(19)
اسم
مفعول:
اهو اسم جو مصدر مان مشتق هجي ۽ جملي فاعل يا
مفعول طور ڪم اچي سگهي، تنهن کي اسم مفعول چئبو
آهي. اسم مفعول به مفعول کان نرالو آهي، ڇاڪاڻ ته
مفعول جملي ۾ فقط مفعول ئي ٿي رهندو آهي.
اسم مفعول جي ٺهڻ جا مختلف طريقا هيٺ ڏجن
ٿا:
سنڌيءَ ۾ اسم مفعول جي بناوت گهڻي ڀاڱي ڪن
جامع ۽ خاص اصولن ۽ قاعدن تي ٻڌل ناهي، جيئن هيٺ
ڄاڻايل ترڪيبن ۽ مثالن مان ظاهر آهي.
1.
عام طرح مکيه فعل (امر) جي پٺيان ’او‘ يا ’يو‘
پڇاڙي فاعلي حالت ۾ ۽ ’اي‘ يا ’يي‘ عام صورت ۾ گڏڻ
سان اسم مفعول ٺهندو آهي، مثلاً:
مکيه فعل فاعلي حالت عام
صورت
اچ آيو، آئِي
آئي
پَسُ پسيو
پسيي
جُڙ جڙيو، جڙِي
جڙيي
چؤ چيو
چئي
سَڏ سڏيو
سڏيي
ڪَر ڪيو يا ڪريو
ڪئي
مَرُ مُئو يا ميو،
مئي مئي
ني
نيو
وئي
وڃ
ويو، وئِي وئي
هل
هليو،
هَلِي هليي
فعل جيڪڏهن لازمي آهي ته فاعلي حالت ۾ مذڪر ۽ مؤنث
جا جدا جدا صيغا استعمال ڪرڻا پوندا، ته متعديءَ
جي حالت ۾ صيغو ساڳيو رهندو، جيئن مٿين مثالن ۾
ڏيکاريو ويو آهي.
2. فعل جي زمان ماضي مطلق جي واحد غائب واري صيغي
جي پوئين حرف علت کي ڪڍي ان جي جاءِ تي صرف ’ل‘
آڻڻ سان اسم مفعول ٺهندو آهي، مثلاً: ’اچڻ‘ مصدر
جو ماضي مطلق واحد غائب جو صيغو آهي ’آيو‘، جنهن
مان اسم مفعول ٿيندو ’آيل.‘ اهڙا ٻيا مثال هيٺ ڏجن
ٿا:
اَڏيل ٽِڙيل
ڏِٺل لَڌل
بِيٺل ٺَريل
سَڙيل نڪتل
ٻَڌل پَڙهيل
ڪُٺل
وَڌيل
ٻُڏل ڦَٽيل
کُليل هاريل
اسم مفعول جي مٿين صيغو ۾ عدد ۽ جنس جي
ڦير گهير لاءِ ضروري اعرابون يا علامتون استعمال
ڪبيون.
هن قسم جي مفعول جي ترڪيب فاعلي توڙي عام
صورت ۾ هڪجهڙي هوندي آهي.
3. اسم مفعول جي ٺهڻ جو
ٻيون
به ڪي صورتون آهن، جن ۾ پڇاڙيون جدا جدا قسمن جون
لڳنديون آهن، اهي پڇاڙيون هي آهن:
تو، ٿو، ٺو، دو، ڌو، ڪو، ڳو، نو ۽ ڻو.
