سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 30

 

 

زنخدان ۽ غبغب جي معرڪه آرائي هيٺيئن ريت هلي ٿي:

زخندان گفت غـبعـب را ڪـه: اي يار!
چو اســتادان صنع، اي چاه ڪنـدنـد
ازان گــلِ يـــافــتـه قـدرت بـلنـدي
بگفت: از من نمي شد گر تـهـي چـاه
ازين چه تـا گـــــل مــــن ســـرڪــشـيـده
بـگـفـت: ايـن گــــفـقــِگو هزل اســـت دانــي

مشو با حسن عاريت گرفتار
گل پاڪش بيڪسوي فگندند
جمال ديگران چون خود پسندي
نمي گشتي ز حسن يوسف آگاه
نماي چاه يوسف برڪشيده
تـو خــضــرو مــن چــون عـيـن زنـدگـانـي

بگفتش:

ڪو حضرو ڪـو اصل زاتم   حبابي رسته از عين الحياتم حضرت سليمان عليه السلام ۽ بيبي بلقيس جو عقد ٿئي ٿو، گهوٽ، ڪنوار جي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو:

شدي نزديڪ هر دم شور آن طوي    ڪه آمد آن نبي در حصن مشڪوي

 --  --  --

چو باهم گفت وگوئي عقل شد راست   شهنشه از پي آغوش برخاست
در آمد اندرون ححـّلـه، چــون نــور       
 سواد غير، شد از ديدها دور
نبي، دستي بگردن برد، تـنـگـش      
 ڪه افشارد، زخونِ غنچه، رنگش
پري، چون بادش از آغوش سر قــِاب  
 شهش در برڪشان، چون باد را آب
پري چون گل ز بادِ صـبــح مـايــل     
 شهش چون رنگ، آغوش حمايل
همان چون آفتاب، از دست اوگم       همين چون ديده اش آغوش مردم
هميـن نــارنج افـشارش قـْـيـا پـــي 
     همان چون باغبان، از قحطي دي
همين از غنچه برگي مي چڪيدي    همان از گل چو خاري ميخليدي
شهنشه، نافه را، بشگافتن خـواســت    پري چون جوهر فردش، ميان ڪاست
شهنشه چون معما، مي ڪـشـودي     پري، صد تعميه، برمي فزودي
در آخر چون ز نـيـرو بـخـش قوت       بفتح سده شد، غالب طبعيت
در آمد يڪتني يڪ چشم، چون خور  چون غواصان، بخلو تخانئه دُر
چنان دادش ز تابِ خويشتن قـوت     ڪه شد گوهر صدف ڪاني ز ياقوت
ز نيستانچون صدف، بگرفت آبي     دُري پرورد، رشڪِ آفتابي
روايت آهي، ته بيبي بلقيس جي پـِـنين تي گهڻا وار هئا، حضرت سليمان عليه السلام هڪ حمام تيار ڪرايو، جنهن ۾ وارن کي لاٿو ويو. حمام جي ساخت ۽ ساز و سامان جي تعريف بعد جڏهن وارن لاهڻ واري مائي اچي ٿي، ان وقت جو نظارو مصنف هن طرح بيان ٿو ڪري:

بدفع موئي ساق، اين حيله انگيـخت      ڪه، باز رنيخ آهڪ را، بر آميخت
سپيدو زرد چون آمـيـزشـي يــافــت     
     رواني آب و رنگي از ميان تافت
چون آن گرمابه، محڪم يافت تاسيس    اشارت ڪرد پيغمبر بلقيس
ڪه: يڪدم جانبِ گرمابه بخــرام    
    تو آتش پاره، ز آتش گرم حمام
برنگ شعله، برجست آن پـري وش   
     که سازد گرم تر، بازار آتش
روان اول بسوئي چامــه ڪــــن شـد       
    برنگ شمع عريان، در لگن شد
پـرسـتـاران مـحـرم گــرد او چـمــع
            بفانوسي دوسه پروانه باشمع
ڪـشـاد اول، گــره از غـنـچهء جيب
           بهاري، خنده زد از پرده غيب
يـڪـي ته بـنـدرا برسـيـنـه بربـست          چو عڪسي، در ميان آب بنشست
بـگــردِ سـاق مــالــيـدنـــد لــــوزه (1) 
         ڪه زر ڪامل عيار آيد ز ڪوزه
دمي چون لوزه، مو، بيباڪ بـرداشـت  
     پرستاري ز ساقش پاڪ برداشت

