ٺٽي جي صوبيداري:
جنهن وقت مير ابوالبقا ملتان جو نائب هو، تنهن وقت
ٺٽي جو صوبيدار
مير مرتضيٰ خان حسام الدين بن مير جمال الدين حسين
هو. شاهه جهان جي ٻئي سال (1037هه - 1039 هه) ۾
مير مرتضيٰ کان جو اوچتو دل ٽٽڻ (شادي مرگ) سبب
انتقال ٿيو. شاهه جهان کي جڏهن اها خبر پهتي، تڏهن
هن مير ابوالبقا کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪري،
ڏانهس ملتان ۾ فرمان موڪلي ڏنو.
جڏهن اهو فرمان ملتان پهتو، ان وقت ميرڪ يوسف ڀاءُ
وٽ ملتان ۾ پهچي چڪو هو. ڀاڻس پنهنجي بدليءَ ٿيڻ
سبب في الحال کيس ٺٽي وٺيو آيو، ۽ شاهي دربار ۾
وڃڻ نه ڏنائينس.(1)
”ماثر الامرا“ جي مصنف جو قول آهي ته مير صاحب کي،
ٺٽي جي صوبيداريءَ ڏيڻ سان گڏ، بادشاهه سندس منصب
۾ پڻ اضافو ڪيو. ان کان اڳ گويا اڍائي هزاري ذات ۽
ٻه هزاري سوار جو کيس منصب حاصل هو، ۽ ٺٽي وڃڻ وقت
ٻنهي ۾ پنجن پنجن سوَن جو اضافو ڪري، بادشاهه کيس
سه هزاري امير بڻايو.
”خان مزبور باضافهء پانصدي ذات و پانصدي سوار،
بمنصب آن صوبه مامور شد.“
(2)
”بادشاهه نامي“ جي مصنف به انهيءَ اضافي جو ذڪر
ڪندي لکيو آهي ته:
”چون بعرض رسيد ڪه مرتضيٰ خان ولد مير جمال الدين
حسين خان انجو صوبيدار تته، رخت هستي ازين جهان
بربست، امير خان ولد قاسم خان نمڪين را ڪه نيابت
يمين الدوله بحڪومت ملتان مي پرداخت، بنظم آن
صوبه، و به اضافه پانصدي ذات و پانصدي سوار، بمنصب
سه هزاري، دوهزار سوار، سرفراز گردانيده“
(3)
شاهه جهان جو ٻيو سال 1 جمادي الثاني 1308 هه جي
شروع ٿئي ٿو، ”بادشاهه نامه“ جي مصنف مٿيون ذڪر
ٻئي سال جي آخري مهينن وارن واقعن ۾ ڪيو آهي، جنهن
جو مطلب اهو آهي ته مير صاحب جو تبادلو ٺٽي طرف
1039 هه جي شروعات ۾ ٿيو هوندو.
شاهه جهان سان بدسلوڪي ڪندڙن جو حشر: ”تحفـة
الڪرام“ جو مصنف راوي آهي ته شاهه جهان کيس خاص
هدايت ڏيئي ٺٽي موڪليو هو، ته هو اتي پهچي انهن
سڀني ملازمن، منصبدارن ۽ زميندارن کي سزائون ڏئي،
جن شريف خان گورنر ٺٽي جي چئي لڳي، شاهه جهان سان
ٺٽي ۾ اچڻ واري موقعي تي بدسلوڪي ڪئي هئي. چنانچه
مير ابوالبقا پهچڻ شرط سڀ کان پهريائين انهن ماڻهن
جو صفايو ڪيو، جن ۾ ڪڪرالي جو ڄام به هو. ڌاراج جي
راڻي ۽ ميان حمل جت کي هن وڏي مان ۽ عزت سان شاهي
دربار ڏانهن اماڻيو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي نيڪ مرد
شاهه جهان سان سٺو برتاءُ ڪيو هو، ۽ دربار ۾ پهچڻ
سان کين وڏا انعام اڪرام مليا.(1)
نڪامڙن ۽ ڪيهرن جو استيصال:
ميرڪ يوسف جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي
رعيت تمام نيڪ، مسڪين ۽ مرنجا مرنج هئي. زور وارا
قبيلا سندن شرافت ۽ نيڪيءَ جو ناجائز فائدو وٺي،
هميشـه مٿن حملا ڪندا هئا، عام جام ڌاڙا هڻي، سندن
مال، ملڪيت ۽ ڍور ڍڳا ڪاهيو هليا ويندا هئا. ڪيهر
۽ نڪامڙا خاص طرح مٿن ترڪتاز ڪندا هئا. ترخاني دور
۾ به سندن اهي ڪاروايون رهنديون هيون، ليڪن ترخان
ٻنهي قومن جي سردارن کي مواجب ڏيئي پنهنجي قبضي ۾
رکندا ٿي آيا، جنهنڪري البت رعيت جو بچاءُ هو.
