باب اٺاويهون
( حاشين بابت
وضاحتون)
(1)
سينٽ ائمبروز (ٽام-
ii،
ڊي اوبٽ ٿوڊوسيَس- ص- 1208) بت پرستيءَ جي تباهي
جي سلسلي ۾ جوشئا جي جذبن کي ساراهي ٿو ۽ ان جي
سفارش ٿو ڪري. ساڳئي موضوع تي جوليَس فرميڪَس
مئٽرنس جي زبان ٻهروپيائي واري ۽ غير انساني آهي (
مذهبي لامذهبيت ص- 467 جنهن کي گرونوف ايڊٽ ڪيو)
’حضرت موسيٰؑ جو قانون اسان کي پنهنجي پُٽ يا ڀاءُ
جي حياتيءَ کي بچائڻ جو حڪم نٿو ڪري پر ان مطابق
ته پنهنجي محبوبه توڙي پنهنجي گهر واريءَ جي خلاف
پڻ انتقام جي ترار وهائڻي آهي.‘
(2)
بيل (فلسفي تي تبصرو- 406،
ii)
يهودين تي جيهووا جي عارضي ۽ ناقابل- برداشت حڪومت
کي هو جائز ٿو سمجهي پر ان کي ڪنهن حد تائين هجڻ
جي سفارش ٿو ڪري. بهرحال سندس ڪوشش تعريف لائق
آهي.
(*) (ستين صدي ق-م کان وٺي 383-367 تائين)
(3)
ڏسو سِسرو جي تحرير: ’روم جي مذهبي درجه بندي.‘
(ڊي- ليگيبَس 8-7،
ii) لِوي (20،i) ڊائنوسيَس هئليڪارنيسيس _129-119،ii جنهن کي هڊسن ايڊٽ ڪيو، بيوفورٽ (روم جي جمهوريه 90-1،
i)
۽ مئائل (55-10،
i)
پويون هڪ انگريز سڌارڪ هئڻ سان گڏ روم جو قديم
آثار شناس
به
آهي.
(†)
(وڏو لامذهب پادري)
(‡)
(پيشنگوين جا ڪتاب)
(4)
اهڙين صوفياڻين ۽ خيالي نشانين، مختلف افسانوي
ڪهاڻين ۽ اندازن کي جنم ڏنو آهي. اهو عين ممڪن آهي
ته پئليڊيم، منروا جو هڪ ننڍو مجسمو هيو (ساڍا ٽي
ڪيوبٽس اوچو) جنهن جي هٿ ۾ نيزو ۽ پشم ويڙهيل
رهندو هو؛ ان کان سواءِ پاسن کان ٻي نالي پڻ لڳل
هوندي هئي ته جيئن ڪنهن به تجسُس يا بيحرمتيءَ جي
امڪان کي دور ڪري سگهجي. ڏسو ميزيرئڪ کي (تبصرا
66-60،
i)
۽ لپسيَس (610،
iii،
ڊي ويسٽا وغيره باب 10)
(*) (عبادت لائق بنائڻ کان پوءِ روميولسس جو نالو)
(†) (رومي جنگي ديوتا جا پادري)
(5)
سِسرو کليل نموني يا وري غير سِڌيءَ طرح تسليم ٿو
ڪري ته ’آگيوريٽ‘ سندس خواهشن جو عظيم تر مقصد
آهي. (ائڊ ائٽيڪم
ii،
تحرير 5) (ائڊفئميليَر
xv،
تحرير 4) پاڻهي ان ڳالهه تي فخر محسوس ٿو ڪري ته
هن سِسرو جي قدمن پٺيان هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. (iv،
تحرير 8) ۽ روايتن جو سلسلو تاريخ ۽ پٿر کان شروع
ڪجي ته مناسب ٿيندو.
(6)
زوزيمَس (250-249،iv)
مون بيوقوفيءَ واري تجنيس حرفيءَ کي، پونٽيفيڪس ۽
مئڪيسمَس جي سلسلي ۾ دٻائي ڇڏيو آهي.
(7)
هي مجسمو ٽارينٽم کان روم آندو ويو هو جنهن کي سيزر
’ڪيوريا جوليا‘ ۾ محفوظ ڪرايو هو ۽ مصر جي مال-
غنيمت جي زور تي آگسٽَس ان کي سينگاريو هو.
(8)
پروڊينشيَس (ڪتاب
II)
فتح جو نهايت ئي کِلڻ جهڙو مجسمو ٺاهيو آهي پر
سنجيدگيءَ واري پڙهندڙ کي
مانٽفاڪن جون قديمي تحريرون وڌيڪ اطمينان ڏينديون.
(341،
i).
(9)
سوٽونيَس کي ڏسو (آگسٽس ۾ باب- 35) ان کان سواءِ
مهاڳ ۾ پلني جي مدح سرائي جو به مطالعو ڪجي.
(10)
ٻه وڪيل يعني سماچَس ۽
ائمبروز
ٽن حقيقتن جي گڏيل اجازت ڏين ٿا.
(11)
نوٽيٽيا اُربس ۾، جيڪو ڪانسٽئنٽائن جي مقابلي ۾
وڌيڪ جديد ۽ هاڻوڪو ڪتاب آهي، شهر جي عمارتن ۾
ڪنهن به نالي واري ڪليسا جو ذڪر ڪيل ڪونهي.
ائمبروز (ii، تحرير 825،
xvii) روم جي بدناميءَ وارن واقعن تي پنهنجي طرفان افسوس جو
اظهار ڪري ٿو، جن ڪنهن به عقيدتمند جي اکين، ڪنن ۽
نـَڪ ناسُن کي تڪليف ٿي پهچائي ۽ گنهگار ٿي
بنايو.