هرهڪ جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
’تو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جون
ترڪيبون:
پَهتو مَتو
لاتو وِهتو کُتو
تَتو پاتو
ڪتو ڇُتو پوتو
رتو ڄاتو
لِتو رُتو ڌوتو
کَتو ڌاتو
نِڪتو سُتو پِيتو
’ٿو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جا
مثال:
لَٿو
ڳٿو
ڦاٿو
کُٿو
لاٿو
گُٿو
ڦِٿو
ڳِيٿو
’ٺو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جا
مثال:
ٽَٺو
ڪُٺو
ڊَٺو
مُٺو
سَٺو
وُٺو
گَٺو
بِيٺو
ڊاٺو
پِيٺو
اُٺو
پيٺو
رٺو
ويٺو
’دو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جا
مثال:
وَدو
آندو
رِدو
’ڌو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جا
مثال:
ڏَڌو ڳِڌو
لَڌو وِڌو
کاڌو پَرڌو
سِڌو ڏُڌو
’ڪو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جا
مثال:
پَڪو
مُڪو
’ڳو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جا
مثال:
ڀَڳو
ڇِڳو
لَڳو
ڊڳو
وَڳو
ڀُڳو
ڀِڳو
پُڳو
’نو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جا
مثال:
ڀِنو
ڀُنو
ڊنو
پُنو
نِپنو
رُنو
’ڻو‘ پڇاڙيءَ سان ٺهندڙ اسم مفعول جا
مثال:
آگهاڻو وڪاڻو
سَماڻو اُڀاڻو
ساماڻو اُجهاڻو
کاڻو
اُڏاڻو
وِساڻو ڪوُماڻو
4. سنڌيءَ ۾ فارسيءَ ۽ عربيءَ جا اسم
مفعول جا صيغا به عام طرح استعمال ۾ ايندا آهن، جن
جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
آراسته برگزيده
پيوسته
فرسوده
آزرده پراگنده
داشته ڪشته
آزموده
پرورده دانسته
ڪشيده
آشفته پسنديده رنجيده
ڪنده
افسرده
پوشيده شڪسته مرده
بوسيده
پيچيده
شگفته
وابسطه
باز آمده ناديده خوارشده آسيب زده
تنگ آمده بازر سيده ذليل
شده ستم زده
حواس باخته عمر رسيده مسخ
شده غمزده
دل برداشته خودساخته منسوخ
شده قحط زده
ناخواسته استعمال شده دل شڪسته پس مانده
شڪسته خورده تحرير شده آتش زده باز
يافته
عربيءَ
جي اسم مفعول جي صيغن جا مثال:
مجذوب معذور محرم مذبذَب
مجروح
معشوق مرڪب مستثنى
محڪوم مقبول معزز
مستحڪم
مخدوم مفتول مقرب مستعمل
مرحوم منظور منظم منجَمَد
مردود منظوم متغير
منحَرَف
مصروف مرسَل متفرق منحَصَر
مظلوم ملزَم متزلَزلَ مندَرَج
اسم مفعول جو استعمال:
”اُٺ نه وڃي وڳ سين، ٻڌو چري نه ٻور.“
(شاهه کنڀات)
”ايءُ سانئينءَ جو سبب، جيئن ٻڏا ڪڍي ٻار مان.“
(شاهه: سريراڳ)
”هنئهين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.“
(شاهه: سهڻي)
”جت پڪو پرزا ٿئي تت ڪچو ڪندو ڪئن.“
(شاهه: سهڻي)
”مون کي جياريوءِ، پرينءَ جي ڳالهه ڪري،
ڊٺــــو اڄ اڏيوءِ، هنيڙو ڪوٽ برج جئن.“
(شاهه: سامونڊي)
”ڍايون نه ڍاپن، پسڻ منجهان پرينءَ جي.“
(شاهه: آسا)
”ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.“
(شاهه: ڏهر)
”عاشق معشوقن جي وٺي وهج سير.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”ماٺ ڪريو ماريون، ته ڪهيو سڻان ڪانگ جو.“
(شاهه: پورب)
”جِم وڃائين مور، کٽيو تنهنجو گهوريو.“
(شاهه: سريراڳ)
”ڦريا پَسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو.“
(شاهه: ڏهر)
”کاڻيون لوٺيون اکيون، ڪٺيون ڪين ڪڇن،
مٺيون ماٺ نه ڪن، هنيوُن رهن نه هوت ري.“
(شاهه: حسيني)
”عشق آهي نانگ، خبر کـــاڌن کي پوي.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”نئون لکيـــو آيوم، پرينءَ سندي پار جو.“
(سچل: ڀيروي)
”لکئــي منجهان لکَ، ذرو ضايع نه ٿئي.“
(شاهه: معذوري
