مير حيدرالدين ابوتراب
”ڪامل“
مير رضي الدين ”فدائي“ جو اڪيلو فرزند، پنهنجي دور
جو بلند پايه اديب ۽ نالي وارو شاعر هو، حيدرالدين
نالو، ابوتراب ڪنيت، ۽ ”ڪامل“ تخلص هئس. سندس علم
فضل، ادب ۽ ڪمال جي سلسلي ۾ ”مير قانع“ رطب اللسان
نظر اچي ٿو. لکي ٿو ته سڄي زندگي تجرد ۾ بسر
ڪيائين، ڪيترن وقت جي چڱن وٽانئس ظاهري خواه باطني
فيض پرايو، ۽ دنياداريءَ جي معاملن لاءِ سندس دل ۾
ڪڏهن به ڪشش پيدا ڪانه ٿي، ”تحفة الڪرام“ ۾ مير
صاحب لکي ٿو ته:
”استاد محقق مجرد زيسته، در ڪلمالات آنجناب ڪتابها
بايد، بسا اهل دل صحبتش سرمايه فيوضاة ظاهري و
باطني مي دانستند، اغلب بزرگان بقدم ارادت بوي
سلوڪ داشتند، هرگز رجوع بدنيا نفرموده و بعمل
منطوقه، ’ڪن في الدنيا ڪانڪ غريب او عابري سبيل‘
زيسته“.
(1)
”مقالات الشعرا“ ۾ مير ”قانع“ سندس حسن اخلاق ۽
حسن طبعيت تي وڌيڪ روشني وڌي آهي:
”جناب ’ڪامل‘، آن مير بي بظير، سراپا ڪمال و مرجع
ارباب ڪمال بوده فقر اختياري برگزيده، حصور و
مجردي زيستند، باوجود آنڪه معيشت شان بعسرت ڪلي
بود و اڪثر ارباب دول مثل نواب مهابت خان ‘ڪاظم’
وغيره حڪام بسماجتها و ظيفه و نياز عرض مي ڪردند،
از هيچ ڪدام قبول نفرموده، همه راه عزلت گزين و
گوشه گير از ابناي زمانه مي بودند، و هرڪه از اهل
دول وغيره بخدمت شان فائز مي شد، بي بهزه نمي
ماند، صحبتش غير قال حال، و قال الله وقال الرسول
نبود، اوقات بابرڪات در تحزن دائمي و استغراق بسر
مي رفت ، خوارق از ايشان بسيار سرزده است“.(1)
سموري زندگي، عسرت ۽ مسڪينيءَ ۾ بسر ڪيائين. نواب
مهابت خان ”ڪاظم“
(2) ۽
ٻيا اهل دولت کيس بمنت نذر نياز پيش ڪندا هئا،
ليڪن ڪڏهن پاڻ قبول نه ڪيائين، گهڻو ڪري وڏن ماڻهن
جي ملڻ جلڻ کان ڪيٻائيندو هو، گوشه نشينيءَ ۾
عافيت سمجهندو هو. جيڪڏهن ڪنهن زماني جي ماڻهوءَ
سان روح ريڌس، ته ان کي خالي نه ڇڏيائين. سندس
مجلس هميشه قال الله و قال الرسول جي شغل سان مزين
رهندي هئي. هميشه رقت ۽ استغراق مٿس طاري رهندو
هو، ۽ ڪيتريون ڪرامتون کانئس سرزد ٿيون.
شعر و سخن:
مير ”ڪامل“ مختلف زبانن ۾ شعر چيو آهي، سنڌي،
هندي، ۽ فارسيءَ ۾ ديوان ڇڏيائين، جيڪي ميان محمد
پناهه وٽ تدوين لاءِ هئا. هنديءَ جي ايهام گوئيءَ
۾ کيس خاص ڪمال هو، ڏوهيڙن ۽ ڪتبن ۾ به کيس مهارت
هئي، مير علي شير جو بيان آهي ته:
”در ايهام هندي بـي مثل و دهـره و ڪبت و نڪات غريب
و صفات عـجـيب و سايهء اقسام از ايشان بسيار بر
زبان ها ست“.
