سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 12

 

ميرڪ يوسف

مير نمڪين جو غالباً ٻيون نمبر پٽ ۽ سنڌ جو بي مثل مؤرخ، جنهن، تاريخ نويسيءَ جي رنگ ڍنگ ۾، سنڌ اندر سڀ کان پهريون انقلاب آڻي، تاريخ کي بادشاهي قصن ۽ داستانن جي تاڃي پيٽي مان آجو ڪري، سنڌ جي عوامي ۽ ملڪي واقعن ۽ حالتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو، سو ميرڪ يوسف هو.

اتفاق سان، سندس تاريخ ”مظهر شاهه جهاني“ مون کي ملي ويئي، جنهن جي ذريعي انهيءَ سنڌ جي گمنام مؤرخ سان چار چشمي ٿي، ۽ معلوم ٿيو ته مير ابوالقاسم ”نمڪين“ کي ميرڪ يوسف جهڙو فرزند ارجمند به هو، جنهن جي دل مغل گورنرن جي سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن تي جلي اٿي، ۽ هـُـن صحيح واقعات شاهه جهان جي گوش گذار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو ”مظهر شاهه جهاني“ رکي، تاريخ نويسيءَ لاءِ هـُـن هڪ صحيح مثال پيش ڪيو.

سيد صاحب جي سلسلي ۾، تاريخون ۽ تذڪرا ڀانئجي ٿو ته ان ڪري خاموش آهن، جو هـُـن زياده تر وقت سنڌ ۾ گذاريو- پيءُ ۽ ڀاءُ وانگر ڪنهن به هندستاني صوبي جو حاڪم يا نائب ڪونه ٿيو، جنهنڪري مغليه دور جي تاريخن ۾ تذڪرن ۽ سندس ذڪر اچي ڪونه سگهيو. اهڙيءَ طرح، سندس تاريخ به مشهور ٿي ڪانه سگهي، ۽ نه ان جا ڪي ٻيا نقل ئي ٿيا، جنهن جي ذريعي سنڌ کان ٻاهر سندس تعارف ٿئي يا شناسائي پيدا ٿئي. جيڪڏهن ”مظهر شاهه جهاني“ جا نقل ٿين ها، ته ضرور ان جو ڪو ٻيو به نسخو ڪنهن نه ڪنهن ڪتبخاني ۾ موجود هجي ها.(1) اتفاق ۽ خوش قسمتي آهي، جو اهو ئي واحد نسخو، جيڪو مير صاحب مسودي تان مبيضو ڪيو يا ڪرايو، سو صدين گذرڻ بعد به محفوظ ملي ويو، جنهن ڪري ميرڪ يوسف به هڪ قابل قدر مؤرخ جي حيثيت سان دنيا اندر زندهه رهجي ويو.

سندس سوانح ۽ مشغولين تي سندس تاريخ ۾ ئي ٿورا ٿورا احوال ۽ اشارا ملن ٿا، جن کي ترتيب ڏيئي، اسان هيٺ سندس زندگيءَ جو هڪ خاص خاڪو تيار ڪريون ٿا.

باجور:

ميرڪ يوسف پنهنجي سلسلي ۾ سڀ کان پهريون اطلاع باجور ۾ هجڻ جو ڏئي ٿو: لکي ٿو ته 1016 هه ۾، سندس والد جڏهن باجور جو قلعيدار هو، ان وقت هو به ساڻس گڏ هو، ۽ ساڳئي سال ۾ جڏهن سردار خان جي تبديليءَ بعد سيوهڻ سندس والد جي حوالي ٿيو، ان وقت پيءُ کان الڳ انتظام رکڻ لاءِ پاڻ باجور کان سيوهڻ اچي پهتو.(1)

انهيءَ اطلاع مان اسان جو قياس آهي، ته ميرڪ يوسف گهڻو ڪري پيءُ سان گڏ رهندو هو. خسروءَ جي بغاوت وقت، جڏهن مير نمڪين گجرات خورد (پنجاب) ۾ هو، ان وقت ساڻس گڏ مختلف تاريخن جو بيان آهي ته پٽ به هئا، اتان هو جلال آباد ويو، جتان پوءِ بدلي ٿي باجور ۾ قلعيدار ٿي آيو. انهيءَ سموري دور ۾ ڀانئجي ٿو ته ميرڪ ساڻس گڏ هو، ۽ اتان ئي رمضان 1016 هه ۾ سيوهڻ روانو ٿيو.