”ماس هن مئـــل جو، اَمرن مهماني.“
(سچل:
ڪوهياري)
”منزلون مَين جون معـــذور کي مارين.“
(شاهه: سسئي)
”ڪوهيارو ٿي ڪات، ميـــوُن مارڻ آئيو.“
(شاهه: حسيني)
”وڍي ٿي وايون ڪري، ڪٺــل ڪوڪاري.“
(شاهه: معذوري)
”ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويــا ڪين ورن.“
”ويٺين ناهه وراڪو، ستين ڪونهي سنگ.“
(شاهه: سسئي)
”پاهڻ ۾ پاڻي، هـــاريون هارڻ آئيون.“
(شاهه: حسيني)
”ڀڳـــو ئي ڀير، جانسين رتــو راس ٿئي.“
(شاهه: ڪاپائتي)
’حقيقت پوشيده نه ٿي رهي.‘
’لاڳيتي مصيبت جهڙي تهڙي ماڻهوءَ کي حواس باخته
ڪري ڇڏيندو آهي.‘
’وقتي ناڪاميءَ تي دلشڪسته نه ٿجي.‘
’عمر رسيده ماڻهوءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي.‘
’ڪانه ڪا ڳالهه هر اصول کان مستثنى هوندي.‘
’مظلوم جي آهه جو جلد اثر ٿيندو آهي.‘
’آخرت جو ڇوٽڪارو انسان جي عملن تي منحصر آهي.‘
’آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ قوم جو منظم رهڻ
ضروري آهي.‘
’حضرت يوسف مصر جي بازار ۾ وڪاڻو هو.‘
اسم مفعول عطف طور به ڪم ايندو آهي، يعني جملي ۾
بيان ڪيل عمل جي سلسلي کي ڳنڍڻ جو ڪم ڪندو آهي،
جيئن هيٺين مثالن مان ظاهر آهي:
”اجهاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين.“
(شاهه: رپ)
”اچيو پون آڙاهه ۾، سر جو سانگ نه ڪن.“
(سچل:
آسا)
”ٻــاريو اُجهائين پرين، اجهــايو ٻارين.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”پاڙيو ويٺي، پاڙ، جيڪي لکيو لوح ۾.“
(شاهه:
سهڻي)
”پٽيـــو کڻي پار، جهنگل آهيڙين کي.“
(شاهه:
کاهوڙي)
”سي لڄايون لڇن، پسيو عيب اڳيان.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”وهڻ وهه ٿيوم، جــاڳيو ٿي جر هاريان.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”پاند جهليو تون پن، هن سونهاري سَڱ ۾.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”کايو کايو سور، لوچيو لڇيو اٿيان.“
(شاهه: رپ)
”سنيها سيڻن جا چوٽيءَ چڙهيــو ڏين.“
(شاهه:
پورب)
”اڄ پڻ اکڙيون، ســاريون رون سڄڻ کي.“
(شاهه: بروو
سنڌي)
”ســـتوئي سيڄ گهرين، جفا ڏئين نه جان.“
(شاهه: آسا)
”ايءَ پڻ ڪوڙي
سڌ، جيئن کليو کايو سمهين.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”کنيو کارن ۾ اچن، درا ۽ دويون.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”ڪارايل ڪارن کي ڳارا ڪيو ڳهن.“
(شاهه:
ڪارايل)
”نانگا ٿيا نهال، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.“
(شاهه: رامڪلي)
”پارس لڳي سون ٿيون، لوهاڻيون لوريون.“
(سچل:
ڪلياڻ)
”ويڙهـــيا
گهمن ولئين جهانگي منجهه جهنگن.“
(شاهه:
مارئي)
”هاڃـــاڪيو حمير، باله نئي ٿو بند ۾.“
(شاهه:
مارئي)
اسم، مفعول صفت به ٿي ڪم ايندو آهي، چند مثال هيٺ
درج ڪجن ٿا:
”اچي عذرائيل ستي جاڳائي سسئي.“
(شاهه:
حسيني)
”ڪلهـــي ڦــاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو.“
(شاهه:
حسيني)
”مئي متي مهراڻ ۾ پؤٽپو ڏيئي.“
(شاهه:
سهڻي)
”هاريــا ويڄ مياس، سڌ نه لهين سور جي.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
’اهو ڪي ڪجي جو آئيءَ ويل ڪم اچي.‘
’ڏٺي مک ڪو ڪونه ڳهندو آهي.‘
’اجــڙيل آسڻ ۽ ڦٽل اهڃاڻ ماضيءَ جو داستان
ٻڌائيندا آهن.‘
بعض حالتن ۾ اسم مفعول ظرفي صورت ۾ به
استعمال ٿيندو آهي، مثلاً: ڄاڻي ٻجهي يا ڄاڻي
واڻي، ڏسي وائسي، وري وري يا وريو وريو وغيره، اهي
لفظ ظرف ٿي ڪم ايندا آهن.