سنڌي زبان تي جيتوڻيڪ بقول مير ”قانع“ پوري قدرت
ڪانه هئس، تاهم بيحد حسين شعر چوندو هو:
”زبان سندهي نه دانستند و دران شعر مي فرمودند،
شعر فارسي هم اغلب بر عنوان ايهام سر زد طبعيت
گرامي مي شد“.
(1)
تصانيف:
مير ”ڪامل“ پرُگو شاعر هو. مير ”قانع“ جو قول آهي
ته هن پنهنجي ڪلام جا ڏهه ضخيم جلد تيار ڪيا، جن
کي محمد پناه ”رجا“ جي حوالي ڪيو هئائين، ته هو
انهن کي مرتب ڪري-
”دهه ڪتاب بزرگ در مسوات شعر پارسي حسين احتضار به
ميان محمد پناهه ”رجا“ ڪه شاگرد و خادم حضرتش بود،
براي تدوين سپرد ڪه هنوز از مواد (1172 هه) بياض
نرسيده“.
ميان محمد پناهه ”رجا“، اهي تدوين ڪيا يا نه، اهي
ڪيڏانهن ويا، ان جو اڄ پتو پوڻ مشڪل آهي. ميان
”رجا“ جا ٻه بياض سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهن، جن
۾ مير صاحب جا منتخب اشعار ڏنل آهن. ٻيو متفرق
ڪلام به ملي ٿو، ليڪن ڪوبه ديوان اسان کي اڃا
تائين ملي ڪونه سگهيو آهي.
شاگرد:
مير صاحب جهڙي ڪامل استاد وٽ ڪيترن ۽ ڪهڙن علم جي
پياسن پنهنجي اڃ لاٿي، ان جو مفصل تذڪرو ڪونه ٿو
ملي. ”مقالات“ ۽ ”تحفة الڪرام“ مان ڪن جا نالا ملن
ٿا، جن جو ذڪر اسان هيٺ ڪريون ٿا، البت مير ”قانع“
اختصاراً ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ جو مواد
اسان وٽ نامڪمل آهي، ورنه اسان کي صحيح اندازو ٿي
سگهي ها ته مير صاحب وٽ ڪهڙن شاعرن فيض حاصل ڪيو.
مير علي شير قانع:
”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفـة الڪرام“ جو مصنف مير علي
شير ”قانع“ سنڌ جو بي مثال مؤرخ ۽ بي بدل شاعر
(1140هه - 1203 هه) مير ”ڪامل“ جو شاگرد هو.
”مقالات“ ۾ ڪيترن جاين تي معترف آهي-
”فقيري چندي فيض صحبتش دريافته...“ ص 253
”قريب نيز در حضور آن استاد ڪامل گاهي فڪر هندي
ميڪرد...“ ص 254
”قريب دو سال ديگر زبان سخن آشنا نه بوده تا به
تجديد بفيض خدمت استاد ڪامل عامل مير حيدرالدين
ابوتراب ڪامل مستفيد شده، چند غزل گذراند“. ص 214
محمد پناهه ”رجا“:
هيءُ ڪلهوڙن جي دور جو صاحبِ ديوان شاعر هو، مير
”قانع“ سندس لاءِ لکي ٿو ته:
”بـلـطـف طقـع وجـودت فـڪر اقـصاف دارد“.
(”مقالات“ ص 108).
”در اشعار خوش تلاش، و در تاريخ يابي نادر الفڪر،
مردي نمڪين صحبت آرا مي باشد، با فقرا و اهل الله
معقدانه در خور دارد، اڪنون تته در صاحب سخنان
غنيمت است (”تحفـة الڪرام“ ص 3/244)
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي امير ۽ وزير، سيد مير
متاري عرف مير لطف الله جي دامن دولت سان وابسته
هو. ساڳئي وقت مير ڪامل جي به خدمت ڪندو هو، بلڪ
سندس خادم خاص هو. شعر ۾ مير صاحب سندس استاد هو،
مير صاحب پنهنجا ڏهه ديوان تدوين لاءِ ميان ”رجا“
کي ڏنا هئا، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته
استاد کي شاگرد تي ڪيڏو ڀروسو هو، ۽ سندس علمي
حيثيت جي استاد وٽ ڪيتري قدر قيمت هئي.
