مير ابوالقاسم”نمڪين“
والد ۽ وطن:
مير صاحب جي والد جو نالو مـُـلا مير سبز واري هو.
بيجڪ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، ۽ اهو ئي ڳوٺ هو جنهن ۾
ڄائو نپنيو ۽ وڌي وڏو ٿيو. ”تحفة الڪرام“ جي مصنف
لکيو آهي ته:
”ملا مير متولي درگاه امام موسيٰ رضا بوده،
ودرفترت اوزبڪ از موضع بـيـجڪ من اعـمال هرات
نـقـل ڪـرده در حدود قنڌهار در گذشته.“
(1)
اوزبڪن جي جنهن فتني ڏانهن اشارو آهي، اهو محمد
خان سيبانيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ (سنه 906 هه) کان
وٺي، سندس قتل ٿيڻ (سنه 916 هه) تائين ايران ۾
رهيو. بابر ۽ شاهه اسماعيل به انهيءَ دور اندر
طاقت ۾ آيا. قنڌار، ان وقت، سنڌ جي فاتح شاهه بيگ
ارغون جي والد امير ذوالنون ارغون جي گورنريءَ هيٺ
هو. ملا مير سبزواري سنه 906 هه کان وٺي سنه 916
هه تائين ڪنهن سال ۾ ”بيجڪ“ مان لڏي قنڌار پهتو.
”ذخيرهِ الخوانين“ ۽ ”ماثر الامرا“ ۾ مير صاحب جو
ذڪر آيو آهي، ليڪن سندس والد يا ان جي وطن جي
حالات ۾ ٻيئي تذڪرا خاموش آهن. ”ماثر الامرا“ ۾
آهي ته:
”از سادات حسيني هروي است ..............“
(2).
اهڙيءَ طرح ”ذخيره“ ۾ به هيءُ جملو موجود آهي:
”هروي است ............ ۽
(1)
”آئين اڪبري“ جي مترجم بلاخمين جو ماخذ "ماثر
الامرا" آهي، تنهنڪري هو به پنهنجي وضاحتي نوٽ ۾
زياده تفصيل پيش ڪري ڪونه سگهيو آهي.(2)
اسان کي فقط ”تحفـة الڪرام“ جي مٿئين اقتباس مان
ئي مير صاحب جي والد ۽ ان جي وطن تي اها مختصر
روشني ملي ٿي.
ميرزا حڪيم جي ملازمت:
مير ابوالقاسم جي ابتدائي زندگيءَ بابت اسان کي
ڪجهه به معلوم ٿي ڪونه ٿو سگهي. ڄائو ڪٿي، تربيت
ڪٿي حاصل ڪيائين، تعليم ڪنهن وٽ ۽ ڪيتري ورتائين-
اهي سڀ مسئلا منجهيل آهن. قنڌار جي زندگيءَ متعلق
فقط هيترو معلوم ٿئي ٿو ته:
”ابتداء نوڪر ميرزا محمد حڪيم بود ..... ...“
(3)
”ذخيرهء الخوانين“ جي مصنف به ايترو ئي لکيو آهي،
ته اڪبر جي ڀاءُ ميرزا محمد حڪيم (المتوفي 993
هه) وٽ انهيءَ زماني ۾ نوڪر هو، جنهن وقت هو ڪابل
جو حڪمران هو.(4)
اڪبر وٽ ملازمت:
ميرزا حڪيم وٽ ڪيترو وقت رهيو، ان جو تفصيل ڪونه
ٿو ملي. ”ماثر الامرا“ لکي ٿو، ته اُها ملازمت ترڪ
ڪري هتي اچي اڪبر جي اميرن ۾ شامل ٿيو.
”بـيـاوريء طـالـع در مـلازمـت عــرش آشــيـاني
انـســلاڪ
گرفت .... در بهيره و خوشاب جاگيــر يافت .....“
(1)
حقيقت ۾ طالع جي ياوري هئس، جو اڪبر وٽ اچي پهتو-
زمين تان کڄي آسمان تي وڃي پهتو. قابليت ۽ ڪمال
سندس سڃاڻپ هئا، ليڪن سندس ذاتي جوهرن ۾ جـِِـلا
اڪبر وٽ اچڻ کان پوءِ آئي.
