شيخ محمد شفيع: فرخ مير جي دور ۾ (24- 1131هه)
چهار صدي منصب تي پهتو.
شيخ محمد اعظم: ”تحفـة الطاهرين“ جو مؤلف هيو.
پنهنجي والد جي وفات بعد نادر شاهي دور ۾
(نادرشاهه 1152 هه جي آخر ۾ سنڌ تي تسلط ڪيو) پيءُ
واري منصب تي پهتو. محمد شفيع جا اهي ٻئي پٽ ٺٽي
جي ٻئي هڪ سرڪاري منصبدار شيخ ڪاظم خان
(1)
بن شيخ محمد زمان جا ڏوهٽا هئا. شيخ محمد ڪاظم خان
شاهي ديوانيءَ جي عهدي تي سرفراز هيو، ۽ سندس
سمورو خاندان پڻ سرڪاري ملازمت ۽ دنيوي عزت آبروءَ
سبب ٺٽي جي برک گهراڻن مان هڪ هو.
شيخ محمد اعظم
(2)
کان ٿورو اڳ يا ٿورو پوءِ انتقال ڪري چڪو هو،
جنهنڪري ان جو منصب شيخ محمد اعظم کي مليو.
مير امين الدين خان ۽ خانپور: ڪتاب جي صفحي 160 تي
ڏيکاريو ويو آهي ته مير امين الدين خان، سعيد خان
کان پوءِ (1114 هه) ٺٽي جي ايالت تي مقرر ٿيو ۽
سال کان پوءِ يوسف خان ترين جي اچڻ سبب اتان تبديل
ٿيو.
اهو عالمگير جي حڪومت جو آخري زمانو ۽ ساڳي وقت
مغل سلطنت جي پوين پساهن جو دور هو.
(3)
جيئن هندستان اندر مختلف قوتون اڀري مغلن منجهان
جند ڇڏائڻ لاءِ سوچي رهيون هيون، تيئن سنڌ اندر به
ڏيڍ سئو ورهين جي تسلط بعد آزاد ٿيڻ جي تحريڪ پيدا
ٿي چڪي هئي. هتي انهيءَ جدوجهد جا علمبردار سنڌ جا
ڪلهوڙا هئا. عالمگير انهيءَ تحريڪ کي منهن ڏيڻ
لاءِ پنهنجي پوٽي معزالدين بن شاهه عالم کي ملتان
جو حاڪم ڪري موڪليو. انهيءَ آزاديءَ واريءَ تحريڪ
جو پهريون شهيد ميان آدم شاهه ڪلهوڙو هو، ۽ ان کان
پوءِ ٻيو شهيد ميان دين محمد بن ميان نصير محمد
ڪلهوڙو هو، جنهن کي معزالدين دوکي سان ملتان وٺي
وڃي قتل ڪيو. سندس ڀاءُ ميان يار محمد کانئس پوءِ
تحريڪ جو مهندار ٿيو، ڪجهه وقت سنڌ مان نڪري
بلوچستان ۽ قلات ۾وڃي رهيو ۽ آخرڪار وري موٽي اچي
سنڌ ۾ پهتو. اهو زمانو هو 1113هه ۽ 1114 هه، جو
جنهن وقت مير امين الدين خان ٺٽي جي ايالت تي مقرر
هيو. معزالدين انهيءَ زماني ۾ پاڻ دوباره ملتان
کان ڪهي سنڌ ۾ آيو، ليڪن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي
مجبوراً ميان يار محمد سان صلح ڪيائين، ۽ کيس
”خدايار خان“ جو خطاب ڏئي، سندس هڪ حصي جي حڪومت ۽
سيويءَ جي سربراهي سندس سپرد ڪري پاڻ ملتان روانو
ٿي ويو. انهيءَ ئي موقعي تي معزالدين سنڌ جي مختلف
علائقن تي مختلف نائب مقرر ڪيا، جهڙوڪ: شڪارپور
سنجر خان دائود پوٽي جي حوالي ڪئي وئي: سيوهڻ غلام
محمد سکاڻيءَ جي سپرد ٿيو: ۽ خانپور جي علائقي جي
نيابت مير امين الدين خان کي ملي. اسان جو خيال
آهي، ته مير امين الدين خان انهيءَ موقعي تي ٺٽي
مان بدلي ڪري خانپور رکيو ويو ۽ اهو سال قريني ۽
قياس مطابق 1114 هه - 1115 هه هجڻ گهرجي.(1)
عقائد
هن خاندان جي عقيدن ۾ اسان کي هڪٻئي جي ابتڙ
