سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:5

باب اُڻٽيهون

(خلاصو)

ٿوڊوسيَس جي پُٽن ۾ روم جي شهنشاهت جو قطعي ورهاڱو- آرڪئڊيَس ۽ آنريَس جي حڪومتن جا دؤر- روفينَس ۽ اسٽيليچو جو حڪومتي انتظام- بغاوت ۽ آفريڪا ۾ گِلدو جي شڪست.

اُڻٽيهين باب ۾ گبن سياسي منظر نامي جي تصوير پيش ڪندي اوڀر ۽ اولهه جي حڪومتن جو ذڪر ٿو ڪري جن جي واڳ ٿوڊوسيَس جي بيڪار پُٽن آرڪئڊيَس ۽آنريَس جي حوالي هئي جيڪي شهنشاهه پڻ هيا. اوڀر ۾، آنريَس جي لالچي ۽ ذليل وزير روفينَس کي، اولهه مان موڪليل اسٽيليچو جي فوجين 395ع ۾ گرفتار ڪري ۽ قتل ڪري ڇڏيو. روفينَس، آنريَس جو محافظ ۽ جنرل پڻ هيو. اسٽيليچو، آفريڪا ۾ هڪ آمر گِلدو پاران برپا ڪيل بغاوت کي پڻ 398ع ۾ ڪچليو. هن ابتريءَ جي دؤر ۾ گبن، روم جي شهنشاهت کي ٽُٽندڙ ۽ وِکرندڙ نموني سان ڏٺو ڇو ته اوڀر ۽ اولهه جي شهنشاهن جا هڪٻئي سان جهيڙا ۽ تڪرار شروع ٿي چڪا هيا جن جي سرحدن تي بربَر پڻ سازشن ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا هيا. ٿوڊوسيَس، جيڪو روم جي ناليوارن شهنشاهن ۾ شامل هيو، آخري شهنشاهه هو جنهن پنهنجي فوج جي اڳواڻي ڪندي دشمنن سان جنگيون جوٽيون، پرگبن تبصرو ڪندي چوي ٿو ته ’سندس موت سان گڏ روم جو جذبو ۽ دٻدٻو به ڄڻ مري ۽ دفن ٿي ويو.‘

 

باب ٽيهون

 

گاٿن جي بغاوت، اُهي يونان کي ڦُري تاراج ڪن ٿا، اَلارِڪ ۽ رداگئسيَس اٽلي تي ٻه وڏا حملا ڪن ٿا. اُنهن حملن کي اسٽيليچو ناڪام بنائي ٿو ڇڏي. جرمن جوڌا گال کي اُڪري اڳتي وڌن ٿا. اسٽيليچو جي بيعزتي ۽ سندس موت.

اها ٻي ڳالهه آهي ته روم جا ماڻهو ٿوڊوسيَس جي ڪارنامن ۽ احسانن کان ڪافي وقت تائين اڻ واقف رهيا، پرپوءِ جلد ئي کين خبر پئجي وئي ته سندن شهنشاهه تڪليفون برداشت ڪري پنهنجي جمهوريه جي ڪمزور ۽ ڪرندڙ عمارت کي ڪيڏو نه سهارو ڏنو هو. هن جو موت جنوري جي مهيني ۾ ٿيو پر ساڳي سال سياري جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي گاٿن جي قوم جنگ لاءِ تيار ٿي چڪي هئي.(1) بربرن جي فوجي جٿن پنهنجو جهنڊو جدا ڦڙڪائي ڇڏيو ۽ کُلم کلا پنهنجي طاقت ۽ جنگجو ارادن جو برملا اظهار ڪرڻ لڳا. جيڪي هنن ڪيتري وقت کان وٺي پنهنجن خطرناڪ ذهنن ۾ سمائي ڇڏيا هيا. سندن ملڪ جا ماڻهو، جن کي، آخري عهدنامي جي شرطن ۽ حالتن سبب، سخت نِنديو ويو هو ڇو ته هاڻي کين خاموشيءَ سان مزدرون واري زندگي گذارڻي هئي، جنگ جي پهرين توتارن جي آواز تي، پنهنجا ٻنيون ٻارا ڇڏي، هٿيار کڻي جنگ ۾ جُنبي ويا، يعني اُهي هٿيار جيڪي هنن اڳ مجبور ٿي ڦٽا ڪيا هيا. دنيوب جي رڪاوٽن کي ختم ڪري ڇڏيائون، سيٿيا جا وحشي ويڙهاڪ پڻ پنهنجن جهنگلن مان نڪري نروار ٿيا، ۽سياري جي سخت ٿڌ تي هڪ شاعر پنهنجو خيال هن طرح پيش ڪيو: ’هنن پنهنجيون وڏيون ۽ ڳريون گاڏيون تيزيءَ سان وهندڙ برف جي تَهَن ۾ تبديل ٿيل نديءَ(2) مٿان اڇلائي ڇڏيون.‘ دنيوب جي ڏکڻ جي صوبن ۾ رهندڙ مقامي ماڻهن عارضي طور تي ته تڪليفن آڏو آڻ مڃي ورتي پر اٽڪل ويهن سالن جي عرصي گذرڻ کانپوءِ اُهي اُنهن تڪليفن يا موسم جي سختين سان مانوس ٿي ويا ۽ بربرن جا فوجي جَٿا، جيڪي پاڻ کي گاٿ سڏرائي وڌيڪ فخر محسوس ڪندا هيا، بيقاعدگيءَ سان هيڏي هوڏي پکڙجي ويا ۽ خاص طرح تي ڊالمئٽيا جي جهنگلن کان وٺي قسطنطنيہ جي ديوارن تائين هر طرف ڦهلجي ويا.(3) ٿوڊوسيَس جي سخاوت مان جيڪا گاٿن کي ڪشادي امداد ملندي هئي سا يا ته بند ٿي وئي يا گهڻي ڀاڱي گهٽجي وئي ۽ اهوئي شاندار سبب هو ته هُو بغاوت ڪرڻ تي آماده ٿي ويا، ويتر ٿوڊوسيَس جي نِڪمن پُٽن، جيڪي جنگ جي خلاف هيا، سندن نفرتن کي اُڀاريو ۽ سندن ڪاوڙ تڏهن ويتر چوٽ چڙهي وئي جڏهن آرڪيڊيَس جي وزير جي ڪمزوري جيڪا غداريءَ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي، کين بغاوت ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو. بربرن جي ڪئمپن ۾ روفينَس* جو گهڻو اچڻ وڃڻ ۽ سندس طرفان بربرن جهڙو لباس پائڻ، سندس شخصيت کي ٻين جي نظر ۾ پوريءَ طرح مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو هو ۽ رعيت جو دشمن، احسامنديءَ جي احساس يا وري ڪنهن سازش جي خيال کان، هر طرف تباهيءَ جي منظرن جي باوجود، هڪ بدنام مُنهندار جي ذاتي ملڪيت بچائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هو. گاٿَ، پنهنجن سردارن يا مُنهندارن جي انڌي تقليد ڪرڻ بجاءِ، هاڻي چالاڪ ۽ ذهين اَلارِڪ جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي جرئتمنديءَ جو مظاهرو ڪري رهيا هيا. اهو مشهور ۽ ناميارو اڳواڻ، بلتي(4) جي وڏي خاندان سان تعلق رکندو هو جيڪي فقط اَمالي جي شاهي خاندان جي شهرت ۽ دٻدٻي اڳيان جهُڪندا هيا ڇو ته اُنهيءَ خاندان وري روم جي فوجين سان ويجها لڳ لاڳاپا قائم ڪري رکيا هيا ۽ اُنهن جو حڪم به مڃيندا هيا. شاهي گهراڻي کيس اُڪسايو ته هو پنهنجي انڪار جي حماقت توڙي پنهنجي نقصان جي اهميت جو ڀلي اقرار ۽ اظهار ڪري. قسطنطنيہ جي فتح ڪرڻ لاءِ جيڪي به اُميدون ۽ امڪان هيا، اُنهن کي دورانديش جنرل هڪدم رد ڪري ڇڏيو ڇو ته سندس حڪمت عمليءَ موجب اها مهم جوکائتي ۽ خطرن کان خالي نه هجي ها. گهَرُو اختلافن ۽ رعيت جي ناراضگيءَ سبب، شهنشاهه آرڪئڊيَس، گاٿن جي جنگي اسلحي جو نماءُ ڏسي بنهه خوفزده ٿي ويو پر سندس بيوقوفي ۽ بزدليءَ جو ازالو ڪنهن حد تائين شهر جي مضبوطي ۽ قلعن جي هجڻ ڪري ٿي ويو ڇو ته قلعا هر طرف يعني زميني توڙي سامونڊي طرفن کان شهر جو بچاءُ ڪيون بيٺا هيا جيڪي بربرن جي ناڪام تيرن توڙي نيزن کان چڱيءَ طرح محفوظ هيا. اَلارڪ کي ان ڳالهه کان بنهه بڇان لڳندي هئي ته هو ٿريس ۽ ڊئسيا جهڙن برباد ٿيل ۽ ڪمزور شهرن تي زور آزمائي ڪري. تنهنڪري هن عزم ڪيو ته هو هاڻي اهڙي صوبي تي ڪاهه ڪري پنهنجي شهرت، دولت ۽ بهادريءَ جو فصل لُڻندو جيڪو هن وقت تائين جنگ جي تباهه ڪارين کان محفوظ رهيو هو.(5)

