آصف خان سان:
996 هه (33 اڪبري) ۾ به اسان مير نمڪين کي يوسف
زئي قبيلي جي گوشماليءَ لاءِ، بلوچستان ۾ ڏسون ٿا.
هن دفعي انهيءَ لشڪر جي ڪمان آصف خان کي هئي.
”اڪبر نامه“ جو صاحب لکي ٿو، ته جڏهن اتان جو ڪم
پورو ٿيو، ته آصف خان شاهي دربار ڏانهن واپس وريو.
مالاڪند مان اڪيلو ٿي آيو، ڪجهه سپاهي ساڻس گڏ
هئا، واٽ تي اوچتو يوسف زئي قبيلي جا ماڻهو سندس
منهن پيا جيڪي فراري هئا. ٿوري مقابلي بعد هو
پنهنجو سمورو سازو سامان ڇڏي وٺي ڀڳا. آصف خان
انهيءَ سامان جي سنڀال مير ابوالقاسم ۽ شير خان جي
سپرد ڪئي، جن سموري مالِ غنيمت کي منزل تائين
پهچايو.(2)
ڪالو خان افغان:
انهيءَ ساڳئي سال ڪالو خان افغان جي سرزنش مير
نمڪين جي سپرد ٿي. ڪالو خان شاهي مهربانين جي
باوجود، دربار مان فرار ٿي ويو هو، ۽ پنهنجي قبيلي
کي گڏ ڪري ڪوهه مهريءَ ۾ ويهي بغاوت ڪرڻ تي آمادو
هو. زين خان ڪوڪلتاش به انهيءَ مهم جو سرڪردو هو.
”اڪبر نامه“ جو مصنف انهيءَ معرڪي لاءِ لکي ٿو ته:
”ڪوڪلتاش (زين خان) آگهي شبگير نمود، پيشدستان
هراول نقاره نواختند، و غنودگان بي خبري آگاهي
يافته، در پراگندگي تگاپو نمودند، اگرچه آن
نافرجام (کالو خان) بدر رفت، ليڪن بيش از هفتاد
گزيده مرد را روزگار سپري شد، و هم درين اثنا،
محمد بحري، و ملڪ اصغر بر سر وي ريختند، مير
ابوالقاسم بڪارزار درآمد، و شير خان ڪه بسر غنجي
شده بود، بهنگام، تاخت، و فيروزي روي داد، نزديڪ
چهار حصه افغانان بخاڪدان نيستي غبار آلود گشتند،
و هنگام فرومايگان لختي از هم پاشيد.“
(1)
سال 997 هه (34 اڪبري) ۾ اڪبر ڪشمير کان موٽي ٿي
آيو، واٽ تي خواجه صندل جي مزار وٽ قيام پذير هو،
جو مير ابوالقاسم ڪالو خان کي وٺي اچي حاضر ٿيو-
ابوالفضل لکي ٿو ته:
”درين ولا، مير ابوالقاسم نمڪين، از سواد آمده
بسجده نيايش روشن پيشاني گشت، ڪالو افعان را (ڪه
گريخته شورش يوسف زئي را سرمايه شده بود) همراه
آورده، چون فيروزي سپاه آن ڪوهسار را گرد گرفت،
وڪار بر سرڪشان آن سر زمين تنگ شود، هر گروهي،
بيڪي از امرا پناه برد، ابن بد گهر (ڪالو خان) مير
را دستاويز رستگاري گردانيد، گيتي خداوند، آن
نيستي سزاوار را بزندان دبستان فرستاد.“
(1)
ڪالو خان ۽ سندس ساٿي جڏهن مقابلي کان مايوس ٿي
ويا، تڏهن منجهانئن هر هڪ ڪنهن امير کي وسيلو
بڻائي، شاهي حضور مان معافي ورتي، ڪالو خان مير
ابوالقاسم کي پشت پناهه ڪري اچي بادشاهه وٽ حاضر
ٿيو، ۽ مير صاحب جي سفارش سبب کيس جان جي امان
ڏيئي بنديخاني ۾ موڪليو ويو.
بکر جي جاگير:
سنڌ جي مهم تي، اڪبر جڏهن خان خانان کي لاهور مان
روانو ڪيو، ان وقت بکر جو صوبو، کيس اخراجات لاءِ
بطور جاگير ڏنو ويو. اهو فرمان شوال 998 هه کان
ڪجهه ڏينهن اڳ نڪتو.
