلي وٺڻ جي ڀرپور
اجازت ملي وڃي ٿي. يورپ جي آئين ۾ امن ۽ جنگ جو حق
هاڻي فقط ڪن ٿورڙن معزز ۽ سگهارن ماڻهن کي حاصل
آهي پر عرب پنهنجو تير يا نيزو وڏي آڪڙ ۽ بي
پرواهيءَ مان پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به ماڻهوءَ تي،
بغير ڪنهن سزا جي خوف جي هلائي سگهي ٿو. عرب قوم
جي ايڪي ۽ ٻَڌيءَ کي فقط ساڳئي زبان ڳالهائڻ يا
ساڳي رهڻي ڪهڻي ذريعي سڃاڻي سگهيو آهي ۽ هر قبيلي
۾ مئجسٽريٽ جو هئڻ نه هئڻ ساڳي ڳالهه آهي ڇو ته
اُهي ويچارا گونگا ۽ بي اختيار هوندا آهن. اڳ جهالت واري دؤر ۾، هڪ روايت موجب
سترهن سؤ جنگيون(36) لڙيون ويون هيون ۽ شهرين جا
تعصب وڌندا ئي رهندا هيا ته ظاهر آهي ته ماڻهن ۾
دشمني ۽ عداوتن جي فضا به عروج تي پهچي ويندي هئي
۽ جيڪڏهن ان فضول جهيڙي يا فساد تي ڪو افسانو لکيو
ويندو هو يا ان کي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو ويندو هو ته
پوءِ دشمن قبيلن جي نسلن جا زخم يا گهاوَ وري گهرا
۽ تازا ٿي ويندا هيا ۽ نوان فتنا ۽ فساد برپا ٿي
ويندا هيا. ذاتي زندگي ۾ هر فرد ۽ هر ڪُٽنب پنهنجن
معاملن کي پاند يا بدلي وٺڻ سان پاڻهي طئي ڪري
وٺندو هو. پنهنجي وقار بابت جذباتي هجڻ جنهن ۾
ڌَڪَ لڳڻ کان اڳ ئي بيعزتي جو امڪاني خوف عربن جي
اجاين جهيڙن ۽ جنگين ۾ زهر اوتيندو رهندو هو؛
عورتن جي حُرمت ۽ پاڪدامني توڙي سندن مردن جي
ڏاڙهين جي عزت تي ٿورڙو به حرف آيو ته قيامت برپا
ٿي ويندي هئي، ڪو نازيبا عمل(*) يا ڪو گُٿو يا
بيعزتي جهڙو لفظ ڪنهن مخالف پاران نڪتو ته ان جو
بدلو سندس خون ڪرڻ کان گهٽ نه هوندو؛ ۽ سندن هَٺ
يا ضدي طبيعت ۾ ايتري ته پختگي هوندي هئي جو هو
ڪيترائي مهينا يا سالن جا سال بدلي وٺڻ جو انتظار
ڪندا هيا ۽ نيٺ انتقام وٺي پوءِ سُک جو ساهه کڻندا
هيا. خون جي عيوض ڏنڊ يا ان جو معاوضو ادا ڪرڻ ته
هر دور جي بربرن جي پراڻي روايت رهي آهي پر
عربستان ۾ اهو قتل ٿيل ماڻهوءَ جي وارثن تي ڇڏيل
هوندو هو ته خون جو ڪفارو يا عيوضو قبول ڪن يا وري
بدلي ۾ خونيءَ جي ڪنهن مِٽ مائٽ کي موقعي تي قتل
ڪري ڇڏين. عربن جي مهذب ڪدورت جي حد اها هئي ته هو
خونيءَ کي قتل ڪرڻ کان انڪار ڪندا هيا ۽ اصل قاتل
جي بدلي ۾ هڪ معصوم ماڻهوءَ جي سِرَ جي گهُر ڪندا
هيا. يعني اُهو ماڻهو جيڪو قاتل جي قبيلي سان نه
رڳو تعلق رکندڙ هجي پر ان جو سربراهه به هجي. پوءِ
جيڪڏهن قبيلي جو سردار سندن هٿن ۾ مارجي ويندو هو
ته مخالفن پاران ان جي بي گناهه قتل جي بدلي وٺڻ
جو خوف مٿن طاري ٿي ويندو هو. اهڙيءَ طرح ان ناحق
خون جو وياج وڌندو ۽ جمع ٿيندو رهندو هو ۽ ان غير
انساني ۽ وحشياڻي سلسلي ۾ شڪ ۽ دشمنيون دائمي رنگ
وٺي وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن تسلي بخش بدلي وٺڻ
لاءِ کين پنجاهه سالن جو عرصو به گذري ويندو
هو(37). هي خوني مزاج يا روح، جنهن ۾ رحم جي رتي
به ڪانه هئي ۽ نه وري خون معاف ڪرڻ جو جذبو ئي
موجود هو، بهرحال عزت ۽ وقار جي چٽاڀيٽيءَ جي
صورتحال سبب اهڙن روَين ۾ ڪجھ اعتدال آيو آهي جنهن
۾ عمر، طاقت ۽ هٿيارن جي تعداد جو وڏو عمل دخل
موجود هو. حضرت ٻن يا چئن مهينن تي
مشتمل هوندو هو جنهن دؤران سندن تراريون مياڻ ۾
بند ٿي وينديون هيون ۽ ان وقفي ۾ مقامي توڙي
ٻاهرين دشمنين کي ختم ڪيو ويندو هو ۽ هي عارضي
اَمن، قانوني ڇُڙواڳي ۽ جنگي جنون جي عادتن جي
علامت هوندو هو(38).
ڦُرمار ۽ انتقام جي جذبي کي وڻج واپار ۽ ادب سان
ملائي ڪجھ اعتدال ۾ آندو ويو هو، هي نرالو جزيرو
هر طرف کان قديم دؤر جي مهذب ترين قومن سان وڪوڙيل
آهي ۽ واپاري عموماً انسان ذات جا دوست ٿين ٿا،
تنهن ڪري هر سال جيڪي قافلا هتان گذرندا هيا،
اُنهن ڄاڻ، ڏاهپ ۽ انساني طبيعت جي نرمي ۽ ڌيرج جا
ٻِجَ نه رڳو عربستان جي شهرن پر صحرا جي برپٽن ۾
پڻ پوکي ڇڏيا. عربن جو جيڪو به حسب نسب هجي پر
سندن ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد جا سرچشما ساڳيا عبراني
يا يهودي، شامي ۽ ڪالدين ئي آهن، جيئن جيئن قبيلا
يا ذاتيون آزاد ٿينديون ويون ته اُنهن جا ٻولين جا
لهجا به پنهنجا پنهنجا ٿيندا ويا(39)، پر هر لهجي،
پنهنجي مخصوص انداز اختيار ڪرڻ کان پوءِ ڀي، مڪي
جي نج ٻولي واري آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ لهجي
کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي. عربستان توڙي يونان ۾،
ٻوليءَ جو واڌارو اخلاق عادتن جي تڪميل کان گوءِ
کڻي اڳتي نڪري ويو هو، تانجو ان زبان ۾ ماکيءَ جا
به اَسي کن نالا هيا، نانگ جا ٻه سئو، شينهن جا
پنج سؤ يا ترار کي هزار نالن سان سڏيو ويندو هو ۽
اهو ڪمال فقط اڻ پڙهيل ۽ جاهلن جو هوندو هو جن کي
نالن جي هيتري ساري لغت برزبان ياد هوندي هئي. مصر
جي بادشاهن جي منارن تي جيڪي نقش اُڪريل هيا اُهي
مُدي خارج هيا ۽ پڙهڻ ۾ نه ايندا هيا پر ڪُوفي
خطاطي کي جيڪا وقت جي الف- ب سان مطابقت رکندڙ
هئي، فرات جي ڪنارن تي ايجاد ڪيو ويو هيو ۽ پوءِ
وارين ايجادن کي هڪ ڌاريو شخص مڪي ۾ سيکاريندو هو
جيڪو . عرب توڙي جو فصاحت بلاغت جا ماهر هيا پر تڏهن
به گرامر، وزن بحر ۽ تقرير جي فن کان ايترا واقف
نه هيا، پر تنهن هوندي به ذهني طرح هو ڏاڍا تيز
هيا ۽ ڳجهي ڳالهه کي به بنا دير سمجهي ويندا هيا،
سندن تصوراتي دنيا به وسيع ۽ ڪشادي هئي، ۽ سندن
دماغي صلاحيتون پُرمغز ۽ تيز هيون(40)، ۽ جيڪا به
شيءَ تخليق ڪندا هيا ته ان ۾ سندن محنت ۽ خلوص
سمايل هوندو هو جنهن ۾ تخليق ته ذهن جي هوندي هئي
پر سندن خلوص ۽ عشق دل وارو هوندو هو. هڪ اُڀرندڙ
۽ نئين شاعر کي پنهنجي ذات توڙي قبيلي وارن طرفان
ڀرپور داد ڏئي هن جي همت افزائي ڪئي ويندي هئي. هن
موقعي تي هڪ وڏي دعوت جو اهتمام ڪيو ويندو هو جنهن
۾ عورتن جون قطارون ڌُڪڙ وڄائينديون ۽ شاديءَ وارا
ناز نخرا ڪنديون، پنهنجن پُٽن ۽ مڙسن اڳيان
ڳائينديون گذرنديون رهنديون هيون ۽ کين فخر هوندو
هو ته پنهنجي ئي هڪ قبيلي منجهان هڪ سپوت منجهن
پيدا ٿيو هو جيڪو کين سندن حق ڏياريندو ۽ سندن
رهبر پنهنجو آواز فضا ۾ بلند ڪندو جيڪو سندن شهرت
کي اڃا اڳتي وڌائيندو. جيڪي مخالف قبيلا هيا اُنهن
طرفان هڪ ساليانو ميلو مچايو ويندو هو. پر ان کي
پهريَن جنوني مسلمانن طرفان بند ڪرايو ويو، نه ته
هي ماڻهن جو هڪ اهڙو وڏو ميڙ گڏ ٿيندو هو جيڪو
بربرن جي کهُرن لهجن ۾ سڌارو آڻي سگهي ها. بهرحال
پوءِ به ٽيهن ڏينهن جو جشن ملهايو ويو جنهن ۾ رڳو
اَنَ ۽ شراب کي واپرايو نه ويو پر ان موقعي تي
تقرير بازي ۽ شاعريءَ جو به ڀرپور مظاهرو ڪيو ويو.
