مير امين الدين خان حسين
هيءُ مير ابوالمڪارم شهود جو وڏو پٽ هو. خانداني
طرح ته امير هو، پر طبعاً به امير هو. جتي رهيو
ٺٺ سان رهيو، شان شوڪت، مان ۽ سومان ۾ سخت وضعدار
هو. ”تحفة الڪرام“ جي مصنف ”اميري والامقدار“ جي
اعزاز سان کيس ياد ڪيو آهي.
ٺٽي جي ايالت:
مير ”قانع“ ”تحفة الڪرام“ ۾ کيس ٺٽي جي نوابن واري
فهرست ۾ داخل ڪندي لکيو آهي ته:
”به ايالت تته زماني قدر اعزاز برافراخته، مقيم
جاويد شد“
(1)
مير صاحب، سعيد خان (خانه زاد خان) کان پو”، 1114
هه ۾، ٺٽي جو نواب ٿي آيو. مير سيد علي خوش نويس
سندس آمد جو سال ”امير امين الدين خان“ مان ڪڍيو.(2)
اهو عالمگير جو آخري زمانو هو، جنهن کان پوءِ
عالمگير چار سال زنده رهيو. ”تحفـة الڪرام“ مان
معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب فقط سال کن ٺٽي ۾ رهيو،
۽ 1115 هه ۾ کانئس ٺٽي جي حڪومت جون واڳون يوسف
خان ترڪ اچي ورتيون. مير صاحب جي سياسي زندگيءَ
متعلق فقط ايترو معلوم ٿئي ٿو، ان کان اڳ هو ڪٿي
ڪٿي رهيو، ۽ ٺٽي کانپوءِ هو ڪاڏي ويو، ان جو تفصيل
ملي ڪونه ٿو سگهي.
علم و فضل:
مير صاحب پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ وڏو صاحب ڪمال
بزرگ هو، علم جي چراغ کي پشتها پشت جي خانداني
طريقي مطابق پاڻ به روشن رکيو آيو. وٽس عظيم الشان
ڪتبخانو هو، ۽ سڄو وقت پيو مطالعو ڪندو هو. اهل
علم ۽ اصحاب ڪمال هر وقت وٽس ايندا ويندا هئا، جن
سان علمي مجلسون ۽ ادبي مذاڪرا پيو ڪندو هو.
”تحفـة الڪرام“ جي مصنف انهيءَ سلسلي ۾ لکيو آهي
ته:
”اغلب اوقات بمطالع ڪتب و صحبت با علما پرداخته“
(1)
”مقالات“ ۾ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته:
”اميري با اعتبار وسيدي عالي مقدار بوده، باوجود
رتبت امارت، اغلب اوقات بمطالع ڪتب و صحبت با
علماً پرداخته“.
(2)
تصانيف:
مير صاحب کي تصنيف جو به شوق هو. اسان کي اهو
معلوم ٿي نه سگهيو ته هن ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪتاب لکيا،
البت سندس ٻن تصنيفن جا نسخا ڪن ڪتبخانن ۾ اڄ
تائين موجود آهن: هڪ ”رشحات الفنون“ ۽ ٻيو
”معلومات الافاق“.
رشحات الفنون:
”تحفـة الڪرام“ ۾ آهي ته مير صاحب ”رشحات الفنون“
۾ چوڏهن علمن تي بحث ڪيو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته هي
ڪتاب ”مطلع العلوم في مجمع الفنون“ جي نموني تي
آهي، جنهن ۾ سڀني علومن جي تاريخ تي بحث ڪيو ويو
آهي. ڪتاب جو نسخو ”خدا بخش لئبرري“، پٽنا ۾ آهي،
جنهن ۾ 151 ورق آهن، ۽ هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن،
نسخي جو خط تعليق آهي، ڪتابت 1673 هه ۾ ٿيل آهي،
ڪاتب جو نالو سيد احمد بن سيد حبيب الله آهي.
فهرست نگار مصنف جو نالو هن طرح لکيو آهي: ”امين
الدين خان بن سيد ابوالمڪارم بن سيد امير خان
حسيني الهروري“.
