سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 23

 

مير حافظ الدين خان

مير حافظ الدين خان مير شهود جو ٽيون فرزند هو، جو پنهنجن بزرگن ۽ ڀائرن وانگر وڏي علم ۽ فضل جو صاحب هو. افسوس آهي جو سندس سوانح جو ڪوبه تفصيل ملي ڪونه ٿو سگهي، البت سندس صاحبزادي مير حفيظ الدين لاءِ ڪجهه مواد ملي ٿو، جنهن کي هيٺ پيش ڪجي ٿو:

مير حفيظ الدين:

مير حفيظ الدين علي پنهنجي وقت جو باڪمال عالم ۽ بي مثل شاعر هو، ”تحفـة الڪرام“ ۾ مير ”قانع“ لکي ٿو ته:

”درين وقت صاحب ڪمال گزيده، ارباب حال و قال، ڪمالاتش چه در نثر و چه در نظم، بهمگي ايهام ذو معني و سه معني و افزون بران“. (1)

بصارت ۽ سماعت ۾ فتور هئس. زندگي هن جي به پنهنجي چاچي مير ”ڪامل“ وانگر تجرد ۾ بسر ٿي، ۽ بقول مير ”قانع“، مير ”ڪامل“ جي سڀني خصوصيتن ۽ خوبين جو حامل هو، طبع عالي قدرت عطا ڪئي هئس، ۽ هندي زبان جي شاعريءَ ۾ ”خسرو“ ثاني هو، پاڻ جن خيالن ۽ معنيٰ کي پنهنجي ڏوهيڙن ۽ ڪبتن يا بيتن ۾ ٻـَـڌندو هو، اهو فقط سندس ئي حصو هو. فارسي شعر به چوندو هو، ليڪن سندس زياده ڪلام هندي (ريخته) زبان ۾ آهي، ايهام گوئيءَ ۾ ايترو ڪمال هئس، جو ٻن ٽن، چئن ۽ پنجن معنائن کان به بعضي مٿي ٻـَـڌي ويندو هو-

”ايهام ڪه از دو سه و چهار و پنج معني هم گاهي گاهي تجاوز دارد“. (1)

ايهام گوئيءَ ۾ هي شعر ڪمال جي حد تائين پهتل آهي-

اچار هوا اڪٺا، پاپڙ ليني هي مجهي
سرڪار بنا تو آڪي سوي سلوني اڇي

شاعر جي حيرت انگيز ذهانت ۽ زبان تي پوري قدرت حاصل هجڻ جو انهيءَ شعر مان پتو پوي ٿو ته ٻن مصراعن ۾ آچار، کٽا، پاپڙ، مڇي، سرڪي، تئي، سـَـيـُـن ۽ لوڻي، جملي اٺن کاڌي جي شين کي آندو اٿس، ممڪن آهي ته لکنوءَ جي ضلعي جگت جي استاد شاعرن وٽ به هڪ شعر ۾ ايترن تلازمن جو مثال ملي نه سگهي.

مير صاحب جو فارسي شعر ”مقالات“ ۾ فقط هڪ ڏنو ويو آهي-

پئي شڪار من آن ترڪتاز مي آيد
ز بهر صيد دلم يار بازمي آيد (2)

”تحفة الڪرام“ جي انداز تحرير مان ظاهر آهي ته تصنيف واري زماني (1181هه) تائين، مير صاحب بقيد حيات هو.

_______

 

مير معين الدين خان

مير معين الدين خان مير ابوالمڪارم شهود جو چوٿون پٽ هو. سندس مختصر حال فقط ”مقالات“ ۾ ملي ٿو: صاحب حال و قال بزرگ هو، شعر سخن سان به دل جو لڳاءُ هو. هڪ دفعي پنهنجو گهر ٺهرائي رهيو هو ته لوهه جي ڪوڪن جي بجاءِ شهتيرن ۽ پٽين کي رسيءَ سان ٻڌائين ٿي.  ماڻهن پڇيس ته ”تون سرنديءَ وارو ٿي، پڪو گهر ڇو نه ٿو ٺاهين، ڪوڪا ۽ لوهه رسن جي بجاءِ استعمال ڇو نه ٿو ڪرين؟“ انهيءَ تي پاڻ پنهنجو هيٺيون شعر پڙهيائين-

