سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 5

 

مير نمڪين جو انتظام:

سن، آمري، لڪيءَ ۽ ٺٽي ولي محمد جي آباديءَ جو ذڪر مٿي ٿي چڪو. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته سندس والد سيوهڻ جي سموري صوبي کي چڱيءَ طرح آباد ڪيو. ماڻهن سان سٺا سلوڪ ڪيائين. واپارين کي سهولتون ڏيئي، تجارتي مال جي خريد و فروخت کي وڌايائين. امن امان اهڙيءَ طرح ڪري ڇڏيائين، جو رن زال رات جو زر ۽ زيور تريءَ تي رکيون ويندي هئي ته کيس ڪو خوف خطرو ڪونه ٿيندو هو. سرڪش قبيلا زير ڪيائين ڪڙمين ۽ مسڪين ۽ غريب رعايا کي مطمئن ڪيائين. ڪڙمين سان خاص مروتون ڪري، زرعي پيداوار کي اهڙيءَ طرح واڌايائين، جو دستوري ڏڪار جو ملڪ مان نالو نشان ئي مٽجي ويو.

اهو مؤرخ سيوهڻ جي هڪ ڳوٺ کاهي معجوئي (؟) (مواجبي) جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته اهو ڳوٺ لڪيءَ واري لـَـڪَ تي آهي، جتي رستو تمام خوفناڪ آهي- هيٺيان درياءُ وهي ٿو، ۽ رستو سنهو ۽ انهيءَ حد تائين خطرناڪ آهي، جو ٿوريءَ بي احتياطيءَ تي ماڻهوءَ جي جان وڃڻ جو امڪان آهي. سياري جو البت اهو رستو کليل هوندو آهي، پاڻيءَ جي چڙهه ۾ درياءَ جي زور سبب آمدر رفت بند رهندي آهي. سانوڻيءَ جو ٽـَـڪـَـرَ جا ڌاڙيل ۽ سميجن جا رهزن انهيءَ رستي کي اُڪري اچي کاهي ڳوٺ کي تباهه برباد ڪندا هئا، ۽ ماڻهن کي ماري ڇڏيندا هئا. ترخانن جي دور ۾ به انهيءَ ڳوٺ سان اهائي عقوبت هوندي هئي، جنهن تي هميشـه ترخاني سلطان انهيءَ رستي تي سخت چوڪسي رکندا هئا، ماڻهن کي مواجب ڏيئي، وقت بوقت جيڪي نقصان ٿيندا هئا، انهن جو پورائو ڪندا هئا، ۽ جيڪا به زراعت رعيت ڪندي هئي، اها کين ٻنهي سرين ڏني ويندي هئي، جنهنڪري ڳوٺ تي نالوئي ”مواجبي“ پئجي ويو هو. بختياربيگ ترڪمان کان پوءِ، اهو ڳوٺ خود جاگيردارن جي ظلم ۽ بيداد سبب تباهه برباد ٿي ويو- رعيت لڏي وڃي ٻين ڳوٺن ۾ رهي هئي، ۽ زمينون ويران ٿي ويون هيون.

مير نمڪين جڏهن جاگيردار ٿي آيو، تڏهن هن ڪوشش ڪري رعيت کي وري آڻي آباد ڪيو، ۽ ساڻن رعايتون ڪري، نئين سر زراعت ڪرايائين-

”چون پير غلام در سهوان آمد رعيت اين موضع را
از ملڪ بکر دلاسا ڪرده طلبيده، مساعدت داده در
جاي و مقام آنها نشاند، وسيم حصه از محصول زراعت
آنها ميگرفت. و خبرداري نصف راه لڪي را ڪه بطرف
سهوان واقعه است، بعهده آنها گذاشت، و راه  ديگر ڪه
بطرف پرگنه سن است بمردم بلوچ نوبت بنده ڪه در
موضع لڪعلوي ساڪن اند سپرد، و خود ڪاشته آنها
ڪه در موضع مذڪور مي ڪردند، انعام ڪرد.“(1)

انهيءَ ڳوٺ جي حالت شمشير خان جي زماني ۾، ۽ ان کان پوءِ به رفته رفته خراب ٿيندي ويئي. ٽڪر جي ڌاڙيلن ڳوٺ جي اڪثر ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو، سندن مال متاع ڪاهي ويا، ۽ ٻار ٻچا به قيدي ڪري وٺي ويا، جن ڀڄي جان بچائي، سي اچي سيوهڻ ۾ پناهه گزين ٿيا.

