سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:6

واقعن جو تسلسل بگڙي ويو يا وري اُنهن کي لڪايو ويو يا وري اُنهن کي وولگا کان وِسٽولا تائين نيو ويو جنهن ۾ هڪ انڌاري وارو وقفو به شامل هو جيڪو چين جي آخري حدن کي روم جي جاگرافي کان ڌار ڪري ٿو. ان هوندي به بربرن جي جيڪا طبيعت هئي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن هجرت ڪرڻ جو جيڪو لڳاتار سندن تجربو رهيو ان مان ظاهر ٿيو ته هُنن (Huns) جن کي جُوگن جي هٿيارن تمام گهڻو پريشان ڪيو هو، اُهي ان فاتح کان هڪدم پري هليا ويا جيڪو سندن بيعزتي ڪندو رهندو هو. ايگزين طرف جيڪي ملڪ هيا اُهي اڳيئي سندن برادريءَ وارن ماڻهن والاري ڇڏيا هيا، تنهنڪري اوڏانهن وڃڻ ۾ اُنهن تڪڙ اهڙي ڪئي جهڙوڪر اُتي حملو ڪيائون ۽ پنهنجي رهڻ لاءِ اهڙا زرخيز ۽ هموار ٿيل پَٽ ڳولي لڌائون جن منجهان وِسٽولا ندي وهندي وڃي بالٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اُتر جا ملڪ يقيني طرح سان هُنن (Huns) جي حملي سان ڇرڪي ويا هوندا ته ساڳي وقت پريشان پڻ ٿيا هوندا ۽ جن قومن هنن اڳيان پنهنجي آڻ مڃي هئي ته اُنهن جا ماڻهو اتان لڏي جرمني جي سرحدن جي ويجهو وڃي آباد ٿيا.(65) اهڙن علائقن جا رهواسي جن کي قديمي ماڻهن سُووِي، وئنڊل ۽ برگنڊي جي نالن سان سڏيندا هيا، اُنهن وري پنهنجا ٻيلا ۽ ڌٻڻيون سرماٽيا جي رُولو ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ گهڻي تعداد ۾ روم جي شهنشاهت جي مختلف صوبن ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪيائون.(66) جڏهن فاتح ٽولون پنهنجي لاءِ ’خان‘ جو لقب اختيار ڪيو هو ته ان کان پورا چار سال پوءِ هڪ ٻيو بربر جيڪو ضِدي روڊوگاسٽ يا رداگئسَس(67) جي نالي سان مشهور ٿيو، جرمني جي اُترين سرحد کان پيش قدمي ڪندي ذري گهٽ روم جي گيٽن تائين پهچي ويو ۽ پنهنجي فوج کي اُتي ڇڏيائين ته جيئن اولهه وارن ملڪن جي مڪمل تباهي ٿي وڃي. وئنڊل، سُووي ۽ برگنڊي جي قبيلن هن طاقتور بربر جو ساٿ ڏئي سندس طاقت وڌائي، پر الاني قبيلي جن پنهنجي نئين آباديءَ ۾ سڪون جو ساهه کنيو هو، اُنهن پنهنجي گهوڙيسوار فوج، جرمني جي طاقتور زميني فوج جي مدد لاءِ موڪلي ڏني، ۽ گاٿن جا مُهم جُو ماڻهو رداگئسَس جي جهنڊي هيٺان جمع ٿي ويا ۽ هڪ تاريخدان بعد ۾ تبصرو ڪندي لکي ٿو ته رداگئسَس کي ڄڻ گاٿن جو بادشاهه ڪري مڃيو ويو. ٻارهن هزار ويڙهاڪ جيڪي عام يا هلڪڙا ماڻهو نه هيا پر پنهنجي مٿاهين ڄم ۽ عظيم ڪارنامن سبب، رهبر جي حيثيت ۾(68)  سڄي سٿ ۾ چمڪيا ٿي ۽ سندن تعداد لڳ ڀڳ ٻن لکن جيترو هو جيڪو وري عورتن، ٻارن ۽ غلامن جي شامل ٿيڻ ڪري چئن لکن تائين پهچي ويو بالٽڪ جي ڪنارن تان بيشمار ماڻهن جو قافلو روانو ٿيو جنهن ۾ سمبري ۽ ٽيٽونس قبيلن جا لشڪر پڻ شامل هيا ۽ سڀئي گڏجي جمهوريه جي طاقت* جي ڏينهن ۾ روم ۽ اٽلي تي حملي ڪرڻ لاءِ پيش قدمي ڪندا رهيا. بربرن جي رواني ٿيڻ کان پوءِ، سندن اباڻو ملڪ جيڪو ڪڏهن قلعن ۽ بندرگاهن سبب عظمت جو اُهڃاڻ هو،(69) ڪجهه زماني تائين اڪيلائيءَ جي مغموم ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو هو، جيستائين وري انسانذات ۾ نوَن نسلن جي آمد ٿي ۽ اُهو اڪيلائي وارو خال نوَن رهواسين سبب ڀرجي ويو. اُهي قومون جيڪي ٻين ماڻهن جي زمينن يا ملڪيت تي قبضو ڪن ٿيون ته کين هڪدم خبر پوندي ته مفلسي کان تنگ آيل سندن پاڙيسري جلد ئي سندن خبر لهندا ۽ اهو سلسلو تيستائين جاري رهندو جيستائين يورپ جي حڪومت جائز دعويدارن جي حقن ۽ سندن ملڪيت جي پوريءَ طرح حفاظت نٿي ڪري.

ان زماني ۾ قومن جو هڪ ٻئي سان رابطو ايترو ته اڻپورو ۽ مشڪوڪ هيو جو اُتر جي انقلاب جي شايد روينا جي ڪئمپ ۾ تيستائين خبر ئي نه پئي هجي، جيستائين بالٽڪ جي ڪنارن تي گڏ ٿيل ڪارونڀار ڪڪر گجگوڙون ڪري مٿانهين دنيوب تي وسي نه پيا هجن. اولهه جي شهنشاهه جي وندر ورونهن جي گهڙين ۾ جهنگ جي خطري جي خبر تي شايد ڪجهه خلل پيو هجي، پر ان موقعي تي هُو مطمئن هو ڇو ته هاڻي هو خود ڄڻ تماشبين ٿي ويو هو.(70) روم جي حفاظت هاڻي ڪائونسلن ۽ اسٽيليچو جي ترار جي حوالي هئي. پر، شهنشاهت جي حالت، بدقسمتيءَ سان ايتري ته ڪمزور، ٽاڪُئين  ۽ ٿڪل ٿڪل هئي جو اُنهن لاءِ اِهو به ممڪن ڪونه هو ته دنيوب جي حفاظت جو بندوبست ڪن يا وري مڙسي ۽ مردانگي وارين ڪوششن سان جرمني جي حملي کي ٽاري سگهن يا بهادريءَ سان وڙهن.(71) هاڻي آنريَس جي بيدار دماغ وزير جون اُميدون فقط اٽلي جي بچاءَ ڪرڻ تي لڳل هيون. هن هڪ دفعو ٻيهر صوبن کي ڇڏيو، فوجن کي گڏ ڪيائين، نوَن جٿن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ اُنهن سان سختيءَ سان پيش آيو پر اُنهن اوتري ئي بزدليءَ مان پنهنجي جان ڇڏائي، ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪيائين ته جيڪي ڀاڄوڪڙ هيا، اُنهن کي فوج ۾ آڻڻ لاءِ لالچ ڏجي، کين گرفتار ڪيو وڃي، يا کين آزاديءَ جا تحفا آڇجن ۽ آخر ۾ غلامن کي به پنهنجي فوج ۾ شامل ڪرڻ تي هرهڪ کي سون جا ٻه ٻه ٽڪرا آڇيا ويا.(72) هيترن سارين ڪوششن لالچن ۽ منتن جي باوجود هيڏي ساري وڏي شهنشاهت مان فقط ٽيهن کان چاليهه هزار ماڻهو ڀرتي ٿي سگهيا، جيڪي اسڪيپيو ياڪئميلَس جي زمانن ۾ روم جي شهرين منجهان ئي ايترو يا ان کان وڏو تعداد خود پنهنجي مرضيءَ سان فوج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها.(73) اسٽيليچو جي ٽيهه هزار فوجين ۾ بيشمار بربر ۽ ٻيا مددگار جٿا به شامل ٿي ويا، باقي الاني قبيلي جا ماڻهو ته اڳيئي سندس وفادار ۽ سندس خدمت ۾ حاضر هيا؛ ۽ هُنن (Huns) ۽ گاٿن جون فوجون جيڪي سندن پيش قدمي ڪري رهيون هيون، اُهي دلچسپي توڙي ناراضگيءَ مان رداگئسَس جي ارادن جي مخالفت ڪري رهيون هيون. جرمني جي گڏيل فوجن جو بادشاهه بغير ڪنهن روڪ يا رنڊڪ جي اُتان گذري ويو ۽ ائلپس، پو (Po) ۽ ائپينائن به پار ڪري ويو. هڪ طرف آنريَس جو محلات هو جتي پهچڻ ناممڪن هو ڇو ته اُهو روينا جي ڌٻڻن ۾ ڍڪيل يا پوريل هيو ۽ ٻي طرف اسٽيليچو جي ڪئمپ هئي جنهن پنهنجو هيدڪوارٽر ٽِسينم يا پاويا ۾ قائم ڪيو هو، پر هن تيستائين فيصلائتي جنگ نه پئي ڪرڻ چاهي جيستائين هو پنهنجا اُهي فوجي هڪ هنڌ گڏ ڪري وٺي جيڪي پري سرحدن تي مقرر ٿيل هيا. اٽلي جي ڪيترن شهرن کي تاراج ۽ تباهه ڪيو ويو ۽ رداگئسَس طرفان فلورينس(74) جو گهيرو، روم جي جمهوريه جي تاريخ جي شروعاتي دؤر جو آهي ۽ سندس عزم ۽ همت، بربرن جي بدنظميءَ سبب کين پوئتي ڪري ڇڏيو. رداگئسَس جي فوج جڏهن روم کان فقط هڪ سو اسي ميل پري هئي ته جمهوريه جي سينيٽ توڙي عوام ۾ خوف ۽ هراس جي لهر ڊوڙي وئي ۽ هن ٻن خطرن جي ڀيٽ ٿي ڪئي، هڪ بلڪل تازو هو جنهن مان اتفاق سان هو بچي ويا هئا ۽ ٻيو خطرو جيڪو سندن سِرن مٿان اچي ڪڙڪيو هو جنهن کان سڄي ملڪ جا ماڻهو هراسيل هيا. اَلارِڪ عيسائي هئڻ سان گڏ هڪ جنرل به هيو جيڪو هڪ اهڙي فوج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو جيڪا نظم ۽ ضبط جي پابند هئي، هو جنگ جي قانونن کي چڱيءَ طرح سمجهندو هو ۽ صلحنامن جي تقدس جو احترام ڪندو هو ۽ جنهن ساڳين ڪئمپن ۽ گرجائن ۾ شهشاهت جي رعيت سان ڳالهايو هو. سندس مقابلي ۾ رداگئسَس هڪ جهنگلي ڄٽ هو جنهن کي جنگي نظم ۽ ضبط يا اخلاق ۽ تهذيب جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي، نه وري کيس هِتان جي ماڻهن جي مذهب يا زبان بابت ڪو علم هو ۽ نه وري ڏکڻ جي مهذب قومن جي اٿڻي ويهڻي يا تهذيب جي ڪا کيس خبر هئي. سندس سخت مزاجي ويتر وهمن وسوسن جي ظالماڻن روَين سبب اڃا بگڙي چڪي هئي ۽ ماڻهن ۾ اها ڳالهه عام ٿي وئي هئي ته هن قسم کنيو هو ته سڄي شهر کي برباد ڪري ان کي پٿرن ۽ خاڪ جي ڍير ۾ بدلائي ڇڏيندو ۽ روم جا جيڪي مشهور سينيٽر هيا اُنهن جي قرباني اهڙن ديوتائن اڳيان وڃي ڏيندو جيڪي فقط انساني رت وهائڻ سان خوش رهندا هيا. عوام جي لاءِ خطري واري هيءَ صورتحال، مقامي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان ملڻ جلڻ ڪري خودبخود ٽري وڃي ها، پر نئين مذهبي جنون سبب ماڻهو سخت حيران پريشان ٿي ويا هيا. جوپيٽر ۽ عطارد ديوتا جا مظلوم پوئلڳ، جن روم جي هن بدترين دشمن کي هڪ عقيدتمند لامذهب ٿي ڪوٺيو ۽ سندس عزت به ڪيائون ٿي، پر پوءِ به هو ايترا ته خوفزده هيا جو هنن وڏي آواز مان اعلان ڪيو ته رداگئسَس جي فوجن جي مقابلي ۾ هو رت جي قربانين کان وڌيڪ ڊِنل هيا پر ساڳئي وقت هو پنهنجي ملڪ کي مصيبتن ۾ وڪوڙيل ڏسي پنهنجي اندر ۾ خوش به ٿي رهيا هيا ڇاڪاڻ ته سندن ملڪ عيسائين جي مذهب کي نِنديو هو.(75)

فلورينس کي ڪافي نقصان پهتو هو ۽ شهرين جي مايوسيءَ جي باوجود هنن حوصلو نه هاريو هو؛ ويتر سينٽ ائمروز جي خواب کين همت ڏياري هئي جنهن ۾ هن ڏٺو هو ته فلورينس جا شهري جلد تڪليفن کان آجا ٿي خوش ۽ سَرها ٿيندا.(76) اوچتو ئي اوچتو هنن پنهنجي ديوارن منجهان اسٽيليچو جا جهنڊا ڏٺا جيڪو ڌوڪيندو اڳتي وڌي رهيو هو ته جيئن مصيبت ۾ آيل شهر وارن جي مدد ڪري سگهي، نه رڳو ايترو پر هن هڪدم هڪ جڳهه تي نشان لڳايو ۽ اعلان ڪيائين ته ان هنڌ تي بربرن جي ميزبان جي قبر ٺهندي. اڳتي هلي مختلف ليکڪن رداگئسَس جي شڪست تي پنهنجا جدا جدا رايا ڏنا آهن جيڪي ڪٿي ڪٿي هڪ ٻئي جي ٽڪراءَ ۾ پڻ آهن ۽ ان لڙائيءَ بابت مليل شاهدين ۾ به تضاد آهن. بهرحال اوروسيَس ۽ آگسٽائين جيڪي مذهب ۽ پنهنجي ذاتي دوستيءَ سبب هڪ ٻئي جي ويجها هيا، هن فتح کي جنرل جي بهادري جي بجاءِ ربي ڪرشمو ڪوٺين ٿا.(77) اُهي ڪنهن اتفاق يا رت جي وهڻ جي امڪان کي به رد ڪن ٿا ۽ يقين سان چون ٿا ته رومين جي ڪئمپ خود ڀي سُستي ۽ نراسائيءَ جو شڪار هئي پر تڏهن به هو بربرن جي تڪليفن ۽ سندن غمناڪ ڪيفيت ڏسي خوش پئي ٿيا ڇو ته اُهي آهستي آهستي فلورينس جي ٽڪرين ۾ مرندا رهيا، اهي ٽڪريون فلورينس شهر جي مٿان لياڪا پائي رهيون هيون. پر اُنهن جو اهو چوڻ ته عيسائي فوج جو هڪڙو سپاهي به نه مئو هو ۽ نه زخمي ٿيو هو، سراسر غلط آهي، البت آگسٽائين ۽ اوروسيَس جو باقي بيان جنگ جي حالتن ۽ اسٽيليچو جي ڪردار سان مطابقت رکي ٿو. کيس خبر هئي ته هو روم جي جمهوريه جي شايد آخري فوج جي ڪمان ڪري رهيوهو، پر دورانديشيءَ جي گهرج اها هئي ته ان راز کي ٻين ماڻهن اڳيان نه کولي ڇاڪاڻ ته جرمن فوج جا دشمن سندس سرحدن تي موجود هيا. سندس ڪامياب فوجي حڪمت عملي اها هوندي هئي ته هو دشمن فوج جي چوڌاري قلعا ٺاهي اُنهن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيندو هو، ڇو ته ساڳي حڪمت عملي هن ٻه ڀيرا گاٿن جي بادشاهه تي آزمائي هئي ۽ هاڻي به هن وڌيڪ هوشياريءَ سان ان کي ٻيهر آزمايو. سيزر جا مثال روم جي هر ماڻهوءَ کي ياد هيا ۽ جاهل ويڙهاڪن کان پڻ اُهي نه وسريا هيا ۽ ڊراچيم جا قلعا* جن ذريعي چوويهن ميلن جي کاهيُن ۽ دفاعي مورچن جي سلسلي کي ڳنڍيو ويو هو ۽ ٻي جڳهه تي وري پندرهن ميلن جو ساڳيو سلسلو ڳنڍيل هيو ۽ فوجين جي مورچابندي اهڙي تدبير سان ڪئي وئي جن ذريعي بربرن کي قيد ڪري رکجي ته جيئن هو گهڻي ۾ گهڻي تعداد ۾ بُکن وِگهي مري کپي ۽ ختم ٿي وڃن.(78) رومي فوجي پنهنجي پيشي جي لحاظ کان ته ايترا نه بگڙيا هيا پر پنهنجن وڏڙن واري بهادري جا جوهر منجهن نه رهيا هيا. انجو شايد سبب اهو به هيو ته محنت مزدوري وارن ڪمن ڪرڻ کان هو ڪيٻائيندا هيا ڇو ته ان پيشي کي هو عزت ۽ فخر جي خلاف سمجهندا هيا؛ اهڙي صورتحال ۾ ٽسڪني اهڙو صوبو هو جيڪو هزارين ڪڙمي ڪاسبي ۽ مزدور مهيا ڪري پئي سگهيو، پر اُهي محنت مشقت ته ڪري ٿي سگهيا پر پنهنجي ملڪ جي بچاءَ خاطر وڙهي نٿي سگهيا. بيشمار ماڻهو ۽ گهوڙا،(79) جن کي قيد ۾ رکيو ويو هو، ڏڪار پوڻ سبب ترار جي ڌڪ کان سواءِ ئي پنهنجي موت مري ويا، پر رومي سندن اُٻهري دشمن آڏو جلد وائکا ٿي پيا ڇو ته هن سندن ڪم ڪار ۽ هر چُرپر تي نظر ٿي رکي. بکايل بربرن جي نااُميدي شايد اسٽيليچو جي دفاعي مورچن خلاف کين ’کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ‘ واري قدم کڻڻ تي مجبور ڪري، ۽ جنرل به شايد اوچتو پنهنجن بهادر مددگار جٿن کي جوش ڏياري ۽ اُهي پڻ جرمن فوجين تي حملي ڪرڻ لاءِ رڳو حڪم ملڻ جا منتظر هيا، ۽ ان ڳالهه جو به امڪان هو ته جوش جذبن جي گرمي ۾ اهڙا حادثا پيش اچي وڃن جيڪي سخت خون خرابي جو باعث بڻجن ۽ اهڙن ئي واقعن زوسيمَس جي بيان ۽ پراسپر ۽ مارسلينَس جي لکڻين کي گهڻي زينت بخشي آهي.(80) فلورينس جي شهر ۾ ٻاهر کان بيشمار ماڻهو آندا ويا هيا ۽ ڪافي حد تائين کائڻ پيئڻ جي سيڌي سامان کي به ڪٺو ڪيو ويو هو، هوڏانهن وري بُک ۾ پاهه ٿيل رداگئسَس جو گهيرو ڪيو ويو. ڪيترين قومن جي نمائندگي ڪندڙ مغرور حاڪم، پنهنجن بهادر سپاهين جي مارجڻ کان پوءِ هاڻي ايترو ڪمزور ۽ بيوس ٿي ويو هو جو هاڻي پيش پوڻ يا اسٽيليچو کي رحم جي درخواست يا نرمي جي ورتاءُ جي التجا ڪرڻ کان سواءِ وٽس ٻيو ڪو به چارو ڪونه هو.(81) پر سندس سِرُ ڌَڙ کان ڌار ڪيو ويو ۽ هن شاهي قيديءَ جي ذلت واري موت روم جي آبرو عزت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ عيسائيت کي به داغدار ڪري ڇڏيو ۽ رداگئسَس جي موت ۾ جيڪا دير ڪئي وئي هئي، ان فاتح کي مٿس ڄاڻي واڻي ظلم ڪرڻ جي الزام جو اڻمٽ داغ هڻي ڇڏيو هو.(82) بُک ۾ پاهه ٿيل جرمني جا ماڻهو، جيڪي مددگار جٿن جي ظلمن کان بچي ويا هيا، اُنهن کي ڀُڳڙن جي مٺ جيتري قيمت تي وِڪيو ويو يعني ڪيترن ئي ماڻهن کي سون جي فقط هڪ ٽڪري جي عيوض وڪرو ڪيو ويو، پر کاڌي ۽ آبهوا جي فرق اُنهن بدقسمت ڌارين ماڻهن کي بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ هڪ تجربو ڪيو ويو ته جيڪي غير انساني وصفن وارا انسانن جا خريدار هيا اُنهن کي اهو سودو مهانگو پئجي ويو ڇاڪاڻ ته اُنهن کي بند ڪرڻ ۽ سندن سيوا ڪرڻ جو پورو خرچ کين برداشت ڪرڻو پئجي ويو. اسٽيليچو پنهنجي شاندار ڪاميابين جي باري ۾ سينيٽ ۽ شهنشاهه کي اطلاع ڏنو ۽ اهڙي شاندار سوڀ ماڻڻ تي ٻيهر به کيس ’اٽلي کي نجات ڏياريندڙ‘ جو خطاب ڏنو ويو.(83)

