مسجد جي مرمت جا سال
مير ”مائل“ ٺٽويءَ
(1)
جي ديوان مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد جي مرمت ٽالپري
عهد ۾ مير مراد علي خان (1227 هه) تمام چڱيءَ طرح
ڪرائي، جنهن جون تاريخون هيٺينءَ طرح مير ”مائل“
تصنيف ڪيون:
(1)
ايـن مسـجد شـاهي، آنڪه سالش بد ”مـعـدن
فيـض“ پـيــش ازيـن
1054 هه
در حــــال، ز فـيـض رشــد تـازه از دولـت
مـيـر نيـڪ آ ئــــــيــــن
ڪـز نـام عــلي، مـراد يابست دائـم، بـبـقــاي
دولـــت و ديـــــن
از فــيـض مـــداد، نـازه تـرميم بگرفـت
بــڪــام دل، چـو قـِزئين
فرمود، سروش غيبم، اين سال: ”اين مـعــدن فيض
حـالـيـا بــين“
1227
هه
(2)
باز از مسجد و شرف، اين جامع شاهي، گرفت
باهزاران، زيب و زينت، تازه تزئين الرشاد
گفت طبعم در دعا، تاريخ تر ميمش چنين:
”باد دائم امجد اين جامع، ز ترميم مراد“
1227
هه
(3)
شکر حق، ڪز پيروي، سنت ختم الرسل
آنڪه واجب ڪرد، تعمير مساجد برعباد
رونقِ عباد دوران، مير نام اَور، ڪه او
دارد از نام علي، حاصل بدوران بر مراد
(1)
(4)
حسبته الله بڪام آنکه في الليل والنهار
دارد از شوقِ دلي شغل عبادت دلنهاد
بر مرادِ طبع، بهر اين مسجد حق، ڪز قديم
دارد از سعي صفا، با ڪعبته الله اتحاد
چون بترميمِ مراد از نو، چو تعمير قديم
داد، باصد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد
در خوشي، خوش سال ترميمش سروشِ غيب گفت:
”آمده نو، باز اين مسجد، ز ترميمِ مراد“
1227 هه
ديده هر ڪس، بر مرادِ طبعش اين ترميم خير
از جزاه الله خيرا، صد نويد ڪام داد
تابود ”مائل“، بيادِ حق قلوب المومنين
”ورد شان دايم درين مسجد دعاي ميرباد“
1227
هه
انهيءَ مرمت بعد، انگريزن جي دور ۾ مسجد جي ٻه
دفعا مرمت ڪئي ويئي. پهريون دفعو سر بارٽل فريئر
1172 هه
(1)
1855ع ۾ ڪرائي، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر جي حڪم
سان سال 1311هه 1894ع ۾ ٿي.
(2)
انهن انگريزي مرمتن کان شايد اڳ، ٺٽي جي ماڻهن هڪ
عريضيءَ جي ذريعي خيرپور جي والي مير علي مراد خان
ٽالپر (متوفي 1311 هه- 1894ع) کان مرمت لاءِ مالي
امداد طلب ڪئي هئي، ليڪن ان جو نتيجو ڀانئجي ٿو،
ته حسب مراد نه نڪتو هوندو. ڇاڪاڻ ته مير صاحب
مرحوم جي پنهنجي سڄي حياتي شيل شڪار جي پٺيان جهنگ
جهر ۾ گذري
(3) ،
۽ انهن ڳالهين طرف سندس توجهه ڪو تولو ماسو هوندو
هو. اهو عريضو فارسي زبان ۾ وڏن خطابن ۽ القابن
سان سنواري ۽ ڏاڍن نيازن ۽ نوڙتن سان سينگاري،
”تڪمله مقالات الشعرا“ جي مؤلف، مخدوم محمد
ابراهيم ”خليل“ کان لکرايو ويو هو، جيڪو سندس
مڪاتيب جو مجموعي ۾ شامل آهي.
(4)
1894ع کان پوءِ مسجد جي مرمت وري هن وقت (1960ع-
1961ع)
P.W.D
جي ذريعي ٿي رهي آهي. مسجد جي حالت انهيءَ حد
تائين زبون ٿي چڪي هئي جو مرمت ۾ جيڪڏهن ٿورو وڌيڪ
دير ٿئي ها ته سڄي مسجد وڃي پٽ پوي ها. انهيءَ
مرمت لاءِ پيسا، سنڌ سرڪار پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ
سنڌ جي ڍل ۾ في رپئي سان هڪ آنو شامل ڪري گڏ ڪيا
ويندا هئا.
