مير رضي الدين “فدائي”
مير فدائي جا چند فارسي شعر ڪتاب ۾ (181 - 183)
ڏنا ويا آهن، انهن مان هڪ بيت جو پهريون مصرعو
نامڪمل رهجي ويو آهي، جنهن کي هيٺينءَ ريت درست
ڪري پڙهڻ گهرجي:
همان خوني ڪه، بلبل داشت در دل، از بهار او
همه از رنگ گل در رشڪ رخسارش، چڪيدا انيجا
(1)
ابوتراب ڪامل جو ڪلام
مير ڪامل جو ريختيءَ ۾ چيل ڪلام ڪتاب ۾ (195 -
210) ڏنو ويو آهي، ليڪن غلطيءَ کان ان کي سنڌي
صورتخطيءَ ۾ ڪمپوز ڪيو ويو آهي، جنهن جو نتيجو
هيءُ نڪتو آهي جو ڪيترا شعر خط بدلجڻ سبب پنهنجو
مطلب ۽ مفهوم وڃائي ويٺا آهن. بهرحال هاڻي پڙهندڙن
جي پنهنجي وجدان ۽ ذوق تي مدار آهي ته هو شعر کي
درست ڪري پڙهن. ان هوندي به چند بيتن جي صحيح
پڙهڻي هتي ڏيڻ ضروري آهي. مثلاً:
کامل هه غني ٽيکري پر لاکهه لکهاويه
کيون ٽوٽا گهڙا بهر تو گهڙاؤ تو گهڙونگا
---
درين مون تريه خيال کي پرچائين
(2)
پڙي هه
يا از تپ خورشيد، رخت جائين
(3)
پڙي هه
---
زلف اکهيان په، آن لٽکــــهين
دام ............. الخ
---
تيريه واصل هين، دو جي تات نهين
---
بو جلا کهيل، مين بوجاتا هون
ايه شمع رو، پتنگ اڙانا کيا
---
پهر سجن ..... الخ. جي مصرع کان وٺي ---- پياريه
لڙکه .... الخ. تائين هڪ غزل آهي.
---
مير ڪامل جا ڪي نوان فارسي شعر هٿ آيا آهن، جيڪي
هيٺ پيش ڪجن ٿا:
دا روم، بحيا پوش جامه دلداري
ڪه دل گرفت زمن، تکمه گريبان ساخت
(1)
---
ني و پان، بوسه ميزند بلبش مــن بي برگ و
بـينوا چڪنم
(2)
---
مشفقي چهره آفتابم گشت آسمان نيست، ايـن
قــّلاچڪنم
(3)
---
مفلسي در پيش دارد جاه را ڪم شدن، بيسار سازد
ماه را
(4)
---
صفهء وفا
ڪتاب جي (صفحي 227) تي ‘صفهء وفا’ جو اسان ذڪر ڪري
چڪا آهيون، انهيءَ کان پوءِ جيڪا معلومات ملي آهي
سان هن ريت آهي:
سيوهڻ جي اسٽيشن کان لهي ريلوي بند ٽپي بارجارن
واري رستي تي هلبو ته، اڌ ميل بعد ’يڪ ٿنبيءَ‘
وارو غار ۽ ان سان گڏ ’صفهء وفا‘ ايندو، جنهن جو
نظارو ريلوي اسٽيشن ڇڏڻ سان ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن
ڪتاب ۾ اسان ٻه تصويرون ڏئي رهيا آهيون
(1).
انهن مان خواه جناب رشدي صاحب جي بيان مان- جنهن
پاڻ وڃي اهو مقام ڏٺو آهي- ظاهر ٿئي ٿو ته، يڪ
ٿنبيءَ جي بلڪل لڳو لڳ ٽڪريءَ مٿان مذڪوره ٿلهو
ٺهيل آهي، جنهن جي چئني ڪنڊن تي، چار منارا-- ساڳي
’صفه وفا‘ واري نموني تي -- ٺاهيا ويا آهن. اهو
ٿلهو ٽڪريءَ جي بلڪل مٿاهين چوٽيءَ تي آهي، ۽ ان
جو فرش چوني جي گچ سان لتل ۽ ايڏو ڪشادو آهي جو
مٿس تقريباً 3-4 سئو ماڻهو ويهي سگهن ٿا. انهيءَ
وسيع ٿلهي جي وچ تي هڪ فوٽ مٿانهون ٻيو نشستگاهه
ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي.
