باب ايڪٽيهون
(خلاصو)
اَلارِڪ طرفان اٽلي مٿان حملو، روم جي سينيٽ ۽
ماڻهن جا طور طريقا، ٽي دفعا روم جو فوجي گهيرو،
آخرڪار گاٿن پاران ان کي ڦُري تاراج ڪرڻ، اَلارِڪ
جو موت، گاٿن اٽلي کي خالي ڪري ڇڏيو، ڪانسٽئنٽائن
جو زوال، بربرن طرفان گال ۽ اسپين جو قبضو،
برطانيه جي آزادي.
سن 408 عيسوي ۾ اسٽيليچو جي موت کان پوءِ، اولهه
جي شهنشاهت ۾، آنريَس جي وزيرن جو گاٿن تي رعب ۽
حڪومت جو زور ختم ٿي ويو. هن باب ۾ گِبن اَلارِڪ
کان اڳ روم جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ٿو ڪري، بعد ۾
گاٿن جو فوجي اڳواڻ شهر جو گهيرو ٿو ڪري ۽ ان جي
آدمشماري 1200000 ٿو ٻڌائي. ڏُڪر ۽ وبا به شهرين
کي پريشان ڪيو ۽ الارڪ پنهنجو گهيرو ڀُنگ وٺي ختم
ڪيو. روينا ۾ آنريَس، اَلارِڪ کي دنيوب جي صوبن جي
واڳ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ الارڪ جي فوج طرفان 410
عيسوي ۾ روم جي گهيري کي آنريس طرفان سختيءَ سان
نِنديو ويو. الارِڪ ڇَهن ڏينهن جي ڦُرلٽ ڪرڻ کان
پوءِ پنهنجي فوج کي هٽايو ۽ سِسلي تي حملي ڪرڻ جي
ڪوشش ۾ ميسينا جي جڳهه جي ويجهو مري ويو. سندس
جانشين اوڊولفـَس شهنشاهه آنريَس سان امن قائم رکڻ
جو معاهدو ڪيو ۽ سندس ڀيڻ پلاسيڊيا سان شادي
ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ روم ٻيهر پنهنجي اڳئين
عروج تي پهچڻ وارو هو ته وري آفريڪا، اسپين ۽ گال
۾ بغاوت ۽ جنگ شروع ٿي وئي. 411 ۾ برطانيه جي شاهي
غاصب ڪانسٽئناٽن گال ۾ شڪست کاڌي ۽ اوڊولفـَس 415
عيسوي ۾ اسپين ۾ ماريو ويو. گاٿَ، فرئنڪَ ۽ برگنڊي
جا ماڻهو گال ۾ آباد ٿيا جيڪي روينا ۾ آنريَس سان
وفادار رهيا پر برطانيه ۽ آرموريڪا، جيڪي اتر-
اولهه گال ۾ هيا، هميشہ لاءِ روم جي شهنشاهت جي
حڪمن هيٺ هليا ويا.
باب ٻٽيهون
(خلاصو)
آرڪئڊيَس، اوڀر جي ملڪن جو شهنشاهه، يوٽروپيَس جو
حڪومتي نظام ۽ سندس بيعزتي، گيناس ۾ سياسي وڳوڙ،
سينٽ جان ڪرسوسٽم کي ايذاءَ ۽ تڪليفون، ٿوڊوسيَس-
II
اوڀر جو شهنشاهه، سندس ڀيڻ پلچيريا، سندس زال
يوڊوسيا- فارس جي جنگ ۽ آرمينيا جو ورهاڱو.
باب- ٻٽيهين ۾، گبن آرڪئڊيَس جي حڪمرانيءَ ۾ اوڀر
جي شهشاهت جو ذڪر ٿو ڪري. سن 395 عيسوي ۾ روفينَس
جي شڪست کان پوءِ جيڪو وڏو وزير ٿيو اُهو کدڙو
يوٽروپيَس هو جنهن جي لالچ ۽ سختي واري پاليسي هڪ
بغاوت کي جنم ڏنو جنهن ڪري 399 عيسوي ۾ سندس زوال
اچي ويو. سندس زوال کان اڳ انتاڪيا جي جان ڪرسوسٽم
کي قسطنطنيہ جو مکيه پادري مقرر ڪيو ويو. گبن کيس
چيڙاڪ طبيعت جو مالڪ ٿو سڏي جنهن جي خواهش هئي ته
ڪليسا جي طور طريقن ۾ سڌارا آڻجن، ان تي وڏا
اختلاف ٿيا جيڪي دشمني جو روپ وٺي ويا. کيس
آرمينيا ۾ جلا وطن ڪيو ويو ۽ 407 عيسوي ۾ سندس موت
کان پوءِ کيس احترام ۽ عزت سان ياد ڪيو ويو. ٻي
سال آرڪئڊيَس به مري ويو جنهن کان پوءِ سندس پٽ
ٿوڊوسيَس کي سندس جانشين مقرر ڪيو ويو جنهن جي عمر
ان وقت فقط ستَ سال هئي. سندس حڪومت جي شروعات ۾
امن امان رهيو ڇو ته سندس وزير ائنٿيمَيس ڪافي
هوشيار ۽ عقلمند هو. هن هڪ فيلسوف جي ڌيءُ سان
شادي ڪئي جيڪا راڻي يوڊوسيا جي نالي سان مشهور ٿي.