هن موقعي تي شاعرن ۽ موسيقارن جي ڪاپي ڪرڻ تي
انعامن ورهائڻ تي ڪجھ اعتراض اٿيا، تنهن ڪري انعام
کٽندڙن جي رقم بادشاهن ۽ اميرن جي خزانن ۾ جمع
ڪرائي وئي ۽ شاعريءَ جون سَت اصل تخليقون، جن کي
اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ به پڙهي سگهون ٿا، سونَ جي
اکرن ۾ اُڪرائي ڪعبي ۾ ٽنگرايون ويون هيون(41).
عربستان جا شاعر پنهنجي وقت جا وڏا تاريخدان ۽
اخلاق جا علمبردار هيا؛ ۽ جيڪڏهن هنن ڪڏهن ڪن خاص
قومي رُخن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو به هو ته هنن
حقيقت ۾ پنهنجي ملڪي ماڻهن جي اخلاق ۽ ڪردار کي
مٿانهون ڪيو هو، سخا ۽ بهادري جو اٽوٽ ايڪو سندن
محبوب موضوع هوندو هو جنهن تي هو شاعري به ڪندا
هيا ته ان کي ڳائيندا به هيا؛ ۽ جڏهن وري هو ان
قوم تي، جنهن کان هو نفرت ڪندا هيا، هَجُوَ (طنزيه
شاعري) لکندا هيا ته پنهنجي ٺٺولي واري سخت لهجي
واري شاعريءَ ۾ هو واضح طور چوندا هيا ته ’کين نه
ڪنهن کي ڏيڻ جو ڍنگ ايندو هو ۽ نه وري کين عورتن
کي انڪار ڪرڻ جو ڏانءُ ايندو هو(42)‘. ساڳي ڪشادگي
واري مهمان نوازي، جيڪا حضرت ابراهيمؑ شروع ڪئي ۽
جنهن تي هومر شاعري ڪئي هئي، عربن جي گهرن ۾ اڃا
تائين قائم دائم آهي. ڀوائتا بدوي، جن کان صحرا به
ڊڄندا هيا، جڏهن رڻ پٽ ۾ ڪنهن اوپري ماڻهوءَ سان،
جيڪو حادثاتي طور سندن رهائش وارن تنبن جي ويجهو
پهچي ويندو هو، بغير کانئُس ڪجھ پڇڻ ڳڇڻ ۽ بنا
ڪنهن هٻڪ جي، وڏا ڀاڪر پائي کيس ملندا هيا ۽ سندس
آڌرڀاءُ ڪندا هيا. سندن ورتاءُ سٻاجهائپ وارو ۽
عزت ڀريو هوندو هو، هو پنهنجي مهمان کان پئسي ڏوڪڙ
بابت به پُڇندا هيا ۽ جيڪڏهن هو غريب ۽ مسڪين
هوندو هو ته سندس مدد ڪندا هيا ۽ کيس آرام ڪرائڻ
کانپوءِ کيس رستو وٺرائي ڇڏيندا هيا ۽ ويندي ويندي
سندس مهربانيون مڃيندا هئا، کيس دعائون ڏيندا هئا
۽ ڪجھ سوکڙيون پاکڙيون به کيس ڏئي ڇڏيندا هيا.
جڏهن به سندن ڪو ڀاءُ يا دوست مشڪل ۾ اچي مفلسي
واري زندگي گذاري ٿو ته عربن جا هٿ توڙي دليون
ڪشادگيءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿيون پر سندن بهادري وارا
ڪارناما، جن لاءِ عوام طرفان داد ۽ آفرين ڏيڻ جي
ضرورت هئي، تجربي ۽ احتياط جي نذر ٿي ويا. هڪ
اختلاف پيدا ٿي پيو ته مڪي جي شهرين منجهان اُهو
ڪير اهڙو لائق هيو جنهن کي سخاوت جو انعام ڏنو
وڃي، ۽ هر دفعي ڪُڻو ٽن ماڻهن جي حق ۾ ٿي پيو جيڪي
ان مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ جا مستحق هيا. عبدالله بن
عباس هڪ وڏي سفر تان موٽيو هو ۽ سندس پير اڃا
تائين رڪابَ ۾ ئي هيا ته اوچتو ڪنهن سواليءَ جو
لِيلائيندڙ آواز سندس ڪنن تي پيو: ’اي الله جي
پيغمبر جا چاچا! آءٌ هڪ مسافر آهيان ۽ سخت تڪليف ۾
آهيان!‘ هو هڪدم هيٺ لٿو، پنهنجن مهانگن سنجن سوڌو
اُٺ ان جي حوالي ڪيائين، ۽ چار هزار سون جا ٽڪرا
به کيس ڏنائين ۽ پاڻ وٽ فقط ترار رکيائين جنهن جو
يا ته تاريخي پس منظر هو يا وري اُها ڪنهن ويجهي
عزيز کيس تحفي طور ڏني هئي. قيس جي نوڪر هڪ ٻي
سوالي کي ٻڌايو ته سندس مالڪ آرام ڪري رهيو هو پر
پوءِ هڪدم کيس چيائين: ’وٺ هي سونَ جا ست هزار
ٽڪرا (اهو ئي سڀ ڪجھ اسان وٽ هاڻي موجود آهي) ۽ هي
فرمان به وَٺ جنهن ذريعي توکي غلام سوڌو هڪ اُٺ به
ملندو‘. مالڪ جيئن ئي ننڊ مان اُٿيو، پهريون ته
پنهنجي وفادار نوڪر کان خوش ٿي سندس تعريف ڪيائين،
پر پوءِ هلڪي تنبيهه فقط ان ڪري ڪيائينس ته کيس
ننڊ مان نه اُٿاري هن سندس سخا کي داغدار ڪيو هو.
ٽيون نمبر سخي هڪ انڌو عرباهه هيو جيڪو عبادت ڪرڻ
لاءِ پنهنجن ٻن غلامن جي ڪُلهن تي هٿ رکي هوريان
هوريان قدم کڻندو وڃي رهيو هو ته غلامن کي مخاطب
ٿيندي هن چيو: ’افسوس جو منهنجون صندوقون هينئر
خالي آهن، پر اوهان اُنهن کي وڪڻي پنهنجي پُورت
ڪري سگهو ٿا، پر جي اوهان انڪار ڪندؤ ته مان اُنهن
کي ڦٽو ڪري ڇڏيندس. هي لفظ چئي، هن نوجوانن کي
پٺتي ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي لٺ جي سهاري تي ديوار کي
ٽيڪ ڏئي بيهي رهيو. حاتم جو ڪردار پڻ عربن جي
اعليٰ گڻن ۽ سخا جو بهترين نمونو آهي(43)، هو
بهادر ۽ سخي هيو، هو فصاحت بلاغت رکندڙ شاعر به
هيو ته هڪ ڪامياب لُٽيرو به هيو: جڏهن به مهمان
نوازي ڪندو هو ته ان دعوت ۾ چاليهن اٺن کي ذبح ڪري
انهن کي پچايو ويندو هو ۽ جڏهن هڪ سوالي سندس درَ
تي آيو ته سندس وينتي ڪرڻ تي هن سندس ٻئي قيدي به
آزاد ڪري ڇڏيا ۽ سندس سامان به واپس ڪيو ويو. ملڪ
جي ماڻهن جي آزاديءَ سبب انصاف جي قانونن کان نفرت
ڪئي ويندي هئي پر عربستان جا ماڻهو رحم ۽ همدردي
جي جذبن سان نه رڳو سرشار هيا پر ان تي فخر پڻ
ڪندا هيا.