جن فوجي توڙي شهري آفيسرن کي روفينَس يونان جي حڪومت جي واڳ سونپي هئي، اُنهن جي ڪِريل ڪردار عوام جي شڪن کي تقويت پهچائي هئي ته هن عظيم ۽ قديم تهذيب جي ملڪ سان غداري ڪئي هئي ۽ هو گاٿن جي حملي آور سان اندروني طرح ملي چڪو هو. مئجسٽريٽ ائنٽيوڪَس، هڪ عزت واري پيءُ جو نالائق پُٽ هو ۽گرونٽيَس، جنهن صوبائي فوجن جي ڪمان ٿي سنڀالي، هڪ آمر جي ظالماڻن حڪمن جي ته پوريءَ طرح بجا آوري ٿي ڪئي پر جنهن ملڪ ۾ قلعن جو فطري ڄار وڇايل هو ان جي حفاظت ڪرڻ ۽ بچائڻ ۾ بزدلي ۽ نااهليءَ جو مظاهرو ڪيائين. اَلارڪ سواءِ ڪنهن رڪاوٽ جي مئسيڊونيا ۽ ٿسلي جا ميدان اُڪري اِيٽا جبل تائين پهچي ويو هو جيڪو هڪ اونهو ۽ وڻن سان ڍڪيل پهاڙي گَس هيو ۽ جتي گهوڙيسوار فوج سان اڳتي وڌڻ ذري گهٽ ناممڪن هيو. اُهي اوڀر کان اولهه تائين پکڙجي سمنڊ جي ڪنارن تائين پهچي ويا ۽ کاٻي طرف ٽن سؤ فوٽن جو هڪ ڏکيو پيچرو هو جنهن تي زميني رستي کان فقط هڪڙي گاڏي وڃڻ جي گنجائش هئي،(6) جيڪو جبل جي چوٽي ۽ ماليَن ڇوڙ جي وچ تي هو، اُهو به اُڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٿرمو پائلي جي هن سوڙهي لنگهه ۾ جتي لونيداس ۽ اسپارٽا جي ٽن سؤ ماڻهن پنهنجون حياتيون* شاندار طريقي سان گذاريون هيون، اُتي گاٿ به شايد نه وڃي سگهن ها يا وري جيڪڏهن هُو وڃڻ جي حماقت ڪن ها ته هوشيار جنرل هٿان ماريا وڃن ها؛ ۽ شايد هن مقدس جڳهه جو نظارو ئي ناڪام ۽ نِڪمن يونانين جي دلين ۾ بهادريءَ جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي ها. جن فوجن جي ڊيوٽي لڳائي وئي هئي ته ٿرموپائلي جي لنگهه جي حفاظت ڪن، اُنهن کي رٽائر ڪري اُتان هٽايو ويو پر اَلارِڪ(7) جي اڳتي وڌڻ جو رستو بلڪل صاف ۽ سلامت هو جنهن ۾ ڪابه رڪاوٽ ڪانه هئي ۽ فوسز ۽ بوٽيا جون زرخيز ۽ آباد ٻنيون هر طرف کان بربرن جي لشڪرن سان ٽمٽار نظر ٿي آيون جن اُنهن مردن جو قتلام شروع ڪري ڏنو جيڪي هٿيار کڻي ۽ استعمال ڪري ٿي سگهيا پر اُتان جون خوبصورت دوشيزائون پاڻ سان گڏ وٺي ويا جن ۾ چوپايو مال ۽ ڦُرلٽ جو پڻ جهجهو سامان موجود هو، جڏهن ته ڳوٺن جا ڳوٺ باهه جي شعلن جي نذر ٿي ويا. ڪيترن سالن کان پوءِ جڏهن سياحن يونان جو چڪر لڳايو ته گاٿن جي خوني ڪارنامن جون اکين ڏٺيون شاهديون ڏٺائون پر ٿيبس سلامت رهيو، اهو ان ڪري نه ته سندس ستن گيٽن جي حفاظت سبب بچيل رهيو پر فقط ان ڪري ته اَلارِڪ کي اُتان جلدي نڪرڻ جي تڪڙ هئي ڇو ته کيس اٿينس تي جلد قبضو ڪرڻو هو ته ساڳي وقت پائريَس جي اهم بندرگاهه کي به هٿ ڪرڻو هو. ساڳي بيصبريءَ کيس شهر جي گهيري ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ ڪنهن به خطري جي امڪان جي ڪري هو ان مهم ۾ ٿورڙي دير به برداشت نٿي ڪري سگهيو پر پوءِ جلد ئي شهرين طرفان آڻ مڃڻ جي آڇ اچي وئي. جيئن ئي يونانين گاٿن جي بهادر فوج جون گجگوڙون ٻُڌيون ته هنن هڪدم فاتح کي پنهنجي گهڻي ۾ گهڻي دولت ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته جيئن مِنروا شهر ۽ ان جا رهواسي امن امان ۾ رهن. صلح نامي کي مقدس قـَسمن ۽ پڪن اقرارن ذريعي نافذ ڪيو ويو ۽ پوري وفاداريءَ سان ان تي عمل ڪيو ويو. گاٿن جي شهزادي کي سندس خاص ساٿين ۽ حمايتين سان شهر جي اندروني ديوارن ۾ آندو ويو جتي هن آرام ڪيو ۽ شاهي غسل پڻ ڪيائين ۽ شهر جي مئجسٽريٽ طرفان هڪ شاندار دعوت کائڻ به قبول ڪيائين ۽ شهر وارن کي اهو تاثر ڏنائين ته گاٿ شهزادو، تهذيب يافته قومن جي اخلاق عادتن توڙي ريتن رسمن کان چڱيءَ طرح واقف هو.(8) پر اَٽيڪا جو سڄو علائقو سُنيَم جي چوٽين کان وٺي ميگرا جي شهر تائين شهزادي جي منحوس موجودگيءَ سبب برباد نظر ٿي آيو ۽ هڪ فيسلوف جي ڀيٽ ڪرڻ جي لفظن ۾ اهو منظر هيئن هو: ”اٿينس خود هڪ ڪُٺل ۽ رَت سان وهنتل جانور جيان لڳي رهيو هو جنهن مٿان فقط سُڪل چمڙي باقي وڃي بچي هئي.“ ميگرا ۽ ڪورنٿ جي وچ ۾ مفاصلو ٽيهن ميلن کان مٿي نه هيو پر ان ٿورڙي مفاصلي تي به رستي جي ايڏي ته بُري حالت هئي جو ان کي شايد دشمن جي ڪاهه ڪرڻ کان آجو ڪيو ويو هو ته جيئن ڪوبه ان تي گهمي ڦري نه سگهي. ’برو رستو‘ اها چوڻي يونانين ۾ اڃا به عام آهي. سِٿارن جبل جا مغموم وڻَ ملڪ جي اندروني حصي ۾ هيا ۽ اسڪرونيا جا جبل وري پاڻيءَ جي ڇوڙن کي وڃي ڇُهندا هيا ۽ هڪ سوڙهي ۽ ورَ وڪڙ رستي مٿان ڄڻ لڙڪندڙ هيا ۽ انهن جبلن جو سلسلو سمنڊ جي ڪناري سان ڇهن ميلن تائين لاڳو هيو.(9) انهن جبلن جو لنگهه، جيڪو هر دؤر ۾ بدنام رهيو هو، ڪورنٿ جي سوڙهي پٽيءَ ذريعي جدا ٿي ٿيو ۽ اهڙي ڏکئي لنگهه کي فقط ڪجهه مضبوط ۽ هوشيار فوجي ئي ڪاميابيءَ سان محفوظ بنائي ٿي سگهيا ڇو ته ان سوڙهي پٽيءَ جو ڳانڍاپو آيونين کان ايجيَن سمنڊ تائين پنجن کان ڇهن ميلن تائين لاڳاپيل هيو. پيلوپونينسِس جي شهرن جي فطري بيهڪ بذات خود هڪ دفاعي مورچي واري هئي تنهنڪري ان اعتماد شهرين کي پنهنجي قديم ديوارن ۽ عمارتن جي حفاظت کان غافل بنائي ڇڏيو هو ۽ روم جي گورنرن جي حرص ۽ لالچي فطرت هن بدقسمت صوبي سان بيوفائي ۽ دغا ڪئي هئي.(10) ڪورنٿ، آرگوس ۽ اسپارٽا جلد ئي گاٿن اڳيان آڻ مڃي پنهنجا هٿيار ڦِٽا ڪيا ۽ رهواسين مان شايد اُهي خوش قسمت رهيا جن کي موت جو مزو چکرايو ويو ته جيئن اُهي پنهنجن ڪٽنبن ۽ خاندانن کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل نه ڏسن ۽ نه ئي وري پنهنجن شهرن کي پنهنجين اکين سان باهه جي شعلن جو بَکُ ٿيندي ڏسن.(11) گلدستن ۽ قيمتي مجسمن کي بربرن ۾ ورهايو ويو، جن کي اُنهن تحفن تي ٿيل نازڪ ڪم جي شان شوڪت جي سڃاڻپ ئي ڪانه هئي، بس هو اُنهن شين جي ظاهري ڏيک ۾ محو ٿي ويا هيا؛ قيدي عورتن جنگ جي قانونن کي مڃيو ڇو ته حسن جو مزو ماڻڻ ئي گاٿن جي فتح جو انعام هيو ۽ يوناني هن ڪُڌي رسم جي خلاف احتجاج به نه ٿي ڪري سگهيا ڇو ته اهڙن اهم موقعن تي هر شئي ۽ هر ڳالهه جائز سمجهي ويندي هئي.(12) هن غيرمعمولي قوم جو اولاد جيڪو جرئت، نظم ۽ ضبط کي اسپارٽا جي مضبوط ديوارن جيان سمجهندو هو، کان شايد سندن بهادر ابن ڏاڏن جو اُهو جملو وسري ويو هو جيڪو هنن هڪ حملي ڪندڙ کي وڏي جرئت مان چيو هو ۽ اهو جملو اَلارِڪ کان به وڌيڪ بهادري وارو هو: ”جيڪڏهن تون ديوتا آهين ته پوءِ تون اُنهن بيقصور ماڻهن کي هٿ به نه لائيندين جن توکي به ڪو نقصان نه پهچايو آهي؛ پر جي تون مرد آهين ته پوءِ ڀلي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪر ۽ تون ڏسندين ته اسان وٽ به اهڙا مرد موجود آهن جيڪي تنهنجا هيسي جيسي آهن ۽ توسان ڀرپور بهادريءَ سان مقابلو ڪندا.“(13) ٿرموپائلي کان اسپارٽا تائين گاٿن جي اڳواڻ کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪابه روڪ ۽ رنڊڪ پيش نه آئي ۽ نه وري ڪنهن سندس مخالفت يا مقابلو ڪيو پر لادينيت جي هڪ علمبردار اعتماد سان ٻڌايو آهي ته اٿينس جي ديوارن جي حفاظت ديوي مِنروا جي ذمي هئي جنهن وٽ هڪ طاقتور ۽ مضبوط ڍال* هوندي هئي ۽ ائچليز(14) جي غضبناڪ صورت سامهون اچڻ تي، جيڪو به فاتح هوندو هو ته اُهو يونان جي اهڙين غيبي ۽ مخالف طاقتن کان خوفزده ٿي ويندو هو. معجزن ۾ يقين رکڻ جي دؤر ۾، اهو شايد مناسب نه ٿيندو ته تاريخدان زوسيمَس جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏجي جيڪا عام ماڻهن جي اعتقاد لاءِ هوندي هئي ته وري ساڳئي وقت ايئن چوڻ به نامناسب ٿيندو ته اَلارِڪ، ننڊ ۾ توڙي جاڳڻ واري ڪييفيت ۾ يونانين جي وهمن وسوسن ۾ يقين نه رکندو هو. هومر جي شاعريءَ جا آلاپ يا ائچليز جي شهرت شايد اڃا تائين جاهل بربرن جي ڪنن تائين نه پهتي هئي ۽ الارڪ جيڪو عيسائي مذهب ۾ پوريءَ طرح يقين رکندو هو ته ان جي اثر، روم يا يونان جي مصنوعي خدائن ۾ اعتماد رکڻ کان کيس نفرت ڏياري ڇڏي هئي. گاٿن جي حملي يونانين جي روايتي اعتقاد ۽ نظرين کي مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ، حادثاتي طور ئي سهي، لامذهبيت جي آخري آثارن ۽ نشانين کي به تباهه ڪري ڇڏيو ۽ سيرِس جا ڳُجها رازَ، جيڪي لڳاتار ارڙهن سو سالن تائين ماڻهن ۾ رائج هيا، اِليوسِس جي تباهيءَ ۽ يونان مٿان آيل آفتن ۽ مصيبتن کانپوءِ، مڪمل طور تي ختم ٿي ويا.(15)

