سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:11

پر سندس دشمنن به اها رات بيحد پريشاني ۽ اذيت ۾ گذاري هئي. ٽورسمانڊ جي بيصبري واري بهادري* کيس اڳتي وڌندو رهڻ لاءِ اُتساهيو، نيٺ نوبت اتي وڃي بيٺي جو هو پنهنجن چند ساٿين سان سيٿيا جي گاڏين جي وچ ۾ وڃي پهتو. رات جي انڌاري واري مقابلي ۾ هو گهوڙي تان ڪري پيو ۽ گاٿ شهزادو پنهنجي پيءُ وانگر ختم ٿي وڃي ها پر سندس جوان مَردي ۽ پنهنجن ساٿين جي مدد سان هوُ موت جي مُنهن مان خيريت سان بچي نڪتو. ساڳئي وقت کاٻي پاسي کان ايٽيَس جيڪو پنهنجن اتحادين کان ڌار ٿي ويو هو ۽ جنهن کي سندن سوڀ حاصل ڪرڻ جي خبرنه هئي، ۽ جيڪو سندن مقدر جي فيصلي جو منتظر هو، مخالف فوجين جي سامهون اچي ويو پر پوءِ ڀاڳ ڀلا هُيس جو مخالف فوجين جي يلغار کان بچي ويو جيڪي چالنس جي ميدان تي ٽڙيل پکڙيل هيون ۽ نيٺ هو گاٿن جي ڪئمپ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن کي هن به ننڍڙا قلعا ٺاهي صبح ٿيڻ تائين مضبوط ويهي ڪيو. شاهي جنرل پنهنجي دل جي اندر اٽيلا جي شڪست تي ڏاڍو خوش هيو، جيڪو اڃا تائين پنهنجن مورچن ۾ ڪاهلن جيان موجود هو ۽ جڏهن هن خوني جنگ بابت تصور ڪيو ته پنهنجي دل ئي دل ۾ مطمئن ٿيو ته بربرن کي وڌيڪ نقصان رسيو هو. زخمن سان چُور ٿيل ٿوڊورڪ جي لاش کي قتل ٿيل ماڻهن جي ڍير مان ڳولي هٿ ڪيو ويو، لاش کي ڏسندي ئي سندس رعيت جي ماڻهن پنهنجي بادشاهه تي، جنهن کي هو پنهنجو پيءُ ڪوٺيندا هيا، ماتم ڪرڻ شروع ڪيو پر پوءِ سندن ڳوڙها، بادشاهه جي ساراههَ جي گيتن ۽ تعريفن ۾ گونجي اُٿيا ۽ دشمن جي آڏو سندس ڪفن دفن جو اهتمام شانائتي نموني سان ڪيو ويو. گاٿن، پنهنجن هٿيارن جو نماءُ ڪندي ۽ هڪ ٻئي سان هٿيار ٽڪرائيندي ۽ کڙڪائيندي سندس وڏي پٽ ٽورسمانڊ کي هڪ وڏي ڍال تي ويهاري مٿي کنيو ۽ وڏي احترام سان کيس پنهنجو نئون بادشاهه تسليم ڪيائون ۽ نئين بادشاهه پنهنجي پيءُ جي ورثي طور دشمن سان وڙهڻ ۽ بدلي وٺڻ جو وچن ڪيو. پر ان عزم ۽ وچن جي باوجود گاٿ، پنهنجي طاقتور دشمن جي زور ۽ ڏهڪاءَ کان اڃا تائين ڊِنل هيا ۽ سندن ئي هڪ تاريخدان اٽيلا جي ڀيٽ هڪ شينهن سان ڪئي آهي جنهن کي هر طرف کان وڪوڙيو ويو هجي پر پوءِ به هو پنهنجي شڪارين کي پنهنجي طاقت سان ڊيڄاريندو ۽ ڌمڪائيندو هجي. جن بادشاهن ۽ قومن اٽيلا کي سندس مصيبت جي وقت ۾ ڇڏي ڏنو هو ۽ ساڻس بيوفائي ڪئي هئي، اُهي پنهنجي مُنهن خوف ۾ ڪنبي رهيا هيا ته سندن بادشاهه جي ڪاوڙ خبر ناهي ساڻن ڪهڙو حشر برپا ڪندي. سندس جنگ جي سڀني سازن منجهان هوڏ ۽ للڪار جا آواز اچڻ لڳا ۽ جيڪي سپاهي مٿس حملي ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا هيا اُنهن کي رستي تي روڪي مٿن تيرن جو وسڪارو ڪيو ويو. تنهنڪري جنگ بابت هڪ ميٽنگ ۾ هڪ پُرعزم فيصلو ڪيو ويو ته هُنن جي بادشاهه تي سندس ئي ڪئمپ ۾ گهيرو ڪيو ويندو ۽ سندس کاڌي خوراڪ جي شين کي روڪيو ويندو ۽ سندس حالت اهڙي ڪئي ويندي ته هو يا ته هڪ ذلت واري معاهدي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي يا وري ايترو ڪمزور ٿي وڃي جو مقابلي ڪرڻ جي همت ئي نه ساري سگهي. پر بربرن جي بيصبريءَ اهڙن قدمن کي نفرت جي نظر سان ڏٺو ۽ ايٽيَس جي بردباريءَ واري پاليسي اهڙي هئي جو هُن دورانديشي واري نظر سان سوچيو ته هُنن (Huns) جي برباديءَ کان پوءِ وري گاٿن جي قوم جي طاقت، سندن آڪڙ ۽ وڏائي وڌي سندس آڏو ايندي. تنهنڪري اميرزادي وڏي عقل ۽ ڏاهپ جي راهه اختيار ڪندي ماڻهن جي جوش جذبي کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٿوڊورڪ جي پٽ کي پيار، محبت ۽ سچائيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ٽورسمانڊ تي زور رکيائين ته فورن واپس اچي پنهنجن ڀائرن تي زور ڀري ته جيئن اُهي بيصبريءَ مان ٽولُوز جي تخت تي قبضو نه ڪن ۽ نه وري اُتي خزانن جي ڦُڙلٽ شروع ڪري ڏين.(46) گاٿن جي رواني ٿيڻ ۽ اتحادي فوج جي جدا ٿيڻ کان پوءِ اٽيلا جي حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن هن محسوس ڪيو ته چالـَنس جي ميدان تي مڪمل خاموشي ڇانيل هئي، جنهنڪري کيس دشمن طرفان ڪنهن سازش جو کيس شڪ پيو تنهنڪري هو ڪجهه وڌيڪ ڏينهن پنهنجن گاڏين جي وچ ۾ رهيو پيو هو ۽ رائين کان به اڳتي سندس ڀاڄَ آخري فتح کي تسليم ڪيو جنهن کي اولهه جي شهنشاهت جي نالي ۾ حاصل ڪيو ويو هو. ميروويَس ۽ سندس فرئنڪ، دورانديشيءَ واري مفاصلي کي قائم رکندي ۽ کوڙ سارين جڳهن تي هر رات باهيون ٻاريندي پنهنجي تعداد جي باري ۾ گهڻي وڌاءُ کان ڪم وٺندي هُنن جو پوئين طرف کان پيڇو ڪندا رهيا، جيستائين اُهي سُرنجيا جي سرحدن تائين پهچي ويا. سرنجيا وارن اٽيلا جي فوج ۾ خدمتون ڏنيون هيون، ۽ هن سان گڏ سفر به ڪيو هيائون ته منزلون به ماڻيون هيائون، پر اهو فقط هن جنگ ۾ ٿيو جو ڌُرين هڪ ٻئي تي ظلم ڪيا ۽ ڪلووِس جي پُٽ انهن ظلمن جو بدلو چاليهن سالن گذرڻ کان پوءِ ورتو. جن کي هنن پناهه ڏني هئي اُنهن کي به قتل ڪيو ويو، ۽ قيدين جا سِرَ ڌڙَ کان ڌار ڪيا ويا، ٻن سوَن نوجوان ڇوڪرين کي اهڙيون اذيتون ڏنيون ويون جن کي بيان ڪرڻ به مشڪل آهي، اُنهن جي جسمن کي جهنگلي گهوڙن جي سُنبن هيٺان چيريو ۽ چيٿاڙيو ويو ۽ سندن هڏن کي گاڏين هيٺان ڏئي ڀورا ڀورا ڪيو ويو ۽ جيڪي سندن عضوا پورجڻ کان ٻاهر رهجي ويا هيا اُنهن کي رستن تي اُڇلائي ڪُتن ۽ ڳِجهن جو کاڄ ڪيو ويو. اڳي جا جهنگلي ۽ وحشي ماڻهو اهڙا ئي هيا جيئن کين بيان ڪيو ويو آهي ۽ جن جا ظاهري گُڻ ماڻهن کي ڪشش ڪندا هيا ۽ اهي سندن تعريفون ڪندا هيا بلڪ اُنهن جي هلت چلت تي ريس پڻ ڪندا هيا.(47)

گال جي معرڪي جي ناڪاميءَ تي اٽيلا جو نه جذبو جهڪو ٿيو، نه سندس طاقت گهَٽي ۽ نه وري سندس شهرت متاثر ٿي. ايندڙ بهار جي موسم ۾ هن ٻيهر شهزادي آنريا کي پاڻ وٽ گهرائڻ ۽ ان سان گڏ جيڪو ڪجهه کيس پيءُ طرفان ورثي ۾ مليو هو ان کي واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پر سندس مطالبن کي ٻيهر يا ته رد ڪيو ويو يا وري ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪاوڙيل عاشق هڪدم ميدان تي نڪري آيو، ائلپس کي اُڪاريائين، اٽلي تي حملو ڪيائين ۽ بربرن جي هڪ وڏي لشڪر سان عقيليا جو گهيرو ڪيائين. پر اُهي بربر باقاعدگي واري گهيري ڪرڻ جي هنر کان بلڪل بيخبر هيا. جنهن جي لاءِ قديم زمانن ۾ ڀي هڪ مڪمل ڄاڻ ۽ تجربي جي ضرورت پوندي هئي. پر ڪيترن ئي مقامي ماڻهن ۽ قيدين جي محنت ۽ مدد جن جي حياتين کي بنا رحم جي ختم ڪيو ويو هو، شايد هنن لاءِ وڏي مددگار ۽ مخالفن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿئي ها. رومي ماڻهن جي ڄاڻ* شايد ايتري بگڙي چڪي هئي جيڪا سندن ملڪ جي تباهيءَ جو باعث بڻي. عقيليا جي ديوارن تي گولا وسائيندڙ مشينن ۽ تيرن، نيزن ۽ پٿرن سان حملو ڪيو ويو ۽ باهه جا شعلا پڻ ڀڙڪي اٿيا؛(48) ۽ هُنن (Huns) جي حاڪم اُميد، خوف تابعداري ۽ دلچسپيءَ جو اهڙو عجيب ماحول پيدا ڪري ڇڏيو ته جيئن آخري رڪاوٽ کي به پنهنجي رستي تان هٽائي ڇڏي جنهنڪري اٽلي کي فتح ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي هئي. ان زماني ۾ عقيليا، رئٽڪ بندر جي شهرن ۾ سڀني کان وڌيڪ شاهوڪار، وڏي آبادي وارو ۽ مضبوط شهر ليکيو ويندو هو. گاٿن جي مددگار فوجين، جن مقامي بادشاهن الارڪ، ۽ انٽالا جي حڪمن هيٺ پنهنجون خدمتون ۽ نوڪريون ڏنيون هيون، پنهنجي بهادريءَ جي جذبن کي آزمائڻ جي آڇ ڪئي ۽ هتان جي شهرين ان شاندار ۽ ڪامياب مقابلي کي ڪڏهن به نه وساريو هو جيڪو سندن ابن ڏاڏن به اهڙي خطرناڪ بربر* سان اڳ نه ڪيو هو جنهن روم جي شان ۽ ان جي تخت ۽ تاج کي بيعزتو ڪيو هو. عقيليا جي گهيري کي ٽي مهينا گذري ويا هيا ۽ اڃا تائين ان جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو هو؛ هاڻي نوبت اها اچي وئي جو کاڌي خوراڪ جي سخت اڻاٺ سبب فوجين جون دانهون ۽ شڪايتون شروع ٿي ويون جنهن اٽيلا کي گهيري ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو، نيٺ هن ناراضگيءَ ۾ حڪم ڏنو ته فوجي ڀلي پنهنجا خيما اُکوڙين ۽ ٻي ڏينهن تي پٺتي ورڻ يا ڀاڄ کائڻ جون تياريون ڪن. پر جيئن هو ڏک، درد ۽ ڪاوڙ ۾ عقيليا جي ديوارن جي چوڌاري پنهنجي گهوڙي تي چڙهي چڪر لڳائي رهيو هو ته هن ڏٺو ته هڪ ٻگهه پکي پنهنجي آکيري کي ڇڏيو ۽ پنهنجن ٻچن سوڌو اتان ڪنهن ملڪ ڏانهن اُڏامي هليو ويو. هن ننڍڙي واقعي مٿس وڏو اثر ڇڏيو ۽ هن پنهنجن ڏاهن سان هن وهم وسوسي بابت صلاح ڪئي، نيٺ وڏي آواز سان ۽ خوشيءَ جي لهجي ۾ ماڻهن کي چيائين ته هڪ اهڙو پکي، جيڪو هيترو سارو عرصو انساني سوسائٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو هو، پنهنجي آکيري کي ڇڏي ۽ هرگز پري اُڏامي نه وڃي ها جيڪڏهن هي منارا (جن ۾ پکيءَ جو آکيرو ٺهيل هو) بربادي ۽ اڪيلائيءَ جي علامت نه هجن ها.(49) هن وهم وسوسي کي جيڪو سندن خواهش مطابق هو، هنن پنهنجي لاءِ سوڀ جو پيغام سمجهيو، ان ڪري گهيري کي ٻيهر جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ سِر ٽوڙ ڪوششون ورتيون ويون؛ اُنهيءَ ديوار کي ان هنڌ تي هڪ وڏو سوراخ ڪيو ويو جتان ٻگهه پکي اُڏاڻو هو؛ هاڻي هُنن وڏي ڪاوڙ ۽ جوش مان حملن کي ان حد تائين تيز ڪري ڇڏيو جو عقيليا جي نالي نشان کي ئي مِٽايو ويو جو ان جي برباديءَ جا آثار به ڏسڻ ۾ نٿي آيا.(50) هن ڀوائتي ڪارروائيءَ کانپوءِ اٽيلا پنهنجي پيش قدميءَ کي جاري رکيو ۽ اَلٽينم، ڪانڪورڊيا ۽ پادئا جي شهرن مان گذريو ته اُنهن کي به تباهه ڪري پٿرن ۽ خاڪ جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين. ٻيا اندريان شهر وائسينزا، ويرونا ۽ برگوما، هنن جي طرفان بيدردي واري برباديءَ جي نذر ٿي ويا. مِلن ۽ پاويا جا ماڻهو خوف ۽ ڏهڪاوَ کان ڊڄي ويا ۽ هنن هڪدم آڻ مڃي پيش پوَڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هُنن (Huns) طرفان رحم ڪرڻ تي کين ساراهيو ويو ڇاڪاڻ ته سندن عمارتون ۽ شهر شُعلن جو بَکُ ٿيڻ کان بچي ويا هيا ۽ بيشمار قيدين ۽ ٻين ماڻهن جون زندگيون پڻ بچي ويون هيون. ڪومَم، تِيورن يا ماڊرنا جي روايتن جي دُهرائجڻ جو امڪان هو پر ان جي باوجود اٽيلا جي ظلمن ۽ زيادتين جي تصديق ٿي چڪي آهي ته هن جديد لومبارڊي جي ميدانن تائين تباهي ۽ بربادي ڦهلائي ڇڏي هئي، جن کي پو (Po) هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو هو ۽ اٽليس ۽ اَپينن کي پڻ هر طرف کان وڪوڙي ڇڏيو هو.(51) جڏهن هن مِلن جي شاهي محل تي قبضو ڪيو ته کيس حيرت به ٿي ته ساڳئي وقت سندس ڪاوڙ به چوٽ چڙهي وئي جڏهن هن سيزرس جون تصويرون ڏٺيون جن ۾ کين تخت تي ويهاريل ڏيکاريو ويو هو ۽ سيٿيا جي شهزادن توڙي شهنشاهن کي سندن پيرن تي ڪِريل ڏيکاريو ويو هو. رومين جي مناري جي سکڻي آڪڙ تي اٽيلا جيڪو بدلو ورتو اُهو نقصانڪار ته نه هيو پر نرالي انداز وارو هو. هن هڪ نقش نگار جي ماهر کي حڪم ڏنو ته اُنهن تصويرن ۽ اُنهن جي ڏيک کي اُبتو ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ شهنشاهن جي تصويرن کي ساڳئي ڪئنوَس تي ٻيهر چِٽيو ويو جنهن ۾ کين نماڻي ۽ ٻاڏئيندڙ انداز ۾ اهڙيءَ طرح ڏيکاريو ويو هو ته ڄڻ هو سيٿيا جي حاڪمن اڳيان سونَ جون ٽوڪريون بطور ڏَنَ جي کين پيش ڪري رهيا هيا.(52) جيڪي ماڻهو هن تبديليءَ جو تماشو ڏسڻ ويا هيا، اُهي يقيني طور تي سچ جي اصل حقيقت تي پهچي ويا هوندا، ۽ تصويرن ۾ ڪيل تبديلين کان به آگاهه ٿيا هوندا ۽ هن عجيب ۽ اهم موقعي تي هنن هڪ شينهن ۽ انسان جي جهيڙي جي ڪهاڻيءَ کي به هن واقعي سان ضرور ملايو هوندو.(53)

اٽيلا جي خطرناڪ تڪبر جي سلسلي ۾ تڏهن هڪ چوڻي تمام گهڻي مشهور ٿي ته: ’جنهن به زمين جي ٽُڪري تي اٽيلا جي گهوڙن جا سُنبَ لڳا هوندا ته اُتي ٻيهر گاهه ڪڏهن به نه ڦُٽو هوندو.‘ تنهن هوندي به هن تباهي آڻيندڙ فاتح جي شهنشاهت، بغير ڪنهن اڳواٽ سوچ سمجهه ڪرڻ جي، يورپ جي آمراڻي دؤر واپار ۽ تجارت جي لحاظ سان سلامت رهي. وينِس يا وينيشيا(54) جو وڏو نالو، اڳ اٽلي جي وڏي ۽ خوشحال صوبي ۾ هڪ طرف پنونيا جي سرحدن کان اَدُوئا ندي ته ٻي طرف پو (Po) کان رهيشيا ۽ ائلپس تائين هرطرف پهچي چڪو هو. بربرن جي حملن کان اڳ وينيشيا جا پنجاهه شهر امن سلامتي ۽ خوشحاليءَ ۾ رهندا رهيا ۽ عقيليا ته وڌيڪ ناميارو ۽ خوبصورت شهر هو، پر پادئا جو قديمي شان ۽ سُونهن سندس زراعت جي پيداوار ۽ اتان تيار ٿيندڙ شين تي مدار رکندڙ هئي، ۽ پنج سو ماڻهن جي ملڪيت، جن جو تعلق گهوڙيسوار طبقي جي خاص شعبي سان هو، هڪ سخت ۽ ڪنجوسيءَ جي اندازي موجب به سترهن لک پائونڊن جي برابر هئي. عقيليا، پادُئا ۽ ٻين ڪيترن ئي قديمي شهرن جا بيشمار ڪٽنبَ، جيڪي هُنن (Huns) جي ظلمن ۽ زيادتين جي آزار کان پنهنجن ابن ڏاڏن جي آستانن کي ڇڏي چڪا هيا، پاڙيوارن ٻيٽن ۾ وڃي رهيا جتي هنن پاڻ کي سلامت ۽ محفوظ سمجهيو هو.55 ٻيٽ جي هن نارَ جو آخري ڇيڙو جتي ائڊرئٽڪ جيئن تيئن ڪري هڪ وڏي سمنڊ سان همسري ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، اُتي لڳ ڀڳ هڪ سو ننڍا ننڍا ٻيٽ، تراکڙي پاڻيءَ سبب پنهنجي کَنڊَ کان جدا ٿين ٿا جن کي وري زمين جا هيڏي هوڏي ٽڙيل پکڙيل ڊگها ٽڪرا سمنڊ جي ڇولين ۾ وَهي وڃڻ کان بچائن ٿا ۽ ڇولين جي ڳُجهن لنگهن مان وري ڪي ننڍا جهاز گذرن ٿا.(56) پنجين صدي جي وچ تائين هن قسم جا ڏورانهان ۽ جدا ٿيل هنڌ ڪنهن به پوک ۽ آباديءَ کان يتيم رهيا، جتي ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو گمناميءَ جي صورت ۾ رهندا هيا. پر وينِس مان لڏي ويندڙن جي اخلاق، عادتن، سندن هنرن ۽ اُنهن جي حڪومت جي طور طريقن کي نئين صورتحال ۾ اختيار ڪيو ويو؛ هن سلسلي ۾ ڪئسيوڊورس(57) جي هڪ تحرير موجب، جيڪا هِن نئين آبادڪاريءَ کان ستر سال پوءِ جي لکيل آهي، هيءَ آباديءَ جمهوريه جي هڪ مناري جيان نمايان ٿي وئي. ٿوڊورڪ جو هڪ وزير پنهنجي مخصوص انداز ۾ هن نئين آباديءَ جي ڀيٽ هڪ آڙِي يا مُرغابيءَ سان ڪري ٿو جيڪا پنهنجو آکيرو پاڻيءَ جي وچ ۾ وڃي ٺاهيندي آهي، ساڳيءَ طرح هي ماڻهو جن جو تعلق اڳ سُٺن ۽ سَرنديءَ وارن خاندانن سان هو، ۽ هاڻي سندن حالت مٿي بيان ڪيل پکي جي اڪيلي آکيري وانگر هئي، ۽ هو تنگدستيءَ ۾ پنهنجو گذران ڪري رهيا هيا. تڏهن هر ماڻهوءَ جو کاڌو ۽ گذارو مڇيءَ تي هوندو هو، سندن گذاري ڪرڻ جي ٻي دولت لوڻ هوندو هو جنهن جو ججهو مقدار کين سمنڊ مان هٿ ايندو هو، پر هن جنس مان جيڪا انسانن لاءِ بيحد ضروري هوندي هئي، هتان جا رهواسي پاڙيوارن ملڪن مان، مٽا سٽا ذريعي سون ۽ چاندي جي دولت هٿ ڪري ايندا هيا. اهي ماڻهو، جن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو دارومدار ڌرتي ۽ پاڻيءَ جي دولت سان لاڳاپيل هجي، ٻن اهم ڌاتُن کان پوريءَ طرح واقف ٿي ويا ۽ هاڻي هُنن جي ضرورتن جي مقابلي ۾ سندن لالچ ۽ حرص وڌيڪ اڳڀرو ٿي ويو هو. ٻيٽ جا رهواسي جيڪي گراڊو کان چوزا تائين هڪ ٻئي سان گهاٽن رشتن ۾ لاڳاپيل هيا، ندين، واهن ۽ ڏکين سامونڊي سفرن ذريعي اٽلي جي وچ وارن علائقن تائين پهچي ويا. سندن جهاز، جن جو تعداد وقت سان گڏ وڌندو رهيو هو، علائقي جي سڀني بندرن تائين پهچي چڪا هيا ۽ ڪنهن ليکڪ جو جملو هو ته: ’وينِس جي ائڊرٽڪ سمنڊ سان شادي سندس ٻالڪپڻ ۾ ئي ٿي هئي.‘ ڪئسيوڊورس جي هڪ تحرير جيڪو شاهي مُنهندار هو، سامونڊي مئجسٽريٽن ڏانهن لکيل آهي جنهن ۾ هو نماڻائيءَ مان مٿن زور ٿو ڀري ته پنهنجن ملڪي ماڻهن ۾ جذبو جاڳائن ته جيئن اُهي عوام جي خدمت ڪن ۽ هن سلسلي ۾ سندن گهُربل سهڪار جي ضرورت هئي ته هو شراب ۽ تيل جا ذخيرا اِسٽريا کان روينا جي شاهي شهر تائين رسائڻ ۾ سندن ڀرپور مدد ڪن. سامونڊي سفر سان لاڳاپيل مئجسٽريٽن جي عهدي کي هڪ روايت سان ملائي سگهجي ٿو ته ٻارهَن مکيه ٻيٽن ۾ ٻارهن مئجسٽريٽ هيا جن کي هر سال ووٽن ذريعي چونڊرايو ويندو هو. وينيشيا جي جمهوري ملڪ جي وجود کي جنهن تي اٽلي جي گاٿن جي حڪومت رهي، ساڳي مستند تاريخي دستاويز سان جوڙي سگهجي ٿو جيڪو ساڳئي وقت سندن اصليت ۽ دائمي آزاديءَ ۾ رهڻ جي دعويٰ کي بلڪل رد ڪري ڇڏي ٿو.(58)

اٽلي جي ماڻهن جن ڪيتري عرصي کان هٿيار کڻڻ ڇڏي ڏنا هيا ۽ پورا چاليهه سال صلح سانت ۾ گذاريا هيا، هڪ بربر جي اوچتي آمد تي بنهه ڇرڪي ۽ ڊڄي ويا ڇو ته اُهي هُن کان سخت نفرت ڪندا هيا ۽ کيس مذهب توڙي سندن جمهوريه جو ڪٽر دشمن سمجهندا هيا. جيڪو عام ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو هو، ايٽيَس اُنهن ۾ فقط اڪيلو ئي اهڙو هو جيڪو ڊنل نه هيو، پر ساڳئي وقت هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جي وَسَ ۾ اهو هرگز ڪونه هو ته ڪنهن جي مدد يا پُٺڀرائيءَ کانسواءِ هو پنهنجي بهادريءَ جي اڳين ساکَ کي قائم رکي سگهي. بربرن، جن اڳ گال جي حفاظت ڪئي هئي، هاڻي اٽلي جي مدد ڪرڻ کان پِڙ ڪڍي بيهي رهيا، ۽ مدد ڪرڻ جا جيڪي آسرا اوڀر جي شهنشاهه ڏياريا هيا، اُهي هڪ ته مشڪوڪ هيا، ٻيو پرانهين پنڌ سبب پورا نه ٿي سگهيا. جيئن ته ايٽيَس پنهنجي مقامي فوجن جي سهاري تي جنگ جي محاذ تي اڃا ڄميل هيو ۽ اٽيلا جي پيش قدمي کي روڪيون بيٺو هو، پرهن ۾ مردانگي يا همت اُها نه رهي هئي جيڪا هن ان وقت ڏيکاري هئي جڏهن ڪجهه جاهل ۽ احسان فراموش ماڻهن سندس ڪردار تي الزام مڙهيا هيا.(59) جيڪڏهن وئلينٽينين ۾ سُٺن جذبن ۽ اوچي ڪردار جي اثر قبول ڪرڻ جي صلاحيت هجي ها ته هو اهڙي جنرل کي پنهنجو مددگار ۽ رهبر بنائي ڇڏي ها. پر ٿوڊوسيَس جي بزدل پوٽي، خطرن کي گڏجي مُنهن ڏيڻ بدران، جنگ جي طبل وڄڻ شرط ئي ڀاڄ ڪئي ۽ روينا کان اٽلي تائين اُٻهرائيءَ ۾ ڪيل بزدليءَ واري سندس سفر، جنهن ۾ هو هڪ محفوظ ۽ اَجيت قلعي کي ڇڏي هڪ کليل گاديءَ جي هنڌ ۾ وڃي پهتو هو، هن جي بزدلي ۽ بدنيتيءَ کي وائکو ڪري ڇڏيو ته جڏهن به دشمنن طرفان سندس ذات کي خطرو هوندو ته هو اٽلي کي هميشہ لاءِ ڇڏي وڃڻ ۾ هڪ گهڙي به دير نه ڪندو. بهرحال هن شرمناڪ ڀاڄَ کي ڪجهه وقت لاءِ رد ڪيو ويو جنهن کي، بزدليءَ وارن صلاحن سان اڳ اختيار ڪيو ويو هو پر هاڻي ساڳين مشورن سان جنهن جو رُخ صحيح رستي طرف موڙيو ويو، اولهه جي شهنشاهه، سينيٽ ۽ روم جي رعيت جي صلاح سان هڪ بهتر تجويز جي حمايت ڪئي ته نيازمندي واري سفارتڪاري جي زبان جو استعمال ڪندي اٽيلا جي ڪاوڙ لاءِ سخت ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو وڃي.* اويئينَس کي هي اهم ذميواري سونپي وئي جيڪو ڄائي ڄم کان ئي معتبر ۽ دولتمند هو ۽ سفارتي عهدن تي رهي چڪو هو ۽ ٻيو ته سندس ساٿين ۽ حمايتن جو وڏو انگ ساڻس سدائين گڏ هوندو هو ۽ سينيٽ ۾ سندس مرتبو تمام مٿاهون هو. اويئينَس جي شاندار ۽ هوشياريءَ واري ڪردار(60) يقينن کيس ان قابل بنايو هو ته هُو ذاتي ۽ عوامي بهتريءَ لاءِ لاڳاپيل ماڻهن يا اختيارين سان ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪري ڇڏي؛ هن سلسلي ۾ سندس ساٿين، ٽرائجيسٽيَس جيڪو اٽلي جي محل ۾ عمارت سازيءَ ۾ مشغول رهيو هو ۽ ليئو- جيڪو روم جو پادري هو، کيس مشورو ڏنو ته هو فقط پنهنجن ماڻهن لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. ليئوجي ذهانت(61) کي ان وقت آزمايو هو جڏهن ماڻهن مٿان مصيبتون آيون هيون ۽ ان وقت سندس بيمثال خدمتن تي کيس ’عظيم‘ هئڻ جو لقب ڏنو ويو هو ڇو ته هن پنهنجن اختيارن جي صحيح استعمال ڪرڻ کانسواءِ عيسائي مذهب کي اڳتي وڌائڻ ۽ ڪليسائي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. روم جي سفيرن کي اٽيلا جي تنبوءَ جي ڄاڻ ڏني وئي جتي هو اهڙي جڳهه تي ترسيل هيو جتي هڪ وائينڊنگ مشين بنئڪس(62) ڍنڍ جي جَهڳَ واري پاڻيءَ ۾ گم ٿي وئي هئي ۽ جنهن کي اڳ سيٿيا جي گهوڙيسوار فوج لتاڙي ڇڏيو هو ته ساڳي وقت ڪئٽلس ۽ ورجل(63) جي ٻنين ۽ باغن کي به ساڳين گهوڙن ۽ سُنبن هيٺان آندو ويو هو. بربر حاڪم روم جي سفيرن کي عزت واري انداز ۽ غور سان ٻُڌو پر اٽلي جي آزاديءَ کي شهزادي آنريا کي سندس حوالي ڪرڻ سان لاڳو ڪيو ويو. سندس فوج ان معاهدي کي عملي جامو پهرائيندي ۽ سندس پوئتي هٽڻ کي به يقيني بڻائيندي، سندن جنگجُو مزاج ۾ دولت ذريعي نرمي اچي وئي ته ساڳئي وقت گرمي جي شدت به سندن طبيعت ۾ ڍرائي ۽ سُستي آندي. اُتر جي ڌنارن يا ڌراڙن، جن جو روزانو جو کاڌو خوراڪ فقط کير ۽ ڪچو گوشت هوندو هو، هاڻي اُنهن به اَنَ، شراب ۽ پچايل گوشت جو استعمال باقاعدگيءَ سان ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ منجهن جيڪا بيماري تيزيءَ سان ڦهلجي چڪي هئي، ان ذريعي اٽلي وارن کي رسايل زخمن جو ازالو ڪنهن حد تائين ٿي چڪو هو.(64) جڏهن اٽيلا پنهنجن فاتح فوجن کي روم جي گيٽن تائين پهچڻ جي اَٽل عزم کي دهرايو ته کيس دوستن توڙي دشمنن پاران سخت چِتاءُ ڏنو ويو ته هن عظيم شهر جي فتح ڪرڻ کان پوءِ اَلارِڪ جهڙو جنرل به گهڻو وقت جيئرو نه رهي سگهيو هو. سندس ذهن تي، جيڪو اهڙن خطرن کان مٿاهون رهندو هو، فرضي خوفن ۽ ڏهڪاوَن سان حملا ڪيا ويا ڇو ته هو وهمن وسوسن جي اثر کان هروڀرو ايترو آجو نه هيو توڙي جو اُهي سندس عزم ۽ ارادن کان گهڻو ڪري شڪست کائي ويندا هيا.(65) ليئو جي تقرير جي فن، سندس شخصيت جي رعب ۽ شاندار ڪليسائي لباس، عيسائين جي هِن روحاني پيءُ جي لاءِ اٽيلا جي دل ۾ احترام جو جذبو پيدا ٿي پيو. ٻن حوارين سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پال جي پاڇي کان به هن بربر کي ڀئو ٿيندو هو ۽ کيس يقين هو ته جيڪڏهن هُن پنهنجي جانشين جي عرض کي ٺڪرائي ڇڏيو ته پوءِ ٻه حواري کيس بنادير ماري ڇڏيندا، هيءُ ڪليسائي روايتن جو هڪ مانائتو ۽ دلچسپ قصو آهي. بيان ڪيل روايتن موجب، روم جي سلامتي ڪن آسماني يا روحاني هستين سان لاڳاپيل هئي ۽ هن روايت کي رئيفل جي پينسل ۽ الغرادي جي ڇيڻيءَ سان شاندار قِصي جي صورت ۾ لِيڪيو ۽ چِٽيو ويو آهي.(66)