ميان ”رجا“ جو ديوان مرتب ٿيو هو، ليڪن اهو اڄ
ناپيد آهي. ”مقالات“ ۾ ڪجهه انتخاب ۾ ٻين بياضن ۾
ڪجهه متفرق اشعار ملن ٿا. تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال
هو، جڏهن سندس ولي نعمت مير لطف الله جهان ڇڏيو ته
هيٺئين تاريخ چيائين:
هر ڪه آمد برسرِ قبرش بتاريخِ وفات
”رحمتِ ايزد بجانِ مير لطف الله“ گفت
1161 هه
مير متاري تي سندس ڏاڍو اثر هو، ”مقالات“ ۾ آهي
ته:
”بخدمت مير لطف الله عرت مير متاره وزير سند آب و
تابي خوب داشته، مدت بمصاحب بسرد برد، و در صحبت
آن قدر شناس اهلِ ڪمال ڪارهاي نمايا ڪرده“.
(1)
”رجا“ 1197 هه ۾ انتقال ڪيو، اصل باشندو ٺٽي جو
هو، سندس جسم خاڪيءَ کي ڪٿان جي مٽي نصيب ٿي، ان
جو پتو نه آهي، مير ”قانع“ جي فرزند مير ”مائل“
هيٺئين تاريخ چئي:
وا دريـعـا ”رجـا“ وفـات نــمـود
هر ڪه بـشـنيـد شد حـزيـن و مـلـول
گفت دل سال فوتِ آن مـرحــوم ”هـست مـقـبول
برجـنـاب رســول“
1197 هه
مير ابوالبقا بهرور علي:
ٺٽي جي عريضي سبزواري خاندان جو هي درخشنده ستارو
به استاد ”ڪامل“ جو شاگر هو. مير صاحب جو ڏاڏو،
مير عبدالله سلطان ولد مير ابوالمڪارم بن غياث
الدين (1)
محمد المعروف به سلطان رضائي العريضي سبزواري،
شاهه جهان ابتدائي زماني ۾ ٺٽي مقيم ٿيو، کيس 5 پٽ
هئا، جن مان ٽئين پٽ
مير عبدالرحمان جو فرزند مير ابوالبقا بهرور علي
هو. سندس ڏاڏو به شاعر هو ۽ پاڻ به بي مثل شاعر
ٿيو.(2)
ٺٽي جي سبزواري سادات انهيءَ بزرگ جو يادگار
آهن. مير ابوالبقا جي تصنيف، ”تاريخ چراغ هدايت
المعروف به بهرور شاهي“، مشهور آهي. فارسي شعر ۾
هڪ ديوان به يادگار ڇڏيائين.
ميرزا صاحب جي زمين ۾ هڪ غزل چيو اٿس، جيڪو بياض
مرتضائيءَ ۾ منقول آهي، محفوظ ڪرڻ جي خاطر اسان به
نموناً نقل ڪري ڇڏيون ٿا:
منت درمان ندارد از طبيبان درد ما
سوزش دل مرهمي دارد ز آه سرد ما
آتشي سوزان ندارد سرڪشي هر گز بتاب
گرمي جور رقيبان يخ شود از گرد ما
چون توان پنهان نمود از خلق سوز عشق را
آتش دل را گواهي داد رنگ زرد ما
اين جواب آنڪ ”صائب“ از دل پر درد گفت
صبح بر خورشيدمي لرزد ز آهِ سر د ما
(1)
هڪ دلچسپ واقعو:
مير ”ڪامل“ جي سلسلي ۾، ”قانع“ هڪ دلچسپ قصو نقل
ڪيو آهي. لکي ٿو ته حبيب شاهه نالي ڏاهري قبيلي جو
هڪ شخص هو، نوجوانيءَ ۾ والدين سندس شادي ڪرائي،
پهرين رات ڪنوار سان رهي صبح جو اٿي هليو ويو،
ٻارهن سالن تائين غائب هو. جڏهن ايتري عرصي بعد
ٺٽي ۾ آيو ته سندس حالت مجذوبن جهڙي هئي- سر پير
اگهاڙا، بدن تي لٽو ڪونه، زبان بند، نه ڳالهائڻ نه
ٻولهائڻ، شاهه مبين جي مزار تي ويهي رهيو. ماڻهن
جي عقيدت وڌي، ٽولن جا ٽولا سندس زيارت لاءِ اچڻ
لڳا، کيس ايترو ڪشف هو، جو ماڻهن کي سندن دل جو
حال ٻڌائي ڏيندو هو.
