سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 14

 

ميرڪ يوسف حسرت ۽ غصي مان لکي ٿو، ته انهيءَ قسم جا ڪـِـيس ۽ ڪلور ميرزا يوسف ملڪ ۾ شروع ڪيا، جنهنڪري سيوهڻ جي صوبي ۾ هڪ محشر مچي ويو. مثال هيٺيون شعر-

چو خواهد ڪه ويران ڪند عالمي،

نهد ملڪ در پنجهء  ظالمي-

ڏيندي، لکي ٿو ته سڀئي ماڻهو بيزار ٿي ويا، سڀني اکين سان ظلم ٿيندي ڏٺا ۽ سٺا ٿي، ليڪن ٻڌڻ وارو ڪونه هو، دانهن ڪنهن کي ڏين. ملڪ جو ڪو والي وارث هو ڪونه. ميرزا يوسف جهڙي خونيءَ ۽ سفاڪ انهيءَ حد تائين هيبت ويهاري ڇڏي هئي، جو ڪنهن ٻڙڪ ڪانه ٿي ڪڍي. اندر ۾ سڀني کي هورا جهورا هئي، دانهن ڏين ته ڪنهن کي، حال اورين ته ڪنهن سان؟ احمد بيگ، جيڪو بادشاهه طرفان ملڪ جو حقيقي وارث بڻايو ويو هو، سو ته سمورو وقت حرمسراءِ جي ماڻهن سان گذاريندو هو. جيڪڏهن کڻي ٻاهر نڪري ڪچهري ڪندو هو، ته فقط ڀاءُ سان ڳالهائيندو رهندو هو. اتفاقاً جيڪڏهن کڻي ڪنهن سان مخاطب به ٿيندو هو، ته ڪنهن ۾ جرئت هئي، جو کيس حقيقت حال سڻائي!

-”هيچ آفريدي نبود ڪه از ترس ميرزا يوسف بيان واقع را با محمد بيگ خان بگويد، ڪه برادر شما اين قسم ظلم و ستم برپا داشته عالم را خراب و ضايع ڪرده.“ (1)

ميرڪ يوسف ۽ احمد بيگ:

ميرڪ لکيو آهي ته جڏهن حالتون انتهائي مايوس ڪن ۽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪيون، ان وقت هن پاڻ مجبور ٿي، احمد بيگ سان انهيءَ باري ۾ گفتگو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چنانچه هڪ رات جو جڏهن احمد بيگ ڪچهري ڪئي، ان وقت ميرڪ به وڃي اُتي ويٺو، ۽ دوران گفتگوءَ ۾ احمد بيگ کي صاف چئي ڏنائين ته هيءُ ملڪ خدا جو آهي، هي انسان سڀ ان جي مخلوق آهن، خدا ملڪ جي ماڻهن کي حضرت شهنشاهه جي سپرد ڪيو، جنهن توکي پنهنجو نائب ڪري ملڪ ۽ هتان جي انسانن جي سنڀال لاءِ موڪليو. تو پنهنجي واڳ پنهنجي ناعاقبت انديش ۽ ظالم ڀاءُ جي حوالي ڪري ڇڏي، جنهن سڄي ملڪ جو ستياناس ڪري رکيو آهي. ان جو جواب آخر هڪ ڏينهن توکي ڏيڻو پوندو،- شهنشاهه ۽ خداي ذوالجلال وٽ ڪهڙو جواب ڏيندين؟

”راقم حروف يڪ شب با احمد بيگ خان صريحه گفت ڪه اين ملڪ خدا ست و خداي بشهنشاهه سپرده، و شهنشاهه ترا نائب خود ڪرده، برين ملڪ فرستاد. و تو اين خلق الله را بدست برادر خود داده خراب و ضايع ساختي، اين معني را درين جهان از تو شهنشاهه خواهد پرسد، وچون متوجهه آنجهان شوي، خالق علي الا طلاق از تو خواهد تحقيق ڪرد.“ (1)

ميرڪ لکي ٿو ته سندس اهي الفاظ احمد بيگ جي دل ۾ گهر ڪري ويا، ۽ هو بيحد متاثر ٿيو.

