مثالي شعر: خطن ۾ عالمگير جيڪي مثالي شعر آندا
آهن، سي پنهنجي جاءِ تي ته دلچسپ آهن، ليڪن دراصل
انهن مان عالمگير جي ذهني عالم ۽ سندس طبعيت جي
تيورن جو به پتو لڳي ٿو. لطف آميز نصيحت کان
زيادهه، تنبيهه آميز اشعار آهن، ۽ منجهان هڪ قسم
جي بيزاري تـُـندي ۽ تلخي پئي ظاهر ٿئي. مثلاً:
گفته گفته، شدم، بيسار گو از شما، يڪ تن
نشد، اسرار جو.
---
داني! ڪه برنگينِ سليمان، چه نقش بود؟
خطي، بزر توشته ڪه: اين نيز بگذرد.
---
چون غرض آمد، هنر پوشيده شد،
صد حجاب، از دل بسويء ديده شد.
---
ديگر چه معلم و ڪـتـــابت بايد چشمي داري و
عالمي در نظر است
---
گـفـقـِگــو قـّـسـيــار، حـَّامـش شـدم
مـسـلــه قـِـسليم ڪردم دم زدم
---
هرچه دلرا، فڪر آن ميسوخت، هم هجرِ بود،
آخر از بيمهريء گردون، بان،
هم ساختيم
---
نـخشـبي خـيز با زمانه بساز ورنه خود رانشانه
ساختن است
---
عــاقــلانِ زمـانـه، مـــيــگويـنــد: عاقلي،
با زمانه ساختن است
---
بايد نواخت فرق خران را بچوب دست
بيرون نهند چون قدمِ پيروي، ز راه
---
نصيحتي ڪنمت، بشنوؤ بهانه مگير
هر آنچه ناصحِ مشفق بگويدت پندي
---
حقوقِ خدمت صد ساله، لعب طفلان است
بڪشور يڪ، درو کودکان خداوند ند
---
ز دريا ميڪشد، صياد دام، آهسته آهسته
---
ڪلوخ انداز را پادش، سنگ است
----
افسوس ڪه عمر رفت و هوشياري نيست
دردا ڪه اميدِ خويشتن داري نيست
گفتم ڪه: چو بيدار شوم، روز بود
هيهات ڪه روز رفت و بيداري نيست
---
حـيـف بـر ايــن دانـش و آئــيـن او ڪور شده،
ديدهه خردبين او
---
راست نايد خواجگي، با بندگي!
---
از اختلاط چسپان، بيگانه ڪيء شود خويش
هر چند جامه تنگ است، جزو بدن نگردد
---
چنار، تا بڪجا! عيب مفلسي پوشد
---
عالمگير جي خطن جا مجموعا: عالمگير جي خطن جا
ڪيترا مجموعا آهن. جن جو تفصيل ڪتاب ۾ موجود
(1)
آهي. انهن مان جن مجموعن کي سندس منشين يا ڪن ٻين
ماڻهن مرتب ڪيو آهي، اهي هي آهن:
(1) آداب عالمگيري - از صادق خان انبالوي
(2) احڪام عالمگيري - از عنايت خان
(3) ڪلمات طيبات - از عنايت خان
انهيءَ قسم جي مجموعن مان مختلف خط چونڊي جيڪي
ڪتاب مرتب ڪيا ويا آهن، انهن مان:
(1) دستور العمل آگهي، ۽
(2)
رمزون اشارات عالمگيري مشهور آهن. سيد نجيب اشرف
جو خيال آهي ته ”رقائم ڪرائم“ پڻ انهن پوين ڪتابن
۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. يعني انهيءَ ۾ جيڪي مڪتوب
آهن سي پهرين ٽن مجموعن ۾ پڻ اچي ويا آهن، ۽ انهن
مان ئي مرتب ڪيا ويا آهن. ليڪن ”قائم ڪرائم“ جي
ديباچي مان انهيءَ قول جي تصديق ڪانه ٿي ٿئي. سيد
نجيب اشرف ”رقائم ڪرائم“ جا متعدد نسخا ڏٺا آهن، ۽
سندس قول آهي ته سڀني نسخن ۾ خطن جو برابر اختلاف
آهي (1).
سندس اشارو غالباً انهيءَ اختلاف ڏانهن آهي، جنهن
جو ذڪر اسان شروع ۾ ڪري آيا آهيون.
