مير عبدالڪريم امير خان سنڌي
مير عبدالڪريم، ابوالبقا امير خان جو غالباً ٽيون
نمبر پٽ هو. ضياء الدين يوسف ۽ مير عبدالرزاق
کانئس وڏا هئا
(1).
ٻن پيڙهين کان سنڌ ۾ بود و باش اختيار ڪرڻ سبب،
مؤرخن مير عبدالڪريم کي ”سنڌيءَ“ جي نسبت سان ياد
ڪيو آهي.
(2)
عالمگير جي ملازمت:
مير صاحب جي ابتدائي زندگيءَ جو پتو ڪونه ٿو پوي،
تاريخ ۾ سندس نالو عالمگير وٽ ملازم ٿيڻ بعد اچي
ٿو.
چنانچه ”ماثرالامرا ِّ“ ۾ لکي ٿو ته:
”چون عروج دولت و صعود ثروت در طالع اومودع دست
تقدير بود-“
تنهنڪري 25 سال عالمگيري (1093 هه) ۾، جڏهن ته
بادشاهه اورنگ آباد ۾ مقيم هو، مير عبدالڪريم سندس
حضور ۾ پيش ٿيو، “:
”موميٰ اليه منظور نظر تربيت خسرواني گشت“.
سڀ کان پهريائين مير صاحب کي ”داروغهء جانماز“
مقرر ڪيو ويو، ۽ ساڳئي وقت ”امانت هفت چوڪي“ جي
خذمت به سندس سپرد ٿي. اهي ٻيئي عهدا اُهي هئا،
جيڪي بادشاهه جي خاص ذات سان تعلق رکندڙ هئا،
جنهنڪري مير صاحب کي عالمگير جي بلڪل قريب رهڻ جو
موقعو ملي ويو. ”ماثر“ لکي ٿو ته انهيءَ قرب ۽
ويجهڙائيءَ سبب مير صاحب جون خذمتون بارگاهه
شهنشاهيءَ ۾ مقبول پئجي ويون، “:
”چون پيش آمد و ترقي او مذڪور خاطر بادشاهي بود“.
’داروغهء نقاش خانه‘ جو عهدو به سندس حوالي ٿيو،
۽ اهڙيءَ طرح ٿوري ئي عرصي ۾ ايترو مقبول خاطر ٿي
ويو، جو پي در پي ٽي اهم خذمتون حاصل ڪري ورتائين.
28 سال عالمگيريءَ (1096 هه) ۾ کانئس ڪا معمولي
غلطي ٿي، جنهنڪري ”جانماز“ جي داروغي کانئس واپس
ورتي ويئي، ليڪن چند ڏينهن بعد ”عنايات خسرواني“
جي بدولت، ساڳئي عهدي تي فائز ٿي ويو.
(1)
حيدرآباد جي سفارت:
29 سال عالمگيريءَ (1096 هه) ۾، شهزادو شاهه عالم
بهادر، خان جهان سان گڏ، ابوالحسن والي تلنگانه جي
معرڪي لاءِ روانو ٿيو. معمولي مقابلي ۾ ڪشمڪش بعد
حيدرآباد تي شاهي لشڪر جو قبضو ٿي ويو. عالمگير
انهيءَ غير معمولي فتح جي خبر ٻڌي، مير عبدالڪريم
کي منتخب ڪيو ته فاتح شهزادي ۽ ٻين سردارن ڏانهن
شاهي خلعتون ۽ انعام اڪرام کڻي وڃي. مير صاحب شاهي
تحائف کڻي، منزل مقصود ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن
حيدرآباد کان چئن ڪوهن تي سندس قافلو پهتو، ان وقت
اوچتو شيخ نظام حيدرآبادي، سپاهين جو وڏو ڪٽڪ وٺي،
اچي مٿان ڪڙڪيو. مير صاحب جا ماڻهو مقابلي لاءِ
تيار ڪونه هئا، جنهنڪري نظام جو لشڪر کين زير ڪرڻ
۾ ڪامياب ٿي ويو: ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪيترا
شديد زخمي ٿيا، ۽ شاهي تحائف ۽ ٻيو سمورو سامان
فاتح لشڪر لٽيو ڦريو، شهيدن ۽ زخمين کي ميدان جي
حوالي ڪيون هليو ويو.