هن پلچيريا جي جڳهه وٺڻ جي تمنا رکي جيڪا ٿوڊوسيَس
جي وڏي ڀيڻ هئي ته جيئن تخت ۽ تاج جي ويجهو رهي پر
پوءِ کيس جيروسلم ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو.
باب ٽيٽيهون
(خلاصو)
آنريَس جو موت، وئلينٽينيَن-
III
اولهه جي ملڪن جو شهنشاهه، سندس ماءُ پلاسيڊيا جو
حڪومتي نظام- ايٽيَس ۽ بونيفيس. وئنڊل آفريڪا کي
فتح ڪن ٿا.گبن
پنهنجو رخ اولهه طرف ڪري ٿو ۽ آنريَس جي ڊگهي ۽
بيعزتي واري حڪمراني جي آخري سالن بابت اسان کي
ٻڌائي ٿو. 423 عيسوي ۾ سندس مرڻ تي، اوڀر جي هڪ
فوج غاصب جان کي دٻائي هيسايو ۽ عظيم ٿوڊوسيَس جي
ڌيءُ پلاسيڊيا جي اثر رسوخ سان سندس ڇهن سالن جي
پٽ کي اولهه جو شهنشاهه بڻايو ويو، سندس نالو هو
وئلينٽينين-
III.
فوجن جي واڳ ايٽيَس ۽ بونيفيس جي وچ ۾ ورهائي وئي.
ايٽيَس جيئن ته هن جي خلاف سازشن ۾ لڳي ويو ته
بونيفيس وئنڊلن کي دعوت ڏني ۽ کين اسپين ۾ آباد
ڪيو ويو ته جيئن اُهي آفريڪا ۾ سندس مدد ڪن. سندن
ليڊر جينسيرڪ هڪدم پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪري
ڇڏيو ۽ صوبي جي گهڻي حصي ۾ ڪاهي ويو ۽ ان کي ويران
ڪري ڇڏيائين جيڪو اڳ روم جو آباد علائقو هوندو هو.
بونيفيس جو گهيرو ڪيو ويو جنهن کي 431 ۾ هِپو وٽ
شڪست ڏني وئي. گبن، هِپو جي پادري سينٽ آگسٽائين
جي ڪردار کي هيئن ٿو بيان ڪري: ’هڪ مضبوط ارادن جو
مالڪ، ڪشادي ذهن وارو ۽ دليل ۽ منطق جو ماهر جنهن
کي رب جي رضا، مقدر جي معاملن، اظهار جي آزادي ۽
اصلوڪي گناهه بابت پوري ڄاڻ هئي.‘ وئنڊل، جن جي
مدد، ڪليسا ۾ مذهبي ڦوٽ پوڻ سبب خود بخود ٿي وئي
هئي، ڪارٿيج تي سن 439 عيسوي ۾ قبضو ڪري ورتو.
تيستائين، بربرن يورپ ۽ آفريڪا جي سرسبز صوبن تي
پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو هو.
باب چوٽيهون
هُنن (Huns)
جي بادشاهه اَٽِيلا جو ڪردار، سوڀون ۽ سندس محلات-
ننڍي ٿوڊوسيَس جو موت- اوڀر جي شهنشاهت لاءِ
مَرسيَن جو مٿاهين مرتبي تي پهچڻ
مغربي ملڪن جي ماڻهن کي ڳاٿن ۽ وئنڊلن پريشان ڪري
ڇڏيو هو جيڪي اتان ڀڄي هُنن (Huns)
وٽ آيا پر هُنن جا ڪارناما ايترا ته ناڪافي هيا جو
اُهي سندن طاقت ۽ خوشحاليءَ سان مطابقت رکندڙ نه
هيا. سندن فاتح لشڪر وولگا کان دنيوب تائين ڦهلجي
چڪا هيا، پر اُنهنجي عوامي طاقت سندن ئي مکيه
ماڻهن ۽ سردارن جي اندروني اختلافن سبب ختم ٿي چڪي
هئي. سندن بهادري فضول ڳالهين ۽ ڦُرلٽ جي مال تي
گذارو ڪرڻ ۾ ضايع ٿي وئي هئي ۽ آئيندي لاءِ به ٻين
جي مال ملڪيت تاراج ڪرڻ جي آسري تي هنن پنهنجي
قومي عزت ۽ غيرت کي به ذليل ڪري ڇڏيو هو ۽ سدائين
ان تاڙَ ۾ رهندا هيا ته پنهنجن ڀاڄوڪڙ دشمنن جي
جهنڊن هيٺان وڃي جمع ٿين ۽ پنهنجو نالو داخل
ڪرائن. اٽيلا(1) جي حڪومت ۾، هُنن
(Huns)
وري دنيا ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائي ڇڏيو هو ۽ هاڻي آءٌ
ڏهڪائيندڙ بربرن جي ڪردار ۽ اُنهن جي ڪمن بابت
اوهان کي ٻڌائيندس جن واري واري سان اوڀر توڙي
اولهه جي ملڪن تي نه رڳو حملا ڪيا پر اُنهن جي
بيعزتي به ڪئي ۽ روم جي شهنشاهت جي تڪڙي زوال جا
خواهشمند رهيا.*
لَڏ پلاڻ جي جيڪا بيصبريءَ واري لهر هلي، اُها چين
جي سرحدن کان وٺي جرمني جي ديوارن تائين پکڙيل
هئي، ۽ جيڪي تمام طاقتور ۽ وڏي آدمشماري وارا
قبيلا ۽ قومون هيون، اُنهن کي ئي روم جي صوبن ۾
