اضافت مجازيءَ جو استعمال:
”اُلا جي عشق جا سي تان تون نه سهين.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”مون سر وٺا جيڏيون ڏکــن سندا مينهن.“
(شاهه:
سامونڊي)
”پائي ويا پــرت جو زوراور زنجير.“
(شاهه:
سسئي)
”پنهونءَ وڌم پيچ، نسوروئي نينهن جو.“
(شاهه:
حسيني)
”گوندر جا گهوڙا وڃن جان جدا ڪيو.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”چارڻ تنهنجي چنگ ۾ توحيــد جي تار.“
(شاهه:
سورٺ)
”محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ.“
(شاهه:
سريراڳ)
”ڏيندا ٻُڪي ٻاجهه جي، ويندءِ ٺپ ٺري.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”پڃرو جو پاپن جو سو چوٽيءَ تائين چور.“
(شاهه:
سريراڳ)
”ادب ۽ اخلاص جا سڙهه ٻڌج سوري.“
(شاهه:
سريراڳ)
”ٻــانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفــت جا سچا سوديائون.“
(شاهه:
سريراڳ)
”قاتل فوج حسن جي آئي، ڪاهون ڪاهه ڪٽڪ.“
(سچل: ڀيروي)
مٿين سٽن ۾ ٿلها لفظ مثالي آهن، جن جي
حالت اضافت مجازي يا تشبيهي آهي.
6. حالت اضافت نسبتي:
اضافت واري جملي ۾ جيڪڏهن مضاف ۽ مضاف
اليه جي وچ ۾ ڪو نسبي يا نسلي رشتو ڏيکاريل هجي يا
مضاف جي مضاف اليه سان ڪا نسبت ڄاڻايل هجي ته ان
مضاف اليه جي حالت اضافت نسبتي چئبي، مثلاً: الله
جي مخلوق، ملڪ جو حاڪم، قوم جو سردار، سيٺ جو
نوڪر، پيءُ جو پٽ وغيره. انهن ترڪيبن، ملڪ، قوم،
سيٺ ۽ پيءُ جي حالت اضافت نسبتي آهي.
اضافت نسبتي جو استعمال:
ڪڇ ڪمايم ڪوڙ، ڀڳم عهد الله جا.“
)
شاهه: سريراڳ)
”ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون ته ڪتا کِينئي ڪيچ جا.“
(شاهه:
معذوري)
”وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهونءَ جو.“
(شاهه:
حسيني)
”سامونڊي ڪو سڱ، آهي گوندر گاڏئون.“
(شاهه:
سامونڊي)
”تون گهڻين سندