فرياد ڪه! پيراهنِ ديوانگي ِّ من
چون دامنِ صحرا، خبر از چاڪ ندارد
---
من از جميعت آسود گان خاڪ دانستم
که غير از خت بهرِ خواب راحت نيست باليني(1)
---
اهي ٻئي بيت
”تذڪره
هميشـہ
بهار“
(2)
۾ امير خان انجام بن نواب امير خان جي نالي منسوب
ٿيل آهن، جنهن لاءِ تذڪري جو مؤلف لکي ٿو ته:
”احوال آبائي عظام اين خلاصه بوستان سيادت برتمام
عالم روشن است ......
(3)
پهرئين شعر سان گڏ، ساڳئي تذڪره نگار ٻئي شعر جو
به اضافو ڪيو آهي:
گر برسرِ من، داست ڪرم، تاڪ ندارد
ميناي دلم، شعله ادراڪ ندارد
(1)
امير عبدالڪريم امير خان جي سلسلي ۾ مٿي ڏنل فارسي
عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته:
(1) حافظي، حاضر جوابيءَ، ۽ بديهه گوئي ۾بي نظير
هو.
(2) شاعريءَ ۾ سندس مختصر ديوان مرتب ٿيل هو.
(3) اڪبر آباد جي صوبيداريءَ واري زماني ۾ وٽس هر
وقت شعر و سخن جي محفل گرم رهندي هئي، جنهن ۾
ڪيترا شاعر شريڪ ٿيندا هئا جن مان علي عظيم ولد
ناصر علي، مرزا حاتم بيگ وغيره، خاص طرح قابل ذڪر
هئا.
(4) سندس ڀاڻيجو ابوالوفا ”وفا“ پڻ شاعر هو ۽
انهيءَ مجلس ۾ شريڪ رهندو هيو. ڀاڻيجي واري نسبت
سواءِ مٿئين ڪتاب جي ٻئي ڪنهن به هنڌ اسان کي ملي
ڪانه سگهي آهي.
(5) پنهنجي دور ۾ کيس سلطاني قرب سبب وڏو وقار
حاصل هو.
(6) طبعيت ۽ فطرت جي لحاظ سان وڏو صاحب فضيلت امير
هو.
ابوالوفا وفا
”سفينه خوشگو“ جي مؤلف مير ابوالوفا (ابوالوفائي)
”وفا“ کي مير عبدالڪريم امير خان جو ڀاڻيجو
(همشيره زاد) لکيو آهي، حالانڪ ”ماثرالامرا“ جي
قول مطابق ابوالوفا ميرعبدالڪريم امير خان جو ڀاءُ
مير ضيا ِّ الدين يوسف جي نياڻيءَ جو فرزند هو.
(1)
ماثرالامرا جو مؤلف لکي ٿو ته امير عبدالڪريم امير
خان سڀني ڀائن ۾ ننڍو هو:
’مير عبدالڪريم ڪوچڪ ترين برادران است.‘
(2)
سندس سمورو احوال ڏيئي پوءِ لکي ٿو ته سندس پٽن
مان ڪنهن به اوجـَـرُ ڪونه ڪيو، سواءِ هڪ ابوالخير
خان جي، جنهن پڻ خان دوران خواجه عاصم
(3)
سان مٽي مائٽيءَ هجڻ سبب ساڻس گڏ رهڻ ڪري بادشاهه
وٽان ”خان“ جو خطاب حاصل ڪيو ۽ مال ملڪيت به گڏ
ڪيائين. باقي سڀ پيءُ جي اندوختي تي گذر بسر
ڪندا
رهيا.(4)
”ماثرالامرا“ جو مؤلف اڳتي هلي چوي ٿو ته پٽن کان
زياده مير عبدالڪريم امير خان جي وڏي ڀاءُ مير ضيا
ِّ الدين خان جو ڏوهٽو مير ابوالوفا وڌيڪ ناليوارو
مڙس ٿيو:
”مير ابوالوفا نبيره ضيا ِّ الدين خان برادر ڪلان
امير خان نسبت بپسران او، نامي داشت ..... الخ.
(5) “
ٻئي جاءِ تي مير ابوالبقا امير خان جي پٽن جو ذڪر
ڪندي، ساڳيو مؤلف لکي ٿو ته:
”ديگر ضياء الدين يوسف ڪه در اواخر عهد فردوس
آشياني بمنصب هزاري شش صد سوار فايزگشته، و پستر
بخطاب ضيا ِّالدين خان درجه اعزاز پيموده، نبيره
اش مير ابوالوفا نامي ڪه درآخر هائي زمان خلد
مڪاني، دارو غگي جانماز خانه ضميمه خدمات ديگر
داشت ... الخ.“(1)
مٿينءَ عبارتن مان ظاهر آهي ته مير ابوالوفا مير
ضيا ِّالدين جو ڏوهٽو هو نه ڪه مير عبدالڪريم امير
خان جو ڀاڻيجو.
”ماثرالامرا“ جي مؤلف مير ابوالوفاجي ذهن، علم،
فهم ۽ فراست جي تعريف ضرور ڪئي آهي، ليڪن سندس
شاعر هجڻ لاءِ هن ڪوبه اشارو ڪونه ڪيو آهي. اهو
علم فقط ”سفينه خوشگو“ جي ذريعي ٿئي ٿو ته مير
شاعرهو ۽ ”وفا“ سندس تخلص هو.
ڪامگار خان
ڪامگار خان جو ذڪر ڪتاب جي صفحي 153 تي آيو آهي،
جعفر خان عمدة الملڪ بن صادق خان مير بخشيءَ پٽ ۽
ممتاز محل(2)
بنت ابوالحسن يمين الدوله
(3)
آصف خان (متوفي 1051 هه) جي ڀيڻ فرزانه بيگم جي
پيٽ مان هو.
جعفر خان عمدة الملڪ جي پيءُ صادق خان (متوفي 1043
هه) محمد طاهر وصليءَ جو پٽ هو، جيڪو نورجهان جو
چاچو يعني ميرزا غياث (متوفي 1031 هه) جو ڀاءُ هو.
گويا ڪامگار خان -- جنهن امير خان عبدالڪريم جي
سلسلي ۾ ايتري نخوت ۽ ايڏو پندار ڏيکاريو- سو،
ايران جي انهيءَ گهراڻي جو پونير هو، جنهن جي چند
فردن نهايت بي سرو سامانيءَ
(1)
جي حالت ۾ وطن مان نڪري، هندستان اچي، هتان جي مغل
بادشاهن شهزادن، اميرن ۽ اميرزادن کي، سڱابنديءَ
جي وڪڙ ۾ وجهي انهيءَ حد تائين وڪوڙي ڇڏيو
(2)
، جو نه فقط هندستاني سياست سندن آڱرين جي اشاري
تي نچڻ لڳي، نه ڇڙو هندستان جي پوريءَ حڪومت جي
سياه ۽ سفيد جا سچا پچا مالڪ ۽ مختيار انهيءَ
گهراڻي جا افراد بڻجي ويا، بلڪ هندي برصغير جي زر
خواه زمين جا سڄا سارا ٽي حصا انهيءَ خاندان جي
ذاتي ملڪيت ۽ تصرف ۾
(3)
اچي ويا.
انهيءَ گهراڻي جي دستبردار ۽ تصرف مان سنڌ به بچي
ڪانه سگهي هئي. سنڌ جا ڪيترا علائقا انهن جي ذاتي
قبضي ۽ جاگير ۾ هئا، ۽ منجهانئن سنڌ تي ڪيترا حاڪم
ڪيا ويا، خود ڪامگار خان جو پيءُ جعفر خان عمدهِ
الملڪ (متوفي 1080 هه) شاهه جهان جي چوويهين سال ۾
ٺٽي جو گورنر هو.
ڪامگار، مٿئين جعفر خان جو ٻيون نمبر پٽ هو. پاڻ
جيتوڻيڪ عقل کان عاري ۽ ساده لوح هو،
(4)
تا هم عالمگير جي دور ۾ سندس لاڏ ۽ لوڏ جو دور
دورو هو، ڪيترن سرڪاري عهدن تي رهيو ۽ وقت جي
ڪيترن شاعرن سان سندس دوستي هئي، چونڪ عملي ماڻهو
ڪونه هو، تنهنڪري زياده تر وقت اهڙين مجلس ۽ محفلن
۾ بسر ڪندو هو.
انهيءَ دور جي مشهور فارسي گو شاعر، ”بيدل“ عظيم
آباديءَ سان سندس دوستي هئي. نعمت خان عالي سان به
راهه و رسم هئس. ”بيدل“ دوستيءَ جو حق ادا ڪندي
چيو:
آن ڪامگارِ عصر، ڪه درپيش تيغ او
خورشيد چون سپر، سرِ خود مي ڪشد بجيب
” جڏهن ڪامگار خان ٻي
(1)
شادي ڪئي ته نعمت خان عاليءَ مٿس اهو هجويه قصيدو
تصنيف ڪيو، جنهن جو پهريون شعر ڪتاب جي متن (153)
۾ آيل آهي.
اهو قصيدي جي لحاظ سان وڏي پائي جو آهي، ۽ انهيءَ
دور ۾ ڪجهه ڪامگار خان جي حماقتن سبب زياده تر فني
لحاظ جي ڪري- ڏاڍو مشهور ۽ معروف ٿي ويو. ڪيترن
تذڪره نگارن ان کي نقل ڪيو آهي. مير غلام علي آزاد
کي ان جي شرح لکي.
(2)
مير حسين دوست سنڀليءَ پنهنجي ”تذڪره حسينيءَ“
(3)
۾ ان کي جاءِ ڏني، ۽ سنڌ ۾ مير علي شير قانع
پنهنجي بياض ”حديقهء غلبا“ ۾ ان کي نقل ڪيو. صاحب
”ماثر الامرا“ پڻ انهيءَ قصيدي جو مطلع ڏنو آهي.
بهرحال، اهو قصيدو دلچسپ ۽ مزيدار هجويه استعارن ۽
علمي اصطلاحن سان ڀرپور آهي، طوالت سبب هتي ڏيئي
ڪونه ٿا سگهون، جنهن کي دلچسپي هجي سو ”تذڪره
حسينيءَ“ ۾ ان جي شرح ”خزانه عامره“ ۾ ڏسي سگهي
ٿو.
مير ابوالمڪارم شهود
مير ”شهود“ جو فارسي ڪلام ڪتاب جي 155- 159 صفحي
تي آيل آهي، ڪجهه وڌيڪ هٿ آيل متفرق ڪلام هتي درج
ڪجي ٿو:
رباعي:
روي تو چو مصحف است مشهود غلط
بس ڪلڪ قضا نوشته از مشڪ غلط
چشم و دهنت آيه و وقف، ابر و مد
مرگان اعراب و خال و خط حرف و نقط.
(1)
متفرق:
باز در جلوه در آمد بمن سروقدي
دلبري ماه رخي، تازه گلي سر سبدي
نسخه، از قامت و چشم ورخ و زلفِ تو،گرفت
باغبان، بهر چمن، داشته عالي سندي
ڪو تهي ڪرد شبِ وصل تو، هيهات، مگر
خواهم از زلف سياهت، بدرازي مددي
عشقم انداز جنون ڪرد، بپا، سلسله نيست
اي سرِ زلف! خدارا مددي ڪن مددي
(2)
---
نامراد عشق، بلند اقبال، در زنجير داشت
پيچ و تابِ من، شڪوه جوهر شمشير داشت
يا ايامي ڪه از، بيتابيِ مجنون ما
حلقه چشمِ غزالان، ناله زنجير داشت
حق اگر بندد دري، ره درڪشايد در عوض
طفل بي مادر زهر انگشت جوي شير داشت.