انهيءَ سلسلي ۾ ميرڪ هڪ نهايت ئي دلچسپ لطيفو لکيو آهي. چوي ٿو ته سندس اُتي وڃڻ کان اڳ ميرزا يوسف جو هڪ چغل خور ڪچهريءَ ۾ آيو هو، جنهن کي ميرزا ڀاءُ جي سامهون پهراڻي پهرائي، مسند جي ڀرسان ويهاري ڇڏيو هو. ميرڪ يوسف جي چوڻ بعد احمد بيگ سڀ کان پهريائين انهيءَ چغل تي غصو هاريو. چغل ڀنگ پي آيو هو، سو ان وقت پنڪين ۾ اهڙو بيخبر هو، جو وات ڦاٽي ويو هوس. احمد بيگ ملازم کي حڪم ڪيو ته يڪدم ڌوڙ کڻي سندس وات ۾ وجهي، چنانچه ڌوڙ جا ٻـُـڪ ڀري، اُن جي وات ۾ وڌا ويا. ان کان پو”، احمد بيگ اهي سڀ قيدي فورا= آزاد ڪري ڇڏيا، جن کي ميرزا يوسف بيگناهه باندي ڪيو هو. مـُـنڊي به انهيءَ وقت ئي ميرزا کان موٽائي پنهنجي چيچ ۾ پائي ڇڏيائين، ۽ قلعي تي سيوهڻ جي ماڻهن جي جيڪا بيگر چالو هئي، سا به ختم ڪيائين. اهڙيءَ طرح، احمد بيگ الوٽ ننڊ مان گويا اوچتو ڇرڪ ڀري اُٿيو هو، ليڪن کيس سجاڳي ان وقت ٿي، جنهن وقت تير ڪمان مان نڪري چڪو هو، يعني ملڪ سڄو درهم برهم ۽ راڄ رعيت سڀ پيڙهجي ويئي هئي- ڏُڌي ڪٿي ٿي ٿڻين پئي!

-”اما چه فائده، ڪه ملڪ برهم خورد و رعيت ز راعتهاي خود را گذاشته گريخته رفت.“

ڳوٺ ويران، ٿاڻا ڦٽي ويا، ۽ سڄو راڄ لڏي پلاڻي ٽڙي پکڙي چڪو هو.

ميرڪ جو دربار ڏانهن سفر:

ميرڪ لکي ٿو ته احمد بيگ جيتوڻيڪ اکيون پٽي چڪو هو، ليڪن حالتن جو سازگار ٿيڻ ناممڪن هو. ميرڪ دل ۾ رٿا ڪئي ته اهو سڀ حال، دربار ۾ پهچي، بادشاهه جي گوش گذار ڪري، کيس سزا ڏياري، ۽ مظلومن جي ٿيل نقصان جي تلافي ڪرائي.هن نيٺ احمد بيگ کان سيوهڻ جي پرڳڻي جوڻيجه ۾ وڃڻ جي اجازت گهري، جيڪو پرڳڻو ان وقت ڀاڻس مير ابوالبقا جي جاگير ۾ هو. احمد بيگ کان موڪلائي، هو جوڻيجن ۾ آيو، جتان پوءِ خاموشيءَ سان نڪري وڃي بکر پهتو. اتان ارادو هوس ته سڌو ملتان وڃي ۽ مير ابوالبقا جيڪو ان وقت ملتان جو نائب هو ان سان ملي، ۽ پوءِ دربار جو رخ ڪري-

”اين خانه زاد راقم حروف پريشاني احوال وطن اختياري ِّ خود ديده، از احمد بيگ خان درين موقع رخصت سير پرگنه جـُـنيجه من اعمال ملڪ سهوان ڪه دران وقت جاگير برادر ابوالبقا بود، گرفته، آنجا رسيده، عازم عتبه بوسي آستان فلڪ نشان گرديد، و بخاطر آورد ڪه احوال اين ملڪ و عمل احمد بيگ خان را در يڪ طوماري نوشته بنطر اقدس اعليٰ گذراند“ (1)