منصب، ۽ سيوهڻ جو قيام:

ميرڪ يوسف کي  سرڪاري منصب به مليل هو. جنهن جو هن هڪ هنڌ پاڻ ذڪر ڪيو آهي. 1017 هه ۾ مير نمڪين سيوهڻ جي نيابت پنهنجي وڏي پٽ، مير ابوالبقا، کي ڏيئي، پاڻ ميرزا غازيءَ سان گڏ قنڌار هليو ويو، جتان 1018هه (يا شروع 1019 هه) ۾ موٽندي، واٽ تي فوت ٿيو. جهانگير انهيءَ اطلاع پهچڻ تي سيوهڻ جي جاگير شمشير بيگ اوزبڪ کي ڏني، ۽ مير ابوالبقا کي ساڻس شريڪ ڪيو. ميرڪ يوسف اهو سال ڏيڍ سيوهڻ م بسر ڪيو، ۽ شمشير بيگ سان شريڪ ٿي سيوهڻ ۾ رهڻ جڏهن مير ابوالبقا قبول نه ڪيو ۽ پنهنجو قبيلو ساڻ ڪري دربار ڏانهن هليو ويو، ان وقت ميرڪ لکي ٿو ته هـُـن پاڻ به پنهنجو منصب ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ بلڪل ٿوريءَ مدد معاش تي اڪتفا ڪري مستقل طرح سيوهڻ ۾ رهي پيو، گويا هڪ طرح پيءُ جي وفات بعد گوشه نشيني اختيار ڪرڻ پسند ڪيائين--

”و اين خانه زاد راقم حروف ازان روز ترڪ منصب نموده، بـحـّزوي مدد معاشق قناعت ڪرده، در سهوان منزوي گشت“. (1)

کيس منصب ڪهڙو هو، ڪيتري تنخواه هيس، ۽ ”جزوي مدد معاش“ ڇا ورتائين، انهن سڀني ڳالهين ڏانهن ڪوبه اشارو ڪونه ڪيو اٿس.

شمشير بيگ 1019 هه ۾ سيوهڻ آيو، ۽ ڪم و بيش ٽي چار سال سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ رهيو. جڏهن ٺٽي جي گورنر، تاج خان، انتقال ڪيو، ان وقت شمشير بيگ سيوهڻ مان ٺٽي ويو. ۽ مير ابوالبقا جنهن کي انهيءَ عرصي ۾ اوٻاوڙي، گنجابي، ۽ رپڙيءَ  جو جاگيردار مقرر ڪيو ويو هو، تنهن کي بدلي ڪري، ميرزا بيگ جي شرڪت ۾ سيوهڻ موٽائي آندو ويو. اِهي واقعات 1019هه کان 1023 هه تائين جا آهن. ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ميرڪ يوسف اهو سمورو عرصو سيوهڻ ۾  هو.

شمشير خان سان دوستي:

شمشير بيگ سان جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ مير ابوالبقا گڏ رهي نه سگهيو، ليڪن ميرڪ يوسف نه فقط سيوهڻ ۾ رهيو، بلڪ شمشير بيگ سان سندس مراسم بلڪ دوستيءَ جو ناتو قائم ٿي ويو جنهن جو هن بار بار اظهار ڪيو آهي، ۽ سيوهڻ اندر سندس پيدا ڪيل انتظام جي پڻ جدا جدا نموني ۾ تعريف ڪئي اٿائين. هڪ جاءِ تي چوي ٿو:

