سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 35

 

 

 

واڌارا غلام محمد لاکو

 

 

سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشدي صاحب جو ڪتاب”تذڪره امير خاني“ پهريون ڀيرو، سنڌي ادبي بورڊ سال 1961ع ۾ شايع ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ سياسي، علمي ۽ ادبي گهراڻي جي ٽن صدين جي سرگرمين جو احاطو ڪيو ويو آهي. امير خاني گهراڻو، مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ اندر متحرڪ رهيو ۽ مختلف حوالن سان پنهنجا اڻ مٽ يادگار قائم ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. راشدي صاحب جي هن علمي پورهيي ذريعي، سنڌ جي اتهاس، علم ۽ تمدن جا ڪيئي باب نروار ٿي بيٺا. علم ۽ تحقيق جي دنيا جو ڪوبه ڇيهه ڪونهي. هر ايندڙ ڏينهن تي ملندڙ نئين ڄاڻ، گذريل وقت ۾ قائم ڪيل راين، نتيجن ۽ دريافتن ۾ واڌارو ڪندي رهي ٿي، يا وري ماضيءَ ۾ طئه ڪيل ڪجهه ڳالهين کي رد ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. هي ڪتاب”تذڪره امير خاني“ چاليهن سالن جي به ڪجهه وڌيڪ وقت کان پوءِ ٻيهر ڇپجي رهيو آهي. پهرين اشاعت کان پوءِ، امير خاني ساداتن جي باري ۾ عام طرح سان ۽ خاص ڪري هن خانوادي جي علمي خدمتن بابت ڪجهه وڌيڪ معلومات مهيا ٿي آهي. ان کان سواءِ ڪجهه تصنيفون شايع ٿي منظر تي پڻ آيون آهن. ان پس منظر ۾ سيد حسام الدين راشديءَ جي تحقيق ۽ علمي ڪاوش (تذڪره امير خاني) جي پختگي ۽ اهميت اڃا به وڌي وئي آهي. اسين هيٺ امير خانين جي باري ۾ ٿيل نون مطالعن، واڌارن ۽ اشاعتن کي مختصر طرح سان نروار ڪنداسين.

مير ابوالقاسم نمڪين:

خاندان جو پهريون فرد جو بيجڪ (سبزوار) سان تعلق رکندڙ هو ۽ ننڍي کنڊ طرف لڏ پلاڻ ڪري آيو. ابتدا ۾ اڪبر جي ڀاءُ ميرزا محمد حڪيم وٽ ڪابل ۾ ملازم هو. بعد ۾ هندستان آيو ۽ اڪبر جي ملازمت اختيار ڪيائين. مختلف ماڳن تي نوڪري ڪيائين. ان ريت بکر ۽ سيوهڻ ۾ به ڳچ عرصو منتظم ٿي رهيو. بکر کي اختياري وطن بنائي اتي رهيو. سن 1018هه يا 1019هه ۾ فوت ٿيو ۽ روهڙيءَ ۾”ستين جو ٿان” نالي قبرستان ۾ دفن ٿيو. هيءُ قبرستان اڄ به سـُـٺي حالت ۾ موجود آهي.

1- منشئات النمڪين: مير صاحب گوناگون سياسي مصروفيات جي باوجود به، اهل علم ۽ اهل قلم انسان ٿي گذريو. هن ڪتاب ۾ خط (انشاء) ڏنل آهن. خطن جو هيءُ مجموعو 1006هه/1598ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ اڪبر بادشاهه جي نالي منسوب ڪيو ويو. راشدي صاحب انڊيا آفيس ۾ موجود هڪ نسخي جي آڌار تي”منشئات النمڪين“ جو تعارف پيش ڪيو آهي. هيءَ ڪتاب اڃا نه ڇپيو آهي. البت موجودهه دور ۾ هن ڪتاب جي هڪ ٻئي نسخي جو پتو پيو آهي، جو علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جي لٽن ذخيري (نمبر 27-26/3) ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر مؤمن محي الدين ۽ ڊاڪٽر محمد سليم اختر، خطن جي هن املهه مجموعي توڙي مصنف جي باري ۾، پنهنجا تحقيقي اڀياس شايع ڪيا آهن.(1)

