سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 8

 

باغبان تي چڙهائي:باغبان پرڳڻي جا ٻه حصا ميرزا دوست بيگ جي جاگير ۾ هئا، ۽ باقي سڄي پرڳڻي تي مير صاحب جو قبصو هو. انهن ٻن حصن ۾ دوست بيگ جي طرفان عامل رهندا هئا، جيڪي بندوبست به رکندا هئا ۽ ڍلون وغيره به وصول ڪندا هئا.

اهڙي دور ۾، جڏهن ته جيڪي جاگيردار پاڻ حد ۾ ويٺا هوندا هئا، اهي به ڍلون وصول ڪري نه سگهندا هئا ۽ انتظام رکڻ لاءِ کين باربار ڪن قبيلن ۽ قومن تي فوج ڪشي ڪرڻي پوندي هئي، اتي دوست بيگ جهڙي غير حاضر جاگيردار جي ڪارندن کي ڪٿي ٿي ڍل وصول ٿي سگهي ۽ ڪهڙيءَ طرح هو انتظام رکي ٿي سگهيا! ٿوري وقت ۾ ئي حالتون خراب ٿي ويون، خود سر قبيلن ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ۽ نه فقط عام رعيت انهيءَ حد جي چانڊين ۽ ٿيٻن جي آزار کان تائجي پيئي، بلڪ خود جاگيردار جي ڪارندن کي به اچي سر جي لڳي. ميرڪ يوسف لکيو آهي ته آخر دوست بيگ جي عاملن ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي، مير ابوالبقا وٽ داد رسيءَ لاءِ اچي دانهن ڪئي. مير صاحب ڪجهه سپاهي ساڻ ڪري سيوهڻ مان صبح جو پاڻ نڪتو، ۽ سڄو ڏينهن هلي ٻئي ڏينهن صبح جو اڪبر آباد پهتو. ڏينهن اتي گذاري، وري شام جو سوار ٿيو ۽ ٻئي صبح تي چانڊين کي وڃي وهڻي جبل (؟) وٽ هٿ ڪيائين. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته مير صاحب سندن اهڙي سرزنش ڪئي، جو انهيءَ معرڪي بعد وري چانڊيا اڀري نه سگهيا.(1)

انڙن سان مقابلا ۽ مجادلا: ميرڪ يوسف جي تاريخ مان اسان کي پهريون دفعو معلوم ٿئي ٿو ته مغل گورنرن جوسنڌ ۾ گهڻو عرصو هتان جي ئي ماڻهن سان مقابلي ۽ مجادلي ڪندي گذريو. تاريخ ۾ انهن فوج ڪشين جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪي قبيلا سخت سرڪش هئا، تنهنڪري سندن سرڪوبي ٿيندي رهندي هئي. جيڪڏهن سرڪاري ڍلون ۽ اجارا نه ڏيندا هئا ته ساڳئي وقت عام رعيت کي به منجهانئن آزار هو. اهي قبيلا سرڪش ڇو ٿيا، ڍلن ڏيڻ کان حڪومت جهڙيءَ قوت کي هنن ڇو ٿي انڪار ڪيو، خون خرابي، چوريءَ چڪاريءَ، ۽ ڌاڙي ڦر جي انهن ۾ ڇو عادت هئي، انهيءَ جا سبب شايد ڪنهن به مؤرخ ڪونه سوچيا، تنهنڪري انهن مان ڪنهن لکيا به ڪونه، ۽ غالب ملڪي مصلحتن کين سوچڻ به ڪونه ڏنو، ۽ انهن ئي مصلحتن ۽ دورانديشين کين تصوير جي ٻئي رخ پيش ڪرڻ جي اجازت ڪانه ڏني. بهرحال جيڪي لکيو ويو آهي، ان مان اسان کي هڪ طرف تصوير اهائي نظر اچي ٿي ته سميجن جي سمورو قبيلو نهايت ئي سرڪش، قاعدي قانون کي بي پرواهه ۽ حڪومت جي خوف کان عاري هو. ۽ انهيءَ ئي ڪري مغلن حڪمرانن مٿن بار بار لشڪر ڪشيون ڪيون، کين قتل و غارت ڪري نيست نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون، ليڪن مستقل طرح کين نه راهه راست تي آڻي سگهيا، ۽ نه کين پر امن شهري بڻائي سگهيا.