”شمشير خان اوزبڪ نيز اين ملڪ (سهوان) را بغايت آباد ڪرده، لشڪر خوب مستعد ساخت - چنانچه قريب هفصد جوان اوزبڪ ازان قسم داشت ڪه آزان جمله قريب صد ڪس جيغه مرصع بر سر مي نهادند، و به ڪمر خنجر و شمشير طلا مي بستند، و زين نقره در زير ران مي ڪردند، و هر يڪ هفت و هشت اسپ عراقي و ترڪي در طويله خود داشت، و باقي اڪثر دو اسپ عراقي و ترڪي بوده، شمشيرها بمشت نقره مي بستند، و مي گز رانيدند.“ (2)

شمشير خان ۽ سندس لشڪر جي مٿينءَ تعريف مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته ميرڪ يوسف جا جذبات، جيڪي آئنده هلي احمد بيگ جي ڪيل مظالمن تي مشتمل ٿيا، سي شمشير خان جي سلسلي ۾ ڪيتريقدر نه ٿڌا ۽ دوستاڻا هئا. ڪيترن جاين تي هن ساڻس دوستيءَ جي به دعوا ڪئي آهي. معلوم ٿئي ٿو ته انهن ئي مراسمن ۽ يگانگت سبب ميرڪ سندس مشيرڪار هو، ۽ وقت بوقت پيدا ٿيندڙ مسئلن متعلق کيس مشورا ڏيندو هو، جيڪي ڪڏهن به شمشير خان رد نه ڪيا، ڇاڪاڻ ته سيوهڻ ميرڪ جو ملڪ هو- هـُـو ماڻهن مان واقف هو، چڱن مٺن جي ڄاڻ سڃاڻ هئس، قومن ۽ قبيلن جي عادتن، خوبين ۽ خصلتن جو چڱيءَ پر ڄاڻو هو، جنهنڪري سندس راءِ هميشـه معقول، مناسب ۽ خير انديشيءَ واري هوندي هئي.

سميجن انڙن تي چڙهائي:

ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته مظفر خان معموريءَ جڏهن ٺٽي جي حڪومت جي چارج ورتي، ۽ مير ابوالبقا امير خان کي سندس ماتحت ٺٽي جي صوبي ۾ جاگير ملي، ان وقت ٺٽي مان بدلي ٿي شمشير خان ٻيو دفعو (1023 هه ڌاري) اچي سيوهڻ جي حڪومت سنڀالي. ميرڪ يوسف سيوهڻ ۾ موجود هو.
مير ابوالبقا جي وڃڻ ڪري، سميجن وري اچي زور ورتو، جنهن جا ميرڪ ٻه مثال ڏنا آهن، جن مان سميجن جي امن سوز حرڪتن جو اندازو ٿئي ٿو:

”درين مرتبه ڪه شمشير خان به سهوان آمد، مردم سميجه اونر سرڪشي ڪردن گرفتند، و چند مرتبه مردم سوداگران را براه خشڪي و تري تاراج نمودند.“ (1)

... مثال ڏيندي لکي ٿو ته هڪ دفعي ڪي سوداگر هڪ هزار اُٺن جو وڳ ڪاهي، ٺٽي کان بکر ڏانهن ٿي ويا. جڏهن هالن وٽ آيا، تڏهن انهن جي گهيڙ کان اُٺن جو درياءُ اُڪري پار وڃڻ مشڪل ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته اهو گهيڙ بيحد ڏکيو ۽ اڻانگو هو. تنهنڪري سوداگرن سميجن کان قول قرار ۽ ساک سـُـنهن وٺي، کين حفاظت لاءِ ساڻ ڪري اهو رستو ورتو، جيڪو سميجن جي ڳوٺن مان ٿي ويو. سوداگرن کي سميجن جي سنهن ساک تي اعتماد هو، ليڪن جڏهن هـُـو پنهنجي ڳوٺن ۾ پهتا، ان وقت هن طوطا چشميءَ کان ڪم وٺي، سندن سمورو قافلو لـُـٽي، اُٺ کسي، کين خالي هٿين پٺتي موٽائي ڪڍيو.

