شهزادي اورنگزيب کي جنهن زماني ۾ ملتان جي نظامت
مليل هئي، انهيءَ زماني مان مير ضياء الدين يوسف
سيوهڻ ۾ موجود هو. ان وقت سنڌ جي جوکين ۽ نومڙين
ڪجهه شورش برپا ڪئي هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ
اورنگزيب ملڪ حسين فوجدار کي مقرر ڪيو. شهزادو ٺٽي
جا حالات بيان ڪندي، پنهنجي والد کي هڪ خط ۾ لکي
ٿو ته:
”... ستا هاله ولد زميندار ڪڪراه، ڪه برهنمونيِ
توفيق ملڪ حسين را ديده بود، درين وقت ڪه بجهت
اصلاح حال خود روانه ملتان شد، گاهيه مقهور برادر
اوڪه در سرحد ڪچهه بسرمي برد، از روي حسد و اغواي
زميندار آنجا جمعيت فراهم ڪرده به پرگنهء مذڪور
در آمده، مي خواست ڪه دست اندازي نمايد. بندهاي
درگاه والا، خصوصاً پسران امير خان، ضياء الدين
يوسف و ابوالمڪارم جمعي از سپاه ڪه ملڪ حسين براي
احتياط شهر گذاشته بود، باغرابها و توبخانه بقصد
دفع آن مخذول شتافتند، و او تاب نياورده، راه
ادبار پيش گرفت. بموميٰ اليه تاڪيد نموده شد ڪه در
قلعه مادهء فساد آن مقهور اهتمام تمام بڪار
برد...“
(1)
مير ضياء الدين پنهنجي والد جي زماني ۾ به سندس
دست راست هو، ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي ذريعي ان جي
تصديق ٿئي ٿي.
مير صاحب جي علم و فضل جي تفصيلي ڪيفيت جيتوڻيڪ
معلوم نه ٿي ٿئي، ليڪن قريني ۽ قياس جي ذريعي يقين
ٿئي ٿو ته خانداني روايات مطابق سندس ۽ ڪمال ۾ به
ڪا ڪوتاهي ڪانه هوندي، سندس ٻيا ڀائر به پنهنجي
زماني جا يگانا هئا، تنهنڪري اهڙي ماحول ۾، مير
صاحب ڪيئن علم ۽ ادب جي ذوق ۽ شوق کان بيگانو رهيو
هوندو. ”مظهر شاهه جهاني“ جي ٻاهرئين ورق تي اسان
کي هيٺيون نوٽ مليو آهي، جنهن لاءِ اسان جو خيال
آهي ته مصنف جي پنهنجي خط ۾ لکيل آهي، جيڪو پڻ مير
ضياء الدين جي علمي ذوق ۽ مرتبي تي قدري روشني
وجهي ٿو:
هو الفياض
قد و قفت علي بيد اڪبر بناء الاخ الڪبير ابي البقا
الملقب بامير خان سلمه لله تعاليٰ، بل افضلهم
بتحقيق
ضياء الدين يوسف في شهور ثانيـه و اربعين و الف من
الهجرهِ النبوبه عليه افضل الصلواة ... (باقي
حاشـِـيءَ ۾ ڪٽجي ويو آهي.)