خــــانــه بـي بـقـــا و فـــانـــي را    بـــه ازيـــن ديگري چه آرابه
فـــڪر بيت دگـر چرانه ڪـــني  ڪــه تــرا جاو دان بڪــار آيــد

سندس شعر جو رنگ هي آهي-

مرغان غريبيم اسير قفس هجر
مارا ز قفس باز به بستان ڪه رساند

مير صاحب 1133 هه ۾ انتقال ڪيو، مير علي شير هيٺيئن آيت مان تاريخ ڪڍي:

”ان اڪرمڪم عندالله اتقــٰـڪم“. 1133 هه

 

ٽي امير خاني شاعر

”مقالات الشعرا“ ۾ امير خان گهراڻي جي ٽن ٻين شاعرن جو به ذڪر آيو آهي پر انهن لاءِ معلوم ٿي نه سگهيو ته ڪنهن جا پٽ هئا، ۽ سندن حياتيءَ جو داستان ڇا هو، بهرحال جنهن صورت ۾ هن عظيم المرتبت علمي خاندان سان سندن تعلق آهي، تنهنڪري بطور تڪملي جي اسان کين هنن اوراقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون ٿا.

مير ولي اعظم امير خاني:

وڏن صلاحيتن ۽ خوبين جو صاحب هو، مير ”قانع“ لکي ٿو ته:

”بجودت طبع، و سرعت فهم موصوف بود، در حاضر جوابي عديلي نه داشت“.

مير قانع افسوس ڪيو آهي، جو کيس مير موصوف جو شعر دستياب نه ٿي سگهيو. تاريخ گوئيءَ ۾ کيس  خاص ڪمال هو. هڪ دفعي ملا عبدالرشيد ٺٽوي شاهي دربار مان منصب حاصل ڪري شهر ۾ موٽي آيو، مير صاحب جڏهن ڏٺو ته ملا صاحب منصب تي ڏاڍو مغرور آهي، تڏهن هيٺئين تاريخ چيائين:

”عبدالرشيد رد شد“

انهيءَ فقري جا اعداد 1129 هه ٿين ٿا. عجيب اتفاق هيءُ ٿيو، جو
”مير ڪرامت تخمير“ جنهن وقت اهي الفاظ زبان مان ڪڍيا، ان وقت انهيءَ جاءِ تي ملا صاحب جو روح پرواز ڪري ويو، جنهن ڪري اهوئي فقرو سندس تاريخ وفات بڻجي پيو.

هڪ دفعي ”يا ابراهيم انصاف“ جو فقرو زبان مان نڪتو، جنهن مان 1143 هه سال بر آمد ٿيو. مير ”قانع“ اهي مثال ڏيندي لکيو آهي ته:

”الحاصل از مير مسطور چنين ڪارها بسيار منقول است، بر اين قدر اختصار رفت“. (1)

معلوم ٿئي ٿو ته ”مقالات“ جي تصنيف (1173 هه) ٿيڻ کان اڳ مير صاحب انتقال ڪري چڪو هو، سندس قيام ٺٽي ۾ هو.

مير حبيب الله:

مير علي شير مير صاحب کي ”معلم چهارم“ جي خطاب سان ياد ڪيو آهي، ۽ لکي ٿو ته ‘مون ميان ابوالفضل خوشنويس کان ٻڌو ته مير ابوالقاسم نمڪين جي اولاد مان هو، ۽ نواب مهابت خان ”ڪاظم“ (1132هه- 1135 هه) جو مصاحب ۽ رفيق هو’، هيءُ شعر نموني طور نقل ٿيل آهي-

چشم مست يار را نازم ڪزو
خاطري بي ناوڪِ اندوهه نيست (2)

مير باقر خان امير خاني:

هيءُ بزرگ به ساڳئي خاندان جو فرد هو، هالن ۾ رهندو هو، جود و سخا ۾ فرد فريد هو، سڄي زندگي عزت ۽ تمڪنت سان بسر ڪيائين، ۽ هالن جي سڄي زمين سندس جاگير هئي-

”آن زمين سر بسته در اقطاعش بوده، بسيار جواد و مخير مي زيست، در مرزائي مثل است“.