اڪبر جڏهن مسند تي قبضو ڪيو، ان وقت هن گورنرن به
ترخانن واري پاليسي اختيار ڪئي، ۽ ٻنهي قومن جي
سردارن، ڄام هالي ۽ راڻي عمر، کي وظيفا ڏيئي،
هموار رکندا ٿي آيا.
جهانگير جي آخري دور ۾ ٻنهي قومن وري خود سري
اختيار ڪئي، جنهنڪري ٺٽي جي صوبي ۾ سخت هيجان پيدا
ٿي ويو. شاهه جهان
مير ابوالبقا کي جڏهن ٺٽي موڪليو، ان وقت کيس خاص
هدايت لکي موڪليائين ته ڪيهرن جو وڃڻ سان استيصال
(بيخ ڪني) ڪري. چنانـچه
مير صاحب پهچڻ شرط ڪيهرن جي سردار ڄام هالي جي
پوريءَ طرح سرزنش ڪئي. نڪامڙن لاءِ ڪو خاص حڪم
ڪونه هو، جنهنڪري مير ابوالبقا انهيءَ قوم ۽ انهن
جي سردار، راڻي عمر، کي هٿ ڪونه لاتو، ليڪن ڪيهرن
جو حشر ڏسي، اهي به چپ ٿي ويا، ۽ سندس دور ۾ انهن
ڪڏهن به ٺٽي جي راڄ ۽ رعيت کي ڪونه ڏکويو.
(1)
هالن جي بربادي:
ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مظفر خان معموريءَ جي دور ۾
هالن جو پرڳڻو يارنهن هزار خرار اَنَ سرڪاري جمع
بنديءَ ۾ ڏيندو هو، ۽ منجهانئس ويهه لک دام ڍل
اڳڙندي هئي: ليڪن ميرزا حسام الدين مرتضيٰ خان جي
ڏينهن ۾ انهيءَ پرڳڻي جي سخت بربادي ٿي، ۽ سميجا
انڙ، جن جو مٿي بار بار ذڪر ٿي چڪو آهي، انهن جي
لٽ ڦر آبادگار رعيت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، امن و
امان جي نه هجڻ سبب، ڪڙمي ڪاري، راڄ ۽ رعيت لڏي
پلاڻي، پنهنجا وٿاڻ ڇڏي، ٻين صوبن ۾ هليا ويا هئا،
جنهنڪري زمينون ويران ۽ ڳوٺ ڀڙڀانگ لڳا پيا هئا، ۽
آمدنيءَ جو انگ لهي اچي صفر تائين پهتو هو.
مرتضيٰ خان تنگ ٿي هڪ دفعو پنهنجي پٽ صمصام الدوله
کي سندن سرزنش لاءِ چاڙهي موڪليو، ليڪن اهو به
ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو، بلڪ مار کائي موٽي آيو.
