انهيءَ کان زياده سندس زندگيءَ تي روشني ڪانه وڌي
ويئي آهي، ”بخدمت عمده نامي“ جي به وضاحت ٿيل ڪانه
آهي ته هن جي سپرد ڪهڙيون ملڪي خدمتون ٿيون، يا هو
ڪهڙن عهدن تي فائز رهيو.
فرمانن جي هڪ بياض
(2) ۾
مير صاحب جا مهر لڳل ڪي پروانا نقل ٿيل آهن، جن
مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب زياده وقت ٺٽي ۾
”ديوان“ جي عهدي تي رهيو. ترتيبوار هيٺينءَ طرح
پروانا بياض ۾ موجود آهن:
نمبر 17 پرواني مان معلوم ٿئي ٿو ته مير متين
الدين خان 1091 هه ۾ ٺٽي جو ديوان هو. هن انهيءَ
سال ۾ خواجه محمد افضل ولد خواجه محمد حافظ جي
نالي نو هزار ست سو ستهتر دام جو پروانو پرڳڻي
ڪاتيار، جوڻ ۽ چاچڪان تي ڪڍيو.
نمبر 47 مان معلوم ٿئي ٿو ته 1095 هه ۾ به مير ٺٽي
۾ ساڳئي عهدي تي هو، ۽ هن شيخ عبدالحليم ٺٽويءَ جي
نالي هڪ سئو خرار اَن ۽ پندرنهن هزار دام جو
پروانو ساڪري پرڳڻي تي ڪڍيو. ساڻس گڏ محمد شريف
نالي ڪو بزرگ صدر هو جنهن جي مهر پڻ ان تي لڳل
آهي.
نمبر 8 مان معلوم ٿئي ٿو ته 1118 هه ۾ به مير صاحب
ٺٽي جو ديوان هو، ۽ هن سيد ڪمال الدين جي نالي پنج
هزار دام جو پروانو چاڪر هالي جي سرڪار تي جاري
ڪيو. 1118 هه کان 1126 هه تائين جي مختلف سالن جا
پروانا به بياض ۾ موجود آهن. هن مان اهو قياس ٿئي
ٿو ته مير صاحب سڀ کان پهريائين 1091 هه ۾ ٺٽي جو
ديوان ٿيو، ۽ 1095 هه تائين يا ڪي سال ان کان پوءِ
به ان حيثيت سان رهيو، وري وچان سال ڪنهن ٻئي عهدي
تي هو، جتان 1118 هه ۾ موٽي آيو ۽ 1126 هه تائين
مسلسل يا وچ ۾ ڪن سالن جي غير حاضريءَ سان ٺٽي جو
ديوان رهندو آيو. مثلاً:
نمبر 22 پرواني مان معلوم ٿئي ٿو ته 1118 هه ۾ مير
صاحب ديوان جو حيثيت ۾ سيد عبدالوهاب مشهديءَ جي
لاءِ تنخواه جو اجرا ڪيو، جنهن تي محمد حسين صدر
جي به مهر آهي. محمد حسين صدر، معلوم ٿئي ٿو ته
1134 هه تائين، ٺٽي ۾ صدر جي عهدي تي رهيو، انهيءَ
سال جي سند تي ساڻس گڏ فضائل علي خان جي، ديوان جي
حيثيت ۾، مهر ثبت آهي.
نمبر 52 پروانو به 1118 هه جو آهي، جيڪو سيد شڪر
الله جي اولاد لاءِ مير متين الدين ڪڍيو، محمد
حسين صدر جي ان تي مهر آهي.
نمبر 53، پروانو 1119 هه جو آهي، جيڪو مير متين
الدين پنهنجي عزيز مير محمد اڪرم ولد مير محي
الدين خان (نبيره امير خان) جي نالي
25 هزار دام تنخواه لاءِ ڪڍيو. 1120 هه جو به هڪ
پروانو ساڳئي عزيز لاءِ اجرا ٿيل آهي، جنهن مطابق
پنج هزار دام انڙپور (لڪيءَ) مان مير محمد اڪرم کي
ملڻا ٿيا.