ميرڪ لکي ٿو ته ماڻهو ايتريقدر ستايل هئا، ۽ انهيءَ حد تائين بي اعتمادي پيدا ٿي چڪي هئي، جو احمد بيگ هزار ڪوشش ڪئي ته ملڪ ويران ٿيل وري وسائي، ليڪن سندس حڪومت جي وقت ۾ ماڻهو نه مٿس اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار هئا، ۽ نه وري سندس حد ۾ رهي ايڏو جوکو سر تي کڻڻ  لاءِ تيار هئا. احمد بيگ سيوهڻ مان نڪري، ڪاهان جي پرڳڻي ۾، سامتاڻي ڳوٺ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. اهو بهاء الدين پنهور جو ڳوٺ هو. ماڻهن کي دم دلاسا ڏيڻ شروع ڪيائين، ليڪن ڪنهن کي به اعتبار ڪونه آيو-

”رعيت را دلاسا، ڪردن گرفت، اما هيچڪس اعتبار برو نمي ڪرد، اگر شخصي شب آمده مي ديد، فردائي آن ميگربخت“ (2) .

ميرڪ کي اها خاطري ٿي ويئي ته احمد بيگ جي موجودگيءَ ۾ ملڪ جو وري آباد ٿيڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري هن بلڪل صحيح ارادو ڪيو ته ملڪ جو اهو دردناڪ احوال هڪ ڪتاب جي صورت ۾ لکي، شاهي دربار تائين پهچائي.

بکر ۾ پهچڻ:

ميرڪ جوڻيجن ۾ ٻٽي ڏينهن ترسي، سڌو سکر پهتو. ان وقت
محمد علي بيگ بندري انهن جو حاڪم هو. حڪيم محمد صالح ديوان ۽ مانسگ وقايع نويس هو. ميرڪ ساڻن دلي مقصد ظاهر ڪيو، جنهن تي مخفي طرح هنن احمد بيگ کي انهيءَ معاملي جو اطلاع ڏنو. احمد بيگ نتيجن تي غور ڪري، سخت پريشان ٿيو. ميرڪ جو قول آهي ته:

”احمد بيگ بديدن اين نوشته مضطرب گرديده، شيوة ظلم را بالڪليه از رعيت و ائمه برطرف ڪرد. چنانچه از رعيت در فصل ربيع مذڪور غلهاي ڪهله هارا بخش ڪرده گرفت. و از ائمه آنچه دران فصل ربيع از فرامين مذڪراتي و مسماتي گرفته بود، واپس داد.“

ملتان ۾ رسڻ:

احمد بيگ پنهنجو خاص ملازم، مير هاشم، فوراً بکر روانو ڪيو.
حڪيم محمد صالح ۽ محمد علي بيگ ۽ مانسنگ ڏانهن خط لکي موڪليائين ۽ خدا جي واسطي ڪنهن به طرح ميرڪ کي دم دلاسا ڏيئي، مير هاشم سان گڏي سيوهڻ واپس ڪيو وڃي. ليڪن مير هاشم جيسين بکر رسيو، ان کان اڳ ئي ميرڪ ملتان روانو ٿي چڪو هو. چنانچه مير هاشم جهڙو ويو هو تهڙو خالي هٿين موٽي سيوهڻ هليو ويو.

ملتان ۾ ان وقت ابوالبقا يمين الدوله طرفان نائب هو. ميرڪ جنهن وقت اتي پهتو، ان وقت مير صاحب لاءِ ٺٽي جي صوبيداريءَ جو اچي فرمان پهتو. مير ابوالبقا پاڻ به ٺٽي موٽڻ جي تياري ڪئي ۽ ڀاءُ کي به موٽي هلڻ لاءِ تيار ڪيائين، تاڪه اتان سفر جو سامان درست ڪري، پوءِ دربار ڏانهن وڃي. چنانچه ٻيئي ڀائر 1038 هه ۾ ٺٽي اچي پهتا.

”مظهر تدبير“:

ميرڪ جو ارادو اهوئي هو ته ٺٽي مان سفر جي تياري مڪمل ڪري، پوءِ هندستان اُسهي. ليڪن اتفاقاً ٺٽي پهچندي، آب و هوا جي خرابيءَ سبب کيس سخت نزلو ۽ بخار ٿي پيو، جنهنڪري سردست سفر جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيائين.