گهڻي ۾ گهڻي تعداد ۾ ڏٺو ويو. ايترن بيشمار ماڻهن
جي وزن کي مصنوعي طريقن سان کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽
شهنشاهن جي پنهنجي رتبي کان هيٺ لهي اچڻ ۽ ماڻهن
سان آسانيءَ سان ملڻ، گستاخ بربرن کي مطمئن به نه
ڪيو ۽ اُنهن جي مطالبن کي ويتر وڌائي ڇڏيو جن کي
هاڻي شهري زندگي گذارڻ جي عياشيءَ جو چسڪو لڳي چڪو
هو. هنگري جا ماڻهو، جيڪي چاهه مان اَٽِيلا جي
نالي کي پنهنجن مقامي بادشاهن سان وڃي ملائن ٿا،
شايد سچائيءَ سان ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهندا ته
اُهي بيشمار ماڻهو جيڪي سندس چاچي رئوس يا رگيلاز
جي رعيت ۾ شامل هيا، اُنهن پنهنجا جدا ٽولا ٺاهي
جديد هنگري جي حدن اندر(2) پنهنجا خيما کوڙي ڇڏيا
هيا ڇاڪاڻ ته هي ملڪ سرسبز ۽ آباد هو جنهن ۾
شڪارين توڙي مال جي ڌڻن يا پوري قوم لاءِ هر شئي
گهڻي مقدار ۾ موجود هئي. هن خوشحاليءَ جا فائدو
وٺندي رگيلاز ۽ سندس بهادر ڀائر، جيڪي طاقت توڙي
شُهرت ۾ گهڻو اڳتي وڌي ويا هيا، هاڻي اهو مٿن ڇڏيل
هو ته ٻن شهنشاهتن سان امن يا جنگ مان جيڪو هو
چاهين ها ته ڪري پئي سگهيا ڇو ته هو ايترائي
طاقتور هيا. اولهه جي رومين سان سندس اتحاد هڪ
زبردست اڳواڻ اِيٽيَس سان سندس ذاتي دوستيءَ سبب
ممڪن ٿي سگهيو جنهن کي بربرن جي ڪئمپ ۾ مهمان
نوازي ۽ حفاظت جي سک ۽ سڪون ملڻ سان گڏ پنهنجي
لاءِ پوري حمايت به ملندي هئي. غاصب جان جي نالي ۾
سندس ئي چوڻ يا کيس قائل ڪرڻ تي، هُنن (Huns)
جا سٺ هزار ماڻهو پيش قدمي ڪندا اٽلي جي سرحدن
تائين پهچي ويا، پر سندن مهم جوئي توڙي سندن ڀاڄَ
ملڪ جي لاءِ ڏاڍي مهانگي پئجي وئي ۽ ايٽيس جي
احسانمنديءَ واري پاليسي موجب پنونيا ۾ جيڪو ڪجهه
هيو، اُهو هن پنهنجن اتحادين جي حوالي ڪري ڇڏيو.
اوڀر جا رومي پڻ رگيلاز جي هٿيارن جي چُرپُر ۽
ڏهڪاوَ کان غافل نه هيا جنهن سبب صوبن توڙي گاديءَ
جي هنڌ ۾ خطري جا گهِنڊَ وڄڻ شروع ٿي ويا هيا.
ڪجهه ڪليسائي تاريخدانن پنهنجي پَرِ ۾، بربرن کي
وِڄَ ڪرڻ ۽ وبائي بيمارين سبب تباهه ڪري ڇڏيو
آهي،(3) پر ٿوڊوسيَس خود پنهنجي حيثيت کان ايترو
ته هيٺ لهي آيو هو جو هن سون جا ٽي هزار پنجاهه
پائونڊ هر سال پنهنجي حفاظت لاءِ ڏيڻا ڪيا ۽ ان
لاءِ به ته جيئن هو ان ڏَنَ ڏيڻ عيوض پنهنجي
’جنرل‘ هئڻ جي لقب توڙي پنهنجي وقار کي، ٻين ماڻهن
جي نظرن کان لڪائي ۽ بچائي سگهي جيڪو کيس هُنن جي
بادشاهه عطا ڪيو هو. بربرن جي خطرناڪ اُٻهرائي ۽
بازنطيني درٻار جي اوچتين سازشن، ڀاڙيندڙ قومن، جن
مان اسان هڪَ يعني بوَئريَنس کي ٻين کان نمايان
ڪنداسين جن هُنن جي حڪومت کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽
سندن بغاوت کي روم وارن جي پٺڀرائي ۽ ڀرپور تعاون
تيستائين حاصل رهيو جيستائين رگيلاز طرفان جائز
دعوائن ۽ سندس طاقت جو ڀرپور نُـماءُ سندس سفير
ايسلا جي آواز ۾ نه ڪيو ويو هو. سينيٽ جي ايوان جي
گڏيل خواهش هئي ته امن قائم ٿئي. شهنشاهه طرفان
سندن فرمان جي تصديق ڪئي وئي، ان کان پوءِ ٻن
سفيرن جا نالا گردش ۾ آيا. هڪڙو پِلنٿاس جيڪو
سيٿيا جو جنرل هيو ۽ اڳ۾ ئي سفارتي رتبي وارو هو،
۽ ٻيو هڪ مئجسٽريٽ جنهن جو نالو ايپيجينس هو ۽ هُو
هڪ داناءُ ۽ تجربيڪار سياستدان هو جنهن کي ان رتبي
تي مقرر ٿيڻ لاءِ سندس هڪ ساٿي سفارش ڪئي هئي.