ٻئي دفعي، ٺٽي جو هڪ سوداگر قيمتي ڪپڙن جي ٻيڙي ڀرايو ٺٽي آيو ٿي. جڏهن ٻيڙي سميجن جي حد ۾ پهتي، ان وقت هنن نه فقط اها ٻيڙي لٽي، بلڪ غريب سوداگر کي به ماري ڇڏيائون.

شمشير بيگ پوئين واقعي کي سخت محسوس ڪيو. هـُـن ڪوشش ڪري ڪجهه مال هٿ ڪري، سوداگر جي وارثن کي ڏنو، ۽ باقي گم ٿيل سامان جي رقم پنهنجي جيب خاص مان کين ڀري ڏني. اهي واقعا ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ڪيترا واقعا سميجن جي هٿان ٿيا، جنهنڪري شمشير خان سميجن کي زبون ۽ برباد ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري، سيوهڻ مان سميجن جي ڳوٺن ڏانهن نڪتو. ويرائون (؟) جي ڳوٺ وٽ جڏهن شمشير خان اچي نڪتو. لکي ٿو ته:

”اين خانه زاد راقم حروف دران وقت پيش شمشير خان بنا بر دوستي و حاضر بود.“ (1)

انهيءَ ڳوٺ جي چوڌاري سميجن جي آبادي هئي. شمشير خان جو خيال هو ته جن سميجن ٻيڙي لٽي آهي، سڀ کان پهرئين انهن تي چڙهائي ڪجي. ميرڪ انهيءَ راءِ جي مخالفت ڪئي. سميجا سڀ هڪجهڙا باغي، امن سوز ۽ خوني هئا، تنهنڪري سندس خيال هو ته اتان ئي بسم الله ڪجي. ٻيڙي ڦريندڙن جو ڳوٺ اتان 60 - 70 ڪوهه پري هو. اُتي پهچڻ بعد جيڪڏهن اهي گهربل ماڻهو هٿ نه آيا ته سموري محنت ۽ تڪليف ئي اڪارت ويندي. تنهنڪري سميجن سڀني کي هڪجهڙو ڏوهي سمجهي، سندن صفائي، ميرڪ جو خيال هو ته ويرائون کان ئي شروع ڪجي.

”(راقم حروف) باو (شمشير خان) گفت ڪه اين چنين وقت نخواهي يافت، اشارت بڪن ڪه اين موضع را بتازند از برائي نڪه بواسطه ي سر سميجه ڪه پنجاه شصت ڪروه راه يلغر نمايند، و آن هم در معرض شڪ بدست آيد يا نه، اين جا آن قسم سرها دوسه هزار خواهند بود.“

ميرڪ لکي ٿو ته سيوهڻ جا چند زميندار جيڪي شمشير خان سان گڏ هئا، تن جو تعلق اندر خاني سميجن سان هو، جنهنڪري انهن کي سندس راءِ ڪانه وڻي، ۽ دل ۾ ڪاوڙجي پيا، ليڪن ڪڇي ڪونه سگهيا. شمشير خان جڏهن سيوهڻ کان نڪتو ٿي، ان وقت دني پسا(؟) سميجن جو سردار ۽ طيب نالي ٻيو به سميجن جو سردار، ديريجن ۽ مناهجن طرفان، اچي پيش پيا هئا، جن کان آئنده جا قول قرار وٺي، شمشير خان کين معافي ڏيئي ڇڏي هئي. انهيءَ ڪري مناهجن ۽ دريجن جا سميجا پنهنجا ڳوٺ ڇڏي اچي ويرائون ۾ مقيم ٿيا هئا. شمشير خان کي انهيءَ واعدي جو خيال هو، ۽ هن ويرائون تي حملو ڪرڻ نه ٿي گهريو. ميرڪ لکي ٿو ته سميجن جي اربابن بار بار موقعي جي نزاڪت ڏسي، قول قرار ڏنا ٿي، ليڪن وقت گذرڻ بعد هنن واعدا ڪونه ٿي پاڙيا- جڏهن به کين موقعو مليو ٿي ته هنن عام رعيت کي مارڻ ۽ لٽڻ ۾ڪسر ڪانه ٿي ڇڏي. شمشير خان پنهنجي فوج ميرڪ جي حوالي ڪئي، جنهن سڀ کان پهريون ويرائون تي حملو ڪرايو. انهيءَ حملي ۾ هڪ هزار سميجا قتل ٿيا ۽ ست سئو گرفتار ٿيا، ۽ ٻيو به اڪيچار مال هٿ آيو، جيڪو لشڪر ۾ تقسيم ڪيو ويو: طيب ۽ دني، ٻيئي ارباب پڻ انهيءَ معرڪي ۾مارجي ويا.