(12)
ائمبروز، عام فهم تاثر جي تضاد ۾ (مئائل جون
تحريرون 147،ii ) ان ڳالهه کي ڪيئي دفعا دهرايو آهي ته سينيٽ اندر عيسائين
جي اڪثريت هئي
(13)
پهريون اشارو گرئشين طرف آهي جنهن ساڻس ملڻ کان
انڪار ڪيو، (382ع) ٻيو وئلينِٽينين ڏانهن آهي،
(384ع) جڏهن سماچَس ۽ ائمبروز ماحول خراب ڪري ڇڏيو
هو، ٽيون، ٿوڊوسيَس سان تعلق رکي ٿو، (388ع) ۽
چوٿون، وئلينٽينين سان لاڳاپيل آهي (392ع) لارڊنر
هن سڄي معاملي کي مناسب نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. (شيطاني، يا ڪافراڻيون شاهديون 399-372،
iv)
(14)
سماچَس، جنهن کي شهري توڙي ڪليسائي اعزاز حاصل
هيا، ٻن ڪردارن جي روپ ۾ شهنشاهه جي نمائندگي ٿي
ڪئي: هڪ پونٽيفيڪس مئڪسيمَس ۽ ٻيو پرنسيپس سينيٽَس
(سينيٽ جي اڳواڻ) جي صورت ۾. ڏسو سندس تحرير جا
فخر وارا نقش.
(15)
پروڊينشسَ چوي ٿو: ’ڄڻ ته ڪنهن ماڻهوءَ زمين کي
سون ۽ عاج سان ويهي کوٽيو آهي.‘ درويش توڙي مذهبي
مباحثو ڪندڙ بزرگ به هن مخالفت کي عزت ۽ احترام جي
نظر سان ڏسن ٿا.
(16)
سماچَس جي ڏهين ڪتاب جي چوونجاهين تحرير کي ڏسو.
سندس تحريرن کي ڏهن ڪتابن جي اسلوب ۽ طريقي ۾ هن
ننڍي پلني جي تحرير جي انداز کي اختيار ڪيو آهي؛
جنهن اسٽائيل جي سينگار ۽ پرڪشش طريقي ۾، سندس
دوستن جي چوَڻ مطابق، هو يا ته ساڻس ڀيچي وڃي ٿيو آهي يا وري اڃا به اڳتي وڌي ويو آهي. (مئڪراب
سئٽرنئليا -1،
v)
پر سماچس جو ڪمال اهو آهي ته ان ۾ ميوَن بنان سُڪل
پن آهن جن ۾ گُل به غائب آهن پر پوءِ به سندس
تحرير سينگاريل نظر اچي ٿي. سندس لفاظيءَ وارين
تحريرن منجهان ڪجهه حقيقتن ۽ جذبن کي حاصل ڪري
سگهجي ٿو.
(17)
ائمبروز کي پڙهو. (ii،
تحريرون 833-825،
xvii, xviii)
هنن منجهان جيڪي شروعاتي تحريرون آهن اُهي ڄڻ
محتاط ڪرڻ لاءِ ٻي کي خبردار ڪرڻ جي برابر آهن ۽
ٻيون، سماچس جي توهين آميز تحرير جي جواب ۾ لکيل
آهن. ساڳيا خيال وڌيڪ کليل نموني شاعريءَ ۾ بيان
ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن اُنهن کي پروڊينشسَ طرفان حق
ادا ڪرڻ لائق سمجهي ويو هجي جنهن سماچس جي خلاف ٻه
ڪتاب لکيا هيا، (404ع) جڏهن ته اهو سينيٽر اڃا
زنده هيو. اها ڳالهه، بهرحال، عجيب ٿي لڳي ته
مانٽيسڪيو، (خيالَ يا غور طلب فڪر وغيره 487،
xix, iii)
سماچَس جي ٻن مخالفن جي راءِ کي اهميت نه ڏني ۽ فقط اوروسيَس، سينٽ آگسٽائن ۽ سئلوَين
جي غير لاڳاپيل سُرن سان پنهنجي سُرَ ملائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي.
(18)
پروڊينشس کي پڙهو (سماچس ۾ 545،
i
وغيره) عيسائي، لامذهب زوسيمس سان، ٻي خانه جنگي
کان پوءِ ٿوڊوسيَس جي دوري بابت، همراءِ ۽ متفق
آهي: ’ٻن آمرن جي موت سان ڄڻ هن ٻه دفعا سوڀ ماڻي
هئي‘، هي حوالو هڪ غاصب يوجينيَس ۽ سندس فوجي جنرل
آربوگيٽس جي شڪست جو آهي جيڪا کين 394ع ۾ ملي هئي.
پر وقت ۽ حالتون سندس پهرين فتح کي اهميت ڏين
ٿيون.
(19)
سينيٽ جي تسليم ٿيل اڪثريت ثابت ڪرڻ کان پوءِ
پروڊينشس چوي ٿو: ’هاڻي ڏسجو ته اسان جي طرف
ڪاميابي ماڻيندڙ سموري سينيٽ پنهنجن ووٽن جي
اڪثريت سان جوپيٽر جي بدنام ۽ بدعت واري عبادت کي
پاڻهئي ختم ڪندي.‘ (مانواري شهزادي جي هن تجويز کي
سڄي سينيٽ جي اسيمبليءَ طرفان ڀرپور موٽ ملي ۽
جذبن جي اّظهار سان ان جي تائيد ڪئي وئي.‘ زوسيمس
ناميارن سينيٽرن جي ان قدم کي لاديني يا ڪافراڻي
جرئت ٿو ڪوٺي جنهن جو مظاهرو ڪجهه سينيٽرن طرفان
ڪيو ويو هو.
(20)
جيروم مکيه پادري البيٽس جو تعارف ٿو ڪرائي جنهن
جا پُٽ، پوٽا توڙي سندس سڄو خاندان ايترو ته مذهبي
۽ عقيدتمند هو جو جوپيٽر جهڙي يهودي کي به پنهنجي
مذهب ڏانهن تبديل ڪري ٿي سگهيا. (ٽام- ائڊليٽم ص-
54)
(21)
فتح
جي احساس سان پروڊينشس پنهنجي تصوراتي دنيا
۾ خوشيءَ ۾ ڀرجي ٿو وڃي.
