سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:31

هڪ گهٻراهٽ ۽ ٽاڪوڙي کي دور ڪرڻ لاءِ، بوهيمنڊ جو سؤٽ() ۽ گاڊفري جو ڀاءُ() عام فوج کان ڇڄي جدا ٿي ويا هيا ۽ اُنهن سان گڏ پنجن کان ستن هزارن تائين اميرن جا جٿا به گڏ هيا. هڪ تيز ۽ طوفاني پنڌ ۾ هنن سليشيا جي ٽڪرين ۽ سامونڊي بندر کي اُڪاريو، جيڪو ڪاگني کان شام جي سرحدن تائين ڦهليل هيو، نارمنڊي جو جهنڊو پهريون ته ٽارَس ۽ مالمسترا جي ديوارن تي ڦڙڪايو ويو پر بالڊوِن جي تڪبر واري ناانصافي نيٺ اٽلي جي هڪ سخي مرد ۽ صبر ڪندڙ شخص کي غصي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هنن پنهنجون ترارون هڪ ذاتي ۽ ڪافراڻي جهيڙي ۾ هڪ ٻئي خلاف مياڻ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيون. وقار جو مقصد ۽ شهرت ٽئنڪريڊ جو انعام هيو پر مقدر سندس دشمن جي خود مطلبي وارن ارادن تي کلي رهيو هو(88). کيس هڪ يوناني يا آرمينيا جي آمر جي مدد ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو، جنهن ترڪن جي غلاميءَ ۾ ڀوڳيو هيو، ته ايڊيسا جي عيسائين تي وڃي حڪومت ڪري. بالڊوِن، پنهنجي پُٽ جي ڪردار تي ويساهه ڪيو جيڪو هڪ جوڌو هيو، پر جيئن ئي شهر ۾ هن پنهنجو تعارف اڃا ڪرايو مَس هيو ته هن ماڻهن کي پنهنجي پيءُ جي قتل ڪرڻ لاءِ اُڪسايو، تخت ۽ خزاني تي قبضو ڪيائين، پنهنجن سوڀن جي دائري کي آرمينيا جي پهاڙن ۽ ميسوپوٽئميا جي وارياسن پَٽن تائين وڌائي ڇڏيائين ۽ فرئنڪن يا لاطينين جي پهرين رياست جو بنياد وڌائين جيڪا فرات ندي کان اڃا اڳتي هئي ۽ جيڪا چوونجاهه سالن تائين قائم رهي(89).

فرئنڪن جي شام ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، اونهارو يا اڃا به خزان جي موسم کي به ضايع ڪيو ويو هو، انتاڪيا جو گهيرو يا سياري ۾ فوج جي آرام ڪرڻ جي مسئلي کي سندن اسيمبلي ۾ گرما گرم بحث جو موضوع بنايو ويو هو؛ پنهنجن هٿيارن ۽ پاڪ مقبري سان محبت کين اڳتي وڌڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ دليلن جو پاسو شايد ٺهراءَ جي حق ۾ هو ڇاڪاڻ ته اهڙن قومي ڪمن ۾ هڪ ڪلاڪ جي دير به حملي ڪندڙ جي شهرت ۽ طاقت کي وڌائي ڇڏي ٿي ۽ دفاعي جنگ جي ذريعن کي ٻيڻو يا چؤڻو ڪري ڇڏي ٿي. شام جي گاديءَ جي هنڌ کي اورونٽس نديءَ جي وڏي حفاظت حاصل هئي، ان کان سواءِ جيڪا نوَن وَنگن جي لوهي پل مٿس ٺهيل هئي، اُنهن تي ٻن منارن جو نالو پيل آهي جيڪي پل جي ٻنهي طرفن کان تعمير ڪيا ويا هيا. اُنهن جو ڪنٽرول نارمنڊي جي نواب جي حوالي ڪيو ويو هيو جيڪو پنهنجي ترار سان گيٽن کي کوليندو ۽ بند ڪندو هو، سندس فتح جي نتيجي ۾ ٽن لک صليبين کي هتان گذرڻ جي اجازت ملي وئي، هي اهڙا تفصيل آهن جن ۾ ماڻهن جي جانين ضايع ٿيڻ ۽ اُنهن طرفان ساٿَ کي ڇڏي وڃڻ جا انديشا به موجود هيا، پر اها ڳالهه يقيني آهي ته نائيسيا جي محدود دائري کي ڏسندي ان تعداد ۾ وڌاءَ جي گهڻي گنجائش موجود آهي. انتاڪيا(90) کي بيان ڪرڻ ۾ اهو آسان نه آهي ته سندس قديمي شان شوڪت، جيڪو سڪندراعظم ۽ آگسٽَس جي جانشينن جي حڪومتن ۾ سندس هُيو ته ان دؤر لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪجن يا وري سندس موجوده بربادي واري حالت جيڪا ترڪن جي دؤر ۾ مٿس آئي آهي ته ان لاءِ ڪهڙي زبان استعمال ڪجي. ٽيٽراپولِس يا چار شهر، جيڪڏهن اُنهن جو نالو يا آثار باقي هجن ها ته پوءِ ٻارهن ميلن جي دائري ۾ هڪ وڏو پولار يا خلا محسوس ٿئي ها يا وري جيڪو چار سؤ مُنارن