سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 34

 

”قبلهء  عالميان سلامت!

آنچه از تعديء  ملڪ حسين بعرض اقدس رسيده، محض افترا است. درين يڪ سال ڪه صوبهء مسطور تعلق باين مريد داشت، مومي الهي غير از ”متردان و دزدان“ معترض حال احدي از رعايا نگشته. و درين مدت هرگز چيزي ازين مقوله بر اين مريد ظاهر نه نشده. و الا مطابق آنچه از پير و مرشد حقيقي ارشاد يافته او را تاديب نموده، نمي گذاشت ڪه مرتڪب جورو تعدي گردد. غالباً اهل غرض حقيقت را بتفاوت معروض داشته اند (1)

انهيءَ خط مان پڻ سنڌ ۾ پيدا ٿيل انتشار جي اهميت سختيءَ، شدت ۽ سنگينيءَ جو پتو پوي ٿو. يعني جن کي مغل سلطنت جي اهلڪارن ’دزد ۽ متمرد’ ٿي سڏيو، انهن جي تحريڪ ايترو ته مضبوط ۽ قوي هئي جو مغلن جو ’لشڪر نصرت اثر’ ملڪ حسين جي سرڪردگيءَ هيٺ سڄي سال اندر به ان کي نه دٻائي سگهيو، ۽ نه سر ڪري سگهيو. ۽ انهن ’دزدن ۽ متمردن’ ملڪ حسين جهڙي جري جوان کي پنهنجو سموري ڪٽڪ سميت انهيءَ حد تائين مصروف ۽ منهمڪ رکيو، جو گهڙيءَ کن لاءِ به هو ٻئي ڪنهن طرف توجهه ڏيڻ جي قابل نه رهيو.

ضياء الدين ۽ مير ابوالمڪارم: مٿئين ڏيکاريل خط مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سال (59- 1060 هه) ۾، ڪڪرالي جي ڄامن واريءَ بغاوت کي دفعي ڪرڻ لاءِ، مير ابوالبقا امير خان مرحوم جي ٻنهي پٽن، يعني مير ضياء الدين يوسف ۽ مير ابوالمڪارم ”شهود“ کي، عالمگير اُهو لشڪر وٺي، رواني ٿيڻ جو حڪم موڪليو،--- جنهن کي ملڪ حسين ٺٽي شهر جي نگهبانيءَ لاءِ ڇڏي ويو هيو--.

عالمگير جي انهيءَ فقري مان هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:

(1) سمورو مغل سپاهه نومڙين ۽ جوکين جو پٺيان، ملڪ حسين ساڻ ڪري ويو هو، باقي فقط ايترو پٺتي ڇڏيو هئائين جيڪو شهر جي نگهبانيءَ لاءِ ضروري هو. مسئلي جي اهميت معلوم ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي آهي.

(2) باوجود ايتري اهتمام ڪٽڪ، توبن، تفنگن، غرابن ۽ غورابن جي به، ملڪ حسين سنڌي قبيلن جي پٺيان ناڪام هلندو رهيو.

(3) مير ابوالمڪارم ”شهود“ جي وفات جي تاريخ (1073 هه) اسان ڏئي چڪا آهيون، ليڪن مير ضيا ِّالدين جي تاريخ زمانه حيات جو تعين ڪري ڪونه سگهيا آهيون (118). عالمگير جي انهيءَ خط مان ڪم از ڪم ايترو ظاهر ٿئي ٿو ته مير ضياء الدين يوسف، عالمگير جي صوبيداريءَ واري زماني (1062 هه) تائين زندهه هو.