خان خانان، اها مهم پوري ڪري، مرزا جاني بيگ ۽ سنڌ
جي ٻين اميرن سميت، 24 جمادي الثاني (8 فروردين)
1001 هه جو، آگري جي شاهي دربار ۾ پهتو. اٺن ڏينهن
بعد، يعني 1-2 رجب (15 فروردين) جو، ابوالفضل لکيو
آهي ته ‘مير ابوالقاسم نمڪين به پنهنجي تيولداريءَ
تان موٽي اچي بادشاهه جي سلامي ٿيو.‘
”شاهم خان جلاير و مير قاسم خان نمڪين ازتيولداري
آمده دولت بار يافتند، و بخسرواني نوازش سر بر
افراختند“
(2)
ڪٿان جي تيولداريءَ تان مير صاحب موٽي آيو، ان جي
وضاحت ٿيل ڪانه آهي ۽ نه وري اهو اشارو ملي ٿو، ته
ان کان پوءِ مير صاحب ڪاڏي ويو ۽ ڪهڙي خذمت سندس
سپرد ٿي. جنهن ڏينهن مير صاحب دربارشاهيءَ ۾ رسيو،
ان ڏينهن ڪيترن اميرن جون تبديليون ۽ مقرريون
ٿيون، مثلاً ٺٽي جو نئون فتح ٿيل صوبو، ميرزا شاهه
بدخشيءَ جي حوالي ڪيو ويو، ۽ ميرزا جاني بيگ کي
ملتان بطور جاگير مليو. اهڙيءَ طرح جن اميرن ۽
سپاهين سنڌ جي فتح ۾ حصو ورتو هو، انهن سڀني کي به
انعامن، جاگيرن، منصبن ۽ صوبيدارين سان نوازيو-
”درين روز (15 فروردين- 1-2 رجب 1001 هه) ولايت
تهته، در اقطاع ميرزا شاه رخ دادند، و ميرزا جاني
بيگ(1)
را منصب سه هزاري و صوبه ملتان عنايت شد، و هر
ڪدام از خدمت گزينان سندهه باداش نڪوڪاري برگرفت.“
(2)
مير صاحب جي فرزند، ميرڪ يوسف، جي تصنيف ”مظهر
شاهه جهانيءَ“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته بکر جو
علائقو، جيڪو خان خانان جي حوالي هو، سو سندس والد
کي جاگير طور ڏنو ويو، ۽ انهيءَ زماني ۾ مير صاحب
شاهي حڪم تي سيويءَ تي چڙهائي ڪئي-
”فتح قلع سيوي را از دست افاغنهء پني در زمان حضرت
عرش آشياني، بعنايت الاهي و باقبال بي زوال
بادشاهي، پدر غلام ڪرده بود، زماني ڪه ملڪ بکهر از
تغير خان خانان عبدالرحيم در جاگير او نموده
بودند.“
(3)
”مظهر شاهه جهانيءَ“ سنه سال ڪونه ڏنو آهي ته ڪهڙي
وقت بکر مير صاحب کي مليو ۽ ڪهڙي سال ۾ سيويءَ تي
لشڪر ڪشي ٿي. ”اڪبر نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته
سيويءَ تي اهو حملو 1003 هه ۾ ٿيو، جنهن ۾ مير
معصوم، اُچ تيولدار سيد بهاء الدين بخاري، سيوهڻ
جو جاگيردار بختيار بيگ، ۽ ملتان جو لشڪر مير
ابوالقاسم سان گڏ هئا. ”مظهر شاهه جهاني“ جي مٿئين
اقتباس جي لفظ ”زماني“ مان معلوم ڪجي ٿو، ته بکر
انهيءَ سال مير صاحب کي مليو ۽ بکر جي چارج وٺڻ
بعد ئي هن سيويءَ تي ڪاهه ڪئي.
جنهن سال (998 هه) خان خانان کي بکر جو صوبو مليو
هو انهيءَ ئي سال بلڪ ساڳئي وقت، مير معصوم جيڪو
پڻ سالن پڄاڻا بادشاهه کان موڪل وٺي وطن واپس ٿي
رهيو هو، تنهن کي بکر جي صوبي جا ڪي علائقا جهڙوڪ:
درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪو ڏنا ويا، تنهنڪري 1003 هه
۾ جڏهن مير صاحب کي اهو صوبو مليو،(1)
ان وقت به اهي علائقا سندس جاگير مان خارج
سمجهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ مير معصوم انهيءَ وقت تائين
انهن علائقن تي قابض ۽ بکر ۾ ئي موجود هو، جتان هو
گڏجي مير نمڪين سان سيويءَ ويو.