”مجذوب جي مير ’ڪامل‘ سان به دوستي هئي، وٽس ايندو
ويندو هو، هڪ ڏينهن گڏ ماني ٿي کاڌائون- مڇيءَ جو
ٻوڙ هو، مجذوب فقط شوروو ٿي کاڌو، مڇيءَ جي ڳترن
کي هٿ نه ٿي لاتائين، ۽ ساڳئي وقت مير صاحب کي به
کائڻ نه ٿي ڏنائين. مير صاحب اک وٺي، هڪ ڳترو کڻي
ورتو، مجذوب غصي ۾ اچي اهو ڳترو کسي ورتس، ۽ ٻوڙ
جي ٿالهي به پٽ تي اڇلائي ڇڏيائين. ٿوريءَ دير بعد
ٻليءَ اچي اهي ڳترا کاڌا، ۽ کائڻ شرط مري ويئي،
مير صاحب اهو رنگ ڏسي خدا جو شڪر ادا ڪيو.“
انهيءَ مجذوب جو مير محمد ”عطا“ سان به رشتو هو،
جنهن جو ذڪر اسان مٿي ڪري چڪا آهيون.
نادر شاهه جون فوجون جڏهن شهر ۾ آيون ان وقت مجذوب
شهر مان غائب ٿي ويو، ۽ وري ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
(1)
فارسي ڪلام:
مير ”ڪامل“ جو منتشر ڪلام اسان کي ”مقالات الشعرا“
۽ ٻين مختلف بياضن ۾ ملي ٿو، افسوس آهي جو سندس
شعر جي مسودن جا ڏهه ضخيم ڪتاب گم ٿي ويا-
سجودِ اهل دين را نقش بر خاڪ دگر باشد
زمينِ پاڪ نبود در طهارت خانه دنيا
---
فانوس حجاب ست چراغ سحري را
دامن بڪمر برزده بايد سفري را
---
پير گشتيم و همان داغ تو گرم است بدل
اين نه شمعي ست ڪه از صبح شدن تار شود
---
بهندوستان زلفِ يار منصب دار شد ”ڪامل“
هزاران دام در جاگير دلخواهست تنخواهش
---
خاطرِ جمع است حفظِ آبروها مرد را
راه رفتن نيست آبي را ڪه گوهر مي شود
---
ظالمِ خون ريز را درخانه ناني ڪس نديد
چون ڪمان در قبضه اش جز استخواني ڪس نديد
---
تاڪي به آب تيغ قناعت ڪند ڪسي نديد
لشڪر چوشد گرسنه خورد از عدو شڪست
---
نگاهش ساغر مل مي توان گفت
صراحي گفت، قلقل مي توان گفت
شهادت جنت از دوزخ بر آرد
چراغ ڪشته را گل مي توان گفت
---
قانع بخانه دست بهر خوان مڪش مڪش
يڪ ناس بس است منت دونان مڪش مڪش
ايما شناس نرگس بيمار يار باش
بار درد ساز، منت درمان مڪش مڪش
نقش آن خالِ سيه از ديد بيرون ڪي رود
آخراي حرف آشنايان نقطه از نون ڪي رود
راستي هر جا ڪه باشد ريشه محڪم مي زند
از خيالم جلوه آن سرو موزون ڪي رود
جبه سائي ڪرده روشن درجهان نامِ نگين
رو سياهي جز سجود از بخت واڙون ڪي رود
---
درين دار يڪ آيد ويڪ رود
خدا باليقين آيد ار شڪ رود
خطش سر زد و پر بر آورده شوق
چو شاهين ڪه دنبال سبزڪ رود
(1)
---
چسان رقم ڪنم اين ناز رنگ رنگ ترا
چگونه صلح نگارم چگونه جنگ ترا
ز آشيان دلم باز ڪي ڪند پرواز
ڪه پر برشتهء جان بسته ام خدنگ ترا
(2)
---
از لعل آبدار تو غرق است مي در آب
بي عاقبت به لعل تو ڪم ڪرد پيء درآب
درياي اشڪ برد مرا د رڪنار دوست
ڪردم چو موج مرحله عشق طي در آب
عمر عزيز بيش ز سيل بهار نيست
ڪس خانه چون حباب ڪند تابڪي در آب
”ڪامل“ ندارد آئينه ام گردي از ملال
دارم بروز خاڪ درِ شاه حيدر آبدا
(1)
---
بر فروغ مصطفيٰ و آل او پروانه ام