هندستان اندر ”باقر خاني“ ماني مشهور آهي: مير ”قانع“ لکي ٿو ته اها ماني سندس ايجاد ڪيل آهي، ۽ سندس ئي نالي تي مشهور ٿي. سندس چند شعر ”مقالات“ ۾ ڏنا ويا آهن، جن کي هتي نمونتاً نقل ڪجي ٿو:

 

دارد از قــوس دوســقـِي پرواز       نـــاوڪِ آه مــن هــوائـــي نيـست

خــُـلـق نـيڪـو ڪـمـنـد خلق بود    حاجت تـخـت و بـادشاهي نيـست

به ته بال خويـشـتن بـنـشيـن       امـن در سـايـه هــمـــائي نـيـست

مه تمامي زوري نـقـصـان يــافـت   چوشڪست توموميائي نيست (1)

 

________

 

سـَـتين جو ٿانُ

مير ابوالقاسم “نمڪين” جو قبرستان

مير ابوالقاسم جو قبرستان روهڙيءَ جو سول ڪورٽ جي ويجهو، اتر ۽ اولهه جي ڪنڊ تي، درياءَ جي ڪپ تي هڪ بلند ٽڪريءَ مٿان ٺهيل آهي. اوڀر کان ٻن فرلانگن پنڌ تي لئنسڊائون پل آهي، سامهون اتر کان درياءَ جي ٻيءَ ڀر تي سکر جو شهر آهي، ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر جي ڪنڊ تي ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي روهڙيءَ جو شهر آهي. بکر جي قلعي جون ڊٺل ديواريون به اوڀر کان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ساڌ ٻيلو اتر کان وچ درياءَ ۾ سامهون آهي. جاءِ وقوع جي لحاظ کان هيءُ ٽڪرو پنهنجي دلڪشيءَ جي بي مثل آهي- چارئي طرف کليل، ڪوهن تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام، پري پري تائين ڏسي سگهجن ٿا. سڄو ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي باغن سان ڀرپور آهي. سکر کان ايندڙ رستو درياءَ جو ڪپ ڏيو، انهيءَ ٽڪريءَ جي پهلوءَ کي ڇهندو، روهڙيءَ ڏانهن وڃي ٿو.

تاريخ:

انهيءَ ٽڪريءَ کي، انهيءَ قبرستان ٺهڻ کان اڳ ”ستين جو ٿانُ“ سڏيو ويندو هو- يعني ستين جو آستان، جنهن کي فارسيءَ م ”ستياسر“ جي نالي سان لکيو ويو آهي، جيڪو غالباً ”ستين سرتين“ يا ”ستين جو آستان“ جو بگاڙ ٿو ڀانئجي. ”اڪبر نامي“ ۾ ان کي ”کوهه هفت دختر“ لکيو ويو آهي.(1)
”ماثر الامرا“ جو مصنف انهيءَ ٽڪريءَ کي ”کارماتري“ سڏي ٿو.(2)

قبرستان:

ڀانئجي ٿو ته اها ننڍڙي ٽڪري ڪنهن زماني کان پنهنجي هم جنس ٽڪرن ۽ جبلن کان جدا ٿي اتي رهجي ويئي آهي. مشهور روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اتي ستين جو آستان هو، ۽ اها جاءِ انهن خدا رسيده معصوم بيبين جي رهائش سبب متبرڪ سمجهي ويندي هئي. مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جڏهن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو، ۽ بکر کي ئي پنهنجي مستقل رهائش لاءِ پسند ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجا يادگار ٺهرائڻ شروع ڪيائين، تڏهن انهيءَ ٽڪري جو ماحول، جاءِ وقوع ۽ چوڌاري جي منظر کيس پسند آيا، ۽ هن انهيءَ ٽڪري جي چوٽيءَ کي صاف ڪرائي، مسطح ڪري، چوڌاري ديوار ڏيئي، سرن جو فرش ٻڌائي، چئن ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا ٺهرائي، ان کي پنهنجي خاندان لاءِ قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن ان کان اڳ جو ان ۾ ڪنهن فوتيءَ کي دفن ڪيو وڃي، مير صاحب ان کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آرائيءَ لاءِ ڪتب آندو، ۽ ان جو نالو ”صفهء  صفا“ رکيائين. سندس فرزند ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:

”پير غلام صفهء  چهار گوشه ساخته، و بر هر گوشهء  اين صفه مناري برپا داشته، و ”صفهء  صفا“ نام نهاد در شبهاي ايام بيض اڪثر در آن جا ميگذرانيد، و با اهل فضل مجلس داشته، خرپزهاي موضع نيه بدره راڪه در چار ڪروهي اين صفه واقع است، بغايت خرپزهاي ولايتي آن خوب مي شوند، صرف مي ڪرد“. (1)

ڏکڻ جي سمت ۾ اُتان جي چئن ڪوهن تي سنڌ جو قديم دارالسلطنت، الور آهي. ان زماني ۾ اهو مير صاحب جي جاگير ۾ هو. انهيءَ جي ڪنهن قصبي ۾، جنهن جو نالو ”نيه بدره“ هو، مير صاحب گدرن جا باغ ڪرائيندو هو. گدرن جو پاڻ به شوقين هو، ۽ ويلي تي هڪ مڻ گدرا کائي ويندو هو. دوستن احبابن، عالمن ۽ اديبن کي چانڊوڪين راتين ۾ انهيءَ ٽڪريءَ تي گڏ ڪري، مجلسون ڪري، قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿيندو هو. ”ماثر الامرا“ لکي ٿو ته ”چانڊوڪين راتين ۾ انهيءَ ٽڪري جو نظارو ’بي نظير عالم‘ هو“.

- ”بر ڪوهچه (ڪه مشر قلعه بکر است) جنوب رو به جانب قصه ِّ لوهري، متصل درياي پنجاب مشهور به ”کار ماتري“ گورخانه خود ساخته ”صفهء صفا“  نام گذاشت، در شبهاي ماهتاب بي نظير عالم است، و همانجا مدفون گشت“. (1)

انهيءَ صاف صحن تي چانڊوڪين راتين جون مجلسون مير نمڪين جي زندگيءَ تائين قائم رهيون. 1018 هه ۾ مير نمڪين شهيد ٿيو، ۽ پهريون پاڻ اتي آرامي ٿيو ۽ بعد ۾ اصلي مقصد مطابق اهو سندن خاندان جو قبرستان ٿي ويو. ڏکڻ کان مٿي پهچڻ لاءِ جيڪا ديوار آهي، ان جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت حجرا ٺهيل آهن،جيڪي ڏينهن جي آرام لاءِ ڪتب ايندا هئا. اهڙيءَ طرح، اتر جي طرف کان اوڀر خواه اولهه جي ڪنڊن تي به حجرا آهن، جن جو رخ درياءَ طرف آهي- صبح شام درياءَ جي نظاري ڪرڻ لاءِ نشيمن جو ڪم ڏيندا هئا.

موجوده حالت:

مسٽر ڪزنس جي ڏنل هڪ تصوير مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قبرستان زبون ٿي چڪو هو، منارا پٽ اچي پيا هئا، قبرون ڊهي ويون هيون، سنگين لوڙهه ۽ ڪتبا منتشر ٿي چڪا هئا، عمارت جي خاص وضع، ٽڪريءَ جي ماحول ۽ چوڌاري جي نظارن محمڪي آثار قديمه (حڪومت هند) جي ڪارپردازن کي متاثر ڪيو، جن ان کي محڪمي جي حفاظت ۾ وٺي، ان جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري، سموري قبرستان کي اصلي حالت ۾ آندو، منارا ٺاهيا ويا، قبرن جي مرمت ڪري مٿن اصلي ڪتبا لڳايا ويا، فرش ٻڌو ويو، ۽ حد بنديءَ واري ديوار ٻيهر مضبوط ڪئي ويئي، ۽ حجرن کي به گهڻيءَ حد تائين مرمت ڪري، ڪم آڻڻ جهڙو ڪيو ويو. هن وقت تمام مضبوط حالت ۾ آهي، ۽ پاڪستان جي محڪمي آثار قديمه جي قبضي ۾ آهي، ممڪن آهي ته جيئن پوڻا چار سئو ورهيه گذري چڪا آهن، تيئن ايندڙ ڪن صدين تائين اڃا به قائم رهي سگهي.