روايتون ملن ٿيون، جنهن مان ائين پيو سمجهڻ اچي ته
گهراڻي جا ڪي فرد سني هئا ۽ ڪي شيعا. مثلاً:
(1) ابوالقاسم نمڪين جو والد پاڻ يا سندس گهراڻو
امام موسيٰ رضا روضي جو متولي هو. ظاهر آهي ته
انهيءَ درگاهه جو متولي سني ڪونه ٿو ٿي سگهي.(1)
(2) مير عبدالرزاق ولد ابوالبقا امير خان ڪنهن سني
شيعي جهڳڙي ۽ دنگي فساد ۾ ‘تيغ شجاعت’ هلائيندي
موت سان همڪنار ٿيو،
(2)
جنهن جي تصديق سندس قبر واري ڪتبي مان ٿئي ٿي ۽
ڪتبي ۾ ”آل حسيني“ جي جيڪا نسبت يا اشارو ڪتب آندو
ويو آهي، سو پڻ انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي.
(3) مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل“ جي ڪلام مان صاف
تشيع جو اظهار ٿي رهيو آهي، منقبت جو انداز هي
آهي:
مين نصيري صفت هون شيعه پاڪ
سيس کڻنئي ڪا نائي رکهتا باڪ
(3)
(4) خاندان جي قبرن مان ڪيترن تي اهڙا ڪتبا لڳل
آهن، جن جي عبارت سندن شيعي هجڻ جي تصديق ڪري ٿي،
پڙهندڙن کي انهيءَ قسم جا ڪيترا ڪتبا هن ڪتاب اندر
ڏسڻ ۾ ايندا. ليڪن جيڪڏهن هڪ طرف انهيءَ گهراڻي جا
ڪي فرد شيعا هوا ته ڪي سني پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، مثلاً
ميرڪ يوسف جو هڪ قول ملي ٿو جنهن مان ظاهر آهي ته
هو ڪٽر سني هيو.
(4)
اهڙيءَ ابوالمڪارم، ‘شهود’ جي مثنوي ‘پري خانه
سليمان’ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير شهود سني هيو.
مثلاً:
ز عشق ِ اهل بـيتِ پاڪ جـوهــر بخوان
خارجي، دامان تن، تر
چوياران گزين را، ميڪنم يـــاد زبانِ
رافضي، از من، بفرياد
ازيـن بـيگانـگــم نيست بـيـمـي ڪه دارم
آشنائي مستقيمي
نمي گويم علي به، ياڪ صديق ڪه هريڪ هست
امامِ اهل تحقيق
بود صـديـق ز اصحابِ پـيـمبر علي از
خاندانِ پاڪ گوهر
ابوبڪر از عـمـر بهتر بــهـرتـاب ز عثمان
به عمر، عثمان ز اصحاب
همه حق جو بهرڪاري ڪـه بوند همه دين پو،
بهنجاري ڪه بودند
انهيءَ بعد حضرت امامين زماني جي تعريف ٿيل آهي،
جنهن کان پوءِ خاص عنوان حضرت پيران پير دستگير جي
تعريف لاءِ قائم ڪري، هن قسم جا شعر چيا ويا آهن:
رســولِ حــق ...... آخـــر زمـــــانــــي
چو شد در مغرب وحدت نهاني
شدي يڪ ڪوڪبِ او را خــليـفه
ڪزو مي تافت انوارِ لطيفه
از ايـشـان اخـتـري ســـــرمـــايــه نـــور
ڪزو شد چارسوئي عشق معمور
ادب آمــــوزگــــــارِ مــحـــفـــل قـــدس
يگانه محرم خلوت گه انس
افسوس آهي جو هن گهراڻي جو پيدا ڪيل علمي ۽ ادبي
سرمايو محفوظ نه رهي سگهيو ۽ جيڪي ڪجهه موجود آهي
اهو پڻ سامهون ڪونه آهي. تنهنڪري مذهبي اعتقادات
جو پورو جائزو وٺڻ محال آهي. فراهم ٿيل مختصر
معلومات جي بناء تي في الحال اهوئي قياس آهي ته
شخصي طرح هر هڪ جا اعتقاد جدا جدا هئا، خاندان جو
خاندان هڪ اعتقاد جو پابند ڪونه هو.
