سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 1

تذڪره امير خاني

(سنڌ جي هڪ علمي ۽ تاريخي خاندان جا مفصل حالات)

سيد حسام الدين راشدي

 

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ادبي بورڊ جي جڳ مشهور ”تاريخ رٿا“ ۾ جن ڪتابن کي غير معمولي اهميت حاصل آهي، تن ۾ هيءُ ڪتاب به شامل آهي. ”تذڪرهء اميرخاني“ جي سري هيٺ هن تحرير ۾ هڪ اهڙي علمي، ادبي ۽ تاريخي خاندان جا مفصل حالات ڏنا ويا آهن، جنهن سنڌ اندر مغل دور حڪومت ۾ ڊگهي عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن تي راڄ ڪيو آهي. انهيءَ خاندان جي سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جي پوري هڪ تاريخ آهي، جيڪا انتهائي اهم واقعن ۽ معاملن سان ڀري پئي آهي. مغل حڪمرانن جي انهيءَ نمڪ خوار ۽ وفادار خاندان جي سمورن فردن جا حالات هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇپائڻ جو سهرو سنڌ جي نامور مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ جي سر تي سجي ٿو. راشدي صاحب وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان هن خاندان جي مشهور ۽ معروف فردن جا حالات مختلف ڪتابن تان نقل ڪري ”تذڪرهء اميرخاني“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ مان ڇپائي پڌرا ڪيا.

هن ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ اڄ کان ڪي ٻه - ٽي صديون اڳ تڏهوڪي سنڌ جي قبيلن ۽ ماڳن مڪانن سميت ان دور جي پوري سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي ريتن رسمن جو تاريخي پسمنظر اکين جي اڳيان تري بيهي ٿو.

علمي جاکوڙ سان ڀريل هيءُ هڪ وڏو ۽ مشڪل ڪم هو، جنهن کي توڙ نڀائڻ ڪنهن جهڙي تهڙي مؤرخ جي وس جي ڳالهه نه هئي. ڇو ته هڪ ڌارئي خاندان جا حالات مفصل انداز ۾ گڏ ڪرڻ ۽ وري انهن کي ڇنڊي ڇاڻي ڇپائيءَ لائق بڻائڻ، وڏو محنت طلب ڪم آهي، جنهن تي سيد حسام الدين راشديءَ جهڙو مستقل مزاج مؤرخ ئي ڪم ڪري ٿـَـي سگهيو.

هن ڪتاب جي اهميت بابت مؤلف سيد حسام الدين راشدي ديباچي ۾ لکي ٿو ته: ”تذڪري جي سلسلي ۾ تحقيق ۽ تلاش ڪندي، مون کي سخت محنت ڪرڻي پئي آهي. پڙهندڙ، اڳتي پڙهندي، ان جو اندازو ڪري سگهندا. ڪافي ڪتاب ڏٺا اٿم ۽ سوين ورق اٿلايا اٿم، رب ڪريم جي امداد شامل حال رهي، تلاش ڪندي اُهي اُهي نوشتا ميسر ٿيا ۽ اُهي اُهي ڪتاب هٿ لڳا، جن جو ابتدا ۾ وهم گمان به نه هو.“

بيشڪ ان ڳالهه ۾ شڪ نه آهي، ته سيد حسام الدين راشدي اڄ جي نام ڪـَـٺين محققن جيان رڳو ڪتبخانن ۾ ويهي، چانهيون پيئي ٻين کان ڪتاب کولرائي تحقيق جو ڪم نه ڪرايو هوندو. هن صاحب پاڻ هـُـرتو پنهنجي ذاتي توڻي سرڪاري ڪتبخانن کان علاوه ڳوٺن ۽ وستين واهڻن جا سفر ڪاٽي هن رٿا کي توڙ پهچايو هوندو.

اسان اميد ڪريون ٿا، ته هيءُ محنت طلب ۽ تاريخي ڪتاب جنهن محنت ۽ پيار سان نئين سر ڇپائي پڌرو ڪري رهيا آهيون، اُن ساڳي جذبي سان مانوارن پڙهندڙ دوستن وٽ به قبول پوندو.