ماڻهن جي آخري اُميد يا سهارو، جيڪي نه پنهنجن هٿيارن، ديوتائن يا پنهنجي حاڪم تي ڀروسو ڪري ٿي سگهيا، هاڻي کين آسرو فقط اهو وڃي رهيو هو ته هو اولهه جي جنرل جي طاقتور مدد تي ويساهه ڪن، ۽ اسٽيليچو، جنهنکي حملي کي ناڪام بنائڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي، اڳتي پيشقدمي جاري رکي ته جيئن هو يونان تي حملو ڪندڙن کي نه رڳو مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي پر اڳرائي ڪرڻ تي کين سبق پڻ سيکاري.(16) پر هڪ هيبتناڪ بحري جنگي ٻيڙي کي اٽلي جي سامونڊي بندر تي ڪامياب بحري اڳڀرائيءَ کان پوءِ، ڪورنٿ جي ويجهو هڪ ننڍي ٻيٽ تي سلامتيءَ سان لاٿو ويو. آرڪيڊيا جو پهاڙي ۽ ٻيلن وارو ملڪ، جيڪو پان ۽ ڊريَڊس جي عياشيءَ وارو آرامگاهه رهيو هو، ٻن طاقتور جنرلن جي ڊگهي ۽ مشڪوڪ زور آزمائيءَ جو منظر بڻجي ويو. پر روم وارن جي طاقت توڙي جنگي تجربي کي نيٺ سوڀ حاصل ٿي ۽ گاٿن کي بيمارين ۽ سندن ساٿين جي ڇڏي وڃڻ سبب نه رڳو ناڪامي ٿي پر کين وڏو نقصان پڻ برداشت ڪرڻو پيو ۽ اُهي پوئتي هٽندا فولي جي جبلن تائين پهچي ويا جيڪي پينيَس ۽ ايلس جي سرحدن جي نزديڪ هيا. هي هڪ اهڙو ته ڀاڳ ڀريو ملڪ هو جنهن کي اڳ جنگين جي آفتن ۽ مصيبتن کان آجو ڪيو ويو هو.(17) بربرن جي فوج کي مڪمل گهيري ۾ آندو ويو ۽ نديءَ جي پاڻيءَ جو رُخ تبديل ڪيو ويو،(18) هاڻي هڪ طرف هو اُڃ ۽ بُک کان پاهه ٿي رهيا هيا ته ٻي طرف قلعن جي ديوار ٺاهي* ڪنهن به طرف کان سندن ڀڄي وڃڻ جو رستو پوري طاقت سان روڪيو ويو هو. اهڙين احتياطي تدبيرن کان پوءِ اسٽيليچو، جنهن کي پنهنجي فتح جو پورو يقين هو، هاڻي آرام ۽ عياشيءَ جي مستين ۾ محو ۽ راندين روندين ۽ يونانين جي نفس پرستيءَ جي شغلن ۽ ناچ گانن ۾ مست ٿي ويو، سندس فوجي به اهڙي صورتحال ڏسي، پنهنجي جهنڊي کي اڇلائي پنهنجي اتحادي ملڪن ڏانهن هليا ويا ۽ جيڪو ڪجهه به دشمنن جي هٿان کين مليو هو اُهو سڀ ڪجهه پاڻ سان کڻي رمندا رهيا. اَلارِڪ اهڙي موقعي کي غنيمت سمجهي ڀرپور وار ڪرڻ چاهيو، ڇو ته اهڙن ئي موقعن تي تجربيڪار جنرلن جي فوجي اهليت ۽ قابليت جو اصل امتحان هوندو آهي جيڪو جنگ جي ميدان کان به وڌيڪ اهم ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو آهي. هن پيلوپونينسِس جي جيل مان پاڻ کي آزاد ڪيو، هاڻي هن لاءِ ضروري هو ته اُنهن مورچن* تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي جن ۾ سندس فوجي وڪوڙيل ۽ جڪڙيل هيا ۽ سندس ارادو اهو هو ته هاڻي هو ڪورنٿ جي ڇوڙ تائين ٽيهن ميلن تائين وڃڻ جي بيحد جوکائتي مهم ۾ ڪامياب ٿئي. يعني هو پنهنجا فوجي، قيدي ۽ جنگ ۾ ڦُرلٽ جو سامان پاڻ سان گڏ ان سامونڊي پٽيءَ تان کڻي وڃي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ اڌ ميل ويڪري هئي.(19) اَلارِڪ جي فوجي مهم نهايت مخفي، دورانديشيءَ واري ۽ تيز تر هوندي هئي ڇو ته روم جو جنرل پنهنجي دشمن بابت معلومات رکڻ ۾ ڪجهه منجهيل هو ۽ کيس خبر هئي ته گاٿن سندس ڪوشش کي پوريءَ طرح ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو هو ۽ کيس اها به خبر هئي ته ايپيرس صوبي تي گاٿن جو مڪمل قبضو هو. بدقسمتيءَ سان وچ ۾ جيڪا دير ٿي هئي ان الارِڪ کي موقعو ڏنو ته هو هڪ صلح نامي کي عمل ۾ آڻي جيڪو هن ڳجهيءَ طرح سان قسطنطنيہ جي وزيرن سان طئي ڪري ڇڏيو هو. خانه جنگيءَ شروع ٿيڻ جي خطري سبب اسٽيليچو پٺتي هٽڻ تي مجبور ٿيو ڇو ته هن محسوس ڪيو ته سندس مخالف هن جي مقابلي ۾ وڌيڪ طاقتور هو ان ڪري هن آرڪيڊيَس جي صوبي تان به پنهنجي دعويداري ختم ڪئي ۽ هن روم جي دشمن کي مانُ ڏيندي اوڀر جي شهنشاهه جي حمايتي ۽ نوڪر ٿيڻ ۾ به ڪوبه عار نه سمجهيو بلڪ اهو ڪردار پنهنجي لاءِ معتبريءَ وارو سمجهيائين.

هڪ گريشيَن فيلسوف، (20) جنهن ٿوڊوسيَس جي مرڻ کان پوءِ جلد ئي قسطنطنيہ جو دؤرو ڪيو، روم جي جمهوريه جي حالت ۽ ان جي بادشاهن جي ڪارڪردگيءَ بابت پنهنجا فراخدليءَ وارا تاثرات هڪ ڪتاب ۾ شايع ڪيا. سُنيسيَس افسوس جو اظهار ڪندي اسان کي ٻڌائي ٿو ته اڳئين شهنشاهه سخا ۽ سوکڙين پاکڙين ڏيڻ جو انتهائي ناجائز استعمال ڪيو هو ۽ ان بيجا روايت کي پنهنجي فوج ۾ پڻ رائج ڪيو هو. نيٺ نوبت اها وڃي ٿي هئي جو شهرين ۽ رعيت جي ماڻهن پنهنجي ملڪ جي بچاءَ کي داوَ تي لڳائيندي ملڪي حفاظت جي ڊيوٽي خريد ڪري ورتي هئي، يعني هنن پنهنجي جڳهه تي ڪرايي تي آندل بربرن کي ملڪي حفاظت جي ذميواري سونپي ڇڏي هئي. سيٿيا جي ڀاڄوڪڙن کي کليل اجازت هئي ته هو ڀلي ڪن ڳالهين تي شهنشاهن سان به اختلاف ڪن ۽ اُنهن جي مان شان کي به هو ڪڏهن مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا هيا؛ سندن آواره گرد نوجوان، جيڪي لازمي قانون جي بندشن کان نفرت ڪندا هيا، انساني خصلتن پِرائڻ جي بجاءِ، راتو رات دولتمند ٿيڻ جا خواب ڏسڻ ۽ هر چڱي ڳالهه کان بُڇان ڪرڻ لڳا ۽ گاٿن جي طاقت وري ٽئنٽلَس جو پٿر* هو جنهن کي ملڪ جي سلامتي ۽ حفاظت خاطر دائمي طور غير موثر بنايو ويو هو. سنيسيَس پنهنجي طرفان ماڻهن کي جرئتمندي ڏانهن مائل ڪري ٿو ته ساڳي وقت رعيت جي ماڻهن کي حب الوطني ڏانهن پڻ آماده ڪري ٿو. هو شهنشاهه تي زور ٿو ڀري ته پنهنجي رعيت جي ماڻهن ۾ همت ۽ جرئت جو جذبو پيدا ڪري ۽ هن سلسلي ۾ مردانگيءَ وارين وصفن کي پنهنجي شهنشاهت ۾ رائج ڪرائي، گهرن توڙي فوجي ڪئمپن منجهان عياشيءَ کي مڪمل  طور ختم ڪرائي، ۽ ڪرايي تي ڀرتي ڪيل بربرن جي جڳهه تي پنهنجي رعيت جي اُنهن مخلص ماڻهن کان ملڪي حفاظت جي ڊيوٽي ڪرائي جيڪي وطن جي بچاءَ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندا هجن، قانون جو احترام ڪن ۽ پنهنجين ملڪيتن جو دفاع ڪري سگهن؛ جڏهن ملڪ خطري جي صورتحال ۾ مبتلا ٿي وڃي ته مستري يا ڪي ٻيا ڪم ڪار ڪندڙ پنهنجن دڪانن کي ڇڏي ڏين، فيلسوف پنهنجن اسڪولن مان نڪري اچن، جيڪي ڪاهل شهرين کي عياشيءَ جي ننڊن مان جهنجهوڙي جاڳائن ۽ زراعت جي پيشي جي بچاءَ لاءِ ڪڙمين ۽ ڪاسبين جي ڀرپور مدد ڪن. فوجين جي اڳواڻي به اُهو ڪري جيڪو اهڙي رتبي جو لائق هجي ۽ جيڪو روم جي عظيم شهنشاهت سان مطابقت رکندڙ جذبي جو مالڪ هجي؛ اهڙيءَ طرح سنيسيَس، ٿوڊوسيَس جي پُٽ کي بيدار ڪندي کيس چوي ٿو ته هو بربرن جي قوم سان مردانگيءَ وارو مقابلو ڪري ڇو ته منجهن ڪابه همت ڪانه هئي ۽ هو اُنهن جي مقابلي ۾ هار هرگز نه مڃي ۽ تيستائين سندن پيڇو ڪندو رهي جيستائين هو سيٿيا جي تنهائين تائين ڌِڪجي هليا وڃن ۽ وري کين اهڙي حيثيت ۾ بدلائي ڇڏي جو هُو ذلت واري زندگي گذارڻ تي ايئن مجبور ٿي وڃن جيئن اڳ لئسيڊيمونيَنس، قيدي هيلاٽ سان ڪاروائي ڪئي هئي.(21) آرڪئڊيَس جي ماڻهن جوش جذبي ۾ حصو ورتو، اثرائتي تقرير کي پسند ڪيائون پر سنيسيَس جي مشوري تي غور ئي نه ڪيائون. فيلسوف، جنهن اوڀر جي شهنشاهه سان دليلن ۽ اخلاقيات واري مهذب زبان ۾ بلڪل اهڙيءَ طرح خطاب ڪيو هو جيئن هو اسپارٽا جي بادشاهن سان ڳالهائيندو هو، پنهنجي رتبي ۽ معيار کان هيٺ نه لٿو هو ۽ نه وري کانئس اها اُميد ڪري پئي سگهجي ته اخلاقي طور بگڙيل ماڻهن جي سطح تائين هو هيٺ لهي ايندو. شايد ايئن به هو ته شهنشاهه جا وزير جيڪي هر فهم ۽ عقل کان وانجهيل هيا ۽جن جي کوکلن طور طريقن ۾ ڪنهن به هن وقتن تائين مداخلت نه ڪئي هئي، ته اُنهن لاءِ هر نئون موضوع يا مهذب گفتگو سندن سمجهه ۽ سوچ جي وِتَ ۽ حدن کان مٿاهين هئي تنهن ڪري هو هر نئين ڳالهه کي جلد ئي رد ڪري ڇڏيندا هيا. بهرحال سنيسيَس جي ڪمال جي تقرير توڙي بربرن جي تباهيءَ جو چرچو ۽ چوٻول هر گهر ۽ گهٽيءَ ۾ ماڻهن جي گفتگو جو موضوع بڻجي چڪو هو. انهيءَ دؤران قسطنطنيہ ۾ هڪ شاهي فرمان ڇپجي ويو جنهن مطابق اَلارِڪ کي مشرقي اِليريڪَم جي ’ماسٽر- جنرل‘ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. روم جي صوبن جا عهديدار توڙي سندن حمايتي، جيڪي هن وقت تائين طئي ٿيل صلحنامن جو احترام ڪندا پئي آيا، ناراض ٿيڻ ۾ حق تي هيا ته يونان ۽ ايپيرَس کي تباهه ڪندڙ کي ويتر ايڏي فياضيءَ سان نوازيو ويو هو. بهرحال گاٿ فاتح جي، هر جڳهه تي ۽ اُنهن شهرن ۾ پڻ مئجسٽريٽ طور آجيان ڪئي وئي جن جو تازو هن گهيرو ڪيو هو. اُهي بزرگ والدين جن جي پٽن کي هن قتل ڪرايو هو يا اُهي مڙس جن جي زالن سان هن زيادتيون ڪيون هيون، هاڻي سندس ئي حڪم هيٺ هيا ۽ سندس بغاوت جي ڪاميابي، هر ڪرايي تي وڪاميل ڌارئي شخص کي هٿي ڏني هئي ته اُهي به ڪُڌن ڪمن ۾ شامل ٿي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪن. هاڻي هن پنهنجي طرفان جيڪي حڪم جاري ٿي ڪيا، اُنهن ۾ سندس حڪومتي حڪمت عمليءَ جي مضبوط پاليسي ۽ مستقل مزاجي شامل هئي. هن چئن ڪمپنين کي اڳرائيءَ توڙي بچاءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن ٺاهڻ جا حڪم ناما جاري ڪيا؛ اُهي هي آهن، مارگَس، رتياريا، نئسَس ۽ ٿِسالونيڪا. جن جنگي هٿيارن ٺاهڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هيا اُهي هي هيا: بچاءَ بندَ يا شيلڊون، حفاظتي ٽوپلا، ترارون، نيزا ۽ ڀالا وغيره، ۽ بدقسمت صوبن جا ماڻهو ڄڻ پنهنجي تباهيءَ جي سامان جي پاڻ همت افزائي ڪري رهيا هيا ۽ بربرن ڄڻ پنهنجي راهه جي فقط هڪڙي رڪاوٽ به دور ڪري ڇڏي هئي جنهن سبب اڳ سندن جرئت وارين ڪوششن کي ڪاميابي نصيب نه ٿيندي هئي.(22) اَلارِڪ جو ڄم، ماضيءَ ۾ سندس شاندار ڪاميابيون ۽ ايندڙ وقت جي رٿيل پروگرامن ۾ سندس اعتماد جي خاصيتن سندس قوم کي هن جي سوڀن جي جهنڊي هيٺ ايڪي ۽ اتحاد ۾ هڪ ڪري ڇڏيو ۽ بربرن جي سردارن جي هڪڙي ۽ گڏيل راءِ سان اِليريڪَم جي ’ماسٽر- جنرل‘ کي، اوائلي رسم و رواج مطابق شيلڊ تي ويهاري کيس مٿي کنيو ويو ۽ وڏي مان شانَ سان ’وِزيگاٿن‘ جو کيس بادشاهه بنايو ويو.(23) هاڻي هو ٻن شهنشاهتن جي وچ تي وڏي طاقت سان ويٺل هو، پر هن پنهنجي ڌوڪي وارن واعدن کي آرڪيڊيَس ۽ آنريس(24) جي درٻارن ۾ وڪڻي ڇڏيو؛ تيستائين هن اولهه جي حڪومتن تي حملي ڪرڻ جو نه رڳو اعلان ڪيو پر اُنهيءَ تي عمل به ڪري ڇڏيو. يورپ جا صوبا، جن تي اوڀر جي شهنشاهه جي مالڪي هئي، اڳ ۾ ذري گهٽ ختم ٿي چڪا هيا ۽ ايشيا جي علائقن تائين پهچڻ ناممڪن هيو ۽ قسطنطنيہ سندس حملي کي ناڪام بنايو هو. پر اٽلي جي سُونهن شهرت ۽ دولت کيس هرکائي ڇڏيو هو ڇو ته هو ٻه ڀيرا پاڻ اُتي وڃي به چڪو هو ۽ سندس خواهش هئي ته اٽلي جي ديوارن تي مخفي طرح سان گاٿن جي جهنڊي کي ڦڙڪايو وڃي ته ساڳي وقت هن پنهنجي فوجن کي به ڦرلٽ جي ان دولت سان شاهوڪار ڪرڻ ٿي چاهيو جيڪا هن پنهنجن ٽن سَوَن ڪامياب ڪارنامن مان هٿ ڪئي هئي.(25)