(1)
برٽش ميوزم ۾، سر هنري اليٽ،مصنف ”تاريخ هند“، جي
فائل نمبر
(O.R، 2060)
۾، ”رشهات“ جي مضمونن جي فهرست ۽ ڪجهه اقتباس
موجود آهن، هيٺ ان جو اختصار ڏجي ٿو، تاڪه پڙهندڙ
ڪتاب جي مضمونن مان واقف ٿين. ڪتاب جي ابتدا هن
طرح ٿئي ٿي:
”سپاس بيقياس آن معبود مطلق و آن مسجود برحق...
... اما بعد چنين مي گويد، اقل الحنيفه،
احقرالعباد
امين الدين خان بن سيد ابوالمڪارم بن مرحوم امير
خان الحسيني الهروي، ڪه سبب تاليف اين سفينه
سڪينه،و باعث فراهم او... است، ڪه اين مجموعه
انيقه آنست ڪه چون بعضي احباب و اصحاب فضل را
آرزوي تحصيل علوم عقليه و نقليه در سر افتاد،
بمقتضاي آن ڪه گفته اند-
علم ڪثير آمد و عمرت قصير
هر چه ضروري ست ازان شغل گير
وآنڪه گفته اند-
حفظ ڪن مختصري هر فن
گير خوشبوي گل ازهر گلشن
چند سطري ورشحهء ازهر علمي از علوم منقوله و
معقوله،قصير العبارة ڪثير المنفعته، نگاشته آمد،
تا بقدري مفيد طلبان اعزه اجله هر فن باشد، و
فارسي خوانان را تسهيل تحصيل شود.“
ڪتاب جو نالو هن طرح لکيو اٿس:
”و موسومه نموده شد آن را به- ’رشحات الفنونو منه
العصمته العون‘.“
تاريخ تصنيف بيان ڪندي لکي ٿو:
”و از بدايع صنايع آنڪ همين اسم باندڪ تعميه تاريخ
اتمام اين مجموعه مي شود، چنانچه منظوم نموده شده-
الله الحمد ڪن عطائي خدا
شد مرتب سفينه ز علوم
طرفه مجموعه علوم شد
ڪه سر جهل ازان شده معدوم
”رشحات الفنون“ بود نامش
1126- 3= 1123هه
با مسمي ست اسم اين مرقوم
چون سر جهل از و بريده شود
3
سال تاريخ زان شود معلوم
ڪتاب جي مضمونن جي فهرست هيءَ آهي:
(1) رشحه در علم تفسير.
(2) رشحه در علم حديث.
(3) رشحه در شعب ايمان.
(4) رشحه در بيان عقائد و ڪلام.
(5) رشحه در اصول فقهه.
(6) رشحه در علم فروع فقهه.
(7) رشحه در علم و تصوف.
(8) رشحه در علم تعريف حڪمت و منطق واقسام آن.
(9) رشحه در علم طب.
(10) رشحه در حڪمته علميه.
(11) رشحه در علم نحو.
(12) رشحه در علم صرف.
(13) رشحه در علم معافي.
(14) رشحه در علم بيان.
(15) رشحه در علم بديع.
(16) رشحه در علم تاريخ.
فصل:
(1) فصل در بيان عقول عراه.
(2) فصل در بيان اقسام خوارق.
(3) فصل در بيان وجه تفرقه ميان صوفيا و حڪماءِ
اشراقين و متڪلمين و حڪماي نشائين.
(4) فصل در بيان معقولات عشره.
(5) فصل در بيان امزجه.
(6) فصل در بيان ارڪان.
(7) فصل در بيان اعضا.
(8) فصل در بيان اخلاط.
(9) فصل در بيان اسباب ستر ضروريه.
(10) فصل در بيان حرڪات نفساني.
(11) فصل در بيان اقسام نبض.
(12) فصل در بيان براز.
(13) فصل در بيان بحران.
(14) فصل در بيان اصطلاح اطبا و اسماء ادويه و
اوراق طلا.
(15) فصل در بيان تهذيب و اخلاق.
(16) فصل در بيان حڪمت شريفه.