مرڪزي ٿلهو:

فرش جي سطح کان 5 فوٽ 4 انچ بلنديءَ  تي هڪ ٿلهو آهي، جنهن جو طول 48 فوٽ 6 انچ ۽ عرض 38 فوٽ آهي. ان تي ڏهه قبرون آهن، جن مان هڪ مير ابوالقاسم نمڪين جي آهي. انهيءَ ٿلهي جي چئني ڪنڊن تي چار منارا ترڪي منارن جي نموني تي آهن، جيڪي 5 فوٽ کن بلند ٿيندا، ڏکڻ کان انهيءَ ٿلهي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. نمبر 9 ۽ 10 قبرون چوني جي پلاسٽر جون آهن، باقي سڀ پٿر جون آهن، جن جو سمورو لوڙهو اُڪر جي بهترين ڪم جو شاهڪار آهي. اوڀر کان اولهه طرف قبرن جو تفصيل ۽ ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا، ڪن قبرن جي ڪتبن جا ڪي اکر ڊهي ويا آهن، انهن جاين تي اسان نقطا ڏنا آهن:

(1) پٿر جي قبر- چوڌاري چٽساليءَ جي اُڪر ٿيل، سيرانديءَ کان قرآني آيات جو ڪتبو، ۽ پيرانديءَ کان هيءُ ڪتبو آهي:

وفات يافت مرحوم مغفور الواصل
الي جوار رحمت حضرت الخالق...
مرزا عبد ...................
شهر جمادي الاول ............

نالي جو پهريون جزو پڙهڻ ۾ اچي ٿو، ۽ آخري جزو ”العلي“ جهڙو نظر اچي ٿو، ممڪن آهي ته عبدالعلي نالو هجي.

(2) هيءَ قبر به پٿر جي آهي، پيرانديءَ کان ڪوبه ڪتبو ڪونه اٿس، سيرانديءَ کان هيءُ ڪتبو آهي-

لا الله الله محمد الرسول الله
فغان از گردشِ گردون بدعهد
دريغان زين جهان عمر فرسا
ڪه از باد اجل نا گاه بشڪست
بباغستان جان سروِ دل آرا
گل و گلزار اقبال و جواني
ابوالقاسم فروغِ بخت والا
سزد گر در فراقِ او بگريد
بجاي آب، خون چشمِ احبا
چو دلها داغ شد از فرقتِ او
نوشتم سال فوتش ”داغ دلها“ - 1045 هه

هيءُ نمڪين جو پوٽو، ۽ امير ابوالبقا امير خان جو پٽ هو.

(3) پٿر جي قبر - سمورو لوڙهه چٽسالي ۽ قرآني آيات سان مزين، ڪتبو سيرانديءَ کان لڳل:

حيف و صد افسوس از عبدالرحيم
همچو او ڪم آمده زين آب و گل
سال فوتش را چو جستم از خرد
گفت از حسرت ”داره داغ دل“ - 1053 هه

(4) هيءَ قبر به پٿر جي آهي- ساڳيءَ طرح چٽسالي، آيات قرآني، ۽ سيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو آهي:

يڪتاي روزگار عتيق الله آن جواد
ڪاندر جهان جود نبودش ڪسي عديل
نگذاشت آسمان ...... ازان ڪه بود
مشتاق .......... او فردوس سلسبيل
سال شهادتش چونوشتم بصفحه بر
از غم بريخت آب ز چشم چو رود نيل
لا الله الله محمد الرسول الله

اهو ڪتبو پٿر جي ٻاهرئين طرف کان آهي، اندريئن پاسي هيءُ ڪتبو آهي:

عتيق الله مرزا ڪز فراقش
محبان را جگرها چاڪ آمد
چو درخيل شهيدان شد خرامان
فلڪ را ديده نمناڪ آمد
زروي درد گفتا سال تاريخ

                                          4

”عتيق الله شهيد پاڪ آمد“

1033 + 4= 1037هه

هيءُ ڪتبو پيرانديءَ کان آهي:

بتاريخ روز پنجشنبه چهارم
شهر رجب المرجب سن 1037 هه
بدرجهء  شهادت رسيد

 

(5) هن قبر تي ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي، چوني جو پلستر ٿيل آهي، ۽ ڪتبا سڀ ضايع ٿي ويل ڏسجن ٿا.