سيويءَ جي مهم:
ابوالفضل لکي ٿو ته سبيءَ جو قلعو ڪنهن وقت بکر جي
ماتحت هوندو هو، ليڪن گهڻي وقت کان وٺي، ان تي
پنيءَ جا پٺاڻ قبضو ڪري ويٺا هئا، بادشاهه ان جي
بازيافت لاءِ حڪم موڪليو، جنهن تي مير ابوالقاسم ۽
ٻيا روانا ٿيا.
”سيوي استوله قلع ايست نزد قندهار، در پاستان زمان
مرزبان بڪهر داشت، واز دير باز افغان پسي(2)
برو چيره دست، سيد بهاء الدين بخاري تيوالدار اچ،
و بختيار بيگ اقطاع دار سيوستان، و مير ابوالقاسم
جاگيردار بڪهر، و مير معصوم (بڪهري)و ديگر سپاه
صوبه ملتان را فرمان شد که بدان جا شده انداز گوئي
راستمايه بگوشهايش برسانند، و اگر نمي نيوشند بسزا
برمالند.“
(1)
ابوالفضل جي قول مطابق، شاهي لشڪر کي انهيءَ مهم ۾
ڪاميابي حاصل ٿي، ۽ سيويءَ جي فتح ٿيڻ سبب، ڪيچ ۽
مڪران تائين جو علائقو اڪبري قلمرو ۾ اچي ويو.
”و ازين فيروزي تا قندهار و ڪيچ و مڪران بقلمرو
آمد.“
ميرڪ يوسف لکي ٿو ته سيويءَ جي فتح بعد، سندس والد
(مير نمڪين) بادشاهه جي خدمت ۾ لکي موڪليو ته
جيڪڏهن کيس حڪم ملي ته ڪيچ مڪران جو علائقو به فتح
ڪري شاهي سلطنت ۾ شامل ڪري، ليڪن سياسي مصلحتن سبب
بادشاهه کيس اجازت نه ڏني.
”از حضرت عرش آستاني استدعا ڪرده بود ڪه اگر حڪم
شود ملڪ ڪيچ و مڪران را در قبضه تسخير اولياء
قاهره در آرم. حضرت بادشاه ابا نمودند، و فرمودند
ڪه چون ڪيچ و مڪران بر سرحد ولايت شاه عباس است، و
درميان ما و ايشان اخلاص ميگذرد، بيوجه دست بآن
ملڪها ڪردن خوب نيست.“(2)
انهيءَ مهم ۾، مير نمڪين سان گڏ مير معصوم بکري،
سيد بهاء الدين بخاري، ۽ بختيار بيگ به شامل هئا،
ليڪن جنهن صورت ۾، سيوي بکر جي صوبي جو مدتن کان
جزو رهندي ٿي آئي، تنهنڪري، بحيثيت حاڪم بکر جي،
اها فتح ۽ فيروزمندي مير نمڪين جي نالي منسوب ٿي،
۽ ٻيا امير فقط امداديءَ طور ساڻس گڏ هئا. فتح
بعد، مير نمڪين اتان جي باشندن تي اجارو ۽ ڍل
وغيره بست ڪئي، جيڪا انهيءَ دستور تي ”مظهر شاهه
جهانيءَ“ جي تصنيف واري سال (1044 هه) تائين وصول
ٿيندي ٿي آئي، بکر مان ئي هر سال ان جي وصوليءَ
لاءِ ڪاردار موڪليا ويندا هئا.
”تا حال هما اجاره ڪه پدر غلام بر مردم افاغنه
سيوي از نقد و جنس بربسته، منظور شده مي آيد. سر
فصل مردم تعنات ملڪ بکر يا احشام رعيت رفته مقطعي
را ازان مردم ميگيرند.“
(1)
ڪشمير،بهار، سيوهڻ:
”طبقات اڪبريءَ“، 1003هه(2)
۾، مير نمڪين کي بکر جو حاڪم بيان ڪيو آهي.
ابوالفضل اهو ڪونه ڄاڻايو آهي، ته خان خانان کان
بکر جي جاگير منتقل ٿي مير صاحب جي قبضي ۾ڪهڙي سال
آئي. نه وري ميرڪ يوسف ئي ان تي ڪا روشني وڌي آهي،
هن فقط اهو اِشارو ڪيو آهي، ته جنهن زماني ۾ خان
خانان کان بکر جي حڪومت (جاگير) ڦري سندس والد جي
حوالي ٿي، انهيءَ وقت سبيءَ تي هن لشڪر ڪشي ڪئي.