ضياءُ الدين يوسف ۽ مير ابوالمڪارم شهود
عالمگير جي نظامت هيٺ
ڪتاب جي صفحي 97 تي، عالمگير جي هڪ خط جو اقتباس
ڏئي آيا آهيون، جنهن ۾ ٺٽي جو بيان ڪندي، هن مير
ابوالبقا امير خان جي مٿين ٻن فرزندن جو ذڪر ڪيو
آهي. انهيءَ خط جي سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل جي ضرورت
محسوس ڪندي، هتي ڪجهه زياده حقيقتون پيش ڪريون ٿا،
جيئن اهو عنوان اڌورو رهجي نه وڃي.
سنڌ ۽ عالمگير: اورنگزيب عالمگير جڏهن بلخ ۽
بدخشان جي مهم تان موٽي اچي اٽڪ تي لٿو، ان وقت
شاهه جهان طرفان کيس 29- صفر 1058 هه (15- مارچ
1648ع) جو، ملتان جي نظامت لاءِ پروانو پهتو ۽ وري
ايندڙ سال جي پهرين تاريخ ذوالحج 1059 هه (26 -
نومبر 1649ع) جو جڏهن قنڌار جي پهرين مهم کان واپس
ٿي لاهور ۾ اچي پهتو، تڏهن سنڌ جو صوبو به سندس
اختيار ۽ اقتدار ۾ ڏنو ويو ۽ ساڳي وقت بکر ۽ سيوهڻ
جو علائقو پڻ – ’در تيول اَن ڪامگار مرحمت گرديد‘.
(2)
اورنگزيب انهيءَ وقت کان وٺي قنڌار جي ٻيءَ مهم
تان موٽي اچڻ 12 رمضان 1066 هه - 7 آگسٽ 1652ع)
تائين انهن ٻنهي صوبن جو صاحب ٿي رهيو. اڳتي هلڻ ۽
عالمگير جي خطن کي پيش ڪرڻ کان پهريون ضروري آهي
ته عالمگير جي نظامت واري زماني جو تاريخي جائزو
ڏنو وڃي، جو هن طرح آهي:
29 صفر 1058 هه بلخ کان موٽي اچي اٽڪ تي منزل
انداز ٿيو
15 مارچ 1648ع ۽ ملتان جي صوبيداريءَ جو پروانو
کيس انهيءَ تاريخ تي مليو.
10- ذوالحج 1058 هه شاهه عباس ثانيءَ قنڌار تي
حملو ڪيو.
26- ڊسمبر 1648ع
18- محرم 1059 هه قنڌار جي پهرئين مهم لاءِ ملتان
کان روانو ٿيو.
22- جنوري 1649ع
12- صفر 1059 هه مغل صوبيدار دولت خان کان
ايرانين قنڌار جو
25- فيبروري 1649ع شهر فتح ڪيو.
12 جمادي الاول 1059 هه عالمگير قنڌار پهتو.
25 مئي 1649ع
8- رمضان 1059 هه سامان جي پورت نه هئڻ سبب
عالمگير کي قنڌار
26- اڪٽوبر 1649ع کان موٽي اچڻو پيو.
15- ذيقعده 1059 هه قنڌار کان موٽي لاهور پهتو.
10- نومبر 1649ع
1- ذي الحج 1059 هه لاهور ۾ شاهه جهان کيس سنڌ جي
صوبيداريءَ جو
26- نومبر 1659ع پروانو ڏنو. عالمگير ساڳئي
ڏينهن لاهور کان
ملتان روانو ٿيو.
14- ذي الحج 1060 هه قنڌار جي سلسلي ۾ شاهه جهان
سان مشورو ڪرڻ
27- نومبر 1650ع
ملتان
کان دهليءَ هليو.
19- محرم 1061 هه دهليءَ پهتو.
2- جنوري 1651ع
1- ربيع الاول 1061 هه دهليءَ کان ملتان طرف
روانو ٿيو.
12- فيبروري 1651ع
12- ربيع الثاني 1061 هه موٽي اچي ملتان پهتو.
24- مارچ 1651ع
16- ربيع الاول 1062 هه قنڌار جي ٻيءَ مهم لاءِ
ملتان کان روانو ٿيو.
16- فيبروري 1652ع
3- جمادي الثاني 1062 هه قنڌار پهتو ۽ ٻن مهينن
اٺن ڏينهن جي جدوجهد
16- مئي 1652ع بعد، داراشڪوه جي اختلاف سبب،
شاهه جهان جي
حڪم تي ناڪاميءَ جي حالت
۾ قنڌار کان واپس روانو ٿيو، ۽ کيس حڪم ڏنو ويو
ته هو ملتان نه
وڃي، بلڪ لاهور رهي،
ملتان مان پنهنجا ٻار
گهرائي وٺي.