عربن توڙي هندستان وارن جو مذهب(44)، سج چنڊ، ۽
مستقل تارن جي عبادت ڪرڻ وارو هو جيڪا وهمن وسوسن
جي هڪ اوائلي صورت هئي. آسمان تي جيڪي به روشن
شيون هيون، اُهي ازلي خالق جو تصور پيش ڪري رهيون
آهن، اُنهن جو تعداد توڙي مفاصلو، هڪ فيلسوف توڙي
عام ماڻهو کي هڪ اڻ کُٽ خلا جو ڏيک ڏئي ٿو، ۽ ابدي
صورت جو تصور به دنيا جي اهڙن مستقل گولن کي ڏسي
وائسي پوءِ ذهن ۾ اچي ٿو ڇو ته اهڙن دائمي ڏيکن يا
جَلون ۾ نه ته ڪو بگاڙ اچي ٿو ۽ نه وري اُنهن کي
ڪو زوال آهي؛ سندن چرپر ۾ باقاعدگيءَ کي دليلن جي
قانون سان منسوب ڪري سگهجي ٿو ۽ انهن جو سچو يا
خيالي اثر ان اوائلي عقيدي جي همت افزائي ڪري ٿو
ته زمين ۽ ان جا رهواسي سندن خاص مهرباني يا حفاظت
هيٺ آيل آهن. فلڪيات يا تارن ۽ گرهن جو علم بابل
کان شروع ٿيو هيو، پر عربن جي اسڪول ان علم جو هڪ
صاف ۽ مضبوط بنياد ڏنو هو. رات جي وقت ٻاهر گهمڻ
ڦرڻ ۾، اُهي تارن کان رهبري حاصل ڪندا هيا، سندن
نالا، سندن ترتيب، روزانو اچڻ وڃڻ ۽ بدوين جا ٻيا
سلسلا تارن جي علم سان سندن دلچسپي ۽ لڳاءُ جو ڏَس
ڏين ٿا ۽ تجربي کين سيکاريو هو ته چنڊ جي حصن کي
اٺاويهن حصن ۾ ورهائڻ ضروري هو، ۽ هو تارن جي
جِهرمٽ (ميڙ) کي دعا ڏيندا هيا جيڪي صحتمند بارشن
ذريعي ٺوٺ برپٽ کي ٻوڙان ٻوڙ ڪري سيراب ڪري ڇڏيندا
هيا. آسماني تارن جي حڪمراني کي ظاهر ۾ نظر ايندڙ
دائرن کان اڳتي وڌائي نٿو سگهجي ۽ مابعد الطبيعاتي
اختيارن ذريعي روحن جي ٻي هنڌ منتقل ٿيڻ توڙي جسمن
جي ٻيهر زندهه ٿيڻ جي فلسفي کي وري زندهه ڪري
سگهجي ٿو؛ هڪ اُٺ کي قبر ۾ پوريو ويو ته ڀلي اُتي
فنا ٿي وڃي، ته جيئن هو پنهنجي مالڪ جي خدمت
پنهنجي ٻي زندگي ۾ بهتر نموني ڪري سگهي، ۽ جيڪي
روح اسان کي الوداع ڪري هليا ويا آهن، اُنهن کي
ٻيهر پڪارڻ جو مطلب اهو آهي ته اُنهن روحن ۾ اڃا
تائين سجاڳي ۽ طاقت موجود آهي. آءٌ بربرن جي انڌي
عقيدي کان بلڪل بي خبر ۽ ڪجھ بي پرواهه آهيان،
سندن ديوتائن، تارن، هوا، ڌرتي سندن جنسي تعلق،
سندن لقب ۽ سندن فرمانبرداري جي به مونکي ايتري
ڄاڻ نه آهي. هر قبيلي، هر ڪٽنب ۽ هر ويڙهاڪ پنهنجا
پنهنجا رواج ۽ پنهنجي عبادت لاءِ عجيب ۽ انوکيون
شيون تخليق ڪيون پر وري اُنهن کي بدلائي ڇڏڻ ۾ به
کين ويرم ئي ڪانه لڳي پر هڪ قوم جي حيثيت سان هو
مڪي جي مذهب توڙي ان جي زبان آڏو هر دؤر ۽ هر وقت
جهُڪندا رهيا آهن. ڪعبي جي تاريخ عيسائي دؤر کان
گهڻي قديم آهي، ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن جو بيان ڪندي،
يونان جي تاريخدان ڊايو ڊوَرس(45) تبصرو ڪيو آهي
ته ثمود ۽ صباين جي قومن جي وچ ۾ هڪ مشهور مندر هو
جيڪو سڀني عربن لاءِ هڪ مقدس جڳهه هئي، اُن تي
ململ يا ريشم جو پردو هر سال ترڪي جي شهنشاهه
طرفان نئين سر چاڙهيو ويندو هو، ۽ هاڻي اهو پردو
پهريون ڀيرو يمن جي بادشاهه طرفان چاڙهڻ لاءِ آڇيو
ويو هو جهنگلي ماڻهن جي عبادت لاءِ هڪ تنبو يا غار به
ڪافي آهي پر تنهن هوندي به مٽي ۽ پٿرن مان هڪ
عمارت تعمير ڪئي وئي هئي ۽ اوڀر جي حڪمرانن، عمارت
جي اصل سادگي واري فن جي تعمير کي ئي برقرار
رکيو(47). ڪعبي جي چوڪنڊي عمارت اڳيان هڪ وسيع ۽
ڪشادو ورانڊو ٺهيل آهي، ان کان سواءِ هڪ ننڍو
عبادت گاهه به تعمير ڪيو ويو آهي جنهن جي ڊيگهه
چوويهه ڪيوبٽ (قديم ماپو) ويڪر ٽيويهه ۽ اوچائي
ستاويهه ڪيوبٽ آهي ان کي هڪ دروازو ۽ دري به آهي،
ڇت ٻِٽي ٺهيل آهي جنهن کي ڪاٺ جي ٽن ٿنڀَن جي ٽيڪ
ڏنل آهي، هڪ پرنالو يا نيسارو (هاڻي سون جو ٺهيل)
به آهي جتان مينهن جو پاڻي نيڪال ٿيندو رهندو آهي
۽ زم زم جي پاڪ کوهَه کي هڪ گُنبذ ذريعي ڍڪيو ويو
آهي ته جيئن ان جي پاڪائي برقرار رهي. قريشن جي
قبيلي ڪنهن حرفت بازي يا زبردستيءَ سان ڪعبي جي
سار سنڀال لهڻ جو ذمو پنهنجي سِر تي کنيو هو.
پارسائيءَ وارو هي عهدو قريش قبيلي جي چئن موروثي
رشتن کان ٿيندو حضرت ﷴ ﷺ جي ڏاڏي تائين پهتو هو ۽
هاشمين جو خاندان، جتان سندن ڏاڏو مٿي اُڀريو هو،
سڄي عربستان ۾ عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو
هو(48). مڪي پاڪ جون حدون مقدس ليکيون وينديون
هيون ۽ هر سال جي آخري مهيني ۾ شهر توڙي ڪعبي شريف
۾ لکين حاجي اچي گڏ ٿيندا هيا ۽ الله جي گهر ۾
ويهي بهتر ۽ نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ جا نوان عهد
اقرار ڪري واپس ويندا هيا. ساڳيون رسمون جيڪي هاڻي
عقيدت مند مسلمان ادا ڪن ٿا، اُهي اڳ وهمن وسوسن
ذريعي بت پرست ادا ڪندا هيا. هڪ چڱي خاصي مفاصلي
کان هو پنهنجا ڪپڙا لاهي ٻيا پائن ٿا، ۽ تڪڙن قدمن
سان ست دفعا اُهي ڪعبي جو طواف ڪن ٿا ۽ حجرِ اسود
کي چميون ڏين ٿا، ست دفعا اُهي ڀر وارن جبلن ۾ اچن
وڃن ٿا ۽ اُتي عبادت ڪن ٿا، ست دفعا اُهي مِنا جي
وادي ۾ شيطان کي پٿر هڻن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح حج مڪمل
ٿئي ٿو؛ ۽ هينئر رڍ يا اُٺ جي قرباني ڪرڻي پوي ٿي
۽ اُنهن جي وارن ۽ نَنهَن کي هڪ پاڪ ميدان ۾ پوريو
وڃي ٿو. هر قبيلي، ڪعبي ۾ اڳ پنهنجي پنهنجي گهريلو
عبادت شروع ڪري ڇڏي هئي، ڪعبي کي اڳ ٽي سؤ بُتن
سان يا سجايو ويو هو يا وري ان جي بي حرمتي ڪئي
وئي هئي. هنن ۾ انسان، شهباز، شينهَن، هرڻ ۽ ڦاڙهن
جا بُت هيا، پر سڀني کان نمايان حبل جو مجسمو هو
جيڪو ڳاڙهي عقيق جو ٺهيل هو ۽ سندس هٿ ۾ ستَ تيرَ
جهليل هيا جنهن کي نه مٿو هو نه پَر يا کنڀَ هيا،
مطلب ته جيڪو ڪجھ به اُتي رکيل هو سڄو لادينيت جو
ڪاروبار هيو. پر هي مجسمو شاهي فن جو هڪ نادر
نمونو هو؛ جهالت ۽ بي ادبي وارن دؤرن جي عقيدت
لاءِ هڪ ٿنڀو يا ڪاٺ يا پٿر جو هڪ ٽڪرو به ڪافي هو
۽ برپٽن جي جبلن کي به ديوتا يا قربان گاهه بڻايو
ويو هو(49)- هڪ اهڙو عمل جيڪو مڪي جي حجرِ اسود جي
ڪاپي ڪندي اختيار ڪيو ويو هيو، جنهن تي بت پرستي
جي شروعات ڪرڻ جا الزام ۽ ملامتون مڙهيل آهن. جپان
کان پيرو تائين قرباني ڪرڻ جي رواج کي عالمي سطح
تي جاري رکيو ويو آهي ۽ عقيدتمندن احسانمندي جي
جذبي يا وري خوف کان پنهنجن ديوتائن جي اعزاز ۾ يا
کين خوش ڪرڻ خاطر پنهنجا پياري ۾ پيارا ۽ بيحد
قيمتي تحفا به قربان پئي ڪيا آهن. انسان جي
زندگي(50)، ماڻهن مٿان آفتون گهٽائڻ لاءِ هڪ قيمتي
نذرانو آهي، فونيشيا، مصر، روم ۽ ڪارٿيج جا قربان
گاهه انساني رت سان خراب ڪيا ويا هيا ۽ هن وحشياڻي
رسم کي ڪيترن سالن تائين عربستان ۾ پڻ رائج رکيو
ويو هو، ٽين صدي عيسوي ۾ ڊوميٽيَنس(51) قبيلي
طرفان هڪ نوجوان ڇوڪر جي قرباني هر سال ادا ڪئي
ويندي هئي ۽ مسلمانن جي بادشاهه طرفان، جيڪو
شهنشاهه جسٽينين(52) جو سپاهي ۽ ساٿي هو سندن قيدي
کي مذهبي رسمن موجب قربان ڪيو ويندو هو. هڪڙو پيءُ
جيڪو پنهنجي پٽ کي زوريءَ گهِلي قربان گاهه تائين
وٺي ويندو هو. اهو مذهبي جنون جو انتهائي عمل
هوندو هو جنهن کي بزرگن ۽ درويشن جي منظوريءَ جي
سَند به حاصل هئي، ۽ حضرت ﷴ ﷺ جن جي والد پڻ اهڙي
قرباني ڏيڻ جو وَچن ڪيو هو، پر پوءِ وڏي مشڪل(*)
سان تڏهن وڃي واعدو نڀايائين جڏهن انساني قربانيءَ
جي عيوضي ۾ کيس هڪ سؤ اُٺن کي قربان ڪرڻو پيو.