صمصام الدوله لشڪر وٺي هالن کان اڌ ميل تي ”ٺٺي
ڳوٺ“ ۾ اچي منزل انداز ٿيو، ۽ چوڌاري خندق هڻائي،
خاربندي (لوڙهو) ڪري ويهي رهيو. هالن جي ٿاڻيدار،
موسيٰ خان افغان، کي ڪجهه لشڪر ڏيئي، هن انڙن تي
موڪليو. انڙن کي جاسوسن ذريعي سڄي قصي جي خبر پئجي
ويئي هئي، جنهنڪري هو پنهنجا ڳوٺ خالي ڪري، پاڻ
لشڪر جي رستي تي لڪي ويهي رهيا هئا. لشڪر جيئن بي
خبريءَ ۾ سميجن جي ڳوٺن ۾ پهتو، تيئن سميجن جهنگ
مان نڪري اچي لشڪر جي پٺيان گهيرو ڪيو، ۽ سرڪاري
سپاهين کي ڏڏري رکيائون. جيڪي سپاهي جان بچائي
سگهيا، سي ڀڄي اچي صمصام الدوله جي ڪئمپ ۾ پهتا.
يوسف سميجو کيبر پرڳڻي جو ارباب هو. ڪنهن ڳالهه
تان سرڪاري
شقه دار سان اختلاف ٿيس. ڳوٺ مان نڪري، اچي انڙن
جو لشڪر تيار ڪري، کيبر ڳوٺ تي ڏينهن ڏٺي جو حملي
آور ٿيو. اهو ڳوٺ هالن کان چئن ڪوهن جي پنڌ تي هو.
حاجي محمد شقه دار پنهنجي زال کي ماري پاڻ اچي
يوسف جي مقابلي ۾ بيٺو، ۽ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي
ويو. ارباب يوسف سميجو جيئن وڻيس تيئن شهر کي
برباد ڪري هليو ويو. اهو واقعو به صمصام الدوله جي
ويٺي ٿيو. صمصام الدوله ٻيو ته ڪجهه ڪري ڪونه
سگهيو، ليڪن هالن ۽ سماواتي پرڳڻي جي سڀني اربابن
کي قيد ڪري، سڌو پيءُ وٽ ٺٽي وٺي آيو.
مرتضيٰ خان انهن اربابن تي تمام ڳرا ڏنڊ وڌا، جيڪي
هو بروقت ڀري نه سگهيا، ۽ شرعي قبالا لکي سردست
پنهنجي جان ڇڏايائون. صمصام الدوله جڏهن ٺٽيءَ مان
ڪوچ ڪري ٺٽي ويو، ان وقت سميجن انهيءَ ڳوٺ کي به
اچي کيبر ڳوٺ وانگر ويران ڪري ڇڏيو. ڳوٺ مان جيڪي
ماڻهو بچي نڪتا، سي اچي هالن ۾ پناهه گزين ٿيا.
ميرڪ يوسف لکي ٿو ته اهو ڳوٺ، جنهن وقت
مير ابوالبقا ٺٽي آيو، ان وقت به ويران هو ۽ پوءِ
به ڪيترو وقت (1044هه) ويران رهيو خالي جايون،
برباد ٿيل ڀاڻ، ڦٽل وٿاڻ ڏسي، حيرت ۽ حسرت وٺيو ٿي
ويئي!
مير ابوالبقا جنهن وقت ٺٽي پهتو، ان وقت انهيءَ
ملڪ جي اها حالت هئي. هالن جي آمدني گهٽجي وڃي
نالي ماتر رهي هئي، جن اربابن تي مرتضيٰ خان ڏنڊ
وڌا هئا، سي وصول نه ٿي سگهيا هئا، ۽ جڏهن اربابن
تي زور پيو ٿي، ته هنن پاڻ ڀرڻ بجاءِ غريب رعيت
کان وصول ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو
نڪتو هو، جو رهيو کهيو راڄ به لڏپلاڻ ۾ هو.
مير ابوالبقا ٺٽي پهچڻ شرط، انهن افسوسناڪ حالتن
جو معائنو ڪيو، ۽ ضروري ڪمن مان فراغت حاصل ڪري،
سڀ کان پهريائين انهي علائقي طرف توجهه ڏنو. پهرين
لشڪر ڪشيءَ ۾ هن ڪيترن سميجن سردارن کي قتل ڪيو، ۽
وينجهڙي (؟) ڳوٺ ۾ وڏو قلعو ٺهرائي، ان کي پنهنجو
مرڪز بڻائي، وڌيڪ معرڪن لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو.
