سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 7

 

 

مير ابوالبقا اميرخان

مير ابوالبقا، مير نمڪين جو وڏو فرزند هو، جنهن جهانگير ۽ شاهه جهان جي دور ۾ وڏي ترقي ڪري، بلند ترين منصب حاصل ڪيا. ”ماثرالامرا“ جو مصنف لکي ٿو ته:

”رشيد ترين پسران قاسم خان نمڪين است، بڪار شناسي و معامله داني سر آمد برادران بود، و به ارجمندي و بختياري ممتاز رضوان.“

پيءُ جي دور ۾ پنج صدي منصب تي پهتو. ان کان پوءِ ترقي ڪندي بقول ”ماثرالامرا“ بلند مرتبن تي وڃي فائز ٿيو. جهانگير جي دور ۾ پندرهن سوَن جو منصب ۽ پندرهن سوَن سوارن جي ڪمان حاصل ٿي. شاهه جهان جي زماني ۾ انهيءَ کان به ترقي ڪري مٿانهين منزلن تي رسيو.

سيوهڻ ۾ پيءُ جي نيابت:

اها سڌ ڪانه آهي ته 1017 هه کان اڳ هو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙن ڪهڙن عهدن تي رهيو. تاريخ جي ورقن ۾ ڳوليندي، پهريون دفعو اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته مٿئين سال ۾ جڏهن مير ابوالقاسم نمڪين ميرزا غازيءَ سان گڏ قنڌار اُسهيو، ان وقت مير ابوالبقا کي پنهنجو نائب مقرر ڪري سيوهڻ ۾ ڇڏي ويو.

سميجن سان معرڪا:

”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو، ته مغل دور ۾ سنڌ جا سميجا نهايت سرڪش هئا. سڄيءَ سنڌ ۾ سندن شاخون پکڙيل هيون. جتي هئا اتي کين ايتري قوت حاصل هئي، جو نه ڇڙو ٻين راڄن ۽ قبيلن کي خاطر ۾ نه آڻيندا هئا، بلڪ مغل حڪومت جي ڪارندن کان وٺي صوبي جي حڪمرانن تائين سڀني لاءِ سندن قوم مٿي جو سور هئي. فرمانبرداري ته خير بلڪ اجارن ۽ ڍلن ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيندا هئا. وقت بوقت حڪومت جا نمائندا، لشڪر وٺي، وڙهي، مقابلا ۽ مجادلا ڪري ئي کانئن سرڪاري رقمن جي وصولي ڪندا هئا.

”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي مصنف سميجن جي قبيلي ۾ هيٺيان پاڙا شمار ڪيا آهن، جيڪي سيوهڻ جي صوبي ۽ ٺٽي جي صوبي اندر اڪثريت ۾ هئا:

بڪيا - اُنڙ - دَل - ساند - جوڻيجا - ٿيٻا - ابڙا - پنهور - ڪوريجا - ڪيبر(؟) - ڪير (ڪيريا) (؟) - بريه (ڀريا) (؟)

سميجن مان سنڌ جي ڪيترن اميرن به سڱ ورتا هئا، خود ترخاني حڪمرانن جي گهرن ۾ به سميجون بيبيون هيون. ترخاني دور جي هڪ امير ڪبير شاهه قاسم خان زمان (1) جو تقريباً سمورو خاندان سميجن سان مٽيءَ مائٽيءَ ۾ ڳتيل هو. سيوهڻ جي مغل صوبيدار، عاقل خان، سميجن مان ڪيترا سڱ ورتا. سڱابنديءَ جي انهيءَ پشت پناهيءَ ۾ انهيءَ قبيلي کي وڏي هٿي ڏني هئي. زياده تر اهو به وڏو سبب هو، جنهن جي بناءَ تي هو نه ڇڙو حڪومت لاءِ مٿي جو سور هئا، بلڪ ٻين قبيلن ۽ سڄي راڄ رعيت لاءِ به مستقل آزار بڻيل هئا. لٽ ڦر، ڌاڙا ۽ خون خرابا، سندن رات ڏينهن جو مشغلو هو. جنهن زماني ۾ مير نمڪين قنڌار سنبريو، انهيءَ زماني ۾ صوبي سيوهڻ جي سميجن، لاکن کي ايترو ستايو، جو هو مجبور ٿي جهانگير جي دربار ۾ پهتا، جتان مير نمڪين جي نالي تي فرمان وٺي آيا ته هو سميجن تي چڙهائي ڪري، لاکن جو مال متاع کانئن وصول ڪري، ۽ ٿيل نقصان جو معاوضو کين وٺي ڏئي. بادشاهه لاکن جي فرياد کان ايترو متاثر هو، جو فرمان ۾ هن اهو به لکيو ته جيڪڏهن مير نمڪين سميجن تي لشڪر ڪشيءَ جي همٿ نه ساري سگهيو، ته بادشاهه کي خاص لشڪر هندستان مان موڪلڻو پوندو، جيڪو انهيءَ فتني جو سد باب اچي ڪندو.