اورنگا بندر: ڳالهه جڏهن عالمگير جي ايام جي هلي رهي آهي تڏهن مناسب ائين پيو لڳي ته اورنگا بندر جو مذڪور به آڻي ڇڏيون، جنهن کي عالمگير (60- 1061 هه) جي مابين، سمنڊ مان ٺٽي ڏانهن هيٺ تي ايندڙ شاخ مٿان ٺهرايو هو، جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني تائين آباد هو ۽
ربيع الثاني 1172 هه (ڊسمبر 1758ع) جو جڏهن هـُـن شاهه ڳڙ ۽ شاهه بندر آباد ڪيا، ان وقت اورنگا بندر جي ماڻهن کي وٺي اچي پنهنجي نو آباديءَ ۾ ويهاريو.

اهو بندرگاهه درحقيقت عالمگير اندروني وڳوڙ کي سامونڊي رستي سان منهن ڏيڻ لاءِ آباد ڪيو هو، ۽ ساڳي وقت اهو خيال هيس ته تجارتي فائدو پڻ حاصل ڪجي. چنانچه سردست نفعي ڪمائڻ لاءِ هن پنهنجو ذاتي جهاز هلائڻ شروع ڪيو هو، جنهن تي سندس مخالفن بادشاهه جا ڪن ڀريا ۽ کانئس باز پرس ٿي، جنهن جو جواب هن هيٺينءَ طرح پنهنجي هڪ خط ۾ ڏنو آهي:

”حڪم اشرف صادر شد ڪه: آن مريد، حقيقت حال بندري ڪه در تته احداث ڪرده، معروض دارد.

قبله جهانيان سلامت حاصل بنادر منحصر در دو چيزاست. عشورِ مال تجار و نول و ڪرايهء جهازات، هر گاه عشور بتصدق فرق مبارک معاف شده باشد و يڪ منزل جهاز اين مريد، ڪه در بندر سورت بود، امسال از آنجا آورده اند، و هنوز سفري نشده. و جهاز باد آورد ڪه. از سرڪار خالصه شريفه گرفته، مڪمل نيست، وراه آمدرفت جهازات بنادر ديگر، و تردد سوداگران اطراف باين بندر وا نگشته، حاصل حقيقت چگونه ظاهر شود.

آنچه لازمه آبادانيء بنادر نو آباد است از ساختن قلعه و تعمير فرضه و غير آن از قرار واقع بعمل آمده، انشاء اَلله تعاليٰ عنقريب رونق خواهد گرفت، و بمرور ايام تجاهل خواهد آمد.

مطلب اصلي اين مريد از احداث بندر آنست ڪه شايد بعض تحف و نوادر قابل پيشڪش بدست افتد. الاحاصل آن معلوم چه خواهد بود؟“ (1)

عالمگير اهو بندر قنڌار جي ٻيءَ مهم تي رواني ٿيڻ (16- ربيع الاول 1062 هه) کان اڳ ٺهرايو. کيس 60- 1061 هه جا ٻه سال مليا جن مان ڪنهن به هڪ سال ۾ ورنگا بندر ٺهيو هوندو.

ٺٽي جا تحفا: عالمگير جي خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته عالمگير وقتاً فوقتاً ٺٽي جا تحفا شاهه جهان ڏانهن موڪليندو رهندو هو، جن کي بادشاهه ڏاڍو پسند ٿي ڪيو. مثلاً: هڪ خط ۾ لکي ٿو:

”حڪم اقدس پيرايه ورود يافته، ڪه: چيرهائي چهيت (2) تته ڪه اين مريد فرستاده بود مستحسن افتاد، از همان جنس ديگر نيز مرسول دارد ....... چند تهان چيره درين والا از تته رسيده است، امان چون ڪار بسته مانده بود، سعادت خود دانسته متعاقب ارسال خواهد داشت“. (1)

بادشاهه کي ٺٽي جون اهي ڇيٽون ايتريقدر ته پسند آيون جو هن عالمگير ڏانهن خوشنوديءَ جو خط لکي موڪليو، جنهن تي عالمگير خوشيءَ ۾ نه ماپي، ڏانهس لکيو ته:

”از ظهور اين عنايت ڪه محض بنده پروري و بنده نوازي است، ڪلاه شادي برسر آسمان انداخت:

برين مڙده گرجان فشانم رواست.

