ميرڪ جي شعر و سخن سان به دلچسپي معلوم ٿئي ٿي.
”مظهر شاهه جهاني“ ۾، هن ڪٿي ڪٿي پنهنجا شعر نقل
ڪيا آهن، جنهن مان اسان اهو قياس ڪري سگهون ٿا:
مثلاً ”و خير جليس في الزمان ڪتاب“ جي عربي ضرب
المثل جو هيٺيئن طرح شعر ۾ ترجمو ڪري ٿو:
همنشين بهه از ڪتـاب مـجو ڪـه مـصاحـب بودگهه و
بيگاه
بهجت افزاي جان و راحتِ دل هر چه دلخواه تست
ازو حاصل
----
اي گرامي ترز خلقان من ندارم ملتجا
جز تو چون آيد قيامت يا بود مرگ تنم
- انهيءَ شعر ۾ ميرڪ هيٺئين عربي شعر جو ترجمو ڪيو
آهي:
يا اڪرم الخلق مالي من الوذبه
سواڪ عند حلول الحادث العمم
هيٺين عربي شعرن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿائين:
1- يا نفس لا تقنطي من ذلته عظمت
ان الکبائر في الغفران کاللمم
2- لعل رحمته ربي حين يقسمها
تاني عليٰ حسب العصيان في القسم
3- يا رب فاجعل رجائي غير منعکس
لديڪ واجعل حسابي غير مخزم
4- والطف بعبدڪ في الدارين ان له
صبرا متي تدعه الاهوال ينهزم
5- و اذن لسحب صلواهِ منڪ دائمهِ
عليٰ النبي بمنهل و منسجيم
6- و الل و الصحب ثم التابعين لهم
اهل التقي والنقي الحلم و الکرم
7- ما رَنحت عذبات البان ريح صبا
و اطراب العيس حادي العيس بالنغم
اي دل از رحمت مشو نوميد با جرم عظيم
چون ڪبائر نزد غفران خد شد چون لمم
رحمت رحمن مگر آندم ڪه قسمت مي ڪند
بر من آيد درخور جرم و گناه اندر مسم
يا رب اميدم مرا واپس مگر دان وار گون
در قيامت نزد تو وانگه حساب آسان ڪنم
لطف ڪن با بنده در دنيا وهم در آخرت
زانڪه صبرش نزد سختيها گريزد از سدم
پس درودِ بيڪران باواز ابر رحمتت
بر پيمر تا شود ريزان و پاشان اين نعم
بعد زان بر آل و اصحاب ڪرام و تابعين
اهل علم و حلم و عقل و فضل و تقويٰ و ڪرم
تا بجنباند صبا اندر چمن شاخِ درخت
تا برانند اشتران را بند گانش بر نغم
------
شاهه جهان جي تعريف ۾ هيٺيان شعر ڪتاب ۾ موجود
آهن:
معني الملڪ و الدوله شهاب الدين ڪه جودِ او
چو ابر نوبهاري عالمي را تازه ميسازد
ز انعام و عطا و مرحمت نزديڪ آن آمد
ڪه رسم احتياج از عرصه عالم براندازد
ڪيخسرو زمان و فريدون روزگار
هم شهريار عدل و هم بادشاهِ جود
عدلت نظام عالم و حلمت قوام ملڪ
جودت پناه سائل و دستت پناه جود
زهي ز جود تو بر خلق سايه ز خداي
حريم عدل تو دارالامان هر دو سراي
---
جهان خسروا زير هفت آسمان
طرفدار پنجم توئي بي گمان
جهان را بفرمان چندين بلاد
ستون در تست ذات العماد
هم شب ڪه مه طوف گردون ڪند
چراغ ترا روغن افزون ڪند
همه روز خورشيد با تاجِ زر
بپائين تخت تو بندد ڪمر
سپارندهء بادشاهي بتو
سرد از جهان هر چه خواي بتو
نه بادي ڪند بر پرِ پشه زور
نه پيلي نهد پاي برپشت مور
سپاس از خداوند گيتي پناه
ڪه پيش است زين قصه انصاف شاه