”اڪبر نامه“ ۾ انهيءَ لشڪر ڪشيءَ جو سال 1002 هه
بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته 1002هه ۾
مير بکر ۾ آيو، ۽ 1003 هه ۾ سبيءَ ويو. اتان فتح
ڪري بکر ڪڏهن موٽيو ۽ ڪيتري وقت تائين بکر جو
جاگيردار ٿي رهيو، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي. اسان
کي 1006 هه (43 اڪبري) ۾ مير صاحب ڪشمير ۾ نظر اچي
ٿو. ابوالفضل جو قول آهي ته بادشاهه سلامت لاهور
مان جڏهن جنوبي هند ڏانهن ڪوچ ڪري پهرينءَ منزل تي
رونق افروز ٿيو، ان وقت مير نمڪين ڪشمير کان موٽي
اچي بازياب ٿيو-
”سي ام (30 ماه ابان- 43 اڪبري) در نخستين منزل
ابوالقاسم نمـڪـيـن از ڪـشـمـير آمـد و دولـت
باريافت...“
(1).
ڪشمير وڃڻ جو سبب ڏيکاريل ڪونه آهي، قياس اهوئي
آهي ته 1005هه تائين مير نمڪين بکر ۾ رهيو ۽ ان
کان پوءِ ڪنهن خاص ڪم سان ڪشمير وڃي، 1006 هه ۾
موٽي اچي پهرينءَ منزل تي بادشاهه جي حضور ۾
بارياب ٿيو، جتان ساڻس گڏيو جنوبي هند ويو.
بادشاهه جنوبي هند پهچي، ابوالفضل جي قول موجب،
مير نمڪين کي بهار جو علائقو عطا ڪيو.
”ابوالقاسم نمڪين را در بهار اقطاع دادند و
بپاسباني نجادستور يافت.“
(2)
”ماثر الامرا“ جو قول آهي ته مير صاحب کي 1007 هه
۾ پهريون دفعو بکر بطور جاگير مليو، ۽ 1015 هه ۾
دوباره جهانگير اهو صوبو سندس حوالي ڪيو. اسان جو
قياس اهو آهي ته 1002هه کان وٺي 1005 هه ۾ ٿوري
وقت لاءِ ڪشمير وڃي وري موٽي اچي شاهي سفر ۾ شامل
ٿيو، 1006 هه ۾ ”اڪبر نامه“ جيڪو بهار ملڻ جو
واقعو لکيو آهي سو درحقيقت بهار نه بلڪ بکر آهي،
جيڪو مطبوعه نسخي ۾ ٽائيپ جي غلطيءَ سبب ”بهار“ ٿي
ويوآهي، ڇاڪاڻ ته ”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان معلوم
ٿئي ٿو جڏهن مير صاحب کي سيوهڻ جو صوبو مليو ان
وقت هو بکر جو جاگيردار هو ۽ اتان ئي هو سيوهڻ
آيو. سيوهڻ ۾ اچڻ جو زمانو 1008 هه - 1009 هه جي
لڳ ڀڳ آهي.
ميرڪ يوسف لکي ٿو ته، ’سيوهڻ جو صوبو ڪيتري عرصي
کان زبون رهندو ٿي آيو، انتظامي خواهه آمدنيءَ جي
لحاظ کا ويران ٿي چڪو هو، هڪ عرصي کان جيڪي
جاگيردار ايندا ٿي رهيا، تن سواءِ ظلم ڪرڻ ۽ ماڻهن
کي ستائڻ جو ٻيو ڪو ڪم ڪونه ٿي ڪيو. جنهنڪري رعيت
۽ راڄ- ڀاڳ سڀ لڏي پلاڻي هيڏي هوڏي منتشر ٿي ويا
هئا. بک ۽ بدانتظاميءَ سبب عام ڌاڙا، خون ۽ ڦريون
ٿينديون ٿي رهيون، ۽ امن امان ختم ٿي چڪو هو ۽
آمدرفت جا رستا به بند ٿي ويا هئا. شيخ موسيٰ
گيلاني ۽ قره بيگ جي جاگيرداريءَ جو دور ته
انتهائي خراب رهيو، جنهنڪري مجبور ٿي بادشاهه مير
ابوالقاسم کي بکر مان ڦيرائي سيوهڻ جو صوبيدار
ڪيو، ۽ ڪاهان، جوڻيجا، ۽ خطي جي اڌ پرڳڻي کان
سواءِ ٻيو سمورو صوبو سندس حوالي ڪيو ويو.‘
سيوهڻ جي انتظامي اصلاح:
صوبي جي حالت جيئن ته انتها درجي تائين خراب ٿي
چڪي هئي. تنهنڪري مير نمڪين اچڻ سان سڌاري ۽
انتظامي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. درهم برهم ٿيل ملڪ جي