”و اگر از عهدهِّ اين خدمت نمي تواند برآمد، بدرگاه والا عرضداشت ڪند، ڪه بجاوي او (نمڪين) دبگري را باين خدمت تعين ڪنيم تا حق مظلوم گرفته و جدا ڪرده حواله مظلوم نمايد.“ (2)

مير نمڪين کي ساڳئي وقت اهو به حڪم رسيو ته هو ميرزا غازيءَ سان بطور مددگار جي قنڌار وڃي، جنهنڪري وڃڻ وقت هو پنهنجي پٽ مير ابوالبقا کي نه فقط نيابت ڏيون ويو، بلڪ کيس اهو به تاڪيد ڪيائين ته سڀ کان پهريائين شاهي فرمان جي بجا آوري ڪندي، سميجن جي گوشمالي ڪري. اهو فيصلو بکر ۾ ٿيو انهيءَ سلسلي ۾ مير ابوالبقا ميرزا غازيءَ کي عرض ڪيو ته ”سميجن تي جڏهن سيوهڻ ۾ زور پوي ٿو ته هو ڀڄي وڃي نصرپور ۾ پناهه وٺن ٿا، جتي شاهه قاسم خان زمان ويٺو آهي، ۽ مٽيءَ مائٽيءَ سبب هو سندن جائز ناجائز امداد ڪندو رهي ٿو. هن وقت به ساڳي حالت ٿيندي. جڏهن آءٌ مٿن هتي چڙهائي ڪندس، ته هو ڊڪي وڃي نصرپور پهچندا. نصرپور ڇاڪاڻ ته اوهان جي حد ۾ آهي، تنهنڪري اوهان پڻ مون کي فرمان لکي ڏيو ته جيڪڏهن ضرورت ٿئي ته آءٌ اوهان جي حدن اندر به يلغار ڪري سگهان.“ چنانچه ميرزا غازيءَ انهيءَ وقت ئي انهيءَ قسم جو پروانو مير ابوالبقا کي پنهنجي مهر خاص سان ڪڍي ڏنو.

جوڻيجن جي پرڳڻي تي چڙهائي:

بکر کان پنهنجي والد ۽ ميرزا غازيءَ کي قنڌار روانو ڪري، مير ابوالبقا جيئن سيوهڻ موٽيو ٿي، تيئن واٽ تي پرڳڻي جوڻيجا جا ڪارپرداز ساڻس مليا، جن شڪايت ڪئي ته پرڳڻي جا سميجا، بڪيا، باغي ٿي پيا آهن ۽ سموري پرڳڻي ۾ شورش برپا ڪري ڇڏي اٿن، سمورو انتظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ سڄي رعيت آزار ۾ آهي. اهو پرڳڻو ان وقت ميرزا غازيءَ جي حوالي هو. مير صاحب کي ميرزا جي طرفان پروانو مليل هو، چنانچه هن انهيءَ وقت پنهنجي لشڪر جو رخ بڪين جي ڳوٺ ڪجره (؟) ڏانهن ڦيرايو.

سميجن پنهنجي ڳوٺ کي چوڌاري خندق هڻي، ان ۾ خاربندي ڪري، سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. مير صاحب پهريائين ته خندق کان ٻاهر بيهي مقابلو ڪيو، ليڪن کيس ڪاميابي ڪانه ٿي. سندس ٻه خاص گهوڙا ۽ ڪيترا سپاهي مارجي ويا. مير صاحب آخري وڏيءَ جدوجهد بعد پنهنجي لشڪر کي خاربنديءَ ۽ خندق مان اندر ٽپايو. جنهن بعد تمام سخت لڙائي لڳي، ٻنهي طرفن کان ڪيترائي سپاهي مئا، ۽ وڏيءَ ڪوشش ۽ خونريزيءَ بعد بڪين آڻ مڃي.

