”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته:
”مسجد عالي قصبه بکر اساس گذاشته او ست.“
(1)
اها مسجد هـُـن پهرئين دفعي واري قيام وقت بکر ۾
ٺهرائي.
”ذخيرهِ الخوانين“ جو مصنف جنهن جو والد، شيخ
معروف بکري، مير صاحب جو گهاٽو دوست هو، زياده
تفصيل سان لکي ٿو:
”مسجد عالي جامع در قصبه سکر در عين رسيده، بازار
بنا نمود ڪه اساس او در سالهاي دراز خواهد بود، و
در قصبه لوهري و قصبه سکر مسجد عيد گاهه هم بنا
ڪرده است.“
(2)
مٿينءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هيٺيون عمارتون
مير صاحب ٺهرايون:
(1) جامع مسجد، نهايت عاليشان بکر ۾ تعمير
ڪرايائين،
(2) عاليشان، مضبوط ۽ پائدار بازار بکر ۾
جوڙايائين،
(3) هڪ عيد گاهه سکر ۾، ۽
(4) هڪ عيد گاهه روهڙيءَ ۾ راس ڪرايائين.
اهي سڀ جايون زماني جي الٽ ڦير ۾ ناس ٿي ويون. بکر
جو سڄو شهر اڄ صفا پٽ نظر اچي ٿو. قلعي جون ڪجهه
ديوارون، مخدوم نوح بکري ۽ شيخ ابوالمغيث جي روضي
کان سواءِ ٻي ڪابه عمارت انهيءَ سر زمين تي موجود
نه آهي.
بسيارخوري:
مير صاحب جي ذاتي اوصافن مان سڀ کان زياده عجيب و
غريب وصف سندس بسيارخوري آهي، جنهن کي تاريخ
پنهنجي ورقن ۾ محفوظ ڪري، رهندڙ دنيا تائين شهرت
ڏيئي ڇڏي آهي. لکيو ويو آهي ته هو کائڻ جو تمام
شوقين هو. ميوو خاص طرح گهڻو ۽ ڏاڍي ذوق سان
واپرائيندو هو. هن پنهنجا خاص باغ سنڌ جي قديم
دارالسلطنت اروڙ جي ويجهو رکرايا هئا، جتان روزانو
وٽس ميوو پهچندو رهندو هو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي
ته:
”گويند اشتها بسيار داشت، هزار انبه و هزار سيب
شڪري، و دو خربوزه يڪ يڪ مني مي خورد."(1)
يعني هڪ وقت تي هزار انب، هزار صوف ۽ به خربوزه،
هر هڪ هڪ مڻ جو، کائي ويندو هو. ”ذخيرة الخوانين“
جي مصنف به ان جي تصديق ڪئي آهي.(2)
سندس فرزند، ميرڪ يوسف، لکي ٿو ته:
”خرپزهاءِ نيه بدره
(3)
(؟) راڪه در چار ڪروهي اين صفه (قبرستان) واقع است
بغايت خرپزهاي ولايتي آنجا خوب مي شوند، صرف مي
ڪرد، و خرپزهاي سرآمد را بخدمت حضرت عرش آشناني،
ميفرستاد، و حضرت بادشاه خوش ڪرده تناول ميفرمود“.(4)
- يعني، سندس قبرستان کان 4 ڪوهه (ڏکڻ ۾) نيه بدره
جي ڳوٺ ۾ سندن باغ هئا، جتان جا خربوزا بيحد مٺا ۽
خوش ذائقي ٿيندا هئا. پاڻ به مجلسون ڪري اُهي
کائيندو هو ۽ بادشاهه سلامت ڏانهن به سوکڙي ڪري
اماڻيندو هو، ۽ اهي اهڙا ته لذيذ هئا، جو بادشاهه
به نهايت چاهه سان واپرائيندو هو.
اولاد:
”ذخيرهِ الخوانين“ جي مصنف، مير صاحب جي
بيسارخوريءَ جو ذڪر ڪندي، اهو به لکيو هي ته هو
ڪثيرالاولاد هو:
”و پسران نيز بسيار بهم رسانيد ...“ ص 119.