حالت ڏٺائين، سڄي ملڪ جي حالتن جو جائزو ورتائين،
۽ ان کان پوءِ قانون گوين کي گهرائي حڪم ڏنائين ته
هر پرڳڻي جو عنوان هيٺ، ڳوٺن، زمين، زراعت ۽
آباديءَ جي فهرست تيار ڪن. جڏهن اهي فهرستون تيار
ٿي ويون، ان وقت هو پاڻ ملڪ جي دوري تي نڪتو، ۽
جنهن جنهن ڳوٺ جا ماڻهو جتي جتي لڏي وڃي ويٺا هئا،
انهن سڀني کي گهرائي، سندن اصلوڪن ڳوٺن ۾ آباد
ڪندو ويو، ۽ کين وڏن وڏن رعايتن جا دلاسا ڏيئي،
کين قيام ۽ زراعت تي آماده ڪندو ويو-
”و اين ڪاغذ را بدست گرفته مردم رعيت مواضعات
ويران شده را از هرجا تجسس و تفحص نموده آورده
درجا و مقام آنها نشانده دلاساي بخشي يا مساعدت و
تخفيف حصه هريڪ را نوشته دادشي.“
(1)
”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو، ته
ڪمزور ۽ پرٻڌڙين صوبيدارن، خسيس طبقي جي ماڻهن مان
چغلخورن جو هڪ وڏو تعداد پيدا ڪري ڇڏيو هو، جن
رعيت ۽ راعيءَ جي وچ ۾ نفاق پيدا ڪرائي، حاڪمن کان
محڪومن تي ظلم ڪرائي، ملڪ جو خانو خراب ڪري ڇڏيو
هو. انهيءَ طبقي جي پيدا ٿيڻ جو شايد خاص سبب هيءُ
به هو ته صوبيدار هميشـه ڌاريا ايندا هئا، جن کي
نه ملڪ جي خبر نه مـُـلـِـڪيـِـن سان ڪا همدردي
هئي، خبرن چارن ٻڌائڻ لاءِ هو اَهـِـڙي قسم جي وچ
- ٺوڪين کان ڪم وٺندا هئا، جنهنڪري انهيءَ طبقي هڪ
طرف پنهنجا جاوا ڪيا، ٻئي طرف حاڪمن کي ورغلائي
پنهنجو اثر انهيءَ حد تائين پيدا ڪيو، جو سڄو ملڪ
پيو کانئن ڪنبندو هو. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته
’سيوهڻ جي صوبي کي زياده تر برباد انهيءَ طبقي جي
غرض گوئين ۽ چـُـغـلين چواتن ڪيو.‘ راڄ ۽ رعيت تي،
جاگيردار چغلخورن جي چئي تي سختيون ڪندا هئا، حقي
ناحقي اجارا، ڍلون ۽ چٽيون چـُـوريون وصول ڪندا
هئا. عوام آخر حاڪم جي خلاف جدوجهد شروع ڪري
خونريزيون ڪرڻ شروع ڪيون، سرڪاري ماڻهن سان
مقابلا ڪيائون، ۽ جڏهن مجبور ۽ لاچار ٿيا تڏهن ملڪ
ڇڏيون هليا ويا، ڪن وڃي سنڌ جي ٻين صوبيدارين ۾
پناهه ورتي ۽ جيڪي گهڻو آزاريل هئا، تن ته مرڳو
قلات، مڪران ۽ بلوچستان وڃي وسايو.
مير نمڪين جنهن صورت ۾ سنڌ کي پنهنجو وطن بڻائي
چڪو هو، تنهنڪري ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن سان کيس محبت
۽ همدردي هئي. اهوئي ڪارڻ هو، جو سيوهڻ جون نازڪ
حالتون ڏسي بادشاهه مير صاحب کي اتي موڪليو، جنهن
اچڻ سان هر شيءِ کي اچي درست ڪيو، چغلخورن جو پڻ
بنياد ڪڍي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ قسم جي ماڻهن کي پاڻ
وٽ ڪڏهن اچڻ نه ڏنائين-
”و حرف هيچ غرض گوئي را از مردم چغل در حق رعيت
بسمع نياورد.“
(1)
لڏي ويل ماڻهو موٽي اچي ماڳئين ٿيا. قحط ۽ بک سبب
جيڪي ڌاڙا ۽ خونريزيون ٿينديون هيون، تن کي بند
ڪري، سرحدن تي چؤنڪيون ۽ ٿاڻا نئين سر قائم
ڪيائين. وقت نا وقت سرحدي علائقن کان ڌاڙيل اندر
گهڙي اچي جيڪا ڦر ڪندا هئا، اها پڻ بند ٿي ويئي.