 

ڄام شورو، سنڌ                                          انعام الله شيخ

جمعو 14 - جمادي الثاني 1426هه                       سيڪريٽري

بمطابق 22- جولاءِ 2005ع                           سنڌي ادبي بورڊ


 

 

 

 

عشق از فرياد ما هنگامهاتعمير ڪرد
ورنه اين بزم خموشان هيچ غوغايء نداشت

 

 

 

 

 

 

(1)

”اي فرزند عزيز! از جاهلان پريشان روزگار،
و از ابلهان نادان بد ڪردار، اجتناب بايد نمود، ڪه
آشنايء و صحبت با ايشان همچون زهر قاتل است.
خانهء  دگر را ابتر و تاريڪ ساز دو چراغ عقل را بي نور.“

 

- ابوالقاسم نمڪين

(2)

”هم نشينِ اهلِ علم و اربابِ دانش و صلاح بايد بود، و بڪسبِ ڪمال بايد ڪوشيد.“

- ابوالقاسم نمڪين

 

 

ديباچو

”هيءَ ڪنهن جي قبر آهي؟“

”بـُـل قاسم جي.“

”ڪير هو بـُـل قاسم؟“

”بـِـن قاسم جو ساٿي، ۽ نبي سائينءَ جن جو صحابي.“

اِهي سوال جواب، 1932ع ۾، منهنجي ۽ "سـَـتـِـيـُـن واري ٿانَ، جي مجاور جي وچ ۾ ٿيا.

مان سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جا ڊٺل ڦٽل مقبرا ۽ مزارون، زبون ٿيل در ۽ ديواريون ۽ ويران ٿيل مسجدون ۽ درگاهون ڏسندو، روهڙيءَ ۾، مهراڻ جي ڪناري سان "ستين جي ٿان" واري خوبصورت ۽ بناوٽ جي لحاظ سان غيرمعمولي حسين عمارت تي پهتو هئس.

مجاور اُهائي ڳالهه ٻڌائي، جيڪا انهيءَ گرد و نواح ۾ مشهور ۽ معتبر هئي، يعني، ” اسلام جي اچڻ کان اڳ انهيءَ ٽڪريءَ تي ست سـَـتيون (سـَـتـُـر واريون) ڀينر رهنديون هيون، محمد بن قاسم جڏهن اروڙ تي لشڪر ڪشي ڪئي، ۽ راجا ڏاهر سان وڙهندي جيڪي چند صحابي سڳورا شهيد ٿيا، انهن کي آڻي ات دفن ڪيو ويو“. قبرن تي جيڪي ڪتبا آهن، انهن مان ڪن تي ”شهيد“ جو لفظ اُڪريل هو، ازان سواءِ هڪ قبر تي ”ابوالقاسم“ جونالو ۽ ٻيءَ تي ءِ امير ابوالقاسم“ جا لفظ به لکيل هئا، اروڙ جي ويجهڙائي، ”شهيد“ جو لفظ، ۽ ”ابوالقاسم“ جا نالا گڏجي سڏجي انهيءَ ڏندڪٿا جو ڪارڻ بڻيا هئا.

قبرستان کي ڏسڻ بعد، پنهنجي سنڌي ڀائرن جي ناواقفيت، بي خبريءَ  ۽ بي بهري هجڻ تي مطلق افسوس ڪونه ٿيو. ڀلا ڪهڙي لکيل پڙهيل سنڌيءَ پنهنجي ملڪ ۽ وطن جي آثارن کي اچي ڏٺو آهي؟ ڪهڙي سياڻي ۽ سيبتي کين اصل حقيقت کان آگاهه ڪيو آهي؟ ان حالت ۾ اڌ پڙهيا سنڌي ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا ڇو نه هر شهيد کي ”صحابي“ ۽ هر ابوالقاسم کي ”بل قاسم“ چئي، نياز ۽ نذر ڏيئي، هـِـنن ”صحابين سڳورن“ کان هر مشڪل لاءِ امداد گهرندا!

انهيءَ ڏينهن مون فيصلو ڪيو ته انهيءَ قبرستان ۾ جيڪي ستل مڙس آهن، انهن جي حالات جي تلاش ۽ تجسس ڪريان. سڀ کان پهريون، سنڌ جي تاريخ جو صحيفو يعني ءِ تحفـة الڪرام“ اٿلايم. چند سٽون ۽ ڪي منتشر حوالا هٿ لڳا. اطمينان نه ٿيو. ڳولا برابر جاري رهي. رفتي رفتي منهنجي اڳيان انهيءَ ”بل قاسم“ ۽ انهيءَ ”صحابي سڳوري“ جي عظيم الشان خاندان جا حالات روشن ٿيندا ويا، مون ڏٺو ته انهيءَ گهراڻي ٽي سئو ورهيه نه فقط سنڌ ۽ هند جي سياست ۽ حڪومت ۾ نمايان حصو ورتو آهي، بلڪ خود سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ سندن ڇڏيل اثاثو ۽ ورثو ايترو گهڻو ۽ ايڏو بي مثل آهي، جو هوند اسان ڪيتروئي کڻي فخر ڪريون، تڏهن به ڪجهه نه آهي.