پنهنجي پٽ مير ضياء الدين يوسف کي فوجي دستو
ڏيئي، هن درٻيلي پرڳڻي ڏانهن اماڻيو. جيتوڻيڪ اهو
پرڳڻو بکر جي حد جو هو، ليڪن جيئن ته سميجا اتي
وڃي لڪا هئا، تنهنڪري ضيا ِّ الدين لاءِ اوڏانهن
وڃڻ ضروري ٿيو. درٻيلي جا ڪيترا سميجا قتل ٿيا ۽
ڪيترا سميجا گرفتار ٿيا، جن کي هن حڪيم محمد صالح
(1) ڏانهن
بکر موڪلي ڏنو.
مير ابوالبقا ٻيو دستو پنهنجي وچئين پٽ مير
ابوالقاسم کي ڏيئي،
هاله ڪنڊيءَ جي سميجن تي موڪليو، جنهن پڻ وڃي ساڻس
خوب معرڪا ڪيا، ۽ آخر ايترو کين پريشان ڪيائين، جو
هنن مجبور ٿي سيوهڻ جي صوبيدار، سيد ديندار خان،
کي وچ ۾ آڻي شفاعت حاصل ڪئي.
شير خان افغان:
مغل دور ۾، سيويءَ جي ولايت گهڻو ڪري بکر جي
صوبيدار جي ماتحت رهندي هئي. جنهن وقت ميرزا حسيني
(1038 هه جي آخر يا 1039 هه جي شروع ۾) بکر آيو،
ان وقت به گندا واه ۽ سيوي سندس ماتحت هئا.
شير خان ترين، جيڪو پشنگ جو رهاڪو هو،(1)
انهيءَ زماني ۾ اتان هلي اچي، سيويءَ ۾ گنجابي
(گندا واه) تي نازل ٿيو ۽ خوب ڦر ڪرڻ لڳو. سيويءَ
جو ڇاڪاڻ ته انتظام قابل اطمينان نه هو، تنهنڪري
شاهي دربار مان فرمان پهتو ته بکر جو حاڪم، سيوهڻ
۽ ٺٽي جي صوبيدارن کان مدد وٺي، سيويءَ جو بچاءُ
ڪري.
اهو حڪم ان وقت پهتو، جڏهن مير ابوالبقا وينجهڙي
ڳوٺ ۾ مرڪز ڪيو ويٺو هو، ۽ چوڌاري سميجن تي
ترڪتازن ۾ مشغول هو. حڪم پهچڻ تي، مير ابوالقبا ٽي
سؤ سوار ۽ ڏيڍ سو برق انداز ۾ تير نداز وينجهڙي جي
قلعي ۾ ڇڏيا، جن سميجن جي سرڪوبيءَ واري مهم جاري
رکي، ۽ پاڻ فوراً اچي ٺٽي پهتو. شاهي حڪم جي بجا
آوريءَ مير صاحب پنهنجي ڀاءُ کي ڪافي فوج ڏيئي،
ديندار خان ڏانهن موڪليو، جتان ديندار خان جي لشڪر
کي ساڻ ڪري، سيويءَ جي بچاءَ خاطر بکر ويا.