20 اسم حاليه: اهو مشتق لفظ جو
جملي ۾ فاعل يا مفعول جو حال يا ڪيفيت بيان ڪري ۽
اسم ٿي ڪم اچي، تنهن کي اسم حاليه چئبو آهي. اسم
حاليه صفت وانگر اسم سان هر حالت ۾ موافق رهندو
آهي.
اسم حاليه بنائڻ جا طريقا:
1. اصل يا مکيه فعل جي پوئين حرف تي
’پيشُ‘ هجڻ جي حالت ۾ سندس پٺيان ’ندو‘ پڇاڙي مذڪر
لاءِ، ’ندِي‘مؤنث لاءِ ’زير‘ هجڻ جي حالت ۾ مذڪر
لاءِ ’يندو‘ ۽ مؤنث لاءِ ’يندِي‘ پڇاڙي گڏڻ سان
اسم حاليه ٺهندو آهي، مثلاً: ’رَههُ‘ فعل مان اسم
حاليه جو صيغو ٺهندو ’رَهندو‘ يا ’رهندِي‘ ۽ ’لڏِ‘
فعل مان اسم حاليه ٿيندو ’لَڏيندو‘ يا ’لڏيندِي‘.
ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
پيش واري فعل مان ٺهندڙ اسم حاليه (مذڪر) جا مثال:
اُٿندو ٽڙندو
چَڙهندو
ڳَرندو
بَچندو ٺَرندو
دُکندو گُرهندو
ٻُڏَندو پَڙهندو
ڏکندو لُڻندو
ٻَرندو ڦاسندو
رسندو
مَرندو
ڀَڄندو جُڙندو
ڪُڇندو وَرندو
تَرندو ڄاڻندو
کَڻندو هَلندو
اسم حاليه (مؤنث) جا مثال:
اُڏندِي چَوندِي
ڪُسندِي وَڌندِي
ٻُڏندِي ڏَڪندِي
کِلندِي وَرندِي
ڀَڄندِي
ڊڄندِي
گهرندِي وَسندِي
تَرندِي رَسندِي
لَڳندِي
وَهندِي
ٺَرندِي سَڙندِي
لَهندِي
هِرندِي
چَڙهندِي ڪُڇندِي
مَرندِي
هَلندِي
زير واري فعل مان ٺهندڙ اسم حاليه (مذڪر) جا مثال:
اَڏيندو پاڙيندو ڌارِيندو
لاهيندو
اَڻِيندو پوکِيندو
ڊاهِيندو لوچِيندو
ٻارِيندو ڦاڙِيندو ساڙيِندو
ماريِندو
ڀَرِيندو جَڙِيندو ڪاهِيندو
ماڻِيندو
تَڙِيندو جاليندو کاريِندو نهاريِندو
ٺاهيندو چاڙهِيندو ڳارِيندو
هارِيندو
اسم حاليه (مؤنث) جا مثال:
آڻِيندِي
پالِيندِي
ڏوريِندِي
ڳاڙيِندِي
ٻارِيندِي جالِيندِي
سارِيندِي ڳولِيندِي
ڀانئِيندِي ڄَڻِيندِي
ڪاهيندي ماڻِيندِي
تَڙِيندو جاليندو کاريِندو نهاريِندو
ٺاهيندو چاڙهِيندو ڳاريِندو
هاريِندو
اسم حاليه (مؤنث) جا مثال:
آڻِيندي
پالِيندِي
ڏوريِندِي ڳاڙيِندِي
ٻارِيندِي جالِيندِي
سارِيندِي ڳولِيندِي
ڀانئِيندِي ڄَڻِيندي
ڪاهيندي ماڻِيندي
ڀَريندِي
چاڙهِيندِي
ڪوٺيندي
هاريندي
استثنى: ڪي مکيه فعل اهڙا آهن جن
جي پوئين حرف تي اگرچ پيش جي اعراب هوندي آهي، پر
انهن جي اسم حاليه جي ترڪيب ۾ ’يندو‘ يا ’يندي‘
پڇاڙي استعمال ٿيندي آهي، مثلاً: ’اچ‘ يا ’آءٌ،
’کاءُ‘ ۽ ’وَڃُ‘، انهن جي اسم حاليه جي صورت ٿيندي
’اِيندو‘، ’کائِيندو‘ ۽ ’ويندو‘. مؤنث جي صيغي
لاءِ ’ي‘ جو استعمال ٿيندو. وري ڪي فعل آهن جن جي
پوئين حرف تي ’زير‘ هوندي آهي، پر اسم حاليه جي
ترڪيب ۾ ’ندو‘ يا ’ندي‘ پڇاڙي استعمال ٿيندي آهي،
مثلاً: ’ڪَرِ‘فعل مان اسم حاليه ٿيندو ’ڪندو‘ يا
’ڪندي‘، حرف ’ر‘ حذف ٿي ويل آهي. انهيءَ جي صورت
’ڪريندو‘ به آهي، پر ان جو استعمال عام طور ڪونه
ٿيندو آهي.