12- رمضان 1062 هه شاهه جهان لاهور ۾ کيس دکن جي
صوبيداريءَ جو
7- آگسٽ 1652ع پروانو ڏئي، حڪم ڪيو هو، ته
فوراً اوڏاهـين
روانو ٿي وڃي.
15- ربيع الاول 1063 هه عالمگير برهانپور
پهتو.
3- فيبروري 1653ع
مٿئين جائزي مان ظاهر آهي ته (1- ذي الحج 1059 هه
کان 12- رمضان 1062 هه تائين) ٻه سال اٺ مهينا ۽
ٻارنهن ڏينهن عالمگير ٺٽي جي صوبيداري ۽ بکر ۽
سيوهڻ جو تيولدار ٿي رهيو.
سيوهڻ جي نائب متعلق معلوم ٿي نه سگهيو، ليڪن ٺٽي
ّ۾ اهو سمورو عرصو مغل خان بن زين خان ڪوڪو- جيڪو
مير ابوالبقا امير خان جي انتقال (ربيع الاول 1057
هه) کان پوءِ ٺٽي تي مقرر ٿي آيو هو - عالمگير جي
نيابت ڪندو رهيو. بکر ۾ سندس طرفان خواجه
عبداللطيف فوجدار ۽ مير باقر ديوان مقرر هو. انهن
ئي ڪارندان ۽ ڪارپردازن جي حوالي، عالمگير سنڌ جا
ٽي حصا ڪري، پاڻ ملتان ۾ ويٺو رهيو، ڪجهه عرصي
لاءِ دهلي ويو ۽ قنڌار جي مهمن کي به منهن ڏنائين.
علاوه ازين، درباري سازشن ۽ برادراڻي ڪشمڪش کي پڻ
پنهنجو وقت ڏيندو رهيو.
سنڌ اندر انتشار: شاهه جهان جي اولاد ۾ تخت
نشينيءَ لاءِ جيڪا ڪشمڪش ۽ عداوت هلندي ٿي آئي،
تنهن سندس عمر جي آخري حصي ۾ جيڪا صورتحال اختيار
ڪئي، تنهن نه رڳو کيس نهوڙي ناس ڪيو، بلڪ ساڳي وقت
مغل سلطنت جي سمورن ڪل پرزن کي به هڪٻئي کان جدا
ڪري، سڄيءَ تشڪيل ۽ استحڪام کي تتر بتر ڪري ڇڏيو.
جيڪي صوبا محض قوت جي دٻاوَ تي سلطنت اندر شامل
ڪيا ويا هئا، انهن ۾ رهائيءَ ۽ آزاديءَ لاءِ
ازسرنو جدوجهد ۽ هڪ قسم جي امنگ ۽ آرزو پيدا ٿي
پئي- بلخ ۽ بخارا جي ڪشمڪش، قنڌار تي صفوي سلطان
جو قبضو ۽ هندي رياستن ۾ بيچيني-- اها سڄي
صورتحال، نتيجو، هو مغلن جي پنهنجي گهر و جنگ و
جدل ۽ انتشار جي ڪري پيدا ٿيل ڪمزوريءَ جو. تخت تي
ويهڻ بعد، جنهن جو سدباب ڪندي، خود عالمگير جي
پنهنجي حياتي به رائگان ٿي وئي.
سنڌ ۾- جنهن جي طاقتور، اهم ۽ نامور قبيلن، شروع
کان ئي مغلن جي تسلط سان پاڻ کي ذهني طرح سان
هموار ۽ هم آهنگ ڪري نه سگهيو هو- مرڪز جي انهيءَ
ڪمزوريءَ ۽ ڀائرن جي باهمي جنگ و جدل ۽ هڪٻئي خلاف
سازش جو فائدو وٺي، ازسرنو پنهنجي هلچل جو آغاز
ڪري ڏنو. جنهن جو ثبوت اشارتاً اسان کي عالمگير جي
انهن خطن مان ملي ٿو، جيڪي هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾
شاهه جهان ڏانهن لکيا آهن ۽ جن ۾ هن مخصوص سلطاني
زبان ۽ محاوري کي ڪتب آڻيندي، انهن آزادي خواه
قبيلن جي جدوجهد کي -- متمردن جي شرارت ۽ راهزنن
جو فساد سڏيو آهي- ليڪن کيس اهو معلوم نه هو ته
شاهه جهان جي شروع زماني اندر به سنڌ ۾ انهن
”متمردن“ ۽ ”رهزنن“ جي تحريڪ موجود هئي، جن جي
ڪشمڪش جو تفصيلي احوال پندرنهن سورنهن سال کانئس
اڳ (1044 هه) ’مظهر شاهه جهانيءَ‘ جو مصنف به
قلمبند ڪري چڪو هو.