بانصاف شه چشم دارم يڪي
ڪه بيند درين داستان اندڪي
گر افسانه بيند از ڪار دور
نه سايه برو گستراند نه نور
و گر بيند از در درو موج موج
سرائنده را سر برارد باوج
نشاط ز تو دارد گهر سفتنم
سزاوار تست آفرين گفتنم
درين گنج نامه ز رازِ جهان
ڪليد بسي گنج ڪردم نهان
ڪسي ڪين ڪليدِ زر آرد بدست
طلسم بسي گنج داند شڪست
---
معين دولت و ملت شهاب الدين شهنشاهي
ڪه باشد رايت قدرش فزا از قبه خضرا
زمين از عدل او تازه زمان از فيض او خرم
رعيت شاد و ملڪ آباد خلق آسوده از غوغا
زهي داراي دين پرور ڪه بر منشور اقبالش
ڪشيده ڪابتِ حڪم ازل طغراي استعلا
هميشـه تا بود دوران هميشـه تا بود گردون
بود گردون ترا تابع بود دوران ترا موليٰ
”مظهر شاهه جهاني:“
ميرڪ يوسف جو مقصد انهيءَ ڪتاب جي لکڻ مان اصل ته
هو احمد بيگ جي ڪيل مظالمن جي اُپٽار ڪرڻ، ۽ شاهي
دربار تائين درد جو داستان پهچائڻ. ليڪن، ان بهاني
سان هن ڪتاب جي پوئين حصي ۾ سنڌ جي اندروني تاريخ
جو اهڙو مواد آڻي ڇڏيو آهي، جو ٻيءَ حالت ۾ ڪنهن
به تاريخ مان ان جو ميسر ٿيڻ ناممڪن هو. مغلن جي
دور ۾، سنڌ ۾ ڪيترا صوبا هئا، هر صوبي ۾ ڪهڙا
پرڳڻا هئا، هرهڪ پرڳڻي ۾ ڪهڙيون ذاتيون رهنديون
هيون، هر قبيلي جون خصلتون ۽ خوبيون خواهه خرابيون
ڪهڙيون هيون، پيداوار ڪهڙي هئي، ڍل پيش ڪرڻ يا
اڳاڙڻ جو ڪهڙو سرشتو هو، مختلف پرڳڻن جا ڪهڙا ٽڪرا
زياده زرخيز هئا، ڪٿي ڪٿي ڪوٽ ۽ ڪهڙا ڪهڙا قلعا
هئا، اهي ڪنهن ٺاهيا ۽ ڪهڙين ضرورتن پٽاندر ٺاهيا،
مغل گورنرن هتي پهچڻ بعد ڪهڙا ڪم ڪيا، ڪنهن مظالم
ڪيا، ڪنهن حسن سلوڪ کان ڪم ورتو، ڪنهن لٽ ڦر ڪئي،
۽ ڪنهن ملڪ وسايو ۽ ورسايو- اهي سڀ اهڙيون حقيقتون
آهن، جن جو ذڪر به ٻيءَ ڪنهن تاريخ ّ۾ ڪونه آهي.
مصنف ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: پهرئين حصي ۾
ملڪداريءَ ۽ حڪومت هلائڻ جا طور طريقا لکيل آهن،
جنهن جو ٿورو اندازو پهرئين حصي جي مضمونن جي
عنوانن مان پئجي سگهندو، جي هن طرح آهن:
باب اول: هن ۾ ٻه فصل آهن-
فصل پهريون: در ترغيب بامارت و سلطنت.
فصل ٻيو: در ترهيبي ڪه متعلق بسلطنت است.
باب ٻيو-
فصل پهريون: در آنچه بادشاهان مردم و امرا را بدقت
نظر فهميده بڪنند.
باب ٽيون-
فصل پهريون: در رعايت ملڪ.
فصل ٻيو: در ترتيب خدم و حشم و آداب ايشان.
فصل ٽيون: در ترتيب صاحب صوبه.
فصل چوٿون: در ترتيب خدم و حشم.
باب چوٿون-
فصل پهريون: در توڪل.
فصل ٻيو: در علوِ همت.
فصل ٽيون: در عزم.
فصل چوٿون: در جدوجهد.
فصل پنجون: در ثبات.
فصل ڇهون: در عدالت.
فصل ستون: در خيرات و مبرات.
فصل اٺون: در شفقت و مرحمت.
فصل نائون: در سخاوت و احسان.
فصل ڏهون: در انجاح حاجات.
فصل يارهون: در مشاورت.
فصل ٻارهون: در حذم.
فصل تيرهون: در غيرت:
فصل چوڏهون: در سياست.