هن سوڀ يا ايئن کڻي چئجي ته هڪ معجزي جي شهرت، هڪ اجائي بحث يا موضوع کي جنم ڏنو ته سڄي فوج يا جرمني جي قوم جيڪا بالٽڪ سمنڊ جي ڪنارن کان وڏا خواب پاڻ سان کڻي هلي هئي، فلورينس جي ديوارن اندر بريءَ طرح برباد ۽ تباهه ٿي وئي. اهوئي بدقسمتيءَ وارو مقدر رداگئسَس جو به هيو ته سندس بهادر ۽ وفادار ساٿين جو پڻ ساڳيو برو حال ٿيو جو سووي، وئنڊل، الاني ۽ برگنڊي قبيلن جا بيشمار ماڻهو هن جنگ ۾ مارجي ويا جيڪي آخر تائين پنهنجي جنرل جي جهنڊي سان وفادار رهيا هيا.(84) اهڙين فوجين جو ايڪو شايد اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏي پر سندن ٽُٽڻ يا هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃڻ جا ڪيترائي زوردار سبب هيا؛ مثال طور؛ ڄم جي برتري ۽ ان تي فخر، بهادريءَ جي وڏائي ۽ بي ادبي، حڪمن ملڻ تي حسد ڪرڻ، حڪمن مڃڻ ۾ اُٻهرائِپ، ۽ نظرين، دلچسپين ۽ جذبن ۾ هٺَ وارو تضاد جيڪو ڪيترن ئي بادشاهن توڙي سندن ويڙهاڪن ۾ موجود هو جن کي اها سکيا ئي نه ڏني وئي هئي ته وقت پوڻ تي پيش پوڻ ۽ حڪم مڃڻ زياده مانائتو هوندو آهي ڇو ته سنڌي زبان جي مشهور چوڻي آهي ته: ’جت پڄڻ ڪم پاهه، اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو.‘ رداگئسَس جي شڪست کان پوءِ، جرمن فوج جا ٻه حصا جيڪي لڳ ڀڳ هڪ لک کن ٿين ها، اُهي اڃا به فوج ۾ شامل هيا جيڪي ائپينائن ۽ ائلپس يا وري ائلپس ۽ دنيوب جي علائقن ۾ هيا. اها ڳالهه اڃا شڪ گاڏڙ آهي ته هنن پنهنجي ليڊر جي موت جي بدلي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي يا نه، پر سندن ڪاوڙ ۽ سخت ناراضگيءَ کي اسٽيليچو جي عزم ۽ سندس دورانديشيءَ ٿڌو ڪري ڇڏيو، هن سندن پيش قدميءَ جي مخالفت ڪئي، ۽ پوئتي هٽڻ ۽ آسانيءَ سان نڪري وڃڻ ۾ سندن مدد ڪئي ڇو ته هن جي خلوص واري خواهش اها هئي ته روم ۽ اٽلي جي هر صورت ۾ حفاظت ڪجي ته ساڳي وقت پري وارن صوبن جي به پوري سار سنڀار لهجي.(85) پنونيا جي بيابانن منجهان بربرن هن خطي ۽ ملڪ بابت ڪجهه ضروري ڄاڻ حاصل ڪري ورتي هئي، ته ساڳي وقت رستن ۽ پيچرن توڙي گال تي حملي ڪرڻ جي گُرن کي به معلوم ڪري ورتو هو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو الارِڪ، رداگئسَس جي بچيل بهادر فوج جي مدد سان گال تي ڪامياب حملو ڪيو.(86)

ان جي باوجود جيڪڏهن کين اهو آسرو هو ته جرمن قبيلا سندن مدد ڪندا جيڪي رائين جي ڪنارن سان لڳو لڳ رهندا هيا ته اها سندن آس اجائي نڪتي. اليماني قبيلي پنهنجي الڳ حيثيت قائم رکي ۽ اُن ڪنهن به ڌر سان نه مدد جي حامي ڀري ۽نه وري ڪنهن سان سندس دشمني هئي، باقي فرئنڪن جو اونو فقط اهو هو ته هو پنهنجو جوش ۽ جذبو فقط روم جي جمهوريه جي بچاءَ خاطر استعمال ڪندا. رائين کان ٿورو هيٺ ڪجهه انتظامي اڳڀرائي ٿي جيڪو ڪم اسٽيليچو جي اوليت ۾ شامل هو ته جيئن هو جنگجو فرئنڪ قبيلن کي پاڻ سان ملائڻ تي راضي ڪري وٺي ۽ اُنهن عنصرن کان هميشہ لاءِ پاڻ کي آجو ڪري جيڪي ضِدي ۽ هٺيلا هيا ۽ جن جمهوريه جي امن امان کي خراب پئي ڪيو. سندن هڪ بادشاهه مارڪومير کي روم جي مئجسٽريٽ سزا ڏني جنهن تي ماڻهن جي هجوم اڳيان تعميل ڪئي وئي ڇو ته هن صلحنامن کي ٽوڙيو هو. هن سان نرميءَ جو ورتاءَ ڪندي کيس ٽسڪني جي صوبي ۾ ملڪ بدر ڪيو ويو ۽ هڪ معتبر ماڻهوءَ جي ذلت هروڀرو اهڙي نه هئي جو سندس رعيت جا ماڻهو هن جي انتقام وٺڻ لاءِ اُٿي پون ۽ هُل هنگامو ڪن، پر تڏهن به سُنو نالي سان هڪ شخص بغاوت ڪئي ۽ هن پنهنجي ڀاءُ جو پاند ڪرڻ چاهيو جنهن وري اُنهن بادشاهن سان لڳ لاڳاپا رکيا جن کي اسٽيليچو جي مرضي ۽ منظوريءَ سان تخت تي ويهاريو ويو هو،(87) پر پوءِ سُنو کي بغاوت ڪرڻ تي موت جي سزا ڏني وئي. جڏهن گال ۽ جرمني جون حدون اُتر جي بيشمار ماڻهن جي لڏپلاڻ سبب صفا لُڏي ويون ته ان وقت فرئنڪن بهادريءَ سان وئنڊل قبيلن جي فوجي چرپر کي مردانگيءَ سان مُنهن ڏنو ڇو ته هنن تاريخ مان اڃا سبق نه سکيو هو ۽ ٻيهر پنهنجي فوج کي پنهنجي بربر اتحادين کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ سندن جهنڊي کي به ڇڏي ڏنو. اٻهرائي ۽ بيوفائي جي کين جلد سزا ملي وئي ۽ ويهه هزار وئنڊل پنهنجي بادشاهه گاڊگِسڪلَس سميت جنگ ۾ ماريا ويا. اُنهن جا سمورا ماڻهو يقيني طور تي تباهه ٿي وڃن ها پر الاني قبيلي جي هڪ فوجي جٿي جيڪو سندن مدد لاءِ آيو هو، فرئنڪن جي پيادل فوج کي سخت نقصان پهچايو. توڙي جو هنن همت سان مقابلو ڪيو پر جڏهن محسوس ڪيائون ته مقابلو غير برابري وارو هو ته ميدان ڇڏي ڀڄي ويا. فاتح اتحادين پنهنجي پيش قدميءَ کي جاري رکيو، ۽ سال جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن رائين جو پاڻي ڄمي برف ٿي چڪو هو، اُهي بغير ڪنهن روڪ ۽ رڪاوٽ جي گال جي صوبن ۾ داخل ٿي ويا. هي هڪ يادگار موقعو هو جو سُووي، وئنڊل، الاني ۽برگنڊي جا قبيلا هڪ خطرناڪ مهم منجهان آسانيءَ سان اُڪري ويا ۽ ان کان بعد ڪڏهن به پنهنجي ساٿ کي ڇڏي نه ويا؛ شايد ائلپس کان اڳتي وارن ملڪن ۾ رومي شهنشاهت جي زوال جو اهو سبب هجي ته ٻن قومن ۽ نظرين جي وچ ۾ وڏيون رڪاوٽون هيون جن گهڻي عرصي کان وٺي زمين تي رهندڙ وحشي ۽ مهذب قومن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو هو ۽ ان موتمار لمحي کان سڀئي قبيلا ڄڻ مٽيءَ ۾ ملي ويا.(88)

هڪ طرف جرمني جي امن امان جو مسئلو، فرئنڪن جي گڏجڻ ۽ اليماني قبيلي جي لاتعلقيءَ سبب حل ٿي ويو، ٻي طرف روم جي رعيت جا ماڻهو جيڪي ايندڙ خطرن کان بلڪل بيخبر هيا، ماٺ جي ماحول ۽ خوشحاليءَ مان لطف اندوز ٿي رهيا هيا. پر امن ۽ سڪون جون اهڙيون نعمتون گال جي سرحدن تي اڻ لڀ هيون. اُنهن جي مال جي ڌڻن کي بربرن جي ٻنين ٻارن ۾ چَرڻ جي عام اجازت هئي ۽ سندن شڪارين کي، بغير ڪنهن خوف خطري جي هرسينيا جي اونداهن ٻيلن ۾ شڪار ڪرڻ جي به اجازت هئي.(89) رائين جا ڪنارا، ٽائيبر جي ڪنارن وانگر، شاندار عمارتن سان سجايل هئا ته وري پوکن ۽ ساوڪن جا وڏا فارم پڻ موجود هيا، ۽ جيڪڏهن ڪو شاعر نديءَ ۾ هيٺ لهي وڃي ها ته سندس حيرانيءَ جي حد ئي نه رهي جو کيس اها خبر نه پئجي سگهي ها ته روم جون سرحدون ڪهڙي طرف هيون.(90) امن، سڪون ۽ آسودگيءَ جو هي نظارو هڪدم برپٽ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ انسان جي مايوسي ۽ اڪيلائيءَ جو ويڳاڻو منظر دونهاٽيل تباهين مان نظر اچي رهيو هو. مينز* جي آباد شهر تي اوچتو حملو ٿيو ۽ هزارين بيقصور عيسائين کي بيدرديءَ سان چرچ ۾ قتل ڪيو ويو. اسٽراسبرگ، اسپائرس، رهيمس، ٽورني، اَراس ۽ امينس جي شهرن جرمني جي غلاميءَ جو طوق پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتو ۽ ظلمن جي چڪيءَ ۾ پيسبا رهيا، جنگ جا خطرناڪ شعلا ٻيهر رائين جي ڪنارن کان ڀڙڪو ڏئي گال جي سترهن صوبن ۾ هر طرف پکڙجي ويا، هيڏو سارو شاهوڪار ۽ تمام وڏو ملڪ، جيڪو سمنڊ کان شروع ٿي، ائلپس کي پاڻ ۾ سمائيندو پائرينيز تائين هليو ويو هو، بربرن جي حوالي ڪيو ويو ۽ اُهي هڪ گڏيل هجوم ۾ هڪ پادري، سينيٽر ۽ هڪ ڪنواريءَ سان گڏ کين وٺي ٿي ويا ۽ ساڻن ڦُرلٽ جو مال به ڪافي انداز ۾ هو جيڪو بربرن، هنن جي گهرن ۽ قربانگاهن کي تاراج ڪري هٿ ڪيو هو.(91) ڪليسائي ماڻهن جا اسين ٿورائتا آهيون جو اُنهن تڪليفن ۽ مصيبتن بابت وڏو وڌاءُ ڪري ’نوڙيءَ مان نانگ‘ کڻي ٺاهيو هو، هاڻي پنهنجن ئي عيسائين تي زور ڀريو ويو ته پنهنجي گناهن تي پشيمان ٿين ڇو ته سندن ڪرتوتن ربي انصاف کي ناراض ڪري ڇڏيو هو ۽ غريبن مسڪينن جي ننڍڙي ملڪيت تان هٿ کڻن ته ساڳئي وقت هن ڌوڪيباز ۽ دورنگي دنيا کي به ڇڏي ڏين. پر پيليجين* تضاد،(92) جيڪو مقدر جي اٿاهه رازن بابت ڪي پردا کڻي ٿو لاطيني پادريءَ جي ور چڙهي ويو. رب العزت جيڪو ڪجهه مقدر ۾ لکيو هو، اڳواٽ فيصلو ڪري ڇڏيو هو يا فطري نيڪي ۽ بديءَ جي جيڪا گنجائش رکيل هئي ان جو پادريءَ طرفان اڻپورو ۽ فضول تجزيو ڪيو ويو. جيڪي ماڻهو ڪُڌن ڪمن جي سزا ڀوڳين ٿا، اُنهن ڏوهن ۽ بدنصيبين کي اُنهن جي ابن ڏاڏن سان ڀيٽايو ويو ۽ اهڙي طرح ڄڻ خدائي انصاف تي تهمت مڙهي وئي جيڪو جڏهن تباهي آڻي ٿو ته ان ۾ ڪمزور، بيقصور توڙي انساني نسل جا صغير ٻار به آجا ٿي نٿا سگهن. هي فضول فساد مچائڻ وارا قدرت جي قانون کي پاسيرو رکي ڇڏن ٿا جيڪي امن کي معصوميت سان ملائن ٿا، شاهوڪاريءَ کي صنعتن سان ۽ اَمن ۽ سلامتيءَ کي بهادريءَ جي وصفن سان ٿا وڃي ملائن. روينا جي بزدلي ۽ مطلب پرستيءَ جي پاليسي شايد وري پيلاٽائين جي فوجين کي دعوت ڏئي ته اٽلي جو بچاءُ ڪن؛ هن سلسلي ۾ ڪٿي بيٺل يا بچيل فوجي ممڪن هو ته هن ڏکي ذمينداريءَ کي مُنهن نه ڏئي سگهن ۽ بربرن جا مددگار جٿا ممڪن هو ته پنهنجي دستوري پگهار ۽ مقرر ٿيل فائدن کي حاصل ڪرڻ بجاءِ ٻيهر ڦُرلُٽ جي پراڻي ڪاروبار ۾ لڳي وڃن. پر گال جا صوبا بيشمار محنت ڪش ۽ جوڌن جوانن سان ڀريل هيا جيڪي پنهنجي گهرن، پنهنجي ڪٽنب ۽ پنهنجين قربانگاهن جي حفاظت جي سلسلي ۾ جيڪڏهن کين مرڻ جي همت هئي ته پوءِ پَڪ سان اهو چئي سگهجي ٿو ته اهڙا جرئت وارا جوان پنهنجن دشمنن تي ضرور سوڀ حاصل ڪندا. پنهنجي اباڻي ملڪ بابت سندن ڄاڻ کين ان قابل ضرور ڪيو هوندو ته جيئن هو ڪنهن به ٻاهرئين حملي ڪندڙ جو رستو روڪن ۽ بربرن ۾ جيڪا فوجي پيشي ۽ نظم ۽ ضبظ جي ڪمي هئي، اُن فقط هڪ بهاني کي به دور ڪري ڇڏيو هو ته هڪ وڏي ملڪ جا بيشمار ماڻهو ٿورڙن ماڻهن جي بهترين فوج اڳيان پيش پوڻ تي مجبور ٿي ويندا هيا. جڏهن فرانس تي چارلس پنجين* حملو ڪيو هو ته هن هڪ قيدي کان پڇيو هو ته ’پئرس، سرحدن کان ڪيترا ڏينهن پري رهندو؟‘ ’شايد ٻارنهن ڏينهن، پر اُهي جنگ جا ڏينهن هوندا.‘ اهو هيو قيديءَ جو بهادريءَ وارو جواب جنهن هڪ مغرور بادشاهه جي وڏائيءَ کي ختم ڪيو هو، آنريَس ۽ فرئنسِس- I جي رعيت جا ماڻهو مختلف جذبن سان ڀرپور هيا ۽ ٻن سالن کان به گهٽ عرصي ۾، بالٽڪ جي جهنگلي ماڻهن جا پاڻ ۾ ورهايل فوجي جن جو تعداد به تمام گهٽ هو پر ان جي باوجود هو بغير ڪنهن روڪ رنڊڪ جي پائرينيا جي جبلن تائين پهچي ويا هيا.