(17) فصل در بيان سياست مدينه.
(18) فصل در بيان ماهيت خلق.
(19) فصل در بيان بعض مناقب اهل صفه.
ذڪر:
(1) ذڪر نساء عارفان.
(2) ذڪر مشائخ هند.
(3) ذڪر حڪماء اسلامئين.
(4) ذڪر ملوڪ بني اميه.
(5) ذڪر بني عباس.
(6) ذڪر فرقهء صاريان.
(7) ذڪر فرقهء سامانيان.
(8) ذڪر فرقهء غزنويان.
(9) ذڪر فرقهء غوريان.
(10) ذڪر فرقهء آل بويه ڪه ديالمه مي گويند.
(11) ذڪر فرقهء سلجوقيان.
(12) ذڪر فرقهء خوارزم شاهيان.
(13) ذڪر فرقهء اتابڪان.
(14) ذڪر فرقهء اسمــٰـعيليه.
(15) ذڪر فرقهء قراختائي.
(16) ذڪر فرقهء ملوڪ روم- سلاجقهء روم-
دانشمنديه- ملوڪ سليقيته - ملوڪ منڪوچڪيه- ملوڪ
قرامان- ملوڪ عثمانيه.
(17) ذڪر فرقهء شرفاء مدينه.
(18) ذڪرفرقهء خاقان ترڪستان.
(19) ذڪر فرقهء چنگيز خان.
(20) ذڪر فرقهء طوائف الملوڪ.
(21) ذڪر فرقهء خاڪان شيبانيه.
(22) ذڪر فرقهء ملوڪ شيبانيه.
(23) ذڪر فرقهء خاقان ڪاشغر.
(24) ذڪر فرقهء ملوڪ الطوائف ڪه بعد از ابو سعيد
در ايران حڪومت ڪرده اند- چوبانيان الڪانيان، آل
مظفر، ملوڪ ڪرت، ملوڪ سر بداران.
(25) ذڪر فرقهء ملوڪ ترڪ قراقونيلو.
(26) ذڪر فرقهء ملوڪ آق قرنيلو.
(27) ذڪر فرقهء شاهان صفويه.
(28) ذڪر فرقهء ملوڪ هند، از عرب سال 44 تا
ابراهيم.
(29) ذڪر فرقهء دکن،شش طائفه.
(30) ذڪر فرقهء ملوڪ گجرات.
(31) ذڪر فرقه ء حڪام سنده.
(32) ذڪر فرقه ء حڪام ملتان.
(33) ذڪر فرقهء ملوڪ بنگاله.
(34) ذڪر فرقهء ملوڪ مالوه.
(35) ذڪر فرقهء مرزايان خانديش.
(36) ذڪر فرقهء فرمانروايان جونپور.
(37) ذڪر فرقهء ملوڪ ڪشمير.
(38) ذڪر فرقهء خاقان تمڪين مڪان- خسرو صاحب
قران، امير تيمور گورگان و اولاد شان- بابر،
همايون، اڪبر، جهانگير، شاهجهان، اونگزيب عالمگير-
ذڪر برخي از ڪرائم صفات و شرايف اخلاق آن بادشاه
دين نوراله مرقده.
ڪتاب جو اختتمام عالمگير جي انهيءَ وصيت تي ٿئي
ٿو، جيڪا انتقال کان پوءِ سندس سيرانديءَ کان ملي
هئي. مٿي ڏنل قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب
”رشحات“ کي سال 1123 هه ۾ لکي ختم ڪيو.
”معلومات الافاق“:
هي ڪتاب جغرافيه تي آهي. ”تحفـة الڪرام“ انهيءَ
ڪتاب جي حوالي سان هڪ عجيب واقعو لکيو آهي.