ٺٽي جي موجوده امير خاني سادات ڀانئجي ٿو ته سڀئي
شيعي عقيدي تي ڪاربند آهن.
رقائم ڪرائم
ڪتاب جي صفحي 152 تي اسان مٿئين ڪتاب جو جيڪو
مذڪور ڪري آيا آهيون، ان جو بنياد برٽش ميوزم جي
ٻن نسخن
(1) تي هو. تازو پاڪستان جي قومي عجائب گهر ۾
به انهيءَ ڪتاب جا ٻه نسخا خريد ڪيا ويا آهن.
هيٺيون تفصيل انهن تي مدار رکي ٿو.
نسخو ”الف“: 15 ورق -
6.8 x
9.8
سائيز - سٽون في صفحو. هر سٽ ”4.1
ڊگهي - صاف نستعليق خط- عبارت جي چوڌاري ڪاريءَ مس
۽ سونهري رنگ سان جدول- ڪاتب نظام الدين- ڪتاب
’بروز سه شنبه يازدهم ماه پهاگن سنبت 1917‘.
نسخو ”ب“: ورق 61، سائيز
7.7 x
2.5
- سٽون 15 - فقط صفحي
A/61
تي 8 سٽون ۽ صفحي
B/61
تي 12 سٽون - سٽ جي ڊيگهه =
7.2.
خط شڪستو ۽ روان بلڪ بدخط. سمورو ڪتاب زبون ۽ جيتن
ٽـُـڪيل.
نسخي (الف) ۾ سڀيئي خط ’رقيمه‘ جي سرخ عنوان تحت
هلندا رهن ٿا. ۽ نسخي (ب) ۾ هر خط جو عنوان ’مشقه‘
(2)
آهي. ڪن ڪن جاين تي ٻه ’مشقه‘ گڏجي هڪ ۾ خلط ملط
ٿي ويا آهن. برٽش ميوزم جي ٻنهي نسخن وانگر هنن
نسخن ۾ رقعي يا فرمان جو ڪوبه عنوان ڪونه آهي.
ازان سواءِ، برٽش ميوزم ۽ هنن نسخن جي عبارتن ۾ پڻ
ڪن ڪن جاين تي مطابقت نه آهي. اِهي رقيمه يا مشقه
اُهي آهن، جن لاءِ مؤلف جو قول آهي ته: عالمگير
بادشاهه مير عبدالڪريم امير خان ڏانهن لکيا آهن.
نسخي الف مان چند ضروري ۽ دلچسپ حقيقتون هيٺ ڏجن
ٿيون، جن جي ذريعي خود ”رقائم ڪرائم“ جي نوعيت تي
به هڪ حد تائين روشني پوندي.