جو تعداد ٻڌايو وڃي ٿو ته اُهي پنجن گيٽن سان هرگز نٿا ڀيچجن جن جو هن گهيري جي موقعي تي تاريخن ۾ اڪثر ذڪر آيل آهي. ان جي باوجود به انتاڪيا هڪ وڏي آدمشماري ۽ مشهور گاديءَ جو هنڌ هو. ترڪي جي اميرن جي ذڪر ۾ باغيسين جو نالو به ايندو جيڪو هڪ بزرگ اڳواڻ هو ۽ پنهنجي جڳهه تي حڪم به هلائيندو هو، سندس فوجي جٿا ڇهن يا ستن هزارن گهوڙي سوارن ۽ پندرهن کان ويهن هزار پيادل فوج تي مشتمل هيا، چيو وڃي ٿو ته هڪ لک مسلمان ترار سان قتل ڪيا ويا هيا ۽ سندن تعداد به يونانين، شامين ۽ آرمينين کان گهڻو گهٽ هو، ۽ جنگ ۾ شامل ٿيندڙن جون عمريون چوڏهن سالن کان به گهٽ هيون ۽ اهي سلجوقن جا غلام رهيا هيا. ديوار جا جيڪي آثار مليا آهن اُنهن مان لڳي ٿو ته اُها ڪيڏي نه مضبوط ۽ شاندار طريقي سان تعمير ڪئي وئي هوندي، لڳي ٿو ته ان جي اوچائي ٽي ويهون فوٽ هئي. يعني سٺ فوٽ. جتي گهٽ محنت يا ڪاريگري نظر آئي هوندي ته اُتي زمين کي ندي جو سهارو مليو هوندو ته ڪٿي وري ڌٻڻيون ۽ جبل هيا ته اُنهن به ڪافي مدد مهيا ڪئي هوندي. اهڙين مضبوطين ۽ قلعن ٺاهڻ جي باوجود شهر تي فارسين، عربن، يونانين ۽ ترڪن جو قبضو رهيو هو، ۽ جيئن ته هي خطو بيحد وسيع هيو ته ان تي اڳ واري قديمي دؤر ۾ به حملا ٿيا هوندا، بهرحال جيڪو گهيرو آڪٽوبر جي مهيني ۾ شروع ڪيو ويو هو، ۽ جنهن ترت طريقي سان ان کي اُڪلايو ويو هو ته ان مان اهڙي ڪوشش جي بهادريءَ جي خبر پوي ٿي. جيتري به طاقت ۽ بهادري پڙهندڙن کي محسوس ٿي هوندي، اهو سڄو ڪارنامو صليبي شيداين طرفان ڏيکاريو ويو هيو، يعني حملن ۾ جُلهن ۾ يا پنهنجن جٿن جي حفاظت ڪرڻ ۾ مطلب ته هر رُخ کان اهي سوڀارا رهيا هيا، ۽ اسان کي فقط هڪڙي شڪايت ضرور آهي ته اُنهن پنهنجن ڪمن، معرڪن يا فتحن جي داستانن کي تمام گهڻو وڌائي پيش ڪيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته حقيقت ۽ سچ سان انهن داستانن جو ڪو تعلق نه آهي. گاڊفري(91) جي ترار، هڪ تُرڪ کي ڪلهي کان وٺي ران تائين چيري ٻن اڌن ۾ ورهائي ڇڏيو، ان بي دين جو هڪڙو اڌ زمين تي ڪري پيو ۽ سندس ٻي اڌ کي سندس گهوڙي کڻي شهر جي گيٽ تائين پهچائي ڇڏيو. جيئن نارمنڊي جو رابرٽ پنهنجي مخالفن خلاف گهوڙي تي چڙهيو ته هن به پنهنجي مخالف تي وار ڪندي رڙ ڪئي: ’مان تنهنجو سِرُ دوزخ جي شيطانن جي حوالي ٿو ڪريان‘. ۽ پوءِ اهو سِرُ مٿي کان سيني تائين سندس ترار سان چيريو ويو. پر ايڏي بهادري(92) جي داستانن جي حقيقت مسلمانن کي اهو سبق ضرور سيکاريو هوندو ته اڳتي واسطي پنهنجن گهرن جي ديوارن اندر رهن ڇو ته مِٽي يا پٿر جي ديوارن اندر ترارون يا نيزا اُتي بيڪار بڻجي ويندا آهن. گهيري جي سُست پر لڳاتار ڪوششن ۾، صليبي جهڙوڪر ڪاهل ۽ بي خبر هيا. وٽن نه ته هٿيارن کي استعمال ڪرڻ جي ايتري ڄاڻ هئي ۽ نه وٽن پئسا هيا جو انهن کي خريد ڪري استعمال ڪري سگهن، ٻيو ته حملي ڪرڻ جي مشينن يا اوزارن جي کين ڄاڻ بنهه ڪانه هئي. نائيسيا جي فتح جي موقعي تي يونان جي شهنشاهه، دولت توڙي هٿيارن ڏيڻ ۾ عيسائين جي ڀرپور مدد ڪئي هئي، سندس غير موجودگي ۾ سندن مناسب مدد نه ٿي سگهي ۽ جينئا ۽ پِسان جا ڪجھ جهاز مذهبي يا واپاري ڪشش سبب شام جي سامونڊي ڪنارن تائين پهچي ويا، ان وقت شين کي گڏ ڪري رکڻ جا ذريعا گهٽ هيا، سامان واپس ڪرڻ خطري کان خالي نه هيو، ۽ اچڻ وڃڻ جا رستا ڏکيا ۽ خطرناڪ هوندا هيا. سُستي ۽ ڪمزوريءَ فرئنڪن کي جنگي يا واپاري معاملن کان ڪجھ لاتعلق ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻن لَنگهن جي دائمي آزادي ضرورتن کي ڪجھ گهٽائي ڇڏيو هو ۽ شهر جي نوجوانن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو هو. ستن مهينن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن سندس گهوڙي سوار فوج تباهه ٿي چڪي هئي، ۽ ٻيا نقصان به کين لڳاتار ٿيندا رهيا جيئن ڏڪر، ماڻهن جو کين ڇڏي وڃڻ ۽ ٻيو ٿَڪَ کان چُور ٿي پوڻ سبب صليبين جي وڌيڪ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي بلڪه ائين کڻي چئجي ته سندن ڪاميابي هاڻي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿي آئي پر پوءِ لاطيني يوليسيز ۽ مڪاريءَ ۾ هوشيار بوهيمنڊ ڌوڪي ۽ فريب واريون چالون اختيار ڪري ورتيون. انتاڪيا جا عيسائي تمام گهڻا پر ناخوش هيا: فيروز هڪ شامي شخص جيڪو پنهنجن مذهبي اصولن تان ڦري ويو هو ۽ هڪ امير جي حمايت ڪئي هيائين ۽ کيس ٽن منارن جي ڪمان پڻ سؤنپي وئي هئي. هن پنهنجو پڇتاءُ لاطينين ۽ شايد پنهنجي پاڻ کان به لڪايو هو جنهن کي آسانيءَ سان فريب ۽ غداريءَ جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو.سندن ذاتي دلچسپي ۽ لالچ جي سلسلي ۾ فيروز ۽ ٽارنٽو جي بادشاهه جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت کي ثابت ڪيو ويو هو ۽ بوهيمنڊ اڳواڻن جي ڪائونسل ۾ اظهار ڪيو ته هو شهر جلد سندن حوالي ڪري ڇڏيندو. پر هن انتاڪيا جي حڪمرانيءَ جو شرط رکيو ته سندس خدمتن جي عيوضي ۾ اهو شهر سندس حوالي ڪيو وڃي، ۽ اها تجويز، جيڪا اڳ حسد جي ڪري رد ڪئي وئي هئي، آخر سندس هڪ جهڙن دوستن منظور ڪري ورتي. فرانس ۽ نارمنڊي جي بادشاهن رات جو اوچتو ڇاپو هنيو جن هٿرادو عارضي ڏاڪڻ ٺاهي ۽ مٿي چڙهي ويا. سندن نئون مذهب مٽائيندڙ، پنهنجي مهذب ڀاءُ جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، حضرت عيسيٰؑ جي مذهب ۾ داخل ٿي ويو. فوج گيٽن ڏانهن ڊوڙي وئي ۽ مسلمانن محسوس ڪيو ته رحم جي اُميد ته هونئن ئي اجائي هئي، ۽ مقابلو ڪرڻ فضول هيو. پر قلعو مضبوط هو جيڪو اڃا پيش نه پيو هو ۽ فاتح خود، موسل جي بادشاهه ڪربوغا جي فوجن جي گهيري ۾ اچي ويا هيا جيڪو اٺاويهن ترڪ اميرن سان انتاڪيا کي آزاد ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌيو. عيسائين پنج ۽ ويهه ڏينهن ذري گهٽ تباهه ٿيندي گزاريا، ۽ خليفي ۽ سلطان جي نائب کين ٻن ڳالهين مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ جو اختيار ڏنو، يعني غلامي ۽ موت مان جيڪو هو قبول ڪن(93). جڏهن عيسائين جي صورتحال انتها تائين پهچي وئي ته هنن پنهنجي طاقت جا تبرڪ گڏ ڪيا، شهر مان حملا شروع ڪيائون ۽ فقط هڪڙي ئي يادگار ڏينهن ۾ ترڪن ۽ عرب حملي ڪندڙن کي يا ته تباهه ڪري ڇڏيائون يا وري کين ڀڄائي ڇڏيائون، جن جو تعداد ڇَهن لکن جي لڳ ڀڳ هيو(94). آءٌ سندن فوق الفطرت اتحادين جي باري ۾ ويچار ڪندس، انتاڪيا جي سوڀ حاصل ڪرڻ جي انساني سببن منجهان هڪ ته فرئنڪن جو بي ڊپائيءَ منجهان مقابلو ڪرڻ هو، ٻيو وري سندن دشمن اُٻهرا ۽ لڙائيءَ جي مهارت نه رکندڙ هيا، تنهن کان سواءِ اُنهن ۾ خود اختلاف پڻ هيا. جيڪا جنگ لڳي اُها بي ترتيبيءَ سان وڙهي وئي، ۽ اسان جيڪڏهن ڪربوغا جي تنبن تي نظر وجهون جيڪي شاندار جڳهه تي هنيا ويا هيا ۽ جتي ايشيا جون سڀ سهولتون موجود هيون ۽ جتي هڪ ئي وقت ٻه هزار ماڻهو سمائجي ٿي سگهيا، پر اُتي سندن ٽي هزار محافظ موجود هيا جن کي گهوڙن سوڌو ڄڻ ته واڙيو ويو هيو.