اسان کي ميرڪ يوسف جي تاريخ ۾ ڪيئي اهڙا مثال ملن ٿا، جو انهن قبيلن جي هٿان راڄ وارا تنگ اچي شاهي دربار تائين به دانهين ويا، ۽ اتاهون انهن قبيلن جي سرڪوبيءَ لاءِ فرمان ڪڍائي، جاگيردارن ۽ صوبيدارن وٽ کڻي آيا. جهانگير جي هڪ اهڙي فرمان جو ذڪر گذريل صفحن ۾ اسان پيش ڪري چڪا آهيون.

مير ابوالقاسم نمڪين گهڻي ڪوشش ڪئي ته جن قبيلن خلاف انهيءَ قسم جون شڪايتون هجن، تن جي اصلاح ڪري، ۽ ڪنهن حد تائين هو ڪامياب به ٿيو، ليڪن سندس سيوهڻ مان نڪرڻ بعد، ۽ ٻين جاگيردارن جي اچڻ تي، وري اهي ساڳيون حالتون پيدا ٿي ويون ٿي. مير ابوالبقا جي دور به اسان کي انهيءَ قسم جي جدوجهد ۾ گذرندو نظر اچي ٿو. ڪڏهن سختي ڪڏهن نرمي، بهرحال هو رات ڏينهن قبيلن جي ئي پٺيان رهندو هو.

ميرڪ يوسف جي سموري تاريخ انهيءَ قسم جي اندروني خلفشار جي آئينيدار آهي. مغل حڪومت جي ڌارين صوبيدارن جي نااهل جاگيردارن ملڪ خواهه ملڪ جي ماڻهن سان ڪابه دلچسپي ڪانه ٿي رکي، جنهنڪري انهيءَ قسم جون بدانتظاميون ٿيون ٿي، جيڪي نه ڇڙو سندن لاءِ خلفشار جو باعث هيون، ليڪن پر امن رعيت لاءِ به وڏي آزار ۽ عقوبت جو سبب ٿيون ٿي. هيترن سارن صوبيدارن جون پيدا ڪيل انتظامي خرابيون، مير نمڪين ۽ ابوالبقا جهڙا همدرد جاگيردار ڪٿي ٿي دور ڪري سگهيا، جڏهن ته سيوهڻ ۾ سندن قيام جو عرصو قليل ۽ پيدا ڪيل خرابين جو سلسلو طويل هو.

مير ابوالبقا ملڪي انتظام خاطر هڪ دفعي جهانگير آباد جي ٿاڻي تي پنهنجي هڪ خاص ملازم، جمال، کي مقرر ڪيو، ۽ ساڳئي ٿاڻي جي لاکن وري تپي تي منظور نالي ٻئي هڪ ملازم کي ڏياري موڪليو. پوئين تپي ۾، انهيءَ زماني ۾، انڙن سخت فساد شروع ڪري ڏنو، جنهنڪري منظور کي مٿن لشڪر ڪشي ڪرڻي پيئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته انڙن کي جڏهن کڙڪ پيئي. تڏهن هو ڳوٺ خالي ڪري، لشڪر جي اچڻ واري رستي تي لڪي ويهي رهيا. منظور جيئن بي الڪو آيو پئي، تيئن ئي مٿس اوچتو حملو ڪيائون. منظور انهيءَ اوچتي حملي لاءِ تيار ڪين هو، تنهن هوندي به هن گهڻي ڪوشش ڪئي، ليڪن شڪست کائي، ڪيترا سپاهي مارائي، نقارو عـَـلم کسائي، موٽي اچي جهانگير آباد پهتو.