ابوالوفا: مير ابوالوفا جو ذڪر - جنهن مذڪور، ڪتاب
جي متن خواه هن کان پهرين تعليقات م به اچي چڪو
آهي -- ٻن رقيمن ۾ ڪيو ويو آهي. هڪ رقيمه ۾
عالمگير لکي ٿو:
”ابوالوفا پريروز حاضر بود ڪه: درويش ساده دل آمد،
و چيزي برايء عيال خواست. فقير را، بمدعا چه ڪار؟
فقير دل بريده و گريبان دريده مي بايد، مردم بايد،
مردم فقير! فقير!! مگويند و نميدانند فقير چيست و
چه معني دارد؟ بيت:
جهان آئينهء وهم است اين طوطي سرشتانش
اللهم نبناعن نومه الغافلين، آمين آمين“.
ٻئي خط ۾ ابوالوفا جي لاءِ لکي ٿو:
”شب ابوالوفا عرض ڪرد ڪه: اسباب جانماز خانه
مستعمل و فرسوده شده، ديگر ڪار خانجات تيار شده
باشد، و همين ڪارخانه تيار داشتني مندرس شود از
مسلماني بعيد است. بخانِ سامان حڪم رساند ڪه هرچه
درڪار باشد باظهار داروغه نيز انجام نمايد.
حيف ! حيف! ڪه ما، مير خبردار شديم“
مٿين خطن مان ظهار آهي ته: (الف) مير ابوالوفا کي
عالمگير جو ڪافي قرب حاصل هو. بادشاهه جي پوئين
زماني ۾ هو مير عبدالڪريم امير خان وانگر شاهي
”جانماز خانه“
(1)
سال به متعلق هو (ب). جانماز جو مصلو يا ٻيو سامان
پراڻو ۽ ازڪار رفته ٿي ويندو هو، تڏهن به عالمگير
جي ذوق کي ضرب ڪانه لڳندي هئي.
ايران لاءِ جذبات: مغل دور ۾ غير ملڪي اميرن مان
ٻه ڌريون هميشـه برسر اقتدار رهيون- هڪ ايراني
جيڪي شيعا هئا ۽ ٻيو توراني ۽ ماوراء النهري،
جيڪي ٺيٺ سني هئا. وڏن مغلن جي زماني ۾ ته مذهبي
اعتدال قائم رهندو ٿي آيو، ليڪن بعد ۾ جڏهن حڪومت
جي استحڪام ۾ ڪمزوري آئي ان وقت ايرانين ۽ تورانين
جي مابين زبردست مذهبي ڪشمڪش هلي جنهن خود سلطنت
کي به نهوڙي ناس ڪيو. بهرحال، عالمگير پاڻ جنهن
صورت ۾ٺيٺ سني هو، تنهنڪري ايرانين لاءِ عقيدن جي
فرق سبب کيس ڪوبه قرب ڪونه هو- جنهن جو اظهار هن
’رقائم ڪرائم‘ جي چند خطن ۾، کين ’ايراني غول
بياني‘ لکي ڪيو آهي. هڪ خط ۾ لکي ٿو:
”بشاه عالم عريضه ڪند ڪه: از نوشته بي غرض بي مرض
معلوم شد ڪه: جشن نوروزيء امسال - ڪه مردم ايراني
غول بياباني ميڪنند - بتڪليف ڪرده بودند. عقايد
خود بفضل الاهي درست دراند، اين بدعت بتازگي از ڪه
آموخته ايد؟ ظاهرا آن عرب ڪه خود سيد ميگويند،
مصرعه:
بدنام ڪننده نڪو نامي چند
تعليم ڪرده باشد. بهرحال چون اين روز از عياد مجوس
است و نزد ڪفار هند روز جلوس بڪرما جيت لعين
(1)
و مبدا تاريخ هندي. بايد ڪه! بعد ازين هر گز اين
بدعت بفعل درنيايد، و بر اين طور جهالت اصلا عمل
ڪرده نشود. بيت:
گفته گفته، من شدم، بسيار گو از شما، يڪ تن نشد،
اسرار جو استغفرالله رب من ڪل ذنب واتوب اليه.