فصل پندرهون: در تيقظ و خبرت.
فصل سورهون: در فراست.
فصل سترهون: در ڪتمان اسرار.
فصل ارڙهون: در فرصت و طلب نيڪنامي.
فصل اڻويهون: در صحبت اخيار.
فصل ويهون: در دفع اشرار.
اهو پهريون حصو 456 صفحن ۾ آهي. هر عنوان هيٺ جا
بجا، مثال طور، مصنف سنڌ جا واقعا بيان ڪيا آهن، ۽
اکين ڏٺا احوال لکي، انهن جي روشنيءَ ۾ بادشاهه کي
سمجهاڻيون ڏنيون اٿس. اخلاق و آداب، خواهه ملڪي
سياست جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪتاب اڄ به
اهڙو مفيد آهي، جهڙو شاهه جهان جي زماني ۾ هو:
”سياست نامه“ ۽ ”قابوس نامه“ کان وڌ زندهه رهڻ ۽
مطالع ۾ اچڻ جو حقدار آهي.
ڪتاب جو ٻيو حصو 346 صفحن جو آهي، جنهن ۾ خالص سنڌ
جو احوال آهي، جنهن جا عنوان هن طرح آهن:
باب اول: در بيان احوال ملڪ بکر.
باب ٻيون: در بيان ملڪ سيوي.
باب ٽيون: در بيان احوال ملڪ تته.
باب چهارم: در بيان احوال ملڪ سهوان. انهيءَ باب ۾
هيٺيئن طرح پنج فصل آهن:
فصل پهريون: در بيان احوال پر گنجات اين ملڪ ازروي
اجمال.
فصل ٻيون: در بيان متمردان و مفسدان اين ملڪ.
فصل ٽيون: در بيان خرابيءَ رعيت ملڪ سهوان وقوت
گرفتن متمردان.
فصل چوٿون: در ترتيب ملڪ سهوان ازروي اجمال.
فصل پنجون: در تدبير فرونشاندن آتش نمرود و مفسدان
ملڪ سهوان.
مصنف جيئن ته سيوهڻ جو هو ۽ سيوهڻ ۾ ٿيل ظلمن
کانئس ڪتاب لکرايو، تنهنڪري مٿين پنجن فصل ۾ هن
تفصيل سان هر معاملي تي لکيو آهي. پهرين ٽن بابن ۾
به جيتوڻيڪ اختصار کان ڪم ورتو اٿس، ليڪن جيڪي
ڪجهه لکيو اٿس، سو بلڪل نئون ۽ از حد قيمتي آهي.
سيوهڻ ۾ آيل مغل جاگيردارن جي فهرست پهريون دفعو
اسان کي هن ڪتاب جي ذريعي ملي ٿي.
سيوهڻ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته ’مصنفن ڪتاب ۽ تاريخون
صرف ڪنين ٻڌيل واقعن تي لکيو آهن، ليڪن هن جيڪي
احوال ڏنا آهن، سي سندس اکين ڏٺل ۽ سندس روبرو
وقوع پذير آهن‘-
...”احوال ملڪ سهوان ر اڪثر اين خانه زاد بحسن بصر
مشاهده نموده، و سبب آباداني و ويرانيِء و را
تجربه دانسته، و احوال ممالڪ ديگر بحس سامع درڪ
ڪرده، و از بصر تا بسمع فرق بسيار است: بنا بران
خواست ڪه صورت احوال اين ملڪ را از معموري و
ويراني در لباس عمل هر يڪ از جاگيرداران اين ملڪ
نمايد، و نتيجه عمل نيڪ و بد ظاهر گردد و خاطر شان
شود.“ (1)
مصنف مثال ڏيندي چوي ٿو ته ‘هـُـن ڪتاب انهيءَ سبب
ڪري لکيو، جو هيءُ ملڪ لاوارث ٿي ويو هو، ۽ بيداد
نگري ٿي رهي هئي’-
...”ڪار ملڪ بجاي رسيد ڪه ملڪ نا پرسان و ملڪ بي
دادان و ملڪ بيڪسان شد“.