پاڻ لکي ٿو ته انهيءَ بيماريءَ ۾ هن باس باسي هئي ته جڏهن کيس شفا حاصل ٿيندي، ان وقت هو سنڌ جي حالتن تي ”مظهر تدبير“ نالي ڪتاب لکي، اهو بادشاهه جي خذمت ۾ کڻي ويندو.

”بخداي خود نذر بست ڪه چون ازين مرض خلاص يابد، احوال و لايت سند را ڪتاب ڪرده، دست آويز خود ساخته، احرام ڪعبه خلائق هفت اقلبم بر بندد، الحمد الله و المنته ڪه بمقتضي اين بيت:

الــٰـهي تو بر نيتم آگهي
چو نيت بخير ست خيرم دهي.

نسخهء ”مظهر التدبير“ باتمام رسيد، و اميد وارم ڪه امي عادل قوي الاسلام ملجاء الانام امام المشارق المغارب ابوالمظفر شهاب الدين محمد صاحب قران ثاني شاهه جهان بادشاه غازي بنظر رحمت درو نگرد.“ (1)

انهيءَ ئي ڪتاب جو ٻيو نالو ”مظهر شاهه جهاني“ آهي، جنهن جو مفصل ذڪر هيٺين صفحن ۾ اچي ٿو.

احمد بيگ جو تبادلو:

مير يوسف کي شاهي دربار ۾ پهچي احمد بيگ جي شڪايتن ڪرڻ جي حسرت ته دل جو دل ۾ رهجي ويئي. ڪتاب به اڃا هن تيار ڪونه ڪيو، جو بکر جي واقع نويس مانسنگ، سيوهڻ جو سمورو احوال بادشاهه ڏانهن لکي موڪليو. ساڳئي وقت ٺٽي جي واقع نويس، ابوالقاسم طبا طبا، به احمد بيگ جي مظالمن جو داستان شاهي دربار ڏانهن موڪلي ڏنو، جنهن تي فوراً سندس تبادلي جو حڪم اچي پهتو، ۽ سندس جاءِ تي سيوهڻ ۾ ديندار خان جو تقرر ٿيو.

مير جو مقصد جيتوڻيڪ پورو ٿيو ۽ سيوهڻ جي ماڻهن کي به ظالم کان نجات ملي، ليڪن ميرڪ ان تي خوش ڪونه ٿيو. احمد بيگ کي سزا به ڪانه ملي. الٽو کيس ملتان جو صوبيدار ڪيو ويو، جيڪو سيوهڻ کان به زياده سائو ستابو صوبو هو.

”سواي تغير اين ملڪ اثر غضب برومتر تب نگرديد، بلڪ اثر رحمت بظهور رسيد ڪه از تغير سهوان، صاحب صوبه ِّ ملتان شد ڪه جاي عمده است.“

ميرڪ، بادشاهه کي مخاطب ٿي، عرض حال ڪري ٿو ته ملتان، هندستان ويندي، چونڪه واٽ تي پوي ٿو، تنهنڪري احمد بيگ جا ستايل، جن شاهي دربار ۾ پهچي داد رسي حاصل ڪرڻ گهري ٿي، سي شاهي دربار تائين رسي ڪونه سگهيا، بلڪ سيوهڻ مان هلي بکر تائين پهچي، اتان واپس وريا ٿي، ڇاڪاڻ ته واٽ تي ملتان ۾ احمد بيگ موجود هو-

”همين معنيٰ را ديده، مردم ستم رسيدگان اين ملڪ ڪه مي خواستند بهمراه او شده بدرگاه فلڪ اشتباه رسيده، طلب حق نمايند، از بکر مايوس گشته بوطن خودها مراجعت نمودند“ (1).

