(1)
قدرتي نظاري جهڙو منظر هئڻ ضروري آهي.
(2)
اوٺو فرائزنگ
(i,4)
برنارڊ، (تحريرون، 363) مشرق جا خط، (i,328،
وِٽ،
iii,4,vi,1235).
(3)
برنارڊ، (تحريرون، ص 247) اسان کي پيني
(pene)
لفظ جي باري ۾ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. پيني گرامر
موجب ظرف آهي جنهن جو مطلب آهي ’ڪڏهن يا ورلي‘. پر
جيڪڏهن پيني غلطيءَ مان اسم جي جڳهه تي استعمال ٿي
ويو ته پوءِ ان جو مطلب نڪرندو ته: ’ستَ عورتون
گڏجي به هڪڙو اهڙو مرد نٿيون ڳولي سگهن جنهن جي
مرداڻي عضوي کي قابو ڪري سگهن يا ان کي ضابطي ۾
آڻن‘.
(4)
’آءٌ جنگ جي صفن کي ترتيب ڏيڻ وارو ڪير ٿيندو
آهيان ۽ آءٌ ڇو وڃي اُنهن جي سامهون بيهان جيڪي
هٿيارن سان مسلح آهن، مون کي جيڪو ڪرڻو هو سو مون
ڪري ڇڏيو يا جيڪا به مون وٽ طاقت يا ذهني صلاحيتون
هيون، اُهي سڀ استعمال ڪيم، وڌيڪ ڇا ٿو ڪري
سگهان‘.
(256,i,259)
هو سينٽ پيٽر لاءِ نفرت جو اظهار ٿو ڪري.
(تحريرون، 363).
(5)
(’پر شايد اُهي چوندا: ’اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته
اهي تنهنجا نه پر خدا جا لفظ آهن؟ تون ان سلسلي ۾
ڪهڙيون نشانيون پيش ٿو ڪرين جو اسان توتي ويساهه
ڪريون؟ اهو منهنجو ڪم ناهي ته توهان جي سوالن جا
جواب ويهي ڏيان. منهنجي اعتدال پسندي جو قدر ڪريو.
جيڪو ڪجھ اوهان منهنجي باري ۾ ٻڌو يا اوهان پاڻ
پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ڇا هاڻي اوهان منهنجي توڙي
پنهنجي پاران جواب ڏيڻ چاهيندا ۽ ڇا اهو به
ٻڌائيندا ته الله تعاليٰ اوهان کي ڪيئن پاڻ ڏي
متوجهه ڪيو‘). اطمينان،
ii,i,ii,421-423).
(6)
ڏسو شاهديون،
(vi,1258-1261,vi,i-17,1287-1314).
(7)
ابوالمحاسن، ۽ ڊي گائينس، هُنن
(Huns)
جي تاريخ ۾، (ii،
ص
ii,99).
(8)
سندس مضمون، ڊي- هربيلاٽ ۽ ڊي- گائينس جي ڪتاب
’مشرقي واقعا‘ ۾ شايع ٿيل آهي
(ii,i,230-261)
سندس بهادري مثالي هئي ۽ کيس سڪندراعظم، ثاني
چوندا هيا ۽ سندس رعيت جو ساڻس ايترو پيار هوندو
هو جو هنن سندس موت کان پوءِ هن جي لاءِ دعائون
گهريون هيون. تنهن هوندي به سنگيار کي فرئنڪن قيدي
بنائي ڇڏيو هو جنهن ۾ اُوزِر پڻ شامل هيا. هن
پنجاهه سالن تائين حڪومت ڪئي.
(1103-1152)
۽ فارسي شاعريءَ جو گهڻو شوق رکندڙ هو.
(9)
شام ۾ عراق جي عطابيڪن جي احوال جو مطالعو ڪيو.
(i,254)
۽ زندگي ۽ نورالدين جي حڪومتن جو ساڳئي ليکڪ طرفان
جائزو ڏسو،
(ii,ii,147-221)
جيڪو بينيلاثر جي عربي متن مان فائدو حاصل ٿو ڪري
ته ساڳي وقت بن شُونا ۽ ابوالفدا کي به چڱيءَ طرح
ٿو ڏسي. (مشرقي صفحا جن ۾ عطابيڪن ۽ نورالدين بابت
مضمون آهن ته ابوالفراجيَس جي ڪتاب ’خانداني
گهراڻا‘ جا حوالا به ڏنل آهن. (صفحا
250-207،
پوڪوڪ).
(10)
ٽاير جو وليَم
(xvi,4,5,7)
ايڊيسا جي نقصان جو ذڪر ڪري ٿو ته ساڳي وقت موت
بابت به اسان کي ٻڌائي ٿو. سندس نالو بگڙي ’ڳاڙهو
يا رَت، ورنو‘ سڏجڻ لڳو هو جنهن مان لاطينين کي
موقعو مليو ته ’رت، ورني‘ مان کيس خوني يا خونخوار
ٺاهي ۽ ان نالي سان کيس مشهور ڪري ڇڏيائون.
(11)
نورالدين لاءِ هڪ ڪئٿولڪ عيسائي گواهي ٿو ڏئي جنهن
جي پٺڀرائي هڪ يعقوبي فرقي جي پادري پڻ ڪئي آهي:
’هن وقت تائين ٻيو ڪو به اهڙو بادشاهه نه گذريو
جنهن جي زندگي سونهري اصولن جي پابند رهي هجي، ۽
جنهن جي انصاف پسندي جا اسان وٽ ثبوت موجود آهن‘.
بادشاهن جي سچي تعريف اُها آهي جيڪا، سندس دشمن،
هن جي موت کان پوءِ ڪن ۽ سندس وصفن جا ڳُڻ ڳائيندا
رهن.
(12)
سفير جي ذريعي سان، ٽاير جو وليَم
(xix,17,18)
قاهره جي محل جو بيان ٿو ڪري. خليفي جي خزاني مان
اهڙا هيرا مليا هيا جيڪي ڪبوتر جي آنن جيترا وڏا
هيا، ۽ هڪ يا قوت اهڙو مليو هو جنهن جي تور مصر جي
سترهن ڊرامن جيتري هئي، هڪ بهترين زمرد جو پٿر،
تاڙيءَ جا وڻ ۽ ڪيترائي ڪرسٽل جا ٺهيل ۽ چين کان
برآمد ڪيل گلدان پڻ مليا هيا. (ريناڊاٽ، ص 536).
(13)
مملوڪن کي پوڪوڪ بيان ڪيو آهي. (ابوالفراجيَس،
i,7)
ته ساڳئي وقت ڊي- هربيلاٽ به اُنهن جو ذڪر ڪيو
آهي. (ص 545). ’هڪ غلام کي گهڻو ڪري خريد ڪري پاڻ
وٽ رکندا هيا يا وري ڪنهن به طرح اُهو مالڪ جي
قبضي ۾ اچي ويندو هو‘. اهي واقعا گهڻو ڪري صلاح
الدين جي جنگين ۾ ٿيندا هيا. (بهاءُالدين، ص 236،
وغيره) ۽ اهي بحاري مملوڪ هيا جيڪي پهريون ڀيرو
مصر ۾ آيا هيا.