ميرڪ يوسف لکي ٿو ته اهو ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان ٻن ڪوهن تي، ۽ لڪيءَ جي جبل کان هڪ ڪوهه تي آهي. سميجن ۽ جابلو ماڻهن جڏهن انهيءَ ڳوٺ کي اُجاڙ ڪيو، تڏهن وري سيوهڻ شهر ڏانهن رخ رکيائون، ۽ انهيءَ حد تائين دست درازي شروع ٿي، جو وچ شهر ۾ به مال رزق ۽ ڍور ڍڳي جي حفاظت ڪرڻ مشڪل ٿي پئي. هڪ دفعي ته نواب ديندار خان جا خاص اُٺ سندس ماڻهوءَ کان زوريءَ کسي هليا ويا. حالت انهيءَ حد تائين اچي پهتي، جو آخر شهر جي حفاظت لاءِ سيوهڻ جي چوڌاري ديندار خان کي ڪوٽ ڪڍرائڻو پيو.

کاهي ڳوٺُ، ديندار خان، ميرڪ يوسف جي چوڻ تي پنهنجي زماني ۾ دوباره آباد ڪرايو، ۽ هـُـن سيد جلال کي جاگير ۾ ڏنو، جنهن پنهنجي پٽ جي نالي تي ان جو نالو بدلائي ڪمال پور رکي ان جي چوڌاري ديوار ڪڍرائي، ان کي محفوظ ڪري ڇڏيو.(1)

مير نمڪين جي ڏينهن ۾ انهيءَ قسم جون برباديون ۽ خرابيون ڪونه ٿيون، بلڪ اڳين پوين خرابين کي هن پنهنجي دور ۾ درست ڪيو، ۽ ملڪ کي مضبوط انتظام هيٺ آڻي، رعيت جي مال رزق، جان ۽ عزت کي محفوظ ڪيو. پٽهنس لکي ٿو، ته پوئين دفعي جيتوڻيڪ سيوهڻ جو سمورو صوبو سندس حوالي ٿيل ڪونه هو، تڏهن به حسب عادت هن سموري صوبي جي نگهباني ٿي ڪئي، ۽ لشڪري نظام کي هـُـنَ اِنهيءَ حد تائين درست ۽ مضبوط ڪيو، جو مقامي ضرورت لاءِ ته سندس سپاهه ڪافي هو، بلڪ ضرورت پوڻ تي ٻين ملڪن ۽ صوبن ڏانهن به امداد طور لشڪر موڪليندو هو.

”تمام سرڪار سهوان در جاگير پير غلام نبود، هم ملڪ سيوان را چنانچه شايد و بايد در ضبط و ربط آورد، و هم لشڪر اين ملڪ بخدمت ملڪ ديگر بڪار بادشاهي آمد“.(2)

قنڌار جي روانگي:

جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون، مير نمڪين، ميرزا غازيءَ سان گڏ، 14 رجب 1017 هه کان پوءِ ستت ئي قنڌار روانو ٿيو، ۽ پاڻ سان گڏ چار پنج سؤ مغل سوار به ورتيون ويون. پٺيان سيوهڻ جي نيابت پنهنجي وڏي فرزند مير ابوالبقا امير خان جي سپرد ڪري، کيس تاڪيد ڪيون ويون، ته بادشاهه جي حڪم موجب، سميجن جي سرڪوبيءَ جو چڱيءَ پر تدارڪ ڪري:

”پير غلام لا علاج همره چهار صد پانصد جوان مغل قديمي رفاقت ميرزا غازي را اختيار ڪرد و برادر ابوالبقا را بجايِّ خود در سهوان گذاشت، و فرمان بدست او داد ڪه آنچه ازدست توبيايد بقوم سميجه روسياه بڪن، و حق مردم لاڪه را از آنها گرفته بز بمردم لاڪه بده.“ (1)

وفات:

مير صاحب، يوسف ميرڪ جي قول مطابق، ٻارنهن مهينا قنڌار ۾ رهيو. جنهن کان پوءِ ميرزا کان موڪل وٺي، وطن واپس وريو ٿي، جو واٽ تي اجل سان همڪنار ٿي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين:

”پير غلام تا يڪسال در خدمت قنڌهار، پيش ميرزا غازي بود، و بعد ازان برخصت ميرزا غازي روانه جاگير خودشد، در اثنايء راه قندهار بقضاي الــٰـهي برحمت حق پيوست.“ (2)

ميرڪ يوسف پنهنجي والد جي انتقال جي مفصل احوال ڪونه لکيو آهي، نه وري وفات جو سال ۽ تاريخ ئي ڄاڻائي اٿائين. ’ستين جي ٿان‘ واري قبرستان ۾ مير صاحب جي مزار تي ٻه ڪتبا اڪريل آهن، جن مان هڪ تي 1018هه ۽ ٻئي تي 1019 هه آهي. جيڪڏهن ميرڪ يوسف جي ٻارهن مهينن واري قول کي نظر ۾ رکبو ته انهيءَ حالت ۾ شعبان 1017 هه کان رجب 1018 هه تائين پورا ٻارنهن مهينا ٿين ٿا، ۽ مير صاحب رجب يا شعبان 1018 هه قنڌار کان موٽيو ٿي، جو واٽ تي فوت ٿيو.

سندس وفات جو ٻئي ڪنهن تذڪري ۾ ذڪر ڪونه آهي، البته ”تحفة الڪرام“ جي مصنف فقط هيترو لکيو آهي:

”آخر در جنگ قندهار مقتول شده، بر ڪوه لوهري مدمن يافت.“ (1)

مير علي شير جو اهو قول، ته قنڌار جي جنگ ۾ مير صاحب قتل ٿيو، ميرڪ يوسف جي مٿي ڏنل اقتباس سبب غلط ثابت ٿئي ٿو.

مير نمڪين جي مزار ستين جي ٿان (صفهء صفا) تي، مرڪزي ٿلهي مٿان آهي، جنهن تي هيٺيان ٽي ڪتبا موجود آهن:

(1) سرانديءَ کان هڪ اُچي پٿر تي:

مير ابوالقاسم آن يگانهء عصر،
ڪه بجز تخم دين و داد نه ڪشت،
ملڪ و اقبال در تصرف داشت،
چون اجل در رسيد جمله بهشت،
ديدهِّ دل ڪشاد برگيريد،
عبرت اي عاقلان پاڪ سرشت،

(2) ساڳئي پٿر تي اندرئين پاسي کان:

گر بود بستر از حرير چه سود،
چون نهد مرگ زير بالش خشت،
خلفِ خير او ز ”داغ ابي“، سن 1018 هه

چونڪ تاريخ سال فوت نوشت،
گفت ملهم مرا بگوش ضمير،
سال فوتش که ”باد جا شه بهشت“. سن 1018 هه

(3) هي ڪتبو قبر جي پيرانديءَ کان آهي:

خانِ زمانه مير ابوالقاسم آنڪه او،
لوحِ وجود از رقم غير ساده ڪرد،
.... دودمان... گلبن حيا،(1)
سال وفات او طلب از ”داغ داده“ ڪرد. سن 1019 هه

سيوهڻ جي جاگير:

ميرڪ يوسف لکي ٿو ته ‘جڏهن بادشاهه (جهانگير) کي والد مرحوم جي انتقال جي خبر پهتي، تڏهن شمشير خان اوزبڪ کي سيوهڻ جو صوبو، مير ابوالبقا جي شرڪت سان ڏيئي، روانو ڪيائين، ليڪن مير ابوالبقا، شمشير خان جي شرڪت ۾ رهڻ گوارا نه ڪيو، ۽ پنهنجي سموري قبيلي کي وٺي آگري شاهي دربار طرف روانو ٿي ويو’. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته پيءُ جي فوت ٿيڻ ۽ ڀاءُ جي رواني ٿي وڃڻ بعد هن به پنهنجو منصب ڇڏي، سيوهڻ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي.(2)

بکر جي سڪونت:

مير نمڪين جيئن ميرزا حڪيم جي ملازمت ڇڏي، اڪبري اميرن ۾ اچي شامل ٿيو، تيئن ڀانئجي ٿو ته سنڌ ۾ مستقل رهائش جو هن خيال ڪيو. ”ماثر الامرا“ جو قول آهي ته مير صاحب کي بکر بيحد پسند هو. اتي ئي هن مختلف عمارتون ٺهرايون. انهيءَ نواح ۾ ئي هن باغ رکرايا، ۽ آخري آرامگاهه به هن کي پنهنجي انهيءَ نشست گاهه تي نصيب ٿيو، جتي زندگيءَ جي چانڊوڪي راتين ۾ مجلسون آراسته ڪندو هو. سندس مٽ مائٽ ۽ اولاد به بکر ۾ ئي رهيو، سندس نالي پٺيان  سندس اولاد  جيڪو بکر ۾ مقيم ٿيو، سو ”سادات قاسم خان“ سڏيو ويندو هو.

لطيفو:

980 هه کان وٺي 1014هه تائين پورا 34 ورهيه مير نمڪين اڪبر جي حضور ۾ اهڙيءَ طرح ملازمت ڪئي، جو هميشـه سندس مان مرتبي، عزت ۽ آبروءَ ۾ اضافو ٿيندو رهيو، ڪڏهن به ان ۾ پستي نه آئي، ۽ نه وري بادشاهه کي ڪو ناراض ٿيڻ جو سبب مليو. اسان کي 34 ورهين جي انهيءَ طويل عرصي ۾ فقط ٻه واقعا اهڙا ملن ٿا، جن جي ڪري مير صاحب جي عزت يا منصب ۾ فرق پوڻ جو احتمال پيدا ٿيو هو، ليڪن ٻنهي ۾ ستت ئي خير ٿي ويو: هڪ واقعو طلائي زنجير جو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ۽ ٻيو بکر جي رعايا سان بدسلوڪيءَ ڪرڻ جو هو، جنهن کي مير صاحب پنهنجي عقلمندي، اثر رسوخ سبب آخر ۾ لطيفو بڻائي ڇڏيو.

پهرئين دفعي جڏهن مير صاحب بکر ۾ جاگيردار ٿي آيو، ان وقت مقامي اربابن سان ڪن معاملن تي سندس اختلاف ٿي پيو،(1) جنهن ڪري بکر جا ارباب فرياد کڻي شاهي لشڪر جي قاضيءَ، مولانا عبدالحئي، وٽ پهتا. دستور مطابق قاضي صاحب مير صاحب تي حاضر ٿي سبب پيش ڪرڻ لاءِ سمن ڪڍيو، جنهن تي نه فقط عدالتي ڪاروائيءَ جي مير صاحب پرواهه نه ڪئي، بلڪ مقرر ڪيل تاريخ تي جوابدهيءَ لاءِ به ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيو. تنهن تي قاضي عبدالحئي بادشاهه جي حضور ۾ شڪايت لکي ته: ”فلاڻي، شاهي حڪم ۽ عدالت خانه الاهيءَ جي تعميل ڪرڻ ۾ ڄاڻي واڻي قاصر رهي، سخت جرم ڪيو آهي.“ بادشاهه حڪم ڪيو ته مير نمڪين کي هاٿيءَ جي پير ۾ ٻڌي، سڄي شهر ۾ ڦيرائي، کانئس حقدارن جو حق وصول ڪيو وڃي-

”حڪم شد که او را (نمڪين) به پاي فيل بسته تمام شهر گرداننده حق بحقدار رسانند.“

انهيءَ وچ ۾ مير صاحب کي خبر پئجي ويئي. جنهن تي هـُـنَ شيخ معروف بکري (شيخ فريد بکري مصنف ”ذخيرهِ الخوانين“ جي والد) جي ذريعي سڀني فريادين کي ٺاهي، کين حق رسي ڪري موٽائي ڇڏيو، ۽ ان کان پوءِ بادشاهه کي رپورٽ ڪيائين ته قاضي صاحب بلڪل غلط رپورٽ ڪئي آهي، وٽس ڪوبه فريادي پيش ڪونه ٿيو آهي. بادشاهه حڪم ڪيو ته قاضي صاحب فريادين کي حاضر ڪري. قاضيءَ غريب کي وچ جي خبر ئي ڪانه هئي. گهڻي ڪوشش ڪيائين ته فريادين مان کيس ڪو هٿ اچي، پر ڪوبه پيش ڪونه ٿيو-