* * *
مسجد جو اوڀاريون ڇتائون حصو، ’امير خاني محلي‘
سان لڳي ٿو. انهيءَ حصي جي ڏکڻ خواه اتر ۾ کليل
صحن آهي، ٻنهي صحنن جي ٻاهرينءَ ديوار ۾ هڪ هڪ
ننڍو دروازو آهي، جيڪو امير خاني محلي ۾ گهٽيءَ ۾
کلي ٿو ۽ انهن ٻنهي صحنن جي پاسن ۾ ٽي ٽي ڪمرا
آهن، جيڪي شايد ڇوڪرين جي درس لاءِ هئا ۽ اهو
اوڀاريون سمورو حصو پڻ پنهنجي نوعيت، ساخت ۽ ماحول
سبب، معلوم ٿئي ٿو ته مسجد جو زنانو حصو هو.
مستورات امير خاني محلي جي گهٽيءَ مان انهن ٻنهي
دروازن جي ذريعي کليل صحن ۾ اينديون هيون ۽ ان کان
پوءِ ڇتائين حصي ۾ اچي نماز پڙهنديون هيون. صحن جي
پاسن ۾ جيڪي ڪمرا آهن اتي نينگرين کي تعليم ڏني
ويندي هئي. انهن ٻن ننڍن دروازن کان سواءِ هڪ ٽيون
به ننڍو دروازو آهي، جيڪو حجرن جي اترئين صف واري
هڪ ڪمري جي ديوار مان اترئينءَ گهٽيءَ ۾ کلي ٿو.
اهو دروازو داخلي شاهي دروازي جي بلڪل عين مقابل
آهي ۽ فرش کان چار ڏاڪا مٿي آهي.
مسجد جي مشرقي حصي جي ٻاهرينءَ ديوار سان لڳ هڪ
نامعلوم مزار آهي. امير خاني محلي جي گهٽيءَ مان
انهن اوڀارين ننڍن دروازن ڏانهن جيڪو به ايندو، ان
کي مسجد جي ديوار سان بلڪل لڳو لڳ اها قبر ڏسڻ ۾
ايندي.اسان جي خيال ۾ اها مزار ٺٽي جي بزرگ پير
ڇتي جي آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي ”تحفـةِ الطاهرين“ جي مؤلف لکيو آهي ته ”وي صاحب حال و مظهر ڪمال بود،
در وادي مجاهده و رياضت قدمي بلند داشت، و اوقات
گران مايه خود را همه وقت صرف طاعات و عبادات
الــٰـهي مي نمود. صاحب يمن و خداوند برڪات بود”.
(1)
انهيءَ بزرگ جو ذڪر محلي ڀائيخان ۾ ٿيل آهي ۽ مؤلف
آخر ۾ لکي ٿو ته بزرگ جي مزار غفران منزلت مير
متين الدين خان (المتوفي 1177 هه) بن امين الدين
خان جي حويليءَ سان بلڪل گڏ آهي، انهيءَ مان معلوم
ٿئي ٿو ته مير متين الدين خان جي حويلي انهيءَ
مزار جي ڀرسان هئي، ۽ اهائي مزار پير ڇتي جي ٿي
سگهي ٿي.
مسجد جي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ جي ڪنڊ ۾، مسجد کان چار پنج
سئو کن قدم پري، ٺٽي جي جيد عالم صوفي ۽ نقشبندي
سلسلي جي اهم شخصيت حضرت مخدوم ابوالقاسم
نقشبنديءَ جون جايون هيون، جيڪي اڄ به ساڳين پٽن
تي موجود آهن، بلڪ مخدوم صاحب جو ”هجره حضوري
(2)
۽ ته ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهي.
* * *
اسان ڪتاب جي صفحي 87 تي لکيو آهي ته مسجد شاهه
جهان بادشاهه جي حڪم تي ٺهڻ شروع ٿي. انهيءَ قياس
جو بنياد مير جلال واري ڪتبي ۽ 1057 هه واري ڪتبي
تي قائم ڪيو ويو هو، ليڪن بعد ۾ اسان جڏهن شاهه
جهاني دور جي تاريخن
(3)
جو مطالعو ڪيو ته انهيءَ مسجد جي سلسلي ۾ اسان کي
ڪٿي به اشارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. حالانڪ شاهه جهاني
تاريخن ۾ عمارتن جي لاءِ خاص اهتمام سان لکيو ويو
آهي. اسان في الوقت هن نتيجي تي پهتا آهيون ته:
(1) اها جامع مسجد شاهه جهان جي حڪم يا سندس شوق
جي تسڪين خاطر ڪانه ٺهي.