(14)
جئڪبَس (ص 1116) جيروسلم جي بادشاهه کي 374 اميرن
کان مٿي نٿو ڏئي. ٻئي يعني فرئنڪ توڙي مسلمان دشمن
جي تعداد کي تمام گهڻو ٻڌائين ٿا، ڳڻپ جي فرق جي
مسئلي کي هن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو ته جيڪي
مصري جنگ ۾ وڙهڻ جهڙا نه هيا، اُنهن جي انگ کي
لِڪائي ڇڏجي ته فرق پاڻهي دور ٿي ويندو.
(15)
اهو عربن جو سڪندريه هيو جيڪو پنهنجي خوشحاليءَ جي
ڪري مشهور هيو ۽ يونانين، رومين ۽ ترڪن ۾ هڪ مرڪزي
حيثيت رکندڙ شهر هيو. (سئوَري، مصر جي باري ۾ خط،
i,25,26).
(16)
مصر جي عظيم انقلاب لاءِ، ٽاير جي وليَم جو مطالعو
ڪيو.
(xix,5-7,12-31,xx,5-12)
بهاءُالدين (صلاح الدين ۾، صفحا
30-34)
ابوالفدا (سلطانن جي احوال مان ٽڪرا،
1-12)
ڊي- هربيلاٽ (مشرقي واقعا، عزيز فاطمه، پر اُهو
صحيح ڪونهي) ديناڊوٽ، (سرواڻن جي تاريخ، سڪندر،
صفحا
522-525،
532-577)
ورٽوٽ، (بهادري جي ڪارنامن جي تاريخ،
(i,141-163)
۽ ايم- ڊي گائينس
(ii,ii,185-215).
(17)
ڪُردن بابت ڊي- گائينس جو مطالعو ڪيو
(i,416,417)
هي احوال سلطانن جي داستانن ۾ قلمبند ڪيل آهن،
تنهن کان سواءِ ٽيوَرنيئَر جو مطالعو به ڪجي
(سامونڊي سفر،
i,308,309)
ايوبي فرقي وارا روادي کان شروع ٿيا جيڪي بيحد
معتبر هيا پر اُهي بدقسمتيءَ سان، مرڻ کان پوءِ
روحن جي منتقل ٿيڻ ۾ اعتقاد رکندا هيا، بنياد پرست
سلطان اشارن ۾ چوندا هيا ته سندن حسب نسب ماءُ جي
طرف کان شروع ٿيو هيو، ۽ سندن ابا ڏاڏا ڌاريا هيا
جيڪي ڪُردن سان ملي خود به اُنهن منجهان ٿي ويا
هيا.
(18)
زينوفن جي ڇَهين جُلد ’انابئسِس‘ جو مطالعو ڪيو.
ڪارمڊوشيا جي آزاد ماڻهن جي تيرن سان ڏهه هزار
وڌيڪ ماڻهو مري ويا هيا ۽ اُهي عظيم بادشاهه جي
شاندار ڪمزورين سبب مرڻ کان تمام وڌيڪ هيا. (فارس
جو اُردشير).
(‡) (فارسي).
(19)
اسان پروفيسر شولٽنس جا احسانمند آهيون (لگڊباٽ،
1755,1732)
جو هن اسان کي بيحد مستند مواد ڏنو آهي، جنهن ۾
صلاح الدين جي زندگي جو احوال جيڪو سندس هڪ دوست ۽
وزير قاضي بهاءُالدين پڻ اسان کي مهيا ڪيو آهي. ان
کان سواءِ سندس عزيز کان به اسان کي وڏو تاريخي
مواد مليو آهي جنهن جو نالو آهي هما جو بادشاهه
ابوالفدا، هنن تحريري ذريعن سان اسان هڪ مضمون،
جنهن جو عنوان ’صلاح الدين‘ آهي ۽ جيڪو مشرقي
واقعن ۾ شايع ٿيل آهي، کي به شامل ڪري سگهون ٿا ۽
اهي سڀيئي احوال وري ابوالفراجيَس جي معروف ڪتاب
’شاهي خاندان جو احوال‘ ۾ تفصيل سان بيان ٿيل آهن.
(20)
جيئن ته ابوالفدا خود به ايوبي سلسلي سان تعلق
رکندو هو، ته هن ان سلسلي جي پايو وجهندڙ جي تعريف
۾ خود به حصو ورتو آهي.
(21)
هيروسول جي تاريخ، جيڪا گيسٽا ڊي ۾ آيل آهي (ص،
1152) ساڳئي قسم جو مثال جئائن ول ۾ به ملي ٿو.
(ص، 42، لوور جو ڇاپو) پر نيڪ سينٽ لوئس، لادينن
کي اڳتي ڪرڻ يا اُنهن جي تعريف ڪرڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو هو، ته اميرن ۽ عيسائي نوابن جي برتري کي به
نه مڃيو هو. (ڊوڪينج، جائزو ص
70).
(22)
هِنن عربي زبان جي لقبن ۾، مذهبن جي باريڪ نُڪتن ۽
ٻوليءَ جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. نورالدين معنيٰ
(مذهب جي روشني) عِزُالدين يعني (دين جو شان ۽
وقار) اهڙيءَ طرح عمادالدين (مذهب جو ٿنڀو يا
حفاظت). اسان جي سورهيه سپوت جو اصلي نالو يوسف
هيو پر کيس لقب صلاح الدين جو ڏنو ويو هيو يعني
(بچاءُ ڪندڙ يا ڇوٽڪارو ڏياريندڙ) ابو مظفر معنيٰ
(سوڀ يا فتح جو ابو) المَلڪ الناصر يعني (بادشاهه
۽ مددگار).
(23)
ابوالفدا جنهن جو شجرو صلاح الدين جي ڀاءُ سان ٿو
وڃي ملي، ڪيترن ئي مثالن ذريعي سمجهائي ٿو ته شاهي
گهراڻن جي سلسلن جا باني سڀ الزام پنهنجي سِر تي
کڻندا هيا، پر جيڪي انعام اڪرام هوندا هيا اُهي
پنهنجن پوين يا جانشينن لاءِ ڇڏي ڏيندا هيا.
(اقتباس،ص 10).
(24)
سندس زندگي ۽ ڪردار بابت، رنادوٽ جو مطالعو ڪيو.
(صفحا،
6537-548).
(25)
سندس افساني ۽ مذهبي اخلاق ۽ ڪردار جي باري ۾
بهاءُالدين جي تاريخ جي پهرئين باب جو مطالعو ڪجي،
(صفحا،
4-30)
جيڪو خود عيني شاهد ۽ ڪٽر مذهبي پڻ هيو.
(*) (ڏن يا ٽئڪسون).
(26)
ڪيترن ئي ڪمن مثال طور يوسف جي کوهه بابت جيڪو
قاهرهه ۾ هيو، سلطان ۽ اتان جو وڏڙو بزرگ، مقامي
ماڻهن يا سياحن جي جهالت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ کي ڏسي
پريشان ٿي ويا هيا.