(1)
---
عرق فشاند رخت، بر زمين گلاب انداخت- زمين معطر شد
غلط غلط ڪه بهر قطره آفتاب انداخت- جهان منور
شد زلوح سينه مان، بهر ميتوان ديدن- چو شمع در
فانوس مگر ڪه عيش تو خرشيد در شراب انداخت- ڪه
ساعرم زر شد مگر مي دلِ عشاق نسبتي دارد طلوع اين
باده؟ مگر به ساغر ما ساقي آفتاب انداخت ڪه جام
ڪرثر شد سواد خط تو شيرازه از ڪتاب افگند- ڪه جمله
ابتر شد فروغ روي تو خورشيد را بخاڪ انداخت- چو
گوئي درميدان چو اوستاد ازل خواست انتخاب ڪند-
جمال خوبان را ز حالِ او بجهان طرح انتخاب انداخت-
بروي دلبر شد
(2)
مثنوي پري خانه سليمان
(3)
ڪيفيت: مير ابوالمڪارم جي مثنوي ‘پري خانه سلمان’
جو ذڪر سندس مذڪور ۾ ڪري آيا آهيون. انهيءَ
مثنويءَ جو هڪ خطي نسخو ڪتاب ختم ڪرڻ بعد راقم
الحروف جي مطالعي ۾ آيو، جنهن جي ڪيفيت ۽ منجهانئس
شعرن جو انتخاب هيٺ ڏجي ٿو:
اهو نسخو اول ۽ آخر ۾ ناقص آهي، شروع ۾ تيرنهن ورق
يعني ڇويهه صفحا کٽل اٿس ۽ پڇاڙيءَ جا هڪ يا ٻه
ورق غائب ڏسجن ٿا. پوئين ورق (2/166) جي آخر ۾
عنوان آهي ”ختم ڪتاب“ جنهن جا چار شعر انهيءَ
ساڳئي صفحي تي آهن. معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب جي
انهيءَ آخري عنوان جو ڪم از ڪم هڪ ورق غائب هوندو.
ڪتاب جي سائيز 2/1 5x
2/1 8 آهي ۽ سترنهن سٽون هر هڪ صفحي ۾ آهن. عنوان
ڳاڙهي مس ۾، ۽ متن ڪاري مس سان لکيل آهي.
پيش نظر نسخو چوڏهين ورق کان شروع ٿي 166 ورق تي
ختم ٿئي ٿو، چوڏهين ورق جي ٻنهي پاسن تي ڪتاب جي
تصنيف ۽ نالي متعلق شعر آهن. پهرئين ورق جي ابتدا
هن شعر سان ٿئي ٿي.
سخن از سينه ام فواره جو شد بشعرم آسمان تحسين
فروشد
اڳتي هلي هي شعر اچن ٿا:
نـگاريـن مقـٍـنـوي گـفـقــِم سـراسر
ز
احوال ِ سليمان پيمبر
ز نــازِ دلـفـريـب حـسـن بلـقـيـس نوشتم
پي، گذار شهاي تلبيس
در و هـر بيـت شــمـع جـاودانــــي
همه آزاده سروِ بوستاني
صـفِ ابيـات روشــن بـــيـن زيـبا
چراغان تافته بر روي دريا
تـرازو و ئيـســت، از نقـد گران پر
بجائي سنگ، لعل و جائي زد در
گــزيـده نـازنـيـن، قـامـت سزا وار
ميان، از شرم پنهان گشته چون راز
سپاس ايزد تعليٰ را ڪه، اين گـنـج
بسنجيدم بميزانِ گهر سنج
ڪفم، از بار سنجيدن، سبڪ شــد
نگاهم،
از تبِ ديدن، خنڪ شد
سرم، از سنجده بردن، شد سر افـراز
ز
زانوبند، بندِ زانوم باز
نگردد بـــعـد ازيـن زانــو چـو نــامه
ني
ساقم بدست پا، چو خامه
قلم، ڪزدستِ من بودش شڪنجه
بپاي
سر شدن، ميگشت رنجه
بسر پوشيد، چون شــاهان، ڪله را
نشد بعد ازين آسيب ره را
سقان افـتـاده در عـهـد قـلــمـدان برنگِ
نوعروسانِ سبڪ جان
نالو ۽ سال تاليف:
مثنويءَ جي نالي متعلق هيٺيان شعر چيا ويا آهن:
پـرجانـه چو گشت از خـامه اوراق تهي شد شيشه،
بنهاديم برطاق
چو پـايـان آمد، اين شيرين فسانه بخوان،
تاريخ و نامش، زين ترانه
پري خواندم ز بس نزدِ سليـمان سزد نامش-
‘پريخوان سليمان’
1060 هه
همان بهتر، گرين صحرا، ڪشم ڪار ڪنم در گلستانِ
وحدت، آرام
اهڙيءَ طرح مثنويءَ جي نالي مان تصنيف جو سال 1060
هه برآمد ٿئي ٿو.
پندرهين ورق کان نئون عنوان ‘نائين مناجات’ جو
شروع ٿئي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته گذريل ورقن ۾
حمد ۽ نعت وغيره جي دستوري ۽ رسمي عنوانن کان پوءِ
اٺ مناجاتون پڻ اچي چڪيون آهن.
|