آنريَس جي حڪومت جي شروعاتي زماني ۾ اسٽيليچو، برطانيه جي ڏورانهين ٻيٽ جي پنهنجي همت ۽ خبرداريءَ سان حفاظت ڪئي هئي ڇو ته ان جا دشمن سمنڊن، جبلن ۽ آئرلئنڊ جي ڪنارن تي رهندا هيا.(94) پر سدائين بيچين رهندڙ بربر، گاٿن جي جنگ جي بهتر موقعي کان هرگز غافل نه رهيا هيا جڏهن ديوارون توڙي مختلف هنڌ رومي فوجين کان بلڪل خالي ٿي ويا هيا. جيڪڏهن فوجين کي اٽلي جي فوجي مهم کان واپس ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ته اُنهن لاءِ ڪئمپ جي بهتر رپورٽ ۽ آنريس جي ڪردار اها ڪوشش يقينن ڪئي هوندي ته وفاداريءَ جي شرطن کي ختم ڪيو وڃي ۽ برطانيه جي فوج جي شرارت ۽ شرانگيزي کي اڃا وڌيڪ ڪاوڙائجي. بغاوت جي شوق، جنهن اڳ ۾ گئلئينَس* جي دؤر کي ڪافي پريشان ڪيو هو، کي سپاهين جي تشدد ٻيهر جياري ڇڏيو هو. ۽ بدقسمت يا قسمت آزمائيندڙ اُميدوار جنکي هنن چونڊيو هو، اُهي ئي سندن جوش کي جاڳائيندڙ هيا ته وري اُهي ئي سندن سازشن جو شڪار به ٿي ويا.(95) مارڪس پهريون بادشاهه هو جنهن کي هنن تخت تي ويهاريو ۽ کيس نه رڳو برطانيه پر سڄي اولهه جي ملڪن جو شهنشاهه تسليم ڪيو ويو. مارڪَس جي مشڪوڪ سُس پُس سبب هنن وفاداريءَ جي قسمَ کي ٽوڙيو جيڪو هنن پنهنجي لاءِ لازم ڪيو هو ۽ سندس اخلاق عادتن کي به هنن ناپسند ڪيو هو تنهنڪري هنن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سندس مرڻ کان پوءِ سندس ڪتبي تي به اهو ڪجهه لکرائيندا جهڙو هو زندگي ۾ هيو. ٻيو گرئشيَن هو جنهن کي به هنن تخت تي ويهاريو ۽ شاهي لباس پارايو ۽ فقط چئن مهينن کان پوءِ هن جو به ساڳيو حشر ٿيو جيڪو سندس اڳئين جانشين جو ٿيو هو. عظيم ڪانسٽئنٽائن، جنهن کي برطانيه جا فوجي شهنشاهت جي سٺي دؤر ۽ ڪليسا جي حوالي سان گهڻو ياد ڪندا هيا، هاڻي ٽئين دفعي چونڊ ڪرڻ ۾ ڪجهه محتاط ٿي ويا. هنن پنهنجين خانگي فوجين ۾ هڪڙو سپاهي چونڊيو جنهن جو به نالو اتفاق سان ڪانسٽئنٽائن هو پر هن جي اُٻهرائي ۽ ٽرڙائپ پري کان ئي پڌري هئي جو هن پنهنجي پاڻ کي تخت تي ويهاي ڇڏيو هو ۽ فوجين اڳ ۾ ئي سمجهي ورتو هو ته هو نااهل هيو ۽ شاهي رتبي جي وڏي وزن کي ڪاميابيءَ سان کڻڻ ۾ هو ناڪام ٿيندو.(96) پر پوءِ سندس اختيار جون واڳون گهٽ خطرناڪ ثابت ٿيون ۽ سندس حڪومت مارڪَس ۽ گرئشيَن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪامياب رهي. سندس ڪاهل فوجين کي پنهنجين ڪئمپن ۾ ڇڏي ڏيڻ جي خطري، جن اڳ ۾ پڻ رت وهائڻ ۽ بغاوت برپا ٿيڻ سبب ماحول کي گندو ڪري ڇڏيو هو، کيس مجبور ڪيو ته هو اولهه جي صوبن ۾ اُنهن جي ڪمي آڻي ڇڏي. ان مقصد کي ذهن ۾ رکندي هو بولون ۾ آيو. ساڻس ٿورا فوجي پڻ گڏ هيا ۽ ڪجهه ڏينهن جي آرام کان پوءِ، هن گال جي شهرن جي نمائندن کي پاڻ وٽ سڏيو ته هو کيس جائز حاڪم طور تسليم ڪن. خوش قسمتيءَ سان گال بربرن جي يلغار کان هن وقت تائين محفوظ رهيو هو. گال جي نمائندن ۽ معتبرن سندس حڪم کي مڃيندي کيس پنهنجو جائز حاڪم مڃيو. جيئن ته روينا طرفان گال وارن کي نظر انداز ڪرڻ تي کين شڪايتون هيون ته هنن پنهنجي پاڻ کي ڪنهن به فرمانبرداريءَ ڪرڻ کان آجو ڪري ڇڏيو هو؛ هاڻي محروميءَ جي احساس کان تنگ اچي هنن سوچيو ته سندن حالتن ۾ جيڪو به تبدلي آڻيندو ان کي هو قبول ڪري وٺندا، تنهن ڪري بغير ڪنهن ۾ شڪ ڪرڻ جي ۽ اُميد آسرن کي پنهنجو ساٿي ڪري، هنن اطمينان سان پنهنجي پاڻ کي تسلي ڏني ته فوجون توڙي سندن اختيار يا وري روم جي شهنشاهه جو نالو ئي هنن کي آٿت ڏيڻ لاءِ  ڪافي هوندو ته جيڪڏهن هو پنهنجو هيڊڪوارٽر گال ۾ قائم ڪندا ته پوءِ مقامي ماڻهن جي ڀلائي فقط ان ڳالهه ۾ هوندي ته هو بربرن جي ڪاوڙ ۽ ظلمن کان ايندڙ وقت ۾ بچي ويندا. جرمني جي جدا جدا ڌڙن خلاف، ڪانسٽئنٽائن جي پهرين ڪاميابي اها هئي ته مخالفن سندس اجائي سجائي تعريف جا بند ڀڃي ڇڏيا جنهن سبب کيس نمايان سوڀون حاصل ٿيون پر دشمنن طرفان ٻيهر ايڪي ڪرڻ ۽ گستاخي واري لهجي ۾ ڳالهائڻ نين فتحن جي خوشين کي ڪجهه ماٺو ڪري ڇڏيو. دشمن سان ڳالهين جا دؤر هليا پر اُنهن جي نتيجي ۾ هڪ عارضي ۽ غير يقيني معاهدو عمل ۾ آيو، ۽ جيڪڏهن تحفن جي بارش وَسائڻ ۽ واعدن جا سبز باز ڏيکارڻ کان پوءِ بربرن جي فوج رائين جي بچاءَ لاءِ پنهنجي پيش قدمي جاري رکي به هئي ته اهو قدم، گالن جي سرحد جي اصل جرئت واري روپ موٽائڻ بجاءِ، شهنشاهه جي شان شوڪت جي به خلاف هوندو ۽ جيڪو ڪجهه به روم جي جمهوريه جي خزاني ۾ بچيل هو، ته اُهو به خالي ٿي ويندو. تصوراتي ۽ اجاين خوشين جي ڦونڊ ۾ اچي، گالن جو فضول حمايتي ڏکڻ جي صوبن ۾ اڳتي وڌي ويو، ته جيئن اُتي هڪ اهڙي اوچتي خطري کي وڃي منهن ڏئي جيڪو ڪجهه قدر سندس ذات سان تعلق رکندو هو. هڪ گاٿ، جنهن جو نالو سارَس هو، کي حڪم ڏنو ويو ته هڪ باغيءَ جو سِر وڍي شهنشاهه آنريَس جي قدمن ۾ آڻي رکي، ۽ برطانيه ۽ اٽلي جي فوجن کي هن گهريلو جهڳڙي ۾ اجايو اُلجهائي بيعزتو ڪرايو ويو. هن فضول گهريلو لڙائيءَ ۾ سندس ٻه بهادر جنرل- هڪڙو جسٽينيَن ۽ ٻيو نيويگيسٽس مارجي ويا. پهريون جنگ جي ميدان تي ماريو ويو ۽ ٻي کي ماٺ ميٺ ۾ غداريءَ سان ختم ڪيو ويو. هاڻي ڪانسٽئنٽائن وئينا جي قلعن ۾ پنهنجي حفاظت جو بندوبست ڪرڻ لڳو. لڳاتار ستن ڏينهن تائين هن جڳهه تي ناڪام حملا ٿيندا رهيا ۽ شاهي فوج شڪست تسليم ڪندي پنهنجي ذلت جو سودو ڪيو يعني ائلپس جي ڦورن ۽ لُٽيرن کان سلامتيءَ سان ٻاهر نڪرڻ جو رستو خريد ڪيائون.(97) هاڻي انهن جبلن ٻن بادشاهن جي ملڪن کي ورهائڻ جو ڪم ٿي ڪيو ۽ شهنشاهت جي هن ٻِٽي سرحد جي دفاعي مورچن جي جمهوريه جي فوجن حفاظت ٿي ڪئي پر افسوس ته سندن هٿيارن کي جرمني ۽ سيٿيا جي بربرن خلاف ڀرپور طريقي ۽ فوجي پيشي جي مطابق استعمال ڪري سگهجي ها ته ساڳي وقت رومي سرحدن جو به نئين سر تعُين ڪيو وڃي ها.

پائرينيز طرف، ڪانسٽئنٽائن جا خدشا وڌي ويا ته خطري جي گهنٽي وڄي چڪي هئي، پر پوءِ وري به هو سوڀارو ٿيو ۽ تخت تي وڃي ويٺو. خاص طرح تي اسپين جي پيش پوڻ سان ٻين طرفن کان به شهنشاهت جي فرمانبرداري ٿيڻ لڳي ۽ هاڻي قانون توڙي مئجسٽريٽ به اُهي رکيا ويا جيڪي گال جا هيا. ڪانسٽئنٽائن جي اختيارن توڙي حڪومت جي جيڪڏهن ڪا مخالفت هئي ته اُها نه ته سندس حڪومت کان نه وري ماڻهن جي جوش جذبي کان هئي پر اُها ٿوڊوسيَس جي ڪٽنب کان هئي ڇو ته اُنهن جا ڪجهه ذاتي مفاد وچڙيل هيا. چئن ڀائرن(98) پنهنجن مٽن مائٽن جي مدد سان مرحوم شهنشاهه کان ڪجهه رتبا ۽ ملڪيت حاصل ڪئي هئي جيڪا سندن اباڻي ملڪ ۾ هئي ۽ نوجوانن احسانمندي جي خيال يا ڪنهن ٻي سوچ کان پنهنجو ذاتي فائدو شهنشاهه جي پٽ جي حق ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. هنن هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي ته لوسيٽئنيا ۾مقرر ٿيل فوجي پنهنجي شموليت ڪن يا اُنهن تي اثرانداز ٿي سگهن، هتان ناڪامي ملڻ کان پوءِ هو پنهنجن گهرن ۽ ملڪيت ڏانهن واپس ٿيا ۽ پنهنجي خرچ تي هن فوج ٺاهي ۽ ان ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ تمام گهڻا غلام ۽ ٻيا ڪيترائي پنهنجا مددگار به پاڻ وٽ رکيائون ۽ هاڻي بهادريءَ سان پيش قدمي ڪندا اڳتي وڌندا ويا ته جيئن پائرينيز جبلن جي اهم جڳهن تي پنهنجو قبضو ڄمائي سگهن. مقامي طرز جي هن بغاوت، گال ۽ برطانيه جي حڪومتن کي محتاط ۽ پريشان ڪري ڇڏيو ۽ هن مجبور ٿي بربرن جي مددگار فوجين سان اسپين جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ساڻن ڳالهيون ڪيون. کين ’آنريَس،(99) جو خطاب ڏئي به هرکايو ويو ڇو ته اهو نالو کين ياد ڏياريندو ته ان حاڪم سان هو وفادار رهيا هيا ۽ هو مٿن مهربان هوندو هو، ۽ جيڪڏهن اهو مڃجي به سهي ته اسڪاٽلئنڊ جا ماڻهو برطانيه جي حاڪم ڏانهن ڪجهه قدر مائل به هيا پر اُتر- اولهه آفريڪا جا مسلمان توڙي مرڪماني قبيلا، غاصب طرفان گهڻي دولت لٽائڻ سان ئي هنن جو ساٿ ڏئي ٿي سگهيا جن اڳيئي اسپين جا فوجي توڙي شهري اعزاز بربرن ۾ ورهايا هيا. اهڙيءَ طرح گڏيل سڏيل فوجن جا نوَ ٽولا جن تائين اولهه جي شهنشاهت جي حدن ۾ آسانيءَ سان رسائي ممڪن هئي، اُنهن جو تعداد پنجن هزارن کان مٿي نه هو پر اِهي ٿورڙا به هنن ننڍي جنگ جي خطري کي ٽاري ٿي سگهيا جنهن ڪانسٽئنٽائن جي اختيارن توڙي سندس سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو. ٿوڊوسيَس جي ڪٽنب جي غير پيشه ور فوج جو هر طرف کان گهيراءُ ڪري ان کي پائرينيز ۾ تباهه ڪيو ويو، چئن منجهان ٻه ڀائر خوش قسمتيءَ سان سامونڊي رستي ذريعي اٽلي ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ٻه ٻيا ڪجهه وقت کان پوءِ آرلس ۾ ماريا ويا ۽ جيڪڏهن آنريَس ماڻهن جي وچ ۾ پنهنجي بيعزتي کان اکيون ٻوٽي ڇڏي ها ته وسَ وارو هو پر حقيقت ۾ هو پنهنجن ويجهن عزيزن ۽ مٽن مائٽن جي ذاتي تڪليفن کان گهڻو متاثر ٿيو هو. معلوم ٿيو ته نهايت ئي ڪمزور فوج ۽ ٿورڙن هٿيارن يورپ جي اُلهندي طرف وارن صوبن، يعني ائنٽونينَس جي ديوار کان هرڪيولَس جي ٿنڀن تائين جو قبضو حاصل ڪري ڇڏيو. امن توڙي جنگ جي واقعن کي وقت جي مورخن يقينن ڪجهه تنگ نظري ۽ اڻپوري طريقي سان پئي ڏٺو آهي جنهنڪري اُنهن جي اهميت گهڻي گهٽجي وئي آهي. اهو شايد ان ڪري ٿيو ته تاريخدان اهم انقلابن ۽ واقعن يا وري اُنهن جي سببن ۽ اثرن کان، ٻين ماڻهن وانگر خود ڀي اوترائي بيخبر هيا. پر قومي طاقت ۽ جوش جذبا جيڪي بلڪل مرده ٿي چڪا هيا، اُنهن آمراڻي حڪومت جي آمدني جي ذريعن کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ جيڪي صوبا مالي لحاظ کان صفا سُڃا ٿي ويا هيا ته اُنهن کان هاڻي فوجي خدمتون وٺڻ جي تقاضا ڪرڻ به ناداني هئي ڇو ته جيڪي ماڻهو ناراض، سڃا ۽ بزدل هجن ته اُهي ڪابه ڊيوٽي ڏيڻ جا اهل نه رهندا آهن.

هڪ شاعر جنهن خوشامد ڪندي پولينشيا ۽ ويرونا جي سوڀن کي روم جي عقاب سان منسوب ڪيو آهي ته ساڳي وقت اٽلي جي حدن کان اَلارڪ جي اُٻهرائيءَ واري ڀاڄَ جنهن سان جنن ڀوتن جا بيشمار ۽ خطرناڪ پاڇا به گڏ هيا ۽ جن بربرن جي فوج مٿان پڻ لامارا ڏنا هيا ته سڀني ڏٺو هو ته اُنهن جا فوجي جنگ، ڏُڪر ۽ بيمارين جي گڏيل حملي سبب مڪمل تباهه ٿي ويا هيا.(100) هن نڀاڳي مهم ۾، گاٿن جي بادشاهه کي پڻ تمام گهڻو نقصان ٿيو هوندو ۽ سندس پريشان ٿيل فوجن کي جنگ جي منحوس پاڇن کان ٿوري وقفي ڪرڻ جي ضرورت هئي ته جيئن ان ساهي پٽڻ جي ٿورڙي وقت ۾ هو نوان فوجي ڀرتي ڪري سگهن ته ساڳي وقت سندن اعتماد به وڌي. بدنصيبي پنهنجو جلوو پسائي چڪي هئي پر الارڪ جيڪو مضبوط ارادن جو مالڪ هو ۽ سندس بهادريءَ جي شهرت ايتري ته عام هئي جو بربرن جا تمام بهادر ماڻهو سندن جهنڊي هيٺ جمع ٿي ويا جيڪي ايگزين سمنڊ کان وٺي رائين ندي تائين، ڦُرلٽ ۽ فتحن جي دائمي خواهش کان تنگ ۽ بيحد پريشان ٿي ويا هيا. جيئن ته هن عزت ۽ مرحبا لهڻي هئي تنهنڪري هن بنادير اسٽيليچو جي دوستيءَ جي دعوت قبول ڪري ڇڏي. اوڀر جي شهنشاهه سان پنهنجا ناتا رشتا ٽوڙيندي، الارڪ روينا جي حڪمران سان امن ۽ ايڪي جو معاهدو طئي ڪري ڇڏيو. ان صلحنامي سان الارِڪ کي اليريڪم صوبي جي قديمي حدن ۽ رومي فوجن جو ماسٽر- جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ هي اعلان آنريَس جي وزير طرفان ڪيو ويو.(101) خواهشن سان ڀرپور هي پروگرام، جنهن جا تفصيل صلحنامي ۾ درج هيا، رداگئسَس جي اوچتي زوردار حملي سبب ختم ڪيو ويو ۽ گاٿن جي بادشاهه جي غير جانبداريءَ کي سيزر جي لاتعلقي جي روَيي سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي جنهن ڪئٽيلين* جي سازش ۾ جمهوريه جي دشمن جي نه ته مخالفت نه وري ان جي حمايت ڪئي هئي. وئنڊل جي شڪست کان پوءِ اسٽيليچو پنهنجو توجه اوڀر جي صوبن ڏانهن ڪيو، ناڻي کي سنڀالڻ ۽ رعيت سان انصاف ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن شهري مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ۽ روم توڙي گاٿن جي گڏيل فوج وٺي قسطنطنيہ جي گيٽن تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي بي صبريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيائين. اسٽيليچو جي دورانديشي، خانه جنگي کان سندس نفرت ۽ ملڪ جي ڪمزورين بابت سندس پوري پوري ڄاڻ وغيره مان پتو پوي ٿو بلڪ صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ٻاهرين ملڪن کي فتح ڪرڻ کان وڌيڪ کيس مقامي سطح تي امن ۽ سلامتيءَ کي قائم ڪرڻ جو وڌيڪ اونو هو، تنهنڪري هن هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکيو ته الارڪ جي فوجن کي اٽلي کان گهڻو پري رکي. پر ان جي باوجود گاٿن جي بادشاهه تي ڪو اثر نه پيو ۽ هن مخالفن سان ڳجهه ڳجهاندر ۾ ڌوڪيبازي وارا لاڳاپا جاري رکيا جن ڪرايي جي ناراض فوجين جيان پنهنجي فوجي مهم کي ٿيسلي ۽ ايپيرس ۾ وڏي اينگهه ڪرائي. اسٽيليچو جلد واپس وريو ته جيئن پنهنجين ناڪام ڪوششن لاءِ اٽلو انعام اڪرام به وٺي. اٽلي جي سرحدن تي ايمونا(102) جي ويجهو هن اولهه جي شهنشاهه کي هڪ پيغام موڪليو جنهن ۾ واعدن جو ڊگهو تفصيل ڏنل هو ته ساڳئي وقت ڪجهه خرچن ۽ سندس مطالبن جو به ذڪر ڪيل هو؛ کيس اهو به دڙڪو ڏنائينس ته هو کيس مطئمن ڪري، ۽ اڃا وڌيڪ تنبيهه ڪندي للڪاريائينس ته جيڪڏهن هن انڪار ڪيو ته پوءِ ان جا نتيجا به پاڻ ڀوڳيندو. ان جي باوجود جيڪڏهن سندس روَيو تيزي ۽ تُرشيءَ وارو هو پر سندس زبان نهايت مهذب ۽ ادب واري هئي. هن ڏاڍي نيازمنديءَ سان پاڻ کي اسٽيليچو جو دوست ۽ آنريس جو سپاهي ڪوٺيو؛ کيس گال جي غاصب جي خلاف بنادير پيش قدمي ڪرڻ جي آڇ ڪيائين ۽ وڌيڪ چيائينس ته هاڻي وقت اچي ويو هو جو گاٿن جي قوم جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏجي ۽ ان سان گڏ اهو مشورو به ڏنائينس ته اولهه جي شهنشاهت جا ڪجهه صوبا نڌڻڪا هيا، اُنهن تي به هڪدم قبضو ڄمائجي.