انهيءَ دور ۾ دستور هو ته آڻ مڃڻ بعد چڱا مڙس ڳچيءَ ۾ پلاند پائي، چڪ ۾ گاهه ڪري، اچي پيش پوندا هئا. چنانچه شڪست کائڻ بعد سميجن جي چڱن مڙسن به انهيءَ صورت ۾ پاڻ کي مير اڳيان اچي پيش ڪيو.

مير صاحب، پرڳڻي جو انتظام درست ڪري، ميرزا غازيءَ جي عامل کي پرڳڻي جون واڳون ڏيئي، پاڻ سيوهڻ روانو ٿيو.

سيوهڻ جي سميجن تي ڪاهه:

سيوهڻ ۾ چند ڏينهن رهي، مير صاحب، شاهي فرمان جي بجاآوريءَ ۾، سميجن جي گوشماليءَ لاءِ ٻاهر نڪتو. سيوهڻ جا سميجا اڳ ئي خبردار ٿي، سيوهڻ جون حدون اُڪري، مختلف شهرن ۾ منتشر ٿي ويا. ڪي جيسلمير هليا ويا، ۽ گهڻن وڃي نصرپور ۾ پناهه ورتي.

مير صاحب يلغار ڪندو هالين پهتو، جيڪو ان وقت نصرپور سرڪار جي حد ۾ هو. پهچڻ سان کيس معلوم ٿيو ته اُنڙن جو سردار طالب پنهنجي قبيلي سميت سانڪرو درياءُ ٽپي، نصرپور جي ڀـِـٽـُـن ڏانهن وڃي رهيو آهي. مير صاحب گهوڙي تان لٿو ئي ڪين. سڌو لشڪر وٺي ان جي پٺيان پيو. طالب ڀٽن تائين پهچي ڪونه سگهيو، جو مير وڃي پٺيانئس پهتو. هن فوراً ”صد گرم“ قلعي(1) ۾، جيڪو شاهه قاسم خان زمان جي ڄاٽي شيربيگ  جي حوالي هو، اندر گهڙي وڃي پناهه ورتي. مير صاحب محاصرو ڪيو، ليڪن قلعي اندران لشڪر تي بي پناهه تيربازي ٿي، جنهنڪري سندس ڪافي نقصان ٿيو. آخر ٻي صورت نه ڏسي، هـُـن هاٿي قلعي جي دروازي تائين آندا، ۽ هڪ دفعي حملو ڪري هاٿين جي ذريعي قلعي جو دروازو ڀڃائي، سمورو لشڪر اندر داخل ڪيائين. ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جو مصنف لکي ٿو ته ڪشت خون ايترو ٿيو، جو ٻارنهن سؤ سميجا پنهنجي طالب سميت گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ قتل ٿيا، ۽ آخر قلعي تي فتح حاصل ڪري، مير صاحب باقي بچيل سميجن کي گرفتار ڪيو.

مير صاحب قلعي مان موٽندي، مسابه، وينجره، ڪاتره، ويراون، ۽ جکره(2) جي ڳوٺن ۾ سميجن جون صفايون ڪندي، سيوهڻ جي قلعي وٽان منديجيءَ جو گهيڙ ٽپي، سيوهڻ پهتو.

