سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 10

 

مسجد امير خاني:

جامع مسجد جي مغربي طرف کان ٻه سؤ قدم اتر طرف هڪ ٻي مسجد گنبذ نما، ”مسجد امير خاني“ جي نالي، ٺٽي ۾ موجود آهي. ”تحفـة الڪرام“ ۾ آهي ته اها مسجد مير ابوالبقا (1) محلي ڀائي خان ۾، چؤنڪ عبدالغني ۽ چؤنڪ ملڪ امان جي وچ تي ٺهرائي. اتي اصل ۾ هندن جو معبد هو، جنهن کي ڊهرائي مير صاحب مريد قانون گو جي گهر سان متصل هئي.(1) اها مسجد اڄ به شڪسته حال ۾ موجود آهي. چئن ديوارين تي هڪ  گنبذ آهي، ۽ اوڀر کان هڪ ننڍو دروازو اٿس، جنهن جي اترئينءَ  ۽ اولاهينءَ ڪنڊ تي ٻن پٿرن تي ڪتبا لڳل آهن. اندر جي ويڪر 8 قدم ٿيندي. مسجد جي اندران خواه ٻاهران ڪاشيءَ جو ڪم هو، جيڪو هن وقت ڳري ويو آهي، تعمير سرن ۽ پٿرن جي آهي، دروازي جو چؤڪاٺو ڦـِـڪي پٿر جو آهي. مسجد ۾ هيٺينءَ طرح ڪتبا پٿر جي سرن تي اڪريل آهن:

1، دروازي جي ٻاهران، اتر جي بازوءَ تي-

اين مسجدي بهشت نشان را بنا نهاد
مهرِ سپهر دولت و اقبال امير خان

2، دروازي جي ٻاهران ڏکڻ واري بازوءَ تي-

چون ختم بود درهمه اوصاف فيض و لطف
سالي تمام گشتن او نيز ”ختم“ دان

                                                1040 هه

مسجد جي اندران به ديوارين تي هر طرف ڪتبا لڳل آهن، جن مان ڪي ڊهي ويا آهن ۽ ڪي موجود آهن. جنوبي ديوار تي هڪ ڪتبو آهي:

همي ڪردم طلب سال بنائش
خرد گفته ڪه بيت الله ثاني

                                    1039 هه

مشرقي ديوار تي ٽي ڪتبا قرآني آيات جا موجود آهن، شمال طرف ٻه ڪتبا ڳري ويا آهن. محراب جي مٿان جو ڪتبو ديوار مان نڪري پيو آهي، جنهن کي محراب وٽ فرش تي رکيو ويو آهي، ان تي طغرائي خط ۾ ڪلمو طيب اڪريل آهي. مسجد جي حالت هن وقت ازحد زبون آهي، ۽ شايد ٽي چار سال مس هلي.(1)

مٿين ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد 1039 هه ۾ ٺهڻ شروع ٿي، ۽ 1040 هه ۾ ختم ٿي. تعمير جي پڄاڻيءَ جو سال ”ختم“ مان برآمد ڪيو ويو آهي، جيڪو نوادرات مان آهي. مير صاحب ملتان جي نيابت مان تبديل ٿي 1037 هه ۾ پهريون دفعو ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، اها مسجد هـُـن اُن زماني ۾ تعمير ڪرائي.

امير آباد:

مير صاحب ٺٽي جي پهرئينءَ صوبيداريءَ واري زماني ۾ ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ هڪ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن جو نالو ”امير آباد“ رکيائين. ”تحفة الڪرام“ انهيءَ ڳوٺ ٻڌائڻ جو سبب بيان ڪندي لکي ٿو ته

”... وجهه آن ڪه سابق بران ڪه هنوز به امارت نرسيده بود، روزي ازان گوشواره گذشته، ميان صحرا جماعت شبان خدمت موخوره ڪرده بودند، راضي شده استفسار حال ايشان نمود. معلوم شد ڪه آن زمين خارج جمع و ويران است، و آن مردم آنجا مويشي را مي چرانند، و اوقاف بعسرت مي گذارند. مڪافات احسان را درين ايام ڪه ناظم تته شده، و ضابطه آن زمين گرديد، زمين مذڪور بنام مردم مقرر ڪرده، گفت تا آباد ڪردند، و دهه بستند. حالا جاي عام نشين پرگنات بتوره و بهرام پور، و درک و پليجا است.“ (1)

گويا امير آباد جو شهر مير ”قانع“ جي زماني (متوفي 1203 هه) تائين موجود هو، ۽ بٺوري، بهرام، درڪ ۽ پليجن جي ديهن يا پرڳڻن جي عامل جو صدر مقام هو.

محلو امير خاني:

جامع مسجد جي اوڀارينءَ ديوار سان متصل، اڄ تائين اميرخاني ساداتن جو محلو موجود آهي، جنهن جي اڄ تائين انهيءَ عظيم الشان خانوادي جا پسمانده رهن ٿا. ڀانئجي ٿو ته ابوالبقا اميرخان، جامع مسجد جي تعمير سان گڏ، ان جي ئي لڳو لڳ پنهنجي قيام لاءِ به جايون جوڙايون، جنهن جو نالو اڳتي هلي يا انهيءَ ئي وقت ”محلو امير خاني“ پيو. ”تحفـة الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ محلي ۾، ترخانن جي دور ۾، ميرزا جانيءَ جي امير، سلطان احمد بيگ، جو اولاد رهندو هو. مير شرفو ۽ مير منون جي نالي هو محلو منسوب هيو، انهن کان پوءِ اتي جي امير خاني محلو آباد ٿيو.(2) بکر ۾ جيڪي سادات رهيا، اهي ”قاسم خاني“ جي نالي  سان مشهور ٿيا. ابوالبقا امير خان کان پوءِ انهيءَ شاخ جو نالو جيڪا سندس اولاد مان ٺٽي ۾ رهي، اُها ”امير خاني ساداتن“ جي نسبت سان مشهور ٿي. هن وقت انهيءَ محلي جي به ٺٽي جي ٻين محلن وانگر زبون حالت آهي.

وفات:

مير صاحب تمام ڊگهي عمر ماڻي. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته سؤ سالن کان به مٿي جو عرصو جيئرو رهيو-

”زياده بر صد سال عمر داشته.....“  (1)

سندس سموري زندگي صحتمنديءَ ۾ گذري، جيئن ته ”ذخيرهِ الخوانين“ جو مصنف لکي ٿو:

”در قوت دست، و رجوليت، وشنوائي، و بينائي، فتوري واقع نه شده ....“ (2)

جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، مير صاحب پويون دفعو ٺٽي ۾ سال 1052 هه ۾ صوبيدار مقرر ٿي آيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ مير صاحب ٺٽي ۾ ئي رهيو، تان جو پنجن ستن سالن بعد اتي ئي 1057 هه ۾ سندس انتقال ٿيو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته:

”در سال بيستم سن 1057 هه پيمانه حياتش به آسود.“ (3)

”بادشاهه نامه“ سندس وفات جي واقعي کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

”هزدهم ربيع الاول (1057 هه مطابق سال دهم دور دوم شاهه جهاني) چون بعرض رسيد ڪه امير خان صوبه دار تته رخت هستي ازين جهان بربست، مغل خان پسر زين خان را ڪه از خانه زادان معتمد لائق ترتيب است، و در دکن بخدمت قلعه داري اودگر مي پرداخت، ناظم آن صوبه گر دانيدند، و با اضافه پانصدي ذات بمنصب سه هزاري ذات و دو هزاري سوار بر نواختند.“ (4)

ٻئي هنڌ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته:

”امير خان سه هزاري، دو هزار سوار، ماه ربيع الاول سال دهم از دور دوم در تته بگذشت“. (1)

18 تاريخ ربيع الاول 1057 هه تي بادشاهه کي اطلاع پهتو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ربيع الاول جي پهرئين ڏهاڪي ۾ مير صاحب انتقال ڪيو، ۽ ستن اٺن ڏينهن بعد قاصد خبر کڻي دربار ۾ پهتو.

آخري آرامگاه:

”ماثرالامرا“ جو بيان آهي، ته مير صاحب پنهنجي والد جي پهلوءَ ۾، پنهنجي خانداني قبرستان ”صفهء صفا“ (ستينءَ جو ٿان روهڙي) ۾ دفن ٿيو، ليڪن ”تحفـتهِ الڪرام“ غلطيءَ وچان لکيو آهي ته سندس مزار مڪليءَ جي پهاڙ تي آهي.(2) مسٽر هينري ڪزنس (Cousins) ”تحفـتهِ الڪرام“ جي سند تي پنهنجي ڪتاب “Antiquities of Sindh” ۾ به ساڳيءَ طرح لکيو آهي:

”نواب خليل جي مقبري کان ٿورو پري اوڀر طرف، هڪ شڪسته حال قبرن جي رانئڪ آهي، محراب جو اڌ حصو ڪري پيو آهي، ليڪن ان هوندي به ان جي خوبصورتي، ۽ ڪاشيءَ جي سرن جو نقش و نگار ڪي قدر موجود آهن- اتي ئي امير خان ابوالبقا جي قبر آهي. مقبري جي تعمير جو سال 1627ع (37- 1038 هه) آهي.“ (3)

انهيءَ قبرستان کي اسان پاڻ وڃي ڏٺو آهي، حقيقت ۾ انهيءَ ذخيري ۾ امير ابوالبقا امير خان جي قبر ڪانه آهي، سندس پٽ امير عبدالڪريم خان امير خان جي مزار ۽ ٻين امير خانن جون قبرون آهن، جن جو ذڪر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٿيندو. قبرن تي ڪتبا صاف آهن، خبر نه آهي مير علي شير ۽ ڪزنس کان غلطي ڪيئن ٿي آهي. مسٽر ڪزنس انهيءَ قبرستان جي تعمير جو سال 1627ع ڏنو آهي، جيڪو هجري سال 37- 1038هه جي برابر ٿئي ٿو. اسان کي اهو سال ڪنهن به جاءِ تي ڏسڻ ۾ نه آيو. جيڪڏهن واقعي اهو سال مسٽر ڪزنس ڏٺو آهي، ته پوءِ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته امير ابوالبقا پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ مڪليءَ تي اهو قبرستان ٺهرايو، قرين قياس به اهوئي آهي، ڇاڪاڻ ته مير صاحب جو زياده تر قيام ٺٽي ۾ رهيو، موتي فوتيءَ وقت لاش کي روهڙيءَ واري خانداني قبرستان ۾ پهچائڻ البت ڏکيو هو، تنهنڪري هـُـن مڪليءَ تي زمين جو ٽڪرو هٿ ڪري قبرستان تعمير ڪرايو هوندو. سندس زندگيءَ ۾ جيڪي عزيز قريب فوت ٿيا، سي هـُـن تي دفن ڪرايا هوندا، البت سندس پنهنجو مٽيءَ پنوڙو اتي جاءِ لهي نه سگهيو. ”ماثر الامرا“ جي قول مطابق کيس پنهنجي پيءُ جي پهلوءَ ۾ ”صفهء صفا“ تي جاءِ نصيب ٿي، چنانچه اڄ تائين سندس مزار مرڪزي ٿلهي تي تمام چڱيءَ بلڪ اصلوڪيءَ حالت ۾ موجود آهي، ۽ سيرانديءَ جي طرف کان هڪ وڏي پٿر جي پليٽ تي هي ڪتبو اڪريل اٿس:

مصدر خلق امير خان ڪه بسي
خـَـلقِ عالم بخـُـلق او آسود
تا درين رضاي خداي خود مي بود
ڪوس رحلت چو زد ز دار فنا
رخت آسودگي بخلد ڪشود
سال نقلش بگفت هاتف غيب
’هادي دين امير خان آسود‘- 1057 هه

خطاب ۽ منصب:

مير صاحب ٽن بادشاهن جو زمانو ڏٺو. اڪبر جي زماني ۾ هن کي ڪهڙو سرڪاري عهدو منصب هو، ان جو تفصيل موجود نه آهي. البت ”ماثرالامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته پيءُ جي جيئري ئي هو پنج صدي منصب تي فائز هو. سندس حقيقي ترقي جهانگير ۽ شاهه جهان جي زماني ۾ ٿي. ٻيئي بادشاهه هميشـه مٿس راضي رهيا. جهانگير جي دور ۾ 15 سوَن جو منصب ۽ 15 سوَن جي ڪمان حاصل ٿيس، شاهه جهان جي زماني ۾ جڏهن انتقال ڪيائين ۽ ان وقت، ”بادشاهه نامه“ جي قول مطابق، ‘سه هزاري ذات ۽ دوهزاري سوارن’ جي درجي تي پهتل هو. اهڙيءَ طرح، وقت بوقت ٻيئي بادشاهه سندس منصبن ۾ اضافا ڪندا رهيا، سڄي زندگي عزت ۽ آبروءَ سان بسر ڪيائين ۽ ڪڏهن به ٻنهي بادشاهن جي نازڪ مزاج تي ملال اچڻ نه ڏنائين: جهانگير کيس ”مير خان“ جو خطاب عنايت ڪيو، ۽ شاهه جهان ان تي ”امير خان“ جو اضافو فرمايو. ”ماثر“ لکي ٿو ته:

”اعليٰ حضرت به افزائش الف بخطابش، يڪ لک رپيه ازو پيشڪش گرفته يا ‘امير خان’ نامي فرمود.“ (1)

مٿئين فقري مان مير صاحب جي مالي پوزيشن جي به خبر پوي ٿي: هو انهيءَ حد تائين مالدار ۽ سکيو ستابو هو، جو بادشاهه کي هڪ دفعي سان ئي لک رپيا نقد نذر ۾ پيش ڪيائين.

فهم و فراست:

مير صاحب جي عقلمنديءَ، فراست ۽ فهم جي سڀني سوانح نگارن تعريف ڪئي آهي. مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ ۾ خاص طرح مير صاحب جي انهن وصفن کي ساراهيو آهي: انهيءَ سلسلي م هڪ دلچسپ واقعو به ڏنو اٿائين، ۽ لکي ٿو، ته هڪ دفعي مير صاحب آئينو ڏسي رهيو هو، ۽ ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ان کي جهڪي سلام ڪيائين، جنهن واقعي جو اطلاع خبر رسان فوراً بادشاهه جي حضور ۾ پهچايو. مير صاحب عمر رسيدو هو، جنهنڪري خبر ڏيندڙ حاشيه آرائي ڪندي اهو به لکيو ته مير صاحب جو هاڻي عقل سلامت نه آهي، تنهنڪري مناسب ٿيندو جيڪڏهن کيس عهدي تان رخصت وٺائي وڃي. مير صاحب کي به اهو اطلاع مليو، جنهن تي هن عرض ڪيو ته ’آءٌ آئيني ۾ پاڻ کي سلام ڪونه ڪري رهيو هوس، بلڪ مون کي جڏهن چهري تي اڇا وار ڏسڻ ّ۾ آيا، تڏهن خوشيءَ مان انهن جي آجيان ڪندي، کين سلام ڪيم‘ ڇاڪاڻ ته:

”غلام در ظل عاطفت و سايه ِّ ترتيب حضرت جهان پناه پير شده.“ (1)

بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح مير صاحب پنهنجي عقل ۽ فراست جي ڪري، غرض گوين جي چغليءَ کان بچي ويو.

شاعري:

مير صاحب جي علم ۽ فضل جي تفصيل کان اسان واقف نه آهيون، البت ايترو معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب شعر و سخن جو ڄاڻو هو. ”مقالات الشعرا“ جي مصنف انهيءَ سلسلي ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي، ۽ سندس هڪ شعر به نموني طور ڏنو اٿس:

”فلڪ بسوختگان بيشتر همي سوزد،

ببين زغال ڪ مخصوص بهر سوختن ست.“

اولاد:

مير صاحب جي اولاد جو صحيح تعداد معلوم نه ٿي سگهيو، البت ”ماثرالامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي والد وانگر ڪثيرالاولاد هو. شهزادي دارا شڪوه جي تذڪري، ”سڪينـة الاوليا“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب کي چند نياڻيون به هيون، ۽ حضرت ميان مير جي ڀيڻ، بيبي جمال خاتونءَ (وفات 1057 هه)، جي دعا کان پوءِ کيس مسلسل پنج فرزند ڄاوا، عبارت جا لفظ هي آهن:

”نيز ڪهتي هين ڪه امير خان حاڪم ٺٽه ڪي گهر مين در چند لڙڪيان پيدا هوئين، اس لئـي اس ني بيبي جيو (بيبي جمال خاتون- متوفي 27 ربيع الاول 1057 هه) ڪي خدمت مين حاضر هو ڪر لڙڪـي ڪي لئي التماس ڪي، اور بهت منت سماجت ڪي. بيبي جيو ني فرمايا ڪه اس ڪي ”بعد اب لڙڪـي هي هونگـي، چنانچه آپ ڪي فرمان ڪي برڪت سي متواتر تلـي اوپر پانچ لڙڪي پيدا هوئي (1)

تاريخ مير صاحب جي ستن فرزندن جا نالا محفوظ رکيا آهن. معلوم نه آهي ته فقط اهي ست پٽ کيس بيبي صاحبا جي دعا سان ٿيا، يا ڪي ٻيا به. بهرحال، اسان کي سندس ستن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جا حالات ملي سگهيا آهن، جن کي هيٺ بيان ڪيو وڃي ٿو:

مير عبدالرزاق:

شاهه جهان جي زماني ۾ نو صدي (1) منصبدار هو. 26 سال شاهه جهانيءَ (1063 هه) ۾ وفات ڪيائين. ”مقالات“ جي مصنف جو بيان آهي ته هو ”جامع علوم عقلي و نقلي“ هو. زبان ۾ اٽڪ هيس: ڪي اکر زبان تي اچي اٽڪي پوندا هئس، ۽ پوريءَ مخرج سان ادا ڪري ڪونه سگهندو هو، ليڪن کيس لغت تي ايتري قدرت هئي، جو جڏهن ڪو اکر ادا ڪري نه سگهندو هو ته فورا= ان جو متبادل اهڙي تسلسل ۽ روانيءَ سان آڻيندو هو، جو ٻڌندڙ کي محسوس ئي نه ٿيندو هو. صاحب ”مقالات الشعراء“ لکيو آهي ته:

”قوت در ڪه و حافظه لغت و جامعيت علوم برين قياس توان ڪرد...“ (2)

مسٽر ڪزنس زبان جي اٽڪ جو قصو مير ابوالبقا ڏانهن منسوب ڪيو آهي، حالانڪ سندس ماخذ ”تحفـة الڪرام“ آهي، جنهن ۾ صفائيءَ سان اُهو مير عبدالرزاق جي نالي درج آهي.

مير عبدالرزاق کي، ”مقالات“ جي تصنيف شاعرن جي ذُمري ۾ داخل ڪندي، سندس هيٺيان شعر نموني طور ڏنا آهن:

”مي فروزد جان ما چون دست سوي مي برد،

مي فزايد حال ما چون لب بسوي ني برد.

 مخفيم در جوهر معنيٰ چو معنيٰ در سخن،
ديدن من هر ڪه خواهد ڪو بمعني پي برد.
دردمندم قطره خوئي خواهم از زلف ڪجت،
خواهش مبروص باشد تا ز افعي قي برد.
انهيءَ ساڳئي زمين ۾ سندس ڀاءُ مير

ابوالمڪارم ”شهود“ به غزل چيو آهي، جنهن جو مطلع آهي:

مست نوش لعل او ڪي دست سوي مي برد،
نغمه ساز عشق او ڪي دست سوي ني برد.

 22 شوال 1041 هه جي واقعات ۾ ”بادشاهه نامه“ جي مصنف لکيو آهي ته عبدالرزاق بادشاهه جي خذمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ جواهر، هڪ هزار مهرون ۽ ٺٽي جا ٺهيل ڪپڙا بطور نذر جي اچي پيش ڪيائين-

”(22 شوال 1041 هه) عبدالرزاق ولد امير خان صوبيدار تته، سعادت زمين بوس دريافته، لختي جواهر و اقمشه آن ديار و هزار مهر نذر ڪه از قبل پدر اورده بود، از نظر مقدس گذرانيد.“ (1)

مير عبدالرزاق جو انتقال 26 سال شاهه جهانيءَ (1062 هه) ۾ ٿيو، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون. سندس مزار ”صفهء صفا“ (ستين جي ٿان) تي، سندس ڏاڏي ابوالقاسم ”نمڪين“ ۽ والد ابوالبقا امير خان جي وچ ۾ آهي. ميرزا جي سيرانديءَ کان پٿر جي وڏي پليٽ تي هي ڪتبو اڪريل آهي:

”عبدالرزاق ڪه روحش قرين
باد ز ايزد بهزار آفرين
سني و شيعه چو درافتاده ديده
تيغ شجاعت ز ميان بر ڪشيد
همت عاليش عنان گرم تاخت
جام شهادت ز قضا نوش يافت
ترڪ ازين عالم فاني گرفت

مــلـــڪ  بقـــا  آل  حــســيـنــي گــــرفــت“. 1062 هه

مير ابوالبقا 1057 هه ۾ فوت ٿيو، پنجن سالن بعد ميرزا عبدالرزاق به هيءُ جهان ڇڏيو. مٿئين ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته سني شيعن جي ڪنهن فساد ۾ هن وڙهندي شهادت حاصل ڪئي، جنهن لاءِ تاريخ اسان کي ڪوبه اطلاع ڪونه ٿي ڏئي.

مير ضياء  الدين يوسف:

مير ابوالبقا جو هيءُ فرزند، شاهه جهان جي آخري دور ۾، هڪ هزاري منصب تي فائز ٿيو، ۽ ڇهه سئو سوارن جي هڪ ڪمان کيس حاصل ٿي. علاوه ازين ”خان“ جو خطاب مليس. ”تحفـة الڪرام“ لکيو آهي ته سيوهڻ جي فوجداريءَ تي به فائز هو.(1)


(1) ”مقالات الشعرا“ ص. /165 ۾ مصنف غلطيءَ کان ان کي مير عبدالڪريم امير خان ڏي منسوب ڪيو آهي.

(1)  ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/95.

(1)  هن مسجد جي مون 23-24 تاريخ جنوري 1955ع تي زيارت ڪئي ۽ ڪتبا به نقل ڪيا. اهي ڪتبا خان بهادر خدا داد خان پنهنجي ”لـُـب تاريخ سنڌ“ ۾ نقل ڪيا آهن.

(1)  ”تحفـة الڪرام“ ص. 3/95.

(2) ايضاً ص. 3/93.

(1)  ”ماثر الامرا“ ص. 1/173.

(2) ”ذخيره“ ص. 120.

(3) ”ماثر الامرا“ ص. 1/73.

(4)  ”بادشاهه نامه“ ص. 2/641.

(1)  ايضاً ص. 2/723.

(2)  ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3/95.

(3)  ”ڪزنس“ ص. 117.

(1)  ”ماثر الامرا“ ص. 1/173.

(1)  ”مقالات“ ص. 13 ۽ ”تحفـ*ِ الڪرام“ ص. 3/95.

(1)  ”سڪينـهِ الاوليا“ اردو ترجمو ص. 102. بيبي صاحبا جو احوال ”سفينـةِ الاوليا“ ۾ پڙهڻ گهرجي.

(1) ”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته ”هشت صدي و دو صد سوار“ جو منصب هوس- ص. 2/741.

(2)  ”مقالات“ ص. 172.

(1) ”بادشاهه نامه“ جلد اول، حصه اول، ص. 1/424.

(1)  ”تحفـتهِ الڪرام“ ص. 3/95.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org