انهيءَ اوچتي حملي ۾ عبدالڪريم پاڻ به سخت زخمي ٿي
پيو، نظام جي سپاهين کيس انهيءَ حالت ۾ کڻي وڃي
ابوالحسن جي پيش ڪيو، جنهن رات جي اونداهيءَ ۾،
شاهي لشڪر گاهه وٽ کيس ڦٽو ڪرائي ڇڏيو.
محمد مراد حاجب کي مير صاحب جي حالت جي خبر پئجي
ويئي، جنهن اتان کڻائي کيس وڃي پنهنجي جاءِ تي
رهايو. علاج معالجي بعد، جڏهن مير صاحب هلڻ چلڻ
جهڙو ٿيو، ان وقت شهزادي جي حضور ۾ حاضر ٿيو،
سوکڙيون ۽ سوغاتون ته ڦرائي ويٺو هو، باقي نياپا
سنيها جيڪي مليل هئس، سي شهزادي جي گوش گذار ڪري،
سفارت جي فرائض کان سبڪدوش ٿيو.
خان جهان انهيءَ وقت شاهي دربار ڏانهن واپس ٿيڻ
لاءِ تيار هو. مير صاحب زياده وقت شهزادي وٽ رهڻ
جي ضرورت نه سمجهي، خان جهان سان گڏ شاهي دربار ڏي
موٽيو.
لشڪر جي ڪروڙي گري:
گولڪنڊي جي محاصري وقت، شريف خان دکنيءَ کي صوبن
مان جزيه وصول ڪرڻ تي مقرر ڪيو ويو، ۽ سندس جاءِ
تي، شاهي لشڪر جي ”ڪوڙي گري“ مير عبدالڪريم جي
حوالي ڪئي ويئي، ۽ ساڳئي وقت جرماني وصول ڪرڻ جي
داروغي به سندس سپرد ٿي.
”ملتفت خان“ جو خطاب:
ڪروڙي گريءَ جي سلسلي ۾، مير صاحب پنهنجي حسن
خدمتيءَ جا خوب جوهر ڏيکاريا. ”شاهه دين پناهه“
مٿس بيحد راضي ٿيو، ۽ کيس ”ملتفت خان“
(1)
جو خطاب عنايت ڪيائين. خواجه حيات خان جي انتقال
سبب
”آبدار خاني“ جو عهدو خالي هو، اهو به سندس سپرد
ڪيو ويو. اهي سڀ عهدا ۽ لقب کيس 36 سال عالمگيريءَ
(1104 هه) کان اڳ مليا. ڇٽيهين سال ۾ ”داروغگي
خواصان“ جو عهدو کيس عنايت ٿيو. ”ماثرالامرا“ لکي
ٿو ته:
”بخدمت قرب رتبت داروغگيِء خواصان از انتقال انور
خان پسر وزير خان شاهجهاني، و از اصل و اضافه به
منصب هزاري، سر عزت بر افراخت، در تقرب و مزاج
داني محسود اماثل شد.“
(1)
- يعني تقرب سبب ايترو مقبول ٿيو، جو سندس منصب به
وڌي ”هزاري“ تائين پهتو، ۽ ”داروغهء خواصان“ جو
اهم عهدو به کيس مليو.
خطاب ۽ القاب:
بادشاهه جي مزاج ۾ مير صاحب پنهنجي غير معمولي
صلاحيتن سبب پورو دخل حاصل ڪري چڪو هو، عزت ۽ منصب
۾ جلد جلد ترقي ڪندي، ڪٿان جو ڪٿان وڃي پهتو:
پهريون ”داروغهء جانماز“ ٿيو، پوء ”امانت هفت
چوڪي“ جي خدمت سندس سپرد ٿي، ان بعد، ”نقاش خانه“
جي داروغي حاصل ڪيائين، حيدرآباد جي سفارت تان
موٽي اچڻ بعد، کيس لشڪر جي ”ڪروڙي گري“ ملي، ۽
ساڳئي ئي وقت جرماني وصول ڪرڻ جي داروغي به سندس
سپرد ٿي، سڀ کان پهريون ”ملتفت خان“ جو لقب کيس
مليو، 45 سال عالمگيريءَ (1113هه) ۾، ”خانه زاد
خان“ جي خطاب جو مٿس اضافو ٿيو، ۽ ان کان پوءِ ستت
ئي ”مير خان“ جو خطاب مليس، ۽ 48 سال (1116 هه) ۾،
جڏهن تورنا جو قلعو فتح ٿيو، ان وقت پنهنجي موروثي
خطاب، ”امير خان“، تي وڃي پهتو.