نمڪين جو لقب:
بهيره ۽ خوشاب جي جاگير ۾ لوڻ جون کاڻيون به موجود
هيون، ۽ لوڻ جو وڏو واپار ٿيندو هو، جنهن جي محصول
مان مير صاحب کي ڪافي آمدني ٿيندي هئي. ”ماثر
الامرا“ ۾ آهي ته:
”نمڪسر ڪوهي ست بدرازيء بيست ڪروه، (ڪه مابين بهت
و سندهه بدين موسوم است) مضافات صوبهء پنجاب در
دوآبه سندهه ساگر، ازان پارچهاري نمڪ بريده جدا
سازند و براشته بڪنار آرند، و آنچه حاصل شود سه
حصه از ڪنند گان و يڪ حصه دست مزد برآرندگان،
سوداگر از نيم دام تا دو دام مني خريده بدور دستها
برند، و در هفده من يڪ رپيه بسرڪار دهند...“
(2)
مير ابوالقاسم کي جڏهن اها جاگير ملي، تڏهن هـُـن
هڪ پيالو ۽ هڪ رڪابي لوڻ ۾ ٺهرائي، بادشاهه جي
خدمت ۾ موڪلي. انهيءَ پيشڪش موڪلڻ مان سندس مراد ۽
اشارو پنهنجي نمڪ حلاليءَ يا نمڪ خوريءَ ڏانهن هو.
بادشاهه کي سندس اها ادا پسند آئي، ۽ انهيءَ عيوض
کيس "نمڪين" جو لقب عنايت ٿيو. ”ماثر لامرا“ ۾ آهي
ته:
”رڪابي و پياله از نمڪ تيار ڪرده پيشڪش فرستاده،
به "نمکين" ملقب گرديد.“
(1)
اهو لقب اڳتي هلي سندس نالي جو جـُـزو بڻيو.
"تحفـة الڪرام" جو قول آهي ته "مير ابوالقاسم کي
اڪبر جي دربار ۾ ان وقت باريابي حاصل ٿي، جڏهن
بادشاهه لاهور ۾ منزل انداز هو،(2)
۽ انهيءَ ئي وقت کيس چار هزاري منصب عطا ٿيو."
انهيءَ فوري چار هزاري منصب ملڻ جي تصديق ٻيءَ
ڪنهن تاريخ مان ڪانه ٿي ٿئي. "ماثر الامرا" سڀ کان
پهريون نمڪسر جي جاگير ملڻ طرف اشارو ڪيو آهي، چار
هزاري منصب جو ذڪر هـُـن ڪٿي به ڪونه ڪيو آهي.
"ماثر" جي منصف البت اهو لکيو آهي ته "مير صاحب جو
اڪبر وٽ وڏو قدر ۽ منزلت هئي”:
”مير در پيشگاه اڪبري، قرب و منزلتي داشت -“
(3)
”اڪبر نامه“ ۾ مير نمڪين جو ذڪر 980 هه کان شروع
ٿئي ٿو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته مير صاحب
انهيءَ سال کان ضرور ڪجهه ورهيه اڳ ملازمت ۾ اچي
داخل ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سال ۾ مظفر
گجراتيءَ جي خلاف جيڪو شاهي لشڪر ويو، ان ۾ مير
صاحب اهم حيثيت سان شامل هو.