ضياء الدين جي اولاد جي سلسلي ۾ فقط سندس هڪ
نياڻيءَ جو پتو پوي ٿو. البت سندس هڪ ڏوهٽي جا
ڪجهه حالات ملن ٿا، جنهن جو نالو
مير ابوالوفا هو، ۽ اورنگزيب جي آخري زماني ۾
”داروغهء جاءِ نماز“ جي عهدي تي فائز هو. ”ماثر
الامرا“ ۾ آهي ته:
”ضميمهء خدمات ديگر داشت و به حدت فهم و دوستي ِّ
استعداد روشناس بادشاه قدر شناس بود....“
(1)
سندس فهم و فراست، علم ۽ فضل جي تعريف ڪندي، ساڳئي
مصنف هيٺيون واقعو لکيو آهي:
”چنانچه روزي عرضداشت بادشاهزاده بهادر شاه بخط
رمز از نظر گذشت. چون رمز معلوم نمي شد، بادشاه
بياض خاص خود بمير مذڪور حواله نمود ڪه ما در سه
رمز واضح نوشته گذاشته ايم، آن را به اين سنجيده
استنباط مطلب نمايد. مشار اليه بياوري دقت نظر و
سر هت فڪر رموز مستورهء مسطوره به استخراج آورده،
مضمون عرضداشت را نوشت گذرانيده و درجهء استحسان
يافت ......“
(1
عتيق الله:
مير عتيق الله جو نالو فقط ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جي
ذريعي اسان تائين پهتو. جيتوڻيڪ سندس مزار ”ستين
جي ٿان“ تي موجود آهي، تاهم اها خبر ڪانه ٿي پئي
ته انهيءَ بزرگ جو امير خاني خاندان سان ڪهڙو سلوڪ
آهي.
”مظهر شاهه جاني“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير
ابوالبقا جو اهو وڏو فرزند هو، ۽ هر هنڌ کيس ”پسر
ڪلان“ لکيو ويو آهي.
مير ابوالبقا جڏهن 1023 هه ۾ سيوهڻ آيو، ان وقت
سميجن جي معرڪن ۾ سڀ کان پهريون عتيق الله جو نالو
نظر اچي ٿو. مير صاحب جي خذمتگار، منظور، جنهن کي
جهانگير آباد جي قلعي تي مقرر ڪيو ويو هو، سميجن
انڙن وڙهي، کيس شڪست ڏني. ان وقت مير ابوالبقا
پنهنجي پٽ عتيق الله کي سيوهڻ مان روانو ڪيو، تاڪه
سميجن کان وڃي انتقام وٺي: مير عتيق الله وٽ سميجا
معافيءَ جا خواستگار ٿي آيا، ليڪن کيس انتظام جو
ايترو جوش هو، جو هن کين معافي ڪانه ڏني. ميرڪ
يوسف لکي ٿو ته:
”عتيق الله چون غرور جواني در سر داشت، صلح قبول
نڪرد.“(2)
نتيجو اهو نڪتو، جو سميجن سان مقابلو ڪيائين، ۽
پاڻ شڪست کائي، جهانگيرآباد ۾ پهچي، قلعي بند ٿيو.
آخر مير ابوالبقا پاڻ پهچي، سميجن سان حساب ڪتاب
چڪايو.
مير ابوالبقا کان پوءِ سيوهڻ تي وري شمشير بيگ
آيو. انهيءَ جي دور ۾ خانه بدوش نهمردين از حد زور
ورتو. ميرڪ لکي ٿو ته انهن جو نه ڪو گهر هو نه
گهاٽ، وس چرو ماڻهو هئا، جتي ساوڪ ٿي، اتي وڃي
ويٺا، ۽ اتان مال جو چرڳ بس ٿيو، ته وري ڪنهن ٻئي
ٽڪري ۾ ويا. اهڙيءَ طرح، سڄو سال گذاريندا هئا،