ٻئي ڏينهن صبح جو انهيءَ هنڌان ڪوچ ڪري، شمشير خان قلعي ‘ونـجهڙي’(؟) ۾ اچي مقيم ٿيو- قلعي جي مرمت به شروع ڪرايائين ۽ روزانو سوارن جو دستو سميجن جي ڳوٺن تي به موڪليندو رهيو، جيڪو موٽندي پنج ڇهه سـِـسيون سميجن جون کنيو ايندو هو. هوسڙا ملاح جيڪي سميجن جي چئي تي سندن لاءِ درياءَ ۾ لٽ مار ڪندا هئا، تن مان پڻ سئو ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سڀني کي درياءَ جي پرينءَ ڀر لاکاٽ جي ڳوٺ ۾ ڦاهي تي چاڙهيو ويو.(1)

سميجا جيتوڻيڪ زبون ٿي چڪا هئا، ليڪن ميرڪ کي جيئن ته انهيءَ قوم جي ڪرتوتن جو تلخ تجربو هو، تنهنڪري سندس مرضي هئي ته شمشير خان اڃا ڪي ڏينهن قلعي ويجهڙي ۾ گذاري، ليڪن شمشير خان هفتو کن رهي ۽ سميجن جون زمينون ماڻهن ۾ تقسيم ڪري، ونجهڙي مان ڪوچ ڪري، لاکاٽ ۾ اچي منزل انداز ٿيو.

شمشير خان لاکاٽ جي قلعي جي مرمت ڪرائي، اتي پڻ هڪ هفتو رهيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ سميجن ڪوشش ڪئي ته قيدين جي تاوان ۾ هڪ هزار اٺ ڏيئي، کين آجو ڪرائين، ليڪن شمشير خان قبول نه ڪيو. آخر هنن سيوهڻ جي زميندارن کي وچ ۾ آندو، جنهنڪري مجبور ٿي قيدين کي شمشير خان آزاد ڪيو. ميرڪ لکي ٿو ته شمشير خان:

”مرد ساده خدا ترس بود، رحم بردلش مستولي آمد، روز جمعه بود ڪه تمام بندي سميجه بخشيد، و ازان جا عبور ڪرده بسهوان آمد.“ (2)

چانڊين تي چڙهائي:

ٻئي دفعي جو ذڪر ڪندي، ميرڪ لکي ٿو ته پرڳڻي ڪاهان، باغبان ۽ اڪبرآباد جي رعيت کي چانڊين ايترو ڦريو لٽيو ۽ ايترا سندن خون ڪيا، جو هو مجبور ٿي، شمشير خان وٽ دانهن کڻي آيا-

”رعيت اين پر گنجات از دست آن بد بختان پيش شمشيرخان مستغاثي شدند.“

شمشير خان رعيت جي ابتڙ حالت ڏسي، چانڊين تي چڙهائي ڪئي. ميرڪ لکي ٿو، ته دوستيءَ سبب ان موقعي تي به پاڻ وٽس موجود هو-