مظفر گجراتيءَ سان معرڪو:
ابوالفضل لکي ٿو ته ”7 رجب 980 هه (17 سال اڪبري)
جو، بادشاهه سلامت صوبي احمدآباد جي ڳوٺ جونانه
(چوريانه) ۾ رونق افروز هو، جو کيس معلوم ٿيو، ته
مظفر گجراتي شيرخان فولاديءَ کان جدا ٿي انهيءَ
علائقي جي آسپاس ۾ ڦرندو وتي ٿو، بادشاهه مير خان
يساول، ۽ فريد خان قراول کي لشڪر ڏيئي، سندس پٺيان
موڪليو، ۽ ...“-
”و از عقب آنها ابوالقاسم نمڪين و ڪرم علي را رخصت
فرمودند ڪه تفحص نموده آن سرگردان باديه حيران را
بدرگاه والا آورند.“
شير خان انهيءَ ڪـُـمڪَ هٿان گرفتار ٿي، بادشاهه
جي حضور ۾ پيش ٿيو.(1)
اهو پهريون اطلاع آهي، جيڪو ”اڪبر نامه“ مان اسان
کي مير صاحب لاءِ ملي ٿو.
دائود خان جي مهم:
سال 982 هه (19 سال اڪبري) ۾ مير نمڪين اسان کي
بنگال طرف دائود خان ڪررانيءَ جي خلاف معرڪن ۾
مصروف نظر اچي ٿو. ابوالفضل لکي ٿو ته، ’دائود خان
جڏهن بنگال ۾ خان خانان ۽ توڏرمل هٿان شڪست کاڌي،
تڏهن سڌو سات گام طرف فرار ٿيو، خان خانان ۽
توڏرمل اڃا اتي ئي انتظام ۾ مشغول هئا، جو کين
اطلاع پهتو ته جنيد ڪرراني بادشاهه جي دربار مان
ڀڄي، گجرات ۽ دکن مان ڦرندو گهرندو، جهاڙ کنڊ اچي
پهتو آهي، ۽ سخت فتني فساد جي گهيري ۾آهي ۽ دائود
خان به اُتي موجود هو، ويتر جنيد به اچي رسيو،
جنهنڪري گهڻائي خطرا اچي پيش ٿيا. خان خانان في
الحال جنيد جي مقابلي کي ضروري سمجهي، راجا
توڏرمل، قبا خان، نظر بهادر ۽ ابوالقاسم نمڪين کي
ڪيترن ٻين بهادرن سميت انهيءَ مـُـهـِـم تي موڪلي
ڏنو‘-
”راجه تودرمل و قبا خان و نظر بهادر و ابوالقاسم
نمڪين، و طائفه از غازيان شهامت انديش، بدفع اين
شوريده بخت همت گماشتند.“
(1)
مٿين عبارت مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته ابوالقاسم
نمڪين جي شخصيت ابوالفضل جي نگاهن ۾ به اهم ۽ قابل
ذڪر هئي، ورنه انهيءَ طبعيت جو مؤرخ راجا توڏرمل
جهڙن عظيم المرتبت سپهه سالارن سان گڏ سندس نالو
وٺي ذڪر نه ڪري ها، بلڪ ”طائفه از غازيان شهامت
انديش“ جي ذُمري ۾ کيس به وجهي ڇڏي ها. بهرحال
انهيءَ مهم جو نتيجو اهو نڪتو، جو:
”بتائيد آسماني، فرستادها مصدر خدمات شائسته شدند،
و مـخالـفـان دولـت خايـب و خاسر روي به دشت ادبار
نهادند.“
(2)
يعني شڪست کائي، جنيد ڪرراني، پهاڙي علائقي ڏانهن
ڀڳو، جتي وڃي دائود ڪررانيءَ سان مليو. سندس ارادو
هو ته ٻيئي گڏجي منظم بغاوت شروع ڪن، ليڪن بقول
”اڪبر نامه“، ٻنهي جي پاڻ ۾ هم آهنگي ڪانه ٿي
سگهي، جنهنڪري جنيد وري اچي جهاڙ کنڊ ۾ داخل ٿيو.
موٽندي، اوچتو، سندس مقابلو شاهي لشڪر سان ٿيو.
شاهي لشڪر واٽ وٺيو، ٿي ويو، نظر بهادر، ابوالقاسم
نمڪين، محمد خان ولد سلطان آدم گگهر، امام قلي
چولڪ ۽ ڀارومل کتري فوج کان ٿورو اڳڀرو ٿي ويا،
جنيد اوچتو اچي باز وانگر مٿن جهٽ هنيو. لڙائي دست
بدست شروع ٿي، ليڪن ايتري ۾ توڏرمل جي ڪمڪ به اچي
پهتي، جنهنڪري جنيد تاب نه جهلي، ڀڄي هليو ويو.