اٽلي تي اَلارِڪ جي فوجن جي پهرئين حملي بابت، حقيقتن جي گهٽتائي(26) ۽ تاريخن جي غير يقيني(27) اسان جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بنجن ٿيون ۽ اسان پوري تصديق سان ان حملي بابت ڪجهه نٿا چئي سگهون. ٿِسالونيڪا کان سندس پيش قدمي جيڪا شايد هڪ جنگجو ۽ سندس دشمن ملڪ پنونيا مان ٿي هوندي ۽ جتان هو جولين جبلن منجهان پڻ گذريو هوندو، اهڙيءَ طرح جابلو رستن منجهان گذرڻ جن کي فوجين جي پهري ذريعي محفوظ بنايو ويو هو، ان کانسواءِ عقيليا جو گهيرو ۽ اسٽيريا ۽ وئنيشيا جي صوبن جي فتح منجهان لڳي ٿو ته انهن سڀني جهنجهٽن کي طئي ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ويو هوندو. جيئن ته سندس مهم ۽ پيش قدمي وڌيڪ محتاط ۽ سُست رفتاري واري هئي ته جيڪو وچ تي ڊگهو عرصو گذريو ان مان هڪ شڪَ واري صورتحال نظر اچي ٿي ته مبادا گاٿن جو بادشاهه اڳتي وڌڻ بدران پٺتي موٽيو هجي ۽ دنيوب جي ڪنارن ڏانهن وڃي پنهنجي فوج ۽ بربرن جي لشڪرن کي اٽلي تي حملي ڪرڻ لاءِ نئين سر تيار ڪيو هجي. جيئن ته ڪيتريون ئي عوامي ڳالهيون ۽ اهم واقعا ڪڏهن ڪڏهن محنتي تاريخدانن جي ذهنن مان به نڪري ويندا آهن ته ممڪن آهي ته هنن ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ هُن پاڻ کي ويهي وِندرايو هجي، ۽ اهو به ممڪن آهي ته اَلارِڪ جو جيڪو ٻن غير اهم ماڻهن، يعني عقيليا جي نائب پادري ۽ ويرونا جي هاريءَ تي اثر هو، ان باري ۾ اُنهن ڪجهه لکيو هجي. عقلمند روفينَس، جنهن کي سندس دشمنن سڏيو هو ته هُو روم جي ڪائونسل آڏو وڃي حاضر ٿئي،(28)  وڏي دانائيءَ مان گهيري ۾ آيل شهر جي خطرن کي سمجهي ويو هو، ڇو ته بربرن جي خوف ۽ دهشت کان عقيليا شهر جون ديوارون به لُڏي ۽ لرزي ويون هيون، جتي اڳ ۾ ئي هڪ مرتد کي پادرين نه رڳو ڦٽڪا هڻايا هيا، پرکيس ملڪ نيڪالي ڏئي هڪ برپٽ بيابان ۾ کيس اڪيلو ڇڏيو ويو هيو.(29) ويچارو پوڙهو ماڻهو، (30) جنهن پنهنجي سموري زندگي سادگي ۽ معصوميت سان ويرونا جي اوسي پاسي ۾ گذاري هئي، ڪنهن به اهم معلومات کان بيخبر هو. کيس نه بادشاهن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هئي ۽ نه وري پادرين کان آشنا هو؛ بس سندس خوشين، خواهشن ۽ معلومات جو محدود دائرو سندس ٻنيون ٻارا هيا جيڪي پيءُ کان کيس ورثي ۾ مليا هيا ۽ ٻيو سهارو سندس لٺ هئي جيڪا پيريءَ ۾ رِڙهڻ ۽ قدمن کڻڻ ۾ سندس ساٿ ڏيندي هئي ۽ هو به ساڳي زمين تي ئي هلندو هو جيڪا ٻالڪپڻ کان وٺي سندس پيرن هيٺان رهي هئي. ان جي باوجود، سندس ننڍڙيون ۽ معصوميت واريون خوشيون (جن کي ڪلاڊيَن پوري سچائيءَ ۽ اندر جي احساسن سان بيان ٿو ڪري) به جنگ جي شدت ۽ تباهيءَ جي وَر چڙهي ويون. سندس وَڻ- اُهي وَڻ جيڪي سندس ئي عمر جيترا ۽ ساٿي رهيا هيا، (31) سڄي ملڪ ۾ لڳايل ڀڙڪندڙ باهه جو بَکُ بڻجي ويا، گاٿن جي گهوڙيسوار فوجي جٿي سندس نماڻي جهوپڙيءَ کي ڊاهي ۽ سندس ڪٽنب کي دربدر ڪري ڇڏيو ۽ اَلارِڪ جي طاقت جي نشي سندس ننڍڙين خوشين کي به برباد ڪري ڇڏيو جن جي ذائقي چکڻ جي به منجهس صلاحيت نه رهي هئي. هڪ شاعر تبصرو ڪندي چوي ٿو: ”شهرت، دهشتگردي جي روپ ۾ پنهنجا پَرَ پکيڙي، بربرن جي پيش قدميءَ جو ڏوڪو وڄايو ۽ سڄي اٽليءَ ۾ هراس ڦهلجي ويو؛ هر ماڻهو ڊِڄ ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو؛ شڪ ۽ بدگمانيءَ جا آثار هر طرف وڌي ويا ۽ جيڪي ويچارا ڪمزور طبيعت جا هيا، اُنهن لڏڻ جا سانباها ڪري ڇڏيا هيا ۽ ڪيترن ماڻهن سِسلي جي ٻيٽ يا آفريڪا جي ڪنارن طرف وڃڻ جو پروگرام ٺاهي ڇڏيو هو. ماڻهو جيڪي اڳيئي عذابن ۾ مبتلا ٿي چڪا هيا. ويتر وهمن وسوسن جي خوف ۽ ندامتن سندن تڪليفن کي ويتر وڌائي ڇڏيو هو.(32) هر لمحي کان پوءِ نڀاڳ ۽ نحوست جي ڪانه ڪا خبر ٿي آئي جنهن ماڻهن کي نراسائيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو؛ لامذهبن ان تي افسوس ٿي ڪيو ته وهمن يا بدشگونين کي فراموش ڪيو ويو هو يا وري قربانين کي ختم ڪيو ويو هو، پر عيسائين کي وري اهو اطمينان هو ته چڱو ٿيو جو درويشن ۽ شهيدن جي شور کان کين ڪجهه عرصي لاءِ نجات ملي هئي ۽ هو ان ۾ ڪافي مطمئن هيا.(33)