انهيءَ عمل بعد بيبي صاحبه کي غسل ڪرايو ويو.

روانـــش قــطــره قــطــره آب بـرتن       نثارِ سيسم گوهر هائي روشن

-- -- --

چو شد پاڪ از خس و خاشاڪ باغش
لباب شد ز تر مغزي اياغش
برآمد از دل گرمابه باتاب
ز آغوشِ صدف چون در خوش آب
ز بالا پير هن بگرفت بالا
گل از زير سمن رنگين تماشا
بسر معجر (1) خيالي شد مرتب
ردائي صبح گفتي هشسته برشب
يڪي شلوار خور زاري ز زر تار
چوگيرد بيشه را آتش بيڪبار
ز زيور، موبمو آراست خود را
به آئيني، ڪه خود ميخواست خود را

لٽا ڪپڙا پهري، ڳهن ڳٺن سان سينگارجي ۽ سنوارجي، بيبي صاحبه پنهنجي جمال جا جلوا آئيني ۾ ڏٺا:

چــه آئيـنــه، هــمـــان بي مـــوج دريــــا      بنقشِ هرچ در گيتي پذيرا
به بيرنگي، زمـانـه نـيـسـت بـيـرنگ      دري بر صلح باز و بسته برجنگ
چو چشم عاشـقـان حـيـران نـگـاهــي   
    جهانگيري يگانه، بي سپاهي
ملاحت چون فگندش عڪس مستور 
    شد آئينه بموجِ چشمه ِّ شور
چو تاب آبــرو يــش بـــر جــگــــر زد  
        رگِ ابر از دل آئينه سر زد
ز شوخي سايه نقش گل، نمي بسـت     
نگه شد خيره با آئينه سر مست
ز عڪسِ آن بهين (1) خوبان هستي    بر هنه گشت آئينه ز مستي

آئيني ڏسڻ بعد بلقيس حسن جي نکار ۽ ڪيل سينگار تي مطمئن ٿي حضرت سليمان عليه السلام جي پهلوءَ ۾ ويهڻ هلي ٿي:

ڪمالِ حسن، چون در آئينه ديد
ز جوش خوشدلي، بر خويش باليد
زجا، بر جست، با آرائش تام
چو ماهِ چارده خورشيد مه نام
خرامان شد چو خورشيد شرف بان
چو سروِ شسته، از ابرِ بهاران
ڪه تا آمد بحسن آرزو خواه
چو دل، جا ڪرد پهلوئي شهنشاه

خطي نسخي جون ڪي خاص وصفون:

زير نظر نسخي جون هيٺينءَ ريت خصوصيتون آهن:

(1) خط نستعليق روان آهي.

(2) اهو نسخو، مصنف جي ملڪيت ڏسجي ٿو. حاشيي ۾ ڪن جاين تي نوٽ ٿيل آهن، جيڪي مصنف جي پنهنجي هٿ اکرن جا ٿي سگهن ٿا، مثلاً: ورق (1/23) جي حاشيي تي هيءُ نوٽ آهي:

”در اين داستان، از سهو ڪاتب در تحرير ابيات، تقديم و تاخير است. نظر بارقام بايد خواند“.