(27)
نامعلوم. (ڪئنِسي،
iii,ii,504).
(28)
بهاءُالدين. (صفحا
129,130).
(29)
جيروسلم جي لاطيني بادشاهت لاءِ، ٽاير جي وليم جي
تحرير (xi
کان
xxii
هن ڪتاب تائين) جو مطالعو ڪجي. يعقوب، تاريخ،
هيروسول، ڪتاب-
I
۽ سئنيوٽَس،
iii,vi-ix).
(*) (بدحواسي، مونجهارو).
(30)
(’مندر وارن ماکيءَ جي مکين جيان ڀُون ڀُون ٿي ڪئي
۽ مريضن جي سار سنڀال لهڻ وارن شور ٿي مچايو، ۽
پاڻ کي ٻرندڙ باهه جي حوالي ڪري ڇڏيو‘). هي ٽڪرو
عربي زبان جي فصاحت بلاغت مان ورتل آهي جيڪو
زينوفن جي تحرير جي طرز کان ڪافي مختلف آهي.
(31)
لاطينين، ريمنڊ جي غداريءَ بابت يقين سان ڳالهه
ڪئي پر عربن فقط شڪ جو اظهار ڪيو، پر جيڪڏهن هو
سندن مذهب اختيار ڪري ها ته هو مسلمانن جي نظرن ۾
هڪ ولي ۽ وڏو سورمو ليکيو وڃي ها.
(32)
رائوڊ، ريگينالڊ يا آرنولڊ جي، لاطينين وٽ گهڻي
عزت آهي جنهن کي هن جي زندگي توڙي سندس موت کان
پوءِ به مان ڏنو ويو پر آرنولڊ بابت ابوالفدا،
بهاءُالدين ۽ جئائن ول وڌيڪ وضاحت سان تفصيل پيش
ڪيا آهن، (تاريخ، سينٽ لوئس، ص 70) جيڪي صلاح
الدين جي ڪردار جون خوبيون ڳڻائيندي ٻڌائن ٿا ته
جنهن به قيدي سندس نيمَڪ يا سندس ماني کاڌي هئي ته
ان کي هو هرگز نه ماريندو هو. آرنولڊ جي ڪجھ ساٿين
کي قتل ڪيو ويو هيو يا کين مڪي ۾ قربان ڪيو ويو هو
(’جتي قرباني جي جانورن کي ڪُٺو ويندو آهي‘).
(33)
ورٽوٽ، جيڪو شهر توڙي سڄي بادشاهت جي نقصان جو ذڪر
ڪري ٿو (بهادري جي تاريخ،
i,ii,226-278)
۽ مندر جي هڪ امير جون اصلي تحريرون پيش ٿو ڪري.
(34)
ريناڊوٽ، سرواڻن جي تاريخ، (سڪندر، ص 545).
(35)
جيروسلم جي فتح لاءِ بهاءُالدين (صفحا،
67-75ف)
۽ ابوالفدا (صفحا،
40-43)
اسان جا شاهد آهن جيڪي مسلمان آهن. عيسائين مان
برنارڊ ٿساريَس
(151-167)
ڪشاده ذهن ۽ معتبر آهي. ساڳي طرح مئٿيو پئرس
(صفحا،
120-124)
به اعتماد ڪرڻ جهڙو آهي.
(36)
ٽاير ۽ آڪري جي گهيرن بابت برنارڊ ٿساريَس وضاحت
سان لکيو آهي (باب،
167-179)
جيڪو هيروسول جي تاريخ جو مصنف هيو. (صفحا،
1150-1172)
ابوالفدا (صفحا،
43-50)
۽ بهاءُالدين (صفحا،
75-179)
جو به ضرور مطالعو ڪجي.
(37)
مون اعتدال پسندي واري اُها حقيقت بيان ڪئي آهي
جنهن جو ذڪر ورٽوٽ اڳ ۾ ڪري چڪو آهي، پر هو ناراض
ٿيڻ بجاءِ پنهنجي بيان جي انداز کي عاشقاڻو بڻائي
ٿو ڇڏي. بزرگ نواب، گهيري ۾ آيل ماڻهن جي تيرن جو
نشانو بڻجي ويو هو.
(38)
نوٽ: هي سڄو حاشيو لاطيني يا فرانسيسي ٻوليءَ ۾
لکيل آهي جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو نه ڏنو ويو آهي.
ان ڪري سنڌي ترجمي پيش ڪرڻ کان معذرت جو اظهار
ڪريان ٿو. (سنڌيڪار).
(39)
جيروسلم جو تاريخدان (ص 1108) دجله کان هندستان
تائين اوڀر جي قومن کي ٻين ماڻهن سان ملائي ٿو جن
۾ سانوري ۽ ڪاري رنگ جا اتر آفريڪي مسلمان ۽ ٻين
قومن جا ماڻهو به شامل هيا. اهو ان ڪري ڪيو ويو هو
ته جيئن ايشيا ۽ آفريڪا جا ماڻهو پاڻ ۾ ٻڌي ڪري
يورپ وارن خلاف وڙهي سگهن.
(40)
بهاءُالدين (ص 180) عيسائي تاريخدانن هن قتلام جو
نه ته انڪار ڪيو آهي ۽ نه اُنهن ڪنهن تي ان جي
تهمت مڙهي آهي. ’بس حڪمن جو هڪدم تعميل ٿي وئي‘.
گئلفرائڊس، جيڪو قتل ٿيل ماڻهن جو انگ 2700 ٿو
ٻڌائي، ان کي راجرهووڊن وڌائي 5000 تائين پهچائي
ڇڏيو. (صفحا،
697,698).
خبر ناهي انسانيت يا وري فلپ آگسٽَس جي لوڀ ۽ لالچ
کي مجبور ڪيو ويو هو ته هو پنهنجي قيدين جي آزادي
کي پئسن سان خريد ڪري ڇڏي. (يعقوب
(i, 98, 1122
(41)
بهاءُالدين (ص 14) هو بئلئينس جي ڏنل فيصلي جو
حوالو ٿو پيش ڪري جنهن ۾ سڊون جو بادشاهه به شامل
هيو ۽ ٻڌائي ٿو ته: ’عيسائين منجهان جيڪي آڪري جي
سينٽ جان کان اڳ ۾ مري ويا هيا، اُنهن ۾ مون کي هي
انگريزي نالا ٿا ملن: ڊي.فيررس، ڊربي جو نواب،
(ڊُگڊيل، بسينج
(i, 260
موبري (آئڊيم، ص 124) ڊي.مئنڊيوِل، ڊي فنيس، سينٽ
جان اسڪروپ، پِگٽ، ٽئلبٽ وغيره.
(42)
(بهاءُ الدين، ص 159) کيس فلپ يا رچرڊ جي نالن جي
شايد ڄاڻ ڪانه هئي.