رستا کلي ويا. امن امان اهڙو ٿيو، جو آمدرفت ۽ وڙو
واپار جاري ٿي ويو.
سميجا ۽ انڙ قبيلا انهيءَ دور ۾ سخت خودسر هئا. هو
سنڌ جي مختلف حصن مان اچي سيوهڻ جي ماڻهن کي
ستائيندا هئا. ڪيترا دفعا مختلف صوبن جي حاڪمن
سندس گوشمالي به ڪئي، ليڪن هو پنهنجي حرڪتن کان
باز نه آيا. سيوهڻ جو صوبو خاص طرح سندن ترڪتازين
جو آماجگاهه هو. هڪ دفعي جو ذڪر ڪندي ميرڪ يوسف
لکيو آهي ته مير صاحب جو هڪ ملازم، بايزيد، سندس
پرڳڻي ۾ شـُـقدار هو. سميجا قبيلي جا ڦورو ٻن پهرن
جي وقت سن جي سامهون ڪجران(؟) جي ڳوٺ ۾ اچي نڪتا،
۽ لاکن جو مال متاع، ڍور ڍڳا لٽي راهي ٿيا. بايزيد
اطلاع پهچڻ تي غصي ۽ غيرت مان اڪيلي سر اٿي کڙو
ٿيو، ۽ پٺيانئن ڪاهي پيو. واٽ تي درياءُ ٽپي، جڏهن
وڃي ڌاڙيلن جي مٿان پيو، تڏهن هنن سندس گهوڙي کي
زخمي ڪري، کيس ان تان ڪيرائي، قتل ڪري ڇڏيو.
اهو اطلاع شام ڌاري مير نمڪين کي پهتو. پاڻ فوراً
تيار ٿي نڪتو، ليڪن ان کان اڳ جو هو واردات تي
رسي، ته سندس سپاهي وڃي پهتا، جن سميجن جا ڌاڻا
ڪڍي ڇڏيا. انهيءَ معرڪي ۾ سميجن جا ڪيترا ماڻهو
قتل ٿيا ۽ ڪيترا سردار به گرفتار ٿيا. مير نمڪين
به درياءُ ٽپي، خطي پرڳڻي جي مهراڻ ڳوٺ ۾ اچي
پهتو، جو سندس سپاهي مقتولن جون منڍيون ۽ گرفتار
ٿيل ڌاڙيل وٺي اچي حاضر ٿيا. انهيءَ شڪست سميجن جا
تاڪ ڪڍي ڇڏيا. صبح جو سندن ڪي چڱا مڙس ڳچيءَ ۾
ڪپڙو وجهي ۽ چڪ ۾ گاهه ڪري، توبهون ڀريندا اچي پيش
پيا. مير صاحب مٿن ڳرا ڏنڊ وڌا ۽ جرماني طور کانئن
سـَـڱ َ وٺي لاکن کي عيوض طور ڏنا. سميجن جي وچ ۾
”ويجهڙو “ نالي هڪ ڳوٺ هو، جتي مير صاحب هڪ مستحڪم
قلعو ٺهرايو. ساڳيءَ طرح ”ديهه ڳوٺ“ (پرڳڻو حويلي)
۾ درياءَ جي ڪناري ٻيو قلعو به ٺهرايائين. انهن ٻن
قلعن ٺهڻ بعد سميجن ۽ انڙن وري سر مٿي نه کنيو ۽
عام رعيتي ٿي رهڻ لڳا. مال گذاري ۽ اجارا وغيره به
وقت سر ادا ڪندا هئا.