شهنشاهه آنريَس خوف ۽ خطرن توڙي رتبي جي لحاظ کان پنهنجي رعيت ۾ مٿاهون ۽ نمايان هو. جنهن آرام آسائش ۽ فخر منجهان هن تعليم حاصل ڪئي هئي ان موجب کيس شڪ ڪرڻ جي ڪابه گنجائش ڪانه هئي ته هن ڌرتيءَ تي آگسٽَس جي جانشين سان همسري ڪرڻ جي ڪنهن ۾ به طاقت ڪانه هئي. خوشامدڙين جي ڳالهين جي ڌوڪي، ايندڙ خطرن کي راز ۾ رکيو هو تانجو نوبت اتي اچي پهتي جو الارڪ مِلن جي محلات تائين پهچي ويو. پر، جڏهن جنگ جي طبل نوجوان شهنشاهه کي ننڊ مان جاڳائي ڇڏيو ته، بجاءِ ڪنهن جوش جذبي ڏيکارڻ ۽ هٿيارن کڻڻ جي، هو پنهنجي خوشامدي ڪائونسلرن جي مشورن ڏي ڪنائڻ لڳو جن کيس مشورو ڏنو ته هو پنهنجي پاڻ کي توڙي پنهنجن وفادار ساٿين کي ساڻ وٺي گال جي صوبن ۾ ڪنهن سلامتيءَ واري هنڌ وڃي پناهه وٺي. فقط اسٽيليچو(34) ئي اهڙو بهادر هو جيڪو هن بيعزتي واري صورتحال کي هرگز برداشت نه ڪري ها ۽ مڙس ٿي منهن ڏئي ها. هو روم ۽ اٽلي کي بربرن جي حوالي ڪري وڃي ها، پر، جيئن ته محلات تي مقرر فوجين کي رهيشيا جي سرحدن تي موڪليو ويو هو ۽ جيئن ته نين ڀرتين جو طور طريقو پڻ نهايت سُستيءَ وارو ۽ خطرن کان خالي نه هو، ته ان صورتحال ۾ اولهه جو جنرل فقط هڪ واعدو ٿي ڪري سگهيو ته جيڪڏهن سندس غيرموجودگيءَ ۾ مِلن جي محلات کي بربر بچائي ٿي سگهيا ته پوءِ هو جلد اهڙي طاقتور فوج کي پاڻ سان گڏ آڻيندو جيڪا گاٿن جي بادشاهه سان ڀرپور مقابلو ڪندي. ڪنهن به وقت وڃائڻ کانسواءِ (ڇو ته ماڻهن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي، هر گهڙي نهايت ئي اهم هئي) اسٽيليچو تڙتڪڙ ۾ لئريَن ڍنڍ * جو رستو ورتو، برف سان ڄميل ۽ ان سان ڍڪيل پهاڙن تي چڙهي ويو ڇو ته سياري ۾ ٿڌ جو سخت زور هو، پر هو اوچتو ظاهر ٿيو ته سندس دشمن خوف وچان ڪنبي ويا ڇو ته اُنهن رهيشيا جي امن امان کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.(35) بربرن منجهان ڪجهه ذاتيون اليماني قبيلي جون هيون جن پنهنجي جنرل جي بهادريءَ کي ساراهيو هو جيڪو اڃا به کين حڪم ڏئي رهيو هو ۽ سندس ان قدم کي ساراهيو ويو ته هن انهن ذاتين ۽ قبيلن منجهان نهايت ئي بهادر نوجوان چونڊيا هيا ان ڪري هو سندس احسانمند هيا. مددگار فوجي جٿا جيڪي پاڙيوارن دشمنن منجهان ڀرتي ڪيا ويا هيا، محنت ڪري جلد ئي شاهي جهنڊي سان مطابقت ۾ اچي ويا ۽ هاڻي اسٽيليچو اولهه جي دور دراز علائقن ۾ مقرر فوجين کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو ته هو پنهنجا قدم تيزيءَ سان اڳتي وڌائن ۽ شهنشاهه آنريَس ۽ اٽلي جي حفاظت لاءِ اُتي پهچن. رائين نديءَ جي سرحدن کي ڇڏيو ويو ۽ گال جي حفاظت فقط جرمنيءَ جي جيالن ٿي ڪئي* ته ساڳي وقت روم جي قديمي نالي جي ڏهڪاءَ جو به ان ۾ وڏو دخل هو. اُهي فوجون جن کي برطانيه جي ديوارن جي حفاظت لاءِ موڪليو ويو هو ته جيئن اُهي اُتر جي ڪئليڊونيا جي حملن کان محفوظ رهي سگهن، اُنهن کي به واپس گهرايو ويو(36) ۽ گهوڙيسوار الاني فوج جي هڪ وڏي دستي کي خاص طور تي شهنشاهه جي حفاظت ۽ سار سنڀال لاءِ موڪليو ويو، جيڪي جنرل جي واپسيءَ جو سختيءَ سان انتظار ڪري رهيا هيا. اسٽيليچو جي دورانديشي ۽ همت هن موقعي تي ڏسڻ وٽان هئي پر ساڳي وقت شهنشاهت جي ڪمزوري ۽ ان جي زوال جا آثار به نظر اچي رهيا هيا. روم جا فوجي جن ۾ ڪيتري وقت کان وٺي همت، نظم ۽ ضبط جو جذبو مُرجهائبو رهيو هو، گاٿن جي حملن ۽ خانه جنگين سبب تباهه ۽ برباد ٿي چڪا هيا ۽ هاڻي ظاهري صورتحال اها نظر ٿي آئي ته صوبن جي طاقت کي آزمائڻ يا ڀرپور قوت سان مقابلو ڪرڻ جي باوجود به ايتري فوج جمع ڪري اٽلي کي بچائڻ جو رستو نظر نٿي آيو.

جڏهن اسٽيليچو کي محسوس ٿيو ته هو پنهنجي حاڪم کي اٽلي جي محلات ۾ بغير ڪنهن حفاظت جي ڇڏڻ تي مجبور ٿيو هو ته هن شايد پنهنجي غير حاضري کي به ذهن ۾ رکيو هو ته دشمن جي مفاصلي جوبه احاطو ڪيو هو ۽ رستي تي جيڪي رڪاوٽون سندس پيش قدميءَ ۾ اچڻيون هيون، اُنهن جو به کيس اونو هو. هن گهڻو ڪري اٽلي جي ندين تي ڀاڙيوٿي يعني ايڊِج، مِنسيَس، اوگليو ۽ اَدوئا جيڪي سياري يا بهار جي موسمن ۾ مينهن وسڻ ڪري يا وري برف جي رِجڻ سبب ڀرجي تاروتار ٿي ۽ تمام تيز وهڪرن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن.(37) پر موسم انتهائي سازگار ۽ خشڪ هئي تنهڪري گاٿ ندين جي پٿريلن پيٽن کي به آسانيءَ سان اُڪري ويا ۽ندين جي وچ ۾ وري ننڍا تانگها ٻيا وهڪرا پڻ موجود هيا. اَدوئا نديءَ مٿان پل توڙي لنگهه کي گاٿن جي فوج جي پهري سان محفوظ بنايو ويو هو ۽ جيئن ئي الارِڪ ديوارن جي ويجهو يا وري مِلن جي ٻاهرين علائقن تائين پهچي ويو، ته هن جو ڪَنڌ فخر وچان اوچو ٿي ويو جو هن پنهنجين اکين سان پاڻ روم جي شهنشاهه کي ڀاڄَ ڪندي ڏٺو. آنريَس، جيڪو پنهنجن چند ڪمزور ساٿين ۽ کدڙن سان گڏ هو، تڪڙ ۾ ائلپس جبل ڏانهن وڌيو ته جيئن آرلس جي شهر ۾ پهچي پاڻ کي دشمن کان بچائي سگهي ڇو ته اهوئي شهر سندس ابن ڏاڏن جي وقت ۾ شاهي رهائش گاهه طور استعمال ڪيو ويندو هو. پر آنريَس(38) اڃا پو (Po) کان لنگهيو مَس هو ته گاٿن جي گهوڙيسوار فوج اُتي پهچي وئي،(39) ۽ تڪڙي خطري جي خوف کان هن آسٽا جي قلعي ۾ پناهه وڃي ورتي جيڪو لِگوريا يا پيمانٽ جو شهر هو ۽ تنارس نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل هو.(40) هن غير اهم جڳهه جو گهيرو، جنهن تي وڏو انعام پڻ رکيل هو پر ائين ٿي لڳو ته اهو شهر زياده دير مقابلو نه ڪري سگهندو، مڪمل ڪيو ويو ۽ گاٿن جي بادشاهه وڏي جرئتمنديءَ سان پنهنجو دٻاءُ جاري رکيو ۽ شهنشاهه هڪ همت وارو اعلان ڪيو ته سندس دل ڪڏهن به ڪنهن خوف کان ڊني يا لرزي نه هئي، پر ان اعلان تي ڪنهن به اعتبار نه ڪيو، ان حد تائين جو سندس پنهنجن ساٿين به جرئتمندي جي ان کوکلي اعلان تي يقين نه ڪيو.(41) آخري ۽ نااُميديءَ جي لمحن ۾، جڏهن بربرن طرفان شهنشاهه کي ذلت سان پيش پوڻ جي آڇ ڪئي وئي ته عين انهيءَ وقت کيس اُميد جو هڪ ترورو نظر آيو جڏهن اوچتو هڪ بهادر سپوت نمودار ٿيو جنهن جو شهنشاهه کي شدت سان انتظار هو. چونڊيل ۽ بهادر فوجين جي اڳواڻي ڪندي اسٽيليچو اَدوئا نديءَ کي اُڪاريو، ۽ جيڪو پُل کي پار ڪرڻ ۾ کيس وقت لڳو هو ان جو ازالو ڪندي هن پو (Po) کي جلدي پار ڪيو ڇو ته اُهو لنگهه تمام آسان هو، اهڙي طرح ترت پيش قدمي ڪندي هو آسٽا جي ديوارن جي هيٺان گاٿن جي ڪئمپ ۾ داخل ٿيو ته بربرن جي ڪئمپ ۾ اُميدن جا ڏيئا ٻري پيا ۽ روم جي آبرو ۽ عزت سلامت رهي. پنهنجي فتح جي ميوَن کي چکڻ جي بجاءِ، بربرن جو اڳواڻ هر طرف کان پنهنجين اولهه جي فوجين جي حفاظت ۾ هو جيڪي ائلپس جي سڀني گذر گاهن کان نڪري نروار ٿيا، هن پنهنجا سڀئي سلسلا درست ڪيا توڙي جو سندس فوجي دستن کي ڪٿي ڪٿي رڪاوٽون به پيش آيون هيون؛ روم وارن گهڻي احتياط ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺندي هر طرف قلعن جا ڪوٽ ٺاهي ڇڏيا ته جيئن دشمنن جي حملن کان هر لحاظ سان محفوظ رهن ۽ گهيري ڪندڙن جي رستن ۽ گسن جو گهيرو ڪري ڇڏيائون. پر گاٿن جي قوم جي بزرگن جي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڊگهن وارن وارا اڳواڻ به موجود هيا جن ۾ وڏي عمر وارا ويڙهاڪ پڻ شريڪ ٿيا جن جا جسم پشم پاتل لباسن ۾ ڍڪيل هيا ۽ جن جا چهرا ڪاوڙيل ۽ ڀوائتا هيا ۽ سندن عزت ۽ وقار جي نشاني اِها هئي ته کين زخم رسيل هيا. هنن جنگ جي هر پهلو تي غور ڪيو، نيٺ ان نتيجي تي پهتا ته دورانديشي جي تقاضا اها هئي ته اڳتي وڌڻ بجاءِ سندن فوج پوئتي هٽي وڃي. هن بحث مباحثي جي گرما گرميءَ ۾ الارڪ پنهنجي جرئتمنديءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ روم جو فاتح هُو ئي هيو ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن ۾ همت ۽ مردانگيءَ جو روح ڦوڪيائين، کين سندن پويان ڪارناما ياد ڏياريائين ۽ پنهنجي پروگرام کان به آگاهه ڪيائين ۽ آخر ۾ پنهنجي جذباتي تقرير ختم ڪندي پختو عزم ڪيائين ۽ پنهنجن جوڌن جوانن کي يقين ڏياريائين ته هو اٽلي ۾ يا ته بادشاهت قائم ڪندو يا وري اُتي ئي سندس قبر ٺهندي. (42)