ٻيو حملو: خون ڪرڻ، خون ٿيڻ، مارڻ مارجڻ، شڪست کائي توبهه ڪرڻ ۽ ان بعد وري شورش برپا ڪرڻ، سميجن جو رات ڏينهن جو دستور هو. چنانچه ”صد گرم“ قلعي واريءَ شڪست، مٿن ڪوبه اثر ڪونه ڪيو، ۽ چند ڏينهن وري قبيلي وارن کي گڏ ڪري، هنن خطي پرڳڻي کي اچي تاراج ڪيو. مير صاحب کي رپورٽ پهتي، هن تياري ڪري بظاهر باغبان ڏانهن رخ رکيو، ۽ وچينءَ جي وقت پاٽ ۾ پهچي، هو مهره من (؟) جي گهيڙ تان درياءُ اُڪريو. سانجهيءَ جي نماز وقت سميجن جي ڳوٺن تي پهتو، ليڪن تي ڪاريءَ وارا ڪک هئا! سميجا لڏي پلاڻي روانا ٿي چڪا هئا. مير صاحب اها رات، سڄو ڏينهن ۽ ورندي رات، سندن پٺيان پنڌ ڪيو، ورندي صبح سٺ ڪوهه ڪري ويراون (؟) ڳوٺ ۾ وڃي کين هٿ ڪيائين. انهيءَ ڳوٺ ۾ جيڪو مقابلو ٿيو، ان ۾ پنج سئو سميجا قتل ٿيا، ۽ سوين باندي ٿيا، مال متاع، ڍور ڍڳا بي انداز مير صاحب جي قبضي ۾ آيا.

جهانگير آباد:

ويراون واري معرڪي مان واندو ٿي، مير صاحب ڪجرن (؟) جي ڳوٺ ۾ پهتو، انهيءَ ڳوٺ ۾ لاکن جو قبيلو آباد هو، جن کي سميجن وقت بوقت حملا ڪري تهس نهس ڪري ڇڏيو هو. مير صاحب لاکن جي خواهش تي، شهر کي قلعو ڪڍرايو ۽ ”جهانگير آباد“ نالو رکي، ان ۾ مضبوط چوڪي ويهاري، پنهنجي والد جي هڪ قديم ملازم، فتح عليءَ، کي قلعيدار مقرر ڪري، پاڻ سيوهڻ هليو آيو.

جهانگير آباد تي مير فتحيءَ جي چڙهائي: ”صد گرم“ قلعي ۾، شاهه قاسم خان زمان جي نياڻي، مير علي شير، کي جيڪا شڪست آئي ۽ سميجن جو جيڪو جاني نقصان ٿيو، ان شاهه قاسم کي سخت غصي ۾ آندو. انتقام وٺڻ لاءِ هن تياري ڪري، سميجن ۽ سوڍن جو هڪ هزار لشڪر گڏ ڪري، پنهنجي ٻن پٽن: مير جندائي ۽ مير فتحيءَ، جي ڪمان هيٺ، جهانگير آباد جي قلعي تي ڏياري موڪليو.

جهانگير آباد جي قلعي جو هڪ معزز سيد، ابراهيم شاهه افغان، شڪار لاءِ قلعي کان ٻاهر هو. جنهن وقت مير فتحيءَ جو لشڪر اچي قلعي تي پهتو، سيد ابراهيم، فتح علي قلعيدار کي قلعي اندر اطلاع پهچائي، پاڻ قلعي جي خاربنديءَ اندران ٿي بيٺو، قلعي مان قلعي بند لشڪر تير بازي ڪئي ۽ خاربنديءَ منجهان سيد ابراهيم جنگ جوٽي. ٻنهي طرفن کان مقابلو گهڻيءَ دير تائين هليو. ڪافي خونريزي ٿي. آخر مير فتحي قلعي تائين پهچڻ ۾ ناڪامياب ٿيو ۽ پٺتي وريو هليو ويو. سندس لشڪر جا جيڪي سپاهي قتل ٿيا هئا، انهن جا سر وڍي فتح علي قلعيدار مير ابوالبقا ڏانهن سيوهڻ موڪليا.

اهو واقعو 1018 هه جي آخر يا 1019 هه جي شروع جو آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه قاسم خان زمان، جنهن نصرپور کان اهو لشڪر موڪليو، ان جو انتقال 1019 هه جي رمضان ۾ ٿيو.(1)

ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته انهيءَ شڪست کان بعد سميجا بلڪل نابود ٿي ويا ۽ وري هنن شورش ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. لاکن جي برباد ٿيل قبيلي کي موٽائي سندن اصلي ماڳن تي وسايو ويو. جيڪو سندن نقصان ٿيو هو، سو به کين ڀري ڏنو ويو.(2)

اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير:

مير نمڪين قنڌار ۾ هڪ سال رهي، 1019 هه ۾ وطن واپس ٿي رهيو هو، جو واٽ تي سندس انتقال ٿيو. بادشاهه کي جڏهن اهو اطلاع پهتو، تڏهن شمشير خان اوزبڪ(1) کي هن سيوهڻ تي موڪليو، ۽ مير ابوالبقا کي ساڳئي صوبي جي ڪن حصن جو جاگيردار مقرر ڪيائين. ليڪن مير صاحب شمشير خان جي شرڪت پسند نه ڪئي ۽ پاڻ سڌو بادشاهه جي دربار ڏانهن هليو ويو.

