سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 13

 

باريجا بلوچ:

باريجا بلوچ رهندا ٽڪر تي هئا، ليڪن سندن زمينون بوبڪن جي پرڳڻي ۾ هيون، دستور هو ته هو ڍل جي عيوض جاگيردار کي اٺن ۽ رڍن جو مقرر تعداد هر سال ڏيندا رهن. ميرڪ لکي ٿو ته ڪجهه عرصي کان هنن انهيءَ مقرر ٿيل تعداد جي ڏيڻ کان ڪيٻايو ٿي، ۽ خطرو هو ته جيڪڏهن مٿن سختي نه ڪبي ته شايد اڳتي هلي هو ڍل ڏيڻ کان صفا نابري واري ويهن. چنانچه شمشير خان مٿن يلغار ڪرڻ جو ارادو ڪري، ميرڪ يوسف سان صلاح ڪئي. ميرڪ صلاح ڏنس ته ڏينهن ڏٺي جو يلغار ڪرڻ موزون نه آهي: هتان خاموشيءَ سان سج لٿي نڪرجي ۽ سڄي رات هلي، صبح جو پهچي، مٿن حملو ڪجي. چنانچه شمشير خان ائين ئي ڪيو. سيوهڻ کان باريجن جا وٿاڻ پنجن پهرن جي پنڌ تي هئا. اڃا سج اڀريو ئي مس هو ته شمشير خان وڃي مٿن ڪڙڪيو. ميرڪ لکيو آهي ته سڀئي موجود باريجا پاڻ ۾ ملي ويا، ڪيترا وڙهندي قتل ٿيا ۽ ڪيترن کي قيد ڪيو ويو. قاسم باريجو، جيڪو انهيءَ قبيلي جو سردار هو، پنهنجي پٽن سميت اهو به قتل ٿي ويو. شمشير خان قيدي وٺي سيوهڻ آيو، ۽ ٻئي ڏينهن تي باريجا ميڙ منٿ وٺي اچي پيش پيا، جنهن تي سندن قيدي ڇڏيا ويا ۽ آئنده لاءِ ڍل جي ادائگين جو کانئن قول قرار ورتو ويو.(1)

نهمردين تي ڪاهه:

ميرڪ لکي ٿو ته هڪ دفعي حويلي سيوهڻ جي پرڳڻي مان خبر آئي ته نهمردين جو وڏو ڪٽڪ ڳوٺن تي ڪاهي اچڻ وارو آهي. شمشير خان وٽ ان وقت لشڪر موجود ڪونه هو. سپاهي سڀ موڪلن تي هئا. آخر ستهٺ سوار جيڪي في الفور موجود ٿي سگهيا، تن کي شمشير خان پنهنجي سالي، بادشاهه خواجي، جي ڪمان هيٺ ڳوٺن جي حفاظت لاءِ ڏياري موڪليو. انهيءَ لشڪر راتو رات ‘نار ڳوٺ’ جي قلعي ۾، جيڪو سيوهڻ کان ستن ڪوهن تي هو، منزل ڪئي. صبح جو شمشير خان ڪجهه ٻيا سوار هٿ ڪري پاڻ به روانو ٿيو ۽ ’داديجي واهه‘ جي ڪناري تي پهچي، منزل انداز ٿيو. اتان هن پنهنجي ٻئي هڪ عزيز، شاهه خواجي، کي ويهه سوار ڏيئي، ٻئي طرف موڪليو.

ميرڪ يوسف کي ٻئي صبح تي جڏهن شمشير خان جي روانگيءَ جي خبر پيئي، تڏهن هو به گهران هلي، انهيءَ منزل تي اچي، شمشير خان سان ڀيڙو ٿيو. شمشير خان کيس سمورو احوال ٻڌائي، کانئس صلاح ورتي. ميرڪ کيس چيو ته بهتر ٿئي ها جيڪڏهن اوهان پاڻ سپاهين سان گڏجي وڃو ها، ڇاڪاڻ ته اوهان جي موجودگيءَ ۾ ته اوزبڪ نوجوان دل لائي وڙهن ٿا، ليڪن پرپٺ هنن جو چاڙهو ڪونه آهي-