مثلاً:
- ’جيڪڏهن جاگيردار ناحق ۽ سو ماڻهو ڪهائي ڇڏي ٿو،
يا شهرن جا شهر تاراج ڪري ڇڏي ٿو، ته ڪوبه هٿ روڪڻ
وارو ڪونه اٿس، ۽ نه ڪنهن جي پڇا جو کيس ڀؤ آهي.‘
-’جيڪڏهن ڪو مظلوم سوَن ڪوهن جي مسافت جا ڏک ڏاکڙا
سهي، دربار تائين پهچي، پنهنجي حق رسيءَ لاءِ
فرمان وٺي اچي ٿو، ته هتي ان کي ليکيو به نه ٿو
وڃي، بلڪ الٽو انهيءَ غريب سان دشمني ڪئي وڃي ٿي،
۽ چـُـغلن جو مڪو مچي پوي ٿو، ۽ آخر ٿوري عرصي
اندر جاگيردر ان کي تهس نهس ڪري ڇڏي ٿو.‘
- جيڪڏهن ڪو جاگيردار رعيت يا معززن کي پائمال ڪري
ٿو، ته هتي ڪوبه کيس حق چوڻ وارو ڪونه آهي. قاضي
هجي، قانون گوهجي، خواهه ڪو عزت ڀريو ارباب ئي ڇو
نه هجي، هر ڪو خوف کان جان بچايو، دفع الوقتي ڪيو
ويٺو آهي.
... بلڪه هر ڪس دفع وقت خود ڪرده ميگردد، و بيگفتن
نفسي نفسي احوال قيامت را مشاهده ميڪند.“
-’جيڪڏهن ڪو ظالم جاگيردار ڪنهن زميندار تي
مهرباني جي نظر ڪري، کيس پنهنجو هٿ ٺوڪيو ٺاهي ٿو،
ته اهو وري پنهنجي روءِ سوءِ ملڪ ۾ ٻارڻ ٻاري ڇڏي
ٿو.‘
ميرڪ لکي ٿو ته ’شمشير خان جي وڃڻ کان پو”،
جاگيردارن ايترا ظلم شروع ڪيا، جو ڪنهن به
جاگيردار واقع نويس کي پنهنجي حد ۾ رهائڻ پسند نه
ڪيو. ديندار خان جي دور ۾ نعمت الله واقع نويس بکر
کان آيو، ۽ سيوهڻ جي قلعي جي بلڪل هيٺان کيس ڏينهن
ڏٺي جو قتل ڪيو ويو، ۽ ڪنهن ڪڇيو به ڪونه ته ماڻهو
مئو يا جانور. مانسنگ واقع نويس پنهنجو گماشتو،
عبدالباقي، بکر کان موڪليو، ليڪن چند ڏينهن سيوهڻ
۾ رهڻ بعد بيزار ٿي، ڀڄي هليو ويو. ٻئي دفعي ٺٽي
جي بخشيءَ پنهنجي گماشتي کي واقع نويس ڪري موڪليو،
ليڪن ديندار خان کيس پير کوڙڻ به ڪونه ڏنا‘.
لکي ٿو ته ’جيڪڏهن طمع، لالـچ ۽ ظلم ڪرڻ جي عادت
جاگيردارن ۾ نه هجي، ۽ سندن دامن پاڪ صاف هجي، ته
پوءِ هو واقع نويس کي رهائڻ کان ڇو ڊڄن‘-
”پس اگر طمع ظلم درميان نباشد، بودن واقع نويس چه
نقصان دارد؟“(1)
بادشاهه کي مشورو ڏيئي، ۽ آخر کيس مخاطب ٿي، چوي
ٿو ته ’جيڪڏهن سنڌ کي ائين هلايو وڃي جيئن هن عرض
ڪيو آهي، ته پوءِ جلد آباد ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته
هندستان جي ٻين صوبن ۽ خطن کان هر لحاظ سان سنڌ
بهتر آهي. رعيت غريب، ماڻهو خدا ترس ۽ راڄ رعيت
نيڪدل ۽ جاگيردارن جي ڇڪ ڇٻيڙ سهڻ جهڙي نه آهي.‘
(2)
آخر ۾ بادشاهه کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:
”ڪمترين خانه زادان ميگويد ڪه مقصود از اطناب ڪلام
در بيان احوال ملڪ سهوان اينست ڪه تربيت ابن ملڪ
را ز روي تدبيري ڪه مفصل شد، نمايند، تا ملڪ رو به
آباداني بيارد، و متمردان استيصال يابند، و اهل
گردند، و خاطر بواسطه معموري اين ملڪ از جميع
ولايت سند جمع شود.“
ڪتاب جو نالو ”مظهر شاهه جهاني“ مصنف پاڻ مقدمي ۾
ڄاڻايو آهي. لکي ٿو ته و نام نهاد اورا ”مظهر شاهه
جهاني“- متن ۾ هڪ هنڌ ان جو نالو ”مظهر التدبير“
به لکي ٿو-
و لحمدلله و المنـه ڪه بمقتضي اين بيت:
الاهي تو بر نيتم آگهي
چو نيت بخير است خيرم دهي
نسخهء ’مظهر التدبير‘ با اتمام رسيد.(1)
ڪتاب جو جيڪو واحد نسخو اسان جي سامهون آهي، ان جو
اختتام ڇنڇر 19 - محرم، 1044 هه ۾ ٿيو. آخر ۾ آهي-
”وقدتم الڪتاب بعون الملڪ الوهاب يوم السبت وقت
ظهر في تسع عشرين شهر محرم الحرام سن الف و اربع و
اربعون من الهجرة النبويه عليه افضل الصلواة و
التحيات“.