جهالت جي دؤر ۾، يهودين ۽ مِصرين وانگر عرب پڻ
سُوئر جو گوشت(53) نه کائيندا هيا، بالغ ٿيڻ تي
پنهنجن ٻارن جو طهر(54) ڪرائيندا هيا؛ ساڳيون
رسمون، جن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ نه مذمت ڪيل آهي ۽
نه وري ڪو حڪم جاري ڪيل آهي، عربن جي ايندڙ نسلن
توڙي نئون مذهب اختيار ڪندڙن ۾ خاموشيءَ سان منتقل
ٿينديون رهيون آهن. هڪ ڏاهپ وارو اندازو لڳايو ويو
آهي ته دورانديش قانون ساز پنهنجي ملڪ جي ضدي ۽
هٺيلن ماڻهن جي ڪٽر نه پر مثبت روايتن سان پاڻ به
ڪنهن حد تائين شامل ٿيو هو ته جيئن هو مطمئن رهن.
ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ آسان آهي ته هو پنهنجن
نوجوانن جي مثبت عادتن ۽ راين سان متفق ٿيو هو پر
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪو عمل مڪي جي آبهوا
لاءِ موافق هيو. اُهو شايد دنيوب يا وولگا ندين جي
ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن لاءِ بيڪار ۽ اؤکو به ٿي
سگهيو ٿي.
عربستان آزاد هو پر اوسي پاسي واريون بادشاهتون
سوڀن ۽ ظلم جي طوفان جي آوَهه ۾ آيل هيون ۽ اذيتن
جا شڪار ٿيل طبقا اُنهن خطن ڏانهن هليا ويا جتي
خوشحالي ۽ امن امان هيو ۽ جتي اُنهن سمجهيو ته هو
پنهنجي عقيدي ۽ اعتقاد موجب جيئن چاهيندا تيئن سڀ
ڪجھ ڪري سگهندا. سبائيُن، مجوسين، يهودين ۽
عسيائين جا مذهب ايراني نار کان ڳاڙهي سمنڊ تائين
ڦهلجي چڪا هيا. قديم اوائلي دور ۾ سبائيُن جو
مذهب، ڪالديَنس(35) جي سائنسي ترقي سبب ايشيا ۾
پهچي چڪو هو جنهن ۾ اسيريا وارن جي هٿيارن جو عمل
دخل به هيو. بابل(56) جي پادرين ۽ فلڪيات جي ماهرن
جي ٻن هزار سالن جي تجربن فطرت جي اٽل ۽ دائمي
قانونن جو پورو تجزيو ڪيو هو. اُهي اُنهن ستن
ديوتائن يا فرشتن کي پوڄيندا هيا جن ستن سيارن جي
گردش جي رهبري ڪئي هئي ۽ پنهنجو زبردست اثر زمين
تي پڻ ڇڏيو هو. ستن سيارن جون وصفون ۽ ٻارهَن جي
گول چڪر ۽ چوويهَن تارن جو ميڙ جيڪو زمين جي
اترئين ۽ ڏاکڻين اڌ گولي تائين ڦهليل آهي، اهي
سڀيئي ڏيک، تصويرن يا مُنڊيءَ تي اُڪريل نقشن
ذريعي ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، هفتي جا سَت ڏينهن به
انهن مختلف ديوتائن سان منسوب ڪيا ويا هيا؛ سبائي
هفتي ۾ ٽي ڏينهن عبادت ڪندا هيا ۽ هاران ۾ جيڪو
چنڊَ جو مندر هو اُهو سندن حج ڪرڻ جي پاڪ جڳهه
هئي(57). پر سندن عقيدي ۾ ڪافي لچڪ هئي تنهن ڪري
اُهي ٻين کي سيکاريندا به هيا ته ٻين کان سکندا ۽
پِرائيندا به هيا؛ تخليقي عمل هجي، ٻوڏون يا طوفان
هجن يا سندن قومي بزرگ هجن، اُهي پنهنجن يهودي
قيدين سان هڪ انوکو معاهدو ڪندا هيا؛ اُهي حضرت
آدمؑ، سيٺ ۽ اِناڪ جي مخفي ڪتابن ڏانهن رجوع ڪندا
هيا ۽ انجيل جي ٿورڙي واڌاري سان، گهڻن خدائن کي
مڃڻ وارا به سينٽ جان جي عيسائيت طرف لڙي پوندا
هيا جيڪو بصري جي حدن ۾ رهندو هو(58). بابل جي
قربان گاهه کي مجوسين پاڙئون پٽي ڇڏيو هو پر
سبائين کي جيڪي زخم رسايا ويا هيا انهن جو انتقام
سڪندر جي ترار ذريعي ورتو ويو هو ۽ فارس وارا پنج
سؤ سالن تائين ڌارين جي غلامي هيٺ رهيا هيا ۽
زوروسٽر جا سچا پوئلڳ بت پرستيءَ جي وچڙندڙ مرض
کان بچي ويا ۽ پنهنجن مخالفن سان به بيابان جي
آزاديءَ(59) ۾ خوش گذارڻ لڳا. يهودي، حضرت ﷴ ﷺ جن
جي وصال کان ست سؤ سال اڳ ئي عربستان ۾ وڃي آباد
ٿيا ۽ ٽائٽَس ۽ هئڊرئن جي جنگين ۾ هزارين يهودي هن
پاڪ زمين تان تڙيا ويا هيا. محنتي جلاوطن ماڻهن
آزادي ۽ اختيارن حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
اُنهن شهرن ۾ پنهنجون عبادت گاهون ۽ اڪيلائي وارن
هنڌن تي قلعا جوڙايا ۽ جن غير يهودين سندن مذهب
اختيار ڪيو هو اُنهن کي اسرائيل جي ٻارن سان گڏجڻ
سبب مونجهارو پيدا ٿي پيو هو ڇاڪاڻ ته يهودين
وانگر اُنهن جا طوهر به ٿيل هيا. عيسائي پرچارڪ
اڃا وڌيڪ چُست ۽ ڪامياب هيا: ڪئٿولڪن پنهنجي عالمي
حڪومت کي قائم رکيو هو، جن طبقن کي هنن اذيتون
پهچايون هيون، اُهي روم جي شهنشاهت جي حدن کان به
پري هليا ويا، مرسيونائيٽس ۽ مئنيڪيَنس پنهنجن
اجاين خيالن ۽ مصنوعي اِنجيلن کي ڇڏي ڏنو؛ يمن جون
ڪليسائون ۽ حِرا ۽ غَسان جي بادشاهن کي حضرت
يعقوبؑ جي پوئلڳن ۽ نستوري پادرين(60) طرفان صاف
مذهب اختيار ڪرڻ جي تبليغ ڪئي وئي. مختلف قبيلن کي
چيو ويو ته پنهنجي پسند جو مذهب اختيار ڪن، هر عرب
کي پوري آزادي هئي ته ڀلي پنهنجو مذهب پاڻ ٺاهي ۽
ان کي اختيار ڪري، ۽ سندس پنهنجي گهر جي وهمن
وسوسن کي درويشن ۽ فيلسوفن جي مٿاهين مذهبي تعليم
سان ملايو ويو هو. اعتقاد جو بنيادي نقطو ڌارين
عالمن جي ذهن ۾ وڌو ويو هو؛ هڪ ۽ فقط هڪ عظيم خدا
تعاليٰ جي هجڻ، جيڪو ڌرتي توڙي بهشت جي بادشاهت
کان اڃا گهڻو اوچو آهي پر جنهن اڪثر ڪري پنهنجن
فرشتن ۽ پيغمبرن ذريعي پنهنجي وجود کي ماڻهن اڳيان
ظاهر ڪيو آهي ۽ جنهن جي عظمت يا بلندي ڪڏهن ڪڏهن
معجزن ۽ فطرت جي قانونن سبب متاثر ٿيندي رهي آهي،
اُهي عرب جيڪي فقط منطق ۽ دليلن کي مڃيندا هيا،
اُنهن به سندس اختيارن کي مڃيو هو، توڙي جو سندس
عبادت نه ڪندا هيا ۽ عقيدي جي بجاءِ اهي فقط سندن
پراڻيون عادتون هيون جن ذريعي هو اڃا تائين بت
پرستيءَ جي تبرڪن ۽ آثارن سان لاڳاپيل هيا. يهودين
توڙي عيسائين کي پنهنجا مقدس ڪتاب هيا، انجيل جو
اڳ ۾ عربي زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو هو(62) ۽ توريت جي
جُلد کي خطرناڪ دشمنن طرفان پڻ قبول ڪيو ويو هو.
عبراني سردارن جي قصن ۾ عربن کي ان وقت هڪ خوشگوار
حيرت لڳي جڏهن اُنهن منجهان کين پنهنجن ابن ڏاڏن
جي ڏَس پنڌ جو پتو پيو. هنن حضرت اسماعيلؑ جي ڄَم
۽ سندس واعدن تي خوشي ۽ شادمانن جو اظهار ڪيو،
حضرت ابراهيمؑ جي مذهب ۽ سندس ڪردار جو احترام
ڪيو، سندس حسب نسب ۽ پنهنجي نسل کي پاڻ ۾ ملائي،
هِڪ ڪري ان کي دنيا جي پهرئين انسان سان وڃي ملايو
۽ اوتري ئي سادگيءَ سان ڪتاب جي مقدس متن ۾ يهودين
جي خوابن ۽ روايتن کي ضابطن ۽ روايتن جي مقدس
ڪتاب سان وڃي ملايو.