مير ابوالبقا پاڻ ان وقت بيمار هو، تنهنڪري اطلاع پهچڻ تي هن پنهنجي وڏي پٽ، عتيق الله، کي پنهنجن ٻين پٽن ۽ عزيزن سميت لشڪر ڏيئي روانو ڪيو. جهانگير آباد جي قلعي ۾ جڏهن مير عتيق الله اچي منزل انداز ٿيو، ان وقت انڙن جا ماڻهو به معافيءَ جا خواستگار ٿي، ۽ نقارو، علم ۽ هٿ آيل هٿيار کڻي اچي پهتا. هنن هر طرح جو جرمانو ڏيڻ به قبول ڪيو. ليڪن ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير عتيق الله کي تجربو گهٽ، جوش ۽ غصو زياده هو، تيئن صلح جي آڇ کي ٺڪرائي، مقابلي جي تياري شروع ڪري ڏني.

سابه ڍنڍ (؟) جي ميدان تي مير عتيق الله مقابلي لاءِ پهتو. سميجن پنهنجو مال، ڍور ڍڳا، ۽ ٻار ٻچا اڳ ئي ڪڍي ميدان خالي ڪري ڇڏيو هو. باقي نوجوانن جو هڪ انبوهه ڪثير ٻن ڪوهن جو فاصلو وچ ۾ ڪري مقابلي لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. مير عتيق الله پنهنجي سؤٽ، مير ڪامل، کي ٻاويهن سوارن جو دستو ڏيئي، اڳواٽ اماڻيو، ۽ پاڻ پويان هلڻ لڳو. اڃا مقابلي واري ميدان تائين پهتائي ڪين، ته واٽ تي ئي سميجن اچي کين ورايو. مقابلو ٿيو، ٻنهي طرفن جا ماڻهو مئا، جيتوڻيڪ سميجن جا مکيه ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ ميرزا عيسيٰ ترخان جي سهري، پرئي سميجي، جو پٽ لاکو به هو، ليڪن ٻئي طرف وارن مان مير ڪامل جي ڪمڪ جا ٻاويهه ڄڻا ۽ مير عتيق جي لشڪر جا ڪيئي سپاهي پڻ مارجي ويا، ۽ آخر ۾ مير عتيق الله شڪست کائي، جهانگير آباد اچي رسيو.

مير ابوالبقا کي انهيءَ شڪست جي خبر سيوهڻ ۾ پهتي. هو جيتوڻيڪ اڃا بخار ۾مبتلا هو، ليڪن ان هوندي به پاڻ سوار ٿي نڪتو، جتان جهانگير آباد يارنهن ڪوهه پري هو. انهيءَ پهرينءَ منزل تي ئي، سميجا انڙ پنهنجا پريا مڙس وٺي اچي پيش ٿيا. مير صاحب مقابلي جي ضرورت نه سمجهي کين معافي ڏني، ۽ جيڪي مٿن سرڪاري بقايائون يا راڄ مهاڄڻ جون چٽيون چـُـوريون هيون، سي سڀ وصول ڪيون.

انهيءَ منزل تي، ڌاريجن ۽ مناهجن جا چڱا مڙس به اچي پيش پيا ۽ آئينده لاءِ قول قرار ڏيئي آجا ٿيا، سندن ٻه سردار، ڌنو ۽ طيب، مير صاحب جي هم رڪابيءَ لاءِ وٽس ئي ترسي پيا.

راهوجا، فروجا (؟) ۽ منگواڻا، مير صاحب جي آمد جو ٻڌي، نه فقط مهراڻي ۾ اچي حاضر نه ٿيا، بلڪ هو ملڪ ئي ڇڏي، ٻيءَ حد ۾ هليا ويا، مير صاحب انهن جي پٺيان مهراڻي مان منزل پٽي، روانو ٿيو. ڏينهن جو سخت جهولو لڳي رهيو هو، تنهنڪري وچينءَ جو وينجهڙي ڳوٺ ۾ ترسي پيو. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته انهن جي جهنگ جهر مان لشڪري ٽي هزار ڳئون ضبط ڪري آيا، جيڪي ڏوهاري قبيلن جي ملڪيت هيون، مير صاحب ٽئي هزار ڳئون تههِ تيغ ڪرائي ڇڏيون.