هُنن (Huns) جي بادشاهه اٽلي کي خالي ڪرڻ کان اڳ شهر وارن کي چِتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندس محبوبه شهزادي آنريا کي مقرر ٿيل وقت اندر، جيڪو صلح نامي ۾ طئي ڪيو ويو هو، سندس سفيرن جي حوالي نٿو ڪيو وڃي ته هو ٻيهر وڌيڪ خوفناڪ ۽ ڀيانڪ شڪل ۾ اٽلي موٽندو ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان جا ذميوار اٽلي جا شهري هوندا. تنهن هوندي به اٽيلا پنهنجي بيصبري ۽ ڪاوڙ جي اوٻر کان ان وقت ڪجهه آزاد ۽ آرامي ٿيو جڏهن هڪ خوبصورت ڇوڪري اِلڊيڪو ڪنوار بڻجي سندس بيشمار زالن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وئي.(67) سندن شادي کي، بربرن جي ثقافتي روايتن موجب دنيوب جي ڀر ۾ ڪاٺ جي ٺهيل سندس گهر تي وڏي شان ۽ دٻدٻي سان ملهايو ويو ۽ بادشاهه، جيڪو گهڻي شراب پيئڻ سبب نِڍال ۽ نِنڊاکڙو ٿي پيو هو، مانيءَ جي دعوت جي هُل هنگامي مان اُٿي پنهنجي شاديءَ جي بستري تي وڃي آرامي ٿيو. سندس خادم ۽ خدمتگار خوشيون ماڻيندا رهيا ۽ هر وقت سندس محلات جي اردگرد چوڪي ڏيندا رهيا تانجو هڪ عجيب ۽ اڻ ٿيندڙ خاموشيءَ کين شڪ ۾ مبتلا ڪري چوڪس ڪري ڇڏيو ۽ هنن وڏيون رڙيون ۽ واڪا ڪندي اٽيلا کي نِنڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، نيٺ شاهي محل جا دروازا ڀڃي هو محلات ۾ گهِڙي ويا. هنن ڏٺو ته شاديءَ جي بستري تي ڪنوار صفا ڏڪي رهي هئي ۽ سندس مُنهن رَئي سان ڍڪيل هو؛ هوءَ بادشاهه جي موت تي ماتم ڪري رهي هئي جيڪو ان رات مري چڪو هو ۽ الهڙ ڪنوار پاڻ به هن اوچتي موت سبب بيحد ڊنل ۽ پريشان هئي.(68) سندس رَڳَ ڦاٽي پئي هئي ۽ جيئن ته اٽيلا هڪ خاص انداز سان سُتل هو ته رڳ ڦاٽڻ سبب رت زور سان وهڻ لڳو ۽ نَڪ ۽ ناسُن مان ٻاهر نڪرڻ جي بجاءِ سندس ڦڦڙن ۽ پيٽ ۾ ڀرجڻ لڳو. بهرحال سندس ميت کي هڪ وڏي ميدان جي وچ ۾ رکيو ويو جتي هڪ ريشمي چبوترو ٺاهيو ويو هيو ۽ هُنن (Huns) جا خاص ماڻهو پنهنجي نامياري بادشاهه جي چوگرد هلندا ۽ ماتمي گيت ڳائيندا رهيا ۽ پنهنجي عظيم سپوت جي ياد کي تازو ڪندا رهيا جيڪو زندگيءَ ۾ شانائتو ۽ موت ۾ به اٽل ۽ اَجيت رهيو، جيڪو پنهنجي رعيت جو ابو ۽ دشمنن لاءِ ڏهڪائيندڙ هيو ۽ جنهن جي نالي وٺڻ سان ئي سڄي دنيا ڪنبي ۽ لرزي ويندي هئي. پنهنجين قومي ريتن رسمن موجب بربرن پنهنجن وارن جي ڪجهه حصن کي ڪٽيو، پنهنجن مُنهن تي هلڪا هلڪا زخم رسايائون ۽ پنهنجي عظيم ليڊر جي موت تي سندس شان مطابق ماتم ڪيائون پر ان تي عورتن وانگر ڳوڙها نه ڳاڙيائون پر ويڙهاڪن جيان پنهنجي رت سان رُنا. اٽيلا جي ميت کي ٽن تابوتن ۾ بند ڪيو ويو جيڪي سون، چاندي ۽ لوهه جا ٺهيل هيا ۽ کيس مخفي نموني رات جو دفن ڪيو ويو؛ جيڪو به وٽن لُٽ ڦُر جو مال هيو اُهو سندس قبر ۾ اڇلايو ويو، جن قيدين سندس قبر کوٽي هئي اُنهن کي وحشياڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو، ۽ ساڳين هُنن (Huns) جيڪي اڳ ۾ غم ۾ ٻڏل نظر ٿي آيا ۽ ماتم ٿي ڪيائون، اُهي هاڻي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيا جن تازو پنهنجي بادشاهه جي ڪفن دفن ۾ حصو ورتو هو. بعد ۾ قسطنطنيہ ۾ هڪ خبر ڇپي ته ان ڀاڳن ڀري رات ۾ جڏهن اٽيلا مري چڪو هو ته ساڳي رات مرسيَن خواب ۾ ڏٺو هو ته اٽيلا جي تيرڪمان ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي هئي جنهن مان اهو به ثابت ٿي ٿيو ته روم جي شهنشاهه شايد ئي ڪڏهن ان خطرناڪ بربر جو تصور اکين اڳيان هٽايو هوندو.(69)

هِن انقلاب، جنهن هُنن (Huns) جي شهنشاهت کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو هو، اٽيلا جي نالي کي، بهرحال زنده ڪري ڇڏيو هو ڇو ته اها سندس ئي ذهن جي بردباري هئي جنهن هن جي شهنشاهت جي ڀڳل ٽٽل ٽڪرن کي گڏ ڪري، جوڙي ۽ سنواري هلايو هو. سندس مرڻ کان پوءِ جيڪي بهادر سپهه سالار هيا اُنهن بادشاهه بنجڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪي وڌيڪ طاقتور بادشاهه هيا اُنهن هُنن جي برتري کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اٽيلا جا جيڪي بيشمار پٽ هيا، جن کي کوڙ سارين مائرن ڄڻيو هو ۽ جيڪي سڀئي اٽيلا جون زالون هيون، اُهي پاڻ ۾ ورهائجي ويا ۽ هڪ ٻئي سان ملڪيت توڙي اقتدار جي مسئلن تي جهيڙن جهٽن ۾ جُنبي ويا. اُهو اقتدار جيڪو جرمني ۽ سيٿيا جي قومن جو امتيازي نشان هوندو هو. دلير آرڊئرڪ ڪدورتن ۽ هڪ ٻئي خلاف ورهائجي وڃڻ جي فضا کي محسوس ڪيو ۽ سندس رعيت جا ماڻهو گيپيڊي، آسٽروگاٿن سان ٽڪريل هيا ۽ هيءَ مخالفت ٽن بهادر ڀائرن جي وچ ۾ هئي، هنن پنهنجن اتحادين کي همٿايو ته اُهي سندن ساٿ ڏين ۽ آزادي توڙي خانداني وقار کي واپس ورائڻ لاءِ هڪ ٿي وڃن. پنونيا ۾ نيتاد نديءَ جي ڪنارن تي هڪ خوني جنگ لڳي جنهن ۾ گيپيڊي جا نيزا، گاٿن جون تراريون، هنن جا تِيرَ، سووِي جي پيادل فوج، هيرولي جا هٿيار ۽ الاني وارن جو ڳرو مارڪندڙ اسلحو استعمال ٿيو، هن جنگ ۾ ٻئي ڌريون يا ته هڪ ٻئي جي سامهون ٿي وڙهيون يا وري هڪ ٻئي جي مدد ڪيائون جنهن ۾ آرڊئرڪ کي سوڀ حاصل ٿي ۽ سندس دشمنن جا ٽيهه هزار ماڻهو مري ويا. اٽيلا جو وڏو پٽ اِلئڪ به نيتاد جي جنگ ۾ مارجي ويو جنهن جي اڳين بهادري کيس اڪٽزائرس جو تاج ڏياريو هو، جيڪي سيٿيا جا ماڻهو هيا جن کي هن پنهنجي طابع بنايو هو ۽ سندس پيءُ، جيڪو مٿاهين لياقت ۽ قابليت جي هميشہ همت افزائي ڪندو هو، شايد اِلئڪ جي موت تي ريس ڪري ها.(70) سندس ڀاءُ ڊينگش جنهن سان پڻ هُنن جي فوج گڏ هئي، پندرهن سالن تائين دنيوب جي ڪنارن تي پنهنجي ويڙهه ۽ تباهين کي پوري طاقت سان جاري رکيون ٿي آيو. ڊئسيا جي اڳوڻي ملڪ ۾ اٽيلا جو محلات، ڪارپٿين جي جبلن کان ايگزين سمنڊ تائين- اقتدار جي طاقت جو مرڪز بڻجي ويو جنهن جي واڳ هاڻي آرڊئرڪ جي حوالي هئي جيڪو گيپيڊي وارن جو بادشاهه هو. پنونيا جون سوڀون، جن جو دائرو وئينا کان سرميم تائين هيو، آسٽروگاٿن جي قبضي ۾ هليون ويون هيون، ۽ ٻين قبيلن جي آبادڪاريءَ جو سلسلو جن وڏي بهادريءَ سان پنهنجي ابن ڏاڏن جي آزادي جي جذبي کي زندهه رکيو هو، مختلف گروهن ۾ ورهائجي ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ هر گروهه پنهنجي پنهنجي طاقت ۽ وسعت آهر قائم هو. ڊينگش، جيڪو پنهنجي پيءُ جي بيشمار غلامن سان وڪوڙيل هيو، جنهن جي بادشاهت فقط سندس گاڏين جي هڪ دائري تائين محدود هئي، تنهنڪري هن اُتاولي انداز سان اُٻهرائي ڪندي اوڀر جي شهنشاهت تي حملو ڪري ڏنو پر هو جنگ ۾ مارجي ويو ۽ سندس سِرَ کي بيعزتي واري انداز سان هڪ نمائش* ۾ رکي مٿس ٺٺوليون ڪيون ويون ۽ هن شڪست تي قسطنطنيہ جي ماڻهن خوشيون ۽ شڪرانا بجا آندا. پنهنجي زندگي ۾ اٽيلا، وڏي چاهه يا شايد وهمن وسوسن ذريعي، سمجهيو هو ۽ کيس يقين هو ته سندس ننڍي ۾ ننڍو پٽ اِرنئڪ، سندس قوم جي شان شوڪت کي قائم رکندو. هن شهزادي جو ڪردار ڪافي بهتر هو ۽ هن ڪوشش ڪئي ته جيڪا اُٻهرائي سندس ڀاءُ ڊينگش ڪئي هئي، ان کي اعتدال ۾ آندو وڃي، تنهنڪري هر طبقي اهو سوچيو ته هڪڙو هُو ئي هيو جيڪو شايد هُنن (Huns) جي ڪرندڙ ۽ زوال پذير بادشاهت کي سنڀالي ۽ سهارو ڏئي سگهي ۽ ارنئڪ هاڻي پنهنجن بيشمار ساٿين سميت ننڍي سيٿيا ۾ پنهنجا ديرا وڃي ڄمايا. پر سندن اثر ۽ طاقت کي نوَن بربرن جي هڪ ٽولي ختم ڪري ڇڏيو جيڪي پڻ ساڳين رستن کان سندن حدن ۾ داخل ٿيا جيڪي رستا گهڻو اڳ سندن ئي ابن ڏاڏن اختيار ڪيا هيا. جُوگن يا ايورس، جن جي رهائش گاهن کي يوناني ليکڪن سمنڊ جا ڪنارا ٻڌايو آهي، ڀر وارن قبيلن کي ڌِڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو*، تيستائين وري اتر جا اِگورس جيڪي سائبيريا جي يَخ ٿڌن ۽ پشم پيدا ڪندڙ علائقن کان اچي بيابان جي هر طرف پکڙجي ويا. ايتري تائين جو هُو برسٿينس* ۽ ڪئسپين سمنڊ جي ڪنارن تائين پهچي ويا ۽ آخرڪار هُو هُنن (Huns) جي شهنشاهت جي ٽمڪندڙ لاٽَ کي وِسائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.(71)