پروانو نمبر 17 به 1120 هه جو آهي، جيڪو مير صاحب
خواجه امان الله ٺٽويءَ لاءِ ڪڍيو. 1118 هه کان
1120 هه تائين مسلسل پروانا مير صاحب جا نڪتل آهن.
ڀانئجي ٿو ته ان کان پوءِ پاڻ بدلي ٿي ويو ۽ ڪو
ٻيو ديوان آيو. 1124 هه جي هڪ پرواني مان، جيڪو
سيد مرتضيٰ ولد سيد ڪمال الدين (نمبر 18 واري) جي
نالي نڪتل آهي، معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت مير ڪمال
الدين نالي ڪو صاحب ديوانيءَ جي عهدي تي فائز هو.
1125 هه ۾ وري معلوم ٿئي ٿو ته مير متين الدين
ٺٽوي ساڳئي عهدي تي موٽي آيو، ۽ هن شيخ عبدالشهيد
ٺٽويءَ جي نالي پروانو (نمبر 50) جاري ڪيو. 1126
هه جو ٻيو هڪ پروانو آهي، جيڪو سيد مرتضيٰ ولد سيد
ڪمال الدين (نمبر 18 واري) جي نالي تي مير صاحب
ڪڍيو.
مٿين پروانن مان معلوم ٿئي ٿو ته 1091هه کان
1095هه تائين مير صاحب ٺٽي جو ديوان هو، ۽ وري
1118 هه کان 1120 هه تائين رهيو ۽ ٽيون دفعو 1112
هه کان 1126 هه تائين رهيو. 1127 هه ۾ سندس والد
وفات ڪئي ۽ ان کان پوءِ سندس عهدن يا زندگيءَ
متعلق ڪابه تاريخي شهادت ملي ڪانه ٿي سگهي.
عبدالحڪيم ”عطا“ جو هڪ مدحيو قطعو اسان کي مليو
آهي، جيڪو ٺٽي ۾ مير صاحب جي آمد تي چيو ويو آهي:
هزار شڪر ڪه آن داعيان نواز آمد
بهار فيض بفضلِ بهار باز آمد
امير صاحب عزو علامتين الدين
ز خاي گلشن جان سرو سرفراز آمد
قبيله پرور، اخوان ملاذ، اعوان بخش
باوج حشمت و اقبال و احتزاز آمد
اميد پير و جوان، مدعاي اهل عطا
بيمن مشغلهء دعوت نياز آمد
فقير پير دعاگو عطا ز شوق لقا
بنذر مدح تو خواهان امتياز آمد
با قتباس حضور تو بار خاطر نيست
ڪه در ملازمت آمد اگر مجاز آمد
مير صاحب جي وفات جو سال ڪنهن مؤرخ ضبط نه ڪيو
آهي. خوش قسمتيءَ سبب سندس مزار پنهنجي والد جي
پهلوءَ ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪتبي مان سندس انتقال
جو سال 1177هه معلوم ٿئي ٿو. ڪتبو هيءُ آهي:
چو حبِ آل موليٰ، جان خان بود
روانش برد حورالعين بجنت
بدل سالِ وصالش گفت رضوان
نگو ”منزل متين الدين بجنت“. 1177 هه
جيڪڏهن 1091 هه ۾ مير صاحب ٺٽي جو ديوان هو، ته ان
حالت ۾ 1177هه ۾ سندس عمر سئو يا ان کان مٿي هجڻ
کپي. مير صاحب جي وفات وارو زمانو ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي جي حڪومت (1170هه- 1186 هه) جو هو، پٽس،
امين الدين خان، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور
(1111 هه- 1131هه) ۾ انتقال ڪيو. ۽ پاڻ عالمگير جي
عهد ۾ پيدا ٿيو، ۽ مغل سلطنت جو زوال اکين اڳيان
گذاريائين. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي سنڌ اندر قوت
سندس روبرو قائم ٿي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
زماني ۾ (1131هه - 1167 هه) سنڌ جو مغليه سلطنت
کان آزاد ٿيڻ اکين سان ڏٺائين. نور محمد ڪلهوڙي
کان پوءِ مرادياب ڪلهوڙي (1167هه- 1170هه) جو دور
ڏسي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي راڄ ۾ راهه رباني
وٺي ويو.