(6) هيءَ قبر مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جي آهي، بهترين اُڪر جو ڪم ٿيل اٿس، قبر جون سموريون ديواريون آيات قرآنيءَ سان مزين آهن، ۽ هيءُ ڪتبو پيرانديءَ کان پٿر جي ٻاهرئين رخ تي اُڪريل آهي-

مير ابوالقاسم آن يگانهء  عصر
ڪه بجز تخم دين و داد نڪشت
ملڪ و اقبال در تصرف داشت
چون اجل در رسيد جمله بهشت
ديده دل ڪشاد برگيريد
عبرتِ اي عاقلان پاڪ سرشت

هيءُ ڪتبو انهيءَ ئي پٿر تي اندرئين پاسي کان آهي-

گر بود بستر از حرير چه سود
چون نهد مرگ زير بالش خشت
خلفِ خير او ز ”داغ ابي“ - 1018 هه
چونڪ تاريخ سال فوت نوشت
گفت ملهم مرا بگوش ضمير
سال فوتش ڪه ”باد جاش بهشت“ - 1018 هه

هيءُ ڪتبو پيرانديءَ کان آهي-

خان زمان مير ابوالقاسم آنڪه او
لوح وجود از رقم غير ساده ڪرد
...... دود مان ...... گلبنِ حيا

ســـالِ وفـات او طـلـب از ”داغ داده“ ڪـرد    - 1019 هه

(7) پٿر جي ساڳئي قسم جي قبر تي سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين طرف هيءُ ڪتبو آهي-

عبدالرزاق ڪه روحشس قرين
باد ز ايزد بهزار آفرين
سني و شيعه چو در افتاده دير
تيغ شجاعت ز ميان در ڪشيد
همت عاليش عنان گرم تاخت
جام شهادت ز قضا نوش يافت
ترڪ ازين عالمِ فاني گرفت

                            ”مـلـڪ  بقــا  آل حــــســيني  گــرفــت“.       -1062 هه

- مير نمڪين جو پوٽو ۽ امير ابوالبقا امير خان جو پٽ هو.(1)

(8) هيءَ مزار امير ابوالبقا امير خان بن ابوالقاسم خان ”نمڪين“ جي آهي، نهايت خوبصورت اُڪر جو ڪم، خط طغرائيءَ سان سڄيءَ مزار تي قرآني آيات، قبر جو ساڳيو اهوئي نمونو آهي، جيڪو سندس والد جي قبر جو آهي، سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين رخ تي هيءُ ڪتبو آهي:

مصدرِ خلق امير خان ڪه بسي
خلق عالم بخلق او آسود
تا درين دهر بود صاحب جاه
در رضاي خداي خود مي بود
ڪوس رحلت چو زد ز دار فنا
رخت آسودگي بخلد ڪشود
سال نقلش بگفت هاتفِ غيب

                             ”هــاديء   دين  امـــيـر خــــان  آســـــود“.       - 1057 هه

(9- 10) نمبر واريون قبرون گهري فيروزي ٽائيلس لڳل آهن، مٿن ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي.


(1)  ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 2/209.

(1)  ”مقالات“ ص. 86.

(2)  ”مقالات“ ص. 16

(1)  ”مقالات“ ص. 43.

(2)  ”مقالات“ ص. 86،

(1)  ”مقالات“ ص. 49.

(1)  ”اڪبر نامو“ ص. 3/637.

(2)  ”ماثر الامرا“ ص. 3/77.

(1)  ”مظهر شاهه جهاني“  ص. 229.

(1)  ”ماثر الامرا“ ص. 3/77.

(1)  سيد محب الله روهڙيائي ”تحقيق بناءِ امصار سند“ ۾ لکيو آهي ته اها قبر عبدالرزاق ڪاشانيءَ
(حاڪم بکر) جي آهي، ليڪن اهو غلط آهي، انهيءَ اطلاع جو ماخذ ميان علي اصغر ٺٽويءَ جو رسالو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org