(43)
هن مال دولت کان هڪ ڌاريو ماڻهو ته شايد متاثر ٿي
سگهي ٿو ۽ ان جي تعريف به ڪري سگهي ٿو پر فقط قومي
تاريخدان ئي اهو ٻڌائي سگهندا ته اهو مال خزانو
ڪيڏن نه غير قانوني طريقن سان ۽ ماڻهن کي
اذيتن ڏيڻ کان پوءِ جمع ڪيو ويو هو.
(44)
جئائن وِل (ص 17)
(45)
تنهن هوندي به هو مسلمانن جي نظرن ۾ ڏوهي هيو، ڇو
ته اُهي قاتلن جي اعتراف جا شاهد هيا ته انگلنڊ جي
بادشاهه کين موڪليو هو (بهاءُالدين، ص 225) ۽ سندس
واحد بچاءَ به هڪ ڌوڪيبازي جي ترڪيب ۾ رکيل آهي
جيڪو سڄو فضول ۽ اجايو آهي (نقش و نگار جي اڪيڊمي
جي تايخ،
(xvi, 155-163
يعني اهو فريبڪاري وارو هڪ خط هو جيڪو قاتلن جي
بادشاهه شيخ طرفان لکيو ويو هو جيڪو هڪ پوڙهو
ماڻهو هو ۽ جبلن ۾ رهندو هو جنهن رچرڊ کي جائز
سمجهيو هو ۽ پاڻ کي قتل جي ڏوهه ڪرڻ جو مجرم
سمجهيو هيائين.
(46)
تڪليفن جي باوجود صلاح الدين جي مستقل مزاجي ۽
پختي عزم تي کيس داد ڏيڻو ٿو پوي جيئن بهاءُالدين
اسان کي ٻڌائي ٿو (صفحا 227-225
(7-9,
جنهن خود جيروسلم جي بچائيندڙ لاءِ هڪ وڏي تقرير
ڪئي هئي. سندن خوف خطرا دشمنن کان لڪل نه هيا
(يعقوب
(i, 100, 1123
ونيساف
(v, 50, 3399)
(47)
جيستائين سلطان يا ڪو ايوبي سلسلي وارو ماڻهو
جيروسلم ۾ موجود هيو تيستائين: ’نه ڪُرد، ترڪن جي
فرمانبرداري ڪن ها ۽ نه وري ترڪ، ڪردن جي ڳالهه
مڃين ها.‘ (بهاءُالدين، ص 236) هو وچ ۾ سياسي پردو
حائل ڪري ٿو ڇڏي.
(48)
بهاءُالدين (ص 237) توڙي جعفري ڊي ونيساف
(vi, 1-8, 403-409)
جنگ جي ميدان مان ڀاڄ جو ذميدار خود رچرڊ کي سمجهن
ٿا ۽ هڪ يعقوبي جائزو پيش ڪندي چوي ٿو ته ڀڄڻ وقت
تڪڙ ڪرڻ ۾ هو مختلف ماڻهو لڳي رهيو هو. (ص 1123)
تنهن هوندي به جئائن ول، جيڪو هڪ فرانسيسي سورمو
هو، هُو
(Hugh)
جي حسد جي مذمت ٿو ڪري جيڪو برگنڊي جو امير هيو (ص
116) جنهن ۾ هو مئٿيو پئرس جي حمايت نٿو ڪري ته
کيس صلاح الدين رشوت ڏني هئي.
(49)
عسڪلان، جيروسلم ۽ جفا جي معرڪن جو ذڪر بهاءُالدين
(صفحا 249-184) ۽ ابوالفدا (صفحا 52-51) تفصيل سان
ڪيو آهي. سفرنامي جو مصنف يا سينٽ البينَس جو راهب
رچرڊ جي اختيارن بابت قاضي جي ڏنل تفصيلن ۾ مبالغو
نٿو ڪري سگهي. (ونيساف
(vi, 14-24, 412-421)
(مئٿيو پئرس) مکيه تاريخ (صفحا 143-137) ۽ مجموعي
طور تي هن جنگ بابت، حيرت انگيز طور تي عيسائي ۽
مسلمان ليکڪ ساڳي راءِ رکن ٿا، ۽ ٻئي ڌريون پنهنجن
دشمنن جي ڪردار جي تعريف ٿيون ڪن.
(*) آرلئنڊو، اورسٽو جي رزميه شاعري ’آرلئنڊو
فيوروسو‘ (1516) جو سپوت ۽ اَمادِس گال، وچين دؤر
جي پيار جي ڪهاڻي جو هيرو.
(50)
ڳالهين ٻولهين جي واڌاري ۽ دشمنين بابت بهاءُالدين
جو مطالعو ڪيو، (صفحا 260-207) جنهن جو خود ان
صلحنامي ۾ اهم ڪردار هيو، رچرڊ، مقدس ڌرتيءَ جي
فتح ڪرڻ جي ارادي سان فوجن کي جمع ڪرڻ جو ارادو
ڏيکاريو هو جنهن جو صلاح الدين کيس نهايت مهذب
جواب ڏنو هو. (ونيساف
(vi, 28, 423
(51)
هن مذهبي جنگ ۾ پورو ۽ تفصيلي احوال گالفريدي ۾
آيل آهي جيڪو ڇهن ڪتابن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ جنهن
کي گيل جي مُسودن جي ٻي جُلد ۾ ڇاپيو ويو آهي.
(انگريزن جي تاريخ، 429-247) راجر هووڊين ۽ مئٿيو
پئرس تمام اهم مواد مهيا ڪن ٿا ۽ پهريون بيان ڪيل
ليکڪ نظم ۽ ضبط جي پابندي ۽ انگريزي بحري ٻيڙي جي
سامونڊي سفر جو تفصيلي ذڪر ڪري ٿو.
(52)
ورٽوٽ به
(i, 251)
صلاح الدين جي لاپرواهي بابت بيوقوفي جهڙن خيالن
جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته هو موت جي گهڙيءَ تائين
قرآن کي پنهنجي ساهه سنئون سانڍيندو هو.
(53)
ابوالفرا جيَس ۾ (شاهي خاندانن جو احوال، ص 227
وغيره) ڏسو ته ايوبي فرقي جا ماڻهو ڪيئن اڳتي وڌيا
۽ مٿي اُڀريا. ان کان سواءِ ايم.ڊي گائينس جا نقطا
به مطالعي هيٺ آڻجن. (مشرقي واقعا)
(54)
ٿوماسِن (انگريزن جي بيان ۾ 274-311) ڏهين حصي يا
عُشر جي اصليت، ان جي ناجائز استعمال ۽ پابندين
بابت تفصيل سان اسان کي ٻڌايو آهي هڪ اصول کي
اختيار ڪيو ويو هيو پر ان تي پوريءَ طرح عمل نه
ڪيو ويو ڇو ته اهو پادري کي به ڏيڻو هو ۽ عوام جي
ڏهين حصي جو ڏهون حصو وري وڏي پادري کي به ادا
ڪرڻو هو. (عشر بابت سيلڊن جو مطالعو ڪيو،
(iii, ii, 1083
(55)
ڏسو معصوم-III
بابت بيان مراتوري ۾
(iii, 486-568).