2- جوامع الجواهر: مير ابوالقاسم جي هي ٻي تصنيف آهي، جنهن جو محققن ويجهڙائيءَ ۾ پتو لڳايو آهي. ڪتاب متعلق گهڻي ڄاڻ نه ٿي ملي. پاڻ کي صرف هيءَ خبر آهي، ته هن تصنيف جو تعلق اسلامي فلسفي سان آهي. تحرير جو سال به معلوم ڪونهي. هيءُ ڪتاب مرزا غازي بيگ ترخان (وفات: 1021هه) جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. مير نمڪين جي هن ڪتاب کي، مؤمن محي الدين تلاش ڪيو ۽ علمي دنيا جي ڌيان تي آندو.(1) هن ڪتاب جو واحد قلمي نسخو بوڊلين لئبريريءَ ۾ موجود آهي.

تاريخ مظهر شاهجهاني:

هيءَ ڪتاب يوسف ميرڪ (ولد مير ابوالقاسم) سن 1044هه/1634ع ۾ تيار ڪيو. هن ڪتاب ذريعي ابوالقاسم نمڪين ۽ سندس پٽ مير ابوالبقا امير خان جي باري ۾ گهڻي معلومات ملي ٿي. راشدي صاحب کي”تذڪره امير خاني“ جي تڪميل ۾ هن ڪتاب گهڻي مدد ڪئي. ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي. پهريون حصو نظام الملڪ جي”سياست نامـه“ جي طرز تي لکيل آهي. جڏهن ته ٻئي حـصي جو تعلق سنڌ جي تاريخ سان آهي. هيءُ حصو سنڌ جي اتهاس جي حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو. سيد حسام الدين راشدي هن ڪتاب جي ٻئي حـصي کي ايڊٽ ڪري، مفيد تعليقات ۽ طويل مقدمي سان سينگاري”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي نالي سان، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي سال 1962ع ۾ نروار ڪيو. نياز همايوني مرحوم جو سنڌي ترجمو سال 1979ع ۾، ساڳئي اداري پاران ڇپجي ظاهر ٿيو. ڊاڪٽر محمد سليم اختر ان جو انگريزي ترجمو”سنڌ انڊر دي مغلز“ جـي نـالــي ســان تــيــار ڪيو. هيءُ ترجمو ڪراچي ۽ اسلام آباد مان سال 1990ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب کي هن علمي ڪم جي تڪميل واسطي، پير صاحب جي ڪتاب”تذڪره امير خاني< گهڻي رهنمائي ڪئي.

رقائم ڪرائم:

راشدي صاحب”تذڪره امير خاني“ ۾ اورنگزيب جي مصاحب، مير عبدالڪريم جي خطن جي هن مجموعي جو ذڪر ڪيو آهي. اهي 2خط مير صاحب جي پٽ سيد اشرف خان”رقائم ڪرائم“ جي نالي سان مرتب ڪيا. سال 1961ع تائين هن ڪتاب جا معلوم نسخا هن ريت هئا:

* ٻه نسخا- برٽش ميوزم.

* چار نسخا - انڊيا آفيس لئبريري.

* هڪ نسخو - بوڊين لئبريري(1)

* ٻه نسخا - نيشنل ميوزم ڪراچي.

پوين ٻن نسخن جي آڌار تي راشدي صاحب، خطن جي هن نادر مجموعي بابت گفتگو ڪئي هئي. بعد ۾ وڌيڪ چئن نسخن جو پتو پيو، جي سڀ هندستان ۾ آهن. تفصيل ڪجهه هن طرح آهي:

* خدا بخش لئبريري پٽنا، هيءُ نسخو خراب حالت ۾ آهي.

* مولانا آزاد لئبريري، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه، ڪتابت 1120هه/1708ع.

* انڊين نيشنل آرڪائيوز نيو دهلي، ڪتابت 1153هه/1740ع.

* نيشنل ميوزم دهلي، ڪتابت 1253هه/1837ع.