”اين خانه زاد درگاه راقم حروف، درين دفعه نيز بوجهه دوستي همراه مشار اليه بود.“

(ميرڪ يوسف جيئن ته ڪتاب شاهه جهان کي مخاطب ٿي لکيو آهي، تنهنڪري جتي پنهنجو نالو آڻي ٿو، اُتي بادشاهه کي مخاطب سمجهي، پاڻ کي ”اين خانه زاد درگاه“ لکي ٿو.) بهرحال، ميرڪ يوسف کي چانڊين مٿان يڪدم حملو ڪرڻ مناسب ۽ موزون نظر نه آيو. هن شمشير خان کي صلاح ڏني ته پهريائين انهيءَ خانه بدوش ۽ آواره گرد قبيلي کي جاسوس جي ذريعي ٿانيڪو ڪجي، ۽ ان کان پوءِ يلغار ڪري مٿن اوچتو هلي پئجي، ٻيءَ حالت ۾ ممڪن بلڪ يقين آهي ته حملي جو هاواڻو ٻڌي، هـُـو ٽڙي پکڙي منتشر ٿي هيڏي هوڏي هليا ويندا، جنهنڪري سموري تڪليف بي سود ثابت ٿيندي. ميرڪ لکي ٿو ته شمشير خان ايتريقدر غصي ۾ هو،جو هو ترسي نه سگهيو ۽ يڪدم ڪاهي هليو. نتيجو اهوئي نڪتو جنهن جو ميرڪ کي خطرو هو- لشڪر جڏهن چانڊين جي وٿاڻن وٽ پهتو، تڏهن هڪ به چانڊيو هٿ ڪونه آيو، سڀيئي اها جاءِ ڇڏي ڀڄي هليا ويا هئا.

شمشير خان چانڊين جي ڪيل جوئر جي پوک وٽ منزل هڻي ويهي رهيو، ۽ لشڪر جي چوڌاري خندق کوٽائي ڇڏيائين. چانڊين رات جو پهاڙ تان لهي اچي لشڪر تي شبخون هنيو، ليڪن کين خاطر خواهه ڪاميابي ڪانه ٿي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ موٽي هليا ويا.

صبح جو سوير شمشير خان لشڪر وٺي ٽڪر ڏانهن روانو ٿيو، ۽ پهاڙ جي دامن وٽ پهچي ٻروچن تي تيربازي ڪرايائين. ٻروچ مٿان ٽڪر جي آڙ ۾ ۽ شمشير خان جو لشڪر هيٺ زمين تي- تير بازي خوب ڪئي ويئي، ليڪن هيٺان جا تير، ٽڪر جي بلنديءَ تائين پهچي ڪونه سگهيا. اهو حال ڏسي، ٻروچن دهل وڄائي، لشڪر تي ٽوڪ ٽهول شروع ڪري ڏني. شمشير خان مجبور تي پٺتي موٽيو ۽ ٻروچن جي بيٺل جوئر اچي تلوارن سان ڪپرائڻ شروع ڪيائين. خيال هوس ته پنهنجو مقصد ٿيندو ڏسي، ممڪن آهي ته چانڊيا پهاڙ تان لهي، ميدان ۾ اچي مقابلو ڪن. ليڪن هي سڄو ڏينهن جوئر ڪپيندا رهيا. آخر شام تائين لشڪر ٿڪجي ٽٽي، خوار خراب ٿي، واپس اچي ماڳين رسيو. ٻئي ڏينهن چانڊين کي ٻي مت آئي، ۽ هنن پاڙيسري پـَـرين مڙسن کي ساڻ ڪري اچي معافي ورتي. ميرڪ لکي ٿو ته پوءِ شمشير خان جيسين سيوهڻ ۾ هو، تيسين چانڊين ڪو نقصان ڪونه ڪيو.(1)


(1)  ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جو، هن ڪتاب شايع ڪندي، ٻيو به هڪ نسخو ”پنجاب يونيورسٽيءَ“ ۾ ملي ويو.

(1)  ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/304.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/310.

(2)  ”مظهر“ ص. 2/311.

(1)  مظهر ۽ ص. 2/316.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/317.

(1)   ”مظهر“ ص. 2/318.

(2)  ”مظهر“ ص. 2/319.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/320.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org