عالمگير جي آخري دور ۾ سنڌ جي سماواتي پرڳڻي جي هڪ
ڳوٺ ۾، ”برسرِ ڪولاب نيلوفري“، ڪنهن زماني ۾ برهمڻ
۽ چاچڪ قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا، هڪ چاچڪ عورت کي
ڇهن مهينن جو ڪچو ٻار ڄائو، ٻار اڃا تائين فقط
گوشت جو ٽڪرو هو شڪل صورت ڪانه ورتي هئائين، ۽ نه
ساهه ئي پيو هئس، ماڻس انهيءَ حالات ۾ ان کي دفن
ڪرڻ جي بجاءِ ڪنهن گرم جاءِ تي رکي ڇڏيو. رفتي
رفتي ٻار انساني صورت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي: ڪن،
نڪ، هٿ ۽ پير ظاهر ٿيڻ لڳا، تان جو ڏهين مهيني
مڪمل ٿي ويو، ۽ منجهس ساهه پيو. ٻار کي عمر ڪوٽ
نيئي پاليو ويو، ۽ 15 ورهين جي عمر ۾ اچي مري
ويو. (1)
سر اليٽ جي فائل (برٽش ميوزم نمبر 1741-
O.R.)
۾ ڪتاب جي فهرست هن طرح ڏنل آهي، جنهن مان پڙهندڙن
کي ڪتاب جي مضمونن جو اندازو ٿي ويندو-
--- در بيان اسماي بلدان و جزائر.
در بيان ذڪر مقدار زمين.
در بيان اقاليم سبعه.
دربيان احوال ساڪنان اقليم سبعه.
--- ذڪر اهل چين- هند- حبشه- روم- عرب- عراق.
--- دربيان ذڪر معرفت خارج از اقاليم.
دربيان ذڪر تعداد بلدان اقاليم سبعه و ولايت
آن و تعداد جبال و بحار، و بحيرات و انهار و آبار،
و عيون و جزائر.
در بيان ذڪر بلدان اقليم اول تا اقليم هفتم.
دربيان ذڪر تعداد ولايات ربع مسڪون.
دربيان ذڪر جبال، براري، بحاري، انهار، عيون
مشهوره، جزائر ڪه در ربع مسڪون اند.
دربيان ذڪر عجائبات بعضي از ولايات جبال و احجار و
حيوانات و طيور و اشجار.
دربيان ذڪر ڪوه ڪاف، شارستان، جابلستان و
جابلسقان
ذڪر شمهء از غرائب ديار مغرب.
ذڪر شمهء از غرائب ولايت بيجانگر.
ذڪر شمهء در بيان صفت ولايت ڪشمير.
ذڪر شمهء عجائب و غرائب ولايت خطا.
ذڪر شمهء عجائب و غرائب، جبال، احبار، عيون،
حيوانات بري،
طيور، اشجار، بحارڪبار و حيوانات آن،
انبار، آبار،
جزائز متفرقه.
--- در بيان بعضي از نوادر و غرائب ڪه درنگارستان
احمد غفاري آورد، ڪه در ’حبيب السير‘ و از ’جامع
التواريخ‘ جلالي ميڪند.
در بيان بعضي از ’بدايع وقايع‘ ’در مراهِ العالم‘
ڪه در عهد اعليٰ حضرت خلد مڪاني واقع آورده.
در بيان بعضي از غرائب ڪه از ’عجائب البلدان‘
وغيرها منقول شده
در بيان بعضي از غرائب ڪه شنيدنيها، ديدنيها،
بوئيدنيها خواص خوردنيها، وغيره.
در بيان دانستن قيمت جواهر، و علم طب.
در بيان شمه از اخلاق و صفات و منبع العزو سعادات
عليه افضل التحيات و اڪمل التسليمات.
در بيان معجزات آنحضرت - اقسام خوارق- فضيلت صلواة
بر سيد الڪائنات فضيلت دعوات ماثوره.
-- در بيان القاب متطاب بادشاهي و بادشاهزاد هائي
و بيگمات و متصد يان عظام ممالڪ انتظام، و
خوانين ذوالاحترام.
-- در بيان القاب بادشاهزادهائي، بيگمات، حرمه محل
سراي و حرم
حريم، از اهل طرف و نغمه، و پاتران، و نرت ڪاران،
وغيره.
-- در بيان داروغه ديوان خاص، راروغه خواصان،
ديوان اعليٰ جملته الملڪ، بخشيان عظام، داروغه
داغ، داروغه ِّ گرزداران.