ٻن مدبرن جي وچ ۾ جيڪي سياسي ۽ ڳجهيون ڳالهيون ٿيون، جن ۾ ٻنهي جي پوري پوري ڪوشش اها هئي ته نه رڳو هڪ ٻئي کي پر سڄي دنيا کي به ڌوڪي ۾ رکن، اُهي هميشہ لاءِ سندن ڪابينا جي انڌارن ۾ مخفي ئي رهجي وڃن ها، جيڪڏهن اسيمبليءَ ۾ انهن رازن متعلق ڊگها بحث مباحثا نه ڪيا وڃن ها ۽ اُنهن منجهان ئي ماڻهن کي ڪجهه خبر پئي ته الارِڪ ۽ اسٽيليچو جي وچ ۾ ڳجهين ڳالهين ۾ ڇا وهيو واپريو هو. هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت هئي ته هڪ اهڙي حڪومت لاءِ فرضي حمايت ئي ڪجي جنهن ڪمزوريءَ کي پنهجو اصول بنايو هو، تنهنڪري کيس پنهنجي ئي رعيت جي ماڻهن سان ڳالهين جي شروعات ڪرڻي پئي، ۽ نيٺ آهستي آهستي هنن روم جي سينيٽ جي اختيارن کي ٻيهر جياري ڇڏيو ۽ آنريس جي وزير جلد ئي پنهنجي جمهوريه جي قانون ساز اسيمبلي سان ايندڙ وقت لاءِ مشورا ڪيا. سيزر جي محلات ۾ اسٽيليچو سينيٽ جو اجلاس سڏرايو ۽ هڪ لکيل تقرير ڪيائين جنهن ۾ جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ٿي رهيو هو ان بابت سينيٽ کي آگاهه ڪيائين، گاٿن جي بادشاهه جي مطالبن بابت ڪجهه مشورا ڏنائين ۽ پوءِ فيصلو سينيٽ تي ڇڏيائين ته ان صورتحال ۾ جنگ ۽ امن مان ڪنهن جي چونڊ ڪرڻي هئي. ائين لڳو ته سينيٽر صاحبان ڄڻ چار سؤ سالن جي لڳاتار خواب مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيا هيا، ۽ هن اهم موقعي تي محسوس ٿي ٿيو ته هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڏاهپ جي بجاءِ سندن جرئت منجهان زياده متاثر ٿيا هيا. اُنهن وڏي واڪي جوشيليون تقريرون ڪندي اعلان ڪيو ته اِها ڳالهه روم جي شان شوڪت جي خلاف هئي ته بربرن جي بادشاهه سان ذلت وار معاهدو ڪري ان کان امن قائم ڪرڻ جي خيرات گهرجي، ۽ جيڪي قومون پنهنجي عزت ۽ وقار کي مٿڀرو رکنديون آهن ته اُهي عزت واري مرڻ کي، بيعزتي واري جيئڻ تي ترجيح ڏينديون آهن. وزير، جنهن جي پئسفڪ وارن منصوبن جي تائيد فقط اُنهن ماڻهن ڪئي جيڪي نيچ قسم جا يا وري ڪرايي تي خريد ڪيل هيا، پوريءَ طرح ڪوشش ڪري رهيو هو ته ڪيل غلطيءَ جو ڪنهن طرح ازالو ڪجي. بهرحال پوءِ به هن جيڪا ڪِريل حرڪت ڪئي هئي ان جي هن معافي ورتي ته ساڳي وقت گاٿن جي بادشاهه جيڪي غلط مطالبا پيش ڪيا هيا، ان جي لاءِ به معذرت ڪيائين. ’جيڪا مدد ٻاهران ملي هئي ۽ جنهن تي روم جا ماڻهو سخت ڪاوڙيا هيا، ان کي (اسٽيليچو رعبدار لهجي ۾ چيو) نه ته حقارت سان تعبير ڪيو وڃي ۽ نه وري اُهو ڏنڊ يا ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ڀُنگ هو جيڪو بربر دشمن جي دهمانن يا ڊِڄ کان ادا ڪيو ويو هو. الارِڪ پوري وفاداريءَ سان رومي جمهوريه جي اُنهن صوبن تي دعويٰ بابت توجہ ڏياريو جيڪي قسطنطنيہ جي يونانين پنهنجي قبضي ۾ ڪيا هيا، هن ڏاڍي ماٺيڻي ۽ مهذب طريقي سان پنهنجين خدمتن جو جائز صلو طلب ڪيو؛ پر جيڪڏهن هو ڪن منصوبن کي تڪميل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پوريءَ طرح ڪامياب نه رهيو هو ته هن پنهنجي پٺتي هٽڻ جي صورت ۾ ڄڻ شهنشاهه جي ذاتي خطن ۾ لکيل حڪمن جي پوريءَ طرح تعميل ۽ تابعداري ڪئي هئي. هي متضاد حڪم (هو پنهنجي ڪٽنب طرفان ڪيل غلطين کي به لڪائڻ جي ڪوشش نٿو ڪري) سيرينا* جي سفارشن سان مليا آهن. سندس زال جي نيڪيءَ جي فطرت کي شاهي ڀائرن ۾ سندس اختيار ڪيل ويڳي پيءُ جي پُٽن تمام گهڻو متاثر ڪيو هو ۽ وري فطري تقاضائون اهڙيون هيون جيڪي ماڻهن جي ڀلائيءَ جي سخت روَين تي به حاوي ٿي ويون هيون. اهڙا ظاهري سبب، روينا جي محلات ۾ ٿيندڙ ڳجهين سازشن کي لڪائي نٿي سگهيا، پر اُنهن کي اسٽيليچو جي پوري حمايت حاصل هئي، ۽ جن جي منظوري، ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ، مجبوريءَ ۾ سينيٽ کي به ڏيڻي پئجي وئي. آزادي توڙي چڱائيءَ جو شور جڏهن گهٽ ٿيو ته مدد جي نالي ۾ چئن هزار پائونڊن جي رقم منظور ڪئي وئي ته جيئن اٽلي ۾ امن امان قائم ٿئي ۽ گاٿن جي بادشاهه جي دوستي به جيئن قائم رهي. فقط هڪڙي لئمپيڊيَس، جيڪو اسيمبلي جو نهايت ئي معتبر ميمبر هيو، ان سمجهوتي سان واضح اختلاف ڪندي وڏي واڪي ۽ جوشيلي انداز ۾ پڪاريو: ’هي سمجهوتو امن امان جو نه پر ذلت ۽ غلاميءَ جو آهي،‘(103) ۽ سخت خطري سبب پنهنجي جڳهه تان اُٿي هڪدم غائب ٿي ويو ڇاڪاڻ ته هو سڄي سٿَ ۾ اڪيلو شخص هو جنهن جرئت سان ان صلحنامي جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هن هڪ عيسائي ڪليسا ۾ وڃي پناهه ورتي.

پر هاڻي نظر ائين ٿي آيو اسٽيليچو جو دؤر ختم ٿيڻ وارو هو ۽ مغرور وزير خود ڀي شايد پنهنجي ذلت واري پڄاڻيءَ جا چِٽا آثار ڏسي رهيو هو. لئمپيڊيَس جي زبردست جرئتمنديءَ تي تاڙيون وڄايون ويون هيون ۽ سينيٽ جيڪا ڊگهي عرصي تائين غلاميءَ جي ماحول ۾ رهي هئي، وڏي حقارت وچان هن فضول ۽ نه هئڻ جهڙي آزاديءَ جي سمجهوتي کي رد ڪري ڇڏيو. سپاهي جن کي اڃا تائين رومي فوجين جا فائدا ۽ اعزاز حاصل هيا، اسٽيليچو تي سخت ناراض هيا ته هن بربرن سان پنهنجون وفاداريون نڀايون هيون ۽ روم وارن کي بيعزتو ڪري ڇڏيو هو، ۽ ماڻهن پڻ وزير جي شرارت وارين پاليسين جو مٿس الزام هنيو جنهن باعث رعيت جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيو هو ۽ سندن خودداري داغدار ٿي هئي، پر وري ڏٺو وڃي ته ان صورتحال ۾ عوامي عادتن جي بگڙڻ جي به اوتري ئي ذميواري هئي. ان هوندي به اسٽيليچو شايد عوام جي شور ۽ غوغاءَ توڙي سپاهين جي ڪا پرواهه نه ڪري ها جيڪڏهن هو پنهنجي حڪومت جو رعب ۽ دٻدٻو پنهنجي شاگرد جي ڪمزور دماغ تي قائم رکڻ ۾ ڪامياب وڃي ها. پر آنريس جو ساڻس عزت وارو اڳيون تعلق، هاڻي خوف، شڪن شبهن ۽ نفرت ۾ بدلجي ويو. چالاڪ ۽ حرفتي اولمپيَس،(104) جنهن پنهنجا ڏوهه، عيسائيت جي نيڪي ۽ سعادتمنديءَ جي پردي ۾ لڪايا هيا، پنهنجي ان محسن کي ماٺ ميٺ ۾ پوئتي ڌِڪي ڇڏيو هو، جنهن جي مهربانين ۽ شفقن سان ئي کيس ترقي ملي هئي ۽ جنهن جي ڪوششن سان هو ترقيون ڪندي ۽ اڳتي وڌندي نيٺ وڃي شاهي محلات تائين پهتو هو. اولمپيَس شهنشاهه کي ٻڌايو، جنهن جي هن وقت عمر پنجويهه سال هئي، ته هن وٽ نه ته اختيار هيا ۽ نه وري حڪومت ۾ ڪوبه سندس چيو مڃيندو هو ۽ پنهنجي بزدلي ۽ ڪاهلي واري طبيعت کي وڏي هوشياريءَ سان اسٽيليچو جي زنده دليءَ جي خوبصورت پردن ۾ لڪائي ويو، جنهن وري شهنشاهه جي موت جي اڳڪٿي اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي هئي ڇو ته سندس دلي خواهش هئي ته شهنشاهت جو تاج سندس پٽ يوچيريس جي سِرَ جو سينگار ٿئي. شهنشاهه کي سندس نئين ماڻهو جنهن ڏانهن هو گهڻو مائل هو گهڻو اُڪسايو ۽ هن پنهنجو لهجو ۽ ڳالهائڻ جوانداز هڪ وڏي معتبر ۽ وڏي ماڻهوءَ وارو رکيو ۽ وزير کي ان وقت تعجب لڳو جڏهن ڪئمپن ۾ توڙي ڪائونسلن ۾ ڳجها معاهدا ۽ اهڙا فيصلا ٿيندا هيا جيڪي سندس دلچسپي توڙي ارادن جي بلڪل مخالف هوندا هيا. شهنساهه آنريس پنهنجي روم واري محلات ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جي بجاءِ اعلان ڪيو ته هو ان ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو ته روينا جي محفوظ قلعي ۾ وڃي آرام ڪري. هن جي ڀاءُ آرڪئڊيَس جي موت جي خبر ٻڌڻ شرط هن هڪدم قسطنطنيہ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن محافظ جي اجازت سان هو ٿوڊوسيَس(105) جي صوبن کي قانون ۽ حڪومتي سرشتي جو پابند ڪري. ان وقت ٿوڊوسيَس اڃا معصوم ٻار هو. پري پنڌ جي هن مهم ۾ جيڪي تڪليفون ۽ خرچ اخراجات هيا، ان في الحال هن اوچتي ۽ عجيب ڪاهه ڪرڻ جي پروگرام کي ملتوي ڪري ڇڏيو، پر شهنشاهه کي پادُئا جي ڪئمپ تائين وٺي وڃڻ جي پروگرام جو خطرو، جتي رومي فوجي، اسٽيليچو جا دشمن ۽ بربرن جا مددگار جٿا موجود هيا رٿيل تجويزن مطابق رهيو جنهن ۾ ڪابه ڦير ڦار نه ڪئي وئي هئي. وزير تي سندس صلاحڪار ۽ اعتماد واري ماڻهو جسٽينيَن، جيڪو روم جو ناميارو وڪيل ۽ تمام هوشيار ماڻهو هو، زور ڀريو ته اهڙو سفر هرگز اختيار نه ڪري جيڪو سندس شهرت ۽ سلامتيءَ جي سراسر خلاف هو. سندس زوردار پر ناڪام ڪوششن اولمپيَس کي سندس سوڀ جو يقين ڏياريو ۽ دورانديش قانوندان پنهنجي راءِ کان پٺتي هٽي ويو ۽ پنهنجي سرپرست جي ايندڙ تباهيءَ کان پاڻ ان منظرنامي منجهان ئي ٻاهر نڪري ويو.

شهنشاهه جڏهن بولوگنا کان گذري رهيو هو، ته ان وقت محافظن طرفان هڪ هنگامو برپا ٿي ويو، جنهن کي اسٽيليچو جي رازداري واري پاليسيءَ ذريعي خاموش ڪرايو ويو جنهن اعلان ڪيو ته هو ڏوهي ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو ۽ پوءِ پاڻهي ان معاملي کي نبيريائين ۽ ڏوهين کي معافي ڏئي ڇڏيائين. هن گوڙ گهمسان کان پوءِ آنريَس پنهنجي وزير کي آخري ڀيرو ڀاڪر پاتو جنهن کي هاڻي هن هڪ آمر جي روپ ۾ ٿي ڏٺو، بعد ۾ هو پاويا جي ڪئمپ ڏانهن روانو ٿي ويو جتي وفادار فوجين سندس پُرجوش استقبال ڪيو جيڪي اُن هنڌ تي گال جي جنگ واسطي جمع ٿيون هيون. چوٿين ڏينهن جي صبح جو جيئن کيس سيکاريو ويو هو شهنشاهه پنهنجين فوجين اڳيان تقرير ڪئي جنهن کي دراصل اولمپيَس جي ذهانت سان تيار ڪيو ويو هو ته جيئن رات جي انڌاري ۾ هڪ خوني ڊرامي کي ڪاميابيءَ سان رچايو وڃي. پهرئين اشاري ملڻ تي هنن اسٽيليچو جي دوستن کي ڪُهي ڇڏيو، شهنشاهت جي ناميارن آفيسرن گال ۽ اٽلي جي ٻن مئجسٽريٽ جي رتبي وارن مُنهندارن، گهوڙيسوار توڙي پيادل فوج جي ٻن ماسٽر جنرلن ۽ آفيسن جي وڏي آفيسر، هڪ مئجسٽريٽ، هڪ خزانچي ۽ ٻهراڙين جي سنڀال لاءِ مقرر ٿيل منهندار کي پهرين کيپ ۾ ئي قتل ڪيو ويو. ڪيترن ئي ماڻهن کان حياتيون کسيون ويون، بيشمار گهرن کي لُٽي ڦري تاراج ڪيو ويو، ۽ هن خوني بغاوت جو سلسلو جيڪو رات جي انڌاري ۾ شروع ٿيو هو ٻي ڏينهن رات تائين جاري رهيو ۽ شهنشاهه جيڪو خود به ڏڪي ۽ ڪنبي رهيو هو ۽ جنهن کي شاهي تاج ۽ لباس کان سواءِ پاويا جي گهٽين ۾ ڏٺو ويو هو، پنهنجي پياري ماڻهوءَ جي مِنتن ڪرڻ تي پٺتي هٽيو؛ جن کي قتل ڪيو ويو هو اُنهن کي ياد ڪري سندن قتل جي مذمت ڪيائين ته ساڳئي وقت اُنهن جي قاتلن جي بيقصور هئڻ ۽ اُنهن جي وفاداريءَ جي به تعريف ڪيائين. پاويا ۾ ٿيل قتلام جي خبر جڏهن اسٽيليچو کي پئي ته هو ڏاڍو اُداس ٿي ويو ۽ ساڳئي وقت کيس طرح طرح جا شڪ ۽ گمان وڪوڙي ويا؛ هن هڪدم بولوگنا جي پنهنجي دفاعي مورچي تي پنهنجن اعتماد وارن ماڻهن جي ڪائونسل جي ميٽنگ ڪئي جيڪي کيس گهڻي ۾ گهڻا ويجها هيا ۽ جن تي کيس هاڻي شڪ به هيو ته شايد اُهي ئي کيس تباهه ۽ ختم ڪندا. ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ وڏو شور ٿيو ۽ ماڻهن جذباتي انداز ۾ مخالفن تي ڪاهه ڪرڻ ۽ انتقام وٺڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيائون ته پيش قدمي ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي به دير نه ڪجي ڇو ته سندن ليڊر منجهن موجود هو جنهن جي پٺيان هلي هنن سوڀون ماڻيون هيون، ماڻهن کي اوچتو عجب ۾ وڌو هو، دشمنن کي پريشان ڪيو هو ۽ ساڳيءَ طرح هو نالائق اولمپيَس جي وجود کي به ختم ڪري ڇڏيندا ۽ بگڙيل رومين کي به ٺيڪ ڪندا ۽ اهو به عين ممڪن هو ته هاڻي هو تاج پنهنجي جنرل جي مٿي تي رکندا جيڪو سخت زخمي ٿي پيو هو. پنهنجين خاص ساٿين جي مختلف مشورن تي عمل ڪرڻ بدران، جن ۾ شايد ڪاميابين ٿيڻ جي اُميد به هئي، اسٽيليچو سوچن ۾ گم ٿي صفا خاموش ٿي ويو. شهنشاهه جي مقدر ۽ قسمت بابت پڻ هو اڃا تائين بيخبر هو، ۽ پنهنجن ماڻهن جي سچائي ۽ وفاداريءَ تي به هاڻي کيس ڀروسو نه رهيو هو، ۽ هاڻي هو ان ڳالهه جي به حق ۾ نه هو ته اٽلي جي سپاهين ۽ عوام جي خلاف هُو وحشي ۽ شهواني طبيعت رکندڙ بربرن کي آماده ڪري ته هو مٿن حملو ڪن. جيڪي سندس بيصبرا ساٿي ۽ اتحادي هيا، اُهي سندس طرفان دشمنن تي ڪاهَه ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تي مٿس ڪاوڙجي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. پوري اڌ رات هئي جڏهن سارَس، جيڪو گاٿن جو ويڙهاڪ هيو پر بربرن ۾ پڻ سندس طاقت ۽ بهادريءَ سبب مشهور هيو، پنهنجي ئي محسن مٿان حملو ڪري ڏنو، ۽ سڄي ڪئمپ کي لُٽي ڦري تاراج ڪيائين ۽ وفادار هُنن (Huns) کي قتل ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين جن هن جي حفاظت ٿي ڪئي ۽ پوءِ ان خيمي ۾ گهِڙي ويو جتي غم ۽ بي آراميءَ جو ستايل وزير موجودهه ابتريءَ واري صورتحال بابت ڪنهن سوچ ۾ ٻڏل هو. وڏي مشڪل سان پر معجزاتي طور اسٽيليچو، گاٿ جي ترار کان بچي ۽ ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ اٽلي توڙي ڀروارن شهرن کي آخري چتاءُ ڏنائين ته پنهنجا گيٽ بربرن لاءِ بند ڪري ڇڏين ۽ هاڻي هن فيصلو ڪيو ته پاڻ کي روينا جي حوالي ڪري ڇڏي جنهن تي سندس دشمنن جو اڳيئي مڪمل قبضو هو. اولمپيَس، جنهن آنريَس جا اختيار سنڀالي ورتا هيا، کي جلد ڪنهن وڃي ٻڌايو ته سندس دشمن هڪ ٻاڏائيندڙ جي حيثيت ۾ بدلجي ويو هو ۽ عيسائي ڪليسا کي مڃيندڙ ٿي ويو هو. منافق جي ظالماڻي ۽ ذليل طبيعت ۾ رحم يا پڇتاءَ جو رتيءَ ماتر ذرو به موجود ڪونه هو پر هو عقيدت سان ڪنهن مقدس جڳهه جي احترام ڪرڻ کان پاڻ کي بچائي ويندو هو. اميرزادو هيرا ڪليَن صبح ٿيڻ سان سوير ئي پنهنجن سپاهين ۽ فوجين سميت روينا جي ڪليسا جي گيٽن تائين پهچي ويو. پادري مطمئن هو ته هنکي شاهي محل طرفان فقط اهو قسم کڻايو ويو هو ته هو ڪنهن به صورت ۾ اسٽيليچو کي هٿ ڪندو، پر جيئن ئي بدقسمت وزير ڪنهن بهاني سان مقدس جڳهه جي چانئُٺ کان ٻاهر آيو ته کيس سندس ئي موت جو پروانو ڏيکاريو ويو. اسٽيليچو خاموشيءَ سان کيس موت جي مُنهن ۾ ڏيندڙ غدار ۽ والدين جي قاتل جي حمايت ڪئي ۽ پنهنجن حمايتن جي اجائي جوش کي خاموش ڪيو جيڪي هن ڄار مان ڀڄڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هيا ۽ هاڻي هن پوري عزم ۽ بهادريءَ سان، جيڪا روم جي آخري جنرلن جي عظمت جي نشاني هوندي هئي، پنهنجو سِرُ هيرا ڪليَن جي ترار اڳيان وڃي رکيو.(106)