’ڏي‘ ۽ ’ني‘ اهڙا فعل آهن جن جو پويون حرف
’ي‘ ساڪن آهي، پر اسم حاليه ٺاهڻ لاءِ انهن سان به
زير وارن فعلن جو قاعدو لاڳو ٿيندو ۽ انهن جو اسم
حاليه جو صيغو ٿيندو ’ڏِيندو‘ ۽ ’نِيندو‘.
اهڙا فعل جن جو پويون حرف همزه (ء) هوندو
انهن جي اسم حاليه جي ترڪيب ۾ هميشه ’يندو‘ يا
’يندي‘ پڇاڙي استعمال ٿيندي، مثلاً: ’اُڏاءِ‘ ۽
’سَتاءِ‘ فعل جو اسم حاليه مذڪر جو صيغو ٿيندو
’اُڏائِيندو‘ ۽ ’ستائِيندو‘ ۽ مؤنث جو صيغو ٿيندو
’اُڏائيندِي‘ ۽ ’ستائيندِي‘، ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
اُپائِيندو پرائِيندو
ڍَڪائِيندو لَڄائِيندو
اَڏائيندو
پَسائِيندو
رَسائِيندو لِڪائِيندو
اَجهائِيندو جاڳائِيندو
سَجائِيندو مَلهائِيندو
اَگهائِيندو جَلائِيندو
ڪَمائِيندو وَڌائِيندو
بَڻائِيندو جوڙائِيندو
ڳائِيندو
وَرائِيندو
پُڄائِيندو ڏکوئِيندو
ڳالهائِيندو وَسائِيندو
اسم حاليه مؤنث جا مثال:
اُجهائِيندِي
رُلائِيندي لڪائِيندِي
واجهائِيندِي
پَڇائِيندِي ريجهائِيندِي
مَڃائِيندِي وِڇائِيندِي
پَڇتائِيندي ڳائِيندِي
ملهائِيندِي وَسائِيندِي
پُسائِيندِي لَڄائيندِي
نِوائِيندي وَهائِيندِي
2. مجهولي حالت ۾ مکيه فعل جي پٺيان ’بو‘
پڇاڙي مذڪر جي صورت ۾ ۽ ’بي‘ مؤنث جي صورت ۾ ملائڻ
سان اسم حاليه ٺهندو آهي، مثلاً:
پاڙبو
ڌاربو گڏبو
پَسبو
ڏِسبو ڳولبو
پوکبو
ڪَبو ليکبو
مؤنث جو صيغو:
ٻاربِي
ڏِسبِي ڪَبِي
پَسبِي ساربِي
گَڏبِي
ڌاربِي
سَڏبِي ليکبِي
3.
اسم حاليه معطوفي ۽ ظرفي صورت به اختيار ڪندو آهي،
مثلاً: ايندي، ڪندي، گهمندي، ويندي، اُڏندي ۾
ايندي ۾، گهمندي ۾ وغيره.