بربرن ۾ نظم ۽ ضبط جي ڪمي سبب کين گهڻو ڪري خطري جي گهڙين مان گذرڻو پوندو هو، پر اسٽيليچو، ڪنهن به بدڪاري ۽ شراب نوشيءَ جي عياشيءَ ۾ لطف اندوز ٿيڻ بدران، عيسائي گاٿن تي حملو ڪري ڏنو جڏهن اُهي ايسٽر(43) جو ڏينهن ملهائڻ جي خوشين ۽ شادمانن ۾ مشغول هيا. هن مهم جي اڳواڻي، جنهن کي مذهبي ماڻهن بي حرمتي ۽ بي ادبي جو نالو ڏنو، هڪ بربر جي حوالي ڪئي وئي جيڪو ساڳئي وقت لامذهب پڻ هيو. هن جي شهرت اها هئي جو هن ٿوڊوسيَس جي جنرلن سان گڏجي بهادريءَ جا ڪارناما ڏيکاريا هيا. گاٿن جي فوجي ڪئمپ، جنهن کي الارڪ پولينشيا(44) جي اوسي پاسي ۾ قائم ڪيو هو، افراتفري جو شڪار ٿي وئي ڇو ته ان تي شاهي گهوڙيسوار فوج حملو ڪري ڇڏيو هو، پر ٿوري دير کان پوءِ سندن بهادر اڳواڻ کين سڪون ۾ آندو ۽ جيئن هو جنگ جي ميدان جي ڪاررواين منجهان سامت ۾ آيا ته هڪ مقدس اعتماد وارو آواز سندن ڪنن تي پيو ته عيسائين جو خدا ضرور سندن مدد ڪندو، اهو ٻڌندي ئي اعتماد ۽ مقامي جرتمندي منجهن ٻيهر موٽي آئي. هن جنگي محاذ ۾ ڪافي وقت لڳو ۽ ٻنهي طرفن کان هڪ جيتري چٽا ڀيٽي ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين کي ذري گهٽ هڪ جيتريون ڪاميابيون نصيب ٿيون. ان دوران الاني قبيلي جي سردار جنهن جي ننڍڙي قد ۽ وحشي جسم ۾ هڪ ڪمال جو انسان موجود هو ۽ توڙي جو سندس وفاداري مشڪوڪ هئي پر هو وڏي بهادريءَ سان وڙهيو. پر پوءِ وڙهندي وڙهندي مارجي ويو، اهڙي طرح هن روم جي جمهوريه لاءِ پنهنجو سر قربان ڪيو؛ سندس بهادريءَ جي ڪارنامن کي شاعر ڪلاڊيَن پوريءَ طرف بيان نه ڪري ساڻس انصاف نه ڪيو آهي، ڇو ته شاعر سندس گُڻ ته بيان ڪيا آهن پر بدقسمتيءَ سان سندس نالي کي بيان ڪرڻ کانئس رهجي ويو آهي. سندس موت کان پوءِ هن جي سپاهين ۾ مايوسي ۽ نراسائي پکڙجي وئي ۽ گهوڙيسوار فوج جي ڪجهه حصي جي شڪست شايد الارڪ جي فتح ۾ تبديل ٿي وڃي ها جيڪڏهن اسٽيليچو عين ان وقت رومين ۽ بربرن جي وڏي فوج وٺي اوچتو حملو نه ڪري ها. جنرل جي فوجي مهارت ۽ سپاهين جي بهادريءَ جي طاقت سان هنن هر رڪاوٽ کي پنهنجي رستي تان هٽايو. خوني ڏينهن جي شام جو گاٿن جي صفن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ سندن ڪئمپن کي به اُکوڙيو ويو ۽ بعد ۾ جيڪو ڦُرلُٽ ۽ ماڻهن جي ڪوس ۽ قتل جو منظر ٿيو ان درحقيقت ماڻهن جي تڪليفن ۽ مصيبتن جو ڪجهه قدر ازالو ڪيو جن ۾ روم جي جمهوريه جي رعيت مبتلا رهي هئي.(45) ڪورنٿ ۽ آرگوس جي شهرن مان اولهه وارن کي ايترو ته جهجهو مال غنيمت هٿ آيو هو جو اُهي مالدار ۽ شاهوڪار ٿي ويا هيا؛ الارِڪ جي زال، جنهن کي قيد ڪيو ويو هو، روم جي هيرن ۽ خانداني نوڪرياڻين(46) تي پنهنجي دعويٰ رکي، پر پوءِ جلد ئي سندس دماغ مان هوا نڪري وئي جڏهن هن هڪ بادشاهه جي زال مان پاڻ کي قيدياڻي جي روپ ۾ ڏٺو، نيٺ هن پنهنجي دشمن کي رحم جي درخواست ڪئي؛ اهڙيءَ طرح هزارن جي تعداد ۾ قيدي جيڪي گاٿن جي قيد ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل هيا اُنهن کي آزاد ڪيو ويو، جيڪي کين آزاد ڪندڙ محسن جا ڳُڻ ڳائيندا اٽلي جي مختلف صوبن ۾ هليا ويا. اسٽيليچو جي فتح (47) کي هڪ شاعر توڙي عوام جي ڪيترن ماڻهن مارِيَس سان ڀيٽ ڪئي آهي جنهن اٽلي جي ساڳئي علائقي ۾ اُتر جي بربرن جي فوج سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ کين تباهه ڪري ڇڏيو هو.* ايندڙ نسلن کي جڏهن وڏا هڏاوان بوتا ۽خالي ٽوپلا ملندا جيڪي يقينن سِمبري ۽گاٿن جا هوندا ته اُهي حيران پريشان ٿي ويندا ۽ ساڳئي وقت اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ نسلن جا ڪي قدردان ماڻهو بيحد ئي ناليوارن ٻن جنرلن جي ياد ۾ ڪو يادگار تعمير ڪرائن جن ساڳي يادگار جنگ جي ميدان تي روم جي ٻن مضبوط ۽ انتهائي خطرناڪ دشمنن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو هو.(48)

شاعر ڪلاڊيَن(49) پنهنجي شاعريءَ ۾ پولينشيا جي فتح کي زبردست تعريفي لفظن سان ياد ڪيو آهي ۽ اُهي ئي سندس محسن جي زندگي جا شاندار ڏينهن هيا، پر هو گاٿن جي بادشاهه جي تعريف ۾ ڪجهه هڪ طرفو ۽ ناراض نظر ٿو اچي. سندس نالي کي هن نفرت ۽ بڇان ڏياريندڙ لفظن ۾ ياد ڪيو آهي. هو کيس لُٽيرو ۽ رهزن ٿو سڏي؛ پر هي ڪا نئين ڳالهه ڪانه آهي ڇو ته هر دؤر جي فاتحن کي مخالفن طرفان اهڙا ئي خطاب ملندا آهن؛ پر اسٽيليچو جو شاعر اها ڳالهه مڃي ٿو ته اَلارڪ تمام مضبوط ۽ اٽل ارادن ۽ عزم جو مالڪ هو جيڪو ڏکين ۽ تڪليفن جي ڏينهن ۾ ڀي مٿاهون رهندو هو ۽ مصيبتن جي آجيان ڪندي اُنهن کي سُڪون سان مُنهن ڏيندو هو ۽ پريشان هرگز نه ٿيندو هو. جڏهن هن جي زميني فوجن کي مڪمل شڪست ملي ته هو پوئتي هٽيو ۽ جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو پر پنهنجي پوري گهوڙيسوار فوج کي با سلامت بچائي ويو. پنهنجن بهادر ساٿين جي مارجي وڃڻ جي ناقابل- تلافي نقصان تي به هو پُر عزم رهيو؛ بجاءِ اُنهن جي وڇوڙي تي ماتم ڪرڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ جي، هن پنهنجي فاتح دشمن کي ڇڏيو ته ڀلي هو گاٿن جي بادشاهه (50) جون تصويرون مڙهائي پاڻ وٽ رکن، ۽ هو بهادريءَ سان ائپينائن جي لنگهن مان اُڪري اڳتي وڌيو ۽ ٽسڪني جي چمڪندڙ چهري تي مايوسيءَ جا آثار ڇڏيائين ۽ عزم ڪيائين ته يا ته هو فاتح ٿيندو يا وري روم جي گيٽن اڳيان مرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو. بهرحال گاديءَ جي هنڌ کي ته اسٽيليچو جي اَورچائي ۽ لڳاتار جدوجهد بچائي ورتو، پر هُن به پنهنجي مخالف جي اهڙين محنتن کي مان ڏنو ۽ جمهوريه جي مقدر جي فيصلي ڪرڻ لاءِ پنهنجي دشمن سان ٻي جنگ جوٽڻ بجاءِ، هن بربرن جي ڪمي محسوس ڪندي ان کي خريد ڪرڻ چاهيو. الارِڪ جو جيڪو فطري مزاج هو، اُهو اهڙن شرطن کي فورن رد ڪري ڇڏي ها. يعني پٺتي هٽڻ جي اجازت يا پينشن جي آڇ وغيره کي نفرت ۽ ناراضگيءَ منجهان ٿُڏي ڇڏي ها، پر سندس سردارن ۽ مکيه ماڻهن تي سندس اختيار محدود ۽ جوکائتا هيا ڇو ته اُنهن ئي پنهنجي خدمت ۽ مطلب لاءِ کيس ايترو مٿاهون بڻايو هو جو هو پنهنجن هڪ جهڙن کان به رتبي ۾ وڏو ٿي ويو هو؛ تنهنڪري هاڻي اُهي هڪ ناڪام جنرل جي هر ڳالهه يا حڪم مڃڻ لاءِ گهٽ آماده هيا؛ اُنهن منجهان گهڻن ماڻهن ته اڳواٽ ئي آنريَس جي وزير سان رابطا ڪري پنهنجا ذاتي مطلب تارڻ ۽ پنهنجي خانگي حيثيت ٺاهڻ جون ڪوششون پڻ شروع ڪري ڏنيون هيون. بادشاهه ماڻهن جي راءِ جو احترام ڪندي اولهه جي شهنشاهت سان صلحنامي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ جنهن فوج کي هو اڳ اٽلي وٺي ويو هو، ان سان گڏ ٻيهر پو (Po) جي لنگهه کان گذريو. روم جي فوجن جو هڪ چڱو خاصو انگ سندس خدمتن لاءِ وقف هو؛ ۽ اسٽيليچو، بربرن جي چُرپر ۽ هر ان قدم کان چڱيءَ طرح باخبر هو جيڪو ڪجهه به الارڪ جي ڪئمپ ۾ ٿي رهيو هو يا سوچيو ٿي ويو. گاٿن جي بادشاهه پنهنجي ڀاڄ يا شڪست جي ازالو ڪجهه نمايان ڪارنامن ذريعي ڪرڻ ٿي چاهيو، تنهنڪري هن فيصلو ڪيو ته هو ويرونا جي اهم شهر تي پنهنجو قبضو ڄمائيندو ڇو ته اُتان ئي رهيشيا جي ائلپس جبلن جو رستو کيس آسانيءَ سان ملي ويندو. سندس پروگرام ۾ اهو به شامل هو ته هو پنهنجي پيش قدمي جرمن قبيلن جي سرحدن ذريعي جاري رکندو ڇاڪاڻ ته اُنهن قبيلن جو اتحاد سندس وڃايل قوت کي تازگي ۽ مضبوطي بخشيندو ۽ اهڙيءَ طرح هو رائين جي طرف کان گال جي مالدار صوبن تي هڪ ڪامياب حملو ڪندو ۽ سندس ان مهم تي ڪو شڪ به نه ڪندو. پر هن سان غداري جي شروعات ٿي چڪي هئي جنهن کان هو بلڪل بيخبر هو؛ هن جبلن جي اُنهن رستن ۽ گـَسن ڏانهن پيش قدمي جاري رکي جن تي شاهي فوجن جو اڳ ۾ ئي قبضو ٿي چڪو هو جتي هر طرف کان يعني اڳيان، پويان توڙي کاٻي ساڄي کان مٿس زوردار حملو ڪيو ويو. رتوڇاڻ جي هن خوني راند ۾ جيڪا ويرونا جي ديوارن جي ويجهو کيڏي وئي، گاٿن جو جاني توڙي مالي نقصان سندن ان شڪست کان هرگز گهٽ نه هو جيڪا اڳ هنن پولينشيا جي جنگ ۾ کاڌي هئي، ۽ سندن بهادر بادشاهه، جيڪو پنهنجي گهوڙي جي تيز قدمن سبب ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، يقيني طور تي قتل ڪيو وڃي ها يا کيس قيدي بنايو وڃي ها پر الاني قبيلي جي ڪجهه ماڻهن جي اُٻهرائيءَ سبب روم جي جنرل جون رِٿون ڪامياب ٿي نه سگهيون. الارڪ، بهرحال پنهنجي بچيل فوج وٺي ڀر وارن جبلن تي هليو ويو ۽ ٻيهر پڪو عزم ڪيائين ته توڙي جو سندس دشمن کانئس وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم هو پر تڏهن به هو مٿس حملو ضرور ڪندو. پر ان عزم جي باوجود، هو بُک ۽ بيمارين جو مقابلو نه ڪري سگهيو جيڪي سندس فوج ۾ ڪاهي پيون هيون ۽ نه وري هو اُنهن بيوفا ۽ ڦرندڙ گهرندڙ بربرن کي روڪي ٿي سگهيو جيڪي بيصبر ۽ اُتاولا ٿيندي کيس ڇڏيندا ۽ رمندا رهيا. اهڙي بيوسيءَ جي حالت ۾ به هن همت نه هاري ۽ فقط پاڻ تي ڀاڙيائين يا وري مخالف سان، حالتن پٽاندر، ڍرائي اختيار ڪيائين ۽ پٺتي هٽڻ جو سوچيائين؛ اهڙيءَ طرح گاٿن جي بادشاهه جي شڪست کي ’اٽلي جي ڇوٽڪاري‘ سان تعبير ڪيو ويو.(51) ان جي باوجود عوام توڙي مذهبي ماڻهن، جن کي جنگ يا امن بابت ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جي گهڻي صلاحيت نه هوندي آهي، اسٽيليچو جي پاليسين جي مذمت ڪرڻ چاهي هئي ڇو ته هو رڳو فتحن، هنگامن ۽ خطرناڪ دشمنن کي دَسڻ ۽ شڪستون ڏيڻ جي ڌنڌن ۾ مشغول رهندو هو. ماڻهن جي حفاظت جي پهرين گهڙين ۾ خوشي ۽ احسانمنديءَ جا احساس هوندا آهن جڏهن ته ٻين لمحن ۾ حسد، ساڙ ۽ بهتان بازين جو راڄ هوندو آهي.(52)