”مؤلف گفت ڪه اگر خود هم سوار مي شدند مناسب بود، چرا ڪه مردم اوزبڪ غائبانه شما جنگ ڪم مي کنند، و در بودن شما کمال سعي در جانبازي مي نمايند“. (1)

شمشير خان جي دل سان اهو نقطو آئڙيو، ۽ جيڪي خاصي خيل وٽس موجود هئا، تن سڀني کي ميرڪ يوسف سميت ساڻ ڪري، انهن ڳوٺن ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ خبر آئي ته نهمردين جو هڪ وڏو ڪٽڪ، جنهن ۾ تقريباً ٽي سئو سوار ۽ ست اٺ سئو پيادا هئا ‘ڪجي ڳوٺ’ (؟) تي ڪاهي آيو آهي ۽ سڄو شهر لٽي چار ماڻهو قتل ڪري، مال ڍڳا ڍور ڪاهي، ٽڪر طرف روانا ٿي ويا آهن. اهو ڳوٺ سيوهڻ کا پنجن ڪوهن تي هو. شمشير خان فوراً انهيءَ ڳوٺ ۾ پهتو: شهر جي تباهي، ماڻهن جي پريشاني ۽ بربادي ڏسي بي انتها ملول ٿيو. جڏهن وڌي مقتولن جي لاشن تي وڃي بيٺو، ته معلوم ٿي ٿيو ته ڄڻ غريبن تي ڪاري قيام اچي ويئي هئي.

شاهه خواجي کي به انهيءَ واردات جي خبر پهتي هئي، ۽ هو نهمردين پٺيان روانو ٿي چڪو هو. ميرڪ لکي ٿو ته نهمردي تير بازيءَ جا نهايت ئي هوشيار هئا-

”نهمردي بسيار ست و تير را خوب مي اندازد“

شاهه خواجي سان ٿورا سپاهي هئا، ۽ هو دوبدو تير ۽ تلوار جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهيو، جنهنڪري مجبوراً هن پري مفاصلي تان بيهي مٿن بندوقون ڇوڙايون، ۽ آهستي آهستي اڳتي وڌندو ٿي ويو: غنيم جڏهن تير بازي ٿي ڪئي، ان وقت شاهه خواجي جا سپاهي اوٽ ۾ ٿي ويا ٿي، ۽ جڏهن نهمردي اڳتي هليا ٿي، ان وقت شاهه خواجي، سپاهين کي اڳتي وڌائي، بندوق بازي ڪرائي ٿي. اهڙيءَ طرح، گهڻي تائين مقابلو هلندو رهيو. شمشير خان کي ‘ڪجيءَ’ ۾ اهو احوال مليو، وٽس هڪ ته سپاهي ٿورا هئا ۽ ٻيو شاهه خواجي ۽ سندس وچ ۾ غنيم جو لشڪر حائل هو، تنهنڪري نه پاڻ سڌو مٿن حملو ڪري سگهيو ٿي، ۽ نه شاهه خواجي تائين پهچي سگهيو ٿي. انهيءَ مشڪل ۾ مبتلا هو، جو کيس اطلاع پهتو ته نار طرفان بادشاهه خواجو مقابلي جي ميدان ۾ پهچي ويو آهي.

غنيم جو لشڪر ”مينهن وارو واهه“ جنهن ۾ برسات جي زماني ۾ ٽڪر جو مينهن لهي پوندو هو، وچ ۾ ڪيو ٽڪر ڏي وڌندو ٿي ويو، ۽ اوزبڪ بندوق جي نشاني جيترو فاصلو وچ ۾ رکيو، سندن پٺيان هلندا ٿي ويا. انهيءَ مقابلي ۾، شمشير خان جو خاص معتمد، بيگ محمد قرق اوزبڪ مارجي ويو. رات اچڻ تائين مقابلو جاري رهيو، آخر اوزبڪ، سج لٿي وقت مجبور ٿي پٺتي موٽي هليا آيا، ۽ نهمردي اڳتي وڌي ويا.

