سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 25

 

 

صفهء  وفا

”صفهء  صفا“ (ستين واري ٿان) جي مقابلي ۾ نموني تي مير نمڪين سيوهڻ ۾ به هڪ پهاڙيءَ تي اهڙي عمارت ٺهرائي هئي، ۽ جڏهن سيوهڻ جو صوبيدار ٿي ويو، ان وقت انهيءَ صفه تي به ساڳئيءَ طرح چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آرائي ڪندو هو، گدرن کائڻ جو شوق ڪندو هو، ۽ ساڳئي نموني عالمن ۽ اديبن سان ادبي ڪچهريون ڪندو هو. مير يوسف ”مظهر شاهه جهانيءَ“ ۾ سيوهڻ جا حالات بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”سيوهڻ کان هڪ ڪوهه پنڌ تي، ٺٽي جي رخ ڏانهن هڪ پهاڙ آهي، جنهن جي ڊيگهه ٽي ڪوهه ۽ موڪر اڌ ڪوهه ٿيندي، ان کي سنڌي زبان ۾ ‘يڪ ٿنبي’ سڏين ٿا، ان ۾ هڪ عمارت ٺاهي ويئي آهي، جيڪا ستون تي بيٺل آهي، ان لاءِ مشهور آهي ته اتي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي جلوه گاه آهي. انهيءَ ئي پهاڙ تي، مير نمڪين بکر واري ‘صفه ِّ صفا’ جي نموني تي، هڪ صفحو ٺهرايو، جنهن جو نالو ’صفهء صفا‘ رکيائين.“

- ”بر بالائي اني ڪوهه نيز پير غلام (مير نمڪين) مثل صفه ِّ ڀڪر صفه ساخته، و ”صفهء وفا“ نام نهاده، در شبهاي ايام بيض اڪثر آنجا ميگذرانيد، و خر پزهاي موضع نار را با مردم علما و فضلا و سپاهه بزم ميداشت، تا هال ڪ سن 1044 هه است آن صفه برجاست“. (1)

مير نمڪين کي گدرن جو ڏاڍو شوق هو، بکر واري ”صفه ِّ صفا“ تي به راتين جون مجلسون گدرن جي شغل ۾ بسر ڪندو هو، ۽ ساڳيءَ طرح سيوهڻ واري ”صفه ِّ صفا“ واريون محبتون به گدرن جي ذريعي گرم رکندو هو. انهيءَ ٽڪر جي قريب، نار نالي ڳوٺ ۾، اروڙ جي ڳوٺ نيه بدره وانگر گدرن ۽ هنداڻن جا باغ پوکرايا هئائين، جتان جا گدرا ۽ هنداڻا انهن مجلسن ۾ واپرائيندو هو.

اها عمارت اڃا تائين موجود آهي، ۽ ان جي تصوير هتي ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ ’يڪ ٿنڀي‘ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

 

اميرخاني قبرستان - مڪلي

مڪليءَ جي قبرستان ۾ امير خاني ساداتن جو هيءُ قبرستان تمام زبون حالت ۾ آهي. عمارتن جي ساخت ۽ بچيل آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن ماضي نهايت دلڪش ۽ شاندار هو. هن وقت سواءِ چند قبرن جي ٻيون سڀ ڊٺيون پيون آهن، ۽ مزارن جي ٿلها زبون ٿي ويا آهن. قبرستان جون چوديواريون زياده تر زمين دوز ٿي چڪيون آهن. کين ڏسندي، زماني جي نيرنگيءَ ۽ هن جهان جي بي ثباتيءَ جو صحيح نقشو اکين اڳيان اچي ٿو. ان شهر خموشان ۾ ڪي ئي امير، ڪيترا مصنف، ۽ ڪيترا شاعر ابدي ننڊ ستل آهن، ٺٽي جو صوبيدار اتي آهن، شاهه جهان ۽ عالمگير جا صحبتي ۽ منصبدار اتي موجود آهن، صوفي ۽ صاحب نسبت مدفون آهن، ”معلومات الافاق“ جو مصنف به اتي ئي محوِ خواب آهي. ڪڏهن ته انهن بزرگن جي چوڌاري ڪٽڪ غلامن، ملازمن ۽ دوستن احبابن جا هوندا هئا ۽ اڄ ڪوبه ڪونه آهي، جو کڻي انهن قبرن کي هڪ نظر وڃي ڏسي. اسان جا شاندار علمي ماضيءَ جي هيءَ دفن گاهه آهي، جنهن تي هن وقت ڪجهه پٿر، ڪي ڪتبا، ۽ ڪي مٽيءَ جا ڍير موجود آهن، خبر نه  آهي سڀاڻي اهي به هوندا يا نه!