اهڙيءَ طرح باغبان جا سميجا ٿيٻا به مدتن کان دنگي
فساد، چوريءَ ۽ رهزنيءَ تي کريل هئا. هڪ دفعي
چانڊين سان گڏجي سرڪشيءَ تي سنبريا. مير صاحب پاڻ
لشڪر ڪشي ڪري، وڃي کين اهڙي تنبيهه ڪئي جو هميشه
لاءِ ٺري ويا. هڪ فعي پرڳڻي حويليءَ جا نمردي
سيوهڻ تي ڪاهي آيا، ۽ خوب اچي لٽ ڦر ڪيائون. سيوهڻ
جو ٿاڻيدار، قلي جان، مٿن حملو ڪري ويو، ۽ کانئن
مال متاع ڇڏائي،کين اهڙيءَ طرح تباهه ڪيائين، جو
سڀني لاءِ سبق ٿي ويو. گرفتار ٿيلن کي مير صاحب به
عبرتناڪ سزائون ڏيئي، هميشـه لاءِ کين ختم ڪري
ڇڏيو.
انهن ٽن واقعن بعد هيبت پئجي ويئي، ۽ سرڪش ماڻهو
دٻجي ويا. اوري پري جا ڏوهي ماڻهو اچي پيش پيا، ۽
معافيون وٺي، قول قرار ڪري، آئيندهه لاءِ پنهنجي
بدعملن کان توبهه تائب ٿيا.
اهڙيءَ طرح مير صاحب مدتن جي پيداٿيل بدامنيءَ کي
ختم ڪري، ملڪ ۾ نئين سر ملڪي انتظام کي جاري ڪري،
امن امان آندو، تجارتي قافلا جيڪي بند ٿي ويا هئا،
سي ٻيهر چالو ٿيا ۽ سيوهڻ جي بازار ۾ جابلو واپارن
جي خريد فروخت عام جام شروع ٿي ويئي. دستور هو ته
جابلو قافلا پنهنجي ملڪ جو مال کڻي، سيوهڻ ۾ اچي
نيڪال ڪندا هئا، ۽ اتان جو اَنُ خريد ڪري موٽي ملڪ
ويندا هئا. هڪ قافلو چئن پنجن هزارن اٺن جو هوندو
هو. هر هڪ قافلي تي اٺن ۽ رڍن جو مقرر تعداد
صوبيدار طرفان بطور اجاري تي رکيل هوندو هو، جيڪو
پهچڻ سان هو ڏيندا هئا. اها آمدني جيڪا مدت کان
بند ٿي چڪي هئي، سا وري چالو ٿي.(1)
ميرزا غازي ترخان:
ميرزا جانيءَ جي انتقال بعد، اڪبر سندس پٽ ميرزا
غازي بيگ کي ٺٽي جي مستقل صوبيداري عطا ڪئي. ميرزا
عمر جو ننڍو هو. تنهنڪري پراڻن اميرن ڪوشش ڪئي ته
کيس فقط شاهه شطرنج بڻائي ملڪي ڪاروبار پاڻ
هلائين. ميرزا ابتدا ۾ ته خاموش رهيو، ليڪن اميرن
جو اقتدار جڏهن حد کان متجاوز ٿيندو ڏٺائين، ان
وقت پراڻن اميرن کي عهدن تان هٽائي نون ماڻهن کي
آندائين، جنهنڪري اميرن ۽ سندس وچ ۾ نفاق پيدا
ٿيو، ۽ ميرزا وڏيءَ ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو. اڪبر جي
ذهن تي ويهاريو ويو ته ميرزا آزاد ٿيڻ لاءِ جدوجهد
شروع ڪرڻ وارو آهي، ۽ سندس دماغ ۾ خودسري ۽
سرڪشيءَ جي خوءِ بوءِ اچي ويئي آهي. بادشاهه کيس
دربار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ حڪم ڪڍي، بابا طالب
اصفهانيءَ کي ڏانهنس موڪليو. ميرزا جنهن صورت ۾
ملڪي اميرن جي سرڪشين ختم ڪرڻ ۾ مصروف هو، تنهنڪري
بابا طالب جي پهچڻ کان پوءِ جلد روانو ٿي نه
سگهيو، ۽ پورو هڪ سال شاهي قاصد کي ٺٽي ۾ ويٺي ٿي
ويو. بادشاهه جي انتظار ڪرڻ بعد سعيد خان چغتائيءَ
کي ويهن هزارن سوارن سميت سنڌ ڏانهن روانو ڪيو،(1)
۽ اخراجات لاءِ ملتان ۽ بکر جو صوبو سندس حوالي
ڪيائين. ”اڪبر نامه“ جو قول آهي ته بادشاهه ساڳئي
وقت مير ابوالقاسم نمڪين ڏانهن به فرمان جاري ڪيو
ته ميرزا غازيءَ کي وٺي اچي دربار م پيش ڪري. سعيد
خان جي آمد ۽ ابوالقاسم ڏانهن فرمان جو اجراء
1011 هه ۾ ٿيو.