شمع ماهِ چارده روشن بود درانه ام
---
عشق تقويٰ سوز را پرواي ننگ و نام نيست
جز بحرف سوختن اين عشق را آهنگ نيست
---
جان من خانهء دل بهر تو جائيست بيا
دودرِ ديده بتشريف تو وائيست بيا
تا در آغوش مبارڪ بسلامت باشيم
شب ماهست بيا، ابن شبِ مائيست بيا
---
از برگ گل آزرده شود آن تنِ نازڪ
چشم بد ازان دورچه نازڪ بدن است
---
هر زمان مان را بڪويت شوق ديدار آورد
بلبلان را آرزوي گل بگلزار آورد
---
بغمزه گفت گنهگار عشق را چه زا ست
ڪرشمه داد گواهي ڪه واجب القتل است
---
هماي ڪو مفگن سايه شرف هرگز
دران ديار ڪه طوطي ڪم از زغن باشد
---
نقد اشڪم را ربود مردمِ چشم بزور
ڪرد سرگردم ڪه باج از مردم آبي گرفت
---
ندارد مسند دنيا شڪوه بوريائي دين
ڪه شير اين نيستان پشم داند شير قالين را
---
اي ڪه مي گوئي ڪه رنگ عالم ايجاد بست
آنڪه بويِء هر چمن را بي گره برباد بست
بيڪسيها ............. شهيد عشق را
ميتوان از لاله نخل ماتم فرهاد بست
(1)
اردو شاعري:
مير ”ڪامل“ جو زمانو اهو آهي جڏهن سنڌ ۾ مغل سلطنت
جو زوال هو ۽ ڪلهوڙن جي مقامي خاندان اقتدار ۾ اچي
چڪو هو. ميان يار محمد (1112 هه - 1131 هه) ۽ ميان
نور محمد ڪلهوڙي (1131 - 1160 هه) هڪٻئي پٺيان سنڌ
جي مسند تي ويٺا. مغل گورنرن جي آمدرفت، هندستاني
شاعرن کي به سنڌ سان روشناس ڪرايو، ۽ ڪيئي اردو گو
شاعر مغل حاڪمن سان گڏجي هتي اچي پهتا. هتان جي
شاعرن ۽ اديبن سان سندن راهه و رسم ٿي، ۽ انهن جي
ڏيٺ ويٺ ڪري سنڌ جي فارسي گو شاعرن به ’ريخته‘ جي
نئين زبان ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. محمد سعيد
”راهبر“ (1137- 1143 هه) گواليار کان نواب سيف
الله سان گڏجي آيو، مير جعفر علي ”بي نوا“، نواب
مهابت خان ”ڪاظم“ جي دور (1132هه- 1135 هه) ۾ ٺٽي
وارد ٿيو، سيد فضائل علي خان ”بيقيد“ هتي پاڻ حاڪم
ٿي آيو، محسن الدين شيرازي (1173 هه) کانئس اڳ ٺٽي
۾ آيو ۽ مير قانع سان اچي ملاقي ٿيو. عمادالملڪ
نواب غازي الدين خان فيروز جنگ، جنهن جي يادگار،
دهليءَ م ”عريبڪ ڪاليج“ واري تاريخي عمارت آهي،
1195 هه ۾ ٺٽي آيو. از انسواءِ، انهيءَ دور جا
جليل القدر اديب، شاعر ۽ عالم سيد عبدالجليل
”بلگرامي“ ۽ مير غلام علي ”آزاد“ بلگرامي به وقايع
نويسيءَ جي سلسلي ۾ (1116هه کان 1145 هه) تائين
سنڌ ۾ اچي رهيا. اهي سڀئي بزرگ فارسيءَ سان گڏ
اردوءَ ۾ به شعر چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته هندستان اندر
خود ان وقت تازو ريخته ۾ شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو
هو. ”آبرو“ ”مضمون“، ”ناجي“، مظهر جان جانان، ۽
”حاتم“ انهيءَ ابتدائي دور جا هندستاني اردو گو
شاعر آهن. اردو جي پهرئين صاحب ديوان شاعر ”ولي“
گجراتيءَ به انهيءَ دور ۾ فروغ حاصل ڪيو.