جان بابا جي مقبري کان سـَـر اُتر هلبو، ته اهو قبرستان فرلانگ پنڌ طي ڪرڻ بعد ايندو، واٽ سموري ويران آهي، ڪنهن وقت ته هزارين قبرون هونديون، ليڪن اڄ زمين صاف آهي. قبرستان تائين پهچڻ کان اڳ، بلڪل ويرانيءَ ۾ هڪ نشيبي ٽڪري ۾ اڪيلي قبر ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ توهان جي قدمن هيٺيان ايندي، غور سان نهاريندؤ ته پيرانديءَ کان هيءُ ڪتبو اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو:

هذه المقبرهِ المرحوم خواجه مير ...

رضي الدين .............

ابو محمد فاضل العلوم الهروي - سن 1000 هه.

معلوم نه آهي ته انهيءَ هراتي بزرگ کي سنڌ جي مٽيءَ ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪشش ڪئي. انهيءَ مزار تي فاتح پڙهي، چند قدم اڳتي وڌندا، ته اوهان کي امير خاني قبرستان نهايت ئي زير و زبر حالت ۾ پنهنجي زبونيءَ ۽ برباديءَ تي مرثيه خوان ليڪن زماني جي بي ثباتيءَ تي خنده ڪنان نظر ايندو.

قبرستان ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي: مرڪزي قبرستان هڪ چوديواريءَ جي اندر آهي، جنهن جي اولهه کان ئي مسجد هئي، جيڪا هاڻي بلڪل زبون آهي، فقط ڇت جي ڪاشيءَ وارين وڻندڙ سرن مان اندازو ٿئي ٿو ته محراب ۽ ڇت مير ابوالبقا اهڙيءَ خوبصورت ڪاشيءَ جي ٺهرائي هئي، جهڙي شاهه جهاني مسجد ۾ ڪتب آيل آهي. مسجد جي اترئين ۽ ڏاکڻئين پهلوءَ ۾ ٻه حجرا آهن، جن ۾ شايد مستورات جون قبرون آهن، مٿن ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي ۽ نهايت زبون ٿي ويل آهن. مسجد جي ايوان ۾ چؤديواريءَ اندر ڪيئي قبرون آهن، جن مان ٻه قبرون خاص توجهه ڇڪين ٿيون، نقشي مطابق ٽئين نمبر قبر تي پيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو آهي:

محرران عملهاي نيڪ نامش را
نموده اند بطور مار مغفرت تحرير
ز بهر سال و فاتش بسوز دل همه وقت
بخوان دو مرتبه اين لفظ يا امير امير

اهائي مزار آهي، جنهن لاءِ مسٽر ڪزنس جو چوڻ آهي ته امير خان ابوالبقا جي آهي. قبر نهايت خوبصورت آهي ۽ چوڌاري نفيس خط ۽ آيتن جي اُڪر ٿيل اٿس (تصوير شامل آهي). انهيءَ ئي ساڳئي ميدان ۾ اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ کان ٻي مزار آهي جنهن جي پيرانديءَ کان لوڙهي تي هي ڪتبو آهي- (نمبر 8):

خبر نه آهي ته اها مزار اميرخانين مان ڪهڙي بزرگ جي آهي.