امـيـن الـديـن خـان جو آخـري زمـانـو، سـنڌ اندر
مـغـل حـڪـومت جي زوال جـو زمـانـو هـو. حـّنـهـن
وقـت فـوت ٿيـو، ان وقـت ٺٽـي ۾ ٻـن مـغـل گورنرن
جو باهمي جدال قتال هو، جنهن ۾ عطر خان
(1)
شهيد ٿيو ۽ لطف علي خان شهيد ٿيو ۽ لطف علي خان
(2)
قابض ٿيو. اها ويڙهه به مغليه قوت جي زبون حاليءَ
جو دليل هئي. 1127 هه ۾ جڏهن امين الدين خان
انتقال ڪيو، ان وقت لطف علي خان به معزول ٿيو ۽
اعظم خان
(3)
دهليءَ کان آيو، جنهن جي دور ۾ شاهه عنايت
(4)
جي شهادت جو المناڪ واقعو ظهور ۾ آيو، ۽ سنڌ
خوفناڪ ڏڪر ۽ ٻن اڪيچار بلائن ۾ مبتلا ٿي.
مير امين الدين خان کي ٻه پٽ هئا:
(1) مير محمد غوث
(2) مير ابوالمفاخر
مير محمد غوث، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور
(1131هه- 1167 هه) ۾، بخشي گريءَ جي عهدي تي فائز
هو، ۽ بقول مير ”قانع“- ”بحالت بزرگي مستثنيٰ
گذشته“. فرمانن واري بياض ۾ جنهن جو ذڪر گذريل
صفحن ۾ اچي چڪو آهي، هڪ سند آهي جنهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي 1162هه ۾، هـُـن
لاءِ هڪ رپئي ڏهاڙيءَ جو اجرا ڪيو، ميان مرادياب
ڪلهوڙي 1167هه ۾ ان کي نئون ڪيو، ۽ 1168 هه ۾ به
ساڳئي سند کي نئون ڪري مرادياب ڪلهوڙي هڪ رپئي
ڏهاڙي جو اجرا ڪيو. 1182 هه ۾
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ساڳي تنخواه مير محمد غوث
جي پٽ مير ڪريم الدين لاءِ جاري ڪئي، جنهن مان
يقين ٿيو ٿو ته مير غوث جو انتقال سن 1182هه کان
اڳ، بلڪ سن 1181هه کان به اڳ ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته مير
علي شير ”تحفة الڪرام“ ۾ جيڪي لکيو آهي، ان مان
معلوم ٿئي ٿو ته هو ان وقت زندهه نه هو.
مير غوث جي مزار مڪليءَ تي پنهنجي پيءُ جي پهلوءَ
۾ موجود آهي، ليڪن ڪتبي وارو پٿر قبر کان ٿڙي
ڪيتري زماني کان زمين ۾ پورجي ويل آهي، ۽ تاريخ
جون آخري ٻه سٽون ڊهي ويل آهن، جنهنڪري تاريخ جو
صحيح تعين ٿي نه ٿو سگهي. ڪتبو هيءُ آهي:
مير محمد غوث از دنيا بر فت
جنت الماويٰء گشته جاي او
]هاتفم گفتا[
ڪه سالِ رحلتش
]باد درخلد برينل[
ماواي او“
(1)
ڪتبي جي سال جا انگ به ڊٺل آهن، معلوم پيو ٿئي ته
ڄڻ 1172هه لکيل آهي.
مير غوث جي هڪ پٽ مير ڪريم الدين جو نالو مير علي
شير
”تحفة الڪرام“ ۾ لکيو آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو ته
’اڃا تائين (1281 هه) ڪلهوڙن جي دربار ۾ پيءُ واري
عهدي تي فائز آهي.‘
(1)
انهيءَ مير ڪريم الدين جي نالي مٿي ذڪر ڪيل
پروانو، جيڪو 1182هه ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جاري
ڪيو هو، تنهن جي تصديق ميان عبدالنبيءَ ڪلهوڙي
1101 هجريءَ ۾ ڪئي، ۽ جڏهن ڪلهوڙا ختم ٿيا ۽ ٽالپر
آيا، ته مير فتح علي خان به 1201 هه، ۾ ساڳئيءَ
تنخواه کي قائم رکي، انهيءَ ئي سند جي تصديق ڪئي.