(22)
سينيٽ توڙي ٻين ماڻهن سان پنهنجي گفتگو کي بيان
ڪرڻ کان پوءِ پروڊينشس سچائي ۽ اعتماد واري لهجي ۾
سوال ٿو ڪري:
”اي يسوح مسيح! ڇا اسان اڃا به شڪ ۾ رهون
ته روم، جنهن کي تنهنجي تقدس ۽ پاڪ نان وَ سان
سڃاتو وڃي ٿو،ته ڇا ان ۾ تنهنجا قانون ۽ اصول به
نافذ ٿي سگهندا يا نه؟“
(23)
ڪئيپيٽول توڙي روم جي ٻين مندرن جي ويراني ۽
برباديءَ تي جيروم سَرهائيءَ جو اظهار ڪري ٿو. (95،ii، 54،
i)
(24)
لبانيَس، (ڏسو مندرن بابت تحرير جيڪا 1634ع) ۾
جيمس گوڊ فراءِ طرفان جينيوا ۾ ڇپرائي وئي هئي، پر
هاڻي اڻ لڀ آهي) وئلينٽينيَن ۽ وئلنس تي قربانين
کي ختم ڪرڻ جو الزام ٿو ڏئي. شايد اوڀر جي شهنشاهه
هن سلسلي ۾ ڪو جُزوي حڪم نامو جاري ڪيو هجي پر هن
قسم جي حڪم نامي، جنهن کي عام ماڻهن لاءِ
جاري ڪيو ويو هجي، جو ثبوت ڪٿي به نٿو ملي ۽ نه
وري عيسائيت جي تاريخ ۾ اهڙي ڪا شاهدي ملي ٿي.
(*) (388ع).
(25)
ٿوڊوسين ڪوڊ ۾ سندس قانون ڏسو. (11-7،
xvi, x)
(26)
هومر جي قربانين سان جانورن جي آنڊن گونڊن جو ذڪر
آيل
ڪونهي جن ذريعي پيشنگويون ڪري سگهبيون هيون. (ڏسو
ڪتاب فيٿيَس جيڪو هومر جي قديمي تحريرن سان وابسته
آهي. (16، 10، 1) ٽسڪَنس جنهن جانورن جي آنڊن
گونڊن ذريعي قدرت جي ڳُجهن بابت سڀ کان پهريون
پيشنگوين جي روايت کي قائم ڪيو هو، يونانين ۽
رومين کي هن بنهه مات ڏني
هئي. (سِسرو- قدرتي حڪمتون 23،
ii)
(27)
زوسيمس، (249، 245،
iv) ٿوڊوريٽ، (21،
v) تاريخوار واقعن ۾ اڊئيٽـَس، پراسپراڪئٽن (38،
iii) بئرونيمَ (تاريخوار واقعن ۾) ۽ عيسائي تاريخ- 52 نمبر جيڪا
389ع ۾ ڇپي ۽ لبانيَس (مندرن جي تاريخ ص- 10)
سڀيئي گڏجي ان ڳالهه کي ثابت ڪن ٿا ته ٿوڊوسيَس جا
حڪم نه ته سِڌا ۽ نه وري مانائتا هوندا هيا)
(28)
ٿوڊوسين ڪوڊ (18، 8،
xvi, x)،
اها ڳالهه هرگز اعتبار جوڳي ناهي ته ايڊيسا جو
مندر، جنهن کي ٿوڊوسيَس شهري سهولتن لاءِ استعمال
ڪرڻ ٿي چاهيو. جلد ئي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي
ويوهو. (لبانيَس- مندرن جي تاريخ صفحا- 27-26 ۽
گوڊ فراءِ جون تحريرون (ص- 59).
(29)
لبانيَس جي اُها اهم تحرير ڏسو جيڪا مندرن جي
تاريخ ۾ 390ع ۾ ڇپي هئي. مون ڊاڪٽر لارڊنر جي موقف
جو پڻ مطالعو ڪيو آهي. (ڏسو
ڪافراڻيون شاهديون 163-135،
iv)
(30)
سلپيشس سيورَس طرفان ڇپرايل ’مارٽن جي زندگي‘ کي
ڏسو. (باب- 14-9) هن بزرگ غلط فهميءَ مان، جنازي
جي هڪ ميڙ کي بت پرستيءَ جو جلوس سمجهيو هو (شايد
فقط ڊان ڪئڪزوٽ ئي اهڙ عمل ڪري پئي سگهيو) ۽ غير
ارادي طور هڪ معجزو ڪري ڏيکاريو هئائين.
(31)
سوزومين (15،
vii) جي ڀيٽ ٿوڊوريٽ (21،
v) سان ڪريو. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ جهاد ۽ مارسيلَس جي موت جو تعلق
لاڳاپيل آهي.
(32)
لبانيَس کي ڏسو (مندرن جي تاريخ ۾ صفحا 13-10) هو
ڪارا ويس پاتل ماڻهن خلاف بُرو ۽ بدشد لهجي ۾
ڳالهائي ٿو ته ساڳي وقت عيسائي ٻاوَن کي به بُرو
ڀلو چوي ٿو جيڪي هاٿين کان به گهڻو ۽ هٻڇَ
سان کائن ٿا. ويچارا هاٿي! اُهي ته سندن ڀيٽ ۾
وڌيڪ مناسب جانور آهن.
(33)
پراسپراڪئٽن، (38،
iii) بئرونيَم (عيسائي واقعا- 389ع، نمبر 58
وغيره) ڪجهه وقت لاءِ مندر بند هو ۽ ان ۾ اندر
داخل ٿيڻ لاءِ ڊڀن ۽ ڪانڊيرن منجهان گذرڻو پوندو
هو.
(34)
ڊونئٽس (قديم روم- 468، 4،
iv)
هيءَ پاڪائيءَ مکيه پادري بونيفيس-iv
ذريعي حاصل ٿي هئي. آءٌ اُنهن سازگار حالتن کان
بيخبر آهيان جن وسيلي، ٿوڊوسيَس جي حڪومت جي دؤر
کان پوءِ، گهڻن ديوتائن جي مندر کي
ٻه سؤ
سالن کان به وڌيڪ عرصي لاءِ محفوظ رکيو ويو هو.
(35)
سوفرونيَس هڪ جديد ۽ نرالي قسم جي تاريخ لکي هئي
(جيروم
اهڙو انڪشاف هڪ عيسائي مسودي ۾ ڪيو آهي. 303،
i) جنهن ذريعي سقراط کي پڻ مدد ملي هئي (16،
v) ٿوڊوريٽ (22،
v) ۽ روفينـس (22،
ii)
پڻ اهڙي شاهدي ڏين ٿا. پر آخري بيان ڪيل جيڪو ان
واقعي کان اڳ توڙي پوءِ
سڪندريه
۾ هيو ته ان کي اصلي شاهد هئڻ جو اعزاز حاصل آهي.