انهيءَ خطاب جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن ازراه تلطف
بادشاهه کيس چيو ته ’تنهنجي والد کي جڏهن اهو خطاب
مليو، تڏهن هن هڪ هزار في سال جي مناسبت سان، هڪ
لک رپيا بادشاهه جي نذر ڪيا هئا، هاڻي ساڳئي خطاب
ملڻ تي تون ڪيترو نذر پيش ٿو ڪرين!‘ مير صاحب دست
بسته عرض ڪيو ته:
”هزار هزار جان فداي ذات مقدس باد، جان و مال همه
تصديق حضرت است.“
(1)
- يعني، ’اوهان جي ذات مقدس مٿان هزارين ساهه صدقو
ڪريان، منهنجي جان ۽ منهنجو سڄو مال ملڪيت اوهان
تان گهور آهي!‘ بادشاهه سندس ان جو جواب تي ڏاڍو
خوش ٿيو. ٻئي ڏينهن مير صاحب ياقوت مستعصميءَ جي
هٿ جو لکيل بيش قيمت ڪلام مجيد، عالمگير کي هديه
طور پيش ڪيو، بادشاهه اٿي کڙو ٿيو، چمي اکين تي
رکيائين، ۽ ازخد خوشيءَ مان فرمايائين ته: ”امير
خان تو اهڙي سوکڙي مون کي ڏني، جنهن جي قيمت ۾
ٻيئي جهان به پورا پئجي نه ٿا سگهن.“
(2)
‘واڪن ڪيره’ جي فتح بعد ”ماثرالامرا“ ۾ آهي ته:
”بافزونيِء پانصدي از اصل و اضافه بمنصب سه هزاري
ڪامياب دولت گرديد.“
- يعني، ’سندس اصلي منصب ۾ اضافو ڪري سه هزاريءَ
جي درجي تي پهچايو ويو‘.
مقرب خاص:
مير صاحب جو بخت ياور ۽ اقبال بلند نه اصل کان ئي
هو، ملازمت ۾ اچڻ سان ئي بادشاهه جي مزاج ۾ دخل
حاصل ڪري ورتائين، خاص عهدن جي ڪري شروع کان وٺي
بادشاهه جي ويجهو رهڻ لڳو، ليڪن بادشاهه جي آخري
زماني ۾ ته سندس تقرب انهيءَ حد تائين وڌي ويو، جو
رات ڏينهن ۾ ڪنهن به وقت بادشاهه کان جدا نه ٿيندو
هو. ”ماثرالامرا“ تصديق ڪندي لکي ٿو ته:
”در مصاحبت و محرميت فرق نداشت، چه شب و روز به
باريابيء حضور تفوق مي اندوخت.“
”ماثر عالمگيريءَ“ جي حوالي سان ”ماثرالامرا“ ۾
آهي ته، واڪن ڪيري کان ٽن ڪوهن جي فاصلي تي ديوار
پور جي مقام وٽ بادشاهه سخت بيمار ٿي پيو، ۽ مرض
انهيءَ حد تائين شدت اختيار ڪئي، جو اڪثر بيهوشيءَ
جا دورا پوڻ لڳا، ۽ “:
”از آنجا(ڪه سن به نود رسيده) ياسي تمام بمردم رو
آورد، نزديڪ بود ڪه از هول آن حادثه ملڪ بهم
برآيد.“
انهيءَ حالت جو بيان ڪندي، امير خان عبدالڪريم جو
قول آهي ته ’هڪ ڏينهن بادشاهه اک کولي ۽ انتهائي
ضعف هوندي هيٺيان شعر جهونگارڻ لڳو‘:
”بهشتاد و نود چور در رسيدي
بسا سختي ڪه از دوران ڪشيدي
وز آنجا چون بصد منزل رساني
بود مرگي بصورت زندگاني“
امير خان اهي شعر ٻڌي، کيس عرض ڪيو ته ’حضور، شيخ
” نظامي گنجوي“ عليه رحمته انهن شعرن جي تمهيد ۾
هڪ شعر چيو آهي-
”پس آن بهتر ڪه خود را شاد داري
دران شادي خدا را ياد داري.“
شهنشاهه فرمايو ته ’وري پڙهه!‘ ٻه ٽي ڀيرا شعر
پڙهيو. حڪم ٿيو ته ’ڪاغذ تي لکي ڏي!‘ مير صاحب حڪم
جي تعميل ڪئي. اهو ڪاغذ سامهون جهلي، بادشاهه بار
بار انهيءَ شعر کي پڙهيو. امير خان جو قول آهي ته
’صحت بخشيندڙ خدا پاڪ، بادشاهه کي قوت ۽ توانائي
عطا فرمائي.‘ ٻئي ڏينهن بادشاهه سلامت پاڻ هلي اچي
”ديوان مظالم“ ۾ ويٺو، ۽ مير صاحب کي فرمايائين ته
”تنهنجي ٻڌايل شعر جي اثر مون کي ڪامل صحت بخشي، ۽
مون ۾ فوراً غير معمولي توانائي ۽ قوت اچي ويئي“.