ائين چوڻ ته حضرت ﷴﷺ جن جو اصل نسل عام ۽ رواجي
هو، عيسائين(63) طرفان اهو هڪ بيهودو الزام آهي،
ائين ڪرڻ سان حقيقت ۾ هنن سندن شان گهٽائڻ بدران
ويتر وڌايو آهي. حضرت اسماعيلؑ کان سندن پيڙهي جو
شروع ٿيڻ ڀلي هڪ قومي اعزاز هجي يا افسانو، پر ان
حقيقت ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ﷴ ﷺ جو تعلق نِج، صاف
پاڪ ۽ اصلوڪي نسل سان هيو. هو قريشين جي معزز ۽
معتبر گهراڻي منجهان پيدا ٿيو هو، خاندان هاشم جو
هو، جيڪو عربن ۾ بيحد محترم مڃيو ويندو هو ۽ جيڪي
مڪي جا شهزادا ليکيا ويندا هيا ۽ موروثي طور ڪعبي
جا رکوالا ۽ محافظ هيا. عبدالمطلب حضرت ﷴ ﷺ جن جو
ڏاڏو ۽ هاشم جو پٽ هيو جيڪو دولتمند هئڻ سان گڏوگڏ
مڪي ۾ پنهنجي سخا جي ڪري مشهور ۽ محترم هيو جنهن
هن شهر کي پنهنجي وڻج واپار ذريعي ڏڪار ۾ ڇوٽڪارو
ڏياريو هيو. مڪو شريف، جنهن کي پيءُ جي فياضي ۽
سخا ذريعي وهنوار واپار ذريعي هلايو ويندو هو، ان
کي پٽ جي بهادري ذريعي بچايو ويو. يمن جي بادشاهت
درحقيقت حبش جي عيسائي بادشاهت جي رعيت ۾ شامل
هئي؛ سندن ئي ڏن ڀريندڙ اَبرها کي ان وقت سخت ڪاوڙ
اچي وئي جڏهن ڪنهن ماڻهو صليب جي لاءِ گهٽ وڌ
ڳالهايو هو ۽ ان بيعزتي جي بدلي وٺڻ لاءِ هو هاٿين
جو وڏو لشڪر ۽ آفريڪا وارن جي وڏي فوج وٺي مڪي جي
مقدس شهر تي ڪاهي ويو. هڪ صلح نامي جي ڳالهه به ٿي
پر اَبرها سان پهرين ملاقات ۾ حضرت ﷴ ﷺ جي ڏاڏي
عبدالمطلب پنهنجن اُٺن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو.
اَبرها حيرانگيءَ مان کانئس پڇيو: ’پنهنجن اُٺن
لاءِ ايترو فڪرمند آهين، پر تون مون کي ڪعبي جي
باري ۾ ڪا مِنٿ ميڙ نٿو ڪرين جنهن کي ڊاهڻ لاءِ
آءٌ هتي پهتو آهيان.‘ ڇاڪاڻ ته… بهادر سردار
وراڻيو، ’اُٺ ۽ ٻيو مال منهنجو پنهنجو آهي ۽ ڪعبو:
’الله جو گهر آهي، اُهوئي ڪنهن نقصان ۽ بيحرمتي
ٿيڻ کان پنهنجي گهر کي يقينن پاڻ بچائيندو.‘ کاڌي
خوراڪ جي گهٽتائي يا وري قريشن جي همت ۽ بهادريءَ
سبب يمن وارن کي ذلت واري شڪست آئي؛ سندن بدحواسي
واري مات جو هڪڙو سبب پکين (ابابيل) جي اوچتي ظاهر
ٿيڻ جو معجزو ڄاڻايو ويو آهي جن ڪافرن جي سِرَن
مٿان پٿرن جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو ۽ هن فتح کي بعد
۾ ’عامُ الفيل‘ (هاٿين جو سال) جو نالو ڏنو
ويو(65). عبدالمطلب طرفان حاصل ڪيل شان شوڪت پويان
کيس گهريلو خوشيون به مليون، سندس ڄمار هڪ سؤ ڏهن
سالن تائين وڌي وئي، ۽ هو ڇهن ڌيئرن ۽ تيرهَن پٽن
جو پيءُ بڻجي ويو. سندس محبوب پٽ عبدالله سڀني کان
وڌيڪ سهڻو ۽ عربن ۾ ماٺيڻي ۽ مهذب طبعيت جو مالڪ
هو؛ ۽ جڏهن سندس شادي هڪ معزز خاندان جي ڌيءَ بيبي
آمنه سان ٿي ته شاديءَ جي پهرين رات ئي ٻه سؤ
ڪنواريون ڇوڪريون حسد ۽ مايوسيءَ وچان مري ويون
ڇاڪاڻ ته عبدالله بيحد حسين هو ۽ هر ڇوڪريءَ جي
ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش هئي. جي مرڻ کان چار
سال ۽ حبش(66) وارن جي شسڪت کان ٻه سال پوءِ، مڪي
۾ ڄائو هو، ۽ جيڪڏهن حبش وارا فتح حاصل ڪن ها ته
عيسائيت جو مذهب ڪعبي ۾ به داخل ٿي وڃي ها. اڃا
ننڍڙو ٻار هو ته پنهنجي پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي
ويو، سندن ماءُ ۽ سندن ڏاڏو ۽ سندس چاچا گهڻا ۽
ساڳئي وقت طاقتور هيا ۽ موروثي ملڪيت جي ورهاڱي ۾،
يتيم جي حصي کي گهٽائي پنجن اُٺن ۽ حبش جي هڪ
نوڪرياڻيءَ تي محدود ڪيو ويو، گهر ۾ توڙي ٻاهر،
امن توڙي جنگ ۾ حضرت ابوطالب جيڪو سندن چاچن ۾
سڀني کان وڌيڪ معزز ۽ محترم هو، پنهنجي نوجوان ۽
پياري ڀائيٽي جو رهبر، خيرخواهه ۽ محافظ هيو، سندن
عمر جي پنجويهين سال ۾، هن بيبي خديجه وٽ نوڪري
اختيار ڪئي جيڪا مڪي جي بيوهه، مالدار ۽ خانداني
عورت هئي ۽ جنهن سندن ايمانداري ۽ اعليٰ ڪردار کي
ڏسندي ساڻن شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، قديمي طريقي ۽
سادگيءَ سان شادي ٿي. شادي جي نڪاح نامي ۾
عظيم فرزند طور پيش ڪيو ويو آهي، سونَ جا فقط
ٻارهَن آئونس ۽ ويهه اُٺ حق مهر لکرايو ويو جيڪو
سندن چاچي ابوطالب ادا ڪيو(67). هن رشتي ڪرڻ سان
حضرت عبدالله جو پُٽ پنهنجن ابن ڏاڏن واري مٿانهين
حيثيت تي پهچي ويو ۽ سندن عظمت ۽ ديانتداري جو
ڌاڪو قائم رهيو، جڏهن پاڻ چاليهن سالن جي عمر کي
رسيا(68) ته کين پيغمبري عطا ٿي وئي ۽ ان مذهب
اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيائون جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ
۾ ڪيو ويو هو.
سندن ساٿين جي روايتن موجب ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن بيحد
حسين شخصيت جا مالڪ هيا، هڪ اهڙو تحفو جنهن کان
شايد ئي ڪو نفرت ڪندو هوندو سواءِ اُنهن ماڻهن جي
جن کي اهو نصيب ئي نه ٿيو آهي. سندن ڳالهائڻ کان
اڳ سامهون ۽ اوسي پاسي ويٺل ماڻهو ساڻن پيار ۽
محبت جو اظهار ڪندا هيا. محفل ۾ سندن موجودگي
ايتري ته اثرائتي ۽ ڪشش ڪندڙ هوندي هئي جو ماڻهو
کين داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هيا، سندن
پُروقار طريقو، رعبدار نظرون، منهن مبارڪ تي
سدائين مِٺڙي مُرڪ، سندن سونهن واري رِيش مبارڪ ۽
سندن موهيندڙ چهرو جنهن جو اثر هر ماڻهوءَ جي روح
تائين پهچندو هو ۽ سندن اشارا ايترا ته صاف هوندا
هيا جيڪي سندن زبان مان نڪتل لفظن کي وڌيڪ واضح
ڪندا هيا. زندگي سان تعلق رکندڙ هر ڪم ۾ سنجيده ۽
بااخلاق هوندا هيا ۽ هر ماڻهوءَ سان مهربانيءَ سان
پيش ايندا هيا. جيترو توجہ دولتمند ۽ طاقتور ماڻهن
ڏانهن ڏيندا هيا ان کان وڌيڪ هو مڪي جي غريبن ۽
مسڪينن طرف ڏيندا هيا ۽ اُنهن جا مسئلا وڃي معلوم
ڪندا هيا. ماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سڌا سنوان
۽ کُليل هوندا هيا، تنهنڪري لفظن جي ڪاريگري يا
بناوٽ جو وچ ۾ ڪوبه معاملو نه هوندو هو؛ هونئن ته
سندن خوش خلقي سڀني لاءِ وقف هوندي هئي پر سندن
ذاتي دوستن سان سندن قرب گهڻو هو جيڪو اڳتي هلي
عالمي ڀائيچاري ۽ خيرخواهيءَ جي جذبن ۾ تبديل ٿي
ويو. سندن يادگيريءَ جي صلاحيت تعريف لائق هئي،
سندن ذهانت آسان ۽ سماجي ڀلائي واري هئي، سندن
خيالن جي پهچ تمام بلندي واري، سندن راءِ واضح ۽
کُليل ۽ فيصلائتي هوندي هئي. خيالن کي عملي جامو
پهرائڻ جي منجهن پوري صلاحيت هوندي هئي، ۽ توڙي جو
ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندن ارادا ڪجهه تبديل
ٿيا هجن يا وڌيڪ وڌيا هجن، پر ماڻهن ۾ خدائي پيغام
پهچائڻ لاءِ جيڪو پهريون خيال کين آيو هو ۽ جنهن
جي ڀرپور تعميل پڻ ڪيائون، سندن اعليٰ ۽ بلند ترين
ذهني صلاحيتن جي چِٽي شاهدي ڏئي ٿو. حضرت عبدالله
جي پٽ کي مڪي جي نِج روايتي خاندان جي وچ ۾ تقرير
جي تعليم ڏياري وئي. هڪ اهڙو خاندان جنهن عربي
زبان جي اصلوڪي ۽ صاف لهجي کي قائم رکيو هو، ۽
سندن تقرير جي بلاغت کي دُرست ڪري ان کي اڳتي
وڌايو ويندو هو پر ان دؤران هي نوجوان دانائيءَ
سان خاموش رهندو هو. فصاحت بلاغت جي طاقت رکندي به
ﷴ ﷺ جن اڻپڙهيل هيا، جوانيءَ ۾ کين لکڻ پڙهڻ نه
سيکاريو ويو هو(70)، تنهن هوندي به کين ماڻهن
اڳيان شرمندو ٿيڻ يا ماڻهن طرفان کين طعنا ڏيڻ جي
ضرورت ڪڏهن به پيش ڪانه آئي، پر ان جي باوجود سندن
ڄاڻ جو دائرو محدود ٿي ويو ۽ اُنهن آئينن کان کين
محروم ڪيو ويو جن ذريعي وڏن ڏاهن ۽ فيلسوفن جي وڏن
ذهنن جو اولڙو اسان جي ذهنن تي پوندو آهي، ان جي
باوجود فطرت ۽ انسان جو ڪتاب سندن ذهن اڳيان کليو
رکيل هيو ۽ سياسي فلسفياڻين تجزين ۾ ڪجهه تصوراتي
رنگ ڀريو ويو جنهن جو تعلق عرب سياحن سان هيو(71).