ميرڪ لکي ٿو ملتان موڪلڻ جي بجاءِ جيڪڏهن شهنشاهه کيس سزا طور گهرائي، پاڻ وٽ ويهاري ڇڏي ها ۽ فريادين کي گهرائي سندن داستان ٻڌي تحقيق ڪري ها، ته هوند سڀني مظلومن جا حق تري پون ها-

”اگر همين عمل احمد بيگ خان را در زيروپايه ِّ تخت سليماني تحقيق مي فرمودند، و از روي حڪم شرع شريف ستم گر فتيگهاش بمردم مظلوم واپس ميدهانيدند، و خونهاي ناحق ڪه از روي عنف و ظلم ڪرده بود، بامر عدالت عظميٰ اجراي حڪم او ميڪردند، هيچ جاگيردار بعد اليوم در ويراني ِّ اين ملڪ راضي نمي شد، بلڪ جاگيرداران ممالڪ محروسه ديگر نيز از ظلم محترز بوده، را راستي و خوش سلوڪي را پيش مي گرفتند“ (2).

ديندار خان:

ميرڪ يوسف جا تعلقات جيتوڻيڪ نئين صوبيدار، سيد ديندار خان (3) سان تمام سٺا هئا، ۽ سندس تعريف به ڪري ٿو، ليڪن ساڳئي وقت جيڪي منجهس ڪوتاهيون هيون، ان تي به تنقيد ڪري ٿو، ۽ حق گوئي ڪندي ڪسر ڪانه ٿو ڇڏي. معلوم ٿئي ٿو ته ديندار خان جو دور به انتظامي لحاظ کان اطمينان بخش ڪونه هو. هڪ جاءِ تي ديندار خان جو ذڪر ڪندي، ميرڪ لکي ٿو ته ديندار جي زماني ۾، هڪ ڳوٺ جيڪو سيوهڻ کان ٻن ڪوهن تي ۽ لڪيءَ کان ڪوهه پنڌ تي هو، نهمردين تباهه ڪري ڇڏيو: جوانن کي مقابلو ڪندي ماري ڇڏيائون، پوڙهن لڪي جان ڇڏائي. ٻار ٻچا ۽ ڍور ڍڳا ڪاهي نهمردي پنهنجي پنهنجي وٿاڻن تي هليا ويا. شهر جي برباديءَ سبب باقي رهيل ماڻهو لڏي اچي سيوهڻ ۾ پناهه گزين ٿيا. انهيءَ شهر جي لٽ ڦر ڦٻي وڃڻ بعد، نهمردين جو قدم خود شهر ڏي وڌيو-

”دست تصرف دزدان سميجه و مردم ڪوهي، بقصبه سهوان دراز گرديد، چنانچه مواشي را تاخته مي بردند، و هيز ڪشان وغيره مردم مسافران را مي ڪشتند، و تاراج ميڪردند، بلڪ درميان شهر مواشي و اسپان ر نگاه داشتن مشڪل شد. چنانچه چند مرتبه اسپان سپاهيان ديندار خان را در دزدان سميجه از ميان شهر جبرا و قهرا ڪشيده بردند، و هيچڪس مقاوت آن روسياهان نه نمود، و بواسطه همين شدت ديندار خان گرد شهر سهوان قلع ساخت“. (1)

مٿئين حقيقت مان صاف ظاهر آهي ته ديندار خان جو انتظام انهيءَ حد تائين بي حقيقت هو، جو حڪومت جي شهر مان شهرين جا ته خير پر خود سندس پنهنجن سپاهين جا گهوڙا چور زوريءَ ڪاهي ٿي ويا، ته ان جو تدارڪ ٿي ڪونه ٿي سگهيو، ۽ چورن جي دل ايتري وڌيل هئي ۽ سندن خوف انهيءَ حد تائين لٿل هو، جو هو ڏينهن ڏٺي جو به سيوهڻ ۾ ترڪتاز ڪندا وتندا هئا. بهرحال ميرڪ يوسف جتي سندس دينداريءَ، پرهيزگاريءَ ۽ مذهبي شيفتگيءَ جي تعريف ڪري ٿو، اتي بادشاهه جي اڳيان سندن انتظامي ڪوتاهيءَ جا واقعا به سواءِ ڪنهن گهٽ وڌ جي ڪري ڇڏيا اٿس.