رگيلاز جي موت امن جي معاهدي کي اڳتي وڌڻ کان في
الحال روڪي ڇڏيو. سندس ٻه ڀائٽيا اَٽِيلا ۽ بليدا
جيڪي ٻئي پنهنجي چاچي جا جانشين مقرر ٿيا،
قسطنطنيہ جي سفير سان ملاقات ڪرڻ لاءِ راضي ٿيا،
پر جيئن ته اُنهن غرور مان پنهنجن گهوڙن تان هيٺ
لهڻ مناسب نه سمجهيو ته سڀ معاملا هنن پنهنجي
گهوڙن جي هَنَن تي ويهي طئي ڪيا ۽ هيءَ جڳهه مٿين
ميسيا جي هڪ وڏي ميدان تي مارگَس شهر ۾ هئي. هُنن
(Huns)
جي بادشاهن ڳالهين ٻولهين ۾ زبردست فائدا حاصل ڪيا
ته ساڳي وقت اجايا سجايا اعزاز پڻ ورتا. هنن امن
امان قائم رکڻ جا شرط حڪم ڏيئي طئي ڪيا ۽ هر شرط
شهنشاهت جي وقار تي ذلت نُما داغ جيان ٿي لڳو.
دنيوب جي ڪنارن تي هر شئي جي جهجهي مقدار ۾
موجودگي کي يقيني بنائڻ کان سواءِ هنن سالياني
ڏَنَ ڏيڻ کي به وڌائڻ جو مطالبو ڪيو جيڪو ٽي سئو
پنجاهه کان ست سئو سون جي پائونڊن تائين ٻِيڻو ڪيو
ويو؛ اهو شرط به قبول ڪرايو ويو ته جيڪڏهن ڪوبه
رومي قيدي پنهنجي بربر مالڪ جي قيد کان ڀڄي ويو هو
ته هر ڀڳل قيدي جي ڏوهه ۾ سون جا اٺ ٽڪرا ڏنڊَ طور
ڀريا ويندا، ٻيو ته شهنشاهه هُنن (Huns)
جي دشمنن سان هر معاهدو يا هر تعلق کي ختم ڪندو،
ان کان علاوه اُهي ماڻهو، جن خوف کان ڀڄي ٿوڊوسيس
جي صوبن يا ان جي محل ۾ پناهه وڃي ورتي هئي، سڀني
کي واپس موٽائي ان حاڪم جي انصاف جي حوالي ڪيا وڃن
جتان اُهي ڀڳا هيا. هن انصاف کي زوريءَ ڪجهه جوانن
جي پُکي ۾ وڌو ويو جيڪي شاهي خاندان سان تعلق
رکندا هيا. اُنهن سڀني کي اَٽيلا جي حڪم تي
شهنشاهت جي حدن اندر ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، ۽ جيئن
ئي هُنن جي بادشاهه رومين کي پنهنجي ڏاڍَ ۽ ڏهڪاوَ
سان خوفزده ڪري مطمئن ڪيو ته هاڻي هن کين مختصر ۽
عارضي مهلت ڏني ته جيئن ساهه کڻڻ جهڙا ٿين، ۽ ان
وقفي ۾ هنن سيٿيا ۽ جرمني جي آزاد قومن جي بغاوت
کي خاموش ڪرايو.(4)
منڊزڪ جو پٽ اَٽيلا پنهنجي عزت واري خاندان کي
قديمي هُنن (Huns)
سان ٿو وڃي ملائي(5)، جن اڳ چين جي حاڪمن سان چٽا
ڀيٽيءَ جي دعويٰ ڪئي هئي. گاٿن جي هڪ تاريخدان جي
تجزيي موجب، هو پنهنجن مُهانڊن مان ئي پنهنجي نِج
قومي اصليت جو ثبوت پيش ڪري رهيو هو، ۽ اٽيلا جو
نقش يا مورت ائين لڳندي آهي جيئن ڪنهن تاتاري جي
بگڙيل تصوير هجي؛ وڏو مٿو، ڪارانجهڙو يا مشڪي رنگ،
ننڍيون ۽ اونهيون اندر ٿيل اکيون، ويڪرو نڪ، ٻُچي
ڏاڙهي، ڪشادا ڪُلها، ننڍو قد ۽ بِندرو جسم، طبيعت
جو اُتاولو ۽ بيهڪ جو سراسر اڻپورو(6). هُنن جي
بادشاهه جي جيڪا ضدي ۽ هٺيلي طبيعت هئي، ان مطابق
هو پاڻ کي دنيا جي سڀني انسانن کان وڌيڪ اوچو ۽
مٿاهون سمجهندو هو ۽ سندس فطري عادت هوندي هئي ته
هو پنهنجين اکين کي خطرناڪ حد تائين هر طرف پيو
ڦيرائيندو هو جنهن مان لڳندو هو ته جنهن هيبت کان
هو متاثر ٿيندو هو ان جو عملي اظهار هو پنهنجين
اکين کي هيڏي هوڏي ڦيرائڻ سان ڪندو هو. ان جي
باوجود هي وحشي انسان هروڀرو رحمدليءَ کان پَرڀرو
يا پاسيرو نه هيو، اُهي دشمن جيڪي هن جا محتاج ۽