روم جا شهري الارڪ جي اوچتي ظاهر ٿيڻ تي حيران ٿي ويا هيا ۽ جنهن محنت ۽ مشقت سان ماڻهن گاديءَ جي هنڌ جي بنيادن کي ٻيهر سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ان منجهان سندن خوف خطرا اڃا وڌي ويا هيا ته ساڳي وقت شهنشاهت جي زوال جا آثار به کين نمايان طور نظر اچي رهيا هيا. بربرن جي پٺتي هٽڻ کان پوءِ، آنريَس کي هدايت ڪئي وئي ته هو سينيٽ جي ذميداري واري دعوت قبول ڪري ۽ شاهي شهر ۾ گاٿن جي فتح جي خوشگوار دؤر توڙي پنهنجي مئجسٽريٽ هجڻ جي ڇهين سال جون خوشيون ملهائي.(53) پاڙي وارن ڳوٺن توڙي شهر جون گهٽيون مِلوين پل کان پالاتين جبل تائين روم جي ماڻهن سان ڀريون پيون هيون جن کي هڪ سو سالن جي عرصي ۾ فقط ٽي دفعا اهڙا موقعا نصيب ٿيا هيا جو سندن پنهنجا حاڪم ساڻن گڏ هيا. هوڏانهن سڀني جون اکيون ان گاڏيءَ تي کُپيل هيون جتي اسٽيليچو پنهنجي شاهي شاگرد سان گڏ فخر ۽ شان وچان ويٺل هيو ۽ سڀني ماڻهن فتح جي جشن جي جلوَن ۽ خوبصورتيءَ کي ملهايو ٿي، جنهن تي ڪانسٽئنٽائن يا ٿوڊوسيَس جي دؤرن وانگر ڪو داغ يا چُٽو لڳل نه هو ڇاڪاڻ ته هن ڀيري شهري رت وهڻ بنان هي جشن ملهايو ويو هو. جشن جو جلوس هڪ وڏي محرابي گيٽ کان گذريو جنهن کي هن موقعي لاءِ خاص طرح تعمير ڪيو ويو هو، پر ستن سالن کان به گهٽ عرصي ۾ روم جا گاٿ فاتح شايد پڙهي سگهن جيڪڏهن اُهي پڙهڻ جا اهل هيا ته يادگار جي هڪ ڪتبي تي شايد کين واضح لکيل نظر آيو هوندو ته سندن قوم جي واضح شڪست ۽ مڪمل تباهي هاڻي ڄڻ تاريخ ۾ لکجي چڪي هئي.(54) شهنشاهه ڪيترائي مهينا گاديءَ جي هنڌ ۾ ترسيل هيو ۽ سندس هلت چلت ۽ اٿڻي ويهڻي کي به ڪنهن مانائتي طريقهء ڪار جو پابند بنايو ويو هو ته جيئن مذهبي ماڻهو، سينيٽ توڙي روم جي رعيت جا ماڻهو شهنشاهه کان خوش ۽ مطمئن هجن. مذهبي ماڻهو، شهنشاهه جي، پاڻ ڏي گهڻي اچڻ وڃڻ، ۽ سندن مقبرن ۽ حوارين کي تحفن ۽ انعامن جي بارش وسائڻ تي ڏاڍا خوش هيا. فتح جي هن جشن ۾ سينيٽ کي به روايتي بيعزتي کان بچايو ويو هو جو شاهي گاڏيءَ کان اڳ ۾ کين پيرين پيادو هلڻو پوندو هو، پر هن دفعي اسٽيليچو کين پورو مان ۽ احترام ڏنو هو جيڪو هن اسيمبلي جو جائز حق هو. عوام جي اڪثريت ان تي به خوش هئي ته آنريَس وڏي چاهه مان سندن راندين روندين ۾ به گهڻي دلچسپي ورتي هئي جيڪي شاندار طريقي سان رچايون ويون هيون ۽ جيڪي تماشبينن جي ڏسڻ وٽان هيون. جيئن گاڏين جي گوءِ يا ڊوڙ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ته سرڪس جي ڏيک وئک کي تبديل ڪيو ويو ۽ هاڻي جهنگلي جانورن جي شڪار ڪرڻ جو وارو هو جن ماڻهن کي وڏي وِندر ورونهن مهيا ڪئي. ان کان پوءِ فوجي ناچ ماڻهن کي ونداريو جنهن جو ذڪر ڪلاڊين پڻ ڪيو آهي جنهن سڄي ٽورنامينٽ جو دلچسپ احوال قلمبند ڪيو آهي.

آنريَس جي هنن راندين ۾ سڀ کان خراب ۽ غير انساني تماشو ڪُشتي بازن(55) جو هو جن روم جي نمائش گاهه جي سڄي ماحول کي گندو ۽ غليظ ڪري ڇڏيو هو. پهرين عيسائي شهنشاهه کي اهو داد ڏيڻو پوندو ته هن هڪ اهڙو فرمان جاري ڪيو جنهن ذريعي اهڙين راندين کي سختيءَ سان نِنديو ويو جن ذريعي انساني رت وهايو وڃي(56) ۽ هن رحمدليءَ جي قانون ۾ شهنشاهه جي خواهش شامل هئي پر ان ذلت واري رسم ۾ ڪنهن سڌاري جي ڪا تجويز ڪانه هئي جنهن هڪ مهذب قوم کي جهنگلي آدمخورن جي درجي کان به هيٺ ڪيرائي ڇڏيو هو. شهنشاهت جي وڏن شهرن ۾ سَوين نه پر هزارين ماڻهو هر سال هن گندي شغل ۾ ڪُٺا ويندا هيا ۽ خاص طرح ڊسمبر جو مهينو ڪشتي بازن جي مقابلن لاءِ وقف ٿيل هوندو هو ۽ روم جا ماڻهو رت جي هن ظالماڻي راند ۾ خوش ۽ احسانمنديءَ جي احساس* هيٺ رهندا هيا. پولينشيا جي سوڀ جي موقعي تي هڪ عيسائي شاعر، شهنشاهه تي زور ڀريو ته هو پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ذلت واري هن شغل کي، جيڪو لازمي رسم جو روپ وٺي چڪو هو، هميشہ واسطي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري جنهن ڪيتري عرصي کان وٺي انسانيت توڙي مذهب جي آواز ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا هيا.(57) پروڊينشيَس جي درد ڀري دانهن ٽيلمئچَس جي جرئتمنديءَ کان گهٽ اثرائتي نه هئي. هي ايشيا جو هڪ ٻائو هو جنهن جو موت انسان ذات لاءِ سندس زندگيءَ کان وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿيو.(58) جڏهن رومين جي خوشين ملهائڻ ۾ رڪاوٽ آئي ته اُهي ڪاوڙجي پيا ۽ جذباتي ٻائو هيٺ لهي ان ڪٽهڙي ۾ اچي ويو ته جيئن ڪشتي بازن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ڇڏي، پر ويچاري تي ماڻهن طرفان پٿرن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. پر پوءِ جلد ئي ماڻهن جو جنون ماٺار ۾ اچي ويو، هنن ٽيليمئچَس جي ياد کي عزت ۽ مان ڏنو جنهن کي شهيد ڪوٺيو ويو ۽ عوام گڏجي آنريَس جي قانون جو احترام ڪيو جنهن نمائش گاهن ۾ ڪشتي بازي ۽ انساني رت هارڻ تي سختيءَ سان پابندي وجهي ڇڏي هئي. جن شهرين پنهنجن وڏڙن جي مهذب روَين کي وري زنده ڪندي غير انساني رسمن کي ڇڏي ڏنو هو، اُنهن اُن ڳالهه کي به ضروري سمجهيو ته ان عظيم انسان کي ’صبر ۽ بردباريءَ جي اسڪول‘ جي احاطي ۾ دفنائن ته جيئن سندس يادگار رت جي راند واري موت کان کين نفرت ڏياريندو رهي ته سندن فضول ۽ اجاين رسمن تي کين وڌيڪ بُڇان پڻ لڳندي رهي يعني اُها ڪُڌي رسم جنهن کي قديم يونان جي بهادري توڙي جديد يورپ جي رواداري مڪمل طور تي رد ڪيو ڇڏيو آهي.(59)