انتاڪيا جي گهيري ۽ ان جي حفاظت جي نازڪ وقت ۾ صليبي هڪ طرف سوڀَ جي خوشين ۾ مست مگن ٿي ويا هيا ته ٻي طرف نااُميديءَ جي پاڻي ۾ ٻڏي رهيا هيا؛ يا ته ايترو کاڌو هيائون جو سندن پيٽ ٿي ڦاٽو يا وري بُک کان پاهه پئي ٿيا. سندن مختلف ۽ متضاد حالتن جو اندازو لڳائيندڙ يا جائزو وٺندڙ شايد اهو سوچن ها ته سندن مذهب جو سندن عملن تي وڏي ۾ وڏو اثر هيو ۽ صليب جا شيدائي جن مقدس مقبري کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، اُنهن هاڻي نهايت سنجيدگيءَ سان نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ واري زندگي گذارڻ ۽ شهادت جو رتبو ماڻڻ لاءِ پاڻ کي تيار ٿي ڪيو. تجربو اهڙي خيالي يا تصوراتي عمل کي تسليم نٿو ڪري ۽ ملحداڻي جنگ جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن شراب خوري ۽ زناڪاري جا ايترا منظر نظر آيا هجن جيڪي انتاڪيا جي فتح جي وقت ان جي ديوارن اندر ٿيا هيا. ڊافين جا دلفريب وڻن جا جهُگٽا ته هاڻي ڪونه هيا پر شام جي اردگرد انساني عياشين جو وهنوار ساڳيو هيو، عيسائين کي عياشي طرف راغب ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي هئي(95)، اڳواڻن جي اختيارن کان ماڻهن کي نفرت هئي، ۽ واعظ، نصيحتون يا حڪم ناما پنهنجي وقعت وڃائي چڪا هيا ڇو ته هر طرف شرمساري واري بيهودگي نظر ٿي آئي جيڪا فوجي نظم ۽ ضبط لاءِ ته شرمناڪ ضرور هئي پر انجيل جي پوڄيندڙن جي ڪردار تي پڻ هڪ بدنما داغ جيان نروار هئي. انتاڪيا جي گهيري ۽ قبضي جي پهريَن ڏينهن ۾، فرئنڪن کاڌي خوراڪ جو ذخيرو جيڪو ڪيترن هفتن ۽ ميهنن جي گذاري ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، ان کي بي دردي ۽ بدمستي واري عياشيءَ مان ٿورن ڏينهن ۾ کائي کپائي ڇڏيو هو، ۽ اڳيئي تباهه ٿيل ملڪ لاءِ هاڻي اهو ممڪن نه رهيو هو ته کاڌ خوراڪ جو وڌيڪ سامان مهيا ٿي سگهي، نتيجو نيٺ اهو نڪتو جو جڏهن ترڪن ٻيهر حملو ڪيو ته فرئنڪن کي پنهنجي ملڪ مان تڙي ٻاهر ڪڍيائون. بک ۾ بيماريون به پکڙجي وڃن ٿيون جن کي وري سياري جي برسات، اونهاري جي سخت گرمي، پاروٿن کاڌن ۽ بيشمار قيدين جي گندگين وڌيڪ وڌائي ڇڏيو هو. ڏڪر ۽ وَبا جيڪي هاڃا هر جڳهه تي ڪندا آهن سي هتي به ٿيا، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان پنهنجي تصور ۾ اُنهن تڪليفن ۽ اذيتن کي، جدا جدا ۽ پنهنجي مزاج مطابق بيان ڪندا آهيون. خزاني يا ڦُرلُٽ جي اها حالت هئي جو جيڪو ڪجھ ٿورو به بچيل هو ان کي به عيش عشرت جي خريدارين ۾ ضايع ڪيو ويو، غريبن ۽ مسڪينن جي حالت ته بيحد ڏکاري ۽ دردناڪ هئي، ڇو ته جڏهن فلانڊرس جو نواب هڪ ٻڪري لاءِ چانديءَ جا ٽي مارڪ ۽ هڪ ڪمزور اُٺ(96) لاءِ پندرهن مارڪ ڏيڻ کان پوءِ رات جي ماني کائڻ لاءِ وٽس ڪجھ به نه بچيو هو ۽ اُها کيس خيرات طور کائڻي پئجي وئي هئي ۽ گاڊفري منٿون ڪري ڪنهن کان گهوڙو اُڌارو ورتو هو ته مٿس سواري ڪري سگهي. ته پوءِ تصور ڪريو ته غريبن جي حالت ڇا ٿي هوندي، فوجي ڪئمپ ۾، گهيري جي شروعاتي ڏينهن ۾ سٺ هزار گهوڙا هيا جن مان گهٽجي ٻن هزارن تائين رهجي ويا هيا پر اُنهن مان به فقط ٻه سؤ گهوڙا اهڙا هيا جن کي جنگ لڳڻ جي صورت ۾ استعمال ڪري سگهجي ها. جسماني ڪمزوري ۽ ذهني خلفشار ۽ اذيتن صليبي زيارتين جي اڳئين جوش ۽ ولوَلي جي شعلن کي صفا اُجهائي ڇڏيو هو ۽ هاڻي انساني وقار جو احساس يا مذهب جو احترام اجائي ۽ عبث ٿي لڳو ڇو ته هر ڪو پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ۽ پريشاني ۾ ورتل هيو(97). اڳواڻن ۾ ٽي شخص اهڙا هيا جن کي ڪو به ڀئو ڀولو