انهيءَ ايوان جا اوڀاريان داخلي دروازا نهايت شاندار ۽ پر عظمت هئا، جيڪي هن وقت ونگن سميت ڪري پيا آهن، فقط ديواريون ڏسندڙ جي اندازي لاءِ اڀيون بيٺيون آهن. انهيءَ داخلي دروازي جي اڳيان قبرستان جو ٻيو طبقو آهي: هڪ ٿلهو آهي جنهن تي امين الدين خان ۽ متين الدين وغيره جون قبرون آهن، ۽ انهيءَ ٿلهي جي سيرانديءَ کان، زمين تي، سندن اولاد جون قبرون آهن. نقشي ۾ نمبر ڏنل آهن، ۽ انهن ئي نمبرن سان هتي ڪتبا ڏجن ٿا:

(1) خان با تمڪين امين الدين خان
عالي از حسنِ عمل درجات او
چون سفر ڪرد از جهان بي ثبات

ســــال  فـــوتـش ”داخـل  الـجنــات  او“          - 1137 هه

اها مزار پٿر جي ۽ نهايت خوبصورت آهي، سموريءَ مزار تي نقشڪاري ٿيل آهي (تصوير شامل آهي).

(2) چو حبِ آل موليٰ جان خان بود
روانش برد حـُـورالعين بجنت
بدل سالِ وصالش گفت رضوان

بگـو ءِ مـنـزل  مـقـِيـن  الـديـن  بجـنـت          - 1177 هه

مزار پٿر جي نهايت خوبصورت ٺهيل آهي، ۽ لوڙهي جي چوڌاري آيتن جي خوبصورت اُڪر ٿيل اٿس (تصوير شامل آهي).

(3) هيءَ قبر ڊٺل آهي، ڪتبي وارو لوڙهو اونڌو پيو آهي، ۽ تاريخ جا ٻه شعر ڊهي ويا آهن (ڪتبي جي تصوير شامل آهي).

مير محمد غوث از دنيا برفت
جنته الماواي گشته جاي او
هاتفم گفتا که سال رحلت

        باد  در خـلــدِ  بـــريـــن  مــــــاواي  او        - 1172 هه

(4) هيءَ مزار محمد ”گدا“ جي آهي، ڪتبي جا ڪي حصا پڙهي نه ٿا سگهجن (تصوير شامل آهي)، جيڪي پڙهيو ويو آهي، سو هن طرح آهي:

لا الــٰـه الا الله محمد رسول الله علي ولي الله وصي رسول الله

مهيمنا بنبي و علي و هر دو گوهر
بعابدين باقر امام دين جعفر
بموسيٰ و برضا و تقي و هم بنقي
بعسڪر و بمهدي امام غيب اندر
هران گناه ڪه ڪرديم آشڪارونهان
بحق آل محمد ”گدا“ همه بگذر

پاسن کان ڪتبو پڙهيو نه ويو آهي، ممڪن آهي اتي تاريخ هجي. اهو ڪتبو هڪ پٿر جي ڊگهيءَ سر تي نهايت بدخط اُڪريل آهي ۽ ديوار سان اڀو کتل آهي.

(5) هيءُ قبر ڪنهن ننڍي ٻار جي آهي، لوڙهي جي چوڌاري هيءُ ڪتبو اٿس:

دريغان ازان گل ڪه نومي شگفت
زمانه زبادِ مخالف نهفت
خرد سال معصوم حافظ علي
”عطاي علي حافظ“ وي بگفت - 1205 هه

ٻيو ڪتبو هيءُ آهي:

سال وصل مير ڪو چڪ گفت دل
”دم بدم بادا باو حافظ علي“ - 1206 هـه

سيرانديءَ کان جدا پٿر جي سر اُڀي بيٺي  آهي، جنهن جا اکر ڊهي ويا آهن ۽ ڪتبو پوريءَ طرح پڙهڻ ۾ نه ٿو اچي، ليڪن ان تي نمبر 4 وارا پهريان ٻه شعر ”هوالحافظ“ جي عنوان هيٺ لکيل آهن.