”ماثرالامرا“ اهو واقعو لکندي، هنن الفاظن ۾ مير
صاحب جي تعريف ڪئي آهي:
”خان مذڪور بجودت فهم و ادراڪ و شگرفيء حيثيت و
بلنديء استعداد (ڪه ازان به قابليت تعبير رود)
ممتاز بود.“
(1)
عظمت ۽ وقار:
بادشاهه جي بي حساب عنايتن، مهربانين، ۽ هر وقت جي
نوازشن مير صاحب جو مرتبو آسمان تائين پهچائي ڇڏيو
هو. اهي عنايتون ۽ شاهي مرحمتون بنا سبب ڪونه
هيون. مير صاحب ۾ پنهنجو به وڏو استعداد هو، ۽ خدا
کيس غير معمولي صلاحيتون بخشيون هيون، جن بادشاهه،
خاص ڪري عالمگير جهڙي خشڪ مزاج ۽ سنجيده طبعيت
واري شهنشاهه، جي دل کي موهي وڌو. امير ۽ وزير،
سرڪردا ۽ سردار، بادشاهه جو قرب ڏسي، مير صاحب جو
ڏاڍو تواضع ۽ احترام ڪندا هئا، ۽ پاڻ به هميشه
ساڻن سٺو هلندو هو. سڄيءَ زندگيءَّ ۾ نه ڪنهن جي
مخالفت ڪيائين ۽ نه ڪنهن سان وير وَڍُ وڌائين،
جيترو پڳس سڀ سان چڱائي ڪيائين. ”ماثرالامرا“ جي
مصنف جو قول آهي ته ’امير خان جي عزت ۽ احترام نه
فقط اَمير اُمرا ڪندا هئا، بلڪ شهزادا به جڏهن وٽس
ايندا هئا، ته سندن نگاهون ادب مان هميشـه هيٺ
هونديون هيون‘، “:
”امير زاد هاي خاندان در جلو او راه مي رفتند.“
- يعني، ’جڏهن نڪري ڪيڏانهن هلندو هو، ته شهزادا
به ساڻس گڏجي هلڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا‘. شاهي حڪم
مطابق، پالڪيءَ ۾ سواري ڪرڻ جو اعزاز پڻ مير صاحب
کي حاصل هو. ”ماثرالامرا“ جي مؤلف
مير صاحب جي عظمت، شان ۽ مان جو تصور هنن لفظن ۾
ڪڍي آهي:
”چون مواد پندار و خود آراي آماده داشت، ڪله گوشهء
نخوت برسر بي نيازي ڪج مي گذاشت، و با ڪم منصبي از
جميع نوئينان بلند مقدار يڪسر و گردن بر خود مي
ماليد، اميرزادهاي خاندان درجلو او ره مي رفتند،
نگاه درست بجانب ڪسي نمي ڪرد، نقش ڪه عمدهاي دست
نگر و منت پذير او بودند. چون حڪم شده بود ڪه سواي
ڪسي که پالڪي به او از سرڪار بادشاهي عنايت شده،
ديگري از بادشاهزاده و امرا پالڪي سوار در ”گلال
باري“ نيامد، پس از چندي جملته الملڪ اسد خان، و
او (ڪه دران وقت ملتفت خان بود) به اجازت سوار
آمدن فرق افتخار افراختند، بعد ازان بهره مند خان
و مخلص خان و روح الله خان مجاز گشتند. ازين جا
رتبهء او توان شناخت، ڪه قدر در دل بادشاه جا
ڪرده. در ديانت هم قدم مين گذاشت، اهل روزگار
بفرمائش او جنس هر ديار بقيمت نصف و ثلث ارسال مي
ڪردند، ديده و دانسته نگاه مي داشت، و در پرده
قدغن استيعاب حصص ازو مي نمود“.