هنن نسخن جو ذڪر جامعه مليه دهليءَ جي شعبي تاريخ جي پروفيسر سيد محمد عزيز الدين حسين ڪيو آهي. پروفيسر عزيز الدين صاحب ٻن نسخن (ٻيو ۽ ٽيون) جي آڌار تي”رقائم ڪرائم“ جو متن تيار ڪيو. ان کان علاوه خطن جو انگريزي زبان ۾ مختصر وچور به ڏنو اٿس. عزيز الدين حسين هن مجموعي ۾ ڪل 137 خطن کي مرتب ڪري پيش ڪيو آهي. سيد اشرف خان پاران سهيڙيل خطن جو هيءُ مجموعو”رقائم ڪرائم“ اداره ادبيات دهلي پاران 1990ع ۾ ڇپيو آهي. مختصر تعارف ۾ پروفيسر صاحب نه ته مير عبدالڪريم بابت ڪجهه لکيو آهي ۽ نه وري سيد اشرف جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي سگهيو آهي. راشدي مرحوم جو خيال هو ته”رقائم ڪرائم“ سن 1154هه ۾ مرتب ڪيو ويو. جڏهن ته علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ موجود نسخو، تصديق ڪري ٿو ته شاهي خطن جو هيءَ مجموعو سن 1120هه ۾ يا ان کان ٿورو اڳ وجود ۾ اچي چڪو هو.

مير ابوالمڪارم شهود:

مير ابوالبقا امير خان جو پٽ هو. جيتوڻيڪ علم ۽ حلم وارو انسان ٿي گذريو. تاهم سنڌين خلاف پنهنجي ڀاءُ مير ضياءُ الدين يوسف سان گڏ لشڪر ڪشي ڪيائين. مير شهود سيوهڻ ۾ سن 1073هه ۾ فوت ٿيو. هن فارسي زبان ۾ ٻه مثنويون لکيون:

1- مثنوي بديع الجمال وسيف الملوڪ: هيءَ مثنوي مڪمل نه ٿي سگهي.

2- مثنوي پري خانه سليمان: هيءَ مثنوي 1060هه ۾ لکجي پوري ٿي. هن مثنويءَ جو هڪ ناقص نسخو، راشدي صاحب جي مطالعي ۾ رهيو. ان جي بنياد تي پاڻ مير شهود جي شعري سرمايي تي راءِ ڏني اٿن. تازي دور ۾ ڊاڪٽر طاهره صديقي صاحبه پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ هن مثنويءَ تي ادبي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي.(1)

مير امين الدين خان حسين:

مير ابوالمڪارم شهود جو پٽ ۽ مير ابوالبقا امير خان جو پوٽو هو. امين الدين خان مختلف عهدن تي رهيو، جنهن ۾ ٺٽي جي گورنري به شامل آهي. پاڻ سن 1127هه ۾ فوت ٿيو. سندس قبر اميرخاني گورستان مڪليءَ ۾ آهي. مير صاحب ٻه ڪتاب لکيا:

1- رشحات الفنون: هيءَ ڪتاب 1123هه ۾ مڪمل ٿيو. راشدي مرحوم”تذڪره امير خاني“ ۾، خدا بخش لئبريري پٽنا ۾ موجود هڪ نسخي جو ذڪر ڪيو آهي. راشدي صاحب، برٽش ميوزم ۾ اليٽ جي فائيلن جي مدد سان، هن ڪتاب جي مطالب ۽ عنوانن جو هڪ خاڪو ڏنو آهي. امين الدين خان جو هيءُ ڪتاب هڪ مختصر انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن ۾ سورهن علمن تي بحث ڪيو ويو آهي. تازي دور ۾ رشحات جي وڌيڪ چئن قلمي نسخن جو پتو پيو آهي.

* ملا فيروز لئبريري بمبئي، ڪتابت 1265هه.

* ڪتابخانه دانشڪده ادبيات وعلوم انساني، دانشگاهه تهران، ڪتابت سن 1258هه.

* ڪتابخانه مجلس تهران، ڪتابت جو سال لکيل ڪونهي.

* ڪتبخانه عارف نوشاهي، اسلام آباد، جنهن تي 1273 هه جي مـُـهر لڳل آهي. (1)

هيءُ ڪتاب اڃا نه ڇپيو آهي. البت ڪجهه سال اڳ هڪ ايراني خاتون نادره سليماني، ڪنهن تعليمي مقصد لاءِ ان کي مرتب ڪيو هو. اهوئي سبب آهي جو خانم نادره جي ڪاوش اڃا نه ڇپي آهي.(1) خانم سليمانيءَ جو تعلق دانشگاهه تهران جي مرڪزي ڪتبخاني سان هو. ڊاڪٽر نوشاهي هن ڪتاب کي هڪ عامي تاليف سڏيو آهي.