ڪونه هو: بولن جو گاڊفري، پنهنجي نيڪي ۽ خدا پرستيءَ جي ڪري بي نياز هو، بوهيمنڊ پنهنجي مطلب ۽ ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مگن هو، باقي ٽئنڪريڊ پنهنجي همت ۽ مردانگيءَ جو مظاهرو ڪندي واضح اعلان ڪيو ته جيستائين کيس چاليهن اميرن ۽ نوابن جي اڳواڻيءَ جو شرف حاصل آهي ته هو فلسطين جي رٿيل معرڪي ۽ پروگرام کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪندو. باقي ٽولوز ۽ پراوينس جي اميرن تي گهڻن ماڻهن کي شڪ هو ته هنن پنهنجي پاڻکي پاڻهي بيمار ڪيو هو؛ نارمنڊي جي نواب کي سامونڊي ڪناري تان ڪليسا جي سخت حڪم هيٺ کيس واپس گهرايو ويو هو؛ عظيم هُو (Hugh) توڙي جو هن جنگ جي مُهڙئين حصي ۾ پنهنجون خدمتون ٿي ڏنيون، پر خبر ناهي ڇو ڪو بهانو بڻائي فرانس هليو ويو ۽ چارٽريس جو امير اسٽيفن، ذلت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي جهنڊي توڙي ان ڪائونسل جي اجلاس کي، جنهن جي هن خود صدارت ٿي ڪئي، ڇڏي هليو ويو. وليم، جيڪو مِلن جو چڱو مڙس هو، اُهو به پنهنجو علائقو ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو ۽ سندس سپاهي سندس اهڙي رويي تي دل شڪسته ٿي پيا هيا ۽ جيڪي دوريش ۽ بزرگ هيا اُهي راهب پيٽر جي زوال تي ششدر ۽ پريشان هيا، جنهن يورپ کي ايشيا خلاف مسلح ڪرڻ کان پوءِ، پڇتاءَ جي ضروري روزي رکڻ کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ويڙهاڪن ۾ به بيشمار اهڙا هيا جيڪي غدارثابت ٿيا ۽ جن جا نالا (تاريخدان ٿو چوي) ’زندگي جي ڪتاب تي هڪ بدنُما داغ جيان آهن ۽ جن لاءِ نفرت جوڳو اصطلاع ته اُهي سڀ رَسي تي نچڻ وارا، ۽ نفرت لائق هيا جيڪي رات جي انڌاري ۾ انتاڪيا جون ديوارون ٽپي، پاڻ تي ’ڪارنهن جو ٽِڪو‘ لڳائي ڀڄي ويا هيا.‘ شهنشاهه اليگزيَس(98)، جيڪو اڳتي وڌي ويو هو ته ضرورتمند لاطينين جي وڃي ڪا سار سنڀال لهي، سخت پريشان ٿيو جڏهن هن سندن نااُميدي واري حالت وڃي ڏٺي. هنن چپ چاپ ۾ پنهنجي قسمت جي ٿيڻ واري فيصلي تي ماٺ ڪئي، قَسمن توڙي سزائن جو مٿن ڪو به اثر نه ٿيو، ۽ سپاهين کي ديوارن جي حفاظت جي سلسلي ۾ کين اٿارڻ لاءِ اهو ضروري سمجهيو ويو ته سندن گهرن کي ئي باهه ڏئي ڇڏجي.

پنهنجي نجات ۽ فتح لاءِ، اُهي ان ساڳي مذهبي جنون جا احسان مند هيا جن کين اڳ تباهيءَ جي ڪناري تائين پهچائي ڇڏيو هو. اهڙي مقصد ۽ اهڙي فوج لاءِ، نظريا، اڳڪٿيون ۽ معجزا اڪثر ڪري ٿيندا رهندا هيا جيڪي ماڻهن ۾ اڳي ئي مروج هيا. انتاڪيا جي فتح ۾ آيل تڪليفن دؤران انهن کي طاقت ۽ ڪاميابيءَ مان ورجايو ويو هو. سينٽ ائمبروز هڪ پارسا عيسائي کي يقين ڏياريو هو ته ڇوٽڪاري کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جي آزمائش ضروري آهي ۽ جيڪي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا هيا اُنهن کي خود حضرت عيسيٰؑ پنهنجي موجودگيءَ ۾ پاڻ روڪيو هو؛ مئلن زندهه ٿيڻ جو واعدو ڪيو هو ته پنهنجن ڀائرن جي حمايت ۾ دشمنن سان وڃي وڙهندا، ڪنواري بيبي مريم سندن گناهن کي معاف ڪرائي ڇڏيو هو، ۽ سندن اعتماد، هڪ ظاهري نشاني جي ظاهر ٿيڻ تي منجهن موٽي آيو هو ۽ اُها نمايان ۽ شاندار نشاني ’مقدس ڀالي جي هئي. (اُهو مقدس ڀالو جيڪو حضرت عيسيٰؑ جي صليب تي چڙهڻ وقت مٿس اڇلايو ويو هو) هن موقعي تي مختلف اڳواڻن جي روَيي کي ساراهيو ويو آهي ۽ جن کي شايد معاف به ڪيو وڃي، پر جڏهن گهڻا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ته چپ چاپ واري فريبڪاري جي سازش مشڪل سان جُڙندي آهي، ۽ مڪار هميشه عقل وارن جي حمايت ۽ عام ماڻهن جي سادگيءَ تي ڀاڙيندو آهي. مرساءِ جي ضلعي ۾ هڪ پادري هوندو هو جيڪو وڏو سازشي ۽ ڪردار جو به گندو هو، ۽ سندس نالو پيٽر بارٿولمي هيو. هن هڪ اجلاس جي ڪمري ۾ وڃي پاڻ کي ظاهر ڪيو ۽ هڪ مافوق الفطرت ڪرشمي جو ذڪر ڪيائين جيڪو سندس نِنڊ ۾ ٽي دفعا دهرايو ويو هو جنهن ۾ کيس خوفناڪ دڙڪو ڏنو ويو هو ته خبردار جو هن خدائي حڪمن جي انحرافي ڪئي. حواري چيو: ’انتاڪيا ۾، منهنجي ڀاءُ سينٽ پيٽر جي ڪليسا ۾ قربان گاهه جي ويجهو ان ڀالي جو لوهو مٿو لڪل آهي جيڪو اسان جي مسيحا جي جسم ۾ کُپايو ويو هو. ٽن ڏينهن ۾ اُهو دائمي نوعيت جو پُرزو جيڪو هاڻي دنياوي ڇوٽڪاري جو ذريعو بڻجي ويو آهي، پاڻهي سندس عقيدتمندن ۾ ظاهر ٿيندو، ڳول! ۽ تون لهي وٺندين، ان کي جنگ ۾ مٿي نمايان ڪري جهلجانءِ، ۽ اهو رمز وارو هٿيار فسادين جي روحن مان به آرپار هليو ويندو‘. مکيه پادري جي نمائندي جيڪو پاءِ جو پادري هو، بهانو ڪيو ته ڄڻ کيس ٻُڌي ئي ڪونه ٿو يا ٻڌي ٿو ته اعتبار نٿو ڪري، پر ان انڪشاف کي امير ريمنڊ طرفان اڳ ۾ ئي سچو سمجهيو ويو هو جنهن کي سندس وفادار رعيت جي ماڻهوءَ ’مقدس ڀالي‘ جي محافظ طور چونڊي ورتو هو. هن تجربي کي تڪميل تائين پهچايو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي، عبادت ۽ روزي جي تياري کان پوءِ، مرساءِ جي پادري ٻارهَن اعتماد وارن تماشائين جو تعارف ڪرايو جن ۾ هڪ نواب ۽ سندس ننڍو پادري به شامل هيا ۽ ڪليسا جا دروازا اُٻهرن ۽ فضول ماڻهن لاءِ بند ڪيا ويا هيا. البت ميدان کي ڏسيل وقت تي کوليو ويو، پر ڪم وارا ماڻهو جن هڪ ٻئي کان ڪم سمجهيو ٿي، زمين کي ٻارهن فوٽ اونهائيءَ ۾ کوٽيو ويو پر کين اها خبر ئي ڪانه هئي ته کين آخرڪار ڪرڻو ڇا هيو يا ڇا کي هو ڳولي رهيا هيا. شام جي وقت جڏهن امير ريمنڊ پنهنجي ڪم واري هنڌ ڏي هليو ويو ته ٿڪل ٽٽل محنت ڪندڙن شڪايت جي لهجي ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. بارٿولمي، جنهن کي قميص پاتل هئي ۽ پير اگهاڙا هيس، کڏَ ۾ اندر گهِڙي ويو، گهُپ انڌارو هو جنهن جو فائدو وٺندي هن عرب مسلمانن جي ڀالي کي، جنهن کي هن لڪائي رکيو هو، ڪڍيو ۽ کڏ ۾ اڇلايو، ۽ ان مان جيڪو پهريون آواز ۽ پهريون چمڪاٽ ٿيو، ان اردگرد جي بيٺل ماڻهن ۾ هڪ بي خوديءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي. پاڪ ڀالي کي وري اتان ڪڍي، ريشم ۽ سون جي تارن سان اُڻيل هڪ ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويو ۽ پوءِ ان کي ڪپڙي جي پردي مان ٻاهر ڪڍيو ويو ته جيئن صليبي ان جي زيارت ڪري سگهن؛ جيئن هنن اُن کي ڏٺو ته خوشي ۽ جذبات ۾ رڙيون ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ شروع ڪيائون ۽ جيڪي فوجون سُستي ۽ ڪاهليءَ جو شڪار ٿي چڪيون هيون اُنهن ۾ وري تازگي اچي وئي ۽ جوش جذبي سان سرشار ٿي ويون. جيڪو ڪجھ ٿيو ۽ اڳواڻن جا ڪهڙا جذبا ۽ ڪهڙو رد عمل هيو، هنن هِن بخت واري انقلاب کي ساراهيو ۽ اُميد ڪيائون ته ان ۾ اڃا بهتري اچي ۽ ان لاءِ هو پنهنجي هڙان ۽ وڙان سڀ ڪجھ ڪرڻ لاءِ تيار هيا. سپاهين کي پنهنجي ڪئمپ ۾ واپس موڪليو ويو پر کين چِتاءُ ڏنو ويو ته ذهني توڙي جسمانيءَ طرح هڪ ٻي امڪاني جنگ واسطي تيار رهن ۽ آزاديءَ سان کين مليل وظيفي جي رقم پاڻ تي ۽ پنهنجن گهوڙن تي خرچ ڪن ته جيئن وقت تي تازا ۽ نؤبنو هجن ۽ اها اُميد رکن ته باک ڦُٽيءَ تائين فتح سندن قدم چُميندي. سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پال جي جشن جي موقعي تي انتاڪيا جي دروازن کي عام ماڻهن لاءِ به کوليو ويو هيو ۽ جذبات سان ڀريل حمد و ثنا جو