محلات جا ڪِريل ذهنيت جا ماڻهو، جن گهڻي عرصي کان وٺي اسٽيليچو جي تعريفن جا ڳُڻ ٿي ڳايا، هاڻي کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ سندس بيعزتي ڪرڻ لڳا ۽ جن ماڻهن جي اولهه جي ماسٽر جنرل (يعني اسٽيليچو) سان ويجها يا پري جا تعلقات هيا، ۽ جنهن جو نالو ڀاڳ ۽ وقار جي علامت هوندو هو، سڀني هاڻي زوردار طريقي سان اُنهن لاڳاپن کان انڪار ڪيو ۽ کيس سزا ڏيڻ کي جائز قرار ڏنو. سندس ڪٽنب، جيڪو ٽن طرفن کان شهنشاهه ٿوڊوسيَس جي خاندان سان لاڳاپيل هو، اهو خاندان به هاڻي کيس هڪ گهٽ درجي وارو ڪڙمي ڪوٺي کيس نندي رهيو هو. هن جي پٽ يوچيريَس ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پڪڙي پيو ۽ هِن نوجوان جو موت ٿرمئنٽيا جي طلاق کان پوءِ ٿيو، جنهن پنهنجي ڀيڻ ماريه* جي جڳهه وڃي ورتي هئي ۽ جيڪا ماريه وانگر ئي شاهي محلات جي بستري تي ڪنواري رهي هئي. (107) اسٽيليچو جا دوست، جيڪي پاويا جي قتلام کان بچي ويا هيا، اُنهن کي اولمپيَس ظالماڻي انتقام جو نشانو بنايو ۽ مٿن ظلم ۽ زبردستيءَ جو هر طريقو استعمال ڪيو ويو ته جيئن کانئُن غداري يا پاڪ جڳهن جي بيحرمتي ڪرڻ جا ڏوهه باسرايا وڃن. اهي چپ چاپ مري ويا، اُنهن جي عزم سندن چونڊ ڪرڻ کي سچو ثابت ڪيو،(108) ۽ شايد سندن سرپرست جي معصوميت کي واضح ڪري ڇڏيو هو؛ هوڏانهن وري هڪ آمر جا بي لغام اختيار هيا جن جي زور تي هڪ ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي بنا ڪنهن ڪيس هلائڻ جي ختم ڪيو ويو ۽ سندس يادن کي سواءِ ڪنهن ثابتيءَ جي داغدار ڪيو ويو، ۽ اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته ايندڙ نسل جڏهن غير جانبداريءَ سان هن سانحي تي غور ڪندو ته کين زبردست جهٽڪو ضرور لڳندو.(109) اسٽيليچو جون خدمتون نهايت ئي نمايان ۽ شاندار آهن، پر سندس ڏوهَه، جيڪي خوشامد ۽ نفرت جي زبان جي ور چڙهي ويا آهن، اڻ چِٽا ۽ اڻ ٿيڻ جهڙا آهن. سندس موت کان اندازي موجب چار مهينا کن پوءِ، آنريَس جي نالي ۾ هڪ فرمان کي جاري ڪيو ويو ته ٻن شهنشاهن جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ جي سهولتن کي هڪ ٻئي لاءِ کوليو وڃي جن کي عوام جي دشمن هيتري عرصي تائين بند رکيو هو.(110) جنهن وزير جي شهرت توڙي بخت جو دارومدار ملڪ جي خوشحاليءَ تي مدار رکندڙ هو، ان تي الزام مڙهيو ويو ته هن بربرن کي مٿاهون ڪندي اٽلي سان غداري ڪئي هئي، جنهن کي هن ڪيئي ڀيرا پولينشيا، ويرونا ۽ فلورينس جي ديوارن وٽ فتح ڪيو هو. هن فقط هڪ منصوبي جو ڪوڙو بهانو ڪيو هو ته هو پنهنجي پٽ يوچيريَس جي سِرَ تي تاج رکڻ جو خواهشمند هو، پر اهو منصوبو مڪمل تيارين ۽ ٻين ماڻهن جي مدد کان سواءِ هرگز مڪمل نه ٿئي ها ۽ هڪ آرزومند پيءُ ايندڙ وقت جي شهنشاهه کي تيستائين نماڻن تصديق ڪندڙن جي وچ ۾ نه ڇڏي ها جيستائين سندس پٽ گهٽ ۾ گهٽ ويهن سالن جي عمر کي نه پهچي ها. دشمن جي ڪدورت ۽ نفرت ان حد تائين پهچي وئي هئي جو اسٽيليچو جي مذهب تي به بهتان ۽ الزام مڙهيا ويا. پادرين طرفان هن موقعي کي زبردست طريقي ۽ مذهبي جوش سان ملهايو ويو جن وڏي واڪي ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن يوچيريس تخت تي ويهي ها ته هڪدم بتن جي پوڄا ٻيهر شروع ٿي وڃي ها ۽ عيسائين جي ڪليسا عذابن ۾ مبتلا ٿي وڃي ها. هونئن حقيقت هن طرح هئي ته اسٽيليچو جي پٽ عيسائيت جي مرڪز ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي ڇو ته سندس پيءُ خود عيسائي مذهب سان جذباتي حدن تائين لاڳاپيل هو ۽ عيسائيت جي کليل حمايت ڪندو هو.(111) سيرينا پنهنجو شاندار هار ويسٽا(112) جي مورتيءَ کان اڌارو وٺي آئي هئي ۽ لامذهب اسٽيليچو جي يادن تي ان ڪري به لعنت ملامت پيا مڙهيندا هيا ته سندن خيال موجب، سبلائين جا مقدس ڪتاب توڙي روم جي غيبي علمن ۽ اڳڪٿين جي مواد کي سندس ئي حڪم تي باهه جي شعلن جي حوالي ڪيو ويو هو.(113) اسٽيليچو جي طاقت ۽ ان تي سندس فخر ئي سندس قصور هيو. سندس نالائق دشمن جي ڪاميابيءَ جو راز شايد اهو هو ته هن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي رت وهائڻ کان ڪيٻايو هو ۽ آنريَس جي اها آخري ذلت هئي ته هو روم جي نوجوانن جي حفاظت ۽ شهنشاهت جي حمايت ڪرڻ جي ذميواري کان هٽي ويو هو ۽ نئين نسل کيس ان قابل نه سمجهيو هو ته هو هن جي ان ذهنيت جي مذمت ڪن.

اهڙا ڪيترائي ماڻهو يا پوئلڳ جن جي دولت ۽ وقار کان ٻيا به بيحد متاثر ٿيا آهن، اُنهن مجهان شاعر ڪلاڊيَن هڪ اهڙو ناميارو شخص هو جنهن اسان جو توجهه پاڻ ڏي گهڻو ڇڪرايو آهي ۽ هو اسٽيليچو جو بيحد گهڻگهرو هو ۽ جڏهن هو قتل ٿيو ته ڪلاڊين کي تمام گهڻو رنج پهتو ته سندس سرپرست هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو هو. جج ۽ رڪارڊ رکڻ جي رکوالي سندس مرتبي کي شاهي درٻار ۾ مقرر ڪرايو هو. ساڳي وقت هو سيرينا سان پنهنجي لڳ لاڳاپن جو بيحد احسانمند هو جنهن سندس شادي آفريڪا جي هڪ شاهوڪار ڇوڪريءَ سان ڪرائي هئي.(114) ڪلاڊيَن جي يادگار کي ٽراجن جي گئلري اندر تعمير ڪرايو ويو جيڪو روم جي سينيٽ طرفان بيهاريل يادگارن جو هڪ نادر نمونو هو.(115) جڏهن اسٽيليچو جي تعريف ڪرڻ ڏوهه ۽ جارحيت جي زمري ۾ اچڻ لڳي ته هاڻي وري ڪلاڊين جو وارو هو جنهن تي وري هڪ انتقام پسند ۽ ڪنهن کي معاف نه ڪرڻ واري درٻاري طرفان ڇوههَ ڇنڊيا ويا ڇو ته ڪلاڊين کيس ذهانت سان ڀرپور ڀوڳن چَرچن ذريعي ناراض ڪري ڇڏيو هو. هن اٽلي جي ٻن شاهي مُنهندارن جي هڪ ٻئي سان دلچسپ انداز ۾ ڀيٽ ڪئي هئي جن جو ڪردار ۽ سندن اٿڻي ويهڻي هڪ ٻئي کان مختلف هئي. هو هڪ فيلسوف جي ماٺيڻي ۽ پروقار طبيعت جو ذڪر ٿو ڪري جيڪو ڪم جي وقت ۾ ڪڏهن آرام ڪندو هو ته ڪڏهن وري مطالعي ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندو هو، سندس ڀيٽ وري هڪ محنتي ۽ لالچي وزير سان ڪئي وئي آهي جيڪو ڪم ڪندي هرگز نه ٿڪبو هو ۽ سدائين ناانصافين ۽ مقدس جاين جون بيحرمتيون ڪري ان ۾ به پنهنجي لوڀ لالچ جو پيو سوچيندو هو. ’اهو اٽلي جي ماڻهن لاءِ ڪيڏو نه چڱو ٿئي، ڪلاڊيَس چوي ٿو، ’جيڪڏهن ماليَس سدائين سجاڳ رهي ۽ هئڊرئن سدائين آرامي هجي.‘(116) ماليَس جو آرام دوستيءَ جي هن ماٺيڻي تنبيهه سان هرگز خراب نٿي ٿيو پر ظالم هئڊرئن شايد پاڻ کي طنز جو نشانو سمجهندي انتقام وٺڻ جي تاڙَ ۾ هو ۽ آسانيءَ سان هن اسٽيليچو جي دشمنن کان هڪ ناپسنديده شاعر بابت معمولي قربانيءَ بابت معلومات حاصل ڪري ورتي هئي. شاعرن هن شور غل واري هنگامي ۾ پنهنجو پاڻ کي لڪايو ۽ پنهنجي وقار جي مقابلي ۾ دورانديشي واري واٽ وٺندي هن هڪ خط لکيو جنهن ۾ نهايت ئي نماڻائي ۽ عجز واري زبان اختيار ڪندي مُنهندار کي عرض ڪيو ته جيڪڏهن هُن کي، سندس رويي سبب ڪو ڏک يا تڪليف پهتي هئي ته هو ان جي معافي به وٺي ٿو ته توبهه به ڪري ٿو. هو اٿاهه درد جي تصوير بڻجي پنهنجي ناداني کي پاڻ نندي ٿو ته ممڪن هو ته بنا سوچئي سمجهئي شايد هن ڪجهه حماقت جون ڳالهيون ڪيون هجن ۽ پنهنجي مخالف آڏو ڪجهه رحمدلي ۽ معاف ڪرڻ جي مثالن کي ورجائي ٿو جن ۾ ديوتائن، بهادر سپوتن ۽ شينهن پڻ خطا ڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري هو اُميد ٿو ڪري ته هئڊرئن هڪ قابل- نفرت ۽ بي سهاري دشمن تي رحم جي نظرڪندو ڇو ته سُڃائي ۽ در در ڌڪا کائڻ جي ڪيفيت توڙي جلاوطني جي گهرَن زخمن اڳيئي سندس هيڻو حال ڪري ڇڏيو هو، ان کان سواءِ کيس بيشمار اذيتن مان گذرڻو پيو هو جن ۾ سندس پيارن دوستن جا موت به شامل هيا.(117) هن جي دانهُن ۽ فريادن جو اثر ته ڪونه ٿيو باقي ٿورڙن ئي سالن ۾ وزير توڙي شاعرکي قبرن ۾ پوريو ويو؛ پر هئڊرئن جونالو ايئن ميسارجي ويو ڄڻ سندس وجود ئي ڪونه هو، جڏهن ته ڪلاڊيَن کي اڃا تائين هر اُن ملڪ ۾ وڏي چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو جيڪي لاطيني زبان سمجهن ۽ پڙهن ٿا. جيڪڏهن اسان سندس خاصيتن ۽ اوڻاين جي ڀيٽ ڪريون ته اسان کي خبر پوندي ته ڪلاڊين اسان جي ذهن کي نه مطمئن ڪري ٿو ۽ نه وري ان کي خاموش ٿو ڪري سندس شاعريءَ مان اهڙو ٽڪرو ڪڍڻ مشڪل هوندو جيڪو مٿاهين درجي جو هجي يا وري ڏکوئيندڙ هجي، يا وري ڪو اهڙو شعر ملندو هجي جيڪو دل کي لوڏي ڇڏي يا تصوراتي دنيا کي بلندين تي وٺي وڃي. اسان ڪلاڊين جي شاعريءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪا سُٺن لفظن جي ايجاد لهي سگهنداسين يا وري ڪو مصنوعي روَيو* هوندو جنهن ۾ ڪا ڪهاڻي لڪل هوندي يا وري اهڙن ڪردان جي عڪاسي ٿيل هجي يا وري اهڙيون حالتون بيان ٿيل هجن جن جو تعلق عملي زندگي سان هجي. پنهنجي سرپرست لاءِ هن موقعي جي مناسبت سان هُن مدح سرائي يا وري گارگند لکي ڇپرايا ۽ اهڙي غلاميءَ واري شاعري جي ترتيب کيس مائل ڪيو ته هو سچَ ۽ فطرت جي تقاضائن کي به اورانگهي وڃي. هن قسم جي ڪوتاهين جو، بهرحال ڪلاڊيَن جي شاعريءَ جي ٻين خوبين ذريعي گهڻي حد تائين ازالو ٿي ويو آهي. قدرت طرفان کيس خداداد ڏات اها مليل هئي ته جيڪڏهن هو ننڍي ۾ ننڍي شئي کي جيترو وڏو ڪري پيش ڪرڻ چاهي ته ڪري پئي سگهيو، يا هڪ برباد شئي کي آباد ڏيکارڻ چاهي ته سندس شاعريءَ ۾ ايتري طاقت ضرور هئي ۽ جيڪڏهن هو چاهيندو هو ته هڪڙي ننڍڙي موضوع کي وڏو ۽ وسيع ڪرڻ کان سواءِ ان ۾ خوبصورتيءَ جا رنگ پڻ ڀريندو هو. مطلب ته سندس شاعري شاندار ۽ ڪمال جي هوندي هئي. هڪ مهذب صلاحيت، هڪ تصور جي ڪشادگي، يا وري سؤلو يا زوردار محاورو به پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي فنڪاري ۽ شاعراڻي مهارت سان چئي ويندو هو. اهڙن تعريفي جملن سان، جن ۾ وقت ۽ هنڌ جو ڪوبه قيد ناهي، اسان سندس هڪ خاص خوبيءَ جو به اضافو ڪري ڇڏيون جنهن جو تعلق ڪلاڊيَن جي ڄَم جي ناسازگار حالتن سان آهي. فنَ توڙي شهنشاهت جي زوال ۾، مصر(118) جو هڪ رهواسي، جنهن يوناني زبان ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ جنهن وڏي عمر ۾ لاطيني زبان نه رڳو سکي ورتي هئي پر ان جي استعمال ۾ پڻ ڪمال حاصل ڪيو هئائين،(119) پنهنجن همعصرن کان به سندس زبان ۽ ذهن جو قد مٿاهون ٿي ويو، ۽ وچ ۾ آيل ٽن سو سالن جي وقفي ۾، هن پنهنجي پاڻ کي قديم روم جي شاعرن ۾ شمار ڪري ڇڏيو هو.(120)

باب ٽيهون

 

(حاشين باب وضاحتون)

 

(1)              ڪلاڊيَن، گاٿن جي بغاوت ۽ قسطنطنيہ جي گهيري جو احوال تفصيل سان بيان ڪيو آهي. (روفينَس 100-7، ii) زوسيمَس (292، v) ۽ جارنئنڊيس (لي ريبس گيٽسز باب 29)

(*)    ٿريس ۾ گاٿن جي آباد ٿيڻ کي گبن 26 باب جي آخر ۾ بيان ڪيو آهي.

(2)             ڪلاڊين ۽ اووِڊ گهڻو ڪري پنهنجي پنهنجي تصوراتي دنيا ۾ نرالا تجربا ڪيا آهن ۽ پاڻي ۽ سخت برف جي محاورن ۽ اُنهن جي خاصيتن کي هڪ ٻئي سان بدلايو آهي. هن تجربي ۾ مصنوعي خيالن کي پڻ آزمايو ويو آهي.

(3)             جيروم (26، i) هو ڪوشش ڪري الٽينم جي پادري ۽ پنهنجي دوست هيلوڊورَس کي آٿت ٿو ڏئي ڇو جو سندس ڀائٽيو نيپوٽين زماني جي گردش ۽ اوچتين آفتن سبب مري ويو هو. (ڏسو ٽيلمانٽ کي ڪليسائي يادگيرين ۾ 200، xii).

(*)    آرڪئڊيَس جو وزير اعليٰ جنهن کي 395 عيسوي ۾ قتل ڪيو ويو هو.

(4)             ’بهادري جي پئداوار‘ جارنئنڊيس چوي ٿو (باب 29) هن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هڪ ذات جا ماڻهو گهڻي وقت کان وٺي فرانس ۾ رهندا هيا، جيڪو ان زماني ۾ سيپٽيمئنيا يا لئنگئيڊاڪ جي صوبي ۾ شامل هو، ۽ ان ذات کي ’باڪس‘ جي لقب سان سڏيندا هيا ۽ ان ڪٽنب جا ڪجهه ماڻهو پوءِ وري نئپلس جي بادشاهت ۾ وڃي رهيا (گروٽيَس گاٿن جي تاريخ ۾ صفحو 53) آرلس جي ويجهو باڪس جا سردار پراوينس جي اميرن تي ڀاڙيندڙ نه پر پنهنجي مرضي توڙي اختيارن جا پاڻ مالڪ هيا. (لانگرو- فرانس جي تاريخ 357، i)

(5)              زوسيمس (295-293، v) يونان جي فتح جي سلسلي ۾ اسان جو بهترين رهبر آهي پر ڪلاڊين بابت اشارا ۽ حوالا ڄڻ تاريخي روشنيءَ جا بيشمار ڪرڻا آهن.

(6)             هيروڊوٽس (176، vii) جي لِوي (15، xxxvi) سان ڀيٽ ڪريو. يونان جي سوڙهي لنگهه کي هر حملي ڪندڙ وڏو ڪندو رهيو هو.

(*)    (480 قبل مسيح ۾ ايران طرفان يونان تي حملي بابت).

(7)             يونئپيَس چوي ٿو: ’هو نهري ڇوڙ ذريعي گذري ويو. (وٽ- فلسلفي ۾ صفحو 93 جنهن کي ائميلن ايڊٽ ڪيو.‘

(8)             جيروم ۽ ڪلاڊيَن جي فرمانبرداري ڪندي (روفينَس ۾ (191، ii) مون ڪجهه اونداها مضمون زوسيمَس جي لکڻين سان شامل ڪري ڇڏيا آهن. جنهن جي خواهش هئي ته اٿينس جي مصيبتن کي ڪجهه نرم ڪري لکيو وڃي: ’هو اٿينس جي مائرن کي زنجيرن ۾ هرگز نه جڪڙي ها.‘ (سنيسيَس تحريرون ڪلوي، 272 جن کي پيٽاف ايڊٽ ڪيو) هو اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته اٿينس جون مصيبتون مئجسٽريٽ جي حرص ۽ هوَس ڪري وڌيون هيون جيڪو ان زماني ۾ فلسفي جي اسڪولن سبب گهٽ ۽ ماکيءَ جي ڪري زياده مشهور هو جتي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو ماکيءَ جو واپار اچي ڪندا هيا.

(9)             ڪلاڊيَن (ڊي بيل گيٽيڪو) اسڪرونيا جا جبل جن جو پاسينياس ذڪر ڪري ٿو (107، 44، i جنهن کي ڪلون ايڊٽ ڪيو آهي) ته ساڳي وقت اسانجن جديد سياحن به اُنهن جو ذڪر ڪيو آهي. ويلر (صفحو 436) ۽ چانڊلر (صفحو 298) هئڊرئن رستي جي مرمت ڪرائي اهڙو ضرور ڪيو هو جتان ٻه گاڏيون آسانيءَ سان گذري سگهن.

(10)         (روفينس ۾ 186، ii، ڊيل بيل گيٽيڪو 611 وغيره) ڪلاڊيَن ڦُرلُٽ ۽ تباهيءَ جو زوردار نقشو چِٽي ٿو.