(36)
گيرارڊ ووسيَس (غنائيو- 80،
v
۽بُت پرستي 29،
i)
ڪوشش ڪندي پادرين جي سلسلي ۾ هڪ عجيب خيال پيش ڪيو
آهي ته حضرت يوسفؑ کي مصر ۾، ائپس سانَ
(سانـَهه)
يا سراپس ديوتا جيان پوڄيو ويندو
هو.
(*) ڪارو سمنڊ
(37)
ديوتا جي اصل نسل جي اڃا روم وارن کي ڪا خبر ڪانه
هئي پر مصر جا پادري، بهرحال سندس ياد کي تازو
رکيو ايندا هيا. (ٽئسِڪن تاريخ- 83،
iv)
يوناني جيڪو سفر ڪري مصر پهتا هيا، اُهي به هن
نئين ديوتا بابت بيخبر هيا.
(38)
مارڪوبيَس (سئٽرنل- 7،i)
اهڙي نمايان حقيقت سندس ڌارئي نسل هئڻ بابت وڏي ۾ وڏي ثابتي آهي.
(39)
آئسِس ۽ سراپِس ديوتا روم ۾ ساڳئي مندر ۾ هڪ ٻئي
سان ايڪي ۾ هئا
۽
راڻيءَ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ فوقيت حاصل هئي. پر ڌارئي پونٽس سان
سندس غير برابريءَ وارن لاڳاپن ئي کيس دوکو رسايو.
ساڳي وقت اها به حقيقت آهي ته مصر ۾ عورت ذات کي
مردن جي مقابلي ۾ شهري توڙي مذهبي برتري حاصل هئي،
(ڊايو ڊورَس- 31، 1،
i،
جنهن کي ويسلنگ ايڊٽ ڪيو ۽ ساڳيو ئي سرشتو پلوٽارچ
جي مقالي ۾ بيان ٿيل آهي جنهن جو عنوان آهي:
”آئسِس ۽ اوسيرِس“، جنهن کي هو سراپِس سان ٿو وڃي
ملائي.
(40)
لميئيٽَس (16،
xxii) هڊسن جي جاگرافي ۽ صفحي 8 تي (ٽام-
iii) ۽ روفينـس (22،
ii)
ٻئي گڏجي سراپس جي مندر جي يادن کي ملهائن ٿا جنهن
کي دنيا جي عجائبات ۾ شمار ڪيو ويو آهي.
(41)
ڏسو نقش و نگار جي
اڪيڊمي،
(416-397،
ix)
جون يادون جن مطابق بطليموسن جي سڄي لائبرري سيزر
جي ان جنگ ۾ ختم ٿي وئي هئي جيڪا
سڪندريه ۾ لڳي هئي. مارڪ ائنٽني، پرگئمَس
جا سمورا ڪتاب (اندازي موجب 2 لک جُلد) قلو پطره (CLEOPATRA) جي حوالي ڪري ڇڏيا هيا ته جيئن اليگزينڊريا
(سڪندريه)
۾ قائم ڪيل نئين لائبرري کي مضبوط بنيادن تي
بيهاري سگهجي.
(42)
لبانيَس (مندرن جي تاريخ ص- 21) پنهنجن عيسائي
آقائن کي نهايت ئي ناشائسته لفظن ذريعي چيڙائي ٿو
ڇڏي.
(43)
اسان کي مرسيلينَس (389ع) يا
پراسپر
(391ع) جي وچ ۾ ڪا تاريخ مقرر ڪرڻي پوندي. ٽليمانٽ
(شهنشاهن جي تاريخ 756، 310،
v) پهرين سَنَ کي ۽ پاگي پوئين سنَ کي ترجيح ڏين ٿا.
(44)
ٽليمانٽ (عيسائي يادگيريون- 500-441،
xi)
ٿيوفيلس، جيڪو هڪ بزرگ، جيروم جو دوست، هڪ شيطان ۽
ڪرسوسٽم جي دشمن طور سندس شهرت مڃيل آهي، پر تاثر
غير جانبداري جو ٿو ڏئي، پر مجموعي طور ماڻهن ۾
جيڪو اثر ويٺل آهي ته اُهو سندس مخالفت ۾ آهي.
(45)
لارڊنر (ڪافراڻيون شاهديون- (411،
iv)
هڪ خوبصورت ادبي ٽڪري جو حوالو ڏنو آهي جيڪو
سُئيداس يا وري دمئيَس منجهان ورتل آهي جنهن
منجهان ائين ٿو معلوم ٿئي ته نيڪ اولمپيَس هڪ
جنگجو نه پر پيغمبر صفت رکندڙ هو.
(46)
اوروسيَس منجهان هڪ حوالو (421، 15،
vi)
جنهن کي هيوَر ڪئمپ ايڊٽ ڪيو. توڙي جو هڪ ڪٽر ۽
اختلافي شخصيت هو، پوءِ به اوروسيَس حيادار ۽
لڄارو هو.
(47)
يونئپيَس، ائنٽونيَس ۽ ايڊيسيَس جو ذڪر ڪندي
ٿيوفيلس جي ذلت واري لالچ کي سخت لفظن م نندي ٿو.
ٽليمانٽ
(عيسائي يادگيريون- 453،
xiii)
پيلوسيم جي ايسيڊور جي مضمون منجهان حوالو پيش ٿو
ڪري جنهن ۾ وڏي پادري تي سونَ
سان پيار ڪرڻ بلڪ ان کي پوڄڻ لاءِ مٿس ملامت
ٿو ڪري. (ورجل- اينيڊ- 57،
iii)
(*) چقمق ذريعي چالاڪيون ڪرڻ.
(48)
روفينَس سئٽرن جي پادري کي ڪو نالو ٿو ڏئي جيڪو هڪ
ديوتا جي روپ ۾ ڪيترين ئي پاڪدامن عورتن سان
آزاديءَ سان وڃي ڪچهريون ٿو ڪري، نيٺ اهڙيءَ ريت
هلندي هن سان ان وقت خودبخود فريبڪاري ٿي وئي جڏهن
هو پنهنجي آواز جي انداز کي نه ته بدلائي سگهيو ۽
نه لڪائي سگهيو. ڏسو ايسچنس جو غير جانبداريءَ
وارو، ۽ مستند بيان (بائل کي اسڪئمئنڊر جي تنقيد
جي لغت ۾) ته ساڳئي وقت مُنڊِس
جي ڪوشش کي به پروڙجي (يوسف جي قديمي تذڪري ۾ 877،
3،
xviii، جنهن کي هيوَر ڪئمپ ايڊٽ ڪيو، جن منجهان
ثابت ٿو ٿئي ته عاشق مزاجيءَ جا بيهودا دوکا به
ڪاميابيءَ سان ڪري سگهبا هيا.