”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته:
”ڪثير الاولاد بود، و بيست و دو پسر داشت.“
(1)
جهانگير ”توزڪ“ ۾ سندس پٽن جو تعداد ٽيهه لکيو
آهي، ۽ چوي ٿو ته ”انهيءَ قسم جا ڪثير الاولاد
ماڻهو تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ جيڪڏهن سندس نياڻين
جو تعداد ڪيو وڃي ته اهو به پٽن جي اڌ جيترو
ٿيندو“
(2) -يعني تقريباً پندرنهن.
مؤرخن، سندس چئن پٽن جا نالا ڏنا آهن:
(1) مير ابوالبقا امير خان،
(2) ميرزا ڪشميري،
(3) مير حسام الدين، ۽
(4) ميرزا يدالله.(3)
ڀانئجي ٿو، ته مؤرخن انهن فرزندن جا نالا لکيا
آهن، جن کي هنن ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان قابل ذڪر
سمجهيو، ۽ باقي نالا حذف ڪري ويا. ”مظهر شاهه
جهاني“ جو مصنف، ميرڪ يوسف، به سندس قابل ذڪر ۽
قابل قدر پٽ هو ليڪن ڪنهن به مؤرخ سندس نالو ڪونه
لکيو ۽ نه سندس ڪتاب جو ڪٿي حوالو ڏنو، ۽ انهيءَ
ڪتاب جي ذريعي اسان کي هن جي ٻن وڌيڪ پٽن جا نالا
مليا آهن:
(5) ميرڪ يوسف، ۽
(6) مير لطف الله.(1)
هيٺ سندس پٽن جو اسان مختصر ذڪر ڪريون ٿا.
ميرزا ڪشميري:
مير صاحب جي هن پٽ لاءِ لکيو ويو آهي ته خسرو جي
بغاوت وقت هو سندس هم رفيق هو. خسرو جڏهن گرفتار
ٿيو، ته ميرزا ڪشميريءَ کي خصي ڪرايو ويو. ”ماثر
الامرا“ ۾ آهي ته:
”آلت رجوليت او را حسب الحڪم بريدند.“
(2)
اهو واقعو 1015 هه جو شروع ۾ ٿيو هوندو.
ميرزا حسام الدين:
”ذخيره“ ۾ فقط هن لاءِ هيترو لکيل آهي:
”ترقي بسيار ڪرد و در جواني در گذشت.“
(3)
”ماثر“ به ساڳي عبارت نقل ڪئي آهي:
”ترقي ڪرده، در جواني گذشت.“
(4)
ميرزا يدالله:
هن کي ڪوبه سرڪاري منصب حاصل نه ٿيو. خان جهان
لوڌيءَ جي ملازمت ۾ زندگي بسر ڪيائين. پنهنجا
ڏينهن عزت ۽ آبرو سان گذاري ويو. ”ذخيره“ ۾ آهي:
”بغاوت معزز بود، اما قابليت نداشت.“
(5)
مير لطف لله:
مير جو مفصل ذڪر ڪونه ٿو ملي. ميرڪ يوسف ”مظهر
شاهه جهانيءَ“ فقط سندس نالو کنيو آهي.
مير ابوالبقا ۽ ميرڪ يوسف:
هنن ٻنهي صاحبن جو ذڪر اسان جدا بابن ۾ اڳتي هلي
ڪندا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي اهم شخصيتون ٿي گذريون
آهن.(1)
مير صاحب کي پٽن وانگر نياڻيون به گهڻيون هيون،
ليڪن قديم تاريخ نويسيءَ جي رسم رواج موجب سندس
نياڻين جي اولاد جو ڪٿي به ذڪر ڪونه ڪيو ويو آهي.
”ذخيرهِ الخوانين“ ۾ فقط سندس هڪ ڄاٽي جو ذڪر ملي
ٿو:
”جميل بيگ ولد ناش بيگ ڪابلي داماد مير ابوالقاسم
نمڪين بود، در جنگ راج باسو ڪانڪره شهيد شد.“
(2)
صاحب ”ذخيره الخوانين“ سندس سلسلي ۾ هڪ عجيب روايت
لکي آهي. چوي ٿو ته:
”مردم معتبر حڪايت از و دارندڪه بعد از مردن بهيئت
اصل بخانهِّ خود مي آمد، با منڪوحه خود چنانچه در
حين حيات خروج و دخول بود، مي ڪرد، درين باب مقبول
دلها بسيارند، والعلم عندالله.“
(3)
شهادت بعد سندس والد، تاج خان (تاش بيگ ڪابلي)،
”ڪلان نور“ ۾ سندس خوبصورت مقبرو ٺهرايو، ۽ مٿس
پنهنجي هٿ سان ڪتبو لکي لڳايائين، پاڻ به مرحوم
فوت ٿيڻ بعد ان ۾ دفن ٿيو.