2- معلومات الآفاق: راشدي صاحب جي خيال ۾ هي ڪتاب جاگرافيءَ تي آهي. جڏهن ته ٻين لکندڙن”معلومات الافاق“ کي به هڪ مختصر انسائيڪلوپيڊيا سڏيو آهي. سيد حسام الدين راشدي مرحوم”تذڪره امير خاني“ ۾، اليٽ جي فائيلن ۾ موجود نوٽس جي آڌار تي، هن ڪتاب جو وچور ڏنو هو. ان دور تائين امين الدين خان جي هن ڪتاب جي ڪنهن به نسخي جو پتو نه پيو هو. امڪان آهي ته مير صاحب هيءُ ڪتاب سن 1118هه ۽ 1127هه جي وچ واري عرصي ۾ لکيو هوندو.

تذڪره امير خاني، جي اشاعت کان ڏهه سال پوءِ، خود راشدي صاحب”معلومات الآفاق“ بابت نئين ڄاڻ نروار ڪئي. پنجاب يونيورسٽي لئبريريءَ ۾”معلومات الآفاق“ جو سن 1127هه جو لکيل هڪ نسخو موجود آهي. هيءُ نسخو ٺٽي جي محمد صالح جو ڪتابت ڪيل آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ تصويرون به آهن. ان کان علاوهه هي ڪتاب ٻه ڀيرا مطبع نولڪشور لکنو مان، ترتيب وار 1287هه/1870ع ۽ 1290هه/1873ع ۾ باتصوير ڇپجي چڪو آهي.(2)

مسجد امين الدين خان روهڙي: ٺٽي جي صوبيداري کان علاوه، مير امين الدين خان روهڙي، بکر، سکر ۽ خانپور ۾ به مختلف عهدن تي رهيو. هن سن 1120هه ۾ سکر ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي، جنهن جو ذڪر”تذڪره امير خاني“ ۾ اچي ويو آهي. مسجد جا آثار هن وقت موجود نه آهن. ليڪن بعد ۾ خود راشدي صاحب، روهڙي شهر ۾ مسجد امين الدين خان کي ڳولي لڌو. هيءَ مسجد سن 1102هه ۾ تعمير ٿي. راشدي صاحب 28 مارچ 1970ع تي روهڙي ويو. پاڻ مسجد جو معائنو ڪيائين، ڪتبا نوٽ ڪري، مسجد ۽ ڪتبن جا فوٽو ڪڍيائين. تذڪره امير خاني جي اشاعت کان پوءِ، هن خانوادي جي تعميري ڪارنامن جي حوالي سان، هي هڪ اهم دريافت چئي سگهجي ٿي. ان ريت آخري مغل دور ۾ امين الدين خان جي وڌيڪ سرگرم ڪردار جي ڄاڻ ملي ٿي. هيٺ اسين مسجد امين الدين خان جا ڪتبا ڏئي رهيا آهيون، ته جيئن عنوان تي ڪم ڪندڙن لاءِ مواد هڪ جاءِ تي محفوظ ٿي وڃي:

مسجد ۾ داخل ٿيڻ واري دروازي جي مٿان وارو ڪتبو:

(1)

(1) در زمان شاه عالمگير غازي ظل حق
(2) خان عاليشان امين الدين حسين حق شناس
(3) يافت توفيق بناي جامع عالي، که هست
(4) در علو منزلت بالا تر از درک قياس
(5) سجده گاه حق پرستان معبد قدوسيان
(6) کز فضاي آن، دل مومن کند فيض اقتباس
(7) سال تاريخ بنايش را، چو جستم از خرد
(8) هاتفم گفتا: بنا شد مسجدي تقوي اساس
                                           1102هه

ساڳئي دروازي جي اندران موجود ڪتبو:

(2)

(1) مائيم اميدوار از رحمت تو
(2)
 اي لطف تو بي نياز از طاعت ما

مسجد جي مهاڙيءَ تي موجود ٽي ڪتبا:

(3)