ٺٽي جي ٻين ميون سان گڏ- جن جي مؤرخن تعريف ڪئي آهي- انهن جا بي دانه ڏاڙهون، جلال آباد جي مشهور ۽ معروف انارن کان به وڌيڪ سٺا ۽ شيرين هئا. اهڙيءَ طرح بکر ۽ سيوهڻ جا خربوزه جن جي تعريف، مير ابوالقاسم نمڪين جي سلسلي ۾ اچي چڪي آهي، نهايت شيرين بلڪ ڪابل جي خربوزن جي بلڪل ٽڪر جا هئا. عالمگير جي هڪ خط مان معلوم ٿئي ٿو ته بادشاهه ڏانهن تحفي طور سنڌ جا خربوزه خواهه ڏاڙهون هميشـه ويندا رهندا هئا. عالمگير هڪ خط ۾ لکي ٿو:

حڪم جهان مطاع بصد دُر پيوسته ڪه: انار بيدانئه تته - ڪه ڪمترين مريدان بدرگاه سلاطين پناه، ارسال مي دارد- به از انار جلال آباد است، از اين نويد مسرت افزا خوش وقت و مبتهج گشت.

خرپوزه بهکر، اگرچه امسال در زبوني، بخرپوزه ڪابل نزديڪ است. اما آنچه بفدوي مير سد، از رويء عقيدت، بحضور سراسر سرور مي فرستد.(1)

ٺٽي جي ڪپڙن جي صنعت و حرفت، گلن ۽ ميون ۽ انهن جي سبزيءَ ۽ شادابيءَ خواهه بکر ۽ سيوهڻ جي خربوزن جي بهتريءَ ۽ افراط ۾ سنڌ جي باشندن پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر باوجود پريشان حاليءَ ۽ زبون روزگاريءَ جي به وڏا وس پي ڪيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ خود خاندان اميرخانيءَ جو به وڏو هٿ هو. جن پنهنجي ذاتي خوش ذوقيءَ سبب انهيءَ ڏس ۾ هرڪا ڪوشش ڪئي.

ڪراچي،                          - حسام الدين راشدي

19 - آڪٽوبر 1961ع

8 - جمادي الاول 1371 هه


 

اضافو

ڪتاب جو هيءَ آخري صفحو ڇپجي رهيو هو، جو مون کي سيد مير محمد بلگراميءَ جو تاليف ٿيل ڪتاب ”تبصره الناظرين“، پنهنجي مشفق دوست سيد وصي احمد بلگراميءَ جي ذريعي ميسر ٿيو. خوش قسمتيءَ سبب ڪتاب ۾ خاندان اميرخانيءَ متعلق ڪجهه وڌيڪ معلومات ملي، جنهن کي هيٺ پيش ڪريان ٿو:

شيخ عبدالعزيز ۽ سيوهڻ

صفحي 278 - 279 تي شيخ موصوف جو ذڪر ڪندي اسان ڏيکاريو آهي، ته هن پنهنجو سرڪاري منصب پنهنجي هڪ عزيز کي ڏياري، پاڻ هندستان وڃي، پنهنجي لاءِ محمد شاهي دربار مان سيوهڻ جي بخشيگريءَ ۽ وقايع نويسيءَ جي سند وٺي آيو.