(1)
عالمگير جي وفات کان پوءِ:
مير صاحب جي قدردان ولي نعمت، بادشاه عالمگير، سنه
1118 هه
(1) ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ شهزادن ۾ تخت ۽
تاج حاصل ڪرڻ لاءِ ايترو ڪشت خون چالو ٿيو، جو مغل
سلطنت جي سموري در و ديوار زلزلي ّ۾ اچي ويئي. ٻن
سالن ۾ ٻه شهزادا تخت تي ويٺا: پهريون اعظم شاهه
ان کان پوءِ ڪام بخش. 1120 هه تائين ٻيئي ختم ٿيا،
۽ چئن پنجن سالن لاءِ شاهه عالم بهادر شاهه سلطنت
جو وارث ٿيو. 1124 هه ۾ جهاندار معزالدين ۽ فرخ
سير آيا. 1131 هه ۾ هڪ سال اندر چئن شهزادن تخت
ماڻيو. اهڙيءَ طرح جنهن سلطنت جو بنياد بابر جي
هٿن سان پيو، اڪبر اعظم ان کي سينگاري سنواري
بيهاريو، جهانگير ۽ شاهجهان ان کي استوار ڪيو،-
عالمگير جي پٽن ان کي نهوڙي نگوسار ڪرڻ شروع ڪيو.
مير صاحب لاءِ ڏاڍي مشڪل هئي، ڪنهن جو طرف وٺي،
ڪنهن سان وڙهي، ۽ ڪنهن جي لاري لڳي. جيترو وقت
شهزادو محمد اعظم گواليار ۾ رهيو، اوترو وقت هو
وٽس رهيو. جڏهن بهادر شاهه 1119 هه ۾ تخت تي ويٺو،
تڏهن وٽس اچي شاهي اميرن ۾ داخل ٿيو. بادشاهه تخت
تي ويهڻ سان امير امرائن کي انعام اڪرام ڏنا.
”امراي عهد سلف از مخلص و مخالف بافزوني ِّ مناصب
ڪام دل افروختند.“
(2)
ان وقت مير صاحب به شاهي لطف ۽ ڪرم سان سرفراز
ٿيو.
”از اصل و اضافه بمنصب سه هزاري پانصد سوار مورد
سرحمت شد.“
مير صاحب کي منصب ته حاصل ٿيو، ليڪن اهو اڳيون شان
و شوڪت خود بادشاهيءَ ۾ ڪونه هو ته مير صاحب ۾
ڪٿان ايندو! جيڪي ڏينهن عالمگير وٽ ڏٺا هئائين، سي
هن دور ۾ ڪٿان هئا! ”ماثر“ سچ لکيو آهي ته:
”آن قرب و مصاحبت ڪو؟ و آن ناز و تبختر با ڪ؟“
اڪبر آباد جي قلعيداري:
دربار جو اهو رنگ، ۽ شاهيءَ جي اها بي بقائي ڏسي،
مير صاحب دربار ۾ رهڻ مناسب نه ڄاڻي، اڪبر آباد جي
قلعيداري حاصل ڪئي، ۽ اڪبر آباد پهچي، هن تنهان ئي
زياده گوشه نشينيءَ جي زندگي گذارڻ شروع ڪئي. منعم
خان خان خانان قديمي دوستيءَ جي بناءَ تي کيس اڪبر
آباد جي صوبيداري به وٺي ڏني، ليڪن ٿوري عرصي بعد،
اها کانئس واپس ورتي ويئي.