انهيءَ نوٽ سان گڏ شعرن تي نمبر هڻي سلسلي جي صورت ۽ ترتيب کي نروار ڪيو ويو آهي. ڪن جاين تي نوان عنوان قائم ڪري حاشيي تي پوري باب جو اضافو ڪيو ويو آهي. اهي اضافا نسخي جي ڪتابت ٿيڻ بعد، مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين، ڪيل ڏسجن ٿا. اهڙيءَ طرح نون شعرن جو پڻ جا بجا اضافو ٿيل آهي، مثلاً: ورق 2/53 + 1/54 + 2/54 +  1/78 وغيره.

(3) اهو نسخو ٺٽي جي مشهور شاعر محمد محسن سبز پوش (1) جي ملڪيت ۾ رهيو آهي، جنهن جابجا حاشين تي ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ ڪن تلميحن جي تشريح لکي آهي، ڪٿي ڪٿي اعتراض به ڪيا اٿس. ورق (1/32 + 2/61+  2/111) تي سندس دستخط پڻ آهن.

(4) ڏکين لفظن جي معنيٰ زياده تر مير عبدالرشيد ٺٽويءَ جي ”فرهنگ رشيديءَ“ تان ورتل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي عالمن وٽ پنهنجن جي تصنيف ۽ تاليف مقبول ۽ مشهور هئي.

(5) بلقيس ۽ سليمان جي قصي جو بنياد، مصنف زياده تر ڪلام مجيد ۾ آيل قصي تي رکيو آهي. شعر ۾ جتي جتي آيتن سڳورين جي تلميح آئي آهي، محسن سبز پوش حاشيي ۾ انهيءَ آيت ڪريمه طرف اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، جيئن پڙهندڙن کي قصي جي اصلي ماخذ جو پتو پوندو رهي. مثلاً: ورق (1/99) تي هڪ شعر انهيءَ حالت کي ڏيکاري ٿو جڏهن حضرت سليمان عليه السلام وٽ بيبي بلقيس اچي ٿي، ۽ فرش جي چمڪ کي پاڻي سمجهي پاچا مٿي کڻي هلي ٿي ۽ حضرت سليمان عليه السلام کي معلوم ٿئي ٿو ته برابر بيبي صاحبه جي پـِـنين تي ضرورت کان زياده وار آهن.

چو ديد آن فرش را، پنداشت دريا
گرفت از ساق، عطفِ جامه، بالا
-- -- --

ولي، بر ساق او، موي گران ديد
بشاخِ شمعِ، گفتي دود پيچيد

پهرئين شعر جي سامهون محسن سبز پوش نوٽ ڪيو آهي:

”اشارتست بڪريمه: فلما راته حسبته لجته و کشفت عن ساقيهاط قال انه صرح ممرد من قوارير(1) ...... آلايـة“

اهڙيءَ طرح جتي ڪٿي قصي جي تلميح ۽ تصديق ۾ ڪلام مجيد جي قول کي ثبت ڪيو ويو آهي.

زير نظر نسخو، هٿ جي ٺهيل ميرانجهي خاڪستري پني تي آهي، هنڌان هنڌان جيتن کاڌل ۽ سخت زبون ٿي ويل آهي، نسخي جي ظاهري صورت ۽ حال پڻ ٻڌائي ٿو ته اهو نسخو مصنف جي ئي دور جو ٿي سگهي ٿو.

---

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


(1)  لوزه: هر ڪه آن چرب باشد (برهان) لوزه، بادام کي به چئبو آهي.

(1)   معجر- لٽو- رئو

عبدالجليل بلگرامي چوي ٿو:

بود بر فرق موئي او معجر بـشبنم خشڪ بو بنفشه ِّ تر

----

معجرش گوهرِ افراوان داشت           بود ابر سفيد ، باوان داشت

(1)  بهين: بهترين.

(1)  محمد محسن ٺٽي جي سبز پوش خاندان جو مشهور فارسي گو شاعر هو. سندس احوال ”تڪمله مقالات الشعرا“ جي 545 صفحي تي ڏسڻ گهرجي.

(1)  سيپاره 19 سوره النمل، رڪوع 2، آيت 44.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org