”(1011 هه - 47 سال اڪبري) با ابوالقاسم نمڪين
فرمان نافذ گشت ڪه ميرزا غازي را با خسرو خان
غلامي ڪه معتمد اوست روانه درگاه والا سازد.“
(2)
ميرڪ يوسف به ساڳئي طرح لکيو آهي:
”پير غلام را فرمان صادر شد ڪه خود رفته ميرزا
غازي را سزاولي ڪرده از تته بر آورده بحضور
فرستد.“(3)
مير صاحب کي اهو فرمان سيوهڻ ۾ پهتو، جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته 1008هه کان وٺي 1011 هه تائين مير
صاحب سيوهڻ ۾ هو.
سعيد خان چغتائي درٻيلي ۾ اچي منزل انداز ٿيو. مير
صاحب چند سپاهي ساڻ ڪري سيوهڻ مان نڪري اچي نصرپور
۾ پهتو، ۽ اتان پنهنجو خاص ايلچي، مير عطاءُ الله
مشهدي، جيڪو نهايت عقلمند، سليقه شعار، شاعر ۽
خطاط هو، ميرزا غازيءَ ڏانهن اماڻيائين. ميرزا
انهيءَ ايلچي ذريعي مير نمڪين ڏانهن چورائي موڪليو
ته ’اوهان هلي سيوهڻ ۾ ٿيو، مان اتي اچي اوهان سان
ملندس، ۽ گڏجي سعيد خان وٽ پهچي، سڌو دربار ۾
هلنداسين‘(1)
مير صاحب سيوهڻ ۾ واپس رسيو ۽ مٿان ميرزا به اچي
پهتو. ٻيئي گڏجي سعيد خان وٽ ويا، جتي چند ڏينهن
رهي، دربار ڏانهن راهي ٿيا. دربار ۾ سندن پهچڻ جو
اطلاع اسان کي ”اڪبر نامه“ جي ذريعي ملي ٿو:
”چهار دهم ماه مهرالاهي (1013 هه) سعيد خان باپور
خود، و مير ابوالقاسم نمڪين ملازمت نمود، و ميرزا
غازي پور ميرزا جاني ترخان از تته آمده جبين بسجود
آستان اقبال نوراني ساخت، و گزيده پيشڪش به نذرانه
گزرانيد- هيڙ دهم بميرزا غازي و ابوالبقا اوزبڪ
گوهر مرصع و به عابدي خواجه جمدهر مرحمت شد.“
(2)
1013 هه تائين سيوهڻ مير صاحب جي حوالي رهيو. بکر
جي متعلق معلوم نه ٿي سگهيو ته 1007 هه ۾ جڏهن مير
صاحب سيوهڻ آيو، ته بکر جو صوبو پوءِ ڪيترو وقت
سندس قبضي ۾ رهيو. 1011هه ۾، مٿي معلوم ڪري آيا
آهيون ته سيويءَ يا ملتان سميت بکر سعيد خان کي
مليو.
قنڌار ۽ جلال آباد:
مير يوسف جو قول آهي ته اڪبر بادشاهه، مير صاحب کي
دربار ۾ پهچڻ شرط، قنڌار جي صوبيداري عنايت ڪئي، ۽
ساڳئي وقت بکر، سيوي ۽ سيوهڻ به تنخواه طور سندس
جاگير ۾ ڏنائين:
”صوبه قنڌهار را به پير غلام قرار داند، ڪه ار
تغير شه بيگ خان باو حواله نمايند، و ملڪ بکر،
سيوي و سهوان بوي تنخواه ڪنند.“
(1)
اڃا انهيءَ حڪم تي عمل ئي ڪونه ٿيو، ته بادشاهه
اوچتو بيمار ٿي پيو، جنهنڪري سموريءَ دربار جو ڪم
ڪار بند ٿي ويو. بادشاهه 13 جمادي الثاني 1014 هه
(25 آڪٽوبر 1605ع) تي انتقال ڪيو، ۽ جهانگير تخت
نشين ٿيو. ميرڪ يوسف لکيو آهي ته نئين بادشاهه
اڳيون حڪم رد ڪري نئون فرمان ڪڍيو، جنهن موجب
توخته بيگ کي سردار خان جو خطاب ڏيئي، ڪابل مان
بدلي ڪري، قنڌار رکيو ويو، ۽ سبي، بکر ۽ سيوهڻ به
سندس حوالي ڪيا ويا، مير نمڪين کي جلال آباد جي
خاص مهم تي مقرر ڪيو ويو.
|