عالمگير جو خط: عالمگير جي جنهن خط جو اسان 97
صفحي تي اقتباس ڏئي آيا آهيون، هتي اهو سڄو نقل
ڪريون ٿا، ته جيئن خط جي روشنيءَ ۾ چٽي تصوير اسان
جي سامهون اچي وڃي. عالمگير پنهنجي والد شاهه جهان
بادشاهه ڏانهن لکي ٿو:
”قبلهء عالم و عالميان سلامت!
قبل ازين، اين مريد بوسيلهء عرضداشت، بعرض اقدس
رسانيده بود ڪه: چون متمردان ’نهمردي‘ و ’جوکيه‘
ڪه در ڪوهستان ولايت تته ميباشند، صوبه دارانِ
سابق را اطاعت بواقعي ننموده، پيوسته براه زني و
فساد روزگار مي گذارنند. ملڪ حسين باجمعيتي ڪه
همراه داشت به تنبيه و تاديبِ آنها رفته است. درين
ولا از عرضداشت او و واقعه نويسِ آنجا ظاهر گشت
ڪه: موميٰ اليه باهمراهان از سرحد ’تته‘ بده منزل
به ’ڪاهره و بيله‘ ڪه گريز گاهِ
قبائل ’نهمردي‘ و’جوکيه‘ است، رفته خطبهء دولت و
اقبال بنام نامي واسم سامئي آنحضرت بلند آواز ساخت
. ودران مڪان ’هارون‘ و ’کهترتل‘ برادر
’ڪانبهودي‘ سرداران ’نهمرد‘ و ‘مريد‘ سرگروه
’جوکيه‘ بقدم انقياد و اطاعت آمده پيشڪش قبول
ڪردند. جعفر نهمردي خويش مانسنگهه زميندار پنجور،
ڪيچ و مڪران از قبل، او و پسران علي دڪاراني ڪه
عمده آن مرز بوم است، و حاجي رونجهه و ڄام جمعه
اعيال آن سر زمين، ڪه از عهد حڪام ترخانيه تا حال
رجوعي نداشتند، سر انقياد بخط فرمان نهاده. ’بد’
(1)
نام نـُـهمردي متعلقه ڪوهستان ولايت قندهار ڪه سر
حلقه مفسدانِ آن ضلع است. و از سرحد خود گذشت
بقصدِ دست اندازي بجانب ’ڪاهره و بيله’ آمد بود،
از وصول لشڪر نصرت اثر بڪوه نگار
(2)
فرار نمود. بنابران ملڪ حسين و جمعيتي از سپاه را
براهبريء زميندار آن حدود، بتاديب او فرستاده.
آنها شب درميان، هفتاد ڪروه ايلغار ڪرده برسر
بنگاه او رفت، سردار بجنگ پيش آمده باتوابعِ خويش
طعمه تيغ خون آشام گرديد، و چهل و چند ڪس بادختر
او اسير ڪردند. و سپاه نصرت قرين اسيران و مواشي
را گرفته مظفر و منصور بلشڪر گاه مراجعت نمودند،
درين اثنا، مان سنگهه مذڪور و ڪلا فرستاده نوشت
ڪه: در
’پنجور‘
(1)
ڪيچ و مڪران نيز خطبهء جهانباني نبام اعلحضرة
خاقاني سامعه افروز گشت. و چون باقبال بي زوال پير
و مرشد جهانيان چنين فتحي دست داد، لشڪر منصور
ازان نواحي بصوب تته مراجعت نمود.
قبله دين و دنيا سلامت!
’ستاهاله‘
(2)
ولد زميندار
’ککراله’ ڪه برهنمونيِء توفيق، ملڪ حسين را ديده بود.
درين وقت ڪه بجهت اصلاح حال خود روانه ملتان شد.