(49)
مانٽفاڪن ۾ سراپس ديوتا جون مورتيون ڏسو (297،
ii)
پر مئڪروبيَس جو بيان (سئٽرنل (20،
i) وڌيڪ دلچسپ ۽ اطمينان بخش آهي.
(50)
”سندن مضبوط هٿَ ڏڪيا ٿي، ڇو ته ان جڳهه جو تقدس
اهڙو هو جو هو صفا ششدر ٿي ويا، اُنهن خيال ڪيو ته
جيڪڏهن هنن شاهه بلوط جي پاڪ وڻن کي ڌڪ هنيو ته ڌڪ
هڻندڙ ڪهاڙيون
واپس ٿي سندن جسمن مٿان اچي لڳنديون.“
(ليوسن 429،
iii)
”اهو برابر سچ آهي“، آگسٽس اٽلي جي هڪ بزرگ کي چيو
جنهن جي گهر ۾ هن رات جي ماني کاڌي هئي ته ”جنهن
ماڻهوءَ انئٽِس ديوتا جي مجسمي کي پهريون ڌَڪ هنيو
هو ته هڪدم سندس اکيون غائب ٿي ويون هيون ۽ پوءِ
سندس زندگي به ختم ٿي وئي.“ ”اُهو آءٌ هيس“، ساڳئي
بزرگ جواب ڏنو جيڪو نهاريندڙ اکين سان سندس سامهون
بيٺو هو، ’۽ هاڻي تون ڀلي ديويءَ جي ڪنهن ڄنگهه تي
پلٿي ماري مزي سان رات جي ماني ويهي کاءُ.‘ (پلني،
فطري تاريخ، 24،
xxxiii)
(51)
مذهبي تاريخ منجهان ايئن ٿو معلوم ٿئي ته اهڙا
ڪيترائي مثال موجود آهن جڏهن به ڪا اوچتي تبديلي
آئي ته پوءِ وهم وسوسا نفرت ۾ تبديل ٿي ويا.
(52)
سوزومين (20،
vii) مون ماپو ڏئي ڇڏيو آهي. هيروڊوٽس کان وٺي ماپڻ ۽ ڪَڇ ورڇ
جو ساڳيو معيار رهندو آيو آهي. هن سلسلي ۾ ڏسو
فريريٽ کي نقش و نگار جي اڪئڊمي ۾. 353-344،
xvi)
ان کان سواءِ گريوز جا مختلف ڪم پڻ ڏسو (233،
i) مصر جو ماپو جنهن کي ڪيوبٽ چئجي ٿو انگريزي ماپ جي ٻاويهَن
انچن جي برابر آهي.
(53)
لبانيَس (مندرن جي تاريخ صفحا 17-15) هنن جي موقف
جي تائيد نرمي سان ۽ پڻ پنهنجي مرضيءَ واري جذبي
سان ٿو ڪري. اوائلي دؤر
کان وٺي اهڙن خوشيءَ ۽ شادمانن جي جشنن سڄي ملڪ ۾
هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو ۽ خاص طرح بئڪس سان جيڪي
لاڳاپيل هيا، (جارجيڪس
380،
ii) ۽ جن جي شهرت سبب اٿينس جو ٿيٽر ٺهيو
هو. ڏسو گوڊ فراءِ، لبانيس ۽ ٿوڊوسيَن ضابطو. (284،
vi)
(54)
هانريس، (399ع) ڳوٺاڻن جي اهڙن جشنن کي برداشت
ڪندو رهندو هو جيڪي: ’ڪنهن قربانيءَ يا وهمن وسوسن
جهڙي نفرت آميز ڪم کان آجا هوندا هيا.‘ پر نَوَن
سالن کان پوءِ کيس وري ساڳيا قاعدا قانونَ سختيءَ
سان نافذ ڪرڻا پيا. (ٿوڊوسيَن
ضابطو.
19،17،x،xvi)
(55)
ٿوڊوسيَن ڪوڊ (12،x،xvi) جارٽن (عيسائي تاريخ تي تبصرو 134،
iv) برداشت کان ٻاهر هن قانون کي سختيءَ سان نندي ٿو ۽ هر
زاويي کان
ان کان
بڇان ٿو ڪري.
(56)
جيڪڏهن الزام سخت آهي ته ان کي نرميءَ سان نه
لڳائجي پر ان کي سينٽ آگسٽائين جي اختيارن سان
ثابت پڻ ڪجي. بهرحال هو ڊونئٽسٽن کي مخاطب ٿيندي
چوي ٿو: ”اسان يا اوهان مان اُهو ڪير آهي جيڪو
لامذهبن جي قربانين خلاف شهنشاهي قانونن جي حمايت
نٿو ڪري. اسان يقين سان چئي سگهون ٿا ته خلاف ورزي
ڪندڙن خلاف وڏيون سزائون آهن ۽ اهڙي گمراهيءَ لاءِ
ته موت جي سزا مقرر ٿيل آهي.“ (تحريرون
xciii
نمبر 10 جن کي لي ڪلرڪ ڄاڻايو آهي. (277،
viii) جيڪو فاتح عيسائين جي اَڻ سَهپ وارن روَين لاءِ پنهنجا
مانائتا خيال پيش ٿو ڪري.
(57)
اوروسيَس (537، 28،
vii) آگسٽائين (لارڊنر- ڪافراڻيون شاهديون 458،
iv) هنن جي بزدلي تي سندن مذمت ٿو ڪري. ’هنن مان هن وقت تائين
ڪير آهي جنهن کي قرباني ڪندي پڪڙيو ويو هجي (ڇو ته
قربانيون ڏيڻ قانون موجب سخت منع آهي) ۽ جيڪڏهن ڪو
پڪڙيو ويو به آهي ته هن وقت تائين ڪنهن تي ڏوهه
ثابت ٿيو آهي؟‘
(58)
لبانيَس (مندرن جي تاريخ-
صفحا 18-17) سواءِ مذمت ڪرڻ جي ڪجهه ماڻهن جي غلط
حرڪتن سان ماڻهن جي يڪراءِ ٿيڻ تي، ان کي منافقيءَ
جو عمل ٿو ڪوٺي.
