مير ابوالمڪارم شهود
ابوالمڪارم نالو، ۽ تخلص ”شهود“، مير ابوالبقا خان
جو فرزند هو. ”تحفـ*ِ الڪرام“ جي مصنف کيس ”ولي
ڪامل“ لکيو آهي، ۽ سندس سادي ۽ صاف، پاڪيزه ۽ بي
عيب زندگيءَ جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته ’جيتوڻيڪ پڻس
ڪافيءَ کان زياده سرمايو ڇڏيو هو، ليڪن هن پنهنجي
لاءِ اميراڻي زندگيءَ تي دوريشاني طور طريقي کي
ترجيح ڏني‘
(1).
”مقالات الشعرا“ ۾ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته:
”صاحب ڪشف و ڪرامات، واقف عالي مقامات، سراسر
شهود، پيوسته بامعبود، مي بود، .......... در عين
دولت والد، خود را يحدي شناخته، ڪه براي حوايج
ضروري خود به بازار مي رفت، و ڪارهاي خود، بدست
خود مي ڪرد---“
(2)
هڪ دفعو سندس والد انهيءَ تي ناراض به ٿيو، ليڪن
سندس خدمت ۾ عرض ڪيائين ته:
”چرا از دست نمونيء ڪسي عار دارد......“
اقبالمند ۽ امير ڪبير خاموش ٿي ويو.
علم و فضل:
باطني فضيلتن سان گڏ مير صاحب ظاهري علومن ۾ به
يگانه روزگار هو. ”قانع“ جو قول آهي ته:
”در هر چهارده علوم يگانه مي زيست“.
(1)
”تحفـة الڪرام“ لکي ٿو ته
”در علوم ظاهري هم جامع بوده.......“
(2)
لغت تي کيس خاص طرح عبور هو. هڪ دفعي ٺٽي جي امين
الملڪ قاضي ابراهيم مير صاحب جي دعوت ڪئي. شام
ٿيندي، ملازمن کي قنديلن روشن ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.
قنديلن جي ‘قاف’ کي مير صاحب زبر سان چيو، جنهن تي
مير صاحب کيس ٽوڪيندي چيو ته قنديلن جو قاف زير
سان آهي.قاضي صاحب کي ڪجهه شڪ ٿيو، لغت ڪڍي ويئي،
جنهن ۾ مير صاحب جي تصديق ٿي.
وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو، رات ڏينهن مطالعي ۾
مشغول رهندو هو، پاڻ چوندو هو ته ‘مون وٽ 5 سؤ جلد
مختلف علومن تي موجود آهن، ۽ گهڻي مطالعي سبب سڀئي
ازبر ٿي ويا آهن’.
(3)
تصانيف:
مير صاحب، صاحبِ ڪمال شاعر هو. خدا ڄاڻي سندس
تصنيفات جو ڪيترو تعداد هو، ”تحفة الڪرام“ جي
ذريعي اسان کي ٻن مثنوين جا نالا ملن ٿا:
(1) ”پريخانهء سليمان“، “
(2) ”مثنوي بديع الجمال و سيف الملوڪ“
(4)
مير صاحب پوئينءَ مثنويءَ جي تڪميل ڪري نه سگهيو،
ديوان مرتب ڪيو ويو يا نه، ان جو پتو ڪونه ٿو پوي،
ليڪن سندس متفرقه ڪلام سنڌ جي ڪيترن بياضن ۾ ملي
ٿو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته ديوان ضرور مرتب
ٿيو هوندو. اسان کي سندس متفرقه ڪلام جيڪو ملي
سگهيو آهي، سو هيٺ درج ڪريون ٿا.
متفرق ڪلام:
”مثنوي پريخانهء سليمان“ ۾ انبن جي تعريف ۾ چند
شعر لکيا اٿائين، جن کي ”مقالات الشعرا“ نقل ڪيو
آهي-
ز وصف انبه چون گويم ڪه چونست
ڪه از رشڪِ شرابش شهد خون است
ز نامِ او چو گيرم لذت قند
زبان باڪام لب با لب شود بند
به سختي همچو لعل اما شڪر بار
به نرمي چون طلائي دست افشار
بطفلي چون دل معشوق سنگ است
به پيري چون رخ من زرد رنگ است
ز شيرين ڪاريش چون خل عسل شد
زمرد باز در ياقوت حل شد
شرابش بهتر از شير و شڪر هست
گهي همرنگ سيم و گاه زرهست
بصورت مردم و جايش بر اشجار
گليم آرزو را شعله نار
هيٺيون چند رباعيون به ”مقالات“ ۾
نقل ٿيل آهن:
ترا در دست آئينه مرا در سينه آئينه
بيا تا روبرو سازيم آئينه به آئينه
ڪرا امشب بخورشيدِ رخش معراج خواهدشد
ڪه دارد بردبانِ زلف در هر زينه آئينه
... ... ...