چوري، ڦرلٽ، ڌاڙو سندن ڌنڌو هو، جنهنڪري منجهانئن
سيوهڻ جو سمورو ملڪ خائف هو:
”قوم نهمردي ڪه آنها را جا و مقام معين نمي باشد،
هرجا درڪو هسار چراگاه خوب است همان جا ساڪن مي
شوند، وچون آن چراگاه چريده شد، جي ديگري ڪه
چراگاه بسيار است رفته مي نشينند و مواشي خود را
مي چرانند، و زراعت جاي نمي ڪنند، و ڪار و پيشه
آنها دزدي و تاخت است.“(1)
شمشير بيگ، پنهنجي ڪمزوريءَ سبب، بجاءِ ان جي، جو
هنن جي گوشمالي ڪري ۽ کين سيکت ڏئي، الٽو انهيءَ
قبيلي سان نرميءَ جو برتاءُ ڪرڻ شروع ڪيو. چنانچه
انهيءَ قبيلي جي هڪ چڱي مڙس مريد نهمرديءَ کي
بوبڪن جي پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ، ٺٽي، جنهن جي ٻه - ٽي
هزار آمدني هئي، جاگير طور ڏيئي ڇڏيو. ميرڪ لکي ٿو
ته انهيءَ قسم جي ڪمزوري ۽ انهيءَ قسم جي بدعت سڀ
کان پهريائين شمشير بيگ شروع ڪئي-
”و اين اول بدعت درين ملڪ پيدا شد ڪه بمردم متمر
دان سرڪش حاڪم از روي زبوني جاگير داد.“
-- اها مروت نه هئي، بلڪ پنهنجي ڪمزوريءَ ۽
بزدليءَ کي لڪائڻ لاءِ شمشير خان اهو طريقو ڪڍيو
هو، ليڪن ان جو ڪوبه اثر ڪونه نڪتو. نهمردي اڳي
کان اڳرا ٿي ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. شمشير خان جي اها روش
ڏسي، سميجن به اڀرڻ شروع ڪيو، ۽ سيوهڻ صوبي ۾ هڪ
طرف نهمردين ۽ ٻئي طرف سميجن تاراج کڻي ڪيو. شمشير
خان پوءِ ته گهڻائي ساڻن مقابلا ڪيا ۽ مجادلا ڪيا،
پر ڏُڌي ڪٿي ٿي ٿڻين پوي. الغرض، کيس سخت ڏکيائيون
ٿيون. انهيءَ وچ ۾، پاڻ شاهي حڪم تي، بهادر خان
اوزبڪ جي مدد ۾ قنڌار هليو ويو، ۽ پٺيان ملڪ
پنهنجي هڪ ملازم، عزيز قنبر خواجه، جي سپرد ڪري
ويو. انهيءَ جي انتقال بعد، وري قنڌار مان ئي
پنهنجو ٻيو عزيز، خوشم بيگ اتڪه، ڏياري موڪليائين.
خوشم بيگ اتڪه پهچڻ سان گهريو ته فسادين جو مقابلو
ڪري، کين ختم ڪري. بقول ميرڪ يوسف ”مردي ناڪرده
ڪار“ يعني اڻ تجربيڪار هو، تنهنڪري سواءِ ڪنهن خاص
بندوبست ۽ سنبت جي، ٿورن ماڻهن کي ساڻ ڪري، سڀ کان
اول سميجن ۽ انڙن تي چڙهائي ڪيائين. ۽ سيوهڻ مان
نڪري درياءَ جي ڀرتي ڪاڪه (ڪاڪ) ڳوٺ ۾ خار بندي
ڪري ويهي رهيو. هڪ ڏينهن اوچتو شام جي نماز جي
وقت، سميجن مٿن حملو ڪيو، ڪيترا ماڻهو اوزبڪ جا
مارجي ويا: ملا راجو، شمشير خان جو ديوان، به قتل
ٿي ويو، ۽ سميجا مال متاع ۽ سوين گهوڙا لٽي ڦري
هليا ويا. خوشم بيگ باقي بچيل همراهه گڏ ڪري، ڪاڪه
جي قلعي ۾ وڃي، قلعي بند ٿي ويهي رهيو. اندر قلعي
۾ خوشم بيگ، ۽ ٻاهران سميجن جي هڪ وڏي ڪٽڪ کڻي
محاصرو ڪيو.
ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير ابوالبقا جو وڏو پٽ، عتيق
الله، انهيءَ زماني ۾ هندستان کان بادشاهه جي حڪم
تي سندس لاءِ سـَـرهنِ ۽ گڊن جي شڪار ڪرڻ لاءِ
سيوهڻ پهتل هو. سيد بايزيد بخاري ان وقت بکر جو
حاڪم هو. شاهي حڪم تي هن به پنهنجي پٽ سيد باقر کي
سيوهڻ موڪليو هو ته عتيق الله سان گڏجي بادشاهه
لاءِ گڊن جو شڪار ڪري. جنهن ڏينهن مٿي ذڪر ڪيل جنگ
لڳي، انهيءَ جي شام جو عتيق الله، سيد باقر ۽
”مظهر شاهه جهاني“ جو مصنف، ميرڪ يوسف، پنهنجي
سپاهين سميت اچي ڪاڪه (ڪاڪ) قلعي ۾، خوشم بيگ وٽ
پهتا. اهو نئون لاءُ لشڪر ڏسي، سميجا قلعي جو
محاصرو کڻي ڀڄي هليا ويا، ۽ ٻئي ڏينهن تي پنهنجا
پريا مڙس موڪلي، معافيءَ جا دستگار ٿيا. خوشم بيگ،
ميرڪ يوسف وغيره جي صلاح تي سميجن کي معافي ڏني،
اڳئين ڏينهن تي ڦريل مال سڀ هنن واپس ڪيو، ۽
جرمانو پڻ ادا ڪيائون.
مٿئين ذڪر مان معلوم ٿئي ٿو ته عتيق الله انهيءَ
عرصي ۾، هندستان جي شاهي دربار ۾ وڃي پهتو هو،
جتان بادشاهه جي لاءِ خاص طرح شڪار ڪرڻ جي خيال
سان سيوهڻ ۾ آيو هو.
شڪار جي سلسلي ۾ ميرڪ يوسف سيوهڻ سرڪار جي ٻن ڍنڍن
جو خاص طرح ذڪر ڪري ٿو. لکي ٿو ته بوبڪن جي پرڳڻي
۾ ٻه چشما آهن: هڪ ڪائي ٻيو نئنگ. انهن ٻنهي کي
دفتر ۾ هڪ موضع ڪري لکيو ويندو آهي. انهن چشمن جي
چوڌاري نوحاڻي ٻروچ رهن ٿا، ۽ اُهي ئي اُتي زراعت
ڪندا آهن. ٻين رعيتن وانگر هـُـو محصول جاگيردار
کي ڪونه ڏين ٿا، بلڪ ان جي عيوض هو مقرر ٿيل تعداد
رڍن ۽ ٻڪرين جو ڀرين ٿا. اهو طريقو بختيار بيگ ۽
مير نمڪين جو ڏينهن کان شروع آهي، ۽ شمشير خان جي
زماني تائين ائين ئي دستور رهيو. نوحاڻي ٻروچ
جاگيردار جي لشڪر ڪشيءَ وقت به مدد ڪندا آهن، ۽ هر
چڙهائيءَ ۾ سندن وڏو تعداد گڏجي هلندو آهي. مٿين
ٻنهي چشمن جي وچ ۾ هڪ ڪوهه مفاصلو آهي، ۽ سيوهڻ
کان اهي ٻيئي چشما ڏهه ڪوهه پري ٿيندا. انهن ڍنڍن
جي آسپاس وارن جبلن ۾ سـَـرهـَـنِ ۽ گڊن جو شڪار
تمام گهڻو آهي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته سندس ڀائٽيو
مير عتيق الله جڏهن بادشاهه لاءِ شڪار ڪرڻ سيوهڻ
آيو، تڏهن ان سان گڏجي پاڻ به انهيءَ چشمن واريءَ
اراضيءَ ۾ خوب شڪار ڪيو هئائين.