فرخ سير جو عهد:
محمد فرخ سير جي زماني (24- 1131 هه) ۾، جڏهن
سادات بارها جو اقتدار وڌيو، ۽ ان وقت عالمگيري
اميرن جي هڪ دفعو وري قدر افزائي شروع ٿي، عنايت
خان، حميدالدين خان، محمد نياز خان، وغيره دوباره
دربار ۾ اچي پهتا. مير صاحب کي به آگري مان
گهرائي، بادشاهه پنهنجي حضور ۾ ’خواص جو داروغو‘
ڪري رکيو، جيسين فرخ سير تخت نشين رهيو، تيسين مير
صاحب انهيءَ عهدي تي قائم رهيو. 1131 هه ۾، سيدن
فرخ سير کي معزول ڪري، رفيع الدرجات کي هٿ ٺوڪيو
بادشاهه ڪري رکيو، کين اهو به پسند ڪو نه آيو، ۽
ساڳئي سال اندر ٽن ٻين شهزادن کي ٿورن ٿورن ڏينهن
لاءِ تخت تي ويهاريائون. اهڙيءَ طرح، پنهنجي
اقتدار خاطر هنن تيموري (مغليه) تخت سان انهيءَ
قسم جي بازيگري ڪرڻ شروع ڪري ڏني. انهيءَ زماني ۾
مير صاحب نه فقط سڀني بلائن کان محفوظ رهيو، بلڪ
ساداتن سان سٺي تعلق هجڻ جو سبب سندس مرتبي ۾ خاص
اضافو ٿيندو رهيو. افضل خان صدرالصدور کي سيدن
معزول ڪري، مير صاحب کي انهيءَ جاءِ تي آندو،
اهڙيءَ طرح جيسين سادات برسر اقتدار رهيا، ۽ جيسين
مير جيئرو رهيو، سندس مان مرتبي کي خدا محفوظ
رکيو. سيدن ۽ مير صاحب جي تعلق جو ذڪر ڪندي،
”ماثرالامرا“ جو مصنف لکي ٿو ته:
”قطب الملڪ بمراعات پيشين رتبهء تعظيم و توقير او
از دست نميداد، و بر گوشهء مسند خود مي نشاند.“
(1)
انتقال:
مير صاحب جي وفات ڪڏهن ٿي، ان لاءِ اسان کي ڪوبه
اطلاع ملي ڪونه ٿو سگهي. ”ماثرالامرا“ جي لکڻ مان
معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب صدرالصدوريءَ جي عهدي تي
پهچڻ کان پوءِ ستت ئي انتقال ڪيو. انڊيا آفيس جي
ڪئٽلاگر، مسٽر ايٿي، جو به اهوئي خيال آهي، لکي ٿو
ته ’1131 هه ۾ يا ان کان ٿورو پوءِ سندس وفات ٿي.‘
(2)
”سفينه خوشگو“ ۾ به مصنف اهوئي لکيو آهي ته مير
صاحب جو انتقال محمد شاهي دور جي شروعات (1121 هه)
۾ ٿيو.(3)
مسٽر ڪزنس، مڪليءَ واري امير خاني قبرستان ۾، جنهن
امير خان جي قبر جو اشارو ڪيو آهي ۽ سندس خيال
مطابق اها ميرابوالبقا جي هئي، سا ممڪن آهي ته مير
عبدالڪريم امير خان جي هجي، چوديواريءَ جي احاطي
اندر هڪ مزار آهي جنهن تي ڪتبو آهي:
محرران عملهاي ملڪ نامش را
نموده اند بطور مار مغفرت تحرير
ز بهر سال وفاتش بسو ز دل همه وقت
بخـوان دو مـرقـِبه ايـن لـفـظ”يـا
امير امير“ 1026 هه
513x
2= 1026هه
گمان آهي ته مسٽر ڪزنس انهيءَ ڪتبي جي لفظ ”امير“
مان ’امير خان‘ جو شگوفو ڪڍي، اهو خيال ڪيو هجي.
اسان جو پنهنجو خيال آهي ته مير صاحب گهڻو ڪري
دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن ٿيو هوندو، پر
جيڪڏهن اتان سندس لاش ٺٽي پهچي، مڪليءَ جي انهيءَ
قبرستان ۾ دفن ٿيو ته پوءِ سندس قبر اها هجڻ
گهرجي، جيڪا هن وقت انهيءَ چوديواريءَ جي ٻاهران
ڏکڻ طرف، چند قدمن تي، هڪ مٽيءَ جي مٿاهين ڍير تي
آهي، ۽ جنهن جي سيرانديءَ کان لوڙهه تي لکيل آهي:
”هو الڪريم.“ هن وقت فقط خوبصورت مزار موجود آهي،
ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته ان تي ڪنهن وقت جدا گنبذ
ٺهيل هو. هن وقت قبر جا ڪتبابه موجود ڪونه آهن،
جيڪي غالباً اتان کڄي ويل آهن، يا ممڪن آهي ته
مٽيءَ جي انهيءَ ڍير ۾ مدفون هجن.