دراصل سيوهڻ جي بخشيگريءَ خواهه وقايع نويسي انهيءَ زماني ۾ بکر جي وقايع نويسيءَ سميت مير عبدالجليل بلگراميءَ جو فرزند سيد مير محمد جي سر هئي، جيڪو صاحب خانگي ڪاروبار جي سلسلي ۾ مير غلام علي ”آزاد“ کي بلگرامي مان گهرائي (1)، سيوهڻ ۾ کيس پنهنجو نائب مقرر ڪري، پاڻ 2 تاريخ شوال المڪرم، 1143 هه جو پنهنجو وطن بلگرام هليو ويو هو.(2) سندس انهيءَ عارضي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي شيخ عبدالعزيز دهليءَ پهتو ۽ دربار ۾ رسائي حاصل ڪري، پنهنجي لاءِ سيوهڻ جي بخشيگريءَ ۽ وقايع نويسيءَ جو پروانو حاصل ڪري آيو. سيد مير محمد پنهنجي روزمانچه ”تبصرهِ الناظرين“ ۾ 1143 هه جي وقايع ۾ لکي ٿو ته:

”همدرين سال خدمت بخشيگري و وقايع نويسي سرڪار سيوستان،

از تغير راقم الـحروف، به عبدالعزيز نـامي تقـِوي مـقرر گـرديد (1) “.

سيد محمد بلگرامي وطن مان ڪم ڪار پورو ڪري سن 1144 هه جي17 تاريخ ربيع الاول جو بلگرام کان دهليءَ آيو، جتي نواب امين الدوله جي ڪوشش سان کيس دوباره سيوهڻ جي وقايع نويسي ۽ بخشيگري ملي، لکي ٿو:

”درين سال (1144 هه) هفتدم ربيع آلاخر مؤلف اين رساله ... از وطن بر آمده ... بحضرة دهلي رسيده ملازمت نواب عالي جناب امين الدوله بهادر دريافته. بوسيله جميله ايشان ... خدمت بخشيگري و وقايع نگاري سرڪار سيوستان بدستور سابق بنام خود بحال ڪرد. و بتاريخ دوم شهر رجب المرجب مجدو سند خدمت نوشته شد- و الحمدالله علي ذالک ...(2)

يعني اهو نئون آرڊر 2 تاريخ رجب، 1144 هه جو صادر ٿيو. ۽ سال جا باقي مهينا سيد مير محمد بلگرامي، نواب امين الدوله جي خدمت ۾ بسر ڪري، 1145 هه ۾ 25 تاريخ رمضان جي موٽي اچي سيوهڻ پهتو ۽ شيخ عبدالعزيز کان اچي چارج ڇڏايائين:

”درين سال (1145) راقم الحروف بعد ازان ڪه خدمت بخشگيري و وقايع نگاري سرڪار سيوستان تابع صوبه ملتان (1)، بنام خود از حضور انور بحال و مقرر نمودو مطلب مافي الضمير ميسر پذير گشت، اهلخانه خود را از وطن طبلداشته بتاريخ هفتدهم شهر جمادي الاوليٰ از دارالخافه شاهه جهان آباد، بعزم ولايت سند بر آمده، بعد طي مراحل و قطع منازل، مع مردم وطن و قبايل، بخير و عافيت با حسن احوال با جان و مال بتاريخ بيست و پنجم شهر رمضان المبارڪ روز پنجشنبه بلده سيوستان رسيده سرگرم ڪار بادشاهي گرديد“.

پنهنجي رقيب لاءِ لکي ٿو ته:-

”و مخالف ڪه سند خدمت بنام خود حاصل ڪرده بود، حيران و سراسيمه و پشيمان شد و دخل نيافت - و الحمدالله علي ذالک“ (2).

مير امين الدين خان

عالمگير جي وفات جي تاريخ: ”تبصرهِ الناظرين“ جي مؤلف لکيو آهي ته: عالمگير احمد ننگر مان هندستان وڃڻ جو ارادو ڪري رهيو هو جو بيمار ٿي پيو. احمد ننگر جي شهر جي انهيءَ وقت پاڻ ئي ”ختم السفر“ نالو رکيو هئائين. بيماري وڌندي ويئي ۽ 27 ذي القعد، جمع ڏينهن 1118 هه جو، ڏينهن جي هڪ گهڙيءَ گذرڻ بعد، ٻيانوي ورهين جي عمر ۾ اتي ئي انتقال ڪيائين.