(11)          (يوناني ماڻهو ٽِيڻ تي به نه پر شايد چؤڻ تي رحمتي ۽ بهارين ۾ آهن) هومر جو اهو جملو (اوڊيسي 306، v). ڪورنٿ جي هڪ قيدي نوجوان ترجمو ڪيو هو) ۽ مَميَس جا ڳوڙها (هڪ رومي جنرل جنهن ڪورنٿ کي 146 ق.م ۾ تباهه ڪيو هو) شايد اهو ثابت ڪن ته هڪ مغرور فاتح، توڙي جو هو اصلي صورتحال کان اڻ واقف هو، نفيس جذبن جو مالڪ ۽ رحمدل انسان هو. (پلو ٽارچ جا مختلف مضمون- 717، ii، ix جنهن کي ويچيل ايڊٽ ڪيو)

(12)         هومر اُنهن قيدي عورتن جي مثالي صبر کي لڳاتار پئي بيان ڪيو آهي جن پنهنجو پيار ۽ پنهنجون دليون پنهنجن پيئَرن ۽ ڀائرن جي قاتلن جي حوالي ڪري ڇڏيون هيون. اهڙي جذبي (جيڪو ايريفل، ائچليز لاءِ ظاهر ڪيو هو) کي رئسين ڏاڍي خوبصورت طريقي سان بيان ڪيو آهي. (ڏکوئيندڙ داستان- آلس ۾ افيجينيا- 1676)

(*)    (ايپيرس جو بادشاهه- پِرهَس جيڪو ٽين صدي ق.م ۾ هو.)

(13)         پلوٽارچ (پرهس ۾ 471، ii جنهن کي برائن ايڊٽ ڪيو) صحيح ۽ مڪمل جواب ڏئي ٿو. پرهَس اسپرٽا تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ 25000 پيادا 2000 گهوڙا ۽ 24 هاٿي هيا، ۽ ان کليل شهر جي دفاع تي بهترين تبصرو ٿيل آهي جيڪو لِڪرگـس جي قانونن تي ڪيل آهي، توڙي جو اُهو شهر تباهيءَ جي آخري مرحلن ۾ هو.

(*)    (بچاءُ بند)

(14)         شايد هومر ان جي خوبصورت تصوير چِٽي آهي.

(15)          (وِٽ فلسفي ۾- صفحا 93-90) يونئپيَس اسان کي ٻڌائي ٿو ته ٻاوَن جي فوج يونان سان ڌوڪو ڪيو هو ۽ اُنهن گاٿن جو ساٿ ڏنوهو.

(16)         اسٽيليچو جي يونان واري جنگ جي سلسلي ۾ زوسيمَس جي سچائيءَ واري بيان جي ڀيٽ ڪلاڊيَن جي خوشامدي تحرير سان ڀيٽايو (اسٽيليچو بابت تحريرون 186-172 ۽ 487- 459) جيئن ته موقعو ايترو شاندار نه هو، تنهنڪري ان کي فنڪاريءَ سان پٺتي ڪيو ويو آهي.

(17)         جن سپاهين ايلَس منجهان پيش قدمي جاري رکي اُنهن پنهنجا هٿيار صحيح سلامت پهچايا. بچاءَ جي اهڙين تدبيرن ايليَنس کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جيڪو ٻهراڙيءَ جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڙيءَ سان پيار ڪندا هيا. دولت جي ڪري غرور اچي ٿو، تنهنڪري اُنهن پنهنجن حقن کي ڇڏي ڏنو ۽ کين نقصان پهتو. پاليبيَس کين مشورو ٿو ڏئي ته هو ٻيهر پنهنجي جادوگريءَ جي احاطي ۾ اچي وڃن. هن سلسلي ۾ هڪ علمي ۽ انصاف تي مبني تبصرو اولمپڪ راندين ۾ ڏسو جنهن کي مسٽر ويسٽ، پنهنجي ڪتاب پندار ۾ پڌرو ڪيو آهي.

(18)         ڪلاڊيَن (تحريرن ۾ 480) هڪ حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو پر نديءَ جو نالو نٿو وٺي، شايد اُها اَلفيَس هئي. (اسٽيليچو 185، i) ’الفيَس جيڪا گاٿن جي لشڪرن هئڻ سبب ننڍي ٿي وئي آهي، اُها سِسلي جي منزل تائين پهچندي آهستي وهندي ٿي وڃي.‘

ان جي باوجود آءُ پينيَس کي وڌيڪ پسند ڪندس جيڪا تانگهي پاڻيءَ جي ندي ڪشادي ۽ اونهي آهي، جيڪا ايلِس کان وهندي سائلين جي هيٺان سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. اها هڪ جڳهه تي الفيَس سان ملي ٿي ۽ آجيَن جي ڪچري کي صاف ڪري ٿي. (سيلئريَس 760، i، چانڊلرجا سفرناما ص- 286)

(19)         اسٽرابو (517، viii) پلني (فطري تاريخ 3، iv) ويلر (صفحو 308) چانڊلر (صفحو 275) هنن زمين جي ٻن ٽڪرن جي ماپ ۽ اُنهن جي وچ ۾ مفاصلو مختلف هنڌن تان ماپيو.

(20)        سنيسيَس (400-397) ٽي سال قسطنطنيہ ۾ گذاريا ۽ هو سائرين ۾ ڊپٽي هو ۽ پوءِ اُهو شهنشاهه آرڪئڊيَس وٽ آيو ۽ ساڳئي عهدي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. هن کيس سون جو تاج پيش ڪيو، ۽ هن جي آڏو هڪ تحرير پڙهيائين جنهن ۾ کيس ’ڊي ريگنو‘ جو لقب ڏنائين. (صفحا 32، i پيٽاف، پئرس 1612) فيلسوف کي بطليموسن جو پادري بڻايو ويو (410 عيسوي ۾ جيڪو 430 عيسوي ۾ مري ويو) ڏسو ٽليمانٽ (ڪليسائي يادگيريون 85-683، 554، 499، xii).

(*)    گهڻين روايتن منجهان هڪڙي ۾ ايئن آيو آهي ته جبل ٽئنٽَلس مٿان ايندي ايندي رڪجي ويو هو، نه ته هو بنهه سندس مٿان ٿي ڪِريو.

(21)         سنيسيَس ڊي ريگنو (صفحا 26-21) ڪلاڊيَن (يوٽراپ ۾ 212، ii) اَلارڪ پنهنجين پاليسين جي پاڻ تعريف ٿو ڪري (ڊي بيل گيٽڪ 543، 533) ۽ بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن هن اليريَن نظام هيٺ ڪيو هو.

(22)        جارنئنڊيس (651، 29) گاٿن جو تاريخدان هڪ مثالي جوش مان هيئن ٿو چوي:

(23)        ”پنهنجن ساٿين سان مشوري ڪرڻ بعد، هن کين قائل ڪيو ته بزدل ٿي ڌارين جي غلامي ڪرڻ کان بهتر هو ته پنهنجون اڻٿڪ ڪوششون ۽ جدوجهد ڪري بادشاهت کي حاصل ڪجي.“

(24)        ڪلاڊيَن (ڊي- بيل گيٽڪ)

(25)         ’توهان اٽلي جي ائلپس منجهان آسانيءَ سان اُڪري ويندا ۽ سلامتيءَ سان روم پهچي ويندا.‘ مٿي بيان ڪيل اعتماد واري پيشنگوئي اَلارڪ يا وري شايد ڪلاڊين طرفان، واقعي ٿيڻ کان ستَ سال اڳي ڪئي وئي هئي. پر جيئن ته اُهو عمل پوريءَ طرح ڏنل وقت اندر مڪمل نه ٿيو هو ته ان پيشنگوئي جي ترجمانن پوءِ ان کي مشڪوڪ معنائون ڏنيون يا ان جون تشريحون ڪيون.

(26)        ڪلاڊيَن جي شاعريءَ جا 970 شعر جيڪي هن گيٽڪ جنگ تي لکيا هيا اهوئي اسانجو بهترين ادبي سرمايو آهي ۽ انجي شروعات آنريَس جي ڪونسل بنجڻ جي ڇهين سال جي جشن ملهائڻ سان ٿئي ٿي. هن موقعي تي زوسيمَس بلڪل خاموش آهي ۽ اسان پڻ بيوس بڻجي ويا آهيون ته وڌيڪ مواد جي چونڊ ڪرڻ لاءِ اسانکي هاڻي شايد اوروسيَس يا وري تاريخوار واقعا ڏسڻا پوندا.

(27)        جارنينڊيس جي سخت غلطين جي باوجود جيڪي هن الارڪ جي اٽلي جي جنگين بابت ڪيون آهن، (باب 29) اسيليچو ۽ آريليَن جي ڪونسل بنجڻ جون تاريخون جيڪي هن ڏنيون آهن اُهي بلڪل پڪيون ۽مستند آهن. انهن ڳالهه جي ڪلاڊيَن به تصديق ڪري ٿو (ٽليمانٽ شهنشاهن جي تاريخ 804، v) ته پولينشيا جي جنگ 403 عيسوي ۾ لڳي هئي پر وچ ۾ جيڪو وقفو آيو هو، ان جو ڀرجڻ ڏکيو آهي.

(28)        ’توهان کي روم جي ڪورٽ اڳيان وڃڻ ۾ ايترو ته ڀئو ٿو ٿئي جو توهان بربرن طرفان گهيري ۾ اچڻ کي شايد وڌيڪ ترجيح ٿا ڏيو، بجاءِ ان جي جو هڪ امن واري شهر ۾ وڃي انصاف جي دروازي اڳيان پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيو.‘ روفينَس کي خطرو محسوس ٿي رهيو هو ته امن واري شهر ۾ مرسيلا ۽ جيروم جي ماڻهن فسادن جي باهه ٻاري ڇڏي هئي. (مرسيلا روم جي وڏي عمر واري عورت هئي جنهن کي گبن 31 باب جي حاشيي ۾ هيئن ٿو بيان ڪري: ’هوءَ هر لحاظ سان بيحد عزت واري عورت هئي يعني مرتبي، عمر ۽ پنهنجي نيڪ فطرت سبب کيس هر ڪو مان ڏيندوهو.‘ روفينَس، جنهن يوناني ڪتابن جو لاطيني زبان ۾ ترجمو ڪيو هو، جيروم کي سخت ناراض ڪري ڇڏيو هو ڇاڪاڻ ته هن سندس اختيار پنهنجي نالي ۾ استعمال ڪيا هيا.

(29)        جووينين ’روزن رکڻ ۽ ڪنوارو رهڻ‘ جو سخت مخالف هو جنهن کي سخت مزاج جيروم بيعزتو ڪيو هو ۽کيس تڪليف به پهچائي هئي. (ڏسو جارٽن جو تبصرو 104، iv وغيره) ان کان سواءِ ملڪ نيڪاليءَ بابت اصلي فرمان کي به ٿوڊوسيَن ڪوڊ ۾ ڏسو. 43، v، xvi)

(30)        ’ويرونا جو پَريو مُڙس پنهنجي شهر کي ڇڏي ڪڏهن به ٻاهر نه ويو‘ هي جملو ڪلاڊين جو چيل آهي جيڪو سندس پراڻين ۽ خوشگوار لکڻين ۾ شامل آهي. ڪائولي جي نقل ڪرڻ (1667- 1618) هَرڊ جي ڪتاب (241، ii) ۾ ڪجهه مزيدار ۽ دلچسپ جملا ضرور آهن پر اُهي اصلي نقش نگاري کان گهڻا گهٽ درجي وارا آهن ڇو ته انهن جو تعلق عملي زندگي سان آهي.

(31)         ’پاڙي ۾ هڪ وڻ ڄائو ته هو پاڻ سان گڏ پنهنجن ساڳي عمر جي وڻن کي ڏسي خوش ٿئي ٿو ۽ اُنهن سان پيار ٿو ڪري.‘ مٿئين خوبصورت اظهار ۾ ڪائولي شايد پنهنجي اصل نظم توڙي انگريزي شاعر جي فڪر کان به مٿاهون نظر ٿو اچي جيڪو وڻن ۽ ٻوٽن جي علم جو ماهر هو پر هڪ عام اظهار ۾ هو شاهه بلوط جي ٻوٽي کي لڪائي ويو آهي.

(32)        ڪلاڊيَن (ڊي بيل گيٽڪ 266- 192) شايد هتي ڊيگهه ڪندڙ يا لٻاڙي لڳي، پر خوف ۽ وهمن وسوسن شايد اٽلي جي ماڻهن جي دماغن جي گهڻي حصي تي قبضو ڄمائي ڇڏيو هو.

(33)        پالينَس جي تحريرن (فولا جو سينٽ پالينَس 431- 353 عيسوي جنهن سينٽ ائمبروز جي حياتيءَ جو احوال قلمبند ڪيو هو) جن کي بئرونيَس پڌرو ڪيو آهي (ڪليسائي تاريخوار واقعا 403 عيسوي نمبر 51) ۽ جن مان صاف ظاهر آهي ته سڄي اٽلي ۾ خوف خطرن جو غوغاءُ متل هو، ان حد تائين جو ڪمپانيا جي نولا تائين به خوف جي پچار پهچي وئي هئي، جنهن پنهنجو گهر اتي ئي اڏي ڇڏيو هو.

(34)        ’اسٽيليچو فقط اڪيلو ئي اهڙو آهي.‘ اهي تعريفي جملا ڪلاڊيَن جا آهن (ڊي- بيل گيٽڪ 267) جنهن ۾ هو شهنشاهه کي به واکاڻ جي اهڙي جملي ۾ شامل نٿو ڪري آنريَس پنهنجي ئي محلات ۾ ڪيڏو نه ننڍو ۽ غير اهم نظر آيو هوندو!

(*)    (ڪومو ڍنڍ).

(35)         هتي روم جو حالتون ۽ اسٽيليچو جي سخت رويَي بابت تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي. (ڊي- بيل- گيٽڪ 363-340)

(*)    (وفاداري)

(36)        (ڊي- بيل گيٽڪ) ان جي باوجود ايڊنبرا يا نيوڪاسل کان ملن تائين جي مسافريءَ ۾ اڃا وڌيڪ وقت لڳڻ کپندو هو، پر ڪلاڊيَن گاٿن جي هن جنگ لاءِ گهڻي وقت جي اجازت نٿو ڏئي.

(37)        هر سياح کي لومبارڊي جو نقشو چڱيءَ طرح ياد هوندو (ڏسو فانيٽينل 279، v) جنهن کي گهڻو ڪري اوچتي ۽ ڪُمهلي گهڻي پاڻيءَ اچڻ سبب تڪليف پئي آئي آهي. آسٽريا جا ماڻهو، جينئا کان پهريون، پاليسويرا جي خشڪ زمين تي رهيل هيا، ويچارن جرمني جي چڱن ۽ سادن ماڻهن کي اهو خيال هرگز نه آيو هوندو ته ننڍڙي نهر يا ندي اک ڇِنڀڻ جي دير ۾ به خطرناڪ روپ وٺي ٻوڏ ۾ بدلجي سگهي ٿي. (اٽلي جا تاريخوار واقعا 443، xvi، مِلن- 1753).

(38)        ڪلاڊين اسان جي سوال جو جواب نٿو ڏئي. آنريَس پاڻ ڪٿي هو؟ تڏهن به ان جي ڀاڄ ۽ سندس تلاش جو هڪ ٻئي سان ڪافي تعلق آهي، ۽ گاٿن جي جنگ بابت منهنجو خيال، اٽلي جي ابتري وارين حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ صحيح آهي. سگونيَس (369، ii، i، آڪسيڊينٽ- بي- ڪي- x) ۽ مراتوري (اٽلي جا تاريخوار واقعا 45، iv)

(39)        گهڻن رستن جي لسٽ منجهان شايد ڪو هڪڙو رستو هٿ اچي وڃي. (صفحا 294، 288، 98 ۽ ويسلنگ جا حاشيا) آسٽا ساڄي هٿ تي ڪجهه ئي ميلن جي مفاصلي تي هو.

(40)        آسٽا يا آسٽي جيڪا روم جي هڪ ڪالوني آهي. سا هاڻي هڪ خوبصورت ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ جنهن کي سورهين صدي عيسوي ۾ سئواءِ جي حاڪمن لاءِ ٺاهيو ۽ سينگاريو ويو هو. (لينڊرو البرٽي، اٽلي صفحو- 382)

(41)         ’آءُ خوفن خطرن کان ڪڏهن به ڊڄڻ وارو ناهيان.‘ هن شايد اها غرور واري زبان روم ۾ ٻي سال اختيار ڪئي هئي ۽ اُها به اُن وقت جڏهن هو خطري جي جاءِ واردات کان پنج سو ميل پري هو. (تحريرون- 449)

(42)        گاٿن جي نيسٽر ۽ ائچليز جون تقريرون زوردار، ڪارائتيون ۽ اثرائتيون آهن ۽ حالتن سان مطابقت رکن ٿيون ۽ اُهي لِوي جي تقريرن کان اصليت ۽ اثر ۾ ڪنهن به طرح گهٽ ناهن.

(43)        اوروسيَس (37، vii) کي رومين جي لادينيت تي دلي صدمو ٿو پهچي جن ديندار عيسائين تي ايسٽر واري آچر تي حملو ڪيو هو. ان جي باوجود، ايڊيسا جي سينٽ ٿامَس جي مقبري تي وڏي عوامي اجتماع جي عبادت ڪئي وئي ته جيئن لُٽيري آريَن جي تباهي اچي سگهي. (ڏسو ٽليمانٽ شهنشاهت جي تاريخ ۾ 529، v) جيڪو هڪ خطبي جو حوالو ٿو ڏئي ۽ غلطيءَ مان سينٽ ڪرسوسٽم ڏانهن ڳالهه کي منسوب ٿو ڪري.

(44)        پولينشيا جا باقي نشان ٽُورن کان پنجويهه ميل ڏکڻ اوڀر طرف آهن. اُربس، ساڳي ئي پاڙي ۾، لومبارڊي جي بادشاهن جو شاهاڻو هنڌ هو، ۽ هڪ ننڍڙي ندي جنهن پيشنگوئيءَ کي پورو ڪرڻ نه ڏنو يعني: ’تون روم پهچي ويندين‘ ڪلووَر، قديم اٽلي- i، صفحا 85-83 (اُربس سان مراد روم جو شهر آهي پر ان جو مطلب اُربس ندي به ٿي سگهي ٿو، جنهن جو حوالو هتي ڏنو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو اُربس کي حاشين ۾ مُبهم معنيٰ ڏني وئي آهي.

(*)    (ثابت ٿي ويو)

(45)         اوروسيَس، غير واضح لفظن ۾ روم وارن جي شڪست ڏانهن اشارو ٿو ڏئي. ’اسان ويڙهه ۾ سوڀارا ٿيا آهيون، پر فاتح هئڻ جي باوجود به اسان ڄڻ شڪست کاڌي.‘ پراسپر (واقعن ۾) ان کي هڪ جهڙي خطرناڪ جنگ ٿو ڪوٺي، پر گاٿن جي ليکڪن ڪئسيوڊورَس (واقعن ۾) ۽ جارنئنڊيس (ڊي- ريب گيٽڪ باب- 29) هڪ واضح سوڀ جي دعويٰ ڪئي آهي.

(46)        ڊي- بيل گيٽڪ (627).

(47)        ڪلاڊيَن (ڊي- بيل گيٽڪ 647- 580) ۽ پروڊينشيَس 719- 694، ii) روم جي پولينشيا جي فتح جي کُليل جشن کي ملهائن ٿا. اُهي خوشيءَ ۾ شاعري به ڪن ٿا ۽ ڪجهه لکن به ٿا، ان جي باوجود ڪجهه داد مشڪوڪ شاهدن کي به ڏيڻو پوندو جن خراب حقيقتن ۽ بدناميءَ سبب هڪ سوڀ واري ڳالهه کي پٺتي ڪري ڇڏيو.