اهي واقعا 1039 هه جي وچ ۽ 1040 هه جي شروع جا
آهن. ديندار خان انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ ۾ هو. شير
خان 1040 هه ۾ اهو حملو سيويءَ تي ڪيو، ۽ ميرزا
حسين 1040 هه ۾ بکر ڇڏي، دربار ڏانهن ويو.(1)
هالن جي قريب ابڙيجن وارو قلعو:
وينجهڙي ڳوٺ واري قلعي کان سواءِ مير صاحب هالن جي
قريب ابڙيجن جي ڳوٺ ۾ ٻيو به هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن
جي ٺهڻ ۽ ان ۾ قلعيدار مقرر ٿيڻ بعد، سميجن جو
گهڻو زور گهٽجي ويو. ميرڪ يوسف ”مظهر شاهه
جهانيءَ“ ۾ ملڪي انتظام کي درست ڪرڻ لاءِ بادشاهه
اڳيان جيڪي تجويزون پيش ڪيون آهن، انهن مان هڪ اها
به تجويز آهي ته سنڌ جي فسادن کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽
خطري جي وقت بر وقت مقابلي ڪرڻ لاءِ، سنڌ ۾ فلاڻن
فلاڻن هنڌن تي ٿاڻا قائم هجن ۽ انهن ۾ هيتري فوج
مقرر ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾، هو ابڙيجن جي قلعي جو
ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته پرڳڻي هاله ڪنڊيءَ ۾، جيڪو
نصرپور سرڪار ۾ آهي، فساد هميشـه مٿي جو سور ٿي
پوندا آهن، تنهنڪري ابڙيجن جي ڳوٺ ۾ مير ابوالبقا
جيڪو قلعو ٺهرايو آهي، ان ۾ ٻه سئو سوار ۽ هڪ سئو
برق انداز مستقل طرح مقرر ڪيا وڃن، تاڪه فسادن کي
اڀرڻ جو موقعو نه ملي.(1)
شڪار:
انهيءَ قلعي جي چؤگرد شڪار به انهيءَ زماني ۾ گهڻو
هو- ڦاڙها، تتر ۽ بدڪون بڪثرت هيون. مير صاحب کي
به شڪار جو تمام گهڻو شوق هو: چنانچه ميرڪ يوسف
لکي ٿو ته هڪ دفعي مير صاحب خسائي شوري جي ڳوٺ تي
حملو ڪيو، اتان موٽي اچي سن جي گهيڙ کان درياءُ
اُڪري، وينجهڙي جي قلعي ۾ اچي مقيم ٿيو، قلعي جي
مرمت به ڪرائيندو رهيو ۽ روزانو شڪار به ڪندو
رهيو، چنانچه خريف جي ختم ٿيڻ تائين مير صاحب اهو
مشغلو جاري رکيو ۽ بيحد و حساب شڪار ڪيائين. خريف
جي ختم ٿيڻ بعد، مير ڪامل کي قلعي ۾ رهائي، پاڻ
وري پرڳڻي جوڻيجي ڏانهن هليو ويو.(2)
جونا ڳڙهه جي نظامت:
مير ابوالبقا ٺٽي جي صوبيداريءَ تي 1041هه تائين
رهيو، ۽
”ماثر الامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1041 هه ۾ يوسف
محمد تاشڪنديءَ اچي کانئس چارج ورتي.(3)
”بادشاهه نامه“ جي مصنف لکيو آهي ته 22 شوال
1041هه جو مير عبدالرزاق، ”امير خان صوبيدار ٺٽي“
جي پٽ شاهه جهان جي خذمت ۾ اچي نذرانو پيش ڪيو،(1)
جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته مٿين تاريخ تائين مير
صاحب ٺٽي جو صوبيدار هو، ۽ ان کان پوءِ هن ساڳئي
سال جي ڪنهن مهيني ۾ چارج ڇڏي.
يوسف ميرڪ جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير
صاحب ٺٽي مان بدلي ٿي، سڌو جونا ڳڙهه جي نظامت تي
ويو. ميرڪ جونا ڳڙهه وڃڻ جو واقعو پهرئين جلد ۾
”صوبيدارن جي تربيت“ واري باب (باب ٽيون، فصل
ٽيون) ۾ مثال طور شاهه جهان کي مخاطب ٿي پيش ڪيو
آهي. صوبيدارن جي تغير ۽ تبديل جي سلسلي ۾ ميرڪ
جيڪي مشورا پيش ڪيا آهن، سي نهايت دلچسپ آهن، ۽
انهيءَ دور جي نظام حڪومت تي روشني وجهن ٿا. لکي
ٿو:
1: صوبيدار کي صوبي مان بدلي ان وقت ڪجي، جنهن وقت
خريف جو فصل سائو ٿي وڃي. نئين صوبيدار کي به سائي
فصل ۾ ئي پهچي وڃڻ گهرجي، تاڪه هو بيٺل فصل تي
پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري، ڍلون وغيره وصول ڪري سگهي.