علم و فضل ۽ شاعري:
مير علي شير ”قانع“، ”مقالات الشعراء“ ۾، مير صاحب
کي بحيثيت شاعر جي جاءِ ڏني آهي. ‘ملتفت خان’ سندس
لقب هو. انهيءَ نسبت سبب ”ملتفت“ تخلص ڪندو هو.
”مقالات“ ۾ سندس ٻه شعر نموني طور درج آهن:
جان ڪرده ام ضيافت تيرِ تو راست گو
مفلس ازين زياده به مهمان چه مي ڪند
---
همدرد ما ڪسي ست ڪه داغ است بر دلش
با ما درين ديار همين لاله آشناست
پوئين شعرلاءِ مير علي شير اهو به لکيو آهي ته
”بياض“؟ ۾ مرزا جانيءَ ڏانهن منسوب آهي’.
(1)
بندرابن داس ”خوشگو“ جي تذڪري، ”سفينه خوشگو“، مان
معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب هڪ مختصر ديوان به مرتب
ڪيو هو. ”خوشگو“ پنهنجي تذڪري ۾ مير صاحب ۽ سندس
شاعريءَ متعلق ڇا لکيو اهي، ان جو نسخو چونڪه
پنهنجي دسترس کان ٻاهر آهي، تنهنڪري معلوم ٿي نه
سگهيو.
(2)
”ماثر الامرا“ فتح گولڪنڊي جي سلسلي ۾ مير صاحب
جون ٻه تاريخون نقل ڪيون آهن.
هڪ دفعي بيجاپور جي محاصري وقت عالمگير خندق ۽
دمدمه جو بند ڏسڻ لاءِ تخت روان تي سوار ٿي نڪتو.
دمدمه قلعي جي برج جي سامهون هو، جڏهن سواري اتي
پهتي، ان وقت برج تان ”چرخ آشوب“ توب ڇٽي، جنهن جو
گولو بادشاهه جي مٿان هليو ويو. گوله انداز نشانو
بادشاهه تي ورتو هو، ليڪن زندگي هئس جو نشان خطا
ويو. مير صاحب داروغهء جي نماز جي حيثيت ۾ ساڻس گڏ
هو، جنهن فوراً هيٺيون تاريخي بيت پيش ڪيو:
”فــتح بـيـجـاپور زودي مـيـشـود“. - 1099 هه
بادشاهه ان کي نيڪ فال سمجهي، مير صاحب کي فرمايو
ته-- ”خدا ڪند ڪه چنين شود“. چنانچه انهيءَ هفتي ۾
قلعو فتح ٿي ويو، ۽ مير صاحب هيٺين تاريخ شاهي
حضور ۾ پيش ڪئي-
”فتح قلعه گولڪنده مبارڪ بادا“.- 1099 هه
بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس آفرين چيائين.
اولاد:
سندس اولاد جو تفصيل ڪونه ٿو ملي، ايترو معلوم ٿئي
ٿو ته کيس ڪي ئي پٽ هئا، جن مان ڪوبه مشهور نه
ٿيو، سڄي زندگي سنڌ ۾ رهي، پيءُ جو اندوختو کائي،
پنهنجو وقت پورو ڪري ويا-
”هيچ ڪدام رشدي نه ڪرده، به اندوخته پدر بسر
نمودند“.(1)
ابوالخير خان:
”ماثر“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب جي هڪ پٽ جو
نالو ابوالخير هو، جنهن جي قرابت خان دوران خواجه
عاصم سان هئي، ۽ سندس سموري زندگي ان وٽ رهندي بسر
ٿي، ۽ بادشاهه وٽان ”خان“ جو خطاب به مٿس عطا ٿيو
هو.
مير سيد اشرف خان:
هيءَ به مير صاحب جو فرزند هو. ڪنهن به تاريخ ۾ ان
جو ذڪر ڪونه آهي، ’برٽش ميوزم‘ مان اسان کي ”رقائم
ڪرائم“ نالي هڪڙو خطن جو مجموعو مليو، جنهن جي
ذريعي معلوم ٿيو ته ڪتاب جو مؤلف، مير سيد اشرف
خان، مير عبدالڪريم جو فرزند آهي.
”رقائم ڪرائم“:
’برٽش ميوزم‘ ۾ انهيءَ ڪتاب جا ٻه نسخا (نمبر
O.R. 16430- 8912
ADD.).