(*) هڪ فلسفو ته ماني ۽ شراب جڏهن ڪليسائي
تقريبن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو ته اُهو حضرت
عيسيٰؑ جي جسم ۽ رت جو حصو ٿي ويندو هو.
(56)
پنجين صليبي جنگ جو مطالعو ڪيو ته ساڳئي وقت
داميتا جي گهيري کي جيڪ بَس ۾ ڏسو
(iii, 1125-1149).
هڪ اکين ڏٺو شاهد برنارڊ ٿسا ريَس (مراتوري ۾
(vii, 825-846, 190-207
همعصر به هو ته مواد جو جمع ڪندڙ پڻ هيو جنهن عربن
بابت گهڻو ڪجهه لکيو هو. (ابوالفراجيَس، شاهي
خاندانن جو احوال، ص 294) ۽ جئائن ول مان ٽڪرا
(صفحا
533, 537, 540
وغيره).
(57)
هي اُنهن ڏانهن منسوب آهي جن پادري مين فراءِ جي
خلاف صليبي عَلم بلند ڪيو هو. (1255ع) ۽ جن کي
گناهن کان مڪمل ڇوٽڪارو مليو هو. مذهبي ماڻهن کي
ان ڳالهه تي حيرت هئي ته ’هن عيسائين جي رت وهائڻ
لاءِ به کين ساڳيا واعدا ڪيا هيا جيڪي اڳ هن
بيدينن يا منڪرن جي رت وهائڻ لاءِ ڪيا هيا.‘
(مئٿيو پئرس، ص 785) تيرهين صدي عيسويءَ جي هي وڏي
فِڪري اُڏام هئي.
(58)
هن سادگي واري خيال کي موشيم آسانيءَ سان قبول ٿو
ڪري. (ڪليسائي تاريخ، ص 332) جنهن ۾ هيوم جو
ڪارآمد فلسفو به شامل آهي (انگلنڊ جي تاريخ،
(i, 330.
(59)
فريڊرڪ-II
جي صليبي جنگ جو اصلي مواد رچرڊ کان حاصل ڪري
سگهجي ٿو. (مراتوري مسودو،
(vii, 1002-1013
ته ساڳي وقت مئٿيو پئرس مان به مواد حاصل ڪري
سگهجي ٿو. (صفحا
(286, 291, 300, 302, 304
منطق تي هلڻ وارن منجهان فلري جو نالو نمايان آهي.
(ڪليسائي تاريخ، ٽام-
(xvi
ورٽوٽ (بهادري جي تاريخ-(i,
iii
گيانن
(ii, xvi)
۽ مراتوري (اٽلي جا واقعا، ٽام-x).
(*) يولانڊ، جان ۽ بريني جي ڌيءُ هئي، جان
جيروسلم جو بادشاهه هيو. (1225-1210ع).
(60)
ويچارو مراتوري تصور يا فڪر ڪرڻ ته ڄاڻي ٿو، پر
ويچاري کي ڳالهائڻ نٿو اچي. (هتي منهنجو ڪنڌ (شرم
وچان) جهُڪي ٿو وڃي، (ص 322).
(61)
مذهبي ماڻهن مسجد يا ڪليسا بابت ڄاڻي واڻي
مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو هو، جتي مقدس مقبرو به هيو
۽ سندس سوچيل سمجهيل غلطي، جنهن کي سازش چئي سگهجي
ٿو، ٻنهي يعني ورٽوٽ ۽ مراتوري کي ڌوڪي ۾ رکيو هو.
(62)
ڪئرزميَنس جي اوچتن هنگامن کي مٿئيو پئرس بيان ڪيو
آهي (صفحا 547-546) ته ساڳئي وقت جئائن ول ننجِس،
۽ عربي ليکڪن به ان کي پنهنجين تحريرن ۾ ڄاڻايو
آهي. (صفحا
(iii, 112, 191, 192, 528, 530
(63)
سينٽ لوئس جا معجزا ۽ سندس زندگي بابت پڙهو،
جيڪڏهن اوهان پڙهڻ چاهيو ٿا، جنهن ۾ راڻي مارگريٽ
جي اعتراض ڪندڙ گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي، (صفحا
523-291) جئائن وِل (لوور ۾ پڻ بيان ڪيو آهي).
(64)
جيڪو ڪجهه به کيس سندس ڪليسا- ماءُ، سيکاريندي هئي
ته هو ان ۾ يقين رکندو هو، (جئائن وِل، ص 10) پر
هن جئائن وِل کي چتاءُ ڏنو هو ته هو ڪڏهن به
بيدينن يا غير مذهبي ماڻهن سان جهيڙو نه ڪري. کيس
اهي لفظ قديمي محاوري ۾ هينئن چيائين: ’عام ماڻهو
جڏهن عيسائي مذهب خلاف ڪا گِلا يا غيبت ٻڌي ته
پنهنجي مذهب جي حفاظت، ترار کانسواءِ ٻي ڪنهن به
طريقي سان نه ڪري ۽ اُها ترار غيبت ڪندڙ جي پيٽ ۾
اهڙي طرح کُپائي ڇڏي جو اُها بنهه ٻِسٽ ٻاهر نڪري
وڃي.‘ (ص 12).
(65)
مون وٽ جئائن وِل جا ٻه ڇاپا موجود آهن، پهريون
پئرس ۾ 1688 ۾ ڇپيو جيڪو ڊوڪينج جي چوڻ مطابق بيحد
قيمتي ۽ ڪارائتو آهي ۽ ٻيو به 1761 ۾ پئرس ۾ ئي
ڇپيو جيڪو لوور ميوزيم ۾ رکيل آهي ۽ مسودي ۽ مواد
جي لحاظ کان جنهن کي بيحد مستند ۽ اصلي تحرير چيو
ويو آهي ۽ اها تحقيق تازو ڪئي وئي آهي. پوئين ڪتاب
جو ايڊيٽر ثابت ٿو ڪري ته سينٽ لوئس جي تاريخ
1309ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي جنهن ۾ هن ليکڪ جي باري ۾
نه ته ڪا وضاحت ڪئي هئي ۽ نه وري سندس عمر ۾ تجربي
جي تعريف ڪئي هئي جيڪا نوي سالن کان به مٿي هلي
وئي هئي. (مهاڳ، ص
(xi
۽ ڊوڪينج جي تبصري جو به مطالعو ڪجي. (ص 17).
(66)
جئائن وِل (ص 32) عربي زبان مان اقتباس (ص 549)
(*) (سينٽ ڊينس جو ڳاڙهو جهنڊو)
(67)
پوين مُديرن، جئائن وِل کي عرب تاريخدانن مقريضي،
ابوالفدا وغيره جي حوالن سان اڃا وڌائي ۽ وسيع ڪري
ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح ابوالفرا جيَس پڻ ان ۾ ڪجهه
واڌرا ڪيا آهن، (شاهي، خاندانن جو احوال، ص
325-322) پر هو بگڙيل نالي سان کيس سڏي ٿو، (مئٿيو
پئرس (صفحا 864-683) فرينچن ۽ انگريزن جي شاهاڻين
حماقتن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي مسورا جي جنگ ۾ وڙهيا
هيا پر کين شڪست نصيب ٿي هئي.