(2) مرڪزي خزاني مان انهيءَ مسجد لاءِ هڪ رپيو به
خرچ ڪونه ڪيو ويو، ورنه ضرور ذڪر ٿيل هجي ها.
(3) ڪتبن ۾ شاهه جهان جو نالو پڙهي، ماڻهن مشهور
ڪري ڏنو ته اها مسجد شاهه جهان بادشاهه ٺهرائي.
(4) ٺٽي جي جامع مسجد ٺهرائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه
هئي، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون عظيم الشان جامع مسجدون اڳ
ئي موجود هيون، مثلاً جامع خسرو (دابگرن واري
مسجد) ۽ جامع فرخ وغيره.
(5) اها مسجد شاهه جهاني تعمير يا مغليه تعمير جو
نمونو نه آهي. جي شاهي حڪم سان ٺهي ها ته ضرور ان
۾ شاهه جهاني دور جي عمارت سازيءَ جي جهلڪ موجود
هجي ها.
(6) اها مسجد ابوالبقا امير خان پنهنجي اڏاوتي شوق
جي تسڪين لاءِ،
پنهنجي نوآباد محلي جي ڀڪ ۾ ٺهرائي.
(7) انهيءَ مسجد جي طرز تعمير خاص آهي، ۽ مختلف
تعميري نمونن جو گڏيل مجموعو آهي. امير خانن جون
جيڪي تعميريون آهن سي قطعي عمارت سازيءَ جو مخصوص
نمونو پيش ڪن ٿيون. مثلاً: صفهء صفا، صفهء وفا،
وغيره، هن مسجد تي تعمير ۾ پڻ انهيءَ خاندان جو
مخصوص ذوق نمايان آهي.
(8) مسجد ۾ ٽائيلس جا اهي ئي خاص رنگ آهن جيڪي
صفهء صفا ۾ يا مڪليءَ جي اميرخاني قبرستان واريءَ
مسجد تي آهن.
(9) انهيءَ مسجد تي جيڪي خرچ ٿيو، سو يقيناً سنڌ
جي اپت ۽ سنڌ جي خزاني مان ٿيو هوندو.
(10) مسجد جي تعمير وارا سال (54- 1057هه) مير
صاحب ٺٽي ۾ موجود هو ۽ اتان جو حاڪم هو.
(11) سندس انتقال (1057هه) کان پوءِ مسجد ۾ جيڪو
ڪم رهجي ويو، مثلاً فرش وغيره، سو ممڪن آهي ته
بادشاهي جي حڪم تي مير جلال پورو ڪرايو هجي. ليڪن
اهو سال جنهن ۾ فرش لڳو سو خود بادشاهه جي
معزوليءَ ۽ گرفتاريءَ جو سال هو. ان کان اڳ جا چند
سال پڻ شاهه جهان جو وقت، عالمگير ۽ دارا جي
لڙائين ۽ بغاوتن سبب اطمينان جو نه هو.
(12) اسان جي خيال ۾ ڪتبن اندر بادشاهه جا نالا
محض شاهي جلال ۽ شخصي حڪومت جي اثر ۽ اقتدار جو
نتيجو معلوم ٿين ٿا، جيئن اهڙن دورن جو دستور هو.
خود هن جديد دور ۾ به انهيءَ طريقي جو اعادو ٿيندو
رهي ٿو. مثلاً: جيڪي عوامي عمارتون ٺهن پيون انهن
۾ پيسا ٻين جا هوندا آهن، ليڪن مصلحتاً بنيادي پٿر
تي نالو وقت جي ڪنهن بااقتدار شخص جو اڪريو ويندو
آهي، جنهن جي کيسي مان انهيءَ عمارت لاءِ هڪ پائي
به نڪتل ڪانه هوندي آهي.
* * *
ڪتبن ۾ شاهه جهان جي نالي اچڻ کان علاوه جديد دور
جي ٻن مصنفن جو پڻ بيان آهي ته اها مسجد شاهه جهان
جي حڪم تي ٺهرائي ويئي، ليڪن اهي ٻئي روايتون ڪنهن
مستند تاريخي حوالي کان سواءِ بيان ٿيل آهن.