انهيءَ ٽڪريءَ تي انهيءَ حسين ۽ جميل عمارت جو جوڙائيندڙ، ۽ سنڌ جي اميرخاني خانوادي جو باني مباني، مير ابوالقاسم نمڪين، نه فقط پاڻ اڪبري دور جو امير ڪبير، سنڌ جو حاڪم، ۽ يگانهء  روزگار مصنف هو، بلڪ سندس پٽن ۽ پوٽن مان هر هڪ فرد، پنهنجي پنهنجي دور ۾، سلسلي اقتدار ۽ اختيار سان گڏ، بي مثل عالم، اديب، شاعر ۽ مصنف ٿي گذريو آهي.

سرڪاري ملازم، سنڌ جي حاڪم، ۽ مغليه منصبدار جي حيثيت ۾، سنڌ جي تاريخ ۾ انهيءَ خاندان جو ذڪر ضـِـمنن اچي سگهيو ٿي، ليڪن مون سمجهيو ته اِهو سراسر ظلم آهي، جو سياست ڪاريءَ جي ڪـُـشت و خون واري ميدان ۾ انهيءَ گهراڻي کي آڻي، انهن جو علمي ۽ ثقافتي خدمتون اکين کان اوجهل ڪري ڇڏجن. تنهنڪري مون فيصلو ڪيو ته انهيءَ گهراڻي جو جدا تذڪرو لکڻ گهرجي، جنهن ۾ سياسي پس منظر سان گڏ، سندن علمي ڪارگذاريون، ٽن صدين جي گرد و غبار ڪڍي، ڇنڊي ڦوڪي  اُجاگر ڪجن.

جنهن خاندان سنڌ جي ادبي تاريخ لاءِ هيٺيان ڪتاب ڇڏيا---

”منشات نمڪين“،

”مظهر شاهه جهاني“،

”رقائم ڪرائم“،

”معلومات الافاق“،

”رشحات الفنون“،

”مثنوي پريخانه سليمان“،

”مثنوي بديع الجمال و سيف الملوڪ"،

“ اڪيچار ديوان:

جنهن گهراڻي هيٺيان صاحب ديوان شاعر، اديب ۽ مصنف پيدا ڪيا-

مير نمڪين،

ابوالبقا امير خان،

مير عبدالر زاق،

ضياء الدين يوسف،

عبدالڪريم ”ملتفت“،

اشرف خان،

ابوالمڪارم شهود،

امين الدين خان،

مير ”گدا“،

رضي الدين ”فدائي“،

مير ابوتراب ”ڪامل“،

مير محمد ”عطا“،

مير حفيظ الدين ،

مير معين الدين،

مير ولي اعظم،

مير حبيب الله، ۽

مير باقر خان:

جنهن خانوادي سنڌ جي سرزمين تي هيٺيان ثقافتي آثار ڇڏيا---

بازار عظيم الشان،             بکر،

جامع مسجد،                  بکر،

جامع مسجد،                  روهڙي،

عيدگاهه،                       روهڙي،

صفهء  صفا                    روهڙي،

صفهء وفا                       سيوهڻ،

امير آباد،                      ضلعو ٺٽو،

جهانگير آباد،                 ضلعو دادو،

جامع مسجد،                 ٺٽو،

مسجد اميرخاني،              ٺٽو،

رانئڪ اميرخاني،              ٺٽو،

محلو امير خاني،               ٺٽو

-- اهڙي عظيم المرتبت ۽ عظيم آڪهه لاءِ منهنجو اهو فيصلو هر طرح مناسب ۽ موزون هو: ۽ هيءُ تذڪرو انهيءَ فيصلي جو نتيجو آهي.