(*)    (سِمبري 101 ق.م ۾)

(48)        ڪلاڊيَن جا آخر ۾ چيل لفظ وزندار ۽ شانائتا آهن پر سمبري ۽گاٿن جي موضوعن جي سڃاڻپ يا رُخن کي ضرور سمجهڻ گهرجي (ورجل جي فلپي يا جارجڪس وانگر 490، i) ته ساڳي وقت شاعر جي ظاهري شبيهه ۽ لا اُبالي طبيعت کي به سمجهڻ گهرجي. ورسيلي ۽ پولينشيا هڪ ٻئي کان سٺ ميلن جي مفاصلي تي آهن ۽ ويڪرائي ڦاڪ ته اڃا به وسيع آهي، اهوعين ممڪن هو ته سمبري ويرونا جي ويران ۽ ڪشادي برپٽ ۾ شڪست کائي وڃن ها. (مافي- ويرونا جون ڳالهيون 62- 54، i)

(49)        ڪلاڊيَن ۽ پروڊينشيَس کي چڱيءَ طرح جاچڻ گهرجي ته جيئن تعداد کي گهٽ ڪجي ۽ هنن شاعرن بابت تاريخي حقيقتون اسان کي معلوم ٿي سگهن.

(50)         سوڀن حاصل ڪرڻ وقت روم وارا هر صورت ۾ بادشاهن ۽ صوبن جون تصويرون کڻي ماڻهن کي ڏيکاريندا هيا. مثريڊيٽس جو پنهنجو ڌڙ ٻارنهن فوٽن جو هو جيڪو سراسر سونو هو. (يعني سندس يادگار) فرينشيم، لِوِيَن 47، ciii)

(51)          گيٽڪ جي جنگ ۽ آنريَس جو ڇهون ڀيرو ڪونسل بنجڻ جا واقعا اتفاق سان اَلارڪ جي جنگ مان ڀاڄَ ۽ کيس ٿيل نقصانن کي ساڳئي سال ۽ وقت سان ملائن ٿا.

(52)         اوروسيَس (567، 37. vii) ڪلاڊيَن (320، vi) پردي کي هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏي ۽ ذهن تي هڪ سٺو نقش ٺهي ٿو وڃي.

(53)         آئريَس جي ڇهون ڀيرو ڪونسل ٿيڻ جي جشن تي ڪلاڊيَن جي باقي شاعري سندس مسافري، سندس سوڀ ۽ ان موقعي تي ٿيل راندين بابت آهي.

(54)         قديم جرمني جي ماڻهن ۽ تهذيب بابت لکيل مئسڪئو جي تاريخ ۾ نقش ڏسو. (12، viii) لفظ سٺي معنيٰ وارا پر سادگي ۽ لاشعوري طور لکيل آهن ۽ اڳتي اهو به لکيل آهي ته: ’گاٿن دائمي سوڀ حاصل ڪري ڇڏي.‘

(55)         ڪُشتي بازي جي خطرناڪ موضوع تي، ٻن ڪتابن جو مطالعو ضرور ڪجي جن جو عنوان آهي ’لپسيَس جا جشن‘ جن ۾ قديم آثار شناسيءَ بابت اهم نڪتا آندل آهن.

(56)         (ٿوڊوسين ڪوڊ- 1، xii، xv) گوڊ فراءِ جي تبصري ۾ ڪُشتي بازي جي تاريخ بابت ڪافي مواد موجود آهي.

(57)         پروڊينشيَس جا آخري الفاظ ڏسو (سماچ ۾ 1131، 1121، ii) جنهن پَڪ سان لئڪٽينٽيَس جي گارگند کي پڙهيو هوندو (خدائي ادارو 20، vi) عيسائي دفاع ڪندڙن رَت جي راندين جي سخت مخالفت ڪئي آهي جيڪي لادينيت جي مذهبي جشن جي موقعي تي شروع ڪيون ويون هيون.

(58)         ٿوڊوريٽ (26، v) منهنجي خواهش آهي ته مان سينٽ ٽيليمئچَس جي ڳاله تي ڀروسو ڪريان. پر ان جي باوجود، ان ٻائي جي ياد ۾ جنهن انسانذات جي ڀلائيءَ جي سلسلي ۾ شهادت ماڻي، نه ته ڪا قربانگاهه تعمير ڪرائي وئي ۽ نه ڪا ڪليسا جوڙائي وئي.

(*)    (ڀلي ڪري آيا).

(59)         (ٽسڪيولن 17، iv) ’ڪجهه ماڻهو ڪُشتي بازيءَ کي ظالماڻو ۽ غير انساني عمل چون ٿا. پر مان سمجهان ٿو ته اڄ جي صورتحال اها ڪانهي.‘ هو ڌيمي لهجي ۾ ان جي غلط استعمال کي نندي ٿو ۽ صحيح طريقي کي ساراهي ٿو. ’ٻيو ڪوبه نظارو يا راند اسان کي تڪليف ۽ موت بابت ڪشتي بازي جيترو نٿي سيکاري.‘ سينيڪا (تحريرون، vii) ماڻهن جي احساسن بابت اسان کي ٻڌائي ٿو.

(60)        روينا جي باري ۾ مواد اسٽرابو کان هٿ ڪيو ويو آهي. (327، v) پلني (20، iii) بائزينٽيم جو اسٽيفن (صفحو 651 جنهن کي برڪيل ايڊٽ ڪيو) ڪلاڊين (تحريرون 494 وغيره) سڊونيَس ايولنئيرِس (i، تحريرون 8، v) جارنئنڊيس (ڊي ريب گيٽڪ باب- 29) پروڪوپيَس (ڊي- بيل گيٽڪ 309، 1، i) جنهن کي لوور ايڊٽ ڪيو ۽ ڪلوويريَس (قديم اٽلي 307-301، i) ان جي باوجود منهنجي خواهش آهي ته ڪو مقامي آثار شناس هجي ها ته بهتر ٿئي ها جنهن کان مستند نقشا پڻ ملي سگهن ها.

(61)         مارشل (ٽوٽڪا 57-56، iii) هڪ ڌوڪيبازي واري اٽڪل ٿو ڪري جنهن پاڻيءَ جي بجاءِ کيس شراب وڪرو ڪيو هو پر هو سنجيدگيءَ سان ظاهر ٿو ڪري ته روينا ۾ پاڻيءَ جو حوض يا ٽانڪي انگورن جي باغ کان وڌيڪ قيمتي آهي. سڊونيَس شڪايت ٿو ڪري ته شهر ۾ نه ته ڪي ڦوهارا يا چشما آهن ۽ نه وري پاڻيءَ جو ڪو نظام آهي. ۽ ٻيو ته تازي پاڻيءَ جي به اڻاٺ آهي جنهن ڪري ٻيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون. جيئن ڏيڏر ٽاڪندا رهن ٿا ۽ ڪيترا جيت جڻيا چڪ پائن ٿا يا ڏنگين ٿا، وغيره.

(62)        ٿيوڊور ۽ آنريا جي ڪهاڻي جنهن کي ڊرائڊن، بوڪئشيو مان ورتي آهي ۽ ان کي خوبصورتيءَ سان پنهنجن لفظن ۾ آندو آهي (گيار ناتا  iii، ناول viii) ان ناول تي ڪياسي جي جهنگلن ۾ (ڪياسي، ڪلاسڪس جو بگڙيل لفظ آهي) اداڪاري ڪئي وئي هئي جيڪو روينا جي ٽِه رُخي شهر جي به نمائندگي ڪري ٿو.

(*)    (صوبي جا گورنر).

(63)        سال 404 عيسوي کان ٿوڊوسيَن ڪوڊ جون تاريخون ڄڻ قسطنطنيہ ۽ روينا ۾ بيهجي ويون هيون. ڏسو گوڊ فراءِ جا قانون بابت ويچار (i، cxiviii وغيره)

(64)        ڏسو ايم- ڊي گائگنز (هُنن جي تاريخ ۾ 338-334، 295، i ، 189- 179، i).

(65)         پروڪوپيَس (ڊي- بيل وئنڊل 182، iii، i) پالُوس مئڪوٽِس (آزوف جو سمنڊ) کان اتر جرمني ڏانهن بيشمار ماڻهن جي لڏپلاڻ ڏٺي جنهن لاءِ هو چوي ٿو ته اُها ڏڪار پوڻ سبب ٿي هئي. پر قديم تاريخ ۾ ڏنل سندس هي خيال جهالت ۽ ڪجهه غلطين سبب اونداها نظر اچن ٿا.

(66)        زوسيمَس (331، v) دنيوب ۽ رائين ندين کان پري وارين قومن کي هڪ خاص زمري ۾ آڻي ٿو. اُنهن جا نالا توڙي سندن حالتون مختلف وصفن سان بيان ڪيون ويون آهن، جن کي وري هر قديمي ليکڪ پنهنجا پنهنجا خطاب ڏئي ڇڏيا آهن.

(67)        رهئڊگاسٽ جو نالو هڪ مقامي ديوتا جو هو جيڪو اوبوٽرائيٽس قبيلي سان تعلق رکندو هو. هڪ ناليوارو سپوت شايد ديوتا جو نالو اختيار ڪري سگهي ٿو پر اهو ممڪن ڪونهي ته بربر اهڙي سپوت جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪن جيڪو ناڪام رهيو هجي. ڏسو مئسڪئو جرمني ماڻهن جي تاريخ ۾ (14، viii).

(68)        اولمپير ڊورَس (فوٽيَم ص- 180) لاطيني لفظن لاءِ يوناني لفظ استعمال ٿو ڪري يعني اميرن ۽ نوابن لاءِ بهترين ماڻهو جو لفظ ٿو آڻي، جنهن مان صحيح مطلب هرگز نٿو نڪري، مون کي گمان آهي ته اُهي شهزادا ۽ شاهي گهراڻي جا ماڻهو آهن ۽ اُنهن جا وفادار ساٿي به آهن ۽ اُنهن مان ڪي وري سردار آهن ته اُنهن سان گڏ سندن چيلا جاگيردار به آهن ڄڻ اُهي ڪجهه صديون پوءِ به اهڙي طور طريقي سان رهڻ وارا هيا.

(*)    (ٻي صدي ق.م جي آخر ۾).

(69)        ٽئيٽَس (باب 37)

(70)        ڪلاڊيَن (vi ، تحريرون- 439) آنريَس نرم لهجي ۾ گفتگو ٿو ڪري جڏهن هو گاٿن جي جنگ جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن لاءِ هن سمجهيو پئي ته اُها شايد ويجهي هئي.

(71)         زوسيمَس (331، v) اسٽيليچو جي جنگ ۽ فتح کي دنيوب کان به اڳتي کڻي ٿو وڃي. کانئس لفظن جي پڙهڻ ۾ به غلطي ٿي جنهن کي بعد ۾ ٺيڪ ڪيو ويو. (ٽليمانٽ- شهنشاهت جي تاريخ- 807، v) يعني دنيوب لاءِ آرنو استعمال ڪيو ويو. تنهنڪري اها بهتر پاليسي ٿيندي ته اسان زوسيمَس جي تصديق تي وڌيڪ اعتماد ڪريون، پوءِ اها اوهان جي مرضي ته مٿس اعتبار ڪريو يا نه، اِهو اوهان تي ڇڏيل آهي.

(72)        (ٿوڊوسين، ڪوڊ 16،  xiii، vii) هن قانون جي تاريخ (18 مئي، 406 عيسوي) مان آءٌ مطمئن آهيان جيئن گوڊ فراءِ پڻ ٿيو هو (387، ii) جنهن جو تعلق رداگئسَس جي حملي سان هيو. ٽليمانٽ، پاگي، ۽ مراتوري اڳئين سال جي حق ۾ آهن، پر پوءِ اُهي اخلاقيات توڙي احترام جي حوالي سان نولا جي سينٽ پالينَس جي راءِ سان ٻڌل آهن.

(73)        جڏهن روم تي گالن جو قبضو ٿيو، ان کان پوءِ جلد ئي (390 ق.م.) سينيٽ هڪ اوچتي ڪوٺايل ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ته 10 فوجي دستا، 3000 گهوڙا، 42000 پيادا تيار ڪيا وڃن ۽ هي ايترا گهڻا فوجي هيا جيڪي هن شهر مان آگسٽَس جي ڏينهن ۾ نه نڪرن ها (لِوي- 25، vii) هي بيان شايد آثار قديمه وارن کي عجيب لڳي پر ان کي مانيٽسقيو چڱيءَ طرح سمجهايو آهي.

(74)        مئڪياويل هڪ فيلسوف جي حيثيت ۾ فلورينس جي اصليت بابت اسان کي سمجهايو آهي. هي سلسلو آهستي آهستي فئسڪيولي جي جبل سان رشتو جوڙيندو آرنو جي ڪنارن تائين هليو ويو آهي. (فايورينٽينا 36، ii، i، لونڊرا 1747) ٽرائمورس هڪ ڪالوني فلورينس ڏي موڪلي هئي جيڪا ٽائبيريَس (ٽئسيٽَس- تاريخوار واقعا 79، i) جي ڏينهن ۾ هڪ بهترين ۽ وسندڙ شهر جي شهرت رکندڙ هئي. وڌيڪ مطالعي لاءِ ڏسو- ڪلووَر (قديم اٽلي 507، i وغيره)

(75)         رداگئسَس جوپيٽر، جيڪو ٿور ۽ ووڊن جي عبادت ڪندو هو، اولمپڪ يا ڪئپيٽولائن جَو کان بلڪل مختلف هو. گهڻن خدائن جي پوڄا جي سنجيدگي واري عقيدي مختلف ۽ گهڻن ديوتائن جي عبادت کي هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏيو هو؛ پر جيڪي روم جا اصلوڪا ماڻهو هيا، اُنهن کي گال ۽ جرمني جي قربانين ڏيڻ جي رسمن کان تمام گهڻي نفرت هئي.

(76)        پالينَس (وِٽ ائمبروز ۾ باب- 50) هي ڳالهه بيان ٿو ڪري جيڪا هن وري پئنسوفيا جي واتان ٻُڌي هئي جيڪا فلورينس جي مذهبي ۽ احترام لائق عورت هئي. ان جي باوجود وڏي پادري جلد ئي دنياداري جي معاملن ۽ ڌنڌن ۽ ڪمن ۾ پنهنجي عملي شرڪت بلڪل ختم ڪري ڇڏي، ۽ هو پوءِ ڪڏهن به مشهور بزرگ نه ٿي سگهيو.

(77)        آگسٽائين، ڊي سويٽئٽ (23، v)، اوروسيَس (571- 567، 37، vii) سوڀ حاصل ٿيڻ کان ڏهه، ٻارهن سال پوءِ ٻن دوستن آفريڪا ۾ ويهي لکيو ۽ سندن تحرير تي بسيوائل جي اِسيڊور به ويساهه ڪيو. (واقعا ص- 713، جنهن کي گراٽ ايڊٽ ڪيو) اوروسيَس الائي ڪيتريون دلچسپ ڳالهيون ان خال ۾ بيان ڪيون هونديون جنهن جو تعلق پاڪائيءَ واري بيوقوفيءَ سان آهي.

(*)    (البانيا جي ڪنارن تي).

(78)        ’سيزر جي حڪم تي جبلن کي ڊاهيو يا اکوڙيو ٿو وڃي ۽ رستي جون جيڪي به رڪاوٽون آهن ته اُنهن کي هٽائي صاف ڪيو ٿو وڃي. هو وڏيون کاهيون ٿو کوٽائي، ٽڪرين جي چوٽين سان گڏوگڏ بچاءَ جا قلعا ٿو ٺهرائي، ۽ چوطرف قلعن جو هڪ ڄار ٿو وڇرائي ڇڏي. اهڙيءَ طرح هر طرف دفاعي مورچن سان هو جهنگل، وڻراهون ۽ ٻيلن کي به محفوظ بڻائي ٿو ڇڏي.‘ ان جي باوجود سچ جي سادگي (ڊي. بيل سوِل- 44، iii) ليوڪن جي مبالغي کان گهڻي مٿاهين آهي. (فرسال 63-29، vi)

(79)        اوروسيَس جي هڪ دلچسپ اظهار کي ڏسو: ’هڪ خشڪ ۽ ڏکي ٽڪريءَ تي‘ ’هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ ڏانهن‘ هڪ وڏي فوج لاءِ هيءَ مناسب جڳهه ناهي. پر فاسٽولي، فلورينس کان فقط ٽن ميلن جي مفاصلي تي هو جيڪو شايد رداگئسَس جي هيڊڪوارٽرس لاءَ موزون هنڌ هو ۽ وڏي ڳالهه ته اهو روم جي حدن جي اندر هو.

(80)        ڏسو زوسيمَس کي (331، v) ۽ ان کان سواءِ پراسپر ۽ مرسلينَس جا تاريخوار واقعا.

(81)         اولمپيو ڊورَس (فوٽيم ص- 180) هڪ اهڙو اظهار ٿو ڪري جنهن مان ايڪي ۽ دوستيءَ جي رشتي جو مطلب ٿو نڪري ۽ جنهن سان اسٽيليچو اڃا وڌيڪ ڏوهي نظر ٿو اچي. اوروسيَس جي اظهار جو انداز: ’ٿوري وقت لاءِ کيس روڪيو ويو، پوءِ کيس ماريو ويو.‘ اوروسيَس صفا نفرت جوڳو ٿو لڳي.

(82)        اوروسيَس جيڪو نيڪيءَ جي لباس ۾ غير انساني صفتن جو مالڪ آهي. بادشاه، ماڻهن، اَگاگ ۽ اَملڪائيٽس کي قربان ڪري ٿو ڇڏي جنهن ۾ کيس رتيءَ ماتر به انساني جذبو نٿو اُڀري. هيءُ خوني اداڪار پوءِ ڀي هڪ بي احساس تاريخدان جي مقابلي ۾ گهٽ نفرت لائق آهي.

(83)        ڪلاڊيَن جا پُورَ: ’ڇا هوءَ ننڊ ۾ هوندي؟ ڇا هن کي اجورو گهٽ مليو هو؟ منهنجو خيال آهي ته آنريَس جو ستون ڀيرو ڪونسل ٿيڻ (407 عيسوي) هڪ بهترين شاعري لکڻ لاءِ سٺو موضوع هيو. جڏهن اها ڳالهه پڪ سان معلوم ٿي وئي ته ملڪ کي هاڻي بچائي نٿو سگهجي، ان کان اڳ اسٽيليچو (رومولَس، ڪئميلَس، ۽ ماريَس کان پوءِ) کي جائز طرح سان روم جو چوٿون باني چئي پيو سگهجي.

(84)        پراسپر جي تحريرن مان هڪ روشن ٽڪرو: ’فوج ٽن حصن ۾ ورهائجي وئي هئي ۽ هر حصي جو سپهه سالار جدا جدا هو.‘ تحرير جو هي حصو فلورينس جي حيثيت کي ڪافي حد تائين گهٽائي ٿو ڇڏي ۽ اٽلي، گال ۽ جرمني جي تاريخ کي هڪ ٻئي سان ملائي ٿو ڇڏي.

(85)         اوروسيَس ۽ جيروم مٿس الزام مڙهين ٿا ته حملي جو ذميوار فقط هو هيو. ’عوام کي اسٽيليچو ڀڙڪائي ڇڏيو هو.‘ هن جي وار ڪرڻ جو طريقو اڻ سِڌيءَ طرح هوندو هو. هن گال جي قيمت تي اٽلي کي بچايو هو.

(86)        مُنهندار ڊي باٽ مطمئن آهي ته جرمن وارا، جن گال تي حملو ڪيو هو، اڃا ٽي حصا بچيل هيا جيڪي رداگئسَس جي فوج مان باقي بچي ويا هيا. ڏسو يورپ جي قديمي تاريخ (1772- 121، 87،  vii، پئرس) جيڪو هڪ واضح ڪم ٿيل آهي جنهن جي تڪميل لاءِ مون کي سال 1777 تائين وقت ئي نه مليو. البت سال 1771 ۾ مون کي موجوده تاريخ لکڻ جو هڪ خاڪو ذهن ۾ آيو هو. مون کي ساڳيو خيال مئسڪئو جو به لڳو (15، viii). اهڙي ذهني هڪ جهڙائي توڙي جو اسانجي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو نه آيو آهي. شايد اسان کان ڪو اهم ڪارنامو سرانجام ڪرائي ڇڏي.