(6) مير محمد عطا جي مزار آهي، جنهن جي سيرانديءَ کان پٿر جي اُڀيءَ سر تي هيٺيون ڪتبو آهي:

مهيمنا بنبي و علي و هردو گوهر
بعابدين و باقر بصادق و جعفر
بموسيٰ و برضا و تقي و هم بنقي
بعسڪري و بمهدي امام غيب اندر
هران گناه ڪه ڪرديم از صغير و ڪبير
بحق آل محمد ڪه از همه بگذر
يا محمد ”عطا“ بنام حسين
تاريخ سوم ماه شعبان - 1178 هه

انهيءَ ٿلهي جي اتر کان چوديواريءَ جوهڪ حجرو ٺهيل آهي، جنهن ۾ پڻ اميرخاني مستورات جون قبرون هيون، جيڪي ڊهي چڪيون آهن. انهيءَ حجري جي اترئين دروازي مان ٻاهر نڪرڻ وقت مرڪزي قبرستان جي احاطي واريءَ ديوار سان لڳو لڳ ساڳئي خاندان جو نئون ۽ ڪجهه پراڻو قبرستان آهي، جيڪو مختلف حصن ۾ ورهايل آهي: قبرون ڪي قديم طرز جون پٿر جي اُڪير ۽ ڪتبن سان آهن، ۽ ڪي چوني جي گچ جون آهن، جن تي ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي. اهڙيءَ طرح اتر کان اهو قبرستان ڦرندو مسجد جي اولهائينءَ ديوار تائين آيو آهي، قبرن جي انهيءَ ذخيري جا چند ڪتبا هي آهن:

(9) جدا ٿلهي تي چار قبرون آهن، جن مان هڪ مزار تي هيءُ ڪتبو آهي-

”سيد ڪمال الدين امير اني بتاريخ ديم جمادي الثاني

                           فوت شد“. 1230 هه.

(10) انهيءَ ٿلهي کان اولهه تي هڪ قبر آهي، جنهن جو ڪتبو آهي-

”سيد جندل شاهه امير خاني بتاريخ بيست و ششم ذيقعده

فوت شد“. سنه 1227 هه.

(11) مٿينءَ قبر کان سر اولهه قبرن جو هڪ مجموعو آهي.

سر و شم بتاريخ اين نقل در گوش

”بهتيش ڪردند بازيب“ فرمود سنه 1321 هه.

(12) ساڳئي مجموعي ۾ هڪ قبر آهي-

”تاريخ وفات سيد ابراهيم شاهه بن غلام حسين شاهه

11 ماهه ذوالحج 1210 هه.“

(13) ساڳئي مجموعي ۾-

”سيد مراد علي شاهه بن اشرف علي شاهه ماه ذوالحج 1257 هه“.

(14) گل شاهه جي، ۽ نمبر (15) موليڏني شاهه جي آهي. انهيءَ ساڳئي ٿلهي تي هڪ پٿر اُڪريل آهي، جنهن تي ڪتبو آهي-

مطهر بانوي معصومه از تقدير رباني
ز داعيء  اجل ناگه نداي ارجعي بشنفت
پي تاريخ سال ارتحاش عقل از غيبم
مطهر بانوي معصومه ...... گفت (؟)

(1) مسجد جي ڏکڻ واريءَ ديوار کان پنجاهه فوٽ کن ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ تي، هڪ جدا خوبصورت مزار، مٿي دڙي تي، جنهن جي لوڙهو نهايت خوبصورت آيتن جي اُڪير سان مزين آهي. مزار جو قبو ۽ احاطو وغيره ڊهي ويو آهن. زمين کان قبر 8-9 فوٽ مٿي آهي. سيرانديءَ کان لوڙهي تي ”هوالڪريم“ لکيل آٿس. اسان جو گمان آهي ته امير عبدالڪريم جي مزار اها آهي (والله اعلم).

قبرستان ۾ اڃا تائين امير خاني سادات پنهنجا فوتي دفن ڪندا رهن ٿا.