نماڻا عرضدار هوندا هيا ته اُنهن سان به صلح ڪري
ڇڏيندو هو يا کين معاف ڪري ڇڏيندو هو ۽ سندس رعيت
جا ماڻهو اٽيلا کي انصاف پسند ۽ سندن معاملن ۾
دلچسپي رکندڙ سمجهندا هيا. هن کي جنگين ۾ خوشي
محسوس ٿيندي هئي پر جڏهن هو پنهنجي سنجيدگيءَ واري
عمر ۾ تخت تي ويٺو ته سندس دماغ جي بجاءِ سندس هٿن
اتر ۾ سوڀون حاصل ڪيون ۽ بادشاهه جي روپ ۾ هن
سپاهيءَ جي شهرت هڪ دورانديش ۽ ڪامياب جنرل واري
هئي. ذاتي بهادري جا اثر، شاعري ۽ عشق کان سواءِ،
ايترا ته اَڻ چِٽا ٿين ٿا جو بربرن ۾ به فتح جو
دارومدار فقط ذهن ۽ دماغ جي تيزي ۽ هوشياري تي
هوندو هو ته ڪيئن نه بيشمار ماڻهن جي نفسيات کي
سمجهي پوءِ ان مطابق عمل ڪرڻو پوي ٿو جيڪو وري فقط
هڪ ماڻهوءَ جي خدمت ڪرڻ يا ان کي خوش ڪرڻ لاءِ ٿئي
ٿو. سيٿيا جا فاتح اٽيلا ۽ چنگيز خان* پنهنجن
مغرور هم وطن ماڻهن کان همت ۽ بهادريءَ ۾ نه پر
فنڪاري ۽ ذهانت ۾ اڳتي وڌي ويا هيا ۽ اهو چئي
سگهجي ٿو ته جيڪي بادشاهيون هُنن توڙي مغلن قائم
ڪيون ته اُنهن جا بنياد به گهڻو ڪري وهمن وسوسن جي
پراڻي سرشتي تي ٻڌل هيا. چنگيز خان جي ڪنواري ماءُ
کي جيڪو حمل ٿيو هو ته ان ڌوڪي وار ڳالهه جنهن کي
وري اٻوجهن ۽ ڀورڙن ماڻهن هڪ معجزي سان وڃي ملايو
هو، کيس انساني فطرت کان مٿاهون ڪري پيش ڪيو ۽هڪ
پيغمبر، جيڪو خدا جي روپ ۾ هن ڏٺو هو، کيس سڄي
زمين جي شهنشاهت سونپي ويو هو ۽ ان ساڳئي وقت وڏي
جوش مان مغلن جي بهادريءَ ڏانهن به اشارو ڪيو هو.
(7) اٽيلا جا مذهبي جذبا به ان دؤر ۽ ملڪ جي
ضرورتن ۽ گهُرجن مطابق هيا. اهو بلڪل فطري هو ته
سيٿيا جا ماڻهو، پنهنجي جنگي جنون سبب، جنگ جي
ديوتا جي پوڄا ڪن، پر جيئن ته اُهي ڪنهن خيالي يا
جسماني ديوتا کي ٺاهڻ يا ان کي ڪنهن شڪل ڏيڻ جا
اهل نه هيا. تنهنڪري اُنهن روايتي طور پنهنجي
سرپرست ديوتا جي پوڄا ٿي ڪئي جنهن جو نشان لوهه جي
هڪ ترار هئي. (8) هُنن (Huns)
جي هڪ ڌنار يا ڌراڙ محسوس ڪيو يا خواب ۾ ڏٺو ته هڪ
وهڙي يا گابي چَرندي چَرندي پنهنجي پير کي زخمي
ڪري ڇڏيو هو، ۽ هن ان وهڙيءَ جي رَت وهڻ جي نشانن
ذريعي پيرو کڻڻ شروع ڪيو، ۽ هو وڏي گاهه جي هڪ
ٻنيءَ ۾ وڃي پهتو جتي ڏٺائين ته هڪ قديمي ترار
اُتي کُتل هئي جنهن کي هن کوٽي ٻاهر ڪڍيو ۽ اٽيلا
جي خدمت ۾ نذراني طور وڃي پيش ڪيائين. هن شانائتي
۽ چالاڪ بادشاهه وڏي احسانمنديءَ مان تحفو قبول
ڪيو جنهن کي هن آسماني مهرباني سمجهي ۽ هاڻي هن کي
هڪ فخر جو احساس ٿيو ته هن وٽ ’جنگ جي ديوتا جي
ترار‘ هئي، تنهنڪري خدا جي سڄي زمين تي سندس دعويٰ
جائز ۽ حق تي هئي. (9) هن ڀاڳ ڀريئي موقعي تي
سيٿيا جي رسم موجب جشن ملهايو ويو، ڪاٺين جي هڪ
وڏي ڍير تي هڪ قربانگاهه سجايو ويو جنهن جي ڊيگهه
۽ ويڪر هر طرف کان ٽي سو وال هئي، ان کي هڪ وڏي ۽
ويڪري ميدان تي پکيڙيو ويو ۽ ’جنگ جي ديوتا جي
ترار‘ کي قربانگاهه جي مٿان اُڀو بيهاريو ويو،
جنهن کي رڍن ۽ گهوڙن جي رت ۽ جيڪو قيدي سئو نمبر