ممڪن آهي ته راڳيندڙن جي ٽوليءَ کي اتي ويهاريو
ويندو هجي ۽ چوڌاري ٻڌندڙ ويهندا هجن، يا مختصر ۽
مخصوص مجلس وقت خاص احباب انهيءَ نشستگاهه تي ويهي
چانڊوڪيءَ جي سهائيءَ رات جا مزا ماڻيندا هجن، يا
انهيءَ ٿلهي تي مير ابوالقاسم پنهنجي مخصوص محفلن
۾ شربت پاڻي جو به دور هلائيندو هجي. بهرحال اهي
انهيءَ وقت جون ڳالهيون هيون، اڄ ته وڏو ٿلهو
خواهه مرڪزي نشستگاهه، ٻيئي ويران پيا آهن،
چانڊوڪيون اڄ به اچن ٿيون ليڪن اهي ويران ۽ اداس
اداس پيون لڳن، چنڊ اڄ به واجهائيندو هوندو ليڪن
ان جون اکيون پڻ انهن صحبتن جي ياد ۾ سڪنديون
هونديون.
وڏو ٿلهو ٽڪريءَ جي سطح کان 4-5 فوٽ بلند ٿيندو ۽
6-7 ڏاڪا چڙهڻا پون ٿا. ديوارن کي چوني جو گچ لڳل
آهي، انهيءَ ٿلهي سان بلڪل گڏ، يڪ ٿنبيءَ وارو غار
آهي، يڪ ٿنبي معنيٰ. هڪ ٿنڀي وارو غار. انهيءَ جو
ذڪر مير نمڪين جي فرزند ميرڪ يوسف ”مظهر شاهه
جهانيءَ“ ۾ ڪيو آهي، سيوهڻ جي ٽڪر جو ذڪر ڪندي لکي
ٿو:
”چناچه سه ڪروه طول دارد و نيم ڪروه عرض. و در
ابتدائي اين ڪوهستان ڪو هيست ڪه بزبان سندهه مشهور
به ’يک تنبي‘ شد- و وجهه تسميه اينست ڪه اين ڪه
اين ڪوه را تراشيد خانه پريڪ ستون برپا داشته اند،
و ميگويند که نظر گاه حضرت امير علي رضي الله
تعاليٰ عنه است.“
يعني انهيءَ يڪ ٿنڀيءَ واري غار لاءِ مشهور آهي ته
حضرت علي ڪرم الله وجه جن جو جلوه گاهه آهي،
انهيءَ کان پوءِ اڳتي هلي ميرڪ لکي ٿو ته:
”و بر بالائي اين ڪوه نيز صفه پير غلام (يعني سندس
والد مير نمڪين) مثل صفه بکهر، صفه ساخته و ‘صفه
وفا’ نهاد“.
انهيءَ ڪتاب کان (1044 هه) پوءِ انهيءَ مقام جو
مذڪور ”تحفـة الڪرام“ (1181 هه) ۾ آيل آهي:
”ديگر جائي يڪ ستون است ڪه صفه بزرگي درڪره بيڪ
ستون، با عتقاد مردم قدرتي، متڪون ست. مردم بسر و
صفا آنجا روند و بر سقفش نظاره ڪنند. گويند آنجا
چار يار اعني: مخدوم جلال جهانيان
(1) و
شيخ عثمان مروندي
(2)
، و شيخ فريد
(3)
و شيخ بهاوالدين
(4)،
بمڪاشفات نشسته اند- خطه ِّ نامي و بقهء گرامي
است“ (3- 136)
انهيءَ ڪتاب کان پوءِ ڪزنس پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو
احوال هن ريت ڏنو آهي:
"There is a small cave between the town of Sehwen and
the bandar،
called the "Ek Thamb" or one pillared cave which
was visited by Dr. Wilson and is noticed in his
“Memoir on the Cave Temples،
etc، of
Western India" (pp. 45)
(5)
انهيءَ يڪ ٿنڀيءَ جو موجوده صورت حال هن ريت آهي
ته: هڪ گول ٽڪريءَ کي کوٽي ڪمرو ٺاهيو ويو آهي،
جنهن جي وچ ۾ ساڳيءَ ٽڪريءَ مان چوڪور ٿنڀو ڇت جي
ٽيڪ لاءِ گهڙيل آهي. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ محراب ايترو
کوٽي ٺاهيو اٿن، جو منجهس هڪ ماڻهو نماز پڙهي سگهي
ٿو، هن وقت هر زيارتي انهيءَ محراب ۾ نماز پڙهڻ
ثواب سمجهندو آهي. محراب ۾ گلم جو ٽڪرو مصلي لاءِ
وڇايل آهي. ڪمري کي گهرو سائو رنگ ڏنل آهي جنهنڪري
اندر انڌيرو پيو لڳي. انهيءَ وچ واري ٿنڀي سبب ئي
انهيءَ غار يا غفا جو نالو يڪ ٿنڀي مشهور ٿيو.