 

هاڻوڪا امير خاني سادات

ٺٽي جي شاهه جهاني مسجد جي اوڀر کان لڳو لڳ اڄ تائين  امير خاني محلو آباد آهي، ليڪن محلي جي حالت برباد ۽ مڪينن ۽ ڪيفيت سقيم آهي، چند مرد ۽ ڪجهه مستورات اڃا به زنده سلامت آهن. هن وقت خاندان جو سربراه سيد حاجي شاهنواز شاهه آهي، جيڪو ڪنهن وقت تپيدار هو، ۽ هن وقت ماتلي تعلقي ۾ پنهنجي زمينداريءَ تي گذاريندو آهي. انهيءَ بزرگ سان منهنجي ملاقات ٿي: سفيد ريش، عمر 50-55 ورهيه ٿيندس،نهايت سمجهدار ۽ زماني جي ڏانوَ جو ماڻهو آهي. محلي ۾ فقط سندس ئي جاءِ پڪي ٺهيل آهي، باقي جايون سڀ ڪچيون ۽ زير و زبر آهن. سيد صاحب پنهنجو شجرو ٻڌايو، جيڪو امين الدين خان کان شروع ٿئي ٿو: جنهن جاءِ ۾ حاجي شاهنواز شاهه رهي ٿو، اها اصل قديمي آهي، ليڪن حاجي صاحب ان جي مرمت ڪري، ان کي نئون ڪيو آهي- وچ ۾ اڱڻ اٿس ۽ اڱڻ جي چئني طرفن کان ڪاٺيءَ جي ٿنڀن تي ورانڊو، ورانڊي کان اندر تي چوڌاري ڪمرا اٿس.

حاجي صاحب جو ڀاءُ سيد موليڏنو شاهه سنڌيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. غلام محمد ڇاپائي ٺٽويءَ جي گهران شادي ڪئي هئائين. سندس گهر واري حيات آهي، جنهن وٽ سيد صاحب جو سنڌي ديوان آهي.

حاجي صاحب مون کي ٻڌايو ته شاديءَ غميءَ جي ريت رسم گهڻو ڪري قديم دستور مطابق اڃا هلائيندا اچن ٿا: شاديءَ رات ڪنوار کي مغلي ويس پارائيندا آهن- غرارو، پيشواز، ۽ تنگ پائجامو، سڄو وڳو زردوزيءَ جي ڪم سان مزين ٿئي ٿو. شاديءَ واريءَ رات رابيل جي گلن جا کينهون ٺاهي گهوٽ ڪنوار هڪٻئي کي هڻندا آهن. چوٿين ڏينهن تي گلن جي راند، جنهن کي ”ڇڻن“ چئجي ٿو،ڪنوار جي گهر ۾ ٿيندي آهي.

موتيءَ جي وقت لاش تان سون ۽ چانديءَ جا گل ٺهرائي نثار ڪيا ويندا هئا. جن کي غريب غربا ڌرتيءَ تان چونڊي کڻندا هئا. فوتيءَ وقت سوناري کي گهرائي اهي گل ٺهرايا ويندا هئا. اها رسم حاجي صاحب جي ڏاڏي ابراهيم شاهه تي اچي ختم ٿي، ابراهيم تي 5 تولا سون ۽ ويهه تولا چاندي گهوري ويئي هئي. ان وقت سون جي قيمت 12 رپيا في تولو هئي، ۽ چئين پنجين آني چانديءَ جو تولو ملندو هو. گل اهڙيءَ طرح هلڪا سنهين تارن مان خاص نموني تي ٺاهيا ويندا هئا، جو سون جي پنجن تولن مان اڌ ڇلي ڀرجي ويندي هئي. موتيءَ جي جيڪا ماني ورهائي ويندي هئي، تنهن کي ”اڪابري“ چيو ويندو هو، ۽ ٿانون سميت ڏبي هئي.