-- در بيان سپه سالاران، خانسامان، و بيوتات،
صدرالصدور، منصب جليل القدر قضا، افتا، احتساب
در بيان مناقب آخته بيگي، داروغهء جيلخانه، توب
خانه، مير توزڪ، يساولان، قوربيگي، داروغه
قور خانه، قوش بيگي، قراصل بيگي، دارغهء
عدالت، داروغهء داڪ، واقع خوان، داروغهء
هرڪارها، داروغهء چبوتره ڪوتوالي وغيره، دستور
العمل خوشبو خانه.
در بيان چودهريان، قانون گويا.
در بيان ذڪر خطابهاي متصديان عمده و سپهه سالاران.
در بيان ذڪر خطابهاي زمينداران راجپوتيه.
در ذڪر ڪيفيت مساحت ممالڪ محروسه.
در ذڪر صوبجات.
در ذڪر دستور العمل تنخواه منصب ذات وغيره.
در ذڪر دستور العمل نابينان.
در ذڪر ضابطه داغ سه اسپه، دو اسپه، يڪ اسپه.
در ذڪر حساب ماهوار.
ڪتاب جو اهو آخري حصو بيحد ڪار آمد آهي. افسوس آهي
جو هن وقت تائين ڪتاب جي موجودگيءَ جو پتو ڪونه
پئجي سگهيو آهي. سر اليٽ جي ٻئي فائل (برٽش ميوزم
نمبر 2060O.R.)
۾ ڪتاب جا ڪي اقتباس موجود آهن، جن مان ڪتاب جي
ابتدا هن طرح معلوم ٿئي ٿي:
”آغاز ڪتاب بحمد خدا، يعني ڪريم ڪرم بخش رحمت گستر
خليفه پرور، ڪه از آيات ربوبيت او هر ذره ترجمه و
نشان و از هر حقيقي بيان و برهان است....... الخ“
ڪتاب جي انتها هن فقري تي ٿئي ٿي--
”ذڪر در بيان گزلت و گزمده از پارچه وغيره- شانزده
بحرين را يڪ بحر و شانزده گره را يڪ روعه ڪه آن گز
شاهه جهاني باشد، در بيان گزمده آنڪ هشت ڪروه را
يڪ انگشت، و بيست و چهار انگشت را يڪ دست و چهار
دست را يڪ دند، و دو هزار دند را يڪ ڪروه، و چهار
ڪروهه را يڪ جو-- تم الڪملام والصلواة السلام عليٰ
محمد خاتم الانبياء و المرسلين و آله خيرالانام...
فقط“
تعليم: مير امين الدين جي تڪميل غالباً ٺٽي ۾ ڪئي.
انهيءَ دور ۾
شيخ عبدالواسع جو مدرسو ڏاڍو مشهور ۽ مرجع عام و خاص هو، ۽
مير
صاحب به انهيءَ مدرسي ۾ پڙهيو. سندس استاد لاءِ
مير ”قانع“ لکيو آهي ته ’يگانهء روزگار عالم ۽
باڪمال صوفي هو، ڪيتريون تصنيفون مختلف علومن تي
ڪيائين، ”مخزن الاسرار“ جو شرح قاضي ابراهيم کان
زياده بهتر لکيائين.’(1)
”مقالات“ ۾ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته:
”صوفي عالم متبحر و در طريق صوفيه يگانهء عصر مي
زيست، و صاحب تصانيف غريبه است، شرح ”مخزن
الاسرار“ بهتر از قاضي ابراهيم گفته.“
(1)
شيخ صاحب کي شعر و سخن جو به ذوق هو، صاحب
”مقالات“ سندس هڪ شعر نموني طور ڏنو آهي-
رهي بدوست ز دل گر نيافتي هيهات
بسعي چند زني سر بسنگ ڪعبه و دير
شاعري: شعر و سخن جو ذوق مير صاحب کي ورثي طور
مليل هو، شاعريءَ ۾ پنهنجي دور اندر وڏو نالو پيدا