مير امين الدين خان امير خانيءَ (1) بادشاهه جي وفات تي تاريخ چئي - ”دخل الجنه“ -- جنهن لاءِ مير سيد محمد ”تبصرهِ الناظرين“ ۾ لکي ٿو:

”اگرچه تاي جنت در ترڪيب عربي هاي هوز اعتبار نمايدند، و پنج عدد شمار ڪنند، و اما العزيز چهار صد گرفته“ (2)

مير امين الدين خان جي پنهنجي وصال جي تاريخ، جيئن اسان صفحي 170 تي لکي آيا آهيون، لفظ -- يد خل الجنته -- مان نڪري ٿي.

                                1127 هه

سکر جي فوجداري: صفحي 281 تي اسان لکي آيا آهيون، ته مير موصوف کي ٺٽي مان تبديل ڪري، 14- 1115 هه ڌاري، خانپور جي نيابت ڏني ويئي. ”تبصرة الناظرين“ مان سال 1120 هه جي واقعات تحت معلوم ٿئي ٿو ته: مير انهيءَ سال ۾ بکر سرڪار جو فوجدار هو، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته 14- 1115 هه ڌاري امين الدين خان ٺٽي مان بدلي ٿي بکر جو فوجدار ٿي آيو، ۽ انهيءَ ئي زماني ۾ خانپور جي نيابت به سندس سپرد ٿي. ۽ 1120 هه تائين بکر ۾ انهيءَ عهدي تي برقرار هو.

سکر ۾ مسجد: مذڪوره سال جي واقعات مان معلوم ٿئي ٿو ته امير امين الدين، سکر شهر ۾، مٿي ذڪر ڪيل سال ۾، هڪ عاليشان مسجد ٺهرائي، جنهن لاءِ مير محمد بلگرامي لکي ٿو ته:

”و همدرين سال (1120 هه) خان ذيشان امين الدين خان فوجدار سرڪار بهکر -- ڪه از ابناء امير خان تتوي بود -- در عهد فوجداري خود، در قصبه سکر ڪه آنروئي آب از قلعه بهکر است، مسجد عالي عمارت نمود، چنانچه مير صاحب و قبل جاودان تاريخ تعمير چنين فرموده اند“.

مير عبدالجليل بلگرامي جيڪو انهيءَ وقت بکر ۽ سيوهڻ ۾ وقايع نويسيءَ ۽ بخشيگريءَ تي فائز هو، مٿي ذڪر ڪيل تاريخ هيٺينءَ ريت چئي:

 خان ذيشان امين الدين خـان،

در رخش نـور نبي گشته عـيـان،

سـيــنـه اش مــخزن اســــرار ازل،

مـسـجدي ڪـرده بـنـا در سکـر،  

خـــانـــه ديــن خـود، آبــاد نـمـود،

سکهر از نسبت اين مسجد شد،

حــبــذا مـسجد فـــرخــنــده بـنــا،

از دمِ صـبـح بــر آمــــد پـه پـه،

سي سزد، گر پئي جارويش، چرخ،

باهـم آغوش مــصلاش شــده است،

ذڪر فيضش بزبانها مذڪور.
در ڪفش جود علي ڪرده ظهور.
شمع فانوس دلش لمعهء طور.
پاڪ تر از دل ارباب حضور.
سعي او پيش خدا شد مشڪور.
بلده طيبهء رب غفور.
  در و ديوار وي آئينه نور.
بر گچِ او چو نظر ڪرد از دور.
دسته بندد ز سر ڪاڪل حور.
سجده در جبهه ڪند رقص سرور.