تي اچي، (10) ان جي پڻ رت سان هر سال پاڪ ڪيو
ويندو هو. اهو چئي نٿو سگهجي ته اٽيلا جي عبادت ۾
ماڻهن جي قرباني شامل هئي يا نه، يا وري هن جنگ جي
ديوتا کي اهڙي قرباني ڏئي خوش ڪرڻ ٿي چاهيو جنهن
کي هو لڳاتار جنگ جي ميدان ۾ قربانيءَلاءِ آڇيندو
رهندو هو، بهرحال جنگ جي ديوتا جي سڪيلڌي بادشاهه
پنهنجي لاءِ هڪ مقدس ڪردار اختيار ڪري ڇڏيو، جنهن
ڪري سندس سوڀون به اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ آسان ۽
دائمي ٿي ويون ۽ بربرن جي بادشاهن، خبر ناهي ته
عقيدت کان يا وري خوشامد جي خيال کان، اها ڳالهه
تسليم ڪئي ته هو، هُنن جي بادشاهه جي اکين ۾
گهُوريندي هُو ساڻس اکيون نٿا ملائي سگهن ڇاڪاڻ ته
اُنهن ۾ شايد ڪو خدائي رعب ۽ جلال اچي ويو هو.(11)
سندس ڀاءُ بليدا، جنهن قوم جي گهڻي حصي تي حڪومت
ٿي ڪئي، کي مجبور ڪيو ويو ته اقتدار توڙي پنهنجي
حياتيءَ تان هٿ کڻي. اهڙي ظالماڻي قدم کي به ڪنهن
غيبي جذبي يا زور جو نالو ڏنو ويو ۽ جنهن طاقت ۽
توانائيءَ سان اٽيلا جنگ جي ديوتا جي ترار کي
جهليو ته دنيا وارن تي هاڻي واضح ٿي ويو ته اها
آسماني ترار فقط ان شخصيت لاءِ وقف ٿيل هئي جيڪو
ناقابل- شڪست بنجي چڪو هو.(12) پر سندس شهنشاهت جي
ڊيگهه توڙي ويڪر کي ڏسي اهو اندازو آسانيءَ سان
لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪيتريون نه گهڻيون ۽ اهم
سوڀون حاصل ڪيون هيون ۽ سيٿيا جو حاڪم، خبرناهي ته
هو خود سائنس ۽ فلسفي جي ڄاڻ رکندو هو يا نه، پر
کيس شايد پڇتائڻو پوندو ته سندس رعيت جا ماڻهو
جيڪي بلڪل جاهل هيا ۽ ڪنهن به هنر يا سائنسي علم
کان اڻڄاڻ هيا ته اُهي شايد سندس ڪارنامن کي جاري
نه رکي سگهن.
جيڪڏهن هن دنيا جي مهذب ۽ وحشي ماڻهن جي وچ ۾ حد
بندي ڪئي وڃي، يا جيڪي شهرن جا رهواسي ۽ جيڪي هاري
آهن ۽ پنهنجون زمينون کيڙين ٿا، ۽ جيڪي شڪاري ۽
ڌنار آهن ۽ تنبُن ۾ رهن ٿا ته اٽيلا ان حدبنديءَ ۾
شايد بربرن جي اڪيلي ۽ مٿاهين درجي واري حاڪم ٿيڻ
جو خواهشمند نڪري پوي.(13) قديم توڙي جديد زمانن
جي فاتحن ۾ اهو ۽ فقط اهو اڪيلو هو جنهن جرمني ۽
سيٿيا جي ٻن وڏين بادشاهتن جو هڪ ٻئي سان ايڪو ۽
اتحاد ڪرايو ۽ اُهي لقب جيڪي سندس حڪومت سان
وابسته ڪيا وڃن ٿا، فقط تڏهن سمجهي سگهبا جڏهن
خطابن کي اڃا وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو. ٿرنگيا، جنهن
جو حدون ايتريون ته وڏيون هيون جو اُنهن دنيوب کي
به اورانگهي ڇڏيو هو، سندس ئي صوبن ۾ هو؛ هن پاڙي
واري ملڪ جي مدد سان فرئنڪن جي پرڏيهي معاملن ۾
روم ۽ هُن شهنشاهتون- 450ع
دخل اندازي ڪئي ۽ هنن جي هڪ ليفٽينينٽ کي سزا ڏني
وئي، ۽ رائين جي برگنڊي قبيلن جي ماڻهن کي صفا
برباد ڪري نابوديءَ جي حدن تائين پهچايو ويو. هن
سمنڊ جي ٻيٽن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي تابع ڪيو ته
ساڳئي وقت اسڪئنڊينيويا جي بادشاهتن، جن کي هر طرف
کان بالٽڪ جو پاڻي وڪوڙي ويو هو، کي به پنهنجن
حڪمن هيٺ