مِلن جي غير محفوظ محلات ۾ شهنشاهه کي خطرو نظر آيو، تنهنڪري هو اُتان نڪري اٽلي جي قلعي واري محل ۾ وڃي رهيو جتي دشمن جو پهچڻ ذري گهٽ ناممڪن هيو ۽ جتي رهندي شهنشاهه کي سُڪون ۽ آٿت اچي ويو هو جڏهن ته ٻي سڄي ملڪ ۾ ڄڻ بربرن جي ٻوڏ آيل هئي. پو (Po) جي ڏاکڻين ستن ڇوڙن کان ڏهن- ٻارهَن ميلن جي پنڌ تي ۽ ائڊرئٽڪ جي ڪنارن تي ٿِساليا جي ماڻهن روينا(60) جي ڪالوني کي قديم زماني کان قائم ڪيو هو، جيڪا پوءِ امبريا جي ماڻهن کي تحفو ڪري ڏني وئي هئي. آگسٽَس، جنهن ان هنڌ جي اهميت کي سمجهي ورتو هو، پراڻي شهر کان فقط ٽن ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڏو بندرگاهه قائم ڪيو جتي اڍائي سو جي لڳ ڀڳ جهاز لنگر انداز ٿي سگهندا هيا. نيوي جي هن هيڊڪوارٽر تي، جتي وڏو بارود خانو ۽ جنگي سامان موجود هو ۽ فوجين جي لاءِ وڏيون بيرڪون پڻ قائم ڪيون ويون هيون ته ساڳئي وقت هنرمندن ۽ ڪاريگرن لاءِ گهر پڻ تعمير ڪيا ويا هيا، روم جي هڪ وڏي جنگي آرماڙ جو نالو پئجي ويو هو. هيڊڪوارٽر جي آس پاس بچيل زميني ٽڪرن تي ماڙيون ۽ جايون جڳهون جوڙايون ويون جتي تمام گهڻا ماڻهو وڃي آباد ٿيا، اهڙيءَ طرح روينا جي ٽِنهين طرفن کان آبادين جي رونق ايتري ته وڌي وئي جو هن جڳهه جو شمار اٽلي جي اهم شهرن ۾ ٿيڻ لڳو. آگسٽَس  جي قائم ڪيل پاڻي پهچائڻ جي سرشتي ذريعي پو (Po) نديءَ جو جهجهو پاڻي، شهر جي وچ مان گذاري بندر تائين پيو پهچندو هو؛ ان ساڳئي پاڻيءَ کي اونـَهن تلائن ۾ وهايو ويو جن کي ديوارن سان مضبوط بنايو ويو هو ۽ اتان وري ان پاڻيءَ کي هڪ هزار ننڍين نهرن ذريعي شهر جي هر حصي ۾ پهچايو ويو ۽ اهڙيءَ طرح ان پاڻيءَ ننڍا ننڍا ٻيٽ ٺاهي ڇڏيا ۽ آمدرفت جو سلسلو ٻيڙين ۽ پُلن ذريعي جاري رهندو هو ۽ روينا جا گهر، جن جي مشابهت وينِس جي گهرن سان ڪري پئي سگهجي، اُنهن کي ڪاٺيءَ جي مضبوط ٿنڀن تي بيهاريو ويو. پاڙيوارو ملڪ، جيڪو ڪيترائي ميل پري  هو، اونهو ۽ ڌٻڻ جيان هو ۽ جيڪو رستو ڪجهه مٿانهينءَ تي ٺاهيو ويو هو جنهن روينا کي باقي ملڪ سان ڳنڍيو ٿي، ان جي حفاظت به آسان هئي ته وري ان کي دشمن فوج تباهه به ڪري ٿي سگهي. هنن ڌٻڻن منجهان وري انگورن جا باغ اُڀري پيا هيا توڙي جو نرم زمين ۾ ڪيترائي فصل پيدا ٿي پيا هيا، ان هوندي به شهر ۾ تازي پاڻيءَ جي مقابلي ۾ شراب زياده مقدار ۾ ۽ آسانيءَ سان ٿي مليو.(61) هوا به تازي ۽ خوشگوار هئي ۽ اهڙي نه هئي جيڪا بيماريون پکيڙي يا جنهن مان وبائي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو هجي. اها صحت بخش هوا پاڙيسري ملڪ سڪندريه جهڙي هئي جيڪا پڻ غير معمولي طور تي صاف ۽ صحت بخش هئي ۽ ان جو سبب هئڊرئٽڪ جي طرف کان گهُلندڙ هوائون هونديون هيون جيڪي واهن جو واسُ وٺنديون اڳتي وڌنديون وينديون هيون ۽ بيٺل ۽ سينوريل پاڻيءَ جي غلاظت کي به دور ڪري ڇڏينديون هيون ۽ پاڙيواري ملڪ جي هلندڙ ٻيڙن کي به پنهنجي خوشبوءِ پهچائينديون هيون، جيڪي ٻيڙا روينا جي ڪنارن تي اچي لنگر انداز ٿيندا هيا. سمنڊ آهستي آهستي پٺتي هٽندو ويو جنهن سان هي جديد شهر ائڊرئٽڪ کان چئن ميلن جي پنڌ تي هليو ويو آهي ۽ پنجين يا ڇهين صدي عيسوي ۾ آگسٽس جو بندر هڪ باغيچي ۾ بدلجي ويو ۽ ولين جي هڪ جهڳٽي ان زمين جي ٽڪري کي ڍڪي ڇڏيو هو جتي ڪڏهن روم جو بحري ٻيڙو لنگر انداز ٿيندو هو.(62) هن جڳهه جي فطري بيهڪ ۽ انجي پسگردائيءَ جي مٽ سٽ پڻ هن هنڌ کي زور وٺرايو ۽ تراکڙو پاڻيءَ پڻ دشمنن جي جهازن جي داخل ٿيڻ لاءِ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ هو. هن جڳهه کي جيڪو فطري فائدو هو ان کي ويتر ماڻهن جي فن ۽ محنت سبب وڌيڪ بهتر بڻايو ويو هو. اولهه جي شهنشاهه فقط ويهن ورهن جي عمر ۾ روينا جي ديوارن ۽ ڌٻڻ ۾ دائمي رهائش اختيار ڪئي ته جيئن پاڻ محفوظ رهي. آنريَس جي مثال جي سندس ڪمزور جانشينن تقليد ڪئي جيڪي گاٿن جا بادشاهه هيا ۽ ان کان پوءِ ايگزارڪس* هيا جن شهنشاهن جي تخت ۽ محلات کي وڃي والاريو ۽ اهو سلسلو اٺين صدي عيسوي تائين جاري رهيو جيستائين روينا کي حڪومت ڪرڻ جو هنڌ ۽ اٽلي کي شهنشاهت جي گاديءَ جو هنڌ تسليم ڪيو ويو.(63)

آنريَس جا خوف خطرا بي بنياد نه هيا ۽ نه وري سندس احتياط بي اثر هيا. هيڏانهن اٽلي، گاٿن کان جان ڇڏائڻ تي بيحد خوش هيو، هوڏانهن جرمني جي قومن ۾ هڪ خطرناڪ طوفان جون تياريون ٿي رهيو هيون پر اُنهن اٽل طاقت اڳيان آڻ مڃي جيڪو لڳي ٿو ته ايشيا جي پڇڙي وارن ملڪن طرفان مٿن وڌو ويو هو. چين جا تاريخوار واقعا، جن کي جيئن موجوده زماني جي سُڌ سماءُ جي ذريعن سمجهيو آهي، ڪيترين ئي ڳالهين جو ذڪر ڪن ٿا جن ۾ روم جي شهنشاهت جي زوال جي باري ۾ به ڪجهه اشارا ملن ٿا ته ان بابت ڪي سبب پڻ بيان ڪيل آهن. عظيم چين جي ديوار جي اُتر واريون حدون، هُنن (Huns) جي ڀاڄ کان پوءِ، سين- پِي جي قبضي ۾ اچي ويون هيون، انهن حدن جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ اختلاف ڪري جدا جدا قبيلن ۾ ورهائجي ويندا هيا، ۽ پاڻ ۾ ٻيهر تڏهن ايڪو ڪندا هيا جڏهن سندن ڪو سردار وچ ۾ ايندو هو؛ نيٺ، پاڻ کي ’ٽوپا‘ يا ’ڌرتيءَ جا ڌڻي‘ سڏائيندي فخر محسوس ڪيائون ۽ وٽن زميني طاقت به ڪافي اچي وئي. ٽوپا جي ٽولي، اوڀر جي برپٽ ۾ رهندڙ رڍون، ٻڪريون چاريندڙ سادين قومن کي مجبور ڪيو ته هو کين معتبر ۽ مٿاهون ڪري مڃين؛ اُنهن چين تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن ملڪ ڪمزور ۽ اندروني اختلافن جو شڪار هو، ۽ هنن خوش قسمت تاتارين، سندن فتح ڪيل قومن جا قانون ۽ رسم و رواج اختيار ڪندي، پنهنجو شاهي گهراڻو قائم ڪيو جن بادشاهت جي اُترين صوبن تي هڪ سو سٺ سال حڪومت ڪئي. سندن چين جي تخت تي ويهڻ کان اڳ ۾ ٽوپا نسل جي هڪ بادشاهه پنهنجي گهوڙيسوار فوج ۾ موڪو نالي هڪ غلام کي شامل ڪيو، جيڪو پنهنجي بهادريءَ جي ڪري مشهور هو پر کيس سزا جو خوف هو ته متان هو پنهنجي جهنڊي کي ڇڏي ڏئي ۽ پنهنجن هڪ سو ساٿين سميت ٻيهر پنهنجي برپٽ واري هنڌ پهچي وڃي. چورن، ڦورن ۽ رهزنن جي هن ٽولي هڪ ڪئمپ ۾ قبيلو ٺاهي ورتو جيڪو بيشمار ماڻهن تي مشتمل هو ۽ جيڪي ’جُوگن‘ جي خطاب سان سڃاتا ويندا هيا ۽ سندن موروثي سردار جيڪو موڪو جي نسل منجهان هو ۽ خود به غلام هو، اُنهي ۽ سندس ساٿين سيٿيا جي حاڪمن جو واڳون وڃي سنڀاليون. ٽولون جو نوجوان جيڪو سندن پوئلڳن ۾ وڏي ۾ وڏو هيو اُن کي ڪافي ڏک ڏسڻا پيا. بهرحال هن مصيبتن سان مقابلو ڪيو ۽ ٽوپا جي ظالماڻي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي قوم جو اسيمبليءَ جو رڪن بنجي ۽ ٽارٽري جو فاتح بنجي ويو. هن پنهنجن فوجن کي هڪ سو ۽ هڪ هزار جي جٿن جي حساب سان ورهائي ڇڏيو، ماڻهن جي لشڪرن مٿان پٿر وسايا ويا، بهادري ڏيکارڻ تي وڏا انعام اڪرام آڇيا ويا ۽ ٽولون جيڪو ڪافي هوشيار ماڻهو هو تنهنڪري هن چين ۾ سکيا وٺڻ کان نفرت ڪئي ۽ فقط اهڙا علم سکيو ۽ ادارن ۾ ويو جيڪي سندس حڪومت جي فوجي روح سان مطابقت رکندڙ هيا. سياري ۾ هن پنهنجا خيما اکيڙي ڇڏيا جن کي ڏاکڻين علائقن ۾ نيو ويو ۽ اُنهن کي اونهاري ۾ سيلنگا نديءَ جي بهترين ڪنارن تي لڳايو ويو. سندس سوڀون ڪورا کان وٺي اِرتش نديءَ جي ڪنارن تائين ڦهليل هيون. هن ڪئسپين سمنڊ جي اُترئين پاسي هُنن (Huns) کي شڪست ڏني ۽ هن پنهنجي يادگار فتح کان پوءِ پنهنجي لاءِ ’خان‘ يا ڪاگن جو خطاب چونڊيو ۽ اُنهيءَ سان ئي مشهور ٿيو.(64)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org