(59)
لبانيَس پنهنجي دفاع کي (ص- 32) هنن لفظن سان
پڄاڻيءَ تي ٿو پهچائي ته: ”جيستائين شهنشاهه مندرن
کي تباه ڪرڻ جو کليو اعلان نٿو ڪري، تيستائين ڪجهه
نه ٿيندو نه ته ٻي صورت ۾ ماڻهو پنهنجو
توڙي
قانونن جو دفاع پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪندا.
(*) هن کي 394-392 جي خانه جنگيءَ دوران شهنشاهه تسليم ڪيو
ويو.
(60)
وِٽ ائمبروز ۾ پالينَس (باب- 26) آگسٽائين (ڊي
سوِٽيٽ 26،
v) ٿوڊوريٽ (24،
v).
(61)
لبانيَس، ’قانونن ۽ اصولن‘ کي اذيتن ڏيڻ جي
ِرٿَ سان ٿو وڃي ملائي ته ٿوڊوسيَس
اهڙا
قانون ٺاهيا. (مندرن جي تاريخ ص- 32) هي هڪ اهڙو چرچو
هو جيڪو بيحد خطرناڪ ثابت ٿئي ها ۽ شايد شهنشاهه
ته ان مذاق کي سچو سمجهي، کانئس صلاح مشورا به وٺن
ها.
(62)
هي ننڍڙو فقرو لاطيني يا يوناني زبان ۾ لکيل آهي
جنهن جو ترجمو نٿو ڪري سگهجي. (سنڌيڪار)
(63)
لبانيَس (مندرن جي تاريخ ص- 32) کي فخر آهي ته
ٿوڊوسيَس ان ماڻهوءَ کي سڃاڻي ويو جيڪو سندس
موجودگيءَ ۾ به جوپيٽر جو قسم کڻي پئي سگهيو. پر
هن قسم جي حاضري رڳو لفظي حاضريءَ کان وڌيڪ ڪجهه
به نه هئي.
(64)
زوسيمَس جيڪو پاڻ کي نواب سڏائيندو هو ۽ حڪومت جو
وڪيل به هو، عيسائي شهنشاهن کي تعصب ۽ نفرت منجهان
گاريون ٿو ڏئي؛ هو ان حد تائين وڃي ٿو جو پنهنجي
حاڪم جي پيءُ کي به نٿو بخشي ۽ ان خلاف به گارگند
جو وسڪارو لائي ٿو ڏئي. سندس تحريرون شايد ٿوري
تعداد ۾ ۽ خانگي طرح سان ماڻهن تائين پهتيون ڇو ته
اوئگريَس (42-40،
iii) کان اڳ اُهي عيسائي مورخن جي جوابي حملي ۽ گارگند کان بچي
ويون جيڪي ڇهين صدي عيسوي جي آخر تائين اُتي رهندا
هيا.
(65)
آفريڪا جي لامذهب ماڻهن اڃا تائين شڪايتون ٿي ڪيون
ته وقت جي نزاڪت کين اجازت نٿي ڏني ته ’خدا جي
شهر‘ خلاف هو آزاديءَ سان جواب ڏئي سگهن (جنهن ۾
رهي ڪري سينٽ آگسٽائين عيسائيت جو دفاع ڪندو هو) ۽ نه وري سينٽ
آگسٽائين
ان الزام جو جواب ڏئي سگهيو هو. (26،
v).
(66)
اسپين جا مسلمان
جيڪي هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصو مخفي طرح
سان پنهنجي مذهب سان لاڳاپيل رهيا، وٽن قرآن جهڙو
ڪتاب هو ۽ عربي زبان ڳالهائيندا هيا. پر سندن اتان
نيڪاليءَ جو قصو نهايت ئي دلچسپ آهي. (متفرقات،
198، 1،
i)
نوٽ: فاضل مصنف اسپين ۾ مسلمانن جو عرصو
بجاءِ اٺ صديون يا اٺ سو سال لکڻ جي خبر ناهي ائين
ڇو لکيو آهي ته ’هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصو‘. اهو
سندس فقرو نه رڳو نامناسب پر غلط آهي. (سنڌيڪار).
(67)
جيڪي لامذهب آهن.... (پر اسان کي يقين نٿو اچي ته
اُنهن جو وجود آهي وغيره) ٿوڊوسيَن ضابطو (22،
xvi,x ۽ 423ع) ننڍي ٿوڊوسيس بهرحال اها ڳالهه مڃي ورتي هئي ته
سندس فيصلو وقتائتو نه هيو.
(68)
فيلسوف ايڊيسيَس جي زندگيءَ ۾ يونئپيَس کي ڏَسو؛
وري اڳتي هلي يوسٽئٿيَس ۾ هو لامذهبيت جي مڪمل
برباديءَ جي پيشنگوئي ٿو ڪري ۽ چوي ٿو: ”هڪ خاص
نقشو يا ائين کڻي چئجي ته زمين جي خوبصورت شين تي
ڪاراڻ ڇانئجي ويندي ۽ اُنهن جو ڪوبه روپ نه
هوندو.“
(69)
ڪئيئَس (يوسيبيَس- عيسائي تاريخ 25،
ii)
روم جو هڪ نائب پادري هو جيڪو زيفرينَس جي دؤر ۾ رهندو هو. (219-202ع) ۽ اُهوئي وهمن وسوسن بابت هڪ مستند
شاهد آهي.
(70)
ڪرسوسٽم (ٽام-i جنهن کي نوو ايڊٽ ڪيو) بنيڊڪٽ (xiv) چوڏهين جو ذاتي طور شڪرگذار آهيان جوهن سال 1750ع جي جشن
تي هڪ اهڙو خط لکيو هو جيڪو مکيه پادريءَ جي شان
وٽان هيو. هن سلسلي ۾ ايم.