ليڪن اڄ ڪلهه انهيءَ مجموعي کي، ‘صفه وفا’ جي ڪري
‘يڪ ٿنڀيءَ’ جي بجاءِ ‘چو ٿنڀي’ پيا سڏن. سيوهڻ جي
شهر کان ان جو نظارو چٽو ڏسڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ ته
بلنديءَ تي آهي ۽ شهر کان جنوب ۾ فقط منو ميل کن
پري باجارن ڏانهن ويندڙ رستي جي بنهه پهلوءَ ۾
آهي.
متفرق معلومات
چمني خانم: مير حبيب الله جو احوال هن ڪتاب جي 215
صفحي تي ڏنو ويو آهي، سندس والده جو نالو، مير علي
شير ”مقالات الشعرا“ ۾ چمني خانم لکيو آهي. بيبي
پاڻ فارسيءَ جي شاعره هئي، ‘قانع’ لکي ٿو:
”آن معصومه عفت سرشت، بفنون ڪمال دامن حال آراسته
داشته“
هي شعر مائيءَ جو چيل آهي:
زنيڪان نيڪي و از ظالمان ظلم
چو عڪس، از آئينهء هر حال پيداست
(1)
ميرزا مشرف بيگ: مير ابوالمڪارم ۽ ميرزا مشرف بيگ
پاڻ ۾ دوست هئا، هڪ ٻئي ڏانهن منظوم خط و ڪتابت
ڪندا هئا، انهيءَ قسم جو منظوم سوال جواب ۽ خط
وغيره مير”قانع“ پاڻ ڏٺا هئا، جن جو ذڪر ”مقالات“
۾ آندو اٿس. ميرزا جي وڌيڪ حال مان کيس واقفيت
ڪانه ٿي سگهي، نموني طور فقط چار شعر ”مقالات“ ۾
ڏنا اٿائين.(2)
مير غلام نبي امروهي: امروهي حسيني ساداتن مان هو،
ڪلهوڙن جي مشهور وزير مير لطف عرف مير متاري جي
رفاقت ۾ خدا آباد ۽ سيوهڻ ۾ رهيو،ميان نور محمد
ڪلهوڙي طرفان وڪيل ٿي دهليءَ جي مغل دربار ۾ڪجهه
وقت رهيو. مير لطف الله جي وفات (1161 هه) بعد
جڏهن سنڌ خواهه هند جي دربارن جو رنگ دگرگون ٿي
ويو، ان وقت مير غلام نبي نسيم به پنهنجي وطن
ڏانهن راهي ٿيو. وري ميان محمد مراد ياب ڪلهوڙي جي
دور ۾سنڌ ۾ آيو ۽ اچي ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي ۾ ان وقت
مير محمد عطا امير خاني -- جنهن جو ذڪر اسان هن
تذڪري (ص 178)۾ ڪري چڪا آهيون-- وڏي اثر رسوخ جو
صاحب، ۽ اوطاقي مڙس هو، سندس مهمان خانو آئي وئي
سان هر وقت ڀريو رهندو هيو. انهيءَ دور جا چڱا چڱا
۽ ناميارا ماڻهو وٽس اچي رهندا ٽڪندا ۽ مجلسون
ڪندا هئا، چنانچه شاهه لطيف به جڏهن ٺٽي ۾ ايندو
هو ته وٽس ئي اچي قيام ڪندو هو، مخدوم معين وغيره
سڀ هڪ سنگت هئا. مير غلام بني نسيم امروهوي جڏهن
ٻيو دفعو ٺٽي آيو، ته مير محمد عطا جي ئي اوطاق ۾
اچي رهيو.انهيءَ سلسلي ۾ ”مقالات“ ڏسڻ گهرجي.(1)
مير محمود: تحفـة الڪرام جي مصنف لکيو آهي ته مير
محمود بن سيد مير محمد، خبر نه آهي هيو ڪٿان جو،
ٺٽي ۾ جڏهن آيو ته قاسم خانين سان مائٽي ڪري، انهن
سان گڏ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ يڪجهتيءَ سبب پاڻ به قاسم
خاني سڏجڻ لڳو. انهيءَ سيد جو جيڪو اولاد ٿيو تنهن
ٺٽي ۾ وڏي عزت حاصل ڪئي.