(1) شاه همـه انبياء مرسل احمد
(2) چرخ و مــه و مـهـر و آدم وجن و مـلـک

 

فخر همـه اصفياء اکمل احمد
ايـنـهــا هـــمــه آخــــرنــــد و اول احــمـــد

(4)

افضل الذڪر لا الــه الاالله محمد رسول الله

(5)

(1) محبوب خدا و خواجه هر دو سرا

(2)خاشاک رهش طرهء فرق خورشيد

 

در روز جزا پادشه حمد لوا
شد جملهء انبيا بطـفيـلـش پـيـدا.(1)

 

Bibliography

 

(1) Dr. Momin Mohiuddin :”The Chancellery and Persian Epistolography under the Mughuls، Iran Society Calcutta، 1971.

(2) Momin Mohiuddin:”Munsha'at Al-Namakin- A unique collection of historical documents”، Journal of Pakistan Historical Society، Karachi، April 1960.

(3) Muhammad Saleem Akhtar:”Mir Abu -al- Qasim Namakin- A critique of his career and achievements”، Pakistan Journal of History and Culture”، Islamabad، January - June، 1984.

(4) Muhammad Saleem Akhter:”The contribution of Sindh in the development of historical epistolography”، Pakistan Journal of History and Culture، Islamabad، January - June، 1986.

(5) Muhammad Saleem Akhter:”Sind under the Mughals” (N.I.H.C.R)، Islamabad and Department of   Culture، Government of Sindh، Karachi، 1990.

 

 (6) مير علي شير قانع:”تحفة الڪرام“ ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سال 1971ع.

(7) سيد اشرف خان حسيني:”رقائم ڪرائم“ مرتب: سيد محمد عزيز الدين حسين، اداره ادبيات دهلي 1990ع.

(8) ڊاڪٽر طاهره صديقي:”داستانسرايي فارسي در شبة قاره در دوره تيموريان“، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان، اسلام آباد 1999ع.

 (9) ڊاڪٽر عارف نوشاهي:”سکهر کي ايک تاريخي مسجد کي باني مير امين الدين هروي تتوي کي فارسي خدمات“ مجله”فکر و نظر“ جولائي - ستمبر، اسلام آباد 2001ع.

(10) ساڳيو مضمون، مترجم: محمد پنهل ڏهر، رسالو”مهراڻ“ نمبر 1-2، سال 2002ع.

 (11) غلام محمد لاکو:”مطالعو سنڌ جو“ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد 1992ع، ۾ شامل ڊاڪٽر محمد سليم اختر جو مقالو.


(1)   i- دي چانسيلري اينڊ پرشين ايپسٽولوگرافي انڊر دي مغلز، ص173-178، ايران سوسائٽي ڪلڪتو، 1971ع.

ii- مير ابوالقاسم نمڪين: اي ڪرائيٽڪ آف هزڪيريئر اينڊ اچيومينٽس، پاڪستان جرنل آف هسٽري اينڊ ڪلچر، اسلام آباد، جنوري - جون 1984ع.

(1)   دي چانسيلري اينڊ پرشين ايپسٽولوگرافي انڊر دي مغلز، ص 173

(1)  بوڊين ڇاپي جي غلطي آهي. درست بوڊلين آهي جيڪو، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني جو نالو آهي. هن ڪتبخاني ۾ مشرقي ٻولين جي ڪتابن جو ججهو قلمي ذخيرو موجود آهي (فتح الله صديقي: سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جلد: 1، ص4-1053، سيوهڻ، 2005ع).

(1)  داستانسرايي فارسي در شبـه قاره در دوره تيموريان، ص 70 - 73، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد 1999ع.

(1)   ڊاڪٽر عارف نوشاهي صاحب، پنهنجي هڪ مقالي ۾ رشحات الفنون جي قلمي نسخن جو ذڪر ڪيو آهي (فکر و نظر، جولاءِ - ستمبر 2001ع، اسلام آباد).

(1)   ڊاڪٽر عارف نوشاهيءَ جو مقالو (حوالو مٿي ڏنل).

(2)  تحفــتهِ الڪرام، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، حاشيو، ص 346، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1971ع.

(1)   تحفـتهِ الڪرام، سيد حسام الدين راشدي، حاشيا، ص 349 - 350.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org