سنڌ ۾ ريخته جي شاعريءَ جو به اهوئي پهريون دور
آهي، هندستاني شاعرن جي نئينءَ زبان واري شعر
سنڌين ۾ به دلچسپي پيدا ڪئي. ”مقالات“ جي ذريعي
اسان کي انهيءَ دور ۾ چند اهڙا فارسي گو شاعر ملن
ٿا، جن اردو ۾ به تفنن طبع خاطر طبع آزمائي ڪئي-
شيخ ”ورو“ نواب سيف الله جي دور (1142هه- 1173 هه)
۾ ٿيو، عبدالسبحان ”فائز“ ٺٽوي (1137هه - 1143 هه)
به ساڳئي وقت ۾ موجود هو. مخدوم محمد معين
”بيراگيءَ“ جو به اهوئي زمانو آهي، ۽ مير
حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل“ به انهيءَ ئي دور جو
اديب ۽ شاعر آهي. دهليءَ جي دارالسلطنت ۾ جهڙيءَ
طرح ”ولي“ گجراتيءَ جي ديوان پهچي، اردو ۾ شعر
چوڻ جو شوق جاڳايو، اهڙيءَ طرح سنڌ جي دارالسلطنت
۾ انهن هندستاني شاعرن اچي، سنڌ جي شاعرن ۾ اردو
شاعريءَ جي تحريڪ پيدا ڪئي.
(1)
مير حيدر الدين ”ڪامل“ نه فقط پاڻ اردو جو باڪمال
شاعر ٿيو، بلڪ سندس دوست ۽ شاگرد مير علي شير
”قانع“ ۽ سندس ڀائٽيو مير حفيظ الدين بن
مير حافظ الدين به اردو گوئيءَ ۾ڪامل جي حد تائين
ڪامياب ٿيا، مير حفيظ الدين جو اردو ڪلام اڳتي
ايندو، هت هيٺ مير ”ڪامل“ جو اردو اشعارن جو نمونو
ڏيون ٿا. مير ”قانع“ پنهنجي استاد جي اردو گوئيءَ
لاءِ لکي ٿو ته:
”هر چند اشعار هندي ايشان عالمگير است، اما فقير
آنچه ياد دارد مي نويسد“.
(2)
اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، جو سنڌ جهڙي درو
افتاده خطي جي هڪ شاعر جو هندي (اردو ريخته) ڪلام
سندس ئي دور ۾ عالمگير شهرت حاصل ڪري وڃي، جا شهرت
”ولي“ دکنيءَ کي حاصل هئي، اها ئي ساڳي شهرت هن
سنڌي شاعر کي به نصيب ٿي- ريختي جي ايهام گوئيءَ ۾
مير صاحب کي خاص ڪمال حاصل هو. مير ”قانع“ جي قول
جي - ”در ايهام هندي بي مثل، و دهره و ڪبت و نڪات
غريب و صفات عجيب و سائر اقسام از ايشان بزبانها
ست“- تصديق ٿئي ٿي، جڏهن سندس ايهامي شعر ڏسون ٿا،
جيڪو انهيءَ دور جي ايهام گو دهلوي شاعرن کان ڪنهن
به طرح گهٽ نه آهي:
لبون دلبر ڪي ميري قتل پر بيڙا اٺايا هي
خدايا خون سون ميري تو اس ڪون سرخرو ڪرنا
---
ڪا ناموس ڪا هي سيني مين
نام ڪا زخم هي نگينـي مين
---
خال رخسار پر اچنبا هي
ڪال ڪـي کيت ۾ اُگاهـي تل
---
ڪس ڪي چوپر پر اجل ڌارا نهين
سارلي تو اسني ڪس مارا نهين
---
سويا پڙا هي ڪيا ري نازڪبدن اڪيلا
خون جوش دي ٽپڪتا جا من سي اُٺا ديک
---
|