مٿي جنهن ڳوٺ جي برباديءَ جو ميرڪ ذڪر ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ لکي ٿو ته پاڻ هڪ ڏينهن ديندار خان کي صلاح ڏنائين ته اهو شهر سندس دور ۾ ويران رهڻ نه گهرجي، ۽ ٿي سگهي ته ان کي ضرور آباد ڪيو وڃي. چنانچه ميرڪ جي مشوري تي اهو شهر آباد ٿيو، ماڻهو موٽي آيا ۽ ڳوٺ کي چوڌاري عالم پناهه ڪڍرائي ويئي. اهو ڳوٺ ديندار خان سيد جلال جي سپرد ڪيو، ۽ ان تي پنهنجي پٽ جي نالي پٺيان ”ڪمال پور“ نالو رکيائين.

تصانيف:

ميرڪ يوسف فارسي ۽ عربيءَ جو نهايت جيد عالم هو. سندس سوانح چونڪه اڃا تائين پردي ۾ آهي، تنهنڪري خبر پئجي نه ٿي سگهي ته هن ڪهڙا ڪتاب مرتب ڪيا. ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي پهرئين حصي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ملڪ داريءَ جي فن ۽ حڪمرانيءَ جي رمزن ۽ نقطن جي سلسلي ۾، سندس مطالعو ۽ معلومات انتهائي حيرت انگيز آهي. ڪتاب جي عبارت صاف، زبان شسته ۽ سليس، ۽ ان جو انداز بيان اهڙو دلنشين آهي، جو سندس هڪ هڪ نقطو ۽ هڪ هڪ لفظ دل ۽ دماغ تي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو.

اسان کي سردست سندس هڪ ئي تصنيف، ”مظهر شاهه جهاني“، دستياب ٿي آهي، جنهن جو پڻ اهو واحد نسخو خوش نصيبيءَ سان اڄ تائين سلامت رهجي ويو آهي. ممڪن آهي ته سندس ڪو ٻيو به ڪتاب هجي، جيڪو ڪٿي نظرن کان اڃا تائين اوجهل هجي.


(1)  ”مظهر ۽ ص. 2/340.

(1)  ”مظهر“  ص. 2/340.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/341.

(2)  ”مظهر“ ص. 2/341.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/342.

(1) ”مظهر“ ص. 2/354.

(2)  ”مظهر“ ص. 2/354.

(3)   ديندار خان لاءِ ميرڪ لکي ٿو ته ”عمل ديندار خان بمردم اشراف و ائمه اين ملڪ و سپاه قديمي بسيار خوب بود، و با اهل صوفيه و جد و ذوق تمام داشت، و عروس بزرگان بيسار ميڪرد. چنانچه هيچ روزي بيش نبود ڪه عرس يڪ بزرگ درخانه ِّ او نبود، و در هر ماه چند عرس خوب ميڪرد. به ترانه و سرود و مطربان بسيار همراه او بودند، از قوال وغيره به تلاوت مصحف نيز شوق بيسار داشت. و اڪثر صائم ميگز رانيد. و در شهر شعبان، خواه زمستان مي بود خواه تابستان در ايام بيض روزه طي نگه ميداشت. و رمضان مي نمود، و در رمضان خرچ ميڪرد، از اطعمه و شيريني و فواڪه بسيار وقت افطار در مجلس مي اورد، و قريب سه صد چار صد ڪس به نماز تراويح پيش او حاضر مي شدند، و ختم قران مجيد را ايستاده مي شنيد، و در شب قدر ختم تمام ميڪرد، و مردم علما ِّ و حفاظ و گوشه نشينان را دران شب خيرات بسيار ميداد، و صباح آن ختم از روي محصف در يڪروز خود مي نمود. و در زمستان جميع سپاه آشنايان را سروپا ميداد، و مردم اشراف را آنقدر پرچه مي فرستاد ڪه تا به سال ديگر ڪفايت اوميشد، و اگر به سفر مي برآمد مردمي ڪه همراه او مي بودند، از اشراف و اڪابر وغير رعيت همه را علحده علحده طعام پخته از دولت خانه خود مي رسانيد، و هر جا مزار بزرگواري بود به زيارت ان مي رفت، و مرمت عمارت آن مزار مي فرمود.“

سندس نالو سيد ڀورو هو، مذهب سان ايتريءَ شيفتگيءَ سبب شاهجهان کيس ‘ديندار خان’ جو موزون ۽ مناسب خطاب ڏنو هو. سيوهڻ جي قيام واري زماني ۾ هن ڪيترين مسجدن ۽ مقبرن جي مرمت ڪرائي ۽ انهن تي ڪتبا هنيا. انهن مان ڪجهه جايون اڄ تائين سلامت آهن، باقي خدا ڄاڻي ڪيتريون مسجدون ۽ مقبرا جن کي هن مرمت ڪرايو هو، مٽجي ويا.