ميرڪ يوسف جو قول آهي ته جڏهن مير صاحب بادشاهه جي خذمت ۾ پهتو، ان وقت بادشاهه سيوهڻ جو سمورو صوبو شمشير جي حوالي ڪري، ۽ سيوهڻ واريءَ جاگير جي بجاءِ مير صاحب کي اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير مرحمت ڪئي.

اهو تقرر 1019 هه جي آخر يا 1020 هه جي شروع ۾ ٿيو. جنهن وقت مير صاحب پنهنجي جاگير تي پهتو، ان وقت بکر جو صوبيدار، تاج خان (2) هو. سيويءَ جو علائقو ايامن کان وٺي بکر جي صوبيدار جي ماتحت رهندو هو. مير ابوالقاسم نمڪين بدانتظاميءَ سبب جيڪا سيويءَ تي فوج ڪشي ڪئي هئي، ان کان پوءِ ڪيتري وقت تائين انتظام درست هلندو ٿي آيو. تاج خان جي دور ۾ فوج علي ڪـُـرد جڏهن سيويءَ تي فوجدار مقرر ٿيو، ان وقت فوجي انتظام جي ڪمزوريءَ سبب سيويءَ جي قبيلن شورش برپا ڪئي. فوج علي پنهنجي نالي جي مناسبت جي ساک قائم نه رکي سگهيو ۽ قلعي بند ٿي ويهي رهيو.

بادشاهه کي جڏهن انهيءَ واقعي جو اطلاع پهتو، تڏهن هن مير ابوالبقا ڏانهن اوٻاوڙي فرمان موڪليو ته هو پنهنجي فوج وٺي يڪدم سيويءَ پهچي. سيويءَ تي چڙهائي ڪرڻ حقيقت ۾ بکر جي صوبيدار جو ڪم هو، ليڪن بادشاهه ذاتي طرح مير جي دانشمنديءَ، بهادريءَ ۽ فوجي ڪاڪردگيءَ جو معترف هو، تنهنڪري بکر جي صوبيدار کي نظر انداز ڪري، هن اها اهم مهم مير صاحب جي سپرد ڪئي. بکر جي صوبيدار کان فقط فوجي مدد وٺڻ جي اجازت ڏنائين.

ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير صاحب بکر پهچي تاج خان کان سپاهي ورتا ۽ پڻ پنهنجي قديم سپاهين، عزيزن وغيره کي گڏ ڪري، سڌو سيويءَ ڏانهن راهي ٿيو. مير صاحب جي والد کان سيويءَ جا باغي افغان واقف هئا، مير صاحب جي خود پنهنجي سورهيائيءَ کان به هو نا واقف ڪونه هئا، تنهنڪري سندس پهچڻ شرط افغانن قلعي تا محاصرو کڻي، پاڻ کي اچي مير صاحب جي اڳيان پيش ڪيو.

”جميع افاغنه گلو بسته آمده رو را ديدند،
و فوج علي را از قلعه خلاص ساخت“ (1)

واقعات جي ترتيب مان معلوم ٿئي ٿو ته اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير مير صاحب وٽ 1020 هه کان 1022 هه تائين رهي، ۽ انهيءَ زماني ۾ ڪنهن وقت اها سيويءَ جي مهم پيش آئي. 1023 هه ۾ اوٻاوڙي مان مير صاحب جو تبادلو سيوهڻ ٿيو.

سيوهڻ جي جاگير:

1021 هه ۾، ميرزا غازيءَ قنڌار ۾ انتقال ڪيو. ميرزا رستم صفوي کانئس پوءِ ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو، جنهن کي جهانگير خاص هدايتون ڏيئي موڪليو، ته هو ٺٽي پهچي، ماڻهن جي ۽ خاص طرح ترخان ۽ ارغون گهراڻي جي اميرن جي تاليف قلب ڪري، جيئن رعيت اهو نه سمجهي ته هوءَ اجنبي ۽ ڌاريءَ حڪومت جي ماتحت آئي آهي، ۽ ارغون ترخان اهو محسوس نه ڪن ته سندن خاندان جي عزت ۽ اقتدار ختم ٿي ويو آهي.