ميرڪ يوسف مقابلي جو نتيجو ڪونه لکيو آهي، ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته نهمردين چند ڏينهن ۾ شمشير خان جي پيش پيئي ساڻس صلح ڪيو.(1)

شمشير خان جو تبادلو:

شمشير خان ڪن ڏينهن بعد، شاهي فرمان پهچڻ تي، سيوهڻ ۾ پنهنجي نائب قنبر خواجي کي ڇڏي، پاڻ بهادر خان جي مدد لاءِ قنڌار هليو ويو، جتي هو چار سال رهيو. قنبر خواجي جي فوت ٿيڻ بعد هن اتان ٻيو نائب، خوشم بيگ، موڪلي ڏنو، جيڪو سيوهڻ ۾ اوسيتائين رهيو، جيسين سيوهڻ شمشير بيگ جي جاگير ۾ هو. ميرڪ يوسف شمشير خان جي نائبن سان به پرپٺ هر طرح جو سلوڪ ڪندو رهيو، ۽ صلاح مشوري ۾ شمشير بيگ جي دوستيءَ جو حق نڀائيندو رهيو.

انهيءَ زماني ۾، ميرڪ جو ڀائٽيو، مير عتيق الله، بادشاهي حڪم تي سيوهڻ ۾ گـَـڊنِ ۽ سـَـرهنِ جو شڪار ڪرڻ آيو. ميرڪ پاڻ به عتيق الله سان شڪار تي ويو. خوشم بيگ جي انهيءَ دور ۾ سميجن سان لڙائي ٿي، جنهن ۾ پڻ ميرڪ ساڻس شامل رهيو.(1)

احمد بيگ:

ميرڪ نوشتي مان معلوم ٿئي ٿو ته شمشير بيگ جي تبادلي بعد شير خواني (خواجه باقي جان) کي سيوهڻ مليو، جنهن يار محمد ڪوڪي کي پنهنجو نائب ڪري سيوهڻ تي موڪليو. مهابت خان خانان ان وقت ٺٽي جو صوبيدار هو، جنهن يار محمد کي سيوهڻ ۾ پير کوڙڻ ڪونه ڏنو، ۽ پنهنجو ماڻهو شمس الدين سيوهڻ تي ڏياري موڪليو. شمس الدين کان پوءِ، نوروز بيگ شاهي حڪم تي سيوهڻ جي اچي چارج ورتي. ڪجهه وقت بعد اهو به بدلي ٿيو “
 سيف الملوڪ ڪاشغري آيو، ۽ ان کان پوءِ احمد بيگ جاگيردار ٿي آيو، جنهن جي ظلمن ۽ بيدادين کان تنگ اچي، ميرڪ يوسف ”مظهر شاهه جهاني“ تصنيف ڪئي.

احمد بيگ، ابراهيم خان ‘فتح جنگ’ ولد اعتماد الدوله مير غياث جو ڀائٽيو هو. هو شاهه جهان جي پهرئين سال (1037 هه) ۾ سيوهڻ تي مقرر ٿيو. مرتضيٰ خان (حسام الدين)، جيڪو سندس سالو هو، ان وقت ٺٽي جو حاڪم هو، ۽ جيسين احمد بيگ سيوهڻ پهچي، تيسين هن پنهنجا ماڻهو انتظام لاءِ ڏياري موڪليا. انهيءَ ئي زماني ۾ حڪيم محمد صالح بکر جو ديوان ۽ محمد علي بيگ بندري بکر جو حاڪم هو. ۽ اهوئي زمانو هو، جڏهن ميرڪ يوسف جو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان، يمين الدوله طرفان، ملتان ۾ نائب هو.