ڏوهٽا:
مير ابوالقاسم جي انتقال بعد، بکر ۾، سندس عزيز،
ڏوهٽا ۽ پوٽا قيام پذير رهيا، ۽ مير علي شير
”قانع“ جي زماني (1181 هه) تائين به ڪي افراد
موجود هئا. ”تحفـه الڪرام“ ۾ مير صاحب لکي ٿو ته:
”بني اعمام ايشان (امير خان) الموسوم به قاسم
خانيان، خانداني بوفور لياقت گذشته، بيشتر به ذي
منصبداران زيستند.“
(1)
انهن مان ڪن جا نالا مير ”قانع“ ڏنا آهن-
مير محمد رحيم: نمڪين جو ڏوهٽو هو، کيس هڪ پٽ هو،
مير محمد ڪريم، جنهن لاء ”قانع“ لکي ٿو ته:
”بقدم ابا متصف، به اخلاق حسنه گذشته، آثاري
نماند.“
(2)
مير ابوالنصر: نمڪين جو ڏوهٽو هو، بزرگاڻي وضع قطع
سان رهيو، سندس مزار خانداني قبرستان (صفهِّ صفا)
۾ موجود آهي، جنهن تي ڪتبو آهي:
”وفات يافت چو مغفور ....... ميرزا ابوالنصر
بتاريخ ..... شهر ذي الحج 1045 هه.“
کيس مير شيرافگن نالي هڪ پٽ هو، جنهن پڻ پنهنجي
والد وانگر بزرگاڻي زندگي بسر ڪئي. ان کي هڪ پٽ،
مير محمد عابد هو، جيڪو لا ولد فوت ٿيو.
مير محمد اسلم: مير نمڪين جو ڏوهٽو، جنهن لاءِ مير
”قانع“ جو قول آهي ته:
”بڪما انسانيت زيست ڪرده.......
ان جو پٽ، مير محمد قابل، نيڪ زندگي گذاري لاولد
فوت ٿيو.
مير محمد نعيم: مير نمڪين جو ڏوهٽو، جنهن لاء
”قانع“ جو قول آهي ته:
”دروقت خود بقدم اسلاف گذشته.“
سندس پٽ، مير محمد صالح عرف مير قلندر، ”قانع“ جي
زماني ۾ موجود هو. مير ”قانع“ لکي ٿو ته:
”... اڪنون يادگار تمام خاندان است و بس...“
مير علي شير ”تحفـه الڪرام“ سال 1181 هه ۾ لکي ختم
ڪيو، گويا انهيءَ زماني ۾، قاسم خاني ساداتن مان
فقط اهو هڪ بزرگ بطور يادگار باقي هو.
هلال خان خواجه سراء :
هن خواجه سراء جو ذڪر خسروءَ جي گرفتاريءَ جي
سلسلي ۾ اچي چڪو آهي. اڪبري دور جو امير ڪبير هو.
ابتدا م ”مير توزڪ“ جي عهدي تي فائز ٿيو، جنهن بعد
رفته رفته اعليٰ منصب تي وڃي رسيو. آگري جي قريب
سندس مستقل جاگير هئي، جنهن جي ”رنگته“ ڳوٺ ۾ هن
هڪ مضبوط قلعو ۽ پڪي سراءِ بطور يادگار جي جوڙائي،
ان جو نالو ”هلال آباد“ رکيو- اهو ڳوٺ آگري کان
چئن ڪوهن جي مفاصلي تي هو.
هلال خان خواجه سراء ابتدا ۾ مير ابوالقاسم جو
غلام هو، بعد ۾ ترقي ڪري اڪبري اميرن ۾ وڃي شامل
ٿيو. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي ته:
”خواجه هلال نام خواجه سرائي ڪه در ابتدا غلام
قاسم خان نمڪين بود، وپس در ملازمت جنت مڪاني
انسلاڪ يافت“
(1).