(†)
(لاپرواهه، اَڍنگو)
(68)
سئوَري، نهايت مناسب لفظن ۾ داميتا جو احوال پيش
ڪيو آهي
(i, xxiii, 274-290)
۽ سينٽ لوئس جي مهم جو تفصيلي احوال پڻ اسان کي
ٻڌايو آهي.
(xxv, 306).
(69)
سينٽ لوئس کي قيد مان ڇڏائڻ لاءِ ڏهه لک بائزنسٽس
گهريا ويا جيڪي منظور به ڪيا ويا هيا پر سلطان جي
سفارت جي ڪري ان رقم کي گهٽائي
800,000
بائزنسٽس ڪيو ويو جنهن کي جئائن وِل پنهنجي وقت جي
400,000
فرانسيسي لِورس جي برابر ڪيو آهي ۽ مئٿيو پئرس وري
ان کي جرمني جي
100,000
چاندي جي مارڪن جيترو سمجهيو آهي. (ڊوڪينج، مضمون
۽ مقالا،
XX
۽ جئائن وِل)
(70)
لوئس کي پنهنجي سلطان چونڊڻ جو خيال اميرن کان آيو
هيو جنهن جي تصديق جئائن وِل به ڪئي آهي، (صفحا
78-77) ۽ اهو خيال مون کي به هروڀرو ايترو خراب يا
اجايو محسوس نٿو ٿئي جيترو ايم.ڊي والٽيئر ان کي
سمجهي ٿو. (فوجين جي تاريخ،
(ii, 386-387
مملوڪ خود ڀي ڌاريا، باغي ۽ سندن هڪ جهڙا هيا،
اُنهن به سندس بهادريءَ کي مڃيو هو ۽ اُنهن سندس
مذهب جي تبديلي جي اُميد پڻ دل ۾ سانڍي رکي هئي،
اهڙي خيال جي ڇاڪاڻ ته تائيد نه ڪئي وئي ته ان
موضوع کي عيسائين جي اسيمبليءَ ۾ ماڻهن جي شور ۽
گوڙ ۾ اُٿاريو ويو هيو.
(71)
سينٽ لوئس جي معرڪن بابت اُنهن واقعن جو مطالعو
ڪيو جن کي وليَم ڊي نانگِس قلمبند ڪيو آهي (صفحا
287-270) هن کان علاوه عربي ۾ لکيل مسودا ۽ اقتباس
به ضرور مطالعي هيٺ آڻجن. (صفحا 255-245 جيڪي
جئائن وِل جي لوور جي ڇاپي منجهان ورتا ويا آهن.
(72)
والٽيئر (فوجي جنرلن جي تاريخ،
(ii, 391
(73)
مملوڪن جي ٻن شاهي خاندانن، بحريُن، ترڪن يا ڪپنوڪ
جي تاتارين، بورجيُن، سرڪاسيُن، وغيره جو تفصيلي
احوال پوڪوڪ ڏنو آهي (ابوالفضه اجيَس، صفحا 30-6)
۽ ايم.ڊي گائينس
(i, 264-270)
۾ پڻ احوال ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ ابوالفدا،
مرقيضي وغيره پڻ اها معلومات 15هين صدي عيسوي کان
ڏني آهي جنهن جي پٺڀرائي ايم.ڊي گائينس به ڪئي آهي
(iv, 110-328)
(74)
سئوَري جا اکر (ii)
(لوور
xv, 189-108)
آءٌ هن ڪاپي جي سَند تي شڪ ٿو ڪريان، ساڳي وقت اهو
به سچ آهي ته سلطان سليم سرڪاسيَنس يا مصر جي
مملوڪن سان هڪ صلحنامو طئي ڪيو ۽ پوءِ کين هٿيارن،
دولت ۽ طاقت سميت کين ڇڏي ڏنو. هڪ نئين تاريخ
عثمانيه جو مطالعو ڪيو جنهن کي مصر ۾ لکيو ويو هيو
۽ ايم.ڊِجن انجو ترجمو ڪيو هو. (58-55
i,،
پئرس 1781) هيءَ هڪ سنجيده ۽ مستند قومي تاريخ
آهي.
(75)
(الجنابي ۽ پوڪوڪ، ص 31)(1342-1311) هڪ نرالي قسم
جي هئي. (ڊي.گائينس-
(iv, 208-210
(76)
هاڻي هنن کي گهٽائي
8,500
ڪيو ويو آهي پر هر مملوڪ جو خرچ 100 لوئسس جي
برابر هيو ۽ مصر هنن ڌارين جي شڪايتن سان ڀريو پيو
هو. (والني جا سامونڊي سفر،
(i, 89-187
(77)
ڪارٽ جي انگلنڊ جي تاريخ جو مطالعو ڪيو.
(ii, 165-175)
۽ سندس اصلي مصنف ٿومَس وائيڪس ۽ والٽر هيمنگ فورڊ
(iii, 34, 35)
جيڪي گيل جي مواد ۾ موجود آهن.
(ii, 97, 589-592)
اُهي ٻئي راڻي الئنر جي پارسائيءَ کان بيخبر آهن
جنهن ۾ هن زخم مان زهر چُوسي ورتو هو ۽ پنهنجي
زندگي کي خطري ۾ وجهي هن سندس مڙس جي زنگي بچائي
هئي.
(78)
سئينوٽَس
(iii, xii, 9)
۽ گائينس- هُنن
(Huns)
جي تاريخ
(iv, 143)
جن عرب مؤرخن کان ورتي وئي اهي.
(79)
آڪري جي حالتن کي وقت جي واقعن ۾ بيان ڪيو ويو آهي
۽ صحيح طرح سان جان وِلاني ۾ تفصيل آيل آهن.
(vii, 144)
مراتوري ۾.
(*) صليبين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ صلحنامي موجب طئي
ٿيل ڳالهيون.
(80)
نيٺ فرئنڪن جي ملڪ نيڪالي عمل ۾ آئي جنهن کي
سئنيولٽس ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
(iii, ii, 4-22)
ابوالفدا، مقريضي، گئينس ۾
(iv, 162, 164
۽ ورٽوٽ
(i, iii, 407-428).
باب سٺيون
(خلاصو)
يونانين ۽ لاطينين ۾ مذهبي اختلاف- قسطنطنيـﮣ جي
صورتحال- بلغاريا جي ماڻهن جي بغاوت- اسحاق ائنجلس
کي سندس ڀاءُ اليگزيَس تخت تان لاهي ڇڏيو- چوٿين
صليبي جنگ جا سبب-فرانسيسي ۽ ڊينِس جي عوام جو
اسحاق جي پٽ سان ايڪو- قسطنطنيـﮣ تي سندن سامونڊي
حملو- ٻه ڀيرا گهيري ڪرڻ کان پوءِ، لاطينين طرفان
شهر جي مڪمل فتح .