ٻئي هڪ خط ۾ به اهڙيءَ ريت ايرانين کي ”غول
بياباني“ لکي ٿو:
”منعم خان وڪيل شاه عالم بهادر خان را - ڪه ديواني
سرڪار هم يافته - امروز برائي رخصت بيارد تا از
داعيه نا صواب اڪبر ابتر باميد امداد ايراني غول
بياباني، درفراه - قريب قندهار - مستقيم شده
باشاره والئي آنجا طرفي نيمرود، و انتظار قضيه
مرضيه ما ميڪشد، فرموده آيد. قطعه:
نرفت از دلم قول آن ڪاسه گر ڪه ميگفت با
ڪاسه پر خطر
نـدانم ڪه سنـگ سـپهر جـــفـا
مرا پيشتر بشڪند، يا ترا
و تدبيرش غير از پسر خود گذاشتن در ڪابل با فواج
بزرگ و فرزند زاده محمد معزالدين بهادر را در
ملتان باسامان سترگ تا انفصال مقدمه، يعني بعد
رفتن اين فاني و صلح نمودن و راضي بودن بر تقيسم
ملڪ نيست“.
اهي ٻيئي خط - علاوه هن جي ته ايرانين کي منجهن
غول بياباني
(1)
چيو ويو آهي - ڪيتريون سياسي اشاري بازيون پڻ ڪن
ٿا، مثلاً: عالمگير جي ٻڍاپڻ، شهزادن جي ڪيفيت،
هندن لاءِ سندس جذبات، ملڪ جي تقسيم، حڪومت جي
معاملن ۾ ڏڦير ۽ انتشار جا آثار وغيره وغيره.
هڪ خط ۾ بدخشان، بلخ، بخارا، خراسان، ۽ هرات جي
هٿان نڪري وڃڻ جو مثال ڏيندي، پنهنجي هڪ پٽ کي،
شهزادي مراد بخش لاءِ لکي ٿو:
”ليڪن بسبب مراد بخش ..... از دست رفت و محنت و زر
ضايع گشت، ازينجاست ڪه گفته اند: از پسر نا خلف
دختر بهتر ..... الخ“.
داراشڪوه: ٻن خطن ۾ شهزادي داراشڪوه جو ذڪر ملي
ٿو. هڪ خط ۾ آهي ته:
”بطريق و صايا گفته شود ڪه بسا نامداران صاحب
داعيه با فروختن نيران قتال دولت بحسرت گذاشته و
عمر بتلخي داده اند. يڪي ازان جمله داراشڪوه بود،
اگر نصايح اعليٰ حضرت ميشنيد چرا روز بد مي ديد؟
حق بطرف او هم بود. حرص آدمي را نمي گذارد ڪه دمي
چند بآسايش برآرد“.
ٻئي خط ۾ هڪ شهزادي
(1)
ڏانهن - جنهن هڪ امير فتح الله خان سان بدسلوڪي
ڪئي هئي -- عالمگير پنهنجو مثال ڏيندي لکي ٿو:
”بباد شاهزاده عرضداشت ڪند ڪه: بر زبان اقدس رفت
ڪه: باوجود سلامت نفس، خان مذڪور را چرا ناخوش
کرديد، ما در ايام بادشاهزادگي بامرا همچو سلوڪ
ميڪردم ڪه همه راضي بودند. در حضور و غيبت بخوشدلي
تعريف و توصيف ميڪردند. بعضي با وصف اقتدار دارا
شڪوه، ترڪ رفاقت او ڪرده، ملازمت ما اختيار ڪرده
بودند. و جمعي باشاره برادر نا مهربان، حرڪات نا
ملايم و حرفهاء بي ادبانه نموده و گفته بتازيانه
تحمل و اغماض متنبه شده، از سرِ انصاف اقرار،
بصاحب حوصلگي ما ڪردند. و نقش سرداري و بهادريء
ما، بر لوح خاطر اشرف اعليٰ حضرت، مرتسم گشته بود.
و ڪارهائي دست بسته بزور اين نحيف صورت بسته
......“
|