آندائين ۽ هُنن (Huns)
هاڻي اُترين علائقن جي مشهور پشم تي به ڏن وٺڻ
شروع ڪيو. هي خِطو هتان جي سخت موسم ۽ مقامي ماڻهن
جي همت ۽ مردانگيءَ سبب هن وقت تائين ٻين سڀني
فاتحن کان محفوظ رهيو هو. اوڀر طرف، اٽيلا جي
حڪومت جي حَد جو ليکو ڪرڻ ڏکيو آهي ۽ خاص طرح
سيٿيا جي بيابانن ۾، پوءِ به اسان يقين سان چئي
سگهون ٿا ته هن جو اقتدار وولگا جي ڪنارن تائين
پڪو پختو هو، پر هُنن جي بادشاهه کي هڪ جنگجو هئڻ
جي ناتي سان نه پر هڪ جادوگر(14) جي حيثيت ۾ خطرو
هو ڇاڪاڻ ته هن گوجن جهڙي خطرناڪ ’خانَ‘ کي نه رڳو
شڪست ڏني هئي پر کيس بيعزتو به ڪيو هو، ته ساڳئي
وقت هن سفيرن کي موڪليو ته چين جي شهنشاهت سان هڪ
جهڙائيءَ وارن شرطن تي دوستي ۽ اَمن جي معاهدي کي
طئي ڪري اچن. قومن جي فخر لائق ڪارنامن جو جيڪڏهن
جائزو وٺجي ۽ خاص طرح اُنهن جو جن اٽيلا جي سوڀن
جي برتريءَ جو اعتراف ڪيو هو، ۽ جن سندس حياتيءَ ۾
هنجي خلاف ڪنهن بغاوت جو ڪڏهن سوچيو به نه هو، پر
گيپيڊي* ۽ آسٽرو گاٿ تعداد ۾ تمام گهڻا هيا ته
سندن بهادري به مشهور هئي ۽ سندن سردارن جو ذاتي
ڪردار به تعريف لائق هو. نالي وارو آرڊئرڪ جيڪو
گيپيڊي قبيلي جو بادشاهه هو، اُهو حاڪم جو عقلمند
۽ وفادار ڪائونسلر هو جنهن سندس بهادري جي جوهرن
کي سڃاڻي ورتو هو، جڏهن ته هو باوقار والامير،
جيڪو آسٽروگاٿن جو بادشاهه هو، جي نرم ۽ مهذب
روَيي سان پيار ڪندو هو. ٻين عام بادشاهن سان
لاڳاپيل ماڻهن جو هجوم توڙي ٻين ويڙهاڪ قبيلن جا
اڳواڻ جيڪي اٽيلا جي مرڪزي جهنڊي هيٺان چوڪيدارن ۽
نوڪرن جون خدمتون ڏيندا هيا، سي سڀيئي پنهنجي مالڪ
جي حڪم هيٺ ڪم ڪندا هيا. هو فقط سندس اشاري ملڻ جا
منتظر رهندا هيا، سندس مُنهن ۾ گهُنڊ پوڻ تي هو
بنهه ڏڪي ويندا هيا، ۽ سندس خواهش يا مرضيءَ جي
معلوم ٿيڻ شرط ڪنهن به ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ کان سواءِ سندس
نادري حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا هيا. امن
امان جي زماني ۾، ننڍا ۽ سندس ماتحت بادشاهه
پنهنجين فوجين سميت، شاهي ڪئمپ ۾ باقاعدگيءَ سان
پنهنجي حاضري لڳائيندا هيا، پر جڏهن اٽيلا جي فوجي
طاقت وڌيڪ زوردار ۽ مضبوط ٿي وئي ته هو جنگ جي
ميدان ۾ بربرن جي پنجن کان ستن لکن جي فوج سميت
موجود هو.(15)
هُنن (Huns)
جي سفيرن شايد ٿوڊوسيَس جو ڌيان ڇڪرائي کيس ياد
ڏياريو هجي ته اُهي به ايشيا توڙي يورپ ۾ سندس
پاڙيسري هيا ڇو ته سندن حڪومت جون حدون به هڪ طرف
دنيوب تائين ٿي ويون ته ٻي طرف تَنائس* جي ڇيڙن کي
وڃي ٿي ڇُهيائون. سندس پيءُ آرڪئڊيَس جي حڪومت ۾،
هُنن
جي هڪ مهم جُو ٽولي، اوڀر جي ڪجهه صوبن کي ڦري
تاراج ڪري ڇڏيو هو، جتان اُنهن ڦرلٽ جي تمام گهڻي
سامان سان گڏ بيشمار قيدي به پاڻ سان گڏ آندا
هيا.(16) ڪئسپيَن سمنڊ جي ڪنارن جي ڳُجهن رستن سان
سفر ڪندي، هنن آرمينيا جي برفاني جبلن کي اُڪاريو؛
دجله، فرات ۽ هئلس* ندين کي پار ڪيو؛ پنهنجي ٿڪل
گهوڙيسوار فوج کي ڪپاڊوشيا جي بهترين نسل جي گهوڙن