هن باب ۾ گِبن، يوناني ۽ لاطيني ڪليسائن جي وچ ۾
اختلافن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته انهيءَ مذهبي
ڦوٽ جي نتيجي ۾ روم جي شهنشاهت، اوڀر جي ملڪن ۾
زوال پذير ٿي. اُهي اختلاف 1054ع ۾ انتها تائين
پهچي ويا جڏهن لاطيني پادري يونان جي مذهبي سرواڻ
کي ملڪ نيڪالي ڏني. پهريُن ٽن صليبي جنگين جي
واقعن ٻنهي ڪليسائن جي وچ ۾ ويتر اختلاف وڌائي
ڇڏيا. بهرحال اٽلي ۽ قسطنطنيہ جي وچ ۾ پهريون
رابطو وينِس، جينُئا ۽ پِسا جي واپارين جي معرفت
قائم ٿيو. پر قومي سطح تي دشمنين جي باهه ڀڙڪي پئي
جنهنڪري 1183ع ۾ قسطنطنيہ جي لاطيني رهواسين جو
قتلام ڪيو ويو، ان وقت شهنشاهه ائنڊرونيڪَس جي
حڪومت هئي. سندس جانشين اسحاق-II
پنهنجي تخت تي آرامي هو پر کيس خوشين جي شور
جاڳائي ڇڏيو. بلغاريا جي ماڻهن قسطنطنيہ کان آزادي
حاصل ڪئي ۽ روم سان پنهنجي اتحاد کي قائم ڪيائون.
اسحاق کي پنهنجي ڀاءُ اليگزيَس 1195ع ۾ تخت تان
لاٿو ۽ خود حڪمران ٿي ويهي رهيو. هوڏانهن پادري
اِنوسينٽ-III،
چوٿين صليبي جنگ جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو. فرانس
جي ڇَهن سفيرن، وينِس جي اينريڪوڊئنڊالو سان هڪ
معاهدو طئي ڪيو جنهن موجب صليبين کي سمنڊ رستي
پهچائڻو هو. ڊالمئٽيا جي ڪناري تي، زارا سندن
پهرئين حملي جو شڪار ٿيو ۽ هي حملو وينِس وارن جي
فائدي لاءِ ڪيو ويو هيو، ان کان پوءِ تخت تان لٿل
بادشاهه اسحاق جي پٽ صليبين تي زور ڀريو ته هو
سندس پيءُ کي ٻيهر تخت تي ويهارن جنهن جي بدلي ۾
هو لاطيني ۽ يوناني ڪليسائن جي مذهبي اختلافن کي
ختم ڪرائي ڇڏيندو. اُهي بغير ڪنهن مخالفت جي
قسطنطنيہ پهچي ويا. يارهَن ڏينهن جي گهيري کان
پوءِ غاصب اليگزيَس تخت ڇڏي ڀڄي ويو ۽ اسحاق-II
۽ سندس پٽ کي گڏيل بادشاهت جي واڳ سؤنپي وئي.
صليبين يوناني ڪليسائن کي ڦري تاراج ڪري ڇڏيو ۽
ٻئي شهنشاهه، لاطينين توڙي يونانين جي حمايت کان
محروم ٿي ويا جن کي هڪ يوناني غاصب مورزوفل تخت
تان لاهي ڇڏيو. قسطنطنيہ تي ٻيو حملو ڪيو ويو جيڪو
آخرڪار لاطينين جي قبضي ۾ اچي ويو. شهر جي دولت کي
ماڻهن خوب ڦريو ۽ تاراج ڪيو ۽ ٽامي جي ٺهيل مجسمن
کي رِجائي برباد ڪيو ويو ۽ لائبريرين کي پڻ تباهه
ڪيو ويو.
باب ايڪهٺيون
(خلاصو)
فرانس ۽ وينِس طرفان شهنشاهت جو ورهاڱو- فلانڊرس ۽
ڪرٽني جا پنج لاطيني شهنشاهه- بلغاريا ۽ يونان
خلاف سندن جنگيون- لاطيني شهنشاهت جي ڪمزوري ۽
مفلسي- يونانين طرفان قسطنطنيـﮣ کي واپس وٺڻ-
صليبي جنگين جا اثر ۽ نتيجا- ڪرٽني جي ڪٽنب بابت
اختلاف.
گِبن، فرانس ۽ وينِس جي نمائندن پاران، فلانڊرس جي
نواب بالڊوِن جي چُونڊ جو ذڪر ڪري ٿو جنهن کي اوڀر
جي شهنشاهه بڻايو ويو هو، وينِس کي يونان جي زميني
حدن جو ڪافي حصو هٿ اچي ويو هيو، پر لاطيني
شهنشاهت جي ايڪي ۽ اتحاد کي، جاگيرداري نظام جي
ورهاڱي سبب وڏو ڌڪ لڳو هو. سندن يوناني رعيت جي
ماڻهن بغاوت ڪئي ۽ بلغاريا جي عوام جي حمايت سان
هنن بالڊوِن کي 1205ع ۾ شڪست ڏني، هو قيد ۾ ئي مري
ويو ۽ سندس ڀاءُ هينري کي هن جو جانشين بنايو ويو
جنهن ڏهن سالن تائين حڪومت ڪئي ۽ يونانين کي
پرچائڻ ۽ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهيو. سندس موت
تي، سندس ڀيڻيوو پيٽر جنهن جو تعلق ڪرٽني سان هيو،
شهنشاهه بڻجي ويو، پر فرانس کان قسطنطنيہ تائين
سفر ڪندي کيس رستي تي گرفتار ڪيو ويو ۽ هو قيدي جي
حيثيت ۾ ئي ايپيرَس جي هنڌ تي مري ويو. جيروسلم جي
عارضي بادشاهه بريني جي جان جي ڪاميابين ۽ فوجي
طاقت سبب، لاطيني شهنشاهت جي زوال کي ڪجهه وِٿي
ملي وئي، پر 1237ع ۾ سندس موت کان پوءِ، بالڊوِن-II
شڪست کان بچڻ لاءِ، تبرڪن کي گروي رکڻ کان پوءِ
پنهنجي آمدني کي ڪجهه وڌائي سگهيو هو. آخرڪار
1261ع ۾ لاطيني شهنشاهت کي يونانين ڪجهه سهارو ڏنو
جنهن ۾ خاص ڪردار مائيڪل پئلولاگَس جو هيو، صليبي
جنگين جو عمومي جائزو وٺندي گِبن ٻڌائي ٿو ته
يونانين توڙي عربن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ جي
باوجود به لاطينين ڪو سبق سکڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر
اوڀر ۾ سندن طاقت جي زور سبب سندن برادري اولهه جي
ملڪن ۾ ڪافي اهم خِطن کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي
وئي. هو پنهنجي بيان کي، ايڊيسا، فرانس ۽ انگلنڊ ۾
ڪرٽني جي خاندان جي تاريخي حيثيت سان ختم ٿو ڪري.
باب ٻاهٺيون
(خلاصو)
نائيسيا ۽ قسطنطنيـﮣ جا يوناني شهنشاهه- مائيڪل
پئلولاگَس جو اُڀرڻ ۽ سندس حڪومت- وڏي پادري ۽
لاطيني ڪليسا سان سندس فريب وارو اتحاد- آنجُو جي
چارلس جي بدخواهي ۽ دشمني- سِسلي ۾ بغاوت- ايشيا ۽
يونان ۾ ڪئٽَلنس جي جنگ- انقلابَ ۽ اٿينس جي
موجوده صورتحال.