ســال تاريـخ چنـيـن گـفـت خرد،

مــهبطِ نور چو بيت المعـمور (1)

1120 هه

امين الدين خان ۽ مير عبدالجليل بلگرامي: جنهن دور ۾ امين الدين خان بکر جو فوجدار هو، اهوئي وقت هو جڏهن بکر ۽ سيوهڻ جي بخشيگري ۽ وقايع نويسيءَ تي علامه مير سيد عبدالجليل بلگرامي دهلي سرڪار مان مقرر ٿي آيو (بکر مان آمد 24 رجب، 1117 هه). مير عبدالجليل ۽ مير امين الدين خان امير خانيءَ جا باهمي تعلقات تمام گهرا ٿي ويا، ۽ پاڻ ۾ يگانگت پيدا ٿي پئي. مير عبدالجليل  جي فرزند، سيد مير محمد، پنهنجي والد ڏي لکيو ته بکر مان ڏانهس ڪو مفيد سرمو وٺي موڪلي. مير صاحب ذاتي تعلقات جي بناءِ تي پٽ جو اهو جنسي خط (خان صاحب مهربان فيض رسان) مير امين الدين خان جي حوالي ڪيو، جنهن نه فقط (از راه اخلاص) پنهنجو طرفان نفيس سرمو مير سيد محمد ڏانهن موڪلي ڏنو، بلڪ پنهنجي طرفان هڪ ڪمان (حلقهء ڪمان) به سوکڙيءَ طور ڏانهس ڏياري موڪلي. مير عبدالجليل انهن شين سان گڏ پٽ ڏانهن پنهنجي طرفان ”شرح ملا“ جو هڪ نفيس نسخو پڻ موڪليو. اهي سڀ سوکڙيون فريد نالي مير عبدالجليل جو ملازم کڻي بلگرام روانو ٿيو.

مير امين الدين جي سرمي جون خوبيون ۽ خصوصيتون جيڪي بيان ڪيون ويون آهن، سي هي آهن: ماتا جي بيماريءَ سبب اک ۾ پيل ڦـُـلن کي دور ڪري ڇڏيندو هو، اکين جي نور کي اوجر ڏيندو هو، ۽ تقريباً اکين جي سڀني بيمارين لاءِ مفيد هو.(1)

 

آشيانه ادب ڳڙهي ياسين،        -- حسام الدين راشدي

20 - ڊسمبر، 1961ع


 

 

ماخذ

هن تذڪري جي سلسلي ۾ منهنجي نظر مان اڪيچار ڪتاب گذريا آهن، ۽ ڪوشش ڪئي اٿم ته هن خاندان لاءِ جتان به مواد ملي ان کي يڪجاءِ ڪريان. ڪيترن ڪتابن جا نالا حاشين ۾ ڏنا ويا آهن، جيڪي خاص ڪتاب هن موضوع تي ڪار آمد ٿيا، انهن جي فهرست هتي ڏيان ٿو:

(1)   تحفـة الڪرام   مير علي شير قانع             مطبوعه ۽ قلمي

(2)   مقالات الشعراء  مير علي شير قانع             قلمي

(3)   مظهر شاهه جهاني      يوسف ميرڪ          قلمي

(4)   ذخيرة الخوانين  شيخ فريدي بکري             قلمي

(5)   اڪبر نامه               ابوالفضل               مطب وعه، ڪلڪتو

(6)   طبقات اڪبري  خواجه نظام الدين بخشي     مطبوعه، ڪلڪتو

(7)   ماثرالامرا ء              شاهنواز خان            مطبوعه، ڪلڪتو

(8)   ماثر رحيمي          ملا عبدالباقي نهاوندي  مطبوعه، ڪلڪتو

(9)  منتخب التواريخ  ملا عبدالقادر بدايوني         مطبوعه، ڪلڪتو

(10) منتخب اللباب  خافي خان                      مطبوعه، ڪلڪتو

(11) بادشاهه نامه              عبدالحميد لاهوري   مطبوعه، ڪلڪتو

(12) اقبال نامه جهانگيري    معتمد خان            مطبوعه، ڪلڪتو

(13) آئين اڪبري (انگريزي ترجمو)-  بلاخمن        مطبوعه، ڪلڪتو

(14) تزڪ جهانگيري نولڪشور                      لکنو

(15) رقعات عالمگيري        مرتب: نجيب اشرف    اعظم ڳڙهه

(16) انٽي ڪوئيٽيز آف سنڌ         مسٽر ڪزنس    دهلي

(17) ڪيٽلاگ برٽش ميوزم         چارلس ريو        لنڊن

(18) ڪيٽلاگ انڊيا آفيس            ايٿي              لنڊن

(19) ڪيٽلاگ بانڪي پور        مراهِ العلوم جلد - 1

(20) اورينٽل ڪاليج ميگزن،  مولوي محمد شفيع        لاهور، آگسٽ 1937ع

(21) لـُـب تاريخ سنڌ           خداداد خان                  امرتسر

(22) قديم سنڌ               ميرزا قليچ بيگ            حيدرآباد

(23) سنڌ جا ستارا            ميرزا قليچ بيگ             حيدرآباد

(24) فرامين جو ڪتاب       ملڪ قاضي علي محمد      قلمي

(25) مختلف بياض          سنڌي ادبي بورڊ               قلمي

(26) آرڪيولاجيڪل سروي آف ويسٽرن انڊيا نمبر - 8 بمبئي 1879ع

(27) Sindh as a Field for the Naturalist and Antiquarian By H. E. M. James. Karachi 1893.

(28) تبصرة الناظرين      مير محمد بلگرامي              خطي

________


(1)  ”رقعات“ 2/10.

(1)  رقعات 2/12.

(2)  ڇيٽ جو لٽو- چيرو.

(1)  رقعات 2/12.

(1)  رقعات 2/4.

(1)  ربيع الاول جي نائين تاريخ بروز شنبه 1143هه، مير غلام علي سيوهڻ پهتو: ربيع الاول و شنبه نهم بود

ڪه گرديدم بسيوستان دل آسود (تبصره الناظرين، ص. 62)

(2)   ”تبصره الناظرين“ 162 - 17 جمادي الاخر جو سيوهڻ مان روانو ٿيو هو.

(1)  ”تبصره الناظرين“ ص. 162- هي ڪتاب مير سيد محمد بلگراميءَ پنهنجي دور جي چشم ديد حالات تي لکيو آهي- هر سال جا واقعات سال جي تحت ڏنا اٿس. ڪتاب 1101 هه کان يعني پنهنجي تولد جي سال کان شروع (ولادت 14 ربيع الاول سه شنبه 1101 هه) ڪيو اٿائين. شفيق محترم سيد وصي احمد بلگراميءَ جو ذاتي نسخو منهنجي پيش نظر آهي جيڪو 1158هه جي ابتدا تائين آهي. پيش نظر نسخو ڪاتب جي اوچتي فوت ٿي وڃڻ سبب پورو نه ٿي سگهيو- اصل ڪتاب غالب گمان آهي ته سيد موصوف پنهنجي انتقال واري سال تي ختم ڪيو هوندو- ڪتاب عالمگير جي آخري 17 سالن کان وٺي محمد شاهي دور تائين جي عجيب و غريب تاريخي، علمي، ادبي ۽ تمدني واقعات ۽ معلومات تي حاوي آهي.

(2)  تبصره ص. 169.

(1) انهيءَ سان ظاهر آهي ته سيوهڻ ۽ بکر جا صوبا، ملتان ۾ مغل گورنر جي نگرانيءَ ۽ ماتحتيءَ هيٺ هئا.

(2) ”تبصرهِ الناظرين“ ص. 172.

(1)  ڏسو صفحو 230.

(2)  ”تبصرهِ الناظرين“ ص. 53.

(1)  ”تبصرة الناظرين“ ص. 61 - 62.

(1)  ”مڪاتب عبدالجليل“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org