”لب تاريخ سنڌ“ ۾ خداداد خان مرحوم لکيو آهي ته:
”ازروي تواريخ ثابت است ڪه: حضرت شاهه جهان
بادشاه از خزانه شاهي نه لکهه روپيه خاص
بجهت تعمير مسجد مبارڪ بلده ٽهٽها ... در سال
1043 هه ... امداد فرموده بودند ... الخ“
(1)
انهيءَ مؤلف کان پوءِ هينري ڪزنس
(H. Cousens)
مسجد جو ذڪر ڪندي هن طرح لکيو آهي:
"....... The mosque proper،
togegher with the north and south wings،
was built by Shah Jahan as a memorial of his
visit to Thathah، when having quarrelled with his father Jahangir،
he was، for time being، an exile from the court. The eastern end،
including the great gate way،
was added in the year A.D. 1558 - 59. The total
cost is said to have amounted to six lakhs of
rupees،
the whole of which was forwarded from the royal
treasury at Delhi.”
(2)
انهن ٻنهي مؤلفن مان پهرئين صاحب ”از روئي تواريخ“
(3)
لکي آهي، ليڪن نالو ڪنهن به تاريخ جو ڪونه ڏنو
اٿائين. اهو مؤلف تاريخ لکڻ ۾ گهڻيءَ حد تائين غير
محتاط آهي، خصوصاً آثار قديمه جي سلسلي ۾ سندس
بيخبري ڏاڍي افسوس ناڪ آهي.
اهڙيءَ طرح ڪزنس صاحب پڻ سند ڪانه ڏني آهي. سندس
قول جو مدار غالباً ڪتبن تي ڏسجي ٿو. پيسن جي
سلسلي ۾ به
“is said”
لکيو اٿائين. ڀانئجي ٿو ته ٺٽي جي ڪنهن بزرگ کيس
ٻڌائي ڇڏيو هوندو. جهڙيءَ طرح جهرڪن جي ڊپٽي
ڪليڪٽر
S.w. Tyndall ، 4 تاريخ مئي 1876ع جو ٺٽي جي آثار قديمه تي جيڪا رپورٽ
گورنمينٽ ڏانهن موڪلي آهي، ان جي مواد جو زياده تر
مدار ميان حسين علي شاهه بن سيد صابر علي شاهه بن
مير مائل، بن مير قانع جي غير تاريخي ۽ شخصي
معلومات تي رکيو آهي. حالانڪ جيڪي حقائق هن مرحوم،
ڊپٽي صاحب جي گوش گذار فرمايا، تن مان هڪ به اهڙو
ڪونه آهي، جنهن جي تصديق خود سندس ڏاڏي مير ”قانع“
جي ڪتابن مان ٿيندي هجي. مٿئين رپورٽ ۾ نوَن لکن
جو خرچ ٿيڻ جو ته ذڪر آهي، پر مسجد جي تعمير شاهه
جهان ڏانهن منسوب ڪانه ڪئي ويئي آهي.
(1)
امير خان سنڌي
مير عبدالڪريم خان لاءِ راءِ بندرابن داس خوشگو،
”سفينه خوشگو“
(2)
۾ لکي ٿو:
‘-- سيد امير خان عالمگير شاهي از سادات سند بود،
فضيلت برڪمال داشته و بسبب حافظهء قوي، در حاضر
جوابي و بديهه گوئي بي نظير بود، و دران عهد خيلي
قرب و امتياز يافته، از لطيفه هايش ڪه بديهه گفـة،
اين ست: - آئينه چيني تحفـة عالمگير ..... آور
دند، (؟)
(1)
قضا را بشڪست.
بادشاه اين مصرعه برخواند:
از قضا آئينهءَ چيني شڪست
سيد امير خان بديهه معروض داشت:
خوب شد اسباب خودبيـني شڪـست
(2)
و در عهد بهادر شاه (19- 124هه) بصوبه داري مستقر
الخلافت اڪبر آباد سرفراز بود، دران وقت اڪثر شعرا
مثال: ميان علي عظيم خلف ميان ناصر علي، و ميرزا
حاتم بيگ مرحوم، و مير ابوالفاي ”وفا“
(3)
، ڪه همشير زادهء خان مذڪور ميشود، و ديگر موزو
نان هميشه بخانه وري صحبت گرم ميداشتند و در عهد
فرخ سير (24- 1131 هه) صدارت ڪل هندستان با و
تفويض يافت. فائدها بغربا و مساڪين رسانيده مرد
موفق بود. در اوائل محمد شاهي (1131هه) گذشت. شعر
خوب مي فهميه و خوب مي گفت. ديواني مختصري از
وشينده اما تخلص معلوم نشد. اين دو بيت را بهتر از
دوهزار بيت مي دانم:
|