حضرت ڇٽي امراڻيءَ جي مزار جو ڪتبو-

  بــدورِ شــهـنــشـاه شــاه جــهـــان                خـديـوي خــرد مـنـد صـاحــب قــران

چـو خلد برين روضهء  شاه چــهــته            بـنـــا ڪـــرد نــواب ديـــنـدار خـان

    ز سـال بـنـايـش طـلـب داشـتـِنـد               ”بهشتي بروي زمين“ گفت عثمان

                                                               1042 هه

درگاه قلندر جا ڪتبا:

”چون در عهد سلطان فيروز مرحوم روضه قديم حضرت -- مخدوم بنا شده بود، و اين دوسنگ تاريخ نوشته-- نصب ڪرده بودند، آخر چون گنبد ڪلان در عهد مرزا جاني-- ترخان بنا يافته، اين سنگها برهم افتاده بوند، الحال-- ڪه اين فقير سيد بهوره عرف ديندار خان باشد-- در عهد دولت حضرت صاحب قران ثاني صحن-- روضه را ترتيب داده و دو مسجد راست مي ساخت، اين دو سنگ-- هم در ديوار خانقاه بنهاده تا يادگار سلاطين گذشته مي باشد--“.

انهيءَ ڪتبي ۾ جن ٻن پٿرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سي فيروز تغلق جا ڪتبا آهن. انهيءَ ساڳئي ڪتبي جي قريب ٻيو ڪتبو آهي:

بــدورانِ شـهـاب الديـن جهان شــاهه              جـهـان از عـدل او خـو رسـنـدو آباد

 شـده تـعـمـيـر فـرشِ عـرش مـسـنــد              حــســيـنـي صــــاحــبِ شـهـباز آزاد

 قـبول آمـــد نــيــاز خــانـه ديـــنــدار                دران حـضرت ز چــــون طالــــع بود شاد

               چه گـويـم وصـف آن صحـنِ مـقـدس                  بجايء ِ خشت انـجـم چيـــــده اسـتـِـاد    (هلندڙ)

  چــــو خواهي سال وي بافهم و دانـش      بمـقـطـع قـّيـن ڪـه آمـد سـال بنياد

يــڪي قـّاشـد ز فـرش مـسنــدِ شـــاه          دگــر بــــاشــد ز ”فـرشِ جنـت آباد“

                                                           1041هه

هڪ ٻيو ڪتبو مسجد تي موجود آهي، جنهن کي ”لب تاريخ سنڌ“ جي صاحب نقل ڪيو آهي:

بـــدورِ شـــهــنـــشـاه شــاه جــــهـــان                  چنان... ايوانش چو باغِ بهشـت

     چــــو مـــــسـجد بنا ڪـرد ديندار خان          بـــدرگـاه شـهـباز عـالـي سـرشـت

     خرد گــــفت ســــالش ڪه بيت العتيق                    دگـــــر ”مسـجد شيخ بهندا“ نوشت

                                           1043 هه

مٿيان ڪتبا 41- 42- 1043 هه جا آهن.

فريد مرتضيٰ خان بخاري سيد ديندار جو عزيز هو. ديندار خان کيس ياد ڪري روئيندو هو. ديندار خان جي پٽ جو نالو سيد فريد هو، جنهن سان قطب الاقطاب ميران سيد جلال ولد ميران سيد محمد بخاري گجراتيءَ جي نياڻي پرڻيل هئي. ديندار خان 1055 هه ۾ انتقال ڪيو- (احوال ”ذخيرة الخوانين“ ص. 357، ”ماثرالامرا“ ص. 2/23، ۽ ”مظهر شاهه جهاني“)

(1)  ”مظهر“ ص. 2/383.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org