”ذخيره“ ۾ سندس ذڪر سعيد خان جي ضمن ۾ (ص 115) به
آيو آهي، ۽ جدا به سندس سراغ (ص 429 تي) ڏنو ويو
آهي. مصنف سندس ڏاڍي تعريف ڪئي آهي: بيحد خرچائو ۽
ڪشاده دل امير هو، دعوتن کائڻ ۽ کارائڻ جو شوقين
هو، ۽ هڪ عاليشان محل تيار ڪرائي هئائين، جنهن ۾
فقط دوستن جون دعوتون ڪندو هو، هڪ دفعي دعوت
کارائي، سمورو محل سڄي سامان سميت سعيد خان چغتائي
کي ڏيئي ڇڏيائين.(1)
علمي يادگار:
مير صاحب جي علمي لياقت ڇا هئي، ان لاءِ اسان کي
ڪابه مفصل حقيقت دستياب نه ٿي سگهي آهي. ميرڪ يوسف
جي تاريخ (”مظهر شاهه جهاني“) مان معلوم ٿئي ٿو،
ته مير صاحب عالم، فاضل، اديب، علم دوست ۽ علم
پرور هو، هميشـه سندس مجلس ۾ اهل علم ۽ اهل ڪمال
رهندا هئا، جن کي پاڻ وظيفا، روزينا ۽ ٻيا انعام
اڪرام ڏيندو هو. ميرڪ يوسف هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”بمردم
علماء و فضلا ء دوست مي داشت، چنانچه روش مدد معاش
درين ملڪ او پيدا ڪرد، ڪه اڪثر علم و اهل افضل اين
ديار را در دور عرش آستاني از طرف خود روزيانه
ڪرده، و بار برداده، همراه خود برداشته، بخدمت
مغفرت پناه ميران صدرجهان رسيده، تجويز هر ڪدامي
را فرا خور دانش او، فرامين درست ڪنانيده، خرچي
راه داده، بسهوان، مرخص نمود.“
(2)
بکر واريءَ عمارت ”صفه صفا“ تي چانڊوڪين راتين ۾
اديبن ۽ عالمن سان مجلس آرائي ڪرڻ جو ذڪر ميرڪ
يوسف به ڪيو آهي، ۽ ”ماثر الامرا“ به ان جي تصديق
ڪئي آهي:
در شبهاي ايام بيض اڪثر در آنجا ميگزرانيد و با
اهل فضل مجلس داشته.“
(1)
جڏهن سيوهڻ ويو، ته اتي به ساڳيءَ طرح ”صفه صفا“
ٺهرائي، ان تي مجلسون منعقد ڪيائين:
”در شبهاي ايام بيض اڪثر آنجا ميگزرانيد، و
خرپزهاي موضع نار را با مردم علما و فضلا و سپاه
بزم ميداشت“
(2).
سندس خاص ملازمت ۾ به ڪي ئي ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي
علم ۽ ادب ۾ برک هئا- مير عطاءُ الله مشهديءَ جو
ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، هيءُ سندس خاص ماڻهو هو، ۽
اديب، شاعر ۽ خطاط هو.
علم دوستيءَ ۽ ادب پروريءَ جي گڻ کان سواءِ اسان
کي اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب پاڻ به نظم
خواهه نثر ۾ استاد ۽ ڪامل هو، انشاء ۽ خط ۾ به کيس
انتهائي ڪمال حاصل هو- چنانچه ”ذخيرهِ الخوانين“
جو مصنف شيخ فريدي بکري نظم ۽ خط ۾ سندس شاگرد هو.
هو پاڻ لکي ٿو ته جنهن وقت مرحوم مير صاحب بکر ۾
منصبدار هو، ان وقت هـُـن نظم ۽ خط ۾ وٽانئس تعليم
ورتي:
”در جاگيرداري بکهر تعليم نظم و خط راقم اين مسوده
ازان مرحوم ڪرده.“
(3)
انهيءَ اشاري کان سواءِ اسان کي ٻئي ڪنهن به تاريخ
۾ مير صاحب جي علم و فضل متعلق ڪجهه ڪونه ٿو ملي.