Text Box: مصرك صوسف
ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته احمد بيگ جي ابتدا ته سيوهڻ لاءِ نهايت خوشگوار هئي: ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ لڳو، اربابن ۽ چڱن مڙسن سان مراسم پورا ڪيائين ۽ رعيت به منجهانئس راضي ٿي، ليڪن ٿوري وقت بعد جڏهن مـُـلڪَ ۽ ماڻهن مان واقف ٿي ويو، ان وقت انتظام ۽ سڄو ڪاروبار پنهنجي ڀاءُ محمد يوسف جي حوالي ڪري، پاڻ پنهنجو وقت حويليءَ ۾ گذارڻ لڳو. مـُـهر واري منڊي به پنهنجي چيچ مان لاهي، ڀاءُ جي سپرد ڪري ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ ته گويا ملڪ جو مالڪ ۽ مختيار ئي يوسف ٿي ويو، جيڪو بقول ميرڪ يوسف انتها درجي جو سفاڪ، ظالم ۽ بي رحم هو، حجاج بن يوسف جهڙو ظالم اظلم به سندس ادنيٰ شاگرد ٿي سونهيو-

”ميرزا يوسف نام برادر همراه داشت ڪه حجاج بن يوسف در ظلم ادنيٰ شاگرد او خواهد بود.“ (1)

احمد بيگ ڪڏهن ڪڏهن رات جو حويليءَ مان نڪري ٻاهر اچي ڪچهري ڪندو هو، جنهن ۾ به زياده وقت ويٺو ڀاءُ سان ڳالهائيندو هو: سرڪاري ڪچهري هميشـه يوسف جي گهر ۾ ٿيندي هئي. جيڪي ظلم راڄ ۽ رعيت، اربابن ۽ شريفن تي ٿيندا هئا، انهن جي نه خبر احمد بيگ تائين پهچندي هئي، نه وري مظلوم ئي خوف کان ڪا دانهن ڪوڪ ڪندا هئا. ميرزا يوسف جي طريقه ِّ ۽ مظالمن جو جيڪو تفصيل ميرڪ يوسف ڏنو آهي، سو از حد دلچسپ آهي:

... روزانو ماڻهن کي گهرائي خوامخواه دُرا هڻائيندو هو. ان وقت سراز موجود رهندو هو ته جيئن جيڪو دُرو ڇڄي پوي، هو ان کي ڳنڍي، اُتي جو اُتي سڄو ڪري ڇڏي. ڪنهن کي سئو درا ڪنهن کي ٻه سئو درا هڻائيندو هو. حق ناحق جو پتو ڪونه هو.

... رات جو جڏهن احمد بيگ اچي ڪچهري ڪندو هو، تڏهن ان جي سامهون به ماڻهن سان اها عقوبت پيئي ٿيندي هئي.

... دُرن لڳندي جيڪو ماڻهو مري ويو، اهو چئي پنهنجي ڀاڳن کي. ميرزا يوسف کي ان جي ڪا پرواهه نه هئي، ته ڪير ٿو مري ۽ ڪير ٿو بچي.

... جنهن ماڻهوءَ لاءِ ٻڌندو هو ته مالدار آهي، ان تي ڪـُـوڙو الزام رکي، پاڻ وٽ گهرائي، درا هڻائي، سندس سمورو مال ضبط ڪندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ مرد ته ٺهيو، پر جيڪڏهن ڪنهن عورت لاءِ اهڙي خبر پوندي هيس، ته ان کي به گهرائي، ساڳي سزا ڏيئي، سندس ڳهه ٽپڙ ضبط ڪرڻ ۾ شرم يا حياءُ محسوس نه ڪندو هو.

... جتي جتي ۽ جنهن جنهن وٽ معلوم ٿيندو هوس ته اُٺ آهن، اُهي به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ضبط ڪري پنهنجي وَڳ ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو.

... رستن ۽ درياءَ جي گهيڙن تي سوار ويهاري ڇڏيا هئائين جيڪي ايندڙن ويندڙن کان محصول ۽ چٽيون چوريون وصول ڪندا هئا. ڪوبه ماڻهو راهداريءَ کان سواءِ اچي وڃي نه سگهندو هو، ۽ هر راهداريءَ تي مختلف قسمن جو محصول ورتو ويندو هئو، انهيءَ ڪري ماڻهن جي اچ وڃ، وڻج واپار، ڪم ڪاريون سڀ بند ٿي ويا.

... درياءَ ۾ اوڀارن خواهه لهوارن ٻيڙن لاءِ پڻ راهداري مقرر ڪيائين، ڪابه ٻيڙي، جيڪا سندس حد ۾ داخل ٿئي، سا ضرور ڳري رشوت ڏيئي، راهداري حاصل ڪري.