اسم حاليه جو گردان:
|
فاعلي حالت |
عام صورت |
مجهولي صورت |
جنس |
واحد |
جمع |
واحد |
جمع |
واحد |
جمع |
مذڪر
مؤنث |
ڏِيندو
ڏِيندِي |
ڏيندا
ڏِينديون |
ڏِيندي
ڏِيندِيءَ |
ڏيندن
ڏِيندين |
ڏِبو
ڏِبي |
ڏِبا
ڏِبيون |
اسم حاليه جو فاعلي ۽ عام صورت ۾ استعمال:
”ايندن پڇي خبرون، وينـــدن پيرين پوءِ.“
(شاهه: حسيني)
”ڀڄنديــون ڪيم چئيج، ويڻ ورائي سامهون.“
(شاهه:
سارنگ)
”چونــدن ڪيم چئيج، ويڻ ورائي سامهون.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ڏوُر ڏکنـــدا ڀڄ، مِهَر منهن ڏيکاريو.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ڏورينديـــون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.“
(شاهه:
حسيني)
”ڏينــدا مون ڏير ويا، جهڄڻ ۽ جهوري.“
(شاهه: سسئي)
”نانگا ڪن نه ننڊ، وڃن رونـــدا رام ڏي.“
(شاهه:
رامڪلي)
”رئنديون ڏٺيون مون، اي در مٿي دادليون.“
(شاهه: ليلان
چنيسر)
”سڪندين کي،
سيد چئي، ڪين جهليندو جهنگ.“
(شاهه: سهڻي)
”ويچاريءَ وڏو ڪيو، وينــدن پٺيءَ وس.“
(شاهه:
سسئي)
”ڪرها ڪسر ڇڏ، وِک وڌندي پاءِ.“
(شاهه: کنڀات)
’هڪڙا ٻڏندن کي ٻوڙن، ٻيا تارن.‘
’چڙهندي کي هرڪو سلام ڪري پر لهندي کي ڪو ڪونه
ليکيندو آهي.‘
’بزدل ماڻهو وڙهندن جي پٺ ۾ ۽ ڀڄندن جي اڳ ۾ هوندا
آهن.‘
اسم حاليه جو معطوفي ۽ ظرفي صورت ۾ استعمال:
”پلئي پايو سچ آڇينـــدي لڄ مران.“
(شاهه:
سريراڳ)
”اڏينــدي اوڏن، لڏڻ جي ڪانه ڪئي.“
(شاهه: ڏهر)
”شمع ٻــاريندي، شب پرهه باکون ڪڍيون.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”پلاڻينــدي پاڻ ۾، ڪڇيو ڪين ڪٺن.“
(شاهه:
ديسي)
”پورينـــدي هن پار ڏي، سڌر کڻج ساز.“
(شاهه:
کنڀات)
”تارا ڪتيون تائب ٿيا ديکيندي دلبر.“
(شاهه:
کنڀات)
”آهه: ڪريندي ساهه، ڪڏهن ويندو نڪري.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ڳالهيون ڪندي
ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ خون کلنــدي ڪن.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”نئي ۾ ننڊون ڪن، وڄ کنــودي ويسرا.“
(شاهه:
سريراڳ)
”جا ڏنيم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.“
(شاهه:
مارئي)
”بک مرندي بکيا، ڪنهن کان ڪين گهرن.“
(شاهه:
رامڪلي)
”ناسيندي نگاهه، پهرين ڪج پرينءَ ڏي.“
(شاهه:
کنڀات)
”سلطاني سهاڳ، ننــڊون ڪندي نه ٿئي.“
(شاهه: ڏهر)
”واجهائيندي ورهه ٿيا، هڏ نه گڏيم هوت.“
(شاهه:
معذوري)
”وينــدي وير چانگن جو چريو ڪين چڙو.“
(سچل: ڪوهياري)
”هلنــدي حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌ.“
(شاهه:
کنڀات)
’گهريا مجلس ۾ اٿندي وهندي ۽ ايندي ويندي
انسان کي شائسته طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي.‘
’اڏندي ۾ پکي پنهنجا پر کليل رکندو آهي.‘
’ماروُ ماڻهو وسندي ۾ پنهنجا مال ميدانن ۽
تراين ۾ ڪاهي ويندا آهن.‘
’ڪي ماڻهو حيثيت هوندي به ٻين جي مدد ڪرڻ
کان ڪيٻائيندا آهن.‘
4. اسم حاليه جو مجهولي صيغو جملي ۾ فعل
بي فاعل يا متعدي مجهول جو ڪم ڏيندو آهي، ان جو
استعمال هيٺ ڏجي ٿو:
”صباح سڀيئي پســبيون پاتار ۾.“
(شاهه: سهڻي)
ڌڱ لٽبـــا ڌوڙ ۾ اڀي ٺاسون.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”ڪبو ڪُهه روئي، صبح پوندي سانگ سڀڪنهين.“
(شاهه:
کنڀات)
’ماڻهوءَ کي سندس لڇڻن مان پرکبو آهي.‘
’جيڪي پوکبو سو لڻبو.‘
(21) اسم استقبال: اهو مشتق لفظ،
جنهن مان ايندڙ زماني ۾ ڪنهن ڪم جو جاري ٿيڻ معلوم
ٿئي ۽ جملي ۾ اسم طور ڪم اچي سگهي، تنهن کي اسم
استقبال چئبو آهي.