چَئس
جا دلچسپ خطَ به مطالعي هيٺ آڻيو. (ٽام-
iii)
(71)
حاشيي جو هي ننڍڙو ٽڪرو به يوناني
يا
لاطيني ٻولي ۾ آهي جنهن جو سنڌي ترجمو نٿو ڪري
سگهجي (سنڌيڪار)
(72)
جيروم (122،
ii) هنن ترجمن جو شاهد آهي جنکي عيسائي تاريخدانن اهميت نه ڏني هئي پاتري
۾ سينٽ ائنڊريو جي جذبن کي آڪائيا جي هڪ تحرير ۾
بيان ڪيو ويو آهي جن کي بئرونيَس (عيسائي تاريخوار
واقعا 60ع، نمبر 35) تي سچو ٿو سمجهي پر ٽليمانٽ
اُنهن کي رد ڪري ٿو ڇڏي. سينٽ ائنڊريو کي قسطنطنيہ
جي هڪ روحاني پايو وجهندڙ طور تسليم ڪيو ويو هو.
(عيسائي يادگيريون 594-588، 323-317،
i).
(73)
جيروم (122،
ii) سئموئل جي ترجمي کي وڏي مان شان سان بيان ٿو ڪري جنهنکي ان وقت جي تاريخوار واقعن ۾ پڙهي سگهجي
ٿو.
(74)
نائب پادري وجيلئنٽيَس جيڪو هڪ پروٽيسٽنٽ عيسائي
هو، مضبوط ارادي پر ناڪام ڪوشش سان، ٻاوَن جي وهمن وسوسن، سندن بزرگن، اُنهن
جي تبرڪن، روزن ۽ عبادتن وغيره جو مقابلو ڪري رهيو
هو، ان ڪري جيروم سندس ڀيٽ هائڊرا، سربيرس ۽
سينٽئورس وغيره سان ٿو ڪري ۽ کيس شيطان جو هڪ
ايجنٽ ٿو ڪوٺي. (126-120،
ii)
جيڪوبه ماڻهو
سينٽ جيروم ۽ وجيلئنٽيَس جي هڪ ٻئي سان مخالفت جو
مطالعو ڪندو، ۽ سينٽ آگسٽائين طرفان ٻڌايل سينٽ اسٽيفنز جي معجزن جو جائزو وٺندو ته کيس مکيه
پادرين (فادرس) جي جذبن جو پاڻهئي پتو پئجي ويندو.
(75)
ايم. ڊي بيوسوبر (هڪ تاريخ 648،
ii)
سمرنا جي هڪ مذهبي ماڻهوءَ جي نيڪ نيتي جي مشاهدي
کي به دنياداري طرف وٺي ويو آهي جنهن وڏي احتياط
مان سينٽ پالي ڪارپ شهيد جي تبرڪن کي محفوظ ڪيو
هو.
(76)
ٽورس جي مارٽن (ڏسو سلپيشيَس
سيورَس طرفان سندس زندگي بابت تحرير، باب- 8) هڪ
مئل ماڻهوءَ جي واتان هڪ اعتراف ڪرايو
ويو
هو. غلطي هڪ فطري معلوم ٿئي ٿي ۽ ان بابت
انڪشاف معجزاتي آهي. ٻنهي مان ڏسجي ته ڪهڙو اڳ ۾ ۽
ڪيترا ڀيرا ٿو ٿئي؟
(*) ٿوڊوسيَس-II جيڪو 450-408ع تائين شهنشاهه هو.
(77)
ليوسيَن پنهنجو اصلي مضمون يوناني زبان ۾ لکيو
جنهن جو ترجمو ائويٽَس ڪيو ۽ بئرونيَس ان کي
ڇاپيو. (عيسائي تاريخوار واقعا- 415ع نمبر 16-7)
سينٽ آگسٽائن ۽ سينٽ بينيڊڪٽ جي ايڊيٽرن اهڙن
تحريرن جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ڇپرايون پر اُنهن
جون پڙهڙيون الڳ الڳ هيون. ڪوڙ جي خاصيت هوندي ئي
اهڙي آهي ته ان کي پير نه هوندا آهن ۽ ڦرڻو گهرڻو هوندو آهي. ان روايت جي ناقابل اعتبار
ڳالهين کي ٽليمانٽ گهڙي، پالش ڪري ۽ نرم ڪيو ته
جيئن ماڻهو ويساهه ڪري سگهن. (عيسائي يادگيريون-
9،
ii)
(78)
سينٽ اسٽيفن جي رت جي پيالي کي هر سال نئپلس ۾
پاڻياٺ ۾ تبديل ڪيو ويندو هو ۽ اهو سلسلو تيستائين
جاري رهيو جيستائين سينٽ جئنوريَس سندس جڳهه ورتي.
(رئناٽ- اذيتن جي تاريخ- وئنڊل ص- 529).
(79)
آگسٽائين ’شهري زندگي ۽ ان جا اصول‘
بابت ٻاويهه ڪتاب فقط تيرهن سالن جي عرصي ۾ لکي
ورتا (426-413ع) (ٽليمانٽ- عيسائي يادگيريون- 608،
xiv وغيره)سندس علم گهڻو ڪري ڌاريو آهي ۽
سندس دليل هنجا پنهنجا آهن، پر سندس سڄو ڪم شاندار
طريقي سان ٿيل آهي جنهن کي هن وڏي محنت ۽ نفاست
سان مڪمل ڪيو آهي.
(80)
آگسٽائين کي ڏسو ’شهري زندگي ۽ ان جا اصول‘ ۾ (22،
xxii)
۽ ٻيو سندس واڌارو ڪم پڻ ڪيل آهي جنهن ۾ سينٽ
اسٽيفن جا معجزن بابت ٻه ڪتاب پڻ شامل آهن جن کي
اُزالِس جي پادري اِووديَس ترتيب ڏنو هو. هن سلسلي
۾ فريڪلفس هڪ مشهور محاورو، جيڪو گال يا اسپيني
زبان جو آهي، ڪتاب ۾ درج ڪيو آهي. (بسنيج- جوئفس
جي تاريخ 249،
viii)
اُهو محاورو هن ريت آهي: ”جيڪو ماڻهو به اِها
دعويٰ ٿو ڪري ته هن سينٽ اسٽيفنز
جا سڀئي معجزا پڙهيا آهن ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“
(81)
برنيٽ ڪوشش ڪندي وڏن پادرين (فادرس) جا ويچار پاڻ
وٽ قلمبند ڪيا آهن جيڪي انسانن جي نِنڊ، خوابن يا
آرام سان سُمهي رهڻ ۽ سندن روحاني ڪيفيتن جي باري
۾ آهن جيڪي سندن زندگيءَ کان قيامت جي ڏينهن تائين
ڦهليل آهن. پرپوءِ هو هن سلسلي ۾ ايندڙ مشڪلن ۽
مسئلن (صفحا 91 وغيره) جوذڪر ٿو ڪري ته جيڪڏهن
اُنهن ماڻهن مانائتي ۽ ڪم واري زندگي گذاري هوندي
ته پوءِ سندن خيالن جي اهميت شايد اوتري نه رهندي.