... سوداگرن جي ٻيڙن سان خاص آزار هو. ڏينهن جا ڏينهن مال سميت ٻيڙيون روڪيون پيون هونديون هيون. سوداگرن کي مجبور ڪندو هو ته مال سندس مقرر ڪيل قيمت تي سيوهڻ جي شهر ۾ وڪڻن. انهيءَ آزار کان سوداگر ميرزا يوسف کي ڳريون رشوتون ڏيئي، پنهنجون ٻيڙيون ڇڏائي ويندا هئا.

... رشوت وٺڻ بعد به سوداگرن جي سامان ۾ جيڪي شيون کيس پسند پونديون هيون، سي گهڻو ڪري مفت ورنه نالي ماتر قيمت تي کانئن ڇڏائيندو هو.

... سوداگرن کان پيسا وصول ڪرڻ بعد، کين، سندن مال ۽
مير بحرن کي اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏيندو هو. انهن ٻيڙن ۾ جيڪي مسافر هوندا هئا، انهن کي روڪي، کانئن جدا رقمون جبراً وصول ڪندو هو. انهن مسافرن مان گهڻو ڪري سڀني کي سندس درا سـَـهڻا پوند هئا.

... چورن جي وڏي پاٿاري ٺاهي هئائين، جن جي ذريعي چوريون ڪرائي، مال حاصل ڪندو هو، انهيءَ ڪري سيوهڻ ۾ سوين چور پيدا ٿي پيا، جيڪي رات ڏينهن پيا لٽ ڦر ڪندا هئا. کين ڪنهن جي پرواهه ڪانه هئي، ۽ ڪنهن جو به مال ملڪيت ۽ عزت سلامت ڪانه هئي.

... بنگال کان جواگير (جواري) گهرايائين، جيڪي سيوهڻ جي شهر ۾ کلم کلا چؤنڪن ۽ گهٽين ۾ ويٺا راند ڪندا هئا، ۽ ماڻهن جا کيسا خالي ڪرائي آخر ۾ کانئن لٽا ڪپڙا به لهرائي وٺندا هئا. چورين ۽ جوا جي پيداوار روزانو وٽس پهچندي رهندي هئي.

... شهر جي شريفن، نيڪن ۽ عابد زاهد ماڻهن کي بي عزت ڪرڻ ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر ۾ هڪ قلعي ٺهرائڻ جو پروگرام رٿيائين، ۽ حڪم ڪيائين ته سيوهڻ جا معزز ماڻهو پاڻ مٿي تي سرون کڻي اچي اهو قلعو ٺاهين، گارو گـچ به پاڻ ٺاهين، ۽ تغاريون به پاڻ مٿن تي کڻن. جيڪي پوڙها يا معذور پاڻ ڪم ڪري نه ٿي سگهيا ۽ پنهنجي جاءِ تي مزدور وٺي ٿي آيا، تن سان سخت بي عزتيءَ سان سلوڪ ڪري، کانئن زوريءَ ڪم ٿي ورتائين.

... قاضي عبدالواحد، جيڪو سامتاڻي شهر جو قاضي، ۽ نهايت ئي معزز ماڻهو هو، ان تي ڪوڙو الزام رکي، کانئس هڪ سئو رپين جو دستاويز لکرائي ورتائين، ۽ اهو دستاويز وري هڪ نهايت ذليل ماڻهوءَ ابراهيم بلوچ، کي وڪڻي ڏنائين. هڪ ڏينهن ٻنهي کي گهرائي، عام ڪچهريءَ ۾ وصوليءَ لاءِ درا هڻائڻ شروع ڪيائين. سندس ماڻهو ابراهيم کي درو هڻي چيو ٿي ته پيسا ڏئي، ۽ ابراهيم وري قاضي صاحب کي چهبڪ هڻي کانئس ساڳي طلب ٿي ڪئي. سيوهڻ جي ماڻهن لاءِ اهو ڏينهن ڪاريءَ قيام جو هو. شريف رنا ٿي، ۽ ذليل کليا ٿي.