متن ۾ به چند جاين تي مصنف واقعات جي سلسلي ۾
اهوئي سال ڄاڻايو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته
مصنف 1044 هه جي محرم ۾ ڪتاب شروع ڪري، 19 تاريخ
ساڳئي مهيني ختم ڪيو. حيرت آهي چند ڏينهن ۾ مير
صاحب 814 صفحن جو ڪتاب (سائيز ساڍا پنج انچ -
تيرنهن سٽون صفحو) ختم ڪري، زود نويسيءَ جو لازوال
مثال قائم ڪري ڇڏيو.
1038 هه ۾، مصنف ڪتاب لکڻ جو خيال ڪيو، ليڪن
ڀانئجي ٿو ته 6 سال کن کيس موقعو ميسر ٿي نه
سگهيو، ۽ آخر 1044هه جي پهرين مهيني جي چند ڏينهن
۾، ڇهن سالن جي پراڻي آرزو پوري ڪيائين. ڪتاب جي
ٻاهرئين هڪ خالي صفحي تي غالباً مصنف جي ئي هٿ
اکرين هڪ عبارت لکيل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو
ته هن پاڻ اهو ڪتاب مير ابوالبقا جي پٽ، يعني
پنهنجي ڀائٽي
مير ضيا ِّ الدين يوسف، کي 1048 هه سال ۾ ڏنو.
عبارت هيءَ آهي:
هوالفياض
”قد و قفت علي بيد اڪبر ابناء الاخ الڪبير ابي
البقا الملقب با مير خان سلمه الله تعاليٰ بل
افضلهم بتحقيق
ضيا ِّ الدين يوسف في شهور ثمانيهِ وار بعين و الف
من الهجرهِ النبويه عليه افضل الصلواة.......(1)
نقطن واري عبارت ڪتاب جي مارجن ۾ ڪٽجي ويئي آهي،
ممڪن آهي انهيءَ هنڌ مصنف جي پنهنجي صحيح هجي.
وفات:
ميرڪ يوسف ڪڏهن وفات ڪئي، ۽ ڪٿي دفن ٿيو، ان جو
پتو هن وقت تائين پئجي ڪونه سگهيو آهي. ممڪن آهي
ته سيوهڻ سندس مدفن هجي، يا وري سندس وفات ٺٽي ۾
ٿي هجي، جتي 1057هه تائين سندس ڀاءُ امير ابوالبقا
صوبيدار هو، ۽ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ مڪليءَ تي
مٽيءَ پنوڙو لڌو هجائين، چونڪه قبرستان زبون ٿي
ويو آهي، ڪيتريون قبرون زمين دوز ٿي چڪيون آهن، ۽
ڪيترن مقبرن جا ڪتبا ڊهي ويا آهن، تنهنڪري اهو
ڄاڻڻ ته سندس مزار ڪهڙي آهي، سرِ دست ناممڪن آهي.
عقيدا:
”مظهر شاهه جهانيءَ“ ۾ ميرزا يوسف جي مظالمن جو
ذڪر ڪندي، ميرڪ يوسف هـُـن لاءِ لکي ٿو ته:
”ظاهرا در مذهب اهل تشيع آزار مردمِ اهل تسنن
عبادت خوب است“.
انهيءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته امير خاني
ساداتن جو سمورو خاندان سني عقيدي جو هو.
__________
|