ميرزا رستم پهريون ڌاريو حڪمران هو، جو سنڌ فتح ٿيڻ کان ايڪيهه سال پوءِ، هندستان جي مغلن جي طرفان سنڌ تي آيو، ۽ اهوئي سبب هو، جو جهانگير کيس اهي هدايتون ڏنيون، جن تي، سنڌ ۾ پهچڻ بعد، هو ٿورو وقت به هلي نه سگهيو، ۽ راڄ رعيت ۽ ارغون ترخان کانئس شاڪي ٿي پيا. چند مهينن ۾ بعد آخر بادشاهه مجبور ٿي کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو،(1) ۽ ٺٽي ۽ بکر جي صوبيدار تاج خان کي موڪلي ڏنو. تاج خان 1023 هه ۾ ٺٽي ۾ انتقال ڪيو، جنهنڪري سيوهڻ جي صوبيدار شمشير کي انهيءَ جاءِ تي آندو ويو.

مير ابوالبقا انهيءَ زماني ۾ اوٻاوڙي جي جاگير تي هو. سيوهڻ مان شمشير بيگ جي بدلي ٿيڻ تي، بادشاهه کيس سيوهڻ ڏانهن موڪليو ۽ ساڻس گڏ ميرزا دوست بيگ کي به شريڪ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ميرزا دوست بيگ اڃا سيوهڻ پهتوئي ڪونه، جو کيس ٻيو حڪم مليو، جنهن جي تعميل ۾ کيس ملتان جو خزانو کڻي قنڌار وڃڻو پيو. جيتوڻيڪ هن سيوهڻ پنهنجا ماڻهو موڪلي ڏنا، ليڪن حقيقي قوت ۽ انتظامي اختيار سڀ مير صاحب جي سپرد رهيو.

سيوهڻ جا گدرا:

سيوهڻ جي ڪن ايراضين گدرن جي پوک نهايت سٺي ٿيندي هئي، ۽ اتي جا گدرا نهايت لذيذ، مٺا ۽ غير معمولي وزن جا ٿيندا هئا. مير نمڪين پنهنجي دور ۾ انهن جي پوک جو خاص اهتمام ڪيو هو، ۽ اهي ملڪان ملڪ سوکڙيءَ طور موڪليندو رهندو هو. بادشاهه ڏانهن به ڪيترا مرتبا موڪليا هئائين، جنهن ولايتي گدرن جي مقابلي ۾ هنن کي هر لحاظ سان پسند ڪيو. جهانگير ته اتان جي گدرن جي مقابلي ۾ هنن کي هر لحاظ سان پسند ڪيو. جهانگير ته اتان جي گدرن تي ايترو اڪن ڇڪن ٿيو، جو آخري اِراضيءَ جا اهي ٽڪرا ئي ”خالصي“ ۾ آڻي ڇڏيائين.

مير ابوالبقا جڏهن سيوهڻ آيو، ته هن به گدرن جي ڪاشت ۾ غير معمولي دلچسپي وٺي ان کي وڌايو، پيءُ وانگر پاڻ به استعمال ڪندو هو ۽ هيڏي هوڏي دوستن احبابن ڏانهن به موسم اچڻ تي سوکڙي پاکڙي ڪري موڪليندو هو.

هڪ دفعي نارلم(1) ڳوٺ (؟) ۾ گدرن جو فصل نهايت سٺو ٿيو.
مير محمد يوسف لکي ٿو ته مير ابوالبقا ٻيڙي ڀرائي ٺٽي جي صوبيدار شمشير خان ۽ مظفر خان معموريءَ ڏانهن، پنهنجي خاص ماڻهوءَ، محبت، ذريعي ڏياري موڪلي. خسائي شوري (؟) جي ڳوٺ وٽ جڏهن ٻيڙي پهتي، ته دائود شوري جي ماڻهن نه فقط ٻيڙي لـُـٽي، بلڪ مير صاحب جي ماڻهوءَ، محبت، کي جيڪو ايلچيءَ طور سوکڙي کڻي وڃي رهيو هو، تنهن کي به قتل ڪري ڇڏيو.