انهيءَ ئي ساڳئي پرواني مان اهو به معلوم ٿئي ٿو
ته مير محمد غوث کي ٻيو به پٽ سيد قنبر علي نالي
هو، جنهن جو پڻ نالو انهن سـَـندن ۾ شامل ڪيو ويو
آهي. سيد قنبر علي ڀانئجي ٿو ته 1219 هه کان اڳ
فوت ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سال سندس وظيفو سيد ڪرم
علي ۽ پير وڏن شاهه جي نالي جاري ڪيو ويو، جيڪي
ممڪن آهي ته فرزند هجن.
سيد ڪريم الدين جي هڪ پٽ، مير متين الدين ناٺيءَ،
جو نالو به ٽالپرن جي ڏنل سـَـندن ۾ اچي ٿو، ۽
سندس نالي تي پهريون پروانو 1241 هه ۾ مير ڪرم علي
خان جاري ڪيو، جيڪو 1244 هه ۽ 1248 هه تائين تصديق
ٿيندو رهيو.
مير متين الدين خان جي ٻئي پٽ، مير ابوالمفاخر،
لاءِ اسان کي تاريخ جي ذريعي ڪابه معلومات ملي
ڪانه ٿي سگهي، مير ”قانع“ فقط سندس نالو لکيو آهي،
۽ سندن مان فقط ايترو معلوم ٿئي ٿو ته هو 1127 هه
۾ موجود هو. مڪليءَ واري اميرخاني رانئڪ ۾ گهڻيون
ئي قبرون ڊٺيون ۽ ڦٽيون پيون آهن، ممڪن آهي ته اهو
سيد زادو به ڪنهن زبون ٿيل مزار ۾ مڻ مٽين جا مٿان
وجهيون محوِ خواب هجي.
مير محمد ’گدا‘:
گدا مير امين الدين خان جو ٻيو فرزند هو. سندس اصل
نالو
ڪلب علي خان هو، ليڪن مشهور محمد گدا جي عرف سان
هو: مير ”قانع“ لکيو آهي ته-- ”به بزرگي مفرد، عن
قريب گذشته“
(1)،
”مقالات“ ۾ قدري تفصيل کان ڪم ورتو اٿس-
”شيوه بزرگان بهمه باب در ذات سعادت مآب او مضمر،
بحس اخلاق و ڪمال بلاغت معروف و موصوف“.
(2)
”مقالات“ جي اختتام (1172 هه) ۽ ”تحفـة الڪرام“ جي
خاتمي (1181هه) جي وچ ۾ فوت ٿي ويو. ”عن قريب
گذشته، مان اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته 1181 هه ۾
يا ان کان هڪ اڌ سال اڳ ۾ انتقال ڪيو هجيس.
محمد گدا جي مزار پيءُ جي سيرانديءَ کان امير
خاني، قبرستان ۾ موجود آهي، ڪتبي جي تصوير شامل
ڪجي ٿي، تاريخ وفات ان تي اُڪريل ڪانه آهي.