عيد جي ڏينهن عيد گاهه تائين، شهر جو قاضي صاحب (شيخ الاسلام محمد اوچيءَ جي اولاد مان)، ۽ شيرازي ساداتن جو پڳدار، ٻئي ڏوليءَ تي هلندا هئا، ۽ امير خاني گهراڻي جو نمائندو گهوڙي تي سوار ٿي هلندو هو، باقي سڀ مخلوق پنڌ عيد گاهه تي جلوس جي صورت ۾ ساڻن گڏ پهچندي هئي.

ڍالون، تراريون ۽ ٻيو سپاهگيريءَ جو سامان حاجي صاحب جي والد، سيد گل حسن شاهه تائين گهر ۾ رهيو، جنهن آهستي آهستي ڪري پنهنجي دوست ڄام مراد علي خان جوکئي کي ڏيئي ڇڏيو.

حاجي صاحب جا ڪي پٽ پڙهن ٿا ۽ ڪي ننڍا آهن، سندس هڪ نينگر گل حسن شاهه، جي شادي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه جي سجاده نشين، سائين غلام حيدر شاهه جي نياڻيءَ سان ٿيل آهي. حاجي صاحب جي پنهنجي شادي عباسين مان آهي، جيڪي هن وقت عبدالله شاهه اصحابيءَ جا مجاور آهن.

حاجي شاهنواز شاهه مون کي ٻڌايو ته مسجد جي داخلي دروازي جي سامهون ڏکڻ کان جيڪو ميدان پيو آهي، اتي ٺٽي جي حاڪمن جو قلعو هوندو هو، (جنهن کي تاريخ ۾ قلعه حاڪم نشين چيو ويو آهي)، ديواريون ڊهي ويون آهن، بنيادن جا نشان اڃا به کوٽائيءَ سان نڪري سگهن ٿا. هن وقت انهيءَ ميدان تي غريبن جا جهوپڙا اڏيل آهن. انهيءَ قلعي جو دروازو اولهه طرف کان کلندو هو، ان جي سامهون به محلي
امير خانيءَ جو حصو هو، جيڪو اڄ صفا زمين دوز ٿي ويو آهي ۽ هموار ميدان آهي. قلعي جي ڏاکڻيءَ ديوار سان اگر محلو ۽ دبگران جو محلو هو، جيڪو اڃا انهيءَ نالي سڏجي ٿو.

انهيءَ گهراڻي مان ٻيا به ڪي سادات آهن، جن سان منهنجي ملاقات ٿي نه سگهي. (1)

 

                                            - ڪراچي

                                         2 ڊسمبر 1956ع


(1)  ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 267.

(1) انهيءَ خاندان جي ڪن افرادن جا نالا اسان کي قاضي علي محمد صاحب جي فرمانن واري بياض ۾ ملن ٿا، ڪن جو ذڪر مير متين الدين جي سلسلي ۾ اچي چڪو آهي، باقي انهن نالن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي، جن جو ڪوبه احوال ملي نه سگهيو:

(1)  محمد شاڪر (نواسه امين الدين خان)- ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سند سال 1156هه، (2) محمد ذاڪر ۽ محمد صابر ولدان محمد شاڪر، ٻنهي جي نالي ميان غلام شاهه جي سند سال 1175هه ۽ هڪ سند ميان سرفراز جي سال 1188هه، (3) محمد اڪرم بن محي الدين خان (نبيره امير خان ابوالبقا)، سند سال 1119هه جي ۽ 1125هه جي، (4) مير علي منصب (غالباً) بن محمد اڪرم، سند سال 1125هه جي، (5) مير محمد صادق، سند سال 1188هه ۽ 1192هه سرفراز ۽ عبدالنبيءَ جي، (6) مير ڪامران، سند سال 1192 هه عبدالنبيءَ جي، (7) سيد سعد الله ، سند سال 1184هه غلام شاهه جي، (8) سيد امام الدين، سند سال 1191هه عبدالنبيءَ جي، (9) سيد باقر علي، سند سال 1192هه عبدالنبيءَ، (10) سيد غفور علي، سند سال 1221 هه ۽ 1248 هه، مير غلام علي ۽ مير ڪرم علي، مراد علي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org