مير صاحب کي انهيءَ اطلاع سيخپا ڪري ڇڏيو. شام ڌاري سيوهڻ مان نڪري، ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، راتو رات سيوهڻ جي گهيڙ وٽان لهي، خسائي شوري جي ڳوٺ تي وڃي پهتو. دائود شوري سمجهيو ٿي ته آفت اجهو ڪي ايندي، سو اڳئين ڏينهن تي ئي ٽپڙ ٽاڙي کڻي، ٻارن ٻچن سميت ڳوٺ ڇڏي، ٽڪر ٽپندو، سنڌ جي سرحد مان نڪتو هليو ويو. مير صاحب وڃي خالي وٿاڻن تي بيٺو. اندر جي تـَـوَ کان، هن شهر کي باهه ڏياري، هوسڙن ۽ شورن مان جيڪي هٿ آيس تن کي قتل ڪري، مال متاع کنيو، سيوهڻ هليو آيو.(1)

بڪيجن جي گوشمالي: ميرڪ يوسف لکي ٿو ته سيوهڻ جي صوبي ۾ درياءَ جي اندرينءَ ڀر ٽي پرڳڻا هئا: هڪ جوڻيجن جو، ٻيو خطو، ۽ ٽيون پرڳڻو لاکاٽ. جوڻيجن جي پرڳڻي ۾ ڪوريجا، پنهور، ۽ شيخ آباد هئا، ۽ سميجن جي قبيلي مان بڪيجا، بيان ڪيل ٽن قبيلن کان زياده تعداد ۾ رهندا هئا. بڪيجن جو سڄو قبيلو ڏوهاري هو، خون، ڦر ۽ ڌاڙا هڻڻ سندن رات ڏينهن جي ڪرت هئي، ۽ منجهانئن نه ڇڙو رعيت ڏکويل هئي، بلڪ خود سرڪاري ماڻهو به آزاريل هئا. ماڻهن جو مال ملڪيت ته کائي کپائي ڇڏيندا هئا، پر سرڪاري اجارو به هضم ڪري ويندا هئا. اڳيان جاگيردار جيئن تيئن پنهنجو وقت گذاري ويا، ليڪن مير صاحب اهو برداشت ڪري نه سگهيو، جنهنڪري هن اچڻ سان ئي بڪيجن جي گوشمالي اهڙيءَ طرح ڪري ڇڏي، جو سڄي راڄ تان سندن آزار لهي پيو، ۽ سرڪاري خزانو به هر وقت جي نقصان کان بچي ويو. (1)


(1) احوال لاءِ ڏسو ”چنيسر نامه“ جو مقدمو

(2)  ”مظهر“ ص. 2/305.

(1) قلعي جو نالو غالباً ”سيد ڳڙهه“ هو. ڪتاب جي غلطيءَ سبب ”صد گرم“ ۽ ”صيد گر“ لکيو ويو آهي.

(2) انهن ڳوٺن جا صحيح نالا معلوم ٿي نه سگهيا، معلوم ٿئي ٿو ته نصرپور جي آسپاس ۾ اهي ڳوٺ ان وقت آباد هئا.

(1)  شاهه قاسم خان زمان جي قبر تي جيڪو ڪتبو آهي، ان تي سندس وفات جي تاريخ ”14 رمضان 1019 هه روز دوشنبه وقت عصر“ لکيل آهي. ڏسو ”چنيسر نامه“ جو مقدمو.

(2)  ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 306/309.

