سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 20

 

مير رضي الدين فدائي

مير رضي الدين محمد ”فدائي“ مير ابوالمڪارم شهود جو ٻيو پٽ هو، صاحب ديوان شاعر هو. مير علي شير جو قول آهي ته پنهنجي وقت ۾ ڪامل شاعر هو:

”بمحاسن والا موصوف  در شعر ڪامل وقت گذشته، ”فدائي“ تخلص مي فرمود، صاحب ديوان است، از اشعارض ڪمالات ظاهري و باطني بمسامع روزگار ميرسد.“ (1)

اڪثر مرصع قصيدا چوندو هو، ”مقالات“ ۾ قصيدي جو هڪ شعر نقل ڪيو ويو آهي- مير قانع جو قول آهي ته اهو قصيدو چئن صنعتن تي مشتمل آهي-

غير خاموشي ڪسي از درد ما آگاهه نيت
آه را بهر عيادت برر ما راه نيست

مون وٽ سيد ”مرتضائي“ (2) ٺٽويءَ جو گڏ ڪيل انتخاب موجود آهن، جنهن ۾ مختلف شاعرن جا هم طرح غزل آهن. انهيءَ ۾ ”مير ‘فدا’ امير خاني سنڌيءَ“ جا به چند غزل موجود آهن. اسان سمجهون ٿا ته مير ”فدائي“  ۽ ”فدا“ هڪ ئي شاعر آهي، تنهنڪري هيٺ اهي غزل نقل ڪجن ٿا:

ڪه هست اين قطره چون خون غنچه محروم از چڪيد نها
نگه سرشار گردد خيره در چشم رميدنها
مگر گفتي خون بر آيد غنچه را از لب گزيدنها
ز استادانه و حشتهاي چشم مار مي بينم
بپاي آهوي تصوير آموزد رميدنها
”فدا“ از تحط سالِ آبروهاپر عجب نبود
ڪه آيد ماهي ِّ تصوير در دام طپبدنها (1)

ميان ”رجا“ ٺٽويءَ جي بياض ۾ به اهو غزل نقل ٿيل آهي، مطلع هن طرح آهي:

نگهه سرشاد گردد خيره در چشم رميدنها
ڪرا بر آفتاب عارض او تابِ ديدنها (2)

---

جهان گرديد مجنون تاب روي بي نقابش را
سرشڪ ديده ليليٰ ست شبنم آفتابش را
زبان خامه شق گردد بروي صفحه از حيرت
ز خط چون منتخب تفسير بنويسد ڪتابش را
سرم پروانه جوهر باد در بزم شهيدانش
ڪه مي بينم زبانِ شعله شمشير عتابش را
ز شوخيهائي در آغوش آرد و هر لحظه مي بوسد
ڪه محرم ڪرد يا رب اين چنيب درپا رڪابش را
فدا از شعر ”ناصر“ مصرء برجسته مي خوانم
ندارد حيرت دل تاب حسن بي حجابش (3)

ناصر علي سرهنديءَ جو مطلع هن طرح آهي-

ندارد حيرت دل تاب حسن بيحجابش را
ڪه باشد صافي  آئينه شبنم آفتابش را

---

در اضطراب است دلِ درد مند ما
چون داغ لاله ماند پر آتش سپند ما
گفتم بدام حلقه ِّ زلف تو چشم چيست
گفتا ڪه آهوي ست شڪار ڪمندما (1)

---

همان خوني ڪه بلبل ................
همه از رنگ گل در رشڪ رخسارش چڪيد اينجا
”فدا“ در شعر گفتنها مدد خواه از علي ناصر
درِ فيض است منشين از ڪشائش نا اميد اين جا (2)

انهيءَ زمين ۾ ناصر عليءَ جو شعر آهي:

در فيض است منشين از ڪشاڪش نا اميد اين جا
برنگ دانه زيرِ ثقل ميرويد ڪليد اين جا

----

بياض ”رجا“ ۾ هيءَ شعر به آهن-

شب ز شو از اشڪ دادم ديده ادراڪ را
تا نگاه پاڪ اُفتد آن جمال پاڪ را
اي صبا خاڪ ره آن نور چشم ما بيار
تا شود ڪحل الجواهر ديده نمناڪ را (1)

 ----

ڀانئجي ٿو ته مير رضي الدين ”فدا“ تي ناصر علي سرهنديءَ جو وڏو اثر هو، ممڪن آهي ته ساڻس دوستيءَ يا شاگرديءَ جو تعلق هجيس، ٻئي همعصر هئا. ناصر علي مير صاحب کان 13 سال اڳ 1108 هه ۾ فوت ٿيو.(2) انهيءَ مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مير رضي الدين پنهنجي بزرگن وانگر هندستان ايندو ويندو هو، ممڪن آهي ته شاهي دربار سان به سندس ڪنهن قسم جي وابستگي هجي.

مير صاحب جي وفات 1120 هه ۾ ٿي، مير ”قانع“ هيٺئين تاريخ چئي:

بسڪ بفوش همه گفتند هي

”هي رضي الدين“ بود سال وي. 1120 هه (3)

کيس هڪ پٽ مير حيدر الدين ابوتراب ”ڪامل“ نالو هو، جيڪو پڻ پيءُ ۽ پنهنجن بزرگن وانگر ناليوارو شاعر ۽ اديب هو، سندس سوانح اسان جدا بيان ڪري رهيا آهيون.


 


(1)  ”تحفـته ِ الڪرام“ ص. 3

(2)  مير ”مرتضائي“ افقر رضوي ٺٽوي

(1)  بياص نمبر 5، ”بياض رجا“، ج: 1.

(2)  ”بياض رجا“ ج: 1، مملوڪه سنڌي ادبي بورڊ.

(3)  بياض نمبر 15، ”بياض رجا“ ج: 1.

(1) بياض نمبر 33، ”بياض رجا“ ج: 2.

(2)  بياض نمبر 51.

(1) ”بياض رجا“ ج: 1، ص. 6.

(2)  ناصر علي سرهندي، شيخ محمد معصوم بن حضرت مجدد الف ثانيءَ جو مريد هو. پهريائين
سيف خان جي ملازمت ۾هو، ان جي وفات کان پوءِ ذوالفقار خان ولد اسد خان وزير اعظم جي مصاحب ۾ اچي داخل ٿيو، درويش صفت، فقير منش ۽ باڪمال شاعر هو، آخري عمر ۾ دکن کان دهليءَ آيو، جتي 1108 هه ۾فوت ٿيو. سندس مزار سلطان الاوليا، شيخ نظام الدين قدس سره العزيز، جي جوار پربهار ۾آهي.

(3)  ”مقالات“ ص. 192.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org