نظم خواهه نثر جو نه ڪو نمونو ڏنل آهي، ۽ نه ڪٿي
سندس ڪنهن تصنيف جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
اتفاق سان هڪ دفعو انڊيا آفيس جي فارسي مخطوطات جي
فهرست
(1) ڏسندي، فن انشاء ۾ مير صاحب جي هڪ ضخيم
تصنيف جو پتو پئجي ويو، جنهن جو مفصل ذڪر هيٺ
ڪريون ٿا:
منشئات النمڪين:
هيءُ ڪتاب انڊيا آفيس ۾ 1535 نمبر تي موجود آهي.
ڪتاب ۾ 412 ورق آهن، هر صفحي تي 23 سٽون آهن.
تقطيع
103/4x7
آهي. سرورق طلا ۾ ميناڪاريءَ سان مزين آهي. ڪاتب
جو نالو ”ابن موريه، عثمان“ جنهن 14 جمادي الاول
1012 هه (20 آڪٽوبر 1603ع) جي ڪتابت ختم ڪئي. اهو
نسخو اصل مصنف جي ذاتي نسخي تان نقل ٿيل آهي، ۽
پهريون دفعو ان جو مقابلو قاضي جعفر ۽ مولانا
اسماعيل مفتيءَ 17 جمادي الثاني 1012 هه مطابق 22
نومبر 1603ع تي ڪيو. خط نسخ ۾ ان جي ڪتابت ڪئي
ويئي آهي.
مير نمڪين ڪتاب 23 شعبان 1006 هه (44 سال اڪبري)
(31 مارچ 1598ع) ۾ ختم ڪري، پنهنجي ولي نعمت اڪبر
بادشاهه جي نالي تي معنون ڪيو. ڪتاب اٺن بابن ۽ هڪ
خاتمي تي مشتمل آهي، ۽ هر هڪ باب جا عنوان هي آهن:
(1) در ابتداي صنعت ڪتابت و ذڪر ابتداي مڪاتيب
باسماءِ الله تعاليٰ (ٻه فصل).
(2) در ترقيم فرامين و مناشير سلاطين عدالت آئين و
اَجـُـوبـَـه لطائف تزئين آنحضرات (15 فصل).
(3) در تحرير ادعيه و صفاتيه و آئينه و فرديه و
صحائف و مڪاتيب (13 فصل).
(4) در ترسيم عرائض (سواليه و جوابيه ) (2 فصل).
(5) در تسطير صحائف مرشد و مسترشدين و والدين، و
اساتيذ و اخوهِ و اخوات و اواد، و در گله مندي و
شکايت از عدم مراسله و مايتعلق بها (3 فصل).
(6) در تنميق صحائف تياني و تعازي (2 فصل).
(7) در تصدير قبالات و تمسڪات و نڪاح و طريق بستن
نڪاح و سجلات شرعيه و غيرآن (2 فصل).
(8) دربيان ارتسام صحائف قبل الملاقات و بعديه و
مطايبا مضحڪه و متفرقات (3 فصل).
”خاتمه- در تنميق مسائل بناي مسلماني و سبب وجوب
نماز و نيت آن و آداب و قرات آن و ڪيفيت نماز
عيدين و خطبات جمع و عيدين و نماز استسقا و خطبه و
ادعيه ِّ ڪسوف و خسوف، الخ.“
ڪتاب جو آغاز هن طرح ٿئي ٿو:
”زيبا ترين نگاري ڪه منشيان فصاحت التما خال چهرهء
صحيفه سخن گردنند و خوبترين نقشي که مترسلان بلاغت
انتساب زيب رخسار مجموعه انشا ڪنند، الخ.“
مير صاحب اها تصنيف انتقال کان 12 سال اڳ لکي.
انڊيا آفيس وارو نسخو تصنيف کان 6 سال پوءِ ۽ مير
صاحب جي انتقال کان 6 سال اڳ نقل ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر ايٿي ”نمڪين“ جي لقب کي محض تخلص سمجهيو
آهي، ۽ ان جي معنيٰ
the witty
يعني ”ظريف“ سمجهي آهي. معلوم ٿئي هو ته ڊاڪٽر مير
صاحب جي؟ تحقيق نه ڪئي آهي.