هڪ نغمو: ’اسان جو آقا، اسان جو مسيحا اٿندو، اسان ڏي ايندو ۽ سندس دشمن ٽڙي پکڙي ويندا‘ پادرين ۽ راهبن جي هڪ وڏي انگ گڏجي ڳايو، جنگ جي ترتيب، ٻارهَن حوارين کي مانُ ڏيندي، ٻارهَن حصن ۾ ورهائي وئي، ۽ پاڪ ڀالو، ريمنڊ جي غير حاضريءَ ۾، سندس ننڍي پادري جي سپرد ڪيو ويو. هن برڪت واري پاڪ شئي جو اثر حضرت عيسيٰؑ (99) جي غلامن توڙي سندس دشمنن طرفان پڻ محسوس ڪيو ويو ۽ ان جي طاقت، خبر ناهي حادثاتي طور، ڪنهن ترڪيب سان يا فقط ڪنهن افواهه ذريعي، معجزاتي طور اڳي کان اڳري ٿي وئي هئي. ٽي امير جن کي اڇا ڪپڙا پاتل هيا ۽ وٽن چمڪندڙ هٿيار هيا، پهاڙن مان اوچتو ظاهر ٿيا، ۽ اڌيمر جي آواز، جيڪو وڏي پادري جو نمائندو هو، کين سينٽ جارج، سينٽ ٿيوڊور ۽ سينٽ ماِرس جي نالن سان پڪاريو ۽ کين سڃاتو، جنگ جي گوڙ گهمسان وڌيڪ جاچ پڙتال ڪرڻ جي وٿي به نه ڏني ۽ جيڪو نِنڊ ۾ هڪ ڀاڳ ڀريو ڪرشمو ٿيو هو، ان مذهبي جنون سان سرشار فوج جي اکين توڙي تصور ۾ هڪ اُميد جي روشني پيدا ڪري ڇڏي. خطري ۽ فتح جي وقت ۾ مرساءِ جي بارٿولمي جي انڪشاف جي پوريءَ طرح پٺڀرائي ڪئي وئي، پر جيئن عارضي ۽ دستوري ڪم پورا ٿيا ته ذاتي وقار ۽ خير خيرات، جيڪا ٽولوز جي نواب پاڪ ڀالي مان حاصل ڪئي هئي، حسد جي باهه کي ڀڙڪايو ۽ سندس دشمنن کي وير پاڙڻ جو هڪ سبب پيدا ڪري ڏنو. نارمنڊي جي هڪ ننڍي ملازم، هڪ ڏند ڪٿا جي سچائيءَ کي فلسفي جي روشنيءَ ۾ پرکڻ چاهيو، ظاهر ٿيڻ جون حالتون ۽ پيغمبر جو ڪردار ۽ نيڪ بوهيمنڊ سندن ڇوٽڪاري جو واحد ڪارڻ فقط ۽ فقط حضرت عيسيٰؑ جي سفارش ۽ شفاعت کي ٿي سمجهيو. ڪجھ وقت لاءِ صوبي جي ماڻهن گوڙ شور ڪري پنهنجي قومي هنڌ جي حفاظت ڪئي، پر هن سلسلي ۾ ڪنهن جيڪو به نئون خيال يا نئون نظريو وچ ۾ آندو ٿي ته ان کي سختيءَ سان نه رڳو نِنديو ٿي ويو، پر اهڙي ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏني ٿي وئي؛ ۽ جن به ملحدن، ڪافرن يا تنقيد ڪندڙن ان ڪرشماتي کوجنا جي سچائيءَ تي پهچڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته ان کي دوزخ جو داروغو ڪوٺيو ٿي ويو. هن حقيقت کان انڪار يا ان جي سچائيءَ تي يقين نه ڪرڻ، ان جي مصنفن کي مجبور ڪيو ته پنهنجي زندگي توڙي حقيقت جي سچائيءَ جو فيصلو الله جي انصاف تي ڇڏي ڏين. ڪئمپ جي وچ ۾ چار فوٽ ويڪرو ۽ چوڏهن فوٽ ڊگهو ڪاٺين جو ڍير ٺاهي ان کي باهه ڏني وئي، ۽ ان مان ايترا ته تيز شعلا پيدا ٿيا جيڪي ٽيهه ڪيوبِٽس جي اوچائيءَ تائين ٿي ويا، اُنهن جي وچ ۾ وري فقط ٻارهَن انچن جو سوڙهو رستو ماڻهن جي آزمائش لاءِ ٺاهيو ويو. مرساءِ جو بدقسمت پادري جرئت مان تڪڙو تڪڙو باهه ۾ گهِريو پر سندس پيٽ ۽ سَٿَر پڄرندڙ باهه ۾ لهسجي ويا ۽ هو ٻي ڏينهن تي مري ويو ۽ جيڪي ماڻهو انهن ڳالهين ۾ يقين رکن ٿا اهي يقيني طور تي سندس سچائي ۽ معصوميت تي پادري جي احتجاج کي ڌيان ۾ ضرور رکندا. هن موتمار تجربي کان پوءِ صوبي جي ڳوٺاڻن ٻين طريقن تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جيئن صليب، هڪ گول دائرو، يا عبادت گاهه جيڪي طريقا يا انهن مان ڪو به هڪ طريقو پاڪ ڀالي جي جڳهه وٺندو… پر خبر اها پئي جو نفرت مان پاڪ ڀالو غائب ٿي ويو ۽ سڀني کان وسري ويو(100). ان جي باوجود به انتاڪيا جي ڪرشمي کي بعد ۾ ايندڙ تاريخدانن ڪافي اڳتي وڌايو ۽ ماڻهن جي سادگي جو اهو حال آهي ته اُهي معجزا جيڪي بروقت به مشڪوڪ لڳن ٿا ۽ اڃا تائين اعتبار لائق نه آهن، پر ڀورڙا ماڻهو، توڙي جو اُهي ان هنڌ کان تمام پري آهن پنهنجون ظاهري توڙي ذهن جون اکيون بند ڪري انهن تي ويساهه ڪن ٿا.