خواجه نظام الدين، ”طبقات اڪبريءَ“ ۾ انهيءَ واقعي
کي هن ريت قلمبند ڪيو آهي:
”جاسوسان خبر آور دند، ڪه جنيد ابن عم دائود، ڪه
ميان افغانان بشجاعت و مردانگي علمِ روزگار بود، و
از گجرات به بنگاله آمده، ميخواهد ڪه به دائود
ملحق شود، راجه تو درمل بصلاح و استصواب امرا،
ابوالقاسم نمڪين و نظر بهادر را بجنگ جنيد فرستاد.
ابوالقاسم و نظر بهادر مقابله اورا سهل پنداشته در
جنگ احتياط و حزم از دست دادند، واز پيش او گريخـة
بي ناموسي لاحق ساختند.“
(1)
”ماثر رحيمي“ جي مصنف به انهيءَ واقعي کي تقريباً
ساڳيءَ طرح قلمبند ڪيو آهي.(2)
ملا عبدالقادر انهيءَ واقعي کي بيان ڪندي، آخر
۾ لکيو آهي ته:
”راجه تودرمل و ميرزا خان (خان خانان)، ابوالقاسم
نمڪين را باتفاق نظر بهادر به جنگ او فرستاد،
ايشان هر دو در جنگ هزيمت يافته مهار گسسته نزد
راجه آمدند. راجه خود مقابله او رفته، و جنيد تاب
نياورده پناه بجنگل برد“.
(3)
بنگال جي انهن مهمن ۾ توڏرمل ۽ خان خانان سان جيڪي
جرنيل ساڻ هئا انهن جي فهرست ”ماثر رحيمي“ جي مصنف
ڏني آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير ابوالقاسم
نمڪين سان گڏ ٻيا هيٺيان انهيءَ دور جا بهادر
موجود هئا: قبا خان ڪنگ، خان عالم، خواجه عبدالله،
سيد عبدالله، ميرزا علي، اشرف خان مير منشي، راجا
توڏرمل، لشڪر خان، مظفر علي مغل، يار محمد ارغون،
شاهم خان جلاير، پاينده محمد خان، قتلق قدم خان،
قنبر علي خان توقيائي، سيد شمس الدين بخاري.(4)
اهي سڀئي مشهور ۽ معروف بهادر سپاهي ۽ نامور امير،
مير ابوالقاسم جا ساٿي ۽ سنگتي هئا.
دائود خان سان جنگ:
دائود خان جو معاملو اڃا اڌ ۾ هو. پهرينءَ شڪست
بعد هو هيڏي هوڏي فرار ٿيندو رهيو، ۽ شاهي لشڪر
سندس پٺيان وتيو ٿي پيرو کنيو. سندس سؤٽ جنيد سان
انهيءَ وچ ۾ معمولي معرڪا ٿيا، جن جو به ڪو خاطر
خواهه نتيجو ڪونه نڪتو. دائود خان قسمت آزمائڻ
لاءِ آخري دفعو سهي سنبري ميدان ۾ آيو. عظيم الشان
لشڪر گڏ ڪري هر پور (بنگال ۽ اوڙيسا جي درميان)
اچي پهتو. شاهي لشڪر به يلغار ڪندو اتي اچي رسيو.