(1)  ارسلان بيگ جو نالو، شمشير خان اوزبڪ لقب، 1019 هه سيوهڻ آيو، ميرزا غازيءَ جو انتقال (1021هه) بعد، ميرزا رستم ٺٽي آيو، جنهن جي امداد لاءِ شمشير بيگ سال کن ٺٽي ۾ رهيو. ميرزا رستم 11 محرم 1022هه جو ٺٽي پهتو، ليڪن جلد ئي ڪاروبار کي چڱيءَ طرح نه هلائڻ سبب معزول ٿي ويو، ۽ بکر مان تاش بيگ تاج خان کي ٺٽي بدلي ڪيو ويو. شمشير خان، تاج خان جي اچڻ بعد، موٽي سيوهڻ آيو. ٺٽي ۾ تاج خان 1023 هه ۾ انتقال ڪيو، جنهنڪري شمشير خان وري عارضي طرح ٺٽي ويو. ۽ سيوهڻ
مير ابوالبقا کي مليو، جنهن جو ذڪر متن ۾ ڪيو ويو آهي. ٺٽي ۾ شمشير خان اوستائين رهيو، جيسين مير عبدالرزاق  مظفر خان معموريءَ اچي کانئس چارج ورتي. شمشير خان لاهور ۾ وفات ڪئي. (ڏسو ”ذخيرهِ الخوانين“ ص. 355، ”ماثر الامرا“ ص. 1/77، 1/233 ”مظهر شاهه جهاني“)

(2)  1020 هه ۾ بکر آيو، ”تاش بيگ“ نالو ۽ ”تاج خان“ لقب هوس، سيد زادو هو. بکر مان ٺٽي جو صوبيدار ٿي ويو، جتي 1023 هه ۾ انتقال ڪيائين. ڏسو ”تحفـة الڪرام“، ”لب تاريخ سنڌ“، ”ماثرالامرا“ ص. 1/483، ۽ ”ذخيرهِ الخوانين“ 397.

(1) ”مظهر“ ص. 2/247.

(1)  انهيءَ سلسلي ۾ ”ذخيرهِ الخوانين“ جي عبارت هيءَ آهي: ”اما باَنها سلوڪ خوب نڪرد، اڪثر مردم جلاوطن شدند..... اين خبر بمسام عليه جهانگيري رسيد. ميرزا را تغير ڪرده حضور طلبيده، روزي چند بار ندادند، بعده بسعادت ڪورنش مستفيد گرديد.“ ص. 58.

(1)  ميرڪ يوسف ان ڳوٺ جو نالو ڪٿي ”نار“ ۽ ڪنهن جاءِ تي ”نارلم“ لکيو آهي. ڳوٺ جو جغرافيو هن طرح لکي ٿو: ”اهو ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان ست ڪوهه پري هو. انهن جا گدرا ۽ هنداڻا خاص طرح مٺا ۽ لذيذ ٿيندا هئا. ڳوٺ نهايت چڱيءَ ۽ پر فضا جاءِ تي آهي. اتي هڪ چشمو به آهي. جنهن ۾ پاڻي هڪ پهاڙ جي ڪاريز مان اچي ٿو. جنهن جبل مان پاڻي اچي ٿو، اهو ڳوٺ کان ٻن ڪوهن جي فاصلي تي آهي، ۽ ٽڪر جي پاڙ ۾ هڪ چشمو آهي، جنهن مان پاڻي اٻڙڪي ٻاهر نڪري ٿو ۽ هڪ ڪسيءَ جي ذريعي اهو پاڻي نار واري چشمي ۾ اچي پوي ٿو. ميرڪ پاڻ به ٻه دفعا انهيءَ پاڻيءَ تي نيل ۽ فاليز پوکين ٿا، جيڪا بياني واريءَ نيل جهڙي سٺي ٿئي ٿي. پاڻيءَ جي پوري انتظام نه هئڻ سبب فقط اڍائي سو کن جريب پوک ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن پاڻيءَ جو انتظام ڪجي ته هوند ويهه هزار جريب آباديءَ هيٺ اچي وڃن. نار ڳوٺ کان مني ڪوهه جي پنڌ تي حضرت آريءَ شينهاڻيءَ جي مزار آهي. اهو بزرگ شينهن تي سواري ڪندو هو، تنهنڪري انهيءَ نسبت سان مشهور ٿيو. انهيءَ ڳوٺ جا گدرا ايتريقدر مشهور آهن، جو جهانگير انهيءَ سبب جي ڪري انهيءَ ڳوٺ کي پنهنجي ‘خالصي‘ ۾ آڻي ڇڏيو. ڪجهه وقت شاهي وڪيل ان جي نظر اندازي ڪندا هئا، ۽ ان کان پوءِ ڪو عرصو اهو ڳوٺ نواب آصف جي قبضي ۾ رهيو.“ ص. 2/379.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/258.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/276.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org