پاڻ دنيا جي قومن ۽ مذهبن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪن
ٿا، فارس ۽ روم جي بادشاهتن جي ڪمزورين جو جائزو
وٺن ٿا، ان وقت جي انساني ابتري کي، ڏک ۽ ڪاوڙ سان
ڏسن ٿا ۽ دل ئي دل ۾ عزم ڪن ٿا ته هو عربن جي
اَجيت جذبن ۽ اعليٰ صلاحيتن کي هڪ ڏينهن هڪ خدا ۽
هڪ بادشاهه هيٺ هڪڙي ايڪي ۾ آڻي هڪ ڪري ڇڏيندا.
اسان سندن شروعاتي زندگي تي غور ڪريون ته معلوم
ٿيندو ته محلن، فوجي ڪئمپن ۽ اوڀر جي مندرن کي ڏسڻ
۽ گهمڻ جي بجاءِ شام جون سندن ٻه مسافريون ٻن
تجارتي ميلن جي سلسلي ۾ ٿيون هيون جيڪي دمشق ۽
بوسترا ۾ لڳايا ويا هيا، ان وقت سندن عمر فقط
تيرهن سال هئي جڏهن هو پنهنجي چاچي جي قافلي سان
گڏجي شام ويا هيا پر پوءِ جيئن ئي بيبي خديجه جو
تجارتي سامان نيڪال ڪيائون ته هڪدم پٺتي موٽيا.
اهڙن تڪڙن ۽ غير اهم سيرن سفرن ۾ بيحد ذهين انسان
جي نظر اُنهن ڳالهين کي به ڏسي، پرکي ۽ پروڙي سگهي
ٿي جيڪي هونئن سندن ويجهن ساٿين کان به لڪل رهيون
هونديون، اُنهن مسافرين مان ڄاڻ ۽ تجربي جا ٻِج هٿ
ڪري هن پنهنجي ذهن جي زرخيز زمين ۾ پوکيا هوندا،
پر شامي زبان نه ڄاڻڻ سبب سندن پرائڻ جي جستجو
ممڪن آهي ته اڌوري رهجي وئي هجي. ۽ هن الڳ دنيا جي
هر خطي کان حاجي هر سال مڪي ۾ عقيدت، احترام ۽
واپار وڙي جي حوالي سان گڏ ٿيندا هيا ۽ لکن ماڻهن
جي هڪ ٻئي سان لهه- وچڙ ۽ هڪ ٻئي سان رابطن کي
پنهنجي مادري زبان ڳالهائڻ تائين محدود هڪ سادگي
پسند شهريءَ، مختلف قبيلن جي ڪردار ۽ سياسي
صورتحال، توڙي يهودين ۽ عيسائين جي مذهبي اصولن ۽
سندن عملن جو نهايت غور سان جائزو ورتو هوندو.
ڪجهه ڌارين ماڻهن ڄاڻي واڻي يا وري مجبور ٿي مهمان
نوازيءَ جي حقن لاءِ ٻاڏايو هوندو ۽ ﷴ ﷺ جن جي
دشمنن يهودين، فارسين ۽ شام جي ويراڳين جا نالا
ورتا هيا جن تي اهو الزام هو ته هنن قرآن پاڪ جي
لکڻ ۾ ڪو مخفي ڪم ڪيو هو(72). ڳالهائڻ ٻولهائڻ سان
ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجهو اچن ٿا ۽ مفاصلا گهٽ ٿين
ٿا، پر اڪيلائي پاڻ هڪ وڏو ذهين اسڪول آهي، جتي
هڪڙو شخص وڏو تخليقڪار به ٿئي ٿو ته گهڻو ڪجهه
حاصل به ڪري ٿو. ننڍپڻ کان وٺي ﷴ ﷺ جن اڪيلائي
پسند هيا ۽ اڪيلائيءَ ۾ مذهبي ڳالهين تي غور ۽ فڪر
ڪندا هيا، هر سال رمضان جي مهيني ۾ هو سڄي دنيا
توڙي بيبي خديجه کان جدا ٿي، حرا جي غار ۾ هليا
ويندا هيا، جيڪا مڪي(73) کان فقط ٽن ميلن جي
مفاصلي تي هئي، هو مذهب جي جوش جذبن جي روح تي غور
ڪندا هيا جن جي جڳهه جنت ۾ نه پر پيغمبر جي پنهنجي
ذهن ۾ هئي، ۽ پنهنجي دين کي (الله جي هدايتن ۽
وحيء جي مطابق) اسلام جو نالو ڏنو جنهن جو پهريون
پنهنجي خاندان ۽ پوءِ وري قوم ۾ ان جو پرچار شروع
ڪيو ويو. هي مذهب دائمي سچ تي مبني آهي جنهن ۾ دل
سان اهو مڃڻو آهي ته خدا هڪ ۽ فقط هڪ آهي ۽ ﷴ ﷺ
الله جو رسول آهي.
يهودي مذهب وارا وڏائيءَ مان دعويٰ ڪندا آهن ته
توڙي جو قديمي دنيا جي سُڄاڻ قومن کي گهڻن خدائن
کي مڃيندڙن طرفان گمراهه ڪيو ويو، ان جي باوجود
فلسطين جي سندن سادڙن ابن ڏاڏن اصلي خدا جي ڄاڻ ۽
عبادت کي پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏيو هو، الله تعاليٰ
جي اعليٰ وصفن کي انساني گُڻن يا اخلاق سان ڀيٽي
نٿو سگهجي ڇو ته ربي اوصاف انساني سمجهه جي دائري
۾ اچڻ کان اڃا اڳتي آهن، پر انجيل جي پنجن جُلدن
جو هر ورق توڙي سڀئي پيغمبر سندس وجود ۽ طاقت جا
شاهد آهن، سندس نالي جو ايڪو يا وحدانيت تاريخ جي
صفحن تي اُڪريل آهي ۽ سندس مقدس جڳهه کي ڪنهن به
لِڪل طاقت جي ظاهري صورت سان ڪڏهن به بيحرمتو نه
ڪيو ويو آهي، مندر جي تباهيءَ کان پوءِ عبراني
جلاوطن ماڻهن کي سندن عبادتگاهن جي روحاني جذبن
ذريعي پاڪ ڪري منجهن ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي روشني پيدا ڪئي
وئي هئي ۽ ﷴ ﷺ جن جا اختيار ان دائمي طعني کي جائز
قرار نه ڏئي سگهندا ته مڪي يا مديني جا يهودي عذرا
جي پوڄا، الله جي پُٽ جي حيثيت سان ڪندا هيا(74).