صاحب ”مقالات“ مير صاحب جا چند شعر نموني طور ڏنا
آهن:
چون آئينه بيتاب نگهه بود دل ما
هر چندا ترا ديد نياسود دل ما
---
سگ اصحاب ڪهف يافت نجات
چون نيابد نجات ڪلب علي
---
پي ياد روي يارچه در دل ڪند ڪسي
جائيڪه نيست يارچه محفل ڪند ڪسي
همچون حباب برسر بحريم بيقرار
بر روي سطح آب چه منزل ڪند ڪسي
مير محمد ”عطا“:
هيءُ مير امين الدين جو ٽيون فرزند، عالم فاضل،
شاعر ۽ صاحب ڪمال بزرگ هو. ”مقالات“ ۾ آهي ته:
”بهمه وجوه شائسته و بر آثار بزرگان سلوڪ بسيار
خوش اختلاط، و خليق و متواضع ايست، صحبتهاي امرا
ديده و فيض آداب از خدمت والد ماجد و افر اندخته،
در سادات امير خاني ممتاز و مشار اليه مي باشد.“
(1)
انهيءَ اقتباس مان مير صاحب جي عام اخلاق ۽ عادات
جو اندازو ڪري سگهجي ٿو: اميرن جون صحبتون ميسر
ٿيون هيس، والد ماجد کان خاص تربيت حاصل ڪئي
هئائين، ملڻ جلڻ جو شوقين، ۽ ميل ملاقات ۾ خليق ۽
متواضع هو. مير علي شير ”تحفـة الڪرام“ ۾ لکي ٿو
ته:
”بر قدم آبا بمزيد عزت و افتخار، چهار سال پيش از
تحرير ابن اوراق (1181 هه) در گذشته.“
(2)
سندس انتقال 1178 هه ۾ ٿيو، جيئن مزار جي ڪتبي تي
اُڪريل آهي. سندس مزار مڪليءَ واريءَ رانئڪ تي
پنهنجي والد جي ويجهو مرڪزي ٿلهي کان هيٺ، اتر طرف
کان آهي. ڪتبو هن طرح آهي:
مهيمنا بنبي و علي و هر دو گوهر
بعابدين و بباقر بصادق و جعفر
بموسيٰ و يرضا و تقي و هم به نقي
بعسڪري و بمهدي امام غيب اندر
هر آن گناه ڪه ڪرديم از صغير و ڪبير
بحق آل محمد ڪه از همه بگذر
---
’يا محمد عطا بنام حسين‘-
تاريخ سيوم ماه شعبان 1178 هه
مير صاحب تصوف طرف به مائل هو، ۽ شعر سخن سان به
ذوق هوس، ”عطا“ تخلص ڪندو هو. ”مقالات“ جي مصنف
سندس هيٺيان چند شعر نموني طور ڏنا آهن:
محو گشته در خيال يار خويش
خود شدم آخر ”عطا“ غم خوار خويش
---
اي ”عطا“ اين عطا بما حق ڪرد
پردهاي حجاب را شق ڪرد
---
چاره ڪار ما چو او نڪند
ڪارها هيچ گفتگو نڪند
من سپردم بدوست مطلب خويش
داغ او را ڪه جز نڪو نڪند
---
مير محمد جعفر نالي سندس هڪ عزيز فوت ٿيو، پاڻ
سندس تاريخ ڪڍيائين-
’آب ڪوثر بڪام جعفر‘. 1145 هه
--
حيات نالي هڪ مائيءَ سان دلبستگي هئس، فوت ٿي ته
هيءَ تاريخ چيائين:
’هاي حياتم رفت‘. 1155 هه
(1)
شاهه عبداللطيف سان دوستي:
”تحفـة الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير محمد
”عطا“ سان، سنڌ جي قومي شاعر ۽ ولي ڪامل شاهه
عبداللطيف جي به سنگت هئي، سيد صاحب جڏهن ٺٽي
ايندو هو ته مير صاحب جي بالاخاني تي قيام ڪندو
هو. هڪ دفعي جو ذڪر ڪندي مير ”قانع“ لکي ٿو ته
حبيب شاهه نالي هڪ مجذوب مير ”عطا“ جي بالاخاني ۾
اچي چادر پائي سمهي پيو، ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون
برابر ننڊ ۾ هو، شاهه عبداللطيف به انهيءَ زماني ۾
مير صاحب وٽ رهيل هو ۽ ساڳئي ئي بالاخاني تي مقيم
هو. جڏهن انهيءَ مجذوب جي انهيءَ ڪيفيت جي کيس خبر
پيئي، تڏهن هو پاڻ اٿي آيو، ۽ اها حالت ڏسي
فرمايائين ته:
”اي مجذوب، تو اهڙي ننڊ ڪٿان سکي؟“
”توکي ته ننڊ ۾ اها حالت نصيب آهي، جيڪا اسان کي
جاڳ ۾ به ميسر نه ٿي ٿئي.“
(2)
شاهه صاحب جا مراسم مخدوم محمد معين ٺٽويءَ سان به
هوندا هئا، ڀانئجي ٿو ته مير محمد ”عطا“، ۽ مخدوم
معين وغيره سڀ هڪ ئي سنگت جا هئا. مير صاحب کي ٻه
پٽ هئا، جن جا نالا ڪونه لکيا ويا آهن.
________
|