”شڪار رنگ وقوج بر پشتهاي ڪوههاي اين چشمها بسيار
است. مؤلف بهمراه مرحوم عتيق الله پسر ڪلان برادر
ابوالبقا ڪه حضرت جنت مڪاني براي شڪار رنگ فرستاده
بودند، درين ڪوهها شڪار رنگ وقوج بسيار ڪرده.“
(1)
مير عتيق الله جي سلسلي ۾ مٿي بيان ڪيل واقعن کان
سوا”، ميرڪ يوسف ٻيو ڪجهه ڪونه لکيو آهي. ‘ستين جي
ٿان’ تي سندس قبر موجود آهي، جنهن جي ڪتبي مان
معلوم ٿئي ٿو ته مير عتيق الله جي زندگيءَ جي
انتها 1037هه ۾ شهادت سان ٿي. سندس قبر مير
ابوالقاسم ”نمڪين“ جي پهلوءَ ۾ اوڀر کان هڪ ڇڏي ٻي
آهي، هيٺيان ڪتبا مزار تي اُڪريل آهن:
عتيق الله ميرزا ڪز فراقش
محبان را جگر ها چاڪ آمد
چو درخيل شهيدان شد خرامان
فلڪ را ديدهِّ نمناڪ آمد
ز روي درد گفتا سال تاريخ
”عتيق الله شهيدِ پاڪ آمد“- 1037 هه
اهو ڪتبو سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين پاسي
اُڪريل آهي، ساڳئي پٿر جي ٻاهران هيءُ ڪتبو آهي:
يڪتاي روزگار عتيق الله آن جواد
ڪاندر جهان جو دنبودش ڪسي عديل
نگذاشت آسمان..... ازانڪه بود
مشتاق ..... او فردوس سلسبيل
سال شهادتش چوشتم بصفحه بر
از غم بريخت آب ز چشم چو رود نيل
لا اِلــٰـه الا الله محمد رسول الله
پيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو آهي، جنهن مان شهادت جي
تاريخ معلوم ٿئي ٿي:
بتاريخ روز پنج شنبه چهارم شهر رجب المرجب سنه
1037هه بدرجه شهادت رسيد.
انهيءَ سال ۾ سندس والد مير ابوالبقا، يمين الدوله
طرفان، ملتان ۾ نائب هو. شاهه جهان انهيءَ واقعي
کان 25 ڏينهن کن اڳ، 8 جمادي الثانيءَ جو، تخت
نشين هو. ڀانئجي ٿو ته مير عتيق الله سميجن جي
ڪنهن لڙائيءَ ۾ سنڌ اندر شهيد ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهو
پورو دور سنڌ جي گورنرن ۽ مغلن جي اميرن جو سنڌ جي
قبائلي آميزشن کي منهن ڏيندي گذريو ٿي.
شمس الدين خان:
شمس الدين جو نالو مير علي شير قانع، لکيو آهي، ان
جو احوال ڪنهن به تاريخ ۾ نظر ڪونه آيو.
ابوالقاسم:
”مظهر شاهه جهانيءَ“ مان معلوم ٿئي ٿو ته (ص 235)
هيءُ به ابوالبقا امير خان جو فرزند هو. ڀانئجي ٿو
ته هيءُ ڏاڏي جي وفات کان پوءِ ڄائو، جنهنڪري مٿس
ان جو نالو رکيو ويو. هن جي وفات سال 1045 هه ۾
ٿي، سندس قبرستان جي قبر ‘ستين جي ٿان’ ۾ مرڪزي
ٿلهي تي آهي، ۽ مٿس هيءُ ڪتبو آهي:
(1) لا الــٰـه الا الله محمد رسول الله
فغان از گردش گردون بد عهد
دريغان زين جهان عمر فرما
ڪه از باد اهل نا گاه بشڪست
بباغستان جان سروِ دل آرا
گل و گلزار اقبال و جواني
ابوالقاسم فروغ بخت والا
سزد گر در فراق او بگريد
بجاي آب خون چشم احبا
چو دلها داغ شد از فرقت او
نوشتم سال فوتش ”داغ دلها“- 1045 هه
نياڻي:
مير ابوالبقا جي هڪ نياڻيءَ جو به ذڪر تاريخ ۾ آيو
آهي، جنهن جو عقد شهزادي مراد بخش سان 1066 هه ۾
ٿيو، ليڪن والد جي وفات (1057هه) کان 9 سال پوءِ.