باب 62، هن بيان سان سروع ٿئي ٿو ته يونانين
جلاوطنيءَ ۾ به ڪيئن نه هڪ قومي رياست قائم ڪري
ورتي هئي جيڪا ايشيا مائنر ۾ هئي ۽ نائيسيا ان جو
مرڪز هيو. سندن خاندان لئسڪئرس جي نالي سان مشهور
هيو، قسطنطنيہ جي زوال ۽ 1258ع ۾ ٿيوڊور لئسڪئرس-II
جي موت کان پوءِ، مائيڪل پئلولاگَس طاقتور ٿي
اُڀريو هيو ۽ کيس شهنشاهه بڻايو ويو، پر سندس
مذهبي اڳواڻ کيس جلاوطن ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هُن
لئسڪئرس جي جائز وارث کي انڌو ڪري ڇڏيو هو؛ ان
کانسواءِ هو اوڀر ۽ اولهه جي ڪليسائن جي وچ ۾
مذهبي اختلافن ختم ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام رهيو هو.
اولهه طرف سندس وڏي ۾ وڏو دشمن آنجُو جو چارلس هيو
جنهن ٻن سِسلين جي بادشاهت کي 1266ع ۾ حاصل ڪري
ورتو هو. جڏهن پالرمو (جيڪي 1282ع ۾ سِسلي جا
عبادتگذار هيا) ۾ بغاوت جو عَلم بلند ٿيو ته
مائيڪل، پيٽر ائراگان کي مالي امداد ڏني، نتيجي ۾
چارلس کي ڪئٽلنس هٿان شڪست نصيب ٿي. پنهنجي ٻي نسل
۾ ڪئٽلنس جا ڀاڙيتو ۽ رولو ماڻهو قسطنطنيہ ۾ داخل
ٿي ويا ته جيئن ترڪن سان وڙهي سگهن، بهرحال اُنهن
يوناني شهنشاهت ۾ هر طرف تباهي مچائي ڏني، گِبن هن
باب جي پڄاڻي اٿينس جي جائزي وٺڻ سان ڪري ٿو جنهن
۾ سندس (گِبن جو) دؤر پڻ شامل هيو ۽ تبصرو ڪندي
چوي ٿو ته: ’قديم ۽ عظيم تهذيب جي تباهه ڪارين ۾
اٿينس جا ماڻهو انتهائي ڪاهليءَ واري بي نيازيءَ
سان گهمن ڦرن ٿا.‘
باب ٽيهٺيون
(خلاصو)
خانه جنگيون ۽ يونان جي شهنشاهت جي تباهي- وڏي ۽
ننڍي ائنڊرونيڪَس ۽ پئلولاگَس جون حڪومتون- بغاوت،
حڪومت ۽ جان ڪئنٽاڪزين جو تخت تان دستبردار ٿيڻ-
پيرا يا گٽالا ۾ جينئا جي ڪالوني جو آباد ٿيڻ-
قسطنطنيـﮣ جي شهر توڙي شهنشاهت خلاف سندن جنگيون.
گِبن خانه جنگين جو ذڪر ٿو ڪري جن يونان جي
شهنشاهت کي تڏهن گهڻو متاثر ڪيو هو جڏهن مائيڪل
پئلولاگس جي جانشينن جي حڪومت هئي، پر تڏهن ڪجهه
ٺاپر ٿي جڏهن جان ڪئنٽاڪزين 1347ع ۾ قسطنطنيہ ۾
داخل ٿيو ۽ ننڍڙي جان پئلولاگس جي عيوضيءَ طور
حڪومت هلايائين، پر فتنن ۽ ديني جهڳڙن ڪَر کنيو جن
شهنشاهت کي بنهه ڪمزور ڪري ڇڏيو. هوڏانهن وري
جينئا ۽ وينِس جي واپارين جي وچ ۾ سخت اختلاف برپا
ٿي ويا ۽ جڏهن يونانين 1352ع ۾، جينئا وارن خلاف،
وينِس وارن جي حمايت ڪئي ته قسطنطنيہ جي ديوارن
اندرئي کين شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو، جنهن جي نتيجي
۾ جينئا وارن کي وڻج واپار جي هڪ طرفي اجازت ملي
وئي.
باب چوهٺيون
(خلاصو)
چنگيز خان ۽ مغلن (منگولن) جون چين کان پولئنڊ
تائين سوڀون- قسطنطنيـﮣ ۽ يونانين جو بچي وڃڻ-
بٿنيا ۾ عثماني ترڪن جي شروعات- عثمان جي حڪومت ۽
سندس فتحون- آرچن، عموراث-I
۽ بايزيد-I
ايشيا ۽ يورپ ۾ ترڪن جي شهنشاهت جو بنياد ۽ ان جو
واڌارو- قسطنطنيـﮣ ۽ يوناني سلطنت کي خطرو
گِبن، منگولن (مغلن) ۽ تاتارين جي اصل نسل تي هڪ
نظر ٿو وجهي، جن عثمانيه سلطنت جو بنياد رکيو هو.
هُو، سندن فوجي نظم ۽ ضبط، قانونن توڙي مذهبي
رواداري جو باني سندن پهرئين شهنشاهه چنگيز خان کي
سمجهي ٿو. (1227-1206ع- حڪومت جو دوُر) سندس چئن
جانشينن ايشيا جي گهڻن ملڪن ۽ مشرقي يورپ جي وڏي
حصي کي پنهنجي فرمان هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ چين جي تهذيب
۽ تمدن کي هنن اوڀر جي ملڪن ۾ رائج ڪيو جڏهن ته
اسلام کي اولهه جي ملڪن ۾ ڦهلايو ويو.
سندن اڳواڻن جي وچ ۾ اختلافن سبب قسطنطنيہ بچي ويو
۽ سندن زوال سبب، چوڏهين صدي عيسوي جي شروع واري
دؤر ۾، ايشيا مائنر ۾ عثمانيه سلطنت يا ترڪن جي
حڪومت قائم ٿي وئي. باسفورس جي اردگرد يونانين جون
سڀئي مال ملڪيتون ختم ٿي ويون، پر اها عجيب ڳالهه
هئي ته خانه جنگي ۾ اُنهن ترڪن سان اتحاد ٿي ڪيو.
چوڏهين صدي عيسوي جي آخر تائين ترڪَ، بالڪنس جي
تمام گهڻي حصي جا مالڪ ٿي ويا ۽ نڪوپولس جي جنگ ۾
(1396ع) هنن هنگري کي به شڪست ڏني ۽ وڌيڪ طاقتور
ٿي ويا. فقط تيمورلنگ جي سوڀن، جنکي ٻي باب ۾ بيان
ڪيو ويندو، ترڪن کي قسطنطنيہ جي فتح کان پٺتي
هٽائي ڇڏيو. |