ٻئي ڏينهن ٻه پهريءَ جي نماز پڙهي، مير صاحب اتان ڪوچ ڪيو. اها شام ۽ سڄي رات گهوڙن جي پٺيءَ تي پنڌ ڪري صبح جو ڪناهر ڍنڍ (؟) تي پهتو. اها حد هالن جي پرڳڻي جي هئي، ۽ اتي ئي اچي راهوجا ۽ منگواڻا لڪا ويٺا هئا. مير صاحب صبح جي نماز ادا ڪري، مٿن حملو ڪيو، جنهن ۾ ٻاويهه منگواڻا قتل ٿيا، ۽ ڪيترو مال ملڪيت مير جي قبضي ۾ آيو، جنهن کي هن مظفر خان معموريءَ ڏانهن ٺٽي ڏياري موڪليو، ڇاڪاڻ ته مير صاحب اها يلغار ٺٽي جي حڪومت ۾ ڪئي هئي، تنهنڪري هن کي ائين ئي ڪرڻو هو.

ڪناهر ڍنڍ مان مير منزل پٽي، جهانگير آباد پهتو، جتي چند ڏينهن رهي، هن سميجن کان بقايائون به وصول ڪيون ۽ کين پر امن طريقي سان زندگي گذارڻ جي به هدايت ڪئي.(1)

نهمر دين جي گوشمالي: نهمردي (نومڙيا) هميشـه کان سيوهڻ جي شهر ۾ اوري پري کان وڻج واپار ڪرڻ ايندا هئا، ۽ دستور مطابق واپار جي محصول طور، کانئن مقرر تعداد ۾ چوپايو مال جاگيردار وصول ڪندو هو. ڪجهه عرصي کان هنن اهو ڌنڌو ڇڏي، لٽ ڦر ۽ چوري ڌاڙي جو مشغلو شروع ڪري ڏنو هو. هڪ دفعي هنن سيوهڻ جي حد مان ايتري قدر لٽ ڦر ڪئي، جو مير صاحب مجبور ٿي، پاڻ سندن گوشماليءَ لاءِ سوار ٿي، پٺيانئن پيو، ۽ کين هٿ ڪري، منجهانئن ڪيترن کي قتل ڪري ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪري، سمورو مال ملڪيت هٿ ڪيائين. مال ڀاڳين کي ڏيئي، قيدين کي ساڻ وٺي، مير صاحب جڏهن سيوهڻ پهتو، تڏهن نهمردين جا ارباب به اچي معافي حاصل ڪرڻ لاءِ پهتا. ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته مير صاحب کين معافي ڏيئي، قيدي سڀ آزاد ڪيا، ۽ آئنده لاءِ کانئن چڱيءَ چال سان رهڻ ۽ وري واپار شروع ڪرڻ جو قول قرار ورتو. جنهن کان پوءِ هنن نئين سر واپار وڻج شروع ڪيو ۽ پر امن شهري ٿي پيا.

ٺٽي جي صوبي ۾ جاگير:

شمشير خان، جيڪو تاج خان جي انتقال بعد ٺٽي جو صوبيدار ٿي ويو هو، تنهن کي، بقول جهانگير، 11 سال جهانگيريءَ (1025 هه) ۾(2) وري سيوهڻ موڪليو ويو، ۽ ٺٽي ۾ مظفر خان معموريءَ کي، جيڪو اتي ئي بخشي هو، صوبيدار ڪري رکيو ويو.

جنهن وقت اهو حڪم مليس، ان وقت سندس ڪيتري ئي بقايا، ماڻهن تي رهيل هئي. هن جوڻيجن مان منزل پٽي، خطي پرڳڻي جي رفيعان ڳوٺ (؟) ۾ اچي وصولي شروع ڪئي. جتان نقد نه ٿي مليس، اتان چوپايو مال عيوضي ۾ ٿي ورتائين. اهڙيءَ طرح هن گهڻيءَ حد تائين پنهنجي رقم وصول ڪري ورتي. رفيعان ڳوٺ ۾ ئي شمشير خان جا ماڻهو به اچي پهتا. سميجن ڏانهن سندس ڪافي بقايا هئي، ۽ بدليءَ واريءَ حالت ۾ جيڪڏهن وصول ڪرڻ کان اڳ هن ملڪ ٿي ڇڏيو، ان جو اڳڙڻ ناممڪن هو. تنهنڪري هن اُتان هلي، وري اچي سميجن جي گوٺ ۾ منزل ڪئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته اتان کيس ٻه ٽي هزار ڳائو مال بقايا ۾ مليو.