شهزادي جي پهرئين شادي شاهنواز خان
(1)
صفويءَ جي نياڻيءَ سان ٿي هئي، ليڪن شهزادي کي ان
مان اولاد ڪونه ٿيو، جنهنڪري بقول ”ماثر الامرا“
....
”اعليٰ حضرت در سال سيم (1066 هه) آن غفيفه (مير
صاحب جي نياڻي) را ڪه شائستگي ازدواج شاهزاده
داشت، يڪ لک رپيه از جواهر و ديگر اشيا بطريقه ِّ
جهاز عنايت فرموده، به احمد آباد فرستاد، ڪه در
عقد نڪاح شاهزاده ڪه دران وقـت صـاحب صوبه آن
ولايت بود، در آند.“(1)
امير عبدالڪريم ۽ مير ابوالمڪارم:
امير عبدالڪريم پنهنجي ڏاڏي ۽ والد وانگر، پنهنجي
دور جو نامور امير ٿيو، ان جو ذڪر هن کان پوءِ سان
جدا باب ۾ ڪنداسين. اهڙيءَ طرح مير ابوالمڪارم
”شهود“ جو حال به علحدي باب ۾ بيان ٿيندو، ڇاڪاڻ
ته هو بزرگ به علم ۽ شعر سخن ۾ پنهنجي زماني جو
يگانو هو.
امير خاني سادات:
مير ابوالقاسم جو اولاد، جيئن اسان مٿي ڏيکاري آيا
آهيون، کانئس پوءِ، ”قاسم خاني ساداتن“ جي نالي
سان مشهور ٿيو. سندس ڏهٽاڻ بکر ۾ مقيم رهيا. جڏهن
امير ابوالبقا امير خان جي جدا گاڻي شخصيت قائم
ٿي، ۽ ٺٽي ۾ بودو باش اختيار ڪئي ويئي، ان کان
پوءِ سندس اولاد ”امير خاني ساداتن“ جي نسبت سان
مشهور ٿيو، چنانچه جامع مسجد جي لڳو لڳ اڄ تائين
سندس نالي تي ”امير خاني محلو“ موجود آهي. بکر
وارا ”قاسم خاني“ گهڻو زمانو ٿيو جو ختم ٿي ويا،
ٺٽي جي ”امير خانين“ جون به فقط چند نشانيون موجود
آهن، جن جي متعلق جدا نوٽ ڪتاب جي آخر ۾ ايندو.
هڪ دستاويز:
خوش قسمتيءَ سان، اسان کي مير ابوالبقا امير خان
جو هڪ پروانو مليو آهي، جيڪو سندس مـُـهر سان مزين
آهي- پروانو 14 شعبان 1054 هه جو جاري ڪيل آهي،
جنهن وقت مير صاحب ٺٽي جو گورنر هو.(1)
حيدرآباد سنڌ ۾، شاهه محمد مڪئي جي درگاهه مشهور
آهي. درگاهه جي متولين جي وچ ۾ انهيءَ زماني ۾
توليت، وظيفن، روزينن ۽ ٻين لوازمن تي تڪرار ٿيو
هو، جنهن جي سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ صلح آڻڻ لاءِ مير
صاحب هي پروانو چاڪر هالي جي متصدن ڏانهن جاري
فرمايو: هن دستاويز مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مغل
دور ۾ حيدرآباد جو تعلق چاڪر هالي جي پرڳڻي سان
هو. دستاويز جي تصوير شامل آهي، جنهن مان سمورو
مطلب معلوم ڪري سگهجي ٿو. مير صاحب جي سجع مـُـهر
۾هن طرح اڪريل آهي:
ابوالبقا شده از لطف شاه ”بنده نواز“
(2)
ز ”مير خان“ بخطاب ”امير خان“ ممتاز
------------------
|