گاهيه (3)
مقهور برادر او، ڪه در سرحد ڪڇ بسرميبرد، از روئي
حسد و اغوائي زميندار آنجا جمعيت فراهم ڪرده به
پرگنه مذڪور در آمده ميخاست دست اندازي نمايد، بند
هايء درگاه والا خصوصاً پسران امير خان، ضياء
الدين يوسف و ابوالمڪارم و جمعي از سپاه ڪه ملڪ
حسين برايء احتياط شهر گذاشته بود. باغرابها و توپ
خانه، بقصدِ دفع آن مخذول شتافتند، و او تاب
نياورده، راهِ ادبار پيش گرفت. بمومي اليه تاڪيد
نموده شد ڪه در قلعِ ماده فسادِ آن مقهور اهتمام
تمام بڪار برد“.(4)
خط جا نقطا: اهو خط دهليءَ ويندي، عالمگير 14
ذوالحج 1060 هه
19- محرم 1061 هه 28- نومبر 1650ع
2- جنوري 1651ع جي درميان رستي تان بادشاهه ڏانهن
لکيو. انهيءَ خط مان ڪيتريون تاريخي حقيقتون ظاهر
ٿين ٿيون. ۽ ڪم و بيش 15 سالن گذرڻ بعد به سنڌ ۾
اسان کي اضطراب ۽ انتشار جون اهي ئي ساڳيون
حالتون نظر اچن ٿيون، جن سان يوسف ميرڪ جي تاليف
’مظهر شاهه جهاني’ ڀري پئي آهي.
(1) سنڌ ۾ جنهن جدوجهد جو آغاز ارغونن جي دور کان
شروع ٿيو هو سو ترخانن کان ٿيندو، اڪبر ۽ جهانگير
جي عهد ۾ به قائم رهندو، شاهه جهان جي آخري ايامن
تائين اچي پهتو هو. ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جا
تقريباً سمورا طاقتور قبيلا متحد طور برسر پيڪار
هئا.
(2) نه فقط مغل دور ۾، بلڪ عالمگير خود قبول ڪري
ٿو ته: مغلن کان اڳ به سنڌ جي قبيلن، ڪنهن جي
اڳيان ڪنڌ ڪونه نوايو هو. چنانچه هن ان لاءِ
ترخاني عهد جو مثال ڏنو آهي.
(3) خط ۾ عالمگير اهو به اشارو ڏنو آهي ته سندس
دور کان اڳ سنڌ تي جيڪي مغل صوبيدار آيا، انهن کي
پڻ ناڪامي نصيب ٿي هئي.
(4) ٿي سگهي ٿو ته شاهه جهان انهيءَ انتشار سبب
ئي، ملتان سان گڏ سنڌ جي ولايت به عالمگير جي
حوالي ڪئي هجي، تاڪه هو مغل تسلط خلاف جيڪا شورش
هلندي آئي هئي- ۽ جنهن کي ختم ڪرڻ ۾ سابق صوبيدار
ناڪام ٿي چڪا هئا- ان کي ختم ڪري.
(5) نومڙيا، ۽ جوکيا، ٻين قبيلن سان متحد ٿي ملڪ
اندر منتشر لڙائي لڙي رهيا هئا. هارون کڙتل،
ڪانڀو، نومڙين مان ۽ جوکين مان مريد جوکيو پنهنجي
همراهن سان انهيءَ تحريڪ جي مهنداري ڪري رهيا هئا،
جن جي جدوجهد جو دائرو سنڌ مان وڌي هڪ طرف ڪيچ
مڪران ۽ ٻئي پاسي ڪڇ ڀـڄ تائين پهچي چڪو هو. جعفر
نومڙيو، عليءَ جا پٽ: حاجي رونجهو، ڄام جمعو، ٻڍو
نهمردي وغيره پڻ ساڳيءَ تحريڪ جا معاون ۽ مددگار
هئا. خاص ٺٽي جي علائقي ۾، ڪڪرالي جا ڄام جهڙوڪ:
ستابو هالو ۽ گاهي هالو عالمگير جي قول مطابق ”دست
اندازي“ ڪري رهيا هئا.
(6) ملڪ حسين عالمگير جي طرفان مغل فوجن جو مهندار
هو، جنهن ملڪي ماڻهن جي تحريڪ کي زير و زبر ڪرڻ
لاءِ ڊڪ ڊوڙ ٿي ڪئي.
عالمگير جي ٻئي هڪ خط مان جيڪو انهيءَ ئي زماني جو
لکيل آهي معلوم ٿئي ٿو ته اڳتي هلي ملڪ حسين جي
سلسلي ۾ اختلاف ٿي پيو هو، جنهن جي حقيقت شايد
واقع نويسن جي ذريعي بادشاهه تائين پهتي. جنهن تي
عالمگير کان باز پرس ٿي، ۽ پنهنجي جواب ۾ لکيو ته:
|