پر اسرائيل جو نسل هاڻي انسانن وارو نه رهيو هو ۽
دنيا جا مذهب، نئين پيغمبر جي نظرن ۾ ان نقطي تي
قصور وار ضرور هيا جن الله تعاليٰ جي پاڪ ذات کي
پُٽ، ڌيئرون يا ساٿي ڏئي ڇڏيا هيا. ستين صديءَ جا
عيسائي اڻڄاڻائيءَ يا حماقت سان لادينيت طرف هليا
ويا هيا، سندن ذاتي توڙي مجموعي عقيدو بُتن ۽
تبرڪن ۾ هوندو هو جنهنڪري اوڀر جي مندرن کي ذليل
ٿيڻو پيو هو ڇو ته الله پاڪ جي سڀني کان اوچائي
واري بي مثل حيثيت کي شهيدن، درويشن، فرشتن ۽ ٻين
عزت لائق شين سان ملائي هيٺاهون ڪيو ويو هو ۽ مذهب
۾ فتنو پيدا ڪندڙن جو هڪ ٻيو گروهه به عربستان ۾
پيدا ٿي ويو هو جن بيبي مريم پاڪ کي ديوي جو لقب
ڏنو هو(75)، ٽِن (تثليت) جو مونجهارو يا ٻيهر
جسماني روپ وٺڻ جو عقيدو، خدائي وحدت جي اٽل حقيقت
جي اصول جي نفي ڪري ٿو. انهي عقيدي مان صاف ظاهر
ٿو ٿئي ته اهڙو عقيدو رکندڙ ٽن هڪ جهڙن خدائن کي
دنيا اڳيان پيش ڪن ٿا ۽ حضرت عيسيٰؑ، جيڪو هڪ
انسان هو، کي الله جو پُٽ(76) ڪري ڄاڻائن ٿا، هن
سلسلي ۾ هڪ وڏو مذهبي تبصرو يا ڊگهي تقرير ئي فقط
ان شخص کي مطمئن ڪري سگهي ٿي جيڪو عقيدو رکندڙ
آهي، باقي بي لغام اُڻ تڻ يا فضول جذباتيت ربي
حيثيت جي پاڪيزگي کي مجروح ڪرڻ جي اجائي ڪوشش آهي
۽ اوڀر جي هر مذهبي فرقي فقط پاڻ کي بت پرستيءَ
کان آجو ڪري، ٻين سڀني فرقن تي بت پرستي ۽ گهڻن
خدائن جي عقيدي جو الزام مڙهيو آهي، الله پاڪ جي وحدانيت جي شاندار شاهدي
ڏئي ٿو. مڪي جي پيغمبر بُتن، انسانن، چنڊ، تارن ۽
سيّارن جي پوڄا کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ مستند
دليل اهو ڏنو ويو ته جيڪا شيءِ اُڀري ٿي ته اُها
لهي به ضرور ٿي ۽ جيڪو به ڄايو آهي اُهو ضرور
مرندو ۽ جيڪا شيءِ يا وجود بگڙجندڙ آهي اُن تي فنا
ضرور اچڻو آهي(77). سندس منطق ۽ دليلن اهو تسليم
ڪيو ته جيڪو سڄي ڪائنات جو خالق آهي اُهو پڪي ۽
پختي يقين سان هڪ ازلي، ابدي ۽ دائمي هستي آهي
جنهن کي ڪابه شڪل ڪانهي، ڪوبه هنڌ ناهي، نه ڪنهن
جو ڄائو آهي نه ڄڻيندڙ آهي، نه وري ڪو ان جو مثل
يا مَٽ آهي، جيڪو اسان ۾ ۽ اسان جي هر ارادي ۽
نيتن ۾ موجود آهي ۽ پنهنجي فطري گهُرجن موجب ۽
پنهنجي مرضيءَ سان پاڻ موجود آهي، ۽ جيڪا به
اخلاقي ۽ ذهني بلندي ۽ تڪميل آهي اُها منجهانئس
ٻين ڏي اچي ٿي ۽ جيڪا منجهس ئي موجود آهي، هي
دائمي سَچَ جن جو رسول الله ﷺ جن(78) پنهنجي زبان
۾ پاڻ اعلان ڪيو، انهن کي سندن پوئلڳن پوريءَ طرح
هِينئين سان هنڊايو ۽ جن کي قرآن جي مترجمن ۽
مفسرن وڏي وضاحت ۽ صفائيءَ سان پيش ڪيو. هڪ اهڙو
فيلسوف جيڪو خدا جي وجود کان به انڪاري آهي، اُهو
به شايد ﷴ ﷺ جن جي مقبول عقيدي کي مڃڻ ۾ دير نه
ڪندو، هڪ اهڙو اُتاهون فلسفو جيڪو شايد اسان جي
ذهني سطح کان به گهڻو مٿڀرو آهي. اسان جي تصور ڪرڻ
يا سمجهڻ لاءِ باقي ڪهڙي شيءِ وڃي بچي ٿي جڏهن
اسين پنهنجن احساسن ۽ ذهني وسعتن جي اڻڄاتل جوهر
مان وقت، مفاصلي، چُرپُر جي عمل ۽ مادي کي الڳ ڪري
ورتو آهي؟ وحي نازل ٿيڻ کان پوءِ، ان جي مقصد ۽
منطق جي تصديق ﷴ ﷺ جن پنهنجي آواز ۾ پاڻ ڪئي، ۽
هندستان کان وٺي مراڪش تائين سندن فرمان مڃيندڙ هڪ
۽ فقط هڪ الله جي عبادت ڪن ٿا، ۽ صورتن يا مورتين
جي پوڄا کي سختيءَ سان روڪڻ کان پوءِ بت پرستيءَ
جو خطرو ٽري ويو آهي. مقدر يا قسمت جي دائمي تصور
يا فرمانن کي مسلمان به پوريءَ طرح مڃين ٿا ۽
اُنهن کي به عام مسئلن ۽ مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻو
ٿو پوي. مثال طور: خدا جي غيب جي علم کي انساني
آزادي ۽ ذميواريءَ سان ڪيئن ۽ ڪٿي وڃي جوڙجي، ۽
ٻيو ته بدي ۽ برائيءَ کي سندس لامحدود اختيارن ۽
لامحدود ڀلاين سان ڪيئن هم آهنگ ڪجي وغيره.
الله تعاليٰ پنهنجي هر ڪم ۾ پنهنجي وجود جو اقرار
ڪري ۽ ڪرائي ٿو ۽ سندس اٽل قانون يا اصول هر
ماڻهوءَ جي دل ۾ موجود آهن، هر دؤر جي پيغمبرن جي
اها ڪوشش ۽ سندن مقصد رهيو آهي ته هڪڙي ماڻهو يا
طبقي کي ڄاڻ يا سمجهه عطا ڪن ته ٻي کان ان تي عمل
ڪرائن پر ﷴ ﷺ جن جي سخا ۽ فراخدليءَ اڳين پيغمبرن
کي به ساڳيو مانُ ۽ احترام ڏنو جيڪو هن عظيم
پيغمبر پنهنجي لاءِ لهڻو هو، ۽ اهو سلسلو حضرت
آدمؑ کان وٺي قرآن جي نازل ٿيڻ تائين هليو هو(80).
ان وقت دؤران هڪ لک چوويهه هزار پيغمبرن تي خدائي
روشني جا ڪِرڻا پئجي چڪا هيا ۽ هر پيغمبر پنهنجي
علحده ڪردار ۽ شان سان ٻين کان نرالو هو، ٽي سؤ
تيرهن حواري فقط ان ڪري موڪليا ويا هيا ته پنهنجي
ملڪ کي بت پرستي ۽ برائيءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارن، هڪ
سؤ چار جُلد فقط روح القدس يا الله جي روح جي
سلسلي ۾ ڇاپيا ويا آهن ۽ ڇهن وڏن قانونسازن جن وٽ
به ربي روشنيءَ جا ڪِرڻا پهتا هيا، انسانذات کي
مختلف انساني حقن بابت ڇهه لڳاتار وحي جا پيغام
پهچايا هيا، پر ڪمال اهو آهي ته اڻ مٽجندڙ مذهب
هڪڙوئي هيو. حضرت آدمؑ، حضرت نوحؑ، ۽ حضرت ﷴ ﷺ
سڀئي اولولعزم پيغمبر هيا، پر جيڪو به انهن سڀني
پيغمبرن مان ڪنهن هڪ کان به نفرت ڪري ٿو ته پڪ
سمجهيو ته اُهو بي دين ڪافرن جي لسٽ ۾ موجود آهي.
انهن مان گهڻن ئي وڏن جون تحريرون موجود ته هيون
پر اُنهن تي غير مستند ۽ نقلي هئڻ جو شڪ هيو جيڪي
يوناني ۽ شامي زبانن ۾ لکيل هيون(81). حضرت آدمؑ
جو رَويو اهڙو هو جو هن جي پٺيان ڪوبه احسانمندي
وارو جذبو موجود ڪونه هو ۽ نه وري سندس ئي ٻارن جي
دل ۾ هن لاءِ ڪو خاص احترام هيو، حضرت نوحؑ جي ستن
فرمانن جا پوئلڳ ۽ تعبير ڪندڙ پنهنجين عبادتگاهن ۾
ويٺل نادان ۽ نامڪمل هيا(82)، ۽ سبائيُن طرفان
حضرت ابراهيمؑ جي ياد کي، ڪالديا ۾ جيڪو سندس
اباڻو وطن هو، اڻپوري نموني ملهايو ويندو هو، باقي
بيشمار پيغمبرن مان حضرت موسيٰؑ ۽ حضرت عيسيٰؑ
اهڙا هيا جن ڀرپور زندگي گذاري هئي ۽ ماڻهن جي
دلين تي حڪمراني ڪئي هئي ۽ سندن متعلق تحريرون
پراڻي توڙي نئين عهدنامي ۾ موجود آهن، حضرت موسيٰؑ
جي معجزاتي زندگي کي تفصيل ۽ احترام سان قرآن ۾
بيان ڪيو ويو آهي(83) ۽ گمراهه يهودي، بدلي وٺڻ
خاطر پنهنجو مذهب يا عقيدو اُنهن قومن تي مسلط ڪرڻ
جي ڪوششن ۾ رُڌل رهن ٿا، جن جي دين کي، جيڪو سندن
مقابلي ۾ نئون نڪور آهي، ڌِڪارن ٿا. عيسائيت جي
مصنف يعني حضرت عيسيٰؑ لاءِ مسلمانن کي پنهنجي
پيغمبر سيکاريو هو ته ان کي وڏي تعظيم ۽ احترام
سان ڏٺو وڃي. تحقيق، حضرت عيسيٰؑ، جيڪو بيبي مريم
جو پٽ آهي، الله جو پيغمبر آهي ۽ سندن لفظ جيڪي هن
مريم کي ٻڌايا ۽ جيڪو روح اُن منجهان اڳتي هليو،
سو هن دنيا توڙي ٻي دنيا ۾ بيحد وقار وارو آهي ۽
اهو اهڙن روحن منجهان هڪ آهي جيڪو رب العزت جي
ويجهو آهي(85). اصلوڪن ۽ نقلي ڪتابن(86) جا
ڪارناما سندس ئي دماغ ۾ دٻيل آهن ۽ لاطيني ڪليسا،
قرآن پاڪ منجهان ڪنواري ماءُ بيبي مريم جي باري ۾
اصلوڪو مواد حاصل ڪري ورتو آهي(87). ان جي باوجود
حضرت عيسيٰؑ تي به فنا جو ڏينهن اچڻو هو، ۽ قيامت
جي ڏينهن سندس ئي شاهدي ٻنهي ڌرين جي مذمت ڪندي:
يهودين جي انڪري ته هنن کيس رد ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس
پيغمبر ڪري نه مڃيندا هيا، ۽ عيسائين جي انڪري ته
هو کيس الله جو پٽ چوندا ۽ سمجهندا هيا، سندس
دشمنن جي ڪيني ۽ ڪدورت سندس شهرت تي داغ لڳائڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ سندس زندگي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي، پر
سندن رٿون ناڪام ٿيون ۽ هڪ خيالي شڪل يا وري هڪ
مجرم کي صليب تي چڙهندي ڏيکاريو ويو ۽ معصوم
پيغمبر کي الله پاڪ ستين آسماني بهشت تي گهرائي
ورتو(88). ڇهه سؤ سالن تائين انجيل سچ ۽ ڇوٽڪاري
جو رستو ڏسيندو رهيو، پر وقت گذرڻ سان گڏ عيسائين
ٻنهي يعني انجيل مقدس جي اصولن توڙي ان جي باني کي
وساري ڇڏيو، ۽ ﷴ ﷺ جن کي شعوري عقيدي جي ماڻهن
ڪليسا ۽ يهودين جي عبادتگاهن خلاف اُڪسايو ته انهن
مقدس ڪتاب جي مقدس متن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي هئي(89).