ڪيائين، ليڪن افسوس آهي جو سندس اهو ذخيرو برباد
ٿي ويو ۽ فقط چند شعر ”مقالات الشعرا“ ۾ محفوظ
رهجي ويا، جيڪي تبرڪ طور پيش ڪجن ٿا:
اي دل چه غفلت ست ڪه آهي نمي ڪني
يڪ شعله برقِ ظلمت راهي نمي ڪني
بر عيبِ خلق ڪرده شب و روز ديده باز
بر ڪرده هاي خويش نگاهي نمي ڪني
ڪارت هميشـه ڪردني و ناڪردني وبس
ڪاري ڪه ڪردنيست تو گاهي نمي ڪني
اين راه ڪوي دوست نباشه ڪه ميروي
چشمي ڪشا ڪه روي براهي نمي ڪني
----
افسوس ڪه بيدوست همه عمر بر رفت
در صرفه ڪار شتر استر و خر رفت
حالات همه صرف خز و اطلس و ديبا
اوقات همه در طلبِ نقره و زر رفت
---
بر تڪيه بادِ نفس اين همه مغرور
چشمي ڪه بهم ميزني اين ياد بدر رفت
بر بالش راحت نسزد تڪيه ز آنڪ
از يڪ مڙه برهم زدنت فيض سحر رفت
---
هر دم ڪه ميڪشيم بياد تو ميڪشيم
مارا بغير ياد تو يڪ دم نمي رود
---
وفات: ”لب تاريخ“ جي مصنف لکيو آهي ته مير صاحب جو
انتقال ٺٽي ۾ ٿيو
(1).
ڀانئجي ٿو ته ٺٽي جي ايالت کان پوءِ مير صاحب ٺٽي
۾ ئي بود و باش اختيار ڪئي، ۽ علمي ڪمن ۾ مشغول
رهيو، ”مقالات“ م ”يد خل لجنته“
1127
هه
تاريخ ڏني ويئي آهي. انهيءَ دور جي مشهور فارسي گو
شاعر، ملا عبدالحڪيم ”عطا“، هيٺيون قطعو تصنيف
ڪيو:
]داخل گلشن جنت[
شده از فضل الست
]مغفرت داد بشارت ڪه[
برحمت پيوست
]گفت في الجمله[
بتاريخ و فاتش شايان
]جمله[
”آمن بالعفو امين الدين خان“- 1127 هه
(1)
مير صاحب جي مزار امير خاني قبرستان ۾، مڪليءَ تي
هڪ خاص ٿلهي مٿان موجود آهي. پٿر جو لوڙهو نهايت
خوبصورت اُڪير جي ڪم سان آهي، جنهن جي پيرانديءَ
کان هيءُ تاريخي ڪتبو آهي:
خان با تمڪين امين الدين خان
عالي از حسنِ عمل درجات او
چون سفر ڪرد از جهانِ بي ثبات
سال فوتش ”داخل الجنات او.“- 1127 هه
اولاد: ”تحفـة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ جي ذريعي
مرحوم جي ٽن صاحبزادن جو حال اسان کي معلوم ٿئي
ٿو:
(1) مير متين الدين خان اسماعيل،
(2) مير محمد گدا،
(3) مير محمد عطا.
مير متين الدين ڀانئجي ٿو ته سڀني ۾ وڏو هو. اسان
کي انهن ٽنهي بزرگن جو جيڪو مختصر حال معلوم ٿيو
آهي، اهو هن ريت آهي:
مير متين الدين خان: مير متين الدين لاء ”تحفـة
الڪرام“ جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته پيءُ جي حياتيءَ
۾ ئي سرڪاري عهدن تي فائز ٿيو، ملڪ جي مکيه بزرگن
۾ سندس شمار ٿيندو هو، ۽ وڏي وقار، تمڪنت ۽
وضعداريءَ سان گذر بسر ڪيائين. ”تحفـة الڪرام“ جي
عبارت هن طرح آهي:
”در حيات پدر بخ
دمت عمده نامي روزگار و داخل اجلهء
اعيان زيسته،
در مڪنت و قدرت ميرزاي مثل است.“
(1)
|