”قاضي دست و پا را بسيار زد، ڪسي فرياديان حاضر نگشت” (1)

قاضي شرمندو ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح مير صاحبن پنهنجو پاڻ شاهي عتاب کان بچائي ورتو. بادشاهه آئيندي لاءِ حڪم ڪيو ته هن کي پوءِ فريادين جي شناخت لاءِ سندن شڪل شباهت به نوٽ رکي وڃي--

”ازان روز قرار يافت ڪه قاضي چهرهء مستغيث نوشته به پيشگاه بادشاهي يستاده نمايد.“ (2)

خانيءَ جو خطاب:

مير صاحب جي منصب ۾ ڪيستائين ترقي ٿي، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي. اڪبر جي دور ۾ جيڪو کيس منصب حاصل هو، جهانگير ان تي پندرنهن سوَن جو اضافو ڪيو. ۽ ساڳئي سال ۾ جڏهن هـُـنَ خسروءَ کي گرفتار ڪري بادشاهه وٽ پيش ڪيو، ۽ ان وقت کيس سه هزاري منصب جو اضافو ٿيو- اهو اضافو ڪيتري منصب پٺيان ٿيو ان جو تفصيل ڏنل ڪونه آهي، مگر گمان غالب آهي ته جهانگير جي زماني ۾ اصل تي اضافو ٿي سندس منصب پنج هزاري ٿيو هوندو. ”ماثر الامرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل قاضي عبدالحئي واري معاملي کان پوءِ اڪبر کيس ”خان“ جو خطاب به ڏنو هو. ”نمڪين“ جو لقب ابتدائي دور ۾ اڪبر کيس ڏنو هو.

غرض مير نمڪين 34 ورهيه اڪبر جي ملازمت ڪئي، ۽ 5 ورهين جهانگير وٽ رهيو. اهڙيءَ ريت جملي 39 ورهيه مصروف زندگيءَ جا خيرخوبيءَ سان ختم ڪري، طبعي عمر کي پهچي، انتقال ڪيائين، ۽ پنهنجي وطن بکر ۾ اچي دفن ٿيو.

مير صاحب جا آثار:

بکر، روهڙيءَ ۽ سيوهڻ ۾ مير صاحب ڪيئي يادگار آثار ڇڏيا، جن مان هڪ به اڄ سلامت ڪونه آهي، سواء ”صفه ِّ صفا“ (ستين جي ٿان) جي جيڪو محڪمه آثار قديمه جي طفيل هن وقت تائين قائم رهجي ويو آهي. ”صفهء  صفا“ جو ۽ سيوهڻ واري ”صفهء صفا“ جو احوال آخر ۾ جدا لکي رهيا آهيون. هيٺ اسان ڇڙو انهن آثارن جو ذڪر ڪريون ٿا، جن جو فقط نالو تاريخ ۾ رهجي ويو آهي.


(1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/386.  

(1)  ) ”مظهر“ ص. 82-383.

(2)  ”مظهر“ ص. 309.

(1)  ”مظهر“ ص. 5-306.

(2)  ”مظهر“ ص. 309.

(1) ”تحفته ِ الڪرام“، ص. 3/127.

(1)  انهي ءَ سٽ جا ڪي اکر پڙهڻ ۾ نه ٿا اچن، خانبهادر مولوي محمد شفيع لاهوريءَ انهيءَ سٽ کي هيٺينءَ طرح پڙهيو آهي:

نبراس دودمان وفا گلبنِ حيا

                                                        (اورينٽل ڪاليج ميگزن، آگسٽ 1937ع)

(2) ”مظهر“ ص. 2/310.

(1)  ”ذخيرهِ الخوانين“ جا الفاظ هي آهن: ”... با اربابان و رعايا سلوڪ خوب نڪرده.“ ”ماثر الامرا“ جي مصنف جو ماخذ به اهوئي ڪتاب آهي: ”... يا رعايا و سڪنه آنجا بدسلوڪي و ناهنجاري پيش گرفت“. ص. 3/75.

(1)  ”ذخيره“ ص. 119.

(2) ”ماثر الامرا“ ص. 3/75.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org