جي ڀرتي ڪرڻ سان طاقتور بنايو*، سليشيا جي پهاڙي
ملڪ تي قبضو ڄمايائون ۽ ائنٽئڪ (انتاڪيا) جي شهرين
جي مُسرتن ۽ شادمانن ۾ وڃي دخل انداز ٿيا جڏهن هُو
هيج مان پنهنجا ڪي نغما ڳائي خوشيءَ مان نچي ٽپي
رهيا هيا. سندن آمد جي خبر پوڻ شرط مصر جا ماڻهو
خوف مان ڏڪِي رهيا هيا ۽ مقدس ملڪ جا ٻاوا ۽
زيارتي پانڌيئڙا پنهنجو ملڪ ڇڏڻ جي ترت تيارين جا
سانباها ڪرڻ لڳا. هن حملي جون يادگيريون مشرق جي
ماڻهن جي ذهنن ۾ اڃا تازيون هيون. اٽيلا جي رعيت
جا ماڻهو، هنن مهم جُو ماڻهن جي بهادريءَ ِرٿن ۽
تجويزن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا ۽
ماڻهو ساڳئي وقت اهي اندازا به ڪرڻ لڳا ته هن دفعي
مخالفتن جي شديد طوفان جو رخ روم يا فارس منجهان
ڪهڙي طرف ٿيندو. هُنن جي بادشاهه جي غلامن کي، جن
جو مرتبو به ذري گهٽ بادشاهن جيترو هو، شهنشاهه يا
مغرب جي جنرل جي خدمت ۾ موڪليو ويو ته وڃي امن جي
معاهدي جا شرط طئي ڪري اچن. هنن روم ۾ پنهنجي
رهائش دوران، اوڀر ۾ هن مهم شروع ڪرڻ جي حالتن ۽
ضرورتن بابت پنهنجي وضاحت پيش ڪئي. هڪ بيابان ۽
ڌُٻڻن واري زمين، جنهن کي روم جا ماڻهو ميوٽس* جي
ڍنڍ سڏيندا هئا، کي اُڪرڻ کان پوءِ هو جبلن جي هڪ
لڳاتار سلسلي جو گَس وٺي ميڊيا جي حدن اندر داخل
ٿي ويا جيڪو اتان پندرهَن ڏينهن جي پنڌ تي هو، ۽
هاڻي سندن حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن فضا ۾ هر طرف
کان تِيرن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. پر پوءِ دشمن جي
وڏي تعداد کي ڏسي هُنن
(Huns)
کي پوئتي هٽڻو پيو. هو مختلف رستي کان پُٺتي
موٽيا، پر کين مال ۽ دولت جو وڏو نقصان برداشت
ڪرڻو پيو، نيٺ هو شاهي ڪئمپ طرف موٽي ويا جتي کين
ملڪ جي باري ۾ ڪجهه معلومات ملي ڇو ته هاڻي هو
پنهنجي شڪست جي بدلي وٺڻ لاءِ بنهه بيتاب هيا.
اٽيلا جي محلات جي آزاد ماحول ۾ ڳالهيون ڪندي، جتي
ڪجهه شاهي سفير پڻ ويٺل هيا، سندن زوردار ۽ طاقتور
دشمن جي ڪردار ۽ سندس ارادن بابت بحث ٿيو، اُتي
قسطنطنيہ جي وزيرن تجويز پيش ڪئي ۽ اُميد ڏيکاري
ته دشمن جي طاقت کي ساسان جي بادشاهن طرف موڙي ۽
کين ڊِگهن ۽ اينگهه ڪندڙ مقابلن ۾ اُلجهائي سگهجي
ٿو. پر اٽلي جي ڪجهه دروانديش ۽ ڏاهَن ماڻهن کين
تنبيهه ڪئي ته اوڀر جي ڀائرن طرفان ان مُهم کي
شروع ڪرڻ وڏي غلطي هوندي جنهن ۾ بيشمار خطرا پيش
اچي سگهن ٿا ۽ کين تسلي ڏياريائون ته ميڊيا توڙي
فارس جا ماڻهو هُنن
(Huns)
جي فوج ۽ هٿيارن جو مقابلو هرگز نه ڪري سگهندا ۽
اهم شهرن توڙي مال دولت جي آسانيءَ سان هٿ اچڻ ڪري
فاتح جي وڏائي توڙي طاقت ۾ اضافو اچي ويندو. هڪ
معمولي حاصلات ۽ فوجي لقب، جنهن کيس ٿوڊوسيَس جي
جنرلن جي قطار ۾ وڃي بيهاريو هو، ملڻ تي خوش ٿيڻ
بدران، اٽيلا هاڻي فيصلو ڪري ورتو ته هو روم جي
نِڍال قيدين جي ڳچين ۾ غلاميءَ جو طوق وجهندو ۽
روم وارن کي هر طرف کان گهيري ۾ آڻي هنن
(Huns)
جي هڪ عظيم شهنشاهت کي قائم ڪندو.(17) |