تذڪري جي سلسلي ۾ تحقيق ۽ تلاش ڪندي، مون کي سخت محنت ڪرڻي پئي آهي. پڙهندڙ، اڳتي پڙهندي، ان جو اندازو ڪري سگهندا. ڪافي  ڪتاب ڏٺا اٿم ۽ سوين ورق اٿلايا اٿم. رب ڪريم جي امداد شامل حال رهي، تلاش ڪندي اُهي اُهي نوشتا ميسر ٿيا ۽ اُهي اُهي ڪتاب هٿ لڳا، جن جو وهم گمان به ابتدا ۾ ڪونه هو. ”مظهر شاهه جهاني“ جهڙي بي مثل سنڌ جي تاريخ جو اهو اڪيلو نسخو هٿ آيو، جيڪو دنيا ۾ واحد آهي(1) ۽ مصنف جي پنهنجي ملڪيت جو هو. مير ابوالبقا امير خان جو اهو فرمان اوچتو نظر آيو، جيڪو هن ٺٽي جي دوران حڪومت ۾ لکيو هو. اهڙيءَ طرح ”رقائم ڪرائم“ جا نسخا ۽ ”منشات نمڪين“ جو مخطوطو اتفاق سان برٽش ميوزم ۽ انڊيا آفيس ۾ اکين چڙهيو. اهڙيءَ طرح ڪيترا خطي بياض به نادانسته ۽ بلڪل غير متوقع طور هٿ آيا، جن ۾ انهيءَ گهراڻي جا علمي آثار موجود هئا. باوجود گهڻو ڪجهه هٿ ڪرڻ جي به، آءُ هيءَ دعوا ڪونه ٿو ڪريان ته هن خاندان جيڪي علمي اثاثو ڇڏيو، سو سڀ مون ڏٺو يا مون کي ميسر ٿيو. خدا ڄاڻي اڃا ڪيترا ماڻڪ ۽ موتي اکين کان اُجهل رهيا ۽ ڪيترا هيرا ۽ لعل زماني جي اٿل پٿل گم ڪري ڇڏيا! ڪيترن جا ديوان ملي نه سگهيا: مير "ڪامل" جو سڄو ادبي ورثو جيڪر ڏهن ضخيم جلدن ۾ هو، سو گم ٿي ويو يا ملي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح انهيءَ گهراڻي جيڪي ڪتاب لکيا، انهن سڀني جا نالا ميسر ٿي نه سگهيا، ڪتابن ۾ ڪن تصنيفن جو ذڪر آهي، ڪن جو ته موران نالوئي ڪونه آيو آهي: مثلاً، ”مظهر شاهجهانيءَ“ جهڙي بي نظير ڪتاب ۽ ان جي مصنف جو ڪٿي به ذڪر ڪونه آيو آهي، دنيا ۾ هيترا سارا عظيم الشان ڪتبخانا آهن، وس آهر سڀني جي فهرستن جي ورق گرداني ڪيم، ليڪن ڪٿان به سراغ نه ملي سگهيو، پوءِ ڇو نه اهو گمان ڪجي ته انهيءَ خاندان جا اڃا به ڪي اهڙا ڪتاب هوندا، جن جي ڄاڻ اسان کي ڪانه آهي!

مون ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪي آثار اڄ موجود آهن، انهن سڀني جا فوٽا ڪتاب ۾ ڏيان، اڄ اُهي زبون ۽ زير و زبر واريءَ حالت ۾ موجود ته آهن، خدا ڄاڻي سڀاڻي اُهي به رهن يا نه رهن. تنهنڪري تذڪري ۾ انهن جي صورت کي محفوظ ڪرڻ ازحد ضروري نظر آيو. اِهي فوٽا گهڻا مون پاڻ ڪڍيا آهن، ۽ ڪي محڪمه آثار قديمه وارن عنايت ڪيا آهن. "ستين جي ٿان" ۽ مسجد اميرخانيءَ جو پينسل اسڪيچ منهنجي ننڍڙي ڀاڻيجي، ميان محمد زمان، جي محنت جو نتيجو آهي- اڃا پندرهن ورهين جو ٻار آهي، خدا سندس مستقبل روشن ڪري ۽ کيس ذوق سليم ڏئي- سندس ڪڍيل ستين جي ٿان وارو اِسڪيچ ڏسڻ وٽان آهي. مير ابوالبقا اميرخان جي فرمان جو فوٽو منهنجي عزيز دوست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مهيا ڪري ڏنو. جن دوستن هن ڏس ۾ مون سان ڀال ڀلايا، تن سڀني جو آءٌ شڪر گذار ۽ احسانمند آهيان.

پندرهن سالن جي تحقيق ۽ تلاش جو نتيجو پڙهندڙن جي پيش آهي. نه مون کي صلي جي خواهش آهي، نه شابس جي تمنا، مقصد اهو آهي، ته هن گهراڻي جا علمي ڪارناما زندهه رهن.

 

ڪراچي

10 - جون 1955ع                                  حسام الدين راشدي


(1) "مظهر شاهه جهانيءَ" جوهڪ ٻيو نسخو به هٿ آيو آهي، جيڪو پنجاب يونيورسٽيءَ جي ملڪيت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org