مـــا آقـِّـيـنـه حــّهـان نـمــاي ياريـم رخت
درگـريـم و زيب اين بازاريم
چون سنگ قـِرازديـم درپـله خـويــش
بيڪار نشسته ايم وهم درڪاريم
----
هـر چند غبار را عروج ســطح اســت آخر
چونگه ڪـني ته پا نطح است
جمـيـعـت دنــيـا سـت پريـشـانـــي را
چون
دوختن جـامـه ڪـه بهر قطعا
ابناي زمانه يـڪـسـر از بـنـده و حــر
باشند ز مال يڪد گر مــايده خور
چون شيشهء سا عتند در دست فلڪ با اين نسود
تهي، نگـردد آن پر
----
مير صاحب هڪ رباعي، مولانا لطف الله نيشاپوريءَ جي
رنگ ۾ چئي آهي، جنهن جي هر مصرع پنجن شين تي مشتمل
آهي: ’گل، زمانه، اسلح، جواهر، عنصر‘- انهيءَ قبيل
جا نالا هر مصرع ۾ آيا آهن. مولانا لطف الله جي
رباعي آهي:
گل داد پري د رع فيروزه بباد دي جوشن لال لاله
بر خاڪ افتاد
داد آب سخن خنجر مينا امروز يــاقــوت سـنـان
آبش نـيلوفر داد
مير صاحب چيو آهي:
گل داد پـري قـباي يـاقوت بنـار در باده
بدرع لالـه شـد لـعل بنگار
امروز در آب دُر ڪله زد نسريـن فردا
سازد سمن زخاڪ فيروزه ازار
مير ”قانع“ لکيو آهي ته ”لطائف الطوائف“ مان کيس
معلوم ٿيو ته جڏهن مولانا لطف الله مٿين رباعي
چئي، تڏهن معاصر شاعرن کيس ڏاڍو داد ڏنو، ۽ ڏٺو
ويو ته کانئس اڳ انهيءَ قسم جي رباعي ڪنهن ڪانه
چئي آهي. شاعرن گهڻي ڪوشش ڪئي، ليڪن ڪوبه رباعي
ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو. هڪ شاعر ”اسمعيءَ“
جيڪو ”سر آمد شعراي نيشاپور، ۽ فاضل استاد وقت“
هو، تنهن پوري هڪ سال تائين زور ڏنو، ليڪن چئي نه
سگهيو’.(1)
مير ”قانع“ لکيو آهي ته هن پاڻ، ٿوري خيال ڪرڻ سان، چند بيت ۽
هڪ رباعي انهيءَ رنگ ۾ تيار ڪئي.
مير صاحب جا متفرق اشعار هيٺين طرح مليا آهن:
در حيرتم ڪه گوشه نشينان زير خاڪ
دور از رخ، تو چون مڙه برهم نهاد اند
-----
مست نوش لعل او ڪي دست سوي مي برد
نغمه سازِ عشق او ڪي دست سوي ني برد.
(2)
--
تـبسـم در لبش چون خنـده گــل فسون درنر گسش
چون نشه درمل
چـسان پـنـهـان ڪـنـم راز خرابات اشارت مي ڪند
مينا ڪه قـل قـل
حـــــجــاب روي اوهـــم روي او شــــد نـقـاب
غــنــچــه عــيـن چـــهـــره گل
ز ڪفـر اسـلام را گـرم است بـازار ڪه زينت نيست
اورا غير ڪاڪل
شهوداز بسڪ دربستان غزل خواند به بستان نام او
خواند نه بلبل.(3)
”آنسي“ تخلص جو هڪ شاعر 1052 هه ۾ فوت ٿيو، مير
صاحب جو دوست هو.
هيٺيون تاريخي قطعو تصنيف ڪيائين:
قدع بشڪست مستان سخن را
نفس بگداخت مرغان چمن را
ازين پس هر نوا ڪز بلبل آيد
بگوش گل همه شيون نمايد
شهود از حق به ”انسي“ مغفرت خواه
ڪه وقت ست اين اجابت ڪرد الله
الا هي از بحار جود يڪ نم
ڪه پيش تشنه لب بيش است از يم
ز ابر لطف خود برما بباران
ڪزان باران شود گلشن بهاران
لب ”انسي“ ڪه شد لب تشنه در خواب
بڪن زان نم بڪنج گور سيراب
پي تاريخ نقل آن سخن سنج
گرفتم گوهر چند از گران گنج
قلم در خون سالِ غم سرشتم
”بهشتش داد جاي ايزد“ نوشتم.(1)
1053هه
------
عرق فشاند رخت بر زمين گلاب انداخت
غلط غلط ڪه بهر قطره آفتاب انداخت
----
جمعيت دنيا ست پريشاني را
چون بافتن جامه ڪه بهر قطع است.(1)
------
باز امشب گرميء عشقست مطلوبِ مرا
تا نظر برڪيست يا رب چشم محبوب مرا
من اگر نيڪم و گر بد نيستم نوميد زو
با بدان هم هست چشم نيڪوئي خوب مرا“
تا نگردد گرم آغوش اضطرابي دل بجاست
بوي پيراهن نداده سود يعقوب مرا
گر نقاب افگند از رو چشم در نظاره دار
هست در هر پرده ڪشفي تازه محبوب مرا
ڪي ڪشد بال ڪبوتر بار اين نامه ”شهود“
بال عنقا بشڪنـد بنـدي چـو مـڪـتـوب مـرا.
(2)
وفات:
مير صاحب جي وفات ”قانع“ جي قول مطابق، 1073 هه ۾
ٿي، سندس قيام هميشـه سيوهڻ ۾ رهيو، ۽ انتقال به
اتي ئي ڪيائين، تنهنڪري جوار حضرت قلندر لال شهباز
۾ دفن ٿيو. انتقال کان چند ساعتون اڳ، هيٺين تاريخ
پنهنجي وفات لاءِ چيائين:
ڪسي گرز پرسدز تاريخ ما همين گو ”بجنت خدا داد جا“
1073 هه
اها ئي تاريخ سندس مزار جي ڪتبي تي ڪنده ڪئي ويئي.
اولاد:
”تحفـة الڪرام“ ۾ سندس ٽن صاحبزادن جا نالا آيا
آهن-
(1) مير امين الدين خان،
(2) مير رضي الدين محمد ”فدائي“،
(3) مير حافظ الدين خان.
”مقالات“ ۾ چوٿين صاحبزادي جو نالو آيو آهي-
(4) معين الدين حسن خان ”حسين“.
(1)
ايندڙ صفحن ۾ انهن جو تذڪرو ڏنو وڃي ٿو.
|