(82)
وجيلئنٽيَس پيغمبرن ۽ شهيدن جي روحن کي يا ته حضرت
ابراهيمؑ جي دل ۾ جڳهه ڏني (ته سدائين سُڪون ۾ رهن) يا وري رب العزت
طرفان ترتيب ڏنل قربانگاهه جي پناهن ۾ سندن جڳهه
جو تعين ڪيو ويو. (اُهي پنهجن مقبرن ۾ هن وقت
تائين هوندائي ڪين ڇو ته اُنهن جتي پاڻ
چاهيو هو اُهي
اُتي
ئي هوندا.) پر جيروم (122،
ii)
هن بدعت واري غلط ڳالهه جي سختيءَ سان ترديد ٿو
ڪري: ”ڇا اوهان الله پاڪ تي پنهنجا قانونَ
مڙهيندوء؟ ڇا اوهان حوارين کي زنجيرن ۾ جڪڙي
ڇڏيندوء ته اُهي قيامت تائين قيد جي ٻوسٽ ۾ بند
رهن ۽ اوهان سمجهو ٿا ته اُهي پنهنجي وڏي آقا کان
پري هوندا ۽ ان جي صحبت ۽ شفقت جي ڇانوَ ۾ نه
هوندا؟ هنن عام ماڻهن لاءِ (جيڪي سمجهه
سوچ کان خالي آهن) مشهور آهي ته ’اُهي رِڍ جي
پٺيان هلندا آهن ته رِڍ
جيڏانهن به وڃي، اُهي ان جي پٺيان پيا هلندا.
جيڪڏهن رِڍ
هر جڳهه تي موجود آهي ته پوءِ جيڪي رڍ سان گڏ ۽ ان
جي پويان هلن ٿا ته اُهي پنهنجي لاءِ به ايئن ٿا
سمجهن ته اُهي به هر جڳهه تي موجود آهن. ياد رکجو
بدروح ۽ شيطان سڄي دنيا ۾ پنهنجو گشت
ڪندا رهن ٿا.
(83)
فلَري (عيسائي تاريخ تي مذاڪرو- 80،
iii).
(84)
منورڪا
وٽ، سينٽ اسٽيفن جي
تبرڪن فقط اٺن ڏينهن ۾ 540 يهودين کي مذهب
مٽائڻ تي مجبور ڪيو پر ان ۾ ڪجهه سختيون به شامل
هيون جيئن يهودين جون ڪجهه عبادتگاهون ساڙيون ويون
۽ ڪجهه لامذهب ماڻهن کي گهرن مان تڙي ٻاهر ڪڍيو
ويو ۽ کين جبلن جي چوٽين تي موڪليو ويو ته ڀلي وڃي
بُکون کاٽين؛ وڌيڪ تفصيلن لاءِ منورڪا جي پادريءَ
جو اصلي خط ڏسو (سينٽ آگسٽائين ۾) ۽ ان سان گڏ
بسنيج جو تبصرو پڻ پڙهڻ وٽان آهي. (251-245،
viii)
(85)
مسٽر هيوم (مضمون- 434،
ii)
هڪ فيلسوف جيان، گهڻن خدائن جي عبادت توڙي هڪ خدا
۽ عقيدي ۾ تبديلين کي غور سان جاچي ۽ پروڙي ٿو.
(86)
ڊي آبين (ڏسو سندس پنهنجيون يادگيريون صفحا
160-150) هُن پاڻ، هگناٽ وزيرن جي مشوري سان 400
سالن تائين عقيدي جي حڪمراني آڇي هئي. ڪارڊينل
پئرن هروڀرو چاليهن سالن تائين معاملي کي
اينگهايو، پر پوءِ سندس ڳالهه کي مڃيو ويو. بهرحال
ڪنهن به ڌُر کي ان بيوقوفيءَ جي ڳالهه مان ڪو
فائدو ڪونه ٿيو.
(87)
جيڪا عبادت ٽرٽوليَن، لئڪٽئنٽيَس ۽ آرنوبيَس وغيره
ڪئي، اُها ايتري ته صاف، سچي ۽ روحاني هئي جو
لامذهبن خلاف سندن تقريرون ڪڏهن ائين لڳندو هو ته
ڄڻ يهودين جي ڏِڻن ۽ تقريبن جي خلاف هيون.
(88)
فاسٽَس، جيڪو مئنيڪيَن مذهبي سرشتي سان تعلق رکندو
هو، ڪئٿولڪ عيسائين کي سندن بت پرستيءَ تي ٽوڪي
ٿو. ”توهان بتن کي
شهيدن
وارو رتبو ڏيو ٿا تنهنڪري اوهان اُنهن جي پوڄا ٿا
ڪريو.“ (ايم- ڊي- بيوسوبر- مئنيڪيَنس جي تنقيدي تاريخ (700-629،
ii)
(89)
وهمن وسوسن جي هڪ جهڙائيءَ، جنهن جي ڪاپي نٿي ڪري
سگهجي، کي يا ته جپان يا وري ميڪسيڪو ۾ ڳولي سگهجي ٿو. واربرٽن کي ان قسم جو
خيال سڀ کان پهريون آيو پر پوءِ پنهنجن خيالن کي
پاڻ ئي بگاڙي ٿو ڇڏي ۽ اُنهن کي عام ماڻهن سان
لاڳو ڪري ٿو ڇڏي (خدائي قانون 126،
iv وغيره)
(90)
لامذهبيت جو نقل درحقيقت ڊاڪٽر مڊلٽن جي خط جو
موضوع آهي جيڪو هن روم ۾ لکيو هو. واربرٽن جي لعنت
ملامت کيس مجبور ڪيو ته ٻن مذهبن جي تاريخ کي هڪ
ٻئي سان ملائي ڇڏي ته ساڳي وقت کيس عيسائي نقل جي قدامت
کي به ثابت ڪرڻو هو. |