(87)        ’هڪ روم جو صوبو اُنهن آفيسرن کي جلد پنهنجين حدن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو، پر فرانس اُنهن بادشاهن مان جان نه ڇڏائي سگهندو جن کي اوهان اُتي وڃڻ جا حڪم ڏنا آهن.‘ ڪلاڊيَن (تحريرون 235، i وغيره) صاف مطمئن آهي. فرانس جا هي بادشاهه ٽورس جي گريگري کان اڻ واقف آهن پر گيسٽا فرئنڪورم جو مصنف ٻڌائي ٿو ته سُنو ۽ مارڪومير فارامانڊ جو پيءُ آهي (543، ii). هو اهڙي سٺي مواد مان لکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري جنهن کي پاڻ به سمجهي نه سگهيو هو.

(88)        ڏسو زوسيمَس (373، vi) اوروسيَس (576، 40، vii) ۽ واقعا. ٽورس جو گريگري (165، 9، ii) فرانس جي تاريخ جي ٻي جُلد ۾، رِنئٽس پروفيوچَرس فرگيريڊَس جي تاريخ جي ٻي جُلد، ۾، رِنئٽس پروفيوچَرس فرگيريڊَس بابت هڪ دلچسپ تحرير کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ٽن نالن مان معلوم ٿئي ٿو ته هُو:

• عيسائي هو.

• روم جي رعيت جو ماڻهو هو، ۽

• اڌ- بربر هو.

(89)        ڪلاڊيَن، اسٽيليچو (186، ii، 221، i) گال جي سرحدن تي امن ۽ خوشحاليءَ جو ذڪر ڪري ٿو. ابي ڊوبوز (تنقيدي تاريخ 174، i) ۾ البيز جي بجاءِ پڙهيو ويندو (هڪ بي نانءُ آرڊينز جو وهڪرو) جتي گالن جي مال جي ڌڻن جي چَرڻ جو خطرو رهي ٿو. پر هي بيوقوفيءَ وارو تجزيو آهي. شاعريءَ جي جاگرافي ۽ايلبي ۽ هرسينيَن جو مطلب ڪنهن ندي جو هوندو آهي يا وري جرمني جو ڪو جهنگ. ڪلاڊيَن شايد اسانجي قدامت جو غور سان مطالعو نه ڪيو آهي.

(90)        نوٽ: هي لاطيني زبان جون ٻه سٽون آهن، جن جو انگريزي ترجمو نه ڏنو ويو آهي، تنهنڪري سنڌي ترجمو به نٿو ڏئي سگهجي. (سنڌيڪار)

(*)    (مينز)

(91)         جيروم (93، i) ڏسو فرانس جي تاريخ جي پهرئين جُلد ۾ (صفحا 782-777) جنهن ۾ ڪافي تفصيل موجود آهن. نامعلوم شاعر خود به هڪ قيدي هو ۽ ان سان گڏ پادري توڙي سندس پاڙي جا شهري پڻ هيا.

(*)    (پلئجيَس، شروعاتي گناهه جي فلسفي جي مخالفت ٿو ڪري)

(92)        پلئجين فلسفو يا اصول، جنهن تي 405 عيسوي ۾ تمام گهڻو بحث مباحثو ٿيو هو، ان کي روم ۾ ڪارٿيج ۾ ايندڙ ڏهن سالن جي عرصي ۾ نِنديو ۽ رد ڪيو ويو هو. سينٽ آگسٽائين هن بحث ۾ سڀني کان اڳتي هو ۽ هن فتح به حاصل ڪئي پر يونان جي ڪليسا وري سندس مخالفن سان ساٿ پئي ڏنو (جيڪو حيرت انگيز ٿي لڳو). عام ماڻهن هن بحث ۾ هرگز حصو نه پئي ورتو، ڇو ته هنن سوچيو ته جيڪا ڳالهه سندن سمجهه ۾ ئي نٿي آئي، ان جي لاءِ هو پنهنجو مغز ڇو کپائين.

(*)    (جرمن شهنشاهه 1556-1519 عيسوي)

(93)        ڏسو يادگيريون- ڊي- بيلي  ڪتاب- v. فرانسيسي زبان ۾ اصلي ڇاپو، لفظي ۽ معنوي لحاظ سان، نمايان گهٽ پر موضوع جي لحاظ کان وڌيڪ چِٽو آهي جنهن مان ڏينهن جي مسافري يا جنگ جي باري ۾ به معلومات ملي ٿي.

(94)        ڪلاڊيَن (i، اسٽيليچو، 50، ii) اندازو اهو ٿو لڳايو وڃي ته آئرلئنڊ جي اسڪاٽن برطانيه جي سڄي اولهائين ٻيٽ تي حملو ڪيو هو ۽ ان ۾ نينيَس توڙي آئرلئنڊ جي ريتن رسمن جو به وڏو هٿ هو. (ڏسو ڪارٽ جي انگلنڊ جي تاريخ 169، i ۽ وٽاڪر جي برطانيه جي ماڻهن جي نِج ۽ اصلي تاريخ ص- 199) سينٽ پئٽرڪ جون ڇاهٺ حياتيون، جيڪي نائين صدي ۾ به قائم هيون، ان ۾ خبر ناهي ته ڪيترائي يا وري هزارين ڪُوڙَ شامل هوندا؛ پر پوءِ به اسان شايد اعتبار ڪريون ته آئرلئنڊ وارن جي حملي ۾ ايندڙ وقت جي ٿيندڙ حواريءَ کي قيد ڪيو ويو هو. (اُشر، برطانيه جي ڪليسائي قدامت ص- 431 ۽ ٽليمانٽ ڪليسائي يادگيريون 782، 456، xvi وغيره.

(*)    (شهنشاهه 268-253 عيسوي).

(95)         برطانيه جي غاصبن جو احوال زوسيمَس کان ورتو ويو آهي. 375-371، vi) اوروسيَس (577-576، 40، vii) اولمپيوڊورَس (فوٽيم صفحا- 181- 180) ان کان سواءِ ڪليسائي تاريخدان ۽ تاريخوار واقعا پڻ ساڳي تاريخ جوحصو آهن. لاطيني، بهرحال مارڪَس کان بيخبر آهن.

(96)        ’هنن ڪانسٽئنٽائن جي غير مستقل مزاجيءَ کان نفرت ڪئي.‘ (سڊونيَس اپولينئرس 139، 9،v جنهن کي سيڪُنڊ سرمانڊ ايڊٽ ڪيو. ان جي باوجود سڊونيَس کي شايد ڪنهن شاعري جي قافيي يا رديف ذريعي هرکايو ويو ته هو ان بادشاهه جي ڪردار کي داغدار ڪري جنهن سندس ڏاڏي کي بيعزتو ڪيو هو.

(97)        زوسيمَس هڪ نالي باگُوڊي جو استعمال ڪيو آهي جيڪو اُنهن تي لاڳو ٿو ٿئي. شايد اُنهن کي ڪجهه گهٽ نفرت جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ها. (ڏسو ڊيوڊوس، تنقيدي تاريخ ۾ 203، i ۽ هيءَ تاريخ 383، i) ان کان سواءِ باب- 13 جو حاشيو نمبر 16 به ڏسو. اسان انهن بات ٻيهر ٻڌنداسين.

(98)        ويرينئينَس، ڊائڊيمَس، ٿوڊوسيَس ۽ لئگوڊيَس، جيڪي جديد درٻارن ۾ هيا، کين رَت جا بادشاهه چئجي ته غلط نه ٿيندو ۽ اُنهن جو ڪو رتبو، حيثيت يا حق ڪونه هيا، بس اُهي به ڄڻ عام رعيت جي ماڻهن وانگر هيا.

(99)        هي آنرياني يا آنرياسي جيڪي ٻن شاخن يعني اسڪاٽ ۽ اٽاڪوٽي مان هيا ۽ ٻه شاخون اُتر- اولهه آفريڪا جي مسلمانن جون ته ٻه مرڪماني جون هيون، وڪٽورس، عسڪري ۽ گئليساني پڻ هيا (امپيري قبيلو xxxviii جنهن کي لئب ايڊٽ ڪيو) اُهي محلات جا مددگار ۽ پنجهٺ جٿن منجهان هيا جن کي زوسيمَس هڪ مخصوص نشاني ڏني هئي ته جيئن سڃاپي سگهن.

(*)    (هڪ جرمن قبيلو).

(100)    ڪلاڊيَن (تحريرن ۾ 321 وغيره)

(101)     هن قسم جي مشڪوڪ ڪاروبارن جي مُنهندار ڊي باٽ طرفان تحقيق ڪئي وئي هئي (يورپ جي ماڻهن جي تاريخ 206- 69، viii، iii، vii) جنهن جي باريڪ بيني واري محنت شايد هڪ رواجي پڙهندڙ کي ٿڪائي وجهندي.

(102)    ڏسو زوسيمَس (335- 334، v) هو پنهنجي دلچسپ ڳالهه کي پاڻ ئي وچ ۾ ڪَٽي ٿو ته جيئن اَمونا جي ڪهاڻي کي بيان ڪري سگهي ته ساڳي وقت آرگو جهاز جي قصي کي به دُهرائي جنهن کي ان جڳهه تان گهلي هئڊرئٽڪ سمنڊ ۾ لاٿو ويو هو. سوزومين (4،  ix، 25، viii) ۽ سقراط (10، vii) ان باري ۾ ڪا خاص روشني نٿا وجهن ۽ اوروسيَس (571، 38، vii) وري نفرت جي حد تائين هڪ طرفو آهي.

(*)    (ٿوڊوسيس- I جي ڀائٽي ۽ اسٽيليچو جي زال)

(103)    زوسيمَس (339- 338، v) هو لئمبڊيَس جي لفظن کي دهرائي ٿو جيڪي لاطيني زبان ۾ چيا ويا هيا پر پوءِ اُنهن کي يُوناني ۾ ترجمو ڪيو ويو ته جيئن سڀئي ماڻهو سمجهي سگهن.

(104)    هو ايگزين سمنڊ جي ڪنارن کان آيو هو ۽ وڏي شان مان سان اچي ويٺو. ’سندس شاندار فوجي پيشي هن کي محلات ۾ وڏو مرتبو ڏياريو.‘ سندس عملن سندس اعليٰ ڪردار جي شاهدي ٿي ڏني جنهن کي زوسيمَس وڌيڪ نمايان ڪري ٿو ڇڏي (340، v) آگسٽائين، اولمپيَس جي مذهبي عقيدن جو احترام ٿو ڪري جنهن کي هو ڪليسا جو سچو پٽ ٿو ڪوٺي. (بئرونيَس، ڪليسائي واقعا- 408 عيسوي نمبر 19 وغيره) ٽليمانٽ- ڪليسائي يادگيرون (468- 467، xiii) پر آفريڪي بزرگ جيڪي سندس اجايون تعريفون ڪيون، اُهي يا ته جهالت يا وري خوشامد جو نتيجو هيون.

(105)     زوسيمَس 339- 338، v) سوزومين (4، ix) اسٽيليچو آڇ ڪئي ته هو قسطنطنيہ جي سفر تي اُسهڻ چاهي ٿو ته جيئن هو آنريَس کي آماده ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته هو اجاين ڪوششن کي ڇڏي ڏئي. مشرقي شهنشاهت نه سندس حڪم مڃي ها ۽ نه وري اُها فتح ڪري سگهجي ها.

(106)    زوسيمَس 345- 336، v) گهڻي وضاحت ۽ ڪشادي ذهن سان اسٽيليچو جي بيعزتي ۽ سندس موت جو ذڪر ڪيو آهي. اولمپيوڊورَس (فوٽيَم ص- 177) اوروسيَس (572- 571، 38، vii)، سوزومين (4، ix) ۽فلوسٽور جيَس (2،  xii، 3، xi) ان باري ۾ وڌيڪ مواد فراهم ڪن ٿا.

(*)    ماريا ۽ ٿرمئنٽيا اسٽيليچو جون ڌيئرون هيون ساڳي وقت واري واري سان يا هڪ ٻئي پويان شهنشاهه آنريَس جون زالون هيون.

(107)    زوسيمَس (333، v) هڪ عيسائيءَ جي ٻن ڀيڻين سان شاديءَ کان ٽليمانٽ بُڇان ڪئي. (شهنشاهن جي تاريخ 557، v) هن اجائي اميد ٿي ڪئي ته وڏو بشپ جيڪو معصوم هو، هن سلسلي ۾ ڪجهه ڪري ها؛ يا ته هوکيس نِندي ها يا وري ان خرابيءَ جو ڪو حل ڳولي وٺي ها. (قانون موجب هڪ مري ويل زال جي ڀيڻ سان شادي ڪرڻ، ناجائز عمل هو).

(108)    هن جي ٻن دوستن کي وڏي احترام سان ياد رکيو ويو آهي. زوسيمَس (346، v) پيٽر اسڪول جي اسٽاف جو وڏو هو ۽ ٻيو وڏو ڪمدار ڊٽيريَس هو جيڪو سندس مدد ڪندو هو. اسٽيليچو هڪ ڪمري ۾ محفوظ ٿي ويو هو، پر ان ڳالهه تي تعجب ٿو ٿئي ته هڪ ڪمزور بادشاهه هيٺ سندس ڪمرو کيس محفوظ نه رکي سگهيو.

(109)    اوروسيَس (72- 571، 38، vii) شايد نمائشي ماڻهن جي ڪوڙي پر فضول ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري جن کي نئين انتظام رکندڙن سڀني صوبن ۾ پکيڙي ڇڏيو هو.

(110)     ڏسو ٿوڊوسيَن ڪوڊ (22، xiii، ix، 1، xvi، vii) اسٽيليچو کي هڪ عجيب نالي سان پڪاريو ويندو هو، جنهن پنهنجي دولت جو استعمال ڪرڻ ڄاڻي ورتو هو: ’پهريون پاڻ کي شاهوڪار ڪرڻ پوءِ ان دولت ذريعي دنيا کي پاڻ ڏي متوجہ ڪرڻ‘ سندس مقصد هو.

(111)      آگسٽائين پاڻ به اُنهن اثرائتن قانونن کان مطمئن آهي جن کي اسٽيليچو بُت پرستن ۽ دين جي منڪرن خلاف نافذ ڪيو هو ۽ جيڪي ٿوڊوسين ڪوڊ ۾ اڃا تائين موجود آهن. هو فقط اُنهن قانونن جي تصديق لاءِ اُنهن کي اولمپيَس ڏانهن موڪلي ٿو ڏئي. (بئرونيَس، عيسائي واقعا، 408 عيسوي، نمبر 19).

(112)     زوسيمَس (351، v) اسان هڪ زماني جي بيقدري ۽ نفيس جذبن کان نا آشنائي جو ذڪر ڪريون ٿا جڏهن اُهي پنهنجن يادگارن يا مجسمن کي به بُري ۽ اڍنگي طريقي سان ڍڪيندا هيا.

(113)     ڏسو روٽيليَس نُو مئٽئينَس (تفصيل 60- 41، ii) جنهن کي مذهبي جوش جذبي ڪي شاندار ۽ زوردار ڳالهيون ٻڌايون آهن. اسٽيليچو ڪئپيٽول جي دروازن تان جيئن سون جون پليٽون لاهي ڇڏيون ته هڪ پيغمبري صفتن وارو جملو کيس نظرآيو جيڪو اُنهن جي هيٺان اُڪريل هو. (زوسيمَس 352، v) ’هي حماقت واريون ڳالهيون ۽ قصا آهن تنهن هوندي ۾ بيدينيت يا ناپاڪائي جي الزام ان تعريف کي اهميت ڏني آهي، جيڪا زوسيمَس، سندس سٺاين جي، مجبوريءَ مان ڪئي آهي.‘

(114)     آرفيَس جي شاديءَ جي وقت (هي هڪ وچٿري ڀيٽ آهي) زندگي سان ڀرپور فطرت جي سڀني طرفن کان مختلف تحفا نظر ٿي آيا ۽ ائين ٿي لڳو ته ڄڻ ديوتا پاڻ به ان خوشيءَ ۾ شريڪ هيا. ڪلاڊين وٽ نه ته ڪي پکين جا ولر يا مال جا ڌَڻ هيا، نه وٽس شراب جون وليون يا زيتونن جا وڻ هيا. بس هنجي سموري مُوڙي ۽ ملڪيت سندس شاهوڪار زال هئي جيڪا هر شئي جي پاڻ مالڪياڻي هئي. پر هن سيرينا کان هڪ سفارشي خط ورتو جيڪو هو آفريڪا کڻي ويو ۽ ان خط کيس گهڻو خوش ڪري ڇڏيو. (تحريرون- ii)

(115)      ڪلاڊيَن پاڻ کي ان ماڻهوءَ وانگر عزت وارو ٿو سمجهي جيڪو واقعي ان لائق هوندو آهي. (پريفئٽ، بيل گيٽڪ) ماربل تي اُڪريل اصلي تحرير روم مان هٿ ڪئي وئي هئي جيڪا پاميونيَس ليٽَس جي گهر مان پندرهين صدي عيسوي ۾ ملي هئي. شاعر جو يادگار، جيڪو ڪلاڊيَن کان به تمام وڏو ۽ اوچو تخليق ڪار هو، پڙهيل لکيل علم وارن، سندس ملڪ جي ماڻهن ۽ سندس همعصرن طرفان سندس زندگيءَ ۾ ئي ٺاهيو وڃي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. بهرحال اهو هڪ تعريف لائق منصوبو هو. (هتي گبن والٽيئر جو حوالو ٿو ڏئي).

(116)     ڏسو هڪ ٽوٽڪو (xxx). هئڊرئن فاريا (سڪندريه) جو هو. سندس عوامي زندگيءَ جي هڪ جهلڪ گوڊ فراءِ ۾ ڏسو (ٿوڊوسيس ڪوڊ 364، v) ماليَس هروڀرو سڄو وقت سُتو نه پيو هوندو  هو. هن يونان جي فطري فلسفي بابت شاندار جملا تخليق ڪيا هيا. (ڪلاڊيَن مال ۾، ٿوڊوسين ڪوڊ 112- 61)

(117)     ڪلاڊيَن جي پهرين تحرير. پر ڪن هنڌن يا موقعن تي سندس غرور ۽ ڪاوڙ جي لهجي سندس ڳجهي ناراضگيءَ کي کولي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.

(*)    (مهارت سان مُنهن ڏيڻ يا علاج ڪرڻ).

(118)     قومي کوکلائپ جي خيال کيس فلورينس يا اسپين جو شهري بڻائي ڇڏيو آهي. پر ڪلاڊيَن جي پهرين تحرير کيس سڪندريه جو رهندڙ ثابت ڪيو آهي. (فئبريشيَس، لاطيني ۾ زندگيءَ جو احوال 201- 191، iii جنهن کي ازنيسٽ ايڊٽ ڪيو.

(119)     لاطيني زبان ۾ پهريون سندس شاعري پروبينَس جي وقت ۾ ڇپي هئي (يعني 395 عيسوي ۾). يوناني زبان جي ڪجهه ٽوٽڪن، جيڪي اڃا تائين موجود آهن کانسواءِ، لاطيني زبان جي شاعر يوناني زبان ۾ پڻ شاعري ڪئي هئي ۽ ٽارسَسَ جي قدامت، انازاربَس، بيريٽَس، ۽نائيس وغيره تي به ڪافي لکيو هو. اهو وري به آسان آهي ته سٺي شاعريءَ جي نقصان جو ازالو ته ڪنهن حد تائين ڪري سگهجي ٿو پر هڪ مستند تاريخ جي وڃائجڻ جو ازالو هرگز نٿو ڪري سگهجي.

(120)    اسٽرائڊا (مقالو-  vi، v) کيس اها اجازت ڏئي ٿو ته پنهنجو مقابلو هِنن پنجن مشهور شاعرن سان ڪري: لوڪريٽيَس،ورجل، اووِڊ، ليوڪن ۽ اسٽئٽيَس. سندن سرپرست بلٿزار ڪئسٽگلون آهي. سندس مداح تمام گهڻا ۽ جذباتي آهن. ان جي باوجود سخت قسم جا تنقيد نگار اُنهن ڌارين گلن ٻوٽن يا وَلين کان نفرت ڪن ٿا جيڪي لاطيني زمين جي فرحت بخش فضا ۾ لڳل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org