مير صاحب جي هڪ تحرير:
منهنجي عزيز ۽ فاضل دوست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
مون کي هڪ بياض ڏيکاريو، جنهن ۾ مير ابوالقاسم
نمڪين جي نالي سان هڪ تحرير درج آهي. بياض جي
ڪاتب، ٺٽي جي مشهور شاعر ميان غلام علي ”مداح“،
اها تحرير مير صاحب جي ڪنهن مسودي تان نقل ڪئي
آهي. ميان ”مداح“ جي بياض جو نالو ”گوهر منظوم“
آهي. تحرير جي عبارت هيٺينءَ طرح آهي:
نقل مسوده نواب غفران پناه سيادت ماب ميرابوالقاسم
نمڪين ...... صلواهِ الله عليه اعظم اسماءِ عليم
حليم- بسم الله الرحمان الرحيم- بعد حمد الذي لا
مقصد الاهو- والصلوهِ والسلام عليٰ نبيه الذي لا
نبي بعد- اي فرزند عزيز از جاهلان پريشان روزگار،
و از ابلهان نادان بدڪردار، اجتاب بايد نمود، ڪه
آشنائي و صحبت با ايشان همچون زهر قاتل است، خانه
دگر را ابتر و تاريڪ سازد و چراغ عقل را بي نور.-
فرد،
هم نشين تو، از توبه بايد
تا ترا عقل و دانش افزايد
و همنشين اهل علم و ارباب دانش و صلاح بايد بود، و
بڪسب ڪمال بايد ڪوشيد. - فرد،
ڪسب ڪمال ڪن ڪه عزيزي جهان شوي
ڪس بي ڪمال هيچ نيزد عزيز من
وترڪ تن پرستي و ڪاهلي نموده امر معروف و نهي منڪر
بجا بايد آورد، و از اوقات گذشته ضايع ڪرده خود
متاسف و متلهف و پشيمان بوده، توبه نصوح بايد ڪرد،
ڪه ”التائب من الذنب ڪمن لا ذنب له، و از سر انصاف
تامل بايد ڪرد ڪه از مدن برين عالم مقصود چيست ڪه-
وَ مـَـا خلقت الجن وَلانس اِلاليعبدون“ اي يعرفون
- و از ڪجا آمده شده و باز بڪجا رفتني و به ڪه ڪار
افتادنيست، و نيز ببايد دانست ڪه حڪومت ڪار عظيم و
خطرست، داد مظلومان داده بزيرستان ترحم بايد ڪرد،
ڪه ”ڪلڪم راع و ڪلڪم مسئول عن رعيته“ ...... و
بفقراءِ و مساکين نموده، صله ِّ رحم و حق همسايه
رانگاه بايد داشت، و حتي الامڪان در خلا و ملا و
صحبت و خلوت از ذڪر خداي جل و علا غافل و واهل
نبايد بود، ”افحسبتم انما خلقنا ڪم عبثا و انڪم
الينا لا ترجعون“. - فرد،
نقد عمري ڪه نداري بدلش صرف مڪن
جز بسوداي نگاري ڪه ندارد بدلي
و همنشين مرگ را درپيش نظر بايد دانست، چراڪه
...... يعني ڪه غدار ناپائدار آدمي را مست لا يعقل
مي سازد، و شيطان يعني بوسوسه براه بد مي برد. پس،
بالضرورت خود را بابت (؟) بايد گذاشت، ڪه از شر آن
مغشني (؟) ثابت مانده بڪار آخرت توان پر داخت، ڪه
آن ذڪر برد وام و حضور قلب است.- فرد،
امروز روز فرصت، فرادست روز غوغا
عاقل ڪسي ڪه سازد امروز ڪار فردا
والسلام عليٰ من اتبع الهديٰ!
مٿيون قيمتي اقتباس معلوم نه آهي ته ميان غلام علي
”مداح“ مير صاحب جي ڪهڙي مسودي تان نقل ڪيو.
انهيءَ اقتباس ۾ جيڪي بزرگاڻيون نصيحتون موجود
آهن، سي نه فقط هر هڪ انسان لاءِ مفيد آهن، بلڪ
انهن مان خود مير صاحب جي بلند اخلاق ۽ طبعيت جي
پاڪ صاف رجحان ۽ فطرت جي ميلان جو اندازو ڪري
سگهجي ٿو.
|