... چغلخورن جو هن هڪ وڏو گروهه تيار ڪيو هو، جن جو نالو هـُـن ”حقيقت دان“ رکيو هو. انهيءَ ٽولي جو رات ڏينهن اهو ڪم هو ته جاسوسي ڪندا وتن ۽ خوامخواهه شريفن، غريبن ۽ بيگناهن تي چغليون هڻي، عام دربار ۾ سندن پٽڪا لهرائي، کين خوار خراب ڪن. انهيءَ ٽولي ته سڄي ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو.

... فصل تي، پنهنجا ڇاڙتا موڪلي، بي واجبي داڻبندي ڪرائي، ڍل لاڳو ڪرائيندو هو. جڏهن ڪڙمي ٻنهي سرين فصل ڏيڻ بعد به بي واجبيءَ واري ڍل پوري ڪري ڪونه سگهندا هئا، تڏهن سندن مال ملڪيت ۽ ڍور ڍڳا ضبط ڪيا ويندا هئا.

... هڪ دفعي بيٺل فصل آسماني آفت سبب ناس ٿي ويا، ان هوندي به ميرزا يوسف ڪاردار موڪلي، ماڻهن تي ڍل لاڳو ڪرائي. رعيت تي گذريل بقايا ئي ڪافي چڙهيل هئي، ويتر جو هيءَ نئين مصيبت ڏٺائون سو رات ڏيئي وٺي ڀڳا. صبح جو ميرزا جو لشڪر ڳوٺن ۾ ويو، جنهن سندن مال، ڍڳا ڍور ۽ گهرن جو سمورو سامان وڃي لٽيو.

... انهن مظالمن جو نتيجو اهو نڪتو، جو سمورو ملڪ برباد ٿي ويو. زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون ۽ شهر ويران ٿي ويا، ۽ ائين معلوم ٿي ٿيو، ڄڻ ملڪ مان ڪو راڪاس گهمي ويو آهي.

... جڏهن احمد بيگ ڪاروبار سندس حوالي ڪيو، ان وقت سڀ کان پهريون ميرزا يوسف اهو حڪم ڪڍيو ته سندن جاگير ۾ سيوهڻ جا جيڪي ڏهه پرڳڻا هئا، انهن ۾ چوپائي مال جي شماري ڪئي وڃي، ۽ هر هڪ ڍور تي سرڪاري نشان هنيو وڃي. ڍورن تي داغ ڏيڻ اهو دستور جهانگير جي زماني کان ئي اڳ سنڌ ۾ معاف ٿيل هو، ليڪن شاهي حڪم ۽ عام دستور کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلائيندي، هن زوريءَ اهو رواج نئين سر جاري ڪيو.

... ساڳئي وقت هن ملڪ جي سڀني عاملن کي، سواءِ ڪنهن قصور يا حساب جي قيد ۾ وجهي ڇڏيو. ۽ جيڪي باراني يا معافيءَ جون زمينون ايامن کان هلنديون ٿي آيون، سي پڻ ضبط ڪري، هن ڍل ۾ آڻي ڇڏيون.

... اهو حال ڏسي، بهاء الدين پنهور جهڙا معزز ارباب راتو رات ڳوٺ ڇڏي هليا ويا. ميرزا يوسف بهاء الدين جي ٻن دشمن پنهورن: ارباب علي ۽ ارباب دادوءَ کي سندس خلاف هوا ڏني، جن 41 ماڻهو وٺي بهاء الدين جي ڳوٺ اڪبر آباد تي حملو ڪيو، ته جيئن سندس مال ملڪيت تي وڃي قبضو ڪن. بهاء الدين اهو ٻڌي، پنهنجن همراهن ۽ ٽڪر جي ماڻهن سميت اچي واردات تي پهتو، ۽ وڏيءَ خونريزيءَ بعد هن سڀني مخالفن کي قتل ڪيو. ميرزا يوسف انهيءَ جي عيوض وري انهيءَ حد جي سڀني بي گناهه ۽ بي واسطي اربابن، مقدمن، پٽوارين، قانون گوين ۽ گماشتن کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو.


(1)  ”مظهر“ ص. 2/321.

(1) مظهر ص. 1/324.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/325.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/327 + ص. 2/374.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/336.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org