انڊيا آفيس ۾ 4 نسخا (نمبر 1761 - 3021- 1596-
3388) آهن. انڊيا آفيس جو پويون نخسو 24 شوال 1154
هه جو لکيل آهي.
(1)
’بوڊين لئبرري‘ ۾ پڻ هڪ نسخو
(نمبر 253) موجود آهي.
ڪتاب، فلسڪيپ سائيز جي 63 ورقن تي آهي: ’رقم‘ جي
عنوان هيٺ 42 خط درج آهن، ’رقع‘ جي عنوان ۾ 120
رقعا آهن، ۽ ‘فرمان’ جي سرخيءَ هيٺ 5 فرمان موجود
آهن. آخر ۾ چند متفرق خط آهن، ديباچي ۾ مؤلف
مير سيد خان لکيو آهي ته:
”سخن جانست و ديگر گفتگو جانان زمن بشنو
اگر هر لحاظه جانِ تازه ميخواهي سخن بشنو
”خاصهء سلاطين خرد پروه، و خسروان بيدار مغز والا
شڪوه، سيما ڪلمات سعادت تاثير پاشاهان، خرد ڪامل
لوع انسان، فرمانرواي ڪشور دلنوازي ابوالمظفر
محي الدين محمد اورنگزيب عالمگير بادشاه غازي، ڪه
روحيست در جسم فرد و عياري براي نيڪ و بد،
ولهـٰـذا الراجي اليٰ رحمته الغني سيد اشرف خان
مير محمد حسين، بعضي رقعات قدسي آيات آن حضرت را
ڪه بخان همه دان قبله گاهي امير خان صادر شد بود،
بعد رفتن اڪثري ازان بي نقل جابجا و ضايع شدن
بسياري از ناقدرداني گروه بي پروا، جمع نموده،
رساله ترتيب داد. آن را به مناسبت نام خان مرحوم
مير عبدالڪريم ”رقائم ڪرائم“ نام نهاد. جهته خبرت
يڪي ازين برابر هزار و برائي هوشياري اندڪي هم
بسيار فضل او سبحانه ترتيب فرماي همڪنان خصوصاً
خانه زادان آن حضرت خلد مڪان باد- بحرمته النبي
الحجازي و آله الا مجاد.“
انهيءَ مجموعي ۾ اهي خط آهن، جيڪي عالمگير مير
عبدالڪريم خان ڏانهن لکيا، ازنسواءِ شهزادن ۽ ميرن
ڏانهن لکيل خط به مجموعي ۾ موجود آهن.
دلچسپ واقعو:
امير عبدالڪريم جي حالات کي اسان هيٺئين دلچسپ
واقعي تي ختم ڪريون ٿا: هڪ ڏينهن بادشاهه سلامت
امير عبدالڪريم کي نياپو ڏنو ته هو ڪامگار خان کي
پهچائي. امير خان ڏانهس پيغام موڪليو ته وٽس اچي
شاهي نياپو ٻڌي وڃي. ڪامگار خان کي جڏهن قاصد اهو
پيغام ڏنو، تڏهن هن پڇيو ته ”ڪهڙو امير خان؟“
پيغامبر چيو ته ”امير خان عبدالڪريم تته“. ڪامگار
چٿر مان چيو:
”يعني عبدالڪريم فراش!“
”بگوئيد ڪه ما بجانهء فراشان نمي آئيم“.
ڪامگار خان ‘فراش’ چٿر مان ان ڪري چيو، جو مير
صاحب ڪنهن زماني ۾ شاهي جانماز جو داروغو هو.
اها ڳالهه جڏهن امير خان بادشاهه سان ڪئي، تڏهن
بادشاهه فرمايو ته ”آخر هو جعفر خان جو پٽ آهي،
توکي هن وٽ وڃڻ کپندو هو، انهيءَ قسم جو نياپو
موڪلڻ مناسب نه هو.“
(1)
ڪامگار خان جعفر خان جو باڪمال فرزند، ۽ پنهنجي
زماني جو امير ڪبير هو، ڪيترن ئي ممتاز عهدن تي
فائز رهيو. نعمت خان عالي سندس شاديءَ تي اُهو
مشهور قطعو چيو هو، جنهن جو پهريون شعر هيءُ آهي:
ڪتخدا شد بار ديگر خان عالي منزلت
باڪمال و عز و تمڪين و وقار و زيب و زين
__________
|