فعل معروف يا مجهول جي مصدر پٺيان حرف علت
گڏڻ سان اسم استقبال ٺهندو آهي اهو جنس توڙي عدد
پٽاندر ڦيرو کائيندو آهي، مثلاً:
1.
معروفي صورت جا مثال:
ڀَڄڻو ڏورڻو
ڪَرڻو مَرڻو
ٿِيڻو ڏيڻو
کائڻو مُنجهڻو
پَڇڻو ڊڄڻو
ڳائڻو وَڄڻو
پُڙهيو ڊُڪڻو
ڳَنڍڻو وَڃڻو
ڦِرڻو
رَهڻو ڳَڻڻو
وَرڻو
جوڙڻو سِڪڻو
ڳَهڻو وَسڻو
چوَڻو سِکڻو
لِکڻو وَهڻو
ڏِسڻو سَهڻو لنگهڻو
هَلڻو
گردان:
|
فاعلي حالت |
عام صورت |
جنس |
واحد |
جمع |
واحد |
جمع |
مذڪر
مؤنث |
ڳائڻو
ڳائِڻي |
ڳائڻا
ڳائڻُيون |
ڳائڻِي
ڳائڻِيءَ |
ڳائڻن
ڳائڻين |
2. مجهولي صورت جا مثال:
ٻُجهڻو
جُڙڻو
ڪُسڻو
ڀُرڻو جُهرڻو
کُلڻو
ٺَهڻو
ڇُٽڻو گَسڻو
پُسڻو
ڏِيڻو مڙڻو
گردان:
|
فاعلي حالت |
عام صورت |
جنس |
واحد |
جمع |
واحد |
جمع |
مذڪر
مؤنث |
ڪُسڻو
ڪُسڻِي |
ڪُسڻا
ڪُسڻُيُون |
ڪُسڻي
ڪُسڻيءَ |
ڪُسڻن
ڪُسڻِيُن |
3. بالواسطه واري صورت:
ٻُڌائڻو سَتائڻو گُسائڻو
مُنجهائڻو
پڇائڻو
ڪرائڻو ڳنڍائڻو وَڄائڻو
ڇڏائڻو
کارائڻو لِکائڻو ويڙهائڻو
ڏکوئڻو
کِلائڻو مَچائڻو هَلائڻو
گردان:
|
فاعلي حالت |
عام صورت |
جنس |
واحد |
جمع |
واحد |
جمع |
مذڪر
مؤنث |
وَڄائڻو
وَڄائڻِي |
وَڄائڻا
وَڄائڻيون |
وَڄائڻي
وَڄائڻِيءَ |
وَڄائڻن
وَڄائِڻُيُن |
اسم استقبال جو استعمال:
”مورُک مام نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن.“
(سچل: آسا)
”واهڙ ڀريون نه پاءِ، تو پڻ لکيو ڏيڻــو.“
(شاهه: سهڻي)
”لنگهي آ لهڻــو سچل سر سردار جو.“
(سچل:
سورٺ)
”ريءَ مصلحت مڱڻـــا، قصر ڪين اچن.“
(شاهه: سورٺ)
”مينهن مندائتا وســـڻا، سدا وسين تون.“
(شاهه:
پرڀاتي)
’هر ڪنهن انسان کي پنهنجي ڪئي جي جزا يا
سزا اوس ڀوڳڻي آهي.‘
پڇڻو ڪڏهن نه منجهڻو.‘
’هر ڪنهن کي اڳي پوءِ هي جهان ڇڏڻو آهي.‘
|