(2)
علوي سادات: ٺٽي جي علوي ساداتن جو وڏو خواجه محمد
ولد خواجه احمد، شيخ ڄام زندهه پيل جي اولاد سان
هو، ۽ پنهنجي وطن (ڄام نينگر) مان لڏي جڏهن
جهانگير جي زماني ۾ ٺٽي آيو، ته پهريون قاسم خانين
سان مٽي ڪري سندس ئي محلي ۾ ساڻن گڏ اچي رهيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ انهيءَ محلي مان لڏي، ٻئي محلي
۾ مستقل طرح ٿي ويٺو. پاڻ به تمام وڏو بزرگ ۽ خير
و برڪت، عزت ۽ فضيلت جو صاحب هو، کانئس پوءِ، سندس
اولاد پڻ مان مرتبي واري ٿي، ٺٽي خواهه ٻاهر جا
ڪيترا وڏا ماڻهو خواجه محمد ۽ سندس اولاد جا معتقد
هئا.(1)
شيخ عبدالعزيز: شيخ محمد اعظم مؤلف ”تذڪره تحفـة
طاهرين“ جو پڙڏاڏو شيخ عبدالعزيز، مير ابوالبقا
امير خان جو خاص ماڻهو ۽ مقرب هيو. شيخ اصل هالن
جو ويٺل هيو، ليڪن انهيءَ تعلق سانگي اتان لڏي اچي
ٺٽي رهيو. سندس اولاد پنهنجي پنهنجي دور اندر
وڏيءَ عزت ۽ درجي واري ٿي: منجهانئن ڪيترا سرڪاري
عهديدار ٿيا ۽ ڪيترن پنهنجو نالو دائمي طرح علمي
دنيا ۾ ڇڏيو.
منهنجي عزيز شفيق دوست، جناب آغا بدرالدين خان
درانيءَ، ”تحفـة الطاهرين“ جي مقدمي ۾ شيخ محمد
اعظم جو مفصل احوال ڏنو آهي. ان کان وڌيڪ جيڪا
حقيقت مهيا ٿي آهي، سا هن هيٺ ڏني وڃي ٿي. ”تحفـة
الڪرام“ جي لکڻيءَ موجب انهيءَ گهراڻي جو شجرو هن
ريت ٺهي ٿو:
شيخ عبدالعزيز جو احوال ”تحفـة الڪرام“ جي مطبوعه
فارسي نسخي جي صفحي 240 تي هجڻ کپندو هو، ليڪن
جيئن ته اهو قديم مطبوعه نسخو ناقص ڇپيل آهي، ۽
منجهانئن ڪيتريون عبارتون غائب آهن، تنهنڪري شيخ
عبدالعزيز جي گهراڻي جو احوال به حذف ٿي ويو آهي ۽
يقيناً اهوئي سبب آهي جو آغا صاحب موصوف ”تحفـة
الڪرام“ مان استفادو ڪري ڪونه سگهيو آهي.
”تحفـة الڪرام“ جي خطي نسخي
(1)
۾ انهيءَ گهراڻي جو مذڪور هن ريت آيل آهي:
(2)
شيخ عبدالسلام: شيخ عبدالعزيز کي ٻه پٽ ٿيا، جن
مان هڪ شيخ عبدالسلام وڏي درجي تي پهتو. مغل دربار
مان کيس لاهور ۾ شاهي خالصي جي ديوانيءَ جو عهدو
مليو.
شيخ عبدالرحمان: شيخ عبدالسلام کي پنج پٽ ٿيا، جن
مان
شيخ عبدالرحمان جامع الڪملات هو، دکن ۾ وڃي نظام
الملڪ جو ملازم ٿيو، ۽ انهيءَ ملازمت ۾ پنهنجي عمر
ختم ڪيائين.
شيخ عبدالعزيز ثاني: شيخ عبدالسلام جو ٻيون پٽ شيخ
عبدالعزيز جنهن تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو هو،
سو پڻ سرڪاري عهديدار بڻيو. عالمگير جي اوائلي
زماني ۾ ٺٽي مان هندستان ويو ۽ دو صدي ذات جي منصب
تي سرفراز ٿيو، بهادر شاهي دور ۾ (1119هه- 1124
هه) ساڳيو منصب پاڻ کان ڦيرائي پنهنجي هڪ عزيـز
شـيـخ مـحمـد حـسـن کـي ڏيـاريـائـيـن. ٻـيـو
دفــعــو وري هندستان پهچي پنج صدي منصب حاصل ڪري،
سيوستان جو بخشي ٿي آيو.
|