انهيءَ وصوليءَ بعد مير صاحب سيوهڻ آيو، جتي شمشير خان جو انتظار ڪرڻ لڳو، ۽ ان جي پهچڻ تي، صوبي جي چارج ڏيئي، پاڻ پنهنجي نئينءَ جاگير ڏانهن روانو ٿيو.(1)

سرڪار چاچڪان جي جاگير: اسان کي اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته مير صاحب کي ٺٽي جي صوبي ۾ ڪهڙا ٽڪرا جاگير طور ڏنا ويا. ميرڪ يوسف انهن جو تفصيل ڪونه ڏنو آهي. هڪ هنڌ اشارتاً هن لکيو آهي ته انهيءَ زماني ۾ چاچڪان پرڳڻي جو بدين وارو علائقو ۽ سرڪار چاڪر هالي جون نيرن ڪوٽ ۽ شال وارو حصو، مير صاحب کي بطور جاگير جي مليل هو. فقط هي ئي ٽڪرا سندس جاگير ۾ هئا، يا انهن سان گڏ ڪي ٻيا به حصا کيس مليل هئا، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي.

ڪي خاص واقعا: انهيءَ زماني ۾ به مير صاحب جا ٺٽي جي حد اندر ڪن قبيلن سان معرڪا ٿيا، جن جو اجمالي تذڪرو ميرڪ يوسف ڪيو آهي.

چاچڪان پرڳڻي جي مندرا قبيلو، ترخانن جي زماني کان ئي، سرڪش رهندو ٿي آيو. مير ابوالبقا پنهنجي جاگير ۾ پهچڻ سان انهن جي اهڙي گوشمالي ڪئي، جو ان کان پوءِ هو نهايت مطيع ۽ فرمانبردار ٿي ويا، ۽ سرڪاري طلبون، جيڪي هميشـه مٿن رهنديون اينديون هيون، سي آئنده لاءِ وقت سر ڏيڻ لڳا.(1)

مظفر خان معموريءَ، ٺٽي جي حڪومت ملڻ بعد، سڀ کان پهرين، شال دَلـَـن تي لشڪر ڪشي ڪئي. مظفر خان وڏي شان شوڪت سان اڃا منزل مقصود ڏانهن اچي رهيو هو، جو واٽ تي ئي مناهي دَلَ مٿس حملو ڪيو، ۽ سندس ڪافي سپاهي ماري، پاڻ سلامت نڪتو هليو ويو. مظفر خان معموريءَ سندس پٺ ڪانه ورتي، بلڪ اتي ئي منزل رکي ويهي رهيو، تاڪ آئنده جي مقابلي جي تياري ڪري. مير ابوالبقا ان وقت بدين ۾ پنهنجي جاگير تي هو. مظفر خان معموريءَ جي انهيءَ معرڪي جو حال ٻڌي، راتو رات اچي، اتي رسيو. ٻيءَ رات جو پنهنجا سپاهي ساڻ ڪري مير صاحب سوار ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ سان دارو بند جبل وٽ وڃي سميجن تي ڪڙڪيو. ميرڪ لکي ٿو ته 322 دل انهيءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويا، جن جون سسيون کڻي، ٻئي ڏينهن تي اچي، هو مظفر خان وٽ پهتو. دَلن انهيءَ مار کان پوءِ وري دنگو ڪونه ڪيو. انهيءَ معرڪي ۾ مير صاحب جو ڀاءُ مير نورالله به قتل ٿيو.