حضرت موسيٰؑ توڙي حضرت عيسيٰؑ جي مذهبي عقيدي ۽
تعليم موجب، مستقبل جي پيغمبر جي آمد تي، هر طرف
خوشيءَ جي لهر ڇانيل هئي جيڪو اُنهن کان به وڌيڪ
ناميارو ۽ عظيم هوندو ۽ اهڙي طرح جيڪو واعدو انجيل
مقدس ۾ ڪيل هو ته هڪ ’شفا ڏيندڙ مقدس روح‘ ايندو
يا وري روح القدس کان اڳ پنهنجون نشانيون ٻڌائيندو
ته اُهو واعدو عظيم ﷴ مصطفيٰ ﷺ(90) جن جي روپ ۾
سندن آمد تي پورو ٿيو جيڪو سڀني پيغمبرن کان
مٿانهون ۽ عظيم تر آهي ۽ جيڪو ختم المُرسلين يا
الله جو آخري پيغمبر آهي.
خيالن جي ڏي- وٺ ڪرڻ لاءِ ذهن ۽ زبان جي هڪ جهڙائي
بيحد ضروري آهي، هڪ فيلسوف جي گفتگو سواءِ ڪنهن
اثر ڇڏڻ جي تڏهن هوا ۾ اڏري وڃي ٿي جڏهن سندس آواز
ڪنهن هاري ناريءَ جي ڪن تي پوي ٿو، ڇو ته ٻنهي جي
سمجهه ۽ ڄاڻ ۾ ايتروئي مفاصلو آهي جيترو هڪ
لامحدود ۽ محدود جي وچ ۾ ٿئي ٿو جڏهن الله جو نالو
ڪنهن فنا ٿيندڙ جي زبان يا قلم سان ورتو يا ورجايو
وڃي ٿو. عبراني يا يهودي پيغمبرن، حوارين يا حضرت
عيسيٰؑ جي انجيل جي مڃيندڙن جو اُتساهه يا اثر
سندن دليلن يا يادگيريءَ سان شايد ايترو اڻ ٺهڪندڙ
به نه هوندو ۽ سندن ذهن ۽ صلاحيتن جي تضاد جو
اندازو پراڻي ۽ نئين عهدنامي جي ڪتابن جي لِکت ۽
اُنهن جي انداز مان واضح ٿي وڃي ٿو.
ڪردار بابت مطمئن هيا ته ان جو روح اصل شڪل ۾
برقرار رهيو هو(91) ۽ سندن پنهنجي ذات توڙي سندن
سڀني پوئلڳن کي يقين هو ته قرآن تخليق ڪيل نه پر
اصل ۽ دائمي هو جيڪو الله پاڪ جو ڪلام هو ۽ سندس
ئي اصل جوهر مان نڪري دنيا ۾ نازل ٿيو هو ۽ جيڪو
روشني جي قلم سان لکجي دائمي فرمانن جي صورت ۾
انسانذات آڏو آيو هو، قرآن جي پهرين ريشم ۽ قيمتي
پٿرن تي اُڪريل ڪاپي جبرائيلؑ هيٺئين بهشت ۾ کڻي
آيو هو، جيڪو يهودين جي فلسفي موجب(*) اهم پيغامن
جي صورت ۾ موڪليو ويو هو ۽ جنهن کي جبرائيلؑ بابن،
آيتن ۽ صورتن جي ورهاست ذريعي عربي پيغمبر ڏانهن
وحي ڪندو رهيو، قدرت جي دائمي ۽ مڪمل سرشتي جي
پوئواري ڪندي قرآن پاڪ ويو هو ته جيئن
سندن وقتي ضرورتن ۽ حالتن جي نزاڪت موجب صورتون
نازل ٿين ۽ جيڪي به تضاد ڪٿي نظر آيا ته اُهي ان
صورت ۾ هڪدم دور ٿي ويا ته هڪڙين آيتن کي ترڪ ڪري
اُنهن جي جڳهه تي نيون ۽ وڌيڪ وضاحت ڪندڙ آيتون
نازل ڪيون ويون. الله جو ڪلام ۽ سندس رسول جي
حديثن کي کجي يا تاڙي جي پنن يا هڏن تي لکيو ويندو
هو پر اُهي شروع ۾ ڪنهن به ترتيب يا سلسلي سان نه
رکيا ويندا هيا جن کي پيغمبر جي هڪ شريڪِ حيات
طرفان محفوظ ڪيو ويندو هو. ۽ جانشين حضرت
ابوبڪر صديقؓ طرفان ڇپرايو ويو ۽ ان کي وڌيڪ بهتر
۽ ترتيب وار نموني سان تيرهين صدي هجري ۾ حضرت
عثمان غنيؓ جي وقت ۾ ٻيهر ڇپرايو ويو هو ۽ ڪمال
اهو آهي ته قرآن جي مختلف نسخن ۾، جيڪي مختلف وقتن
تي ڇپيا هيا، معجزاتي طور ساڳيو متن موجود آهي
جنهن ۾ رتيءَ ماتر به ڦيرڦار ٿيل نه آهي. جوش جذبي
جي حوالي سان يا وري فخر وچان ﷴ ﷺ جن پنهنجي پيغام
جي سچائيءَ جو بنياد، ٻين ڳالهين منجهان ان تي به
رکيو جنهن ۾ انسانن ۽ فرشتن کي للڪاريو ويو آهي ته
اُنهن منجهان ڪوبه هڪڙي سِٽ به اهڙي خوبصورتيءَ
سان لکي ڏيکاري ۽ پيغمبر دعويٰ ٿوڪري ته اهڙين
خوبصورت ۽ بيمثل سٽن جو تخليق ڪندڙ فقط الله
تعاليٰ ئي ٿي سگهيو ٿي(92). هن دليل جو رُخ هڪ
انتهائي پرهيزگار عرب ڏانهن آهي جنهن جو ذهن فقط
مذهبي بيخودي ڏانهن رجوع ٿيل آهي. (93) ڪنهن به
طرز جي ذهني ڪشادگي يا هم آهنگي فقط هڪ نقطئه نظر
تي اڪتفا نه ڪندي(*)، يورپ، اڻ لاڳاپيل قصن
ڪهاڻين، اخلاقي فرمانن ۽ تقريرن جي ڊگهن سلسلن جو
وڏي بي صبريءَ مان مطالعو ڪري ٿو پر ان مان کيس
ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿوٿئي ڇاڪاڻ ته اُنهن ۾ ڪا
اهڙي ڳالهه هوندي ئي ڪانهي جيڪا دل کي ڇُهي يا ڪو
جذبو پيدا ڪري، اهڙا فضول سلسلا رِڙهندا رِڙهندا
يا ته مِٽيءَ ۾ ملي وڃن ٿا يا وري هوا ۾ اُڏامي
وڃن ٿا. عربستان جي هن عظيم پرچارڪ به اوتريون ئي
وڏيون نصيب ۾ آيون هيون جيڪي شايد حضرت ايوبؑ جي
مٿانهين درجي جي سادگي ۽ صبر سان ڀيچي سگهن ٿيون،
جنهن جو ذڪر ان دؤر جي ڇپيل ڪتابن ۾ آيل آهي جيڪو
ساڳئي ملڪ جي ساڳي زبان ۾ ڇپيو هو(94). جيڪڏهن
قرآن جي تحرير انساني صلاحيتن کان به مٿاهين آهي
ته پوءِ هومر جي اِليئَڊ يا ڊيموسٿينس جي فلپڪس جي
مٿاهين ذهانت جو سلسلي تي به غور ڪرڻو پوندو. سڀني
مذهبن ۾، ان جي باني جي زندگي ۾ صبر جو سبق کين
خود بخود ملي ويندو آهي: جو آئينو هيا ۽
سندن قول جيڪي خانگي يا عوامي زندگي ۾ چيل هيا،
اُنهن کي سندن پاڪ گهر وارين ۽ ساٿين طرفان محفوظ
ڪيو ويندو هو. ٻن سؤ سالن جي گذرڻ کان پوءِ، زباني
قولن يا حديثن کي البخاري (امام بخاري) گڏ ڪيو
جنهن ٽن لکن حديثن کي وڏي محنت سان ڇنڊي ڇاڻي
اُنهن مان فقط ست هزار، ٻه سؤ پنجهتر نج، سچين ۽
تصديق ٿيل حديثن کي ڇپرايو باقي جن تي شڪ شبها هيا
اُنهن کي رد ڪيو ويو. هر ڏينهن هي نيڪ مصنف ڪعبي ۾
وڃي عبادت ڪندو هو، زم زم جي پاڻيءَ سان وضو ڪندو
هو ۽ هو حديثن جي صفحن کي ڪڏهن پيغمبر جي مزار تي
به وڃي رکندو هو، ۽ سندس محنت واري ڪم کي سُني
فرقي جي چئن شاخن طرفان مستند ڪري مڃيو ويو
آهي(95). |