فرئنڪن، خبرناهي دورانديشي ڪندي يا وري خوش قسمتي جي ڪري، ترڪن جي شهنشاهت جي زوال تائين(101)، حملي ڪرڻ جي پروگرام کي ملتوي ڪري ڇڏيو هو. پهريَن ٽن سلطانن جي مردانگي واري حڪومت ۾ ايشيا جون بادشاهتون، امن، سلامتي ۽ انصاف سبب اتحاد ۽ ايڪي ۾ رهيون، ۽ بيشمار فوجون، جن جي هنن اڳواڻي ڪئي، جرئت ۽ بهادريءَ ۾ هڪ جهڙيون هيون ته ساڳئي وقت اولهه جي بربرن جي ڀيٽ ۾ سندن نظم ۽ ضبط به ڪمال جو هيو. پر صليبي جنگ جي وقت تي، مالڪ شاهه جي وراثت تي سندس چئن پُٽن جي وچ ۾ سخت اختلاف ٿي پيا، سندن ذاتي جهڳڙا ۽ هڪ ٻئي جي خلاف رساڪشي ماڻهن جي لاءِ خطرن جو باعث بڻجي وئي ۽ اُنهن جي مقدر جي لاهن چاڙهن جي سندن خادمن يا غلامن کي ايتري ڄاڻ ڪانه هئي. اٺاويهه امير، جيڪي ڪربوغا جي جهنڊي هيٺ روانا ٿيا هيا، سندن دشمن هيا ۽ هنن ميسوپوٽئميا ۽ شام جي ڪجھ شهرن مان تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي لاءِ ڪجھ فوجي ڀرتي ڪري ورتا ۽ ترڪي جا جهونا ۽ تجربيڪار فوجي دجله کان به اڃا اڳتي خدمتون ڏيندي ٿڪجي ۽ ساڻا ٿي پيا هيا. مصر جي خليفي، سندن ڪمزوري ۽ هڪ ٻئي جي اختلافن جو فائدو وٺندي پنهنجن پراڻن علائقن تي ٻيهر پنهنجي قبضي ڄمائڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ سندس سلطان افضل جيروسلم ۽ ٽائر جو گهيرو ڪيو، اورتوڪ(*) جي ماڻهن کي ڀڄائي ڇڏيائين ۽ فلسطين ۾، فاطمين(102) جي شهري ۽ ڪليسائي اختيارن کي بحال ڪيائين. هو عيسائين جي بيشمار فوجن جو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا جيڪي يورپ کان سفر ڪري ايشيا کنڊ تائين پهتيون هيون ۽ اُنهن حملن ۽ جنگين جون خبرون ٻُڌي خوش ٿي ٿيا جن ترڪن جي طاقت کي ختم ڪيو هو جيڪي سندن فرقي ۽ بادشاهت جا مخالف هيا. پر ساڳيا عيسائي پيغمبر ﷺ جن جا مخالف هيا ۽ نائيسيا ۽ انتاڪيا جي حڪومتن جي تختي اونڌي ٿيڻ کان پوءِ، سندن فوجي منصوبن جي مقصد کي وقت سان گڏ سمجهيو ويو هو، جنهن موجب هاڻي سندن پروگرام اُردن جي ڪنارن کان وٺي نيل ندي جي علائقن کي حاصل ڪرڻ جو هو. جنگين ۾ جيڪو خط و ڪتابت يا سفارتي رشتن ۾ خلل پيو هو، ان کي مصر جي بادشاهت ۽ لاطيني حڪومت جي درميان ٻيهر بحال ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين کي احساس ٿيو ته سندن غرور يا تڪبر، جهالت ۽ فضول جذبن جو نتيجو هو. مصر جي وزيرن ڪجھ غرور ۽ ڪجھ نرم لهجو اختيار ڪندي ظاهر ڪيو ته سندن حاڪم، جيڪو پيغمبر ﷺ جن جو سچو ۽ جائز جانشين هيو، جيروسلم کي ترڪن جي قبضي مان آزاد ڪرايو هو ۽ صليبي زيارتي، جيڪڏهن اُهي پنهنجي تعداد کي ڪجھ گهٽ ڪن ۽ هٿيار به ڦِٽا ڪن ته پوءِ کين سلامتي ۽ مهمان نوازيءَ جي انداز سان کين حضرت عيسيٰؑ جي مقبري تي وڃڻ ڏنو ويندو. جيئن ته عيسائين جي حالت ايتري طاقت واري ڪانه هئي ته خليفي مُستعلي هٿيارن کان نفرت ڪندي سندن ڪجھ اعليٰ عملدارن کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو. انتاڪيا جي فتح کيس آماده ڪيو ته ان جي فاتحن کان گهوڙن ۽ ريشمي ويسَن وڳن جا تحفا قبول ڪري ته ساڳئي وقت کيس سون ۽ چاندي جي دولت جي تمنا پڻ هئي، تنهن ڪري سندن لياقت ۽ طاقت جو اندازو لڳائيندي، هن پهريون نمبر بوهيمنڊ ۽ ٻيو نمبر گاڊفري کي ڏنو. پر صليبين اڃا حوصلا نه هاريا هيا ۽ هنن کيس کُتو جواب ڏنو: ’کين ان ڳالهه کان نفرت هئي ته هو  حاصلات جي معاملن ۾ دخل اندازي ڪن ۽ نه وري هو سندن نالي يا قوم بابت معلومات ڪرڻ جا خواهشمند هيا، هنن جو فقط هڪڙو ئي پُختو عقيدو هو ته جيروسلم تي قبضو ڄمائيندڙ سندن دشمن هيا، تنهن ڪري هو زيارتين لاءِ ڪنهن به شرط جي پابندي نه لڳائن، بلڪه جلد از جلد ۽ وقت اندر هو شهر ۽ صوبي جو قبضو ختم ڪن جيڪو سندن جائز ۽ مقدس حق هيو، انهي صورتحال ۾ هو سندن تعاون جا طلبگار ٿي سگهيا ٿي، نه ته ٻي صورت ۾ هو اهڙي حملي جي لاءِ تيار رهن جنهن کي روڪڻ يا ان جو مقابلو ڪرڻ سندن وَسَ ۾ نه هوندو(103).‘


r سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڃا تائين ماڻهو ڪنهن به عدد کي گهڻو ڪري وِيهون ڪري ٻڌائيندا آهن. مثال طور اسي لاءِ چار وِيهون، سؤ لاءِ پنج ويهون ۽ هڪ سؤ ويهن لاءِ ڇهه ويهون چوندا. ثقافتي زنجيرن جا جوڙَ ۽ ڳانڍاپا ڪٿي ۽ ڪيئن ٿا وڃي ملن. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org