2: خريف جي فصل لهي وڃڻ بعد صوبيدار کي بدلي ڪرڻ
۾، ملڪ، صوبيدار خواه سرڪار جو نقصان آهي ڇاڪاڻ ،
ته بدليءَ جي خبر ٻڌڻ بعد پراڻو صوبيدار ايندڙ فصل
ڪرائڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه وٺندو، ۽ جنهن وقت نئون
صوبيدار چارج وٺندو، ان کي پوري خبر ملڪ جي حالتن،
زمين جي پوک، ۽ ڪڙمين ڪارين جي ڪانه هوندي-
تنهنڪري هو زراعت جو ڪوبه واڌارو ڪري ڪونه سگهندو.
جنهنڪري هڪ طرف سرڪاري خزاني کي نقصان رسندو، ته
ٻئي طرف صوبيدار جي آمدني گهٽ ٿيندي، ۽ ٽئين طرف
ملڪ ويران ٿي ويندو، ۽ اها حالت هڪ صوبي ۾ نه بلڪ
ٻنهي صوبن ۾ ٿيندي.
3 بدلي ٿيندڙ صوبيدار جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرئين
ڏسڻ گهرجي ته سندس صوبي جي آمدني ڪيتري آهي، سندس
پنهنجي جاگير مان ڇا ٿو پيدا ٿئي ۽ سندس لاءِ لشڪر
ڪيترو آهي، جنهن جو خرچ صوبيدار جي ذمي تي آهي.
انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي، نئون صوبو ۽ جاگير
کيس اهڙي ڏجي، جنهن مان سندس ۽ سندس لشڪر جو خرچ
پورو ٿي سگهي، جيئن هو پنهنجي نئين صوبي ۾
دلجمعيءَ سان ڪم ڪري سگهي. جيڪڏهن نئين صوبي ۾
جاگير گهٽ پيداوار واري هجي، ته ان حالت ۾ سندس
پراڻي جاگير قائم رکي وڃي، جيئن هو خرچ جو پورائو
اتان ڪندو رهي.
بطور دليل جي، ميرڪ يوسف ٺٽي مان پنهنجي ڀاءُ جي
تبادلي جو واقعو بيان ڪندي، لکيو آهي ته:
”چنانچه اين خانه زاد در تغير صوبه تته احوال
برادر ابوالبقا را مشاهده نمود ڪه بطرف جونه گره
حڪم شد ڪه برود. قريب هزار و پانصد جوان ڪار آمدني
ڪه بڪار خوب شهنشاهي بيايند در تته نوڪر داشت، و
احوال گراني و ويرانيِّ ملڪ سورتهه رشينده، پانصد
جوان در همين تته از وي جدا شدند، و پانصد جوان
قديمي دهه ساله و بيست ساله خود را در علوفه ده
بيست و دهه سي زياده ڪرده، دو ماهه پيشگي داده
همراه ضيا ِّ الدين يوسف پسر ڪلان خود نموده پيش
فرستاد، و خود متعاقب به بدين آمد. چون ضيا ِّ
الدين يوسف از جو نه گره بطرف اونه (؟) روانه شد،
چهار صد و پنجاه جوان ديگر از و فرار نمودهه، به
تته آمدند، و پنجاه جوان ڪه ابا عن جد همراهي ڪرده
آمده بودند، از جماع خويشان و مردم حصاري قدم ثبات
داشته جدا نه شدند، و لشڪري ڪه همراه برادر موميٰ
اليه بود، بسبب آن بيدل شد و محنت زور برسر برادر
مذڪور آمد. او بود ڪه هنوز باهفصد هشتد جوان خوب
ديگر از برادران و خويشان و مردم قديمي خود، روانه
ملڪ سورتهه شد، و اين خانه زاد از موضع رحمان ڪه
برڪنارهِّ دشت ڪچ واقع است از او رخصت شده بوطن
اختياري خود (سيوهن) آمد.