هي اهم واقعو شايد اوڀر جي شهنشاهت جي بچاءَ ۽ استحڪام جو سبب بڻجي ڇو ته حڪومت جي واڳ هڪ اهڙي شهزادي جي هٿ ۾ هئي جيڪو اعتدال پسند ۽ دوستي رکندڙ هيو ته ساڳئي وقت هن بربرن جي حقن کي به ختم ڪرڻ جي ڪوشش هرگز نه ڪئي. پر اولهه جي شهنشاهه، ڪمزور ۽ بدڪار وئلينٽينين، جيڪو عمر جي لحاظ سان ته پنجٽيهن سالن جو ٿيو هو پر عقل ۽ بهادري جي منجهس بوءِ ئي ڪانه هئي، بچاءَ ۽ حفاظت جي ماحول کي برباد ڪيو ۽ اميرزادي ايٽيَس کي قتل ڪرائي پنهنجي ئي تاج ۽ تخت جي بنيادن کي سخت ڪمزور ڪري ڇڏيائين. هڪ ڪِريل ذهن ۽ حاسد طبيعت سبب هو اُن ماڻهوءَ کان نفرت ڪندو هو جنهن جي هر جاءِ ۽ هر جڳهه تي شهرت فقط هن ڪري هئي ته وحشي بربر به کانئس ڊڄندا هيا ۽ اُهوئي شخص جمهوريه جي لاءِ وڏو آٿت ۽ آسرو هو، ۽ سندس نئون لاڏلو هڪ کدڙو هيراڪليَس هو جنهن شهنشاهه کي سندس سُستي ۽ نِڍالائپ مان جهنجهوڙي جاڳايو جنهن کي شايد پلاسيڊيا(72) جي زندگيءَ ۾ مِٽي مائٽي جي رشتي جي پردن ۾ لڪايو ويو هو. شهرت، دولت ۽ شان شوڪت سان گڏ، بيشمار بربر ويڙهاڪن ۽ سندس طاقتور ساٿين جي اڳواڻيءَ سبب ايٽيَس جو رُتبو سندس رعيت جي ٻين سڀني ماڻهن کان گهڻو مٿاهون ۽ مانَ وارو هيو. انهيءَ سان گڏ سندس پُٽ گاڊينٽيَس به سندس اُميدن جو مرڪز هيو جيڪو شهنشاهه جي ڌيءُ يوڊوڪسيا سان لاڳاپيل هيو. سندس مستقبل جي ارادن، جن جو مٿس ڳجهو الزام به هيو، وئلينٽينين جي دل ۾ خوف ۽ ناراضگي پيدا ڪري ڇڏي. ايٽيَس خود، جنهن کي سندس اهليت سندس خدمتن ۽ شايد سندس معصوميت جي پٺڀرائي حاصل هئي، ضدي ۽ اڻوڻندڙ ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. هن اميرزادي پنهنجي حاڪم کي هڪ دشمني واري اعلان ڪرڻ سان ناراض ڪري ڇڏيو، هن سندس ناراضگيءَ جي زخمن تي ويتر لوڻ ٻُرڪيو جڏهن هن کيس مجبور ڪيو ته صلح، امن ۽ اتحاد جي معاهدي کي قسم ساکَ تي قبول ڪري؛ هن حاڪم شڪن شبهن کي وڌايو، هن سندس حفاظت ڪرڻ ۾ غفلت ڪئي ۽ کيس هڪ اجايو اعتماد هو ته دشمن، جنهن کان هو نفرت ڪندو هو، سندن ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو، هن روم جي محلات ۾ وڃڻ جي جرئت ڪري ڇڏي. جيئن ته هو پنهنجي بي لغام ڪاوڙ ۽ بيصبري واري انداز ۾ پنهنجي پٽ جي شادي تي زور ڀري رهيو هو، وئلينٽينيَن پنهنجي ترار مياڻ مان ڪڍي، ۽ هي پهريون موقعو هو جو هن پنهنجي سڄي ڄمار ۾ اهڙي ڪاوڙ مان ترار ڪڍي هئي، ۽ اُن جنرل جي سيني ۾ وهائي ڇڏيائين جنهن سندس شهنشاهت کي بچايو هو؛ سندس درٻارين ۽ کدڙن به پنهنجي مالڪ جي کنيل قدم جي پوئواري ڪندي ايٽيَس مٿان تراريون وهايون ۽ کيس هڪ سو جي لڳ ڀڳ زخم رسيا، ۽ هو شهنشاهه جي موجودگيءَ ۾ پَٽ تي ڪري پيو ۽ ٿڏي تي مري ويو. بوٿيَس جيڪو شاهي محل جو مُنهندار هيو ان کي به هڪدم قتل ڪيو ويو ۽ هن واقعي جي ڪنهن به امڪاني رد-عمل کي روڪڻ لاءِ، اميرزادي ايٽيَس جي سڀني دوستن کي محلات ۾ گهرائي کين قتل ڪرايو ويو. هن مذمت لائق ۽ دل ڏاريندڙ واقعي جا تفصيل جنهن کي لڪائڻ لاءِ هنن ان کي ’ضرورت ۽ انصاف‘ جهڙا شاندار نالا ڏنا، هڪدم شهنشاهه جي فوجين رعيت جي ماڻهن ۽ سندن اتحادين تائين خود شهنشاهه طرفان پهچايا ويا. اُهي قومون، جيڪي ايٽيَس کي ڄاڻنديون سڃاڻنديون به نه هيون يا وري سندس دشمن هيون، ايٽيَس جي ڏکوئيندڙ موت تي رت رُنيون ۽ بربر جيڪي هن عظيم سپوت جي خدمت ۾ رهيا هيا، اُنهن به پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سندس غم ۾ ڳوڙها ڳاڙيا ۽ وئلينٽينيَن لاءِ جيڪا ماڻهن جي دلين ۾ بُڇان ۽ بد دلي ڇانيل هئي، اُها سندس لاءِ کليل ۽ عالمي نفرت ۽ ڌڪار ۾ تبديل ٿي وئي. اهڙا ڏکوئيندڙ واقعا شايد ئي ڪڏهن محل جي ديوارن کان ٻاهر لِيئو پائيندا آهن، پر شهنشاهه هن موقعي تي ان وقت وائڙو ۽ پريشان ٿي ويو جڏهن روم جي رعيت جي هڪ ماڻهو شهنشاهه جي اوڏو  ايندي کيس چيو: ’سائين! مون کي اوهان جي ارادن يا نيت جي ڪابه خبر ڪانهي، پر مان ايترو چوَڻ جي جرئت ضرور ڪريان ٿو ته اوهان ان نادان ماڻهوءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو پنهنجي ساڄي هٿ سان پنهنجو کاٻو هٿ ڪٽي ڇڏي.‘(73)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org