ٻيو دفعو به مير صاحب مناهي دل ۾ حميد شوري جي ماڻهن تي لشڪر ڪشي ڪئي، ۽ اهڙي گوشمالي ڪيائين، جو آخر ٻنهي اربابن پيش پئي معافي ورتي.(1)

ڪانگڙي جي مهم: ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير صاحب بدين واري جاگير تان ڪانگڙي جي مهم تي هليو ويو. ڪهڙي سال ۾ مير صاحب ويو، مهم جي نوعيت ڇا هئي، ان جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي. ليڪن هيٺئين واقعي مان اندازو اهو آهي ته مير صاحب 1024 هه جي آخر يا 1025 هه جي شروع ۾ انهيءَ طرف روانو ٿيو. ڇاڪاڻ ته مظفر خان معموري اڃا ٺٽي ّ۾ ئي هو، جو مير صاحب جي وڃڻ بعد اسماعيل شوري وري شورش ڪئي، جنهن کي مظفر خان جي ڀاءَ، ميرزا احمد، ٺٽي مان اچي زير ڪيو.(2)

ملتان جي نيابت:

ڪانگڙي جي مهم کان پوءِ مير صاحب ڪاڏي ويو، ڪٿي رهيو، ڇا ڪندو رهيو، ان لاءِ تاريخ جي ڪا گواهي اسان وٽ موجود نه آهي. 1025هه کان وٺي 1036 هه تائين جو دور تاريڪيءَ ۾ آهي. جهانگير جي آخري دور ۾ جڏهن ملتان جو صوبو يمين الدوله جي سپرد ٿيو، ان وقت مير صاحب، يمين الدوله طرفان ملتان جو نائب ٿي پهتو. ”بادشاهه نامه“ جو قول آهي ته کيس اها نيابت جهانگير جي پوئين زماني ۾ ملي.(3)

جهانگير، 28 صفر 1037 هه تي وفات ڪئي. قياس آهي ته 1035هه جي آخر يا 1036 هه جي شروع ۾، مير صاحب ملتان آيو هوندو. شاهه جهان 8 جمادي الثاني 1037 هه جي تخت نشين ٿيو، ان وقت نئين بادشاهه جن صوبيدارن يا عهديدارن کي معزول ڪيو يا بدلي نه ڪيو، انهن مان هڪ
مير صاحب به هو، ۽ ٻئي سال شاهه جهانيءَ (1037 هه) تائين سندس ملتان جي نيابت تي موجود رهڻ ثابت آهي.

ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مير ابوالبقا جنهن وقت ملتان ۾ هو، ان وقت سيوهڻ جو صوبيدار احمد بيگ هو، ٺٽو مرتضيٰ خان حسام الدين جي حوالي هو، ۽ محمد علي بيگ بندري ۽ حڪيم محمد صالح بکر ۾ هئا.

انهيءَ زماني ۾، سيوهڻ جو پرڳڻو جوڻيجن جو مير ابوالبقا جي جاگير ۾ هو، ۽ باقي سمورن پرڳڻن تي احمد بيگ قابض هو.(1)

ميرڪ يوسف احمد بيگ جي ايام ڪاريءَ ۾ سيوهڻ ۾ مقيم هو.
احمد بيگ سيوهڻ جي باشندن تي بي پناهه ظلم ڪيا، جيڪي ميرڪ يوسف پنهنجي اکين سان ڏٺا. سندس اهي ڪارناما ئي ”مظهر شاهه جهانيءَ“ جهڙيءَ مستند تاريخ جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ٿيا. ميرڪ يوسف سيوهڻ مان نڪري ملتان ڀاءُ وٽ پهتو ۽ خيال هئس ته ڀاءُ سان صلاح مشورو ڪري واقعات کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ لکي، پوءِ شاهي دربار ۾ پهچي، داد رسيءَ لاءِ التجا ڪري.


(1) مظهر ص. 2/312.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/315.

(2)  بقول جهانگير (تزڪ 157)، 15 ربيع الاول 1025 هه سال 11 جلوس جي، شمشير خان سيوهڻ ويو، ۽ مظفر خان معموري ٺٽي تي مقرر ٿيو. امير ابوالبقا 1025 هه ۾ بدين ويو. ”ماثرالامرا“ (2/633) 9 سال (9 صفر 1023هه تا 7 صفر 1024هه) ۾ جيڪو معموريءَ جو تقرر لکيو آهي، سو غلط آهي.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/316.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/251.

(1)  ”مظهر“ 2/258-260.

(2) ”مظهر“ ص. 260.

(3) ”بادشاه نامه“ ص. 2/341.

(1) (مظهر) ص. 2/341

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org