و اگر جاگير هاي قديم او ڪه در ملڪ تته داشت،
برقرار مي بودند، و اين خدمت بدو حڪم مي شد، بر
وجهه احسن در انصرام آن مي ڪوشيد، چرا ڪه لشڪر
قديم از و جدا نمي شد و خرچ اوهم بزيادتي نمي
ڪشيد، زيراڪ مردم سپاه بسبب جاگيرهاي قديم ز حاصل
خاطرها جمع ميداشتند، و اهل و عيال خود را، در
آنجا گذشته باندڪ اضافه از وي راضي شده، خدمتهاي
خوب بجا مي آوردند. الحال هم اميد وارم ڪه بعنايت
الاهي و به اقبال بي زوال شهنشاهي ڪار خوب ڪند.(1)
مٿين اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته:
(1) مير ابوالبقا ٺٽي ۾ بدلي ٿي جونا ڳڙهه ويو.
(2) سندس ذاتي لشڪر ٺٽي ۾ 15 سو کن هو، جن جونا
ڳڙهه جي ڏڪار جون خبرون ٻڌي، اوڏانهن وڃڻ کان
گـُـس گساءُ ڪئي، حالانڪ اهو لشڪر مير صاحب سان
جتي ڪٿي گڏ ويندو هو.
(3) ٺٽي جي صوبي ۾ جيڪي سندس جاگيرون (غالباً بدين
وغيره) هيون سي پڻ تبديل ڪيون ويون، جنهنڪري لشڪر
جو اعتماد ٽٽي پيو. جيڪڏهن اهي جاگيرون برقرار رهن
ها، ته لشڪر ائين نه ڀڄي ها، ۽ هنن کي وقت سر
تنخواهن ملڻ جي خاطري هجي ها.
(4) مير ضيا ِّ الدين يوسف مير صاحب سان اوڏانهن
ويو ۽ ميرڪ يوسف واٽ تان ڀاءُ کي اماڻي، موٽي
سيوهڻ آيو.
(5) لشڪر جي ڀڄي وڃڻ سبب، مير صاحب کي پنهنجي
ڀائن، عزيزن قديمي تعلقدارن کان سپاهي وٺي،
پنهنجو نئون جٿو تيار ڪرڻو پيو.
علائقه بير جي تيولداري:
جونا ڳڙهه ۾ مير صاحب ڪيترو وقت رهيو، ان جو اطلاع
مير يوسف به ڪونه لکيو آهي. مٿئين اقتباس جي پوئين
فقري- ”الحال هم اميد وارم ڪه بعنايت الاهي، و به
اقبال بي زوال شهنشاهي، ڪار خوب ڪند“- مان معلوم
ٿئي ٿو ته ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي تصنيف وقت (1044
هه)، مير صاحب اڃا جونا ڳڙهه هو.
شاهه جهان جي نائين سال (45- 1046 هه)، ”ماثر
الامرا“ جي ذريعي، اسان کي معلوم ٿئي ٿو، ته مير
ابوالبقا جي سپرد دولت آباد (دکن) جي علائقي بير
جي تيولداري ٿي.
”هنگام معاودت شاهزاده از دولت آباد بدار الخلافه
به تيولداري سرڪار بير مضاف صوبهء دکن تعين شده،
چندي در ڪمڪيان آن ولايت انتظام داشت....
(1)
1041هه جي آخر کان محرم 1044 هه (”مظهر شاهه
جهاني“ جي تصنيف جي وقت) تائين جونا ڳڙهه ۾ مير
صاحب جو مقيم هجڻ مٿي بيان ڪيل واقعن مان ثابت
آهي. ان کان پوءِ هو ڪيترو وقت اتي رهيو، ان جو
پتو ڪونه ٿو پوي، تان جو شاهه جهان جي نائين سال
(45- 1046 هه) ۾ بير ۾ ويو، ۽ ان کان پوءِ وري
1051 هه ۾ کيس اسان سيوهڻ ۾ ڏسون ٿا.(1)
سيوهڻ جي نظامت:
چوڏهين سال شاهه جهانيءَ (1051 هه) ۾ مير صاحب کي
سيوهڻ جو ناظم مقرر ڪيو ويو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي
ته:
”از تغير قزاق خان، بضبط الڪائي سيوستان رخصت
يافت.(2)
”بادشاهه نامه“ 4 ربيع الاول 1051 هه جي واقعات ۾
لکي ٿو ته:
”امير خان ولد قاسم خان نمڪين، بخلعت و اسپ و خدمت
ضبط سيوستان از تغير قزاق خان سر برافراخت...
(3)
ٺٽي جي دوباره حڪومت:
مير ابوالبقا هڪ سال سيوهڻ ۾ مس رهيو، جو وري کيس
ٺٽي جو گورنر ڪري اوڏانهن موڪليو ويو. 15 سال شاهه
جهاني (1052 هه) ۾ شاد خان جو تبادلو ٿيو-
”از تغير شاد خان، بار دگر بصاحب صوبگيء تته
اختصاص گرفت.“
(4)
”شاهه جهان نامه“ انهيءَ تغير جي تاريخ 4 ربيع
الاول 1052 هه لکي آهي-
”چهارم ربيع الاول امير خان ولد قاسم خان نمڪين،
بمرحمت خلعت و صوبه داري تته از تغير شاد خان، ڪه
نظم سيوستان بدو مفوض شد، نوازش يافت...(1)
ٺٽي جي جامع مسجد:
ٺٽي جي شهرة آفاق، جامع مسجد، مير ابوالبقا پنهنجي
هن ٻئي دور ۾، بادشاهه جي حڪم تي، ٺهرائڻ شروع
ڪئي. مسجد 1054 هه جو ٺهڻ شروع ٿي، ۽ 1057 هه ۾
ختم ٿي. مير صاحب جي زماني جو ڪتبو اڄ به منجهس
موجود آهي-
نديد چشم فلڪ مسجدي بدين خوبي،
ڪه آمدند ملايڪ براي ديدن فيض،
بجستم از خرد و عقل سال تعميرش
بديده ڪرداشارت ڪه ’هست معدن فيض‘.
1054 هه
ٻيو مسجد جي جڙي راس ٿيڻ جو ڪتبو آهي، جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته 1057 هه ۾ مسجد مڪمل ٿي-
چون ز صاحب قران شاهجهان،
يـافـت تـرتـيـب مـسـجد اعـليٰ،
هاتفم گفت سا اتماش
‘گشت زيبا چو مسجد اقصيٰ’
1057 هه
اهوئي سال مير صاحب جي انتقال جو آهي. معلوم ٿئي
ٿو ته مير صاحب 1052 هه جو ٺٽي ۾ آيو، ۽ 1054 هه
۾ مسجد ٺهرائڻ شروع ڪيائين، تقريباً 4 سال ڪم
هليو، ۽ جنهن سال مسجد مڪمل ٿي ، انهيءَ سال مير
صاحب جي مستعار زندگي به تڪميل تي پهتي.
محڪمه آثار قديمه وارن پنهنجي رپورٽ (نمبر 8-
بمبئي، 1879ع) ۾ لکيو آهي ته مسجد تي 9 لک رپيا
خرچ ٿيو. مسجد جي ڪرسي پٿر جي آهي، ۽ ديواريون
پڪين سرن سان نهايت ئي مضبوط مسالو ڏيئي جوڙيون
ويون آهن. ڇت ۾ ننڍا وڏا جملي 92 گنبذ آهن، جن مان
3 وڏا ۽ مرڪزي آهن. مسجد جي ديوارين ۽ مرڪزي گنبذن
تي ميناڪاري سرن جي جوڙجڪ اهڙيءَ خوش مذاقيءَ سان
بيهاري ويئي آهي، جو مسجد جي ڇت باغ و بهار جيان
پيئي معلوم ٿئي. آثار قديمه جي ماهرن جو متفقه
فيصلو آهي ته انهيءَ قسم جي خوبصورت ٽائيلس ۽ سرن
جي جوڙجڪ جو دنيا ۾ اهوئي واحد نمونو آهي. ايران
به اهڙي نازڪ ٽائيلسن جو مثال پيش ڪري نه ٿو سگهي.
مسجد جو رقبو
170 x 3.5
فوٽ آهي.
|