طرفين ۾ نڪروهي (”طبقات“- ج 1، ص 304- جي قول
مطابق ٽانڊي وٽ) خونريز جنگ لڳي. ابوالفضل شاهي
لشڪر جي ترتيب جو نقشو ڏيکاريندي، مير صاحب کي
جرانغار ۾ ڏيکاريو آهي، جتي ساڻس گڏ هيٺيان جنگي
جوڌا هئا:
”وجرانغار، بديده وري ثبات پائي، اشرف خان، و راجه
تودرمل، و مظفر مغل، و يارمحمد قراول، و ابوالقاسم
نمڪين، و چندي ديگر از مبارزان خدمت دو دست منضبط
شد.“
(1)
”طبقات اڪبري“ جي مصنف، جرانغار(2)
جي بجاءِ اسان جي جرنيل کي برانغار ۾ لڙندو
ڏيکاريو آهي (ج 3، ص 305). اها جنگ نهايت هولناڪ ۽
قيامت خيز هئي. ملا عبدالقادر لکيو آهي ته:
”آن چنان جنگي عظيم افتاد ڪه زبان قلم را از ڪيفيت
و ڪميت آن قاصر باشد.“
(3)
جنگ جو نتيجو دائود خان جي خلاف نڪتو، يعني کيس
شڪست فاش نصيب ٿي. اها فتح شاهي لشڪر کي جمعي
ڏينهن 20 ذوالقعد 982 هه (19 سال اڪبري) جو حاصل
ٿي.(1)
ميرزا حڪيم جي بغاوت:
مير نمڪين جي سلسلي ۾ سنه 982 هه کان سنه 989 هه
تائين تاريخ خاموش آهي. ڇهن سالن جو طويل عرصو هن
ڪٿي گذاريو، ڪهڙيون خدمتون ڪيائين، ۽ ڪهڙن ڪهڙن
معرڪن ۾ شريڪ رهيو- اهو پتو ڪونه ٿو پوي. 989 هه ۾
تاريخ جي صفحن تي هو وري نظر اچي ٿو.
ميرزا حڪيم اڃا تائين ڪابل جو گورنر هو. 989 هه ۾
هن اتان ويهي، اڪبر جي خلاف بغاوت شروع ڪئي.
بادشاهه، شهزادي محمد مراد کي لشڪر ڏيئي، سندس
مقابلي لاءِ اماڻيو، ۽ هلندي وقت کيس هدايت ڪيائين
ته:
”ڪه ازان آب عبور ڪرده به آهستگي، متوجهه پشاور
گردد. اگر ميرزا (حڪيم بيدار شده، راه فرمان پذيري
سپرد، بگونا گون نوازش اميدوار سازد، و گر نه
بڪابلستان شتابد.“
(2)
انهيءَ فوج ۾ مير صاحب، بقول صاحب ”اڪبر نامه“،
جرانغار ۾ شريڪ هو، ۽ ساڻس گڏ ٻيا هي جرنيل هئا:
سيد حامد بخاري مخصوص خان، سيد مهدي قاسم، سيد
حسين، حسن قلي بيگ، ۽ عبدالله بلوچ.
دائود خان بنگاليءَ جي جنگ وقت، ابوالقاسم جي گهر
مان هڪ طلائي زنجير، جيڪو شاهي فيل خاني جو هو،
نڪتو، جنهنڪري سندس منصب ۽ مرتبي ۾ ڪي قدر گهٽتائي
ٿي: ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته:
”در جنگ دائود خان ڪرراني، زنجير طلائي فيل از
خانه اش برآمد، در رتبه انحطاطي واقع شد.”
(1)
ساڳئي واقعي کي ”ذخيره الخوانين“ جي مصنف به لکيو
آهي:
”در جنگ دائود افغان، زنچير ڪه، از طلا بود، از
خانهء او بر آمد، در قرب تفاوت افتاد... ۽
(2)
”اڪبر نامه“ ۾ انهيءَ واقعي ڏانهن ڪوبه اشارو ڪونه
آهي. ”طبقات“ ۽ ”رحيمي“، خواهه ”بدايوني“ به خاموش
آهن. مٿينءَ مبهم عبارت مان ڪوبه اندازو ڪونه ٿو
ٿئي ته مير صاحب جي مرتبي ۽ منصب ۾ ڪهڙي قسم جو
انحطاط ٿيو، بهرحال جيڪي ڪجهه ٿيو، سو 982 هه کان
989 هه تائين مير صاحب ڀوڳي چڙهيو، ۽ پوئين سال ۾
ميرزا محمد حڪيم جي خلاف ويندڙ شاهي لشڪر ۾ اسان
کيس ساڳئي مانَ ۽ مرتبي سان ويندو ڏسون ٿا.
قتلو خان جي بغاوت:
سال 991 هه (28 سال اڪبري) ۾ قتلو خان جي بغاوت جي
سلسلي ۾، ابوالفضل نمڪين جو به ذڪر ڪيو آهي. لکي
ٿو ته قتلو خان مخالفت جي دوران طرح طرح جون
چاليون کيڏيو، هڪ دفعو بادشاهه ڏانهن عرض ڪرائي
موڪليائين ته:
”قرهِ العين خود را بدرگاه والا روانه مي سازم،
صادق خان جريده از اردو بر آيد، و من نيز با چندي
بيرون مي شوم، تابديدن يڪ ديگر دل به آرامش گرايد،
و خلاصه زندگي را بدو سپارد.“
(3)
- يعني، صادق خان اڪيلي سر شاهي لشڪر مان نڪري
اوري اچي، مان به تنها ٻاهر نڪري اچي ساڻس ملان
ٿو، هڪٻئي کي ڏسي، دل ڇڪ کائيندي، ۽ مان پنهنجو
نور نظر (بطور يرغمال) سندس سپرد ڪندس. صادق خان
سمجهدار ماڻهو هو، هن سمجهيو ته قتلو خان جي اها
چال آهي، تنهنڪري هو نه ويو، شيخ فريد بخشي موڪليو
ويو، جنهن کي پهچڻ شرط قتل ڪيو ويو- ساڻس گڏ حسين
خان، ابوالقاسم نمڪين، عبدالهادي، ۽ محمود خان
خواص به ويا، ليڪن هو ڪنهن ترڪيب سان جان بچائي
موٽي آيا.(1)
بلوچن جي سرڪوبي:
994 هه ۾ مير نمڪين کي اسان بلوچن جي سرڪوبيءَ
لاءِ شاهي دربار مان رخصت ٿيندو ڏسون ٿا. ”اڪبر
نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته:
”وهم درين سال (994 = 30 اڪبري) اسماعيل قلي خان
به بلوچستان رخصت شد، چون آگهي آمد (ڪه اين گروه
را ناسپاس مي سپرند، و پر ستاري بجاءِ نمي آرند)
آن گزين خدمت را نامزد فرموند، راءِ راي سنگ،
ابوالقاسم نمڪين، و بسياري مبازران ڪار طلب را
همراه ڪردند.“
(2)
ڪابل جي حڪومت انهيءَ سال ڀڳونت داس جي سپرد ٿي.
هو اوڏانهن ويندي واٽ تي بيمار ٿي پيو، ۽ واپس
هليو آيو. سندس جاءِ تي اسماعيل قلي نامزد ٿيو،
جيڪو ان وقت بلوچستان ۾ هو. ”اڪبر نامه“ جو مصنف
لکي ٿو ته:
”اسماعيل قلي خان جي دماغ ۾ خوءِ اچي پيدا ٿي، ۽
هيٺ مٿي ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جنهنڪري بادشاهه جي نظرن
مان ڪري پيو، ۽ حڪم ٿيو، ته کيس اتان معزول ڪري
موٽايو وڃي، ۽ بکر کان ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي کيس حجاز
ڏانهن روانو ڪيو وڃي. جڏهن اهو حڪم پهتو، تڏهن هن
کي هوش آيو، سخت پڇتاءُ ڪيائين، جنهنڪري ملڪ
نيڪاليءَ کان کيس نجات ملي، ۽ حڪم ڪيو ويو ته هو
اُتي رهي يوسف زئي قبيلي جي گوشمالي ڪري.“
(1)
ڪنور مانسنگ ڪابل موڪليو ويو. اسماعيل قلي سان گڏ
مير صاحب پڻ سندس مدد لاءِ اُتي رهيو، ۽ ماڌو سنگ،
سيد خان گگهر ۽ راجا ڀڳونت داس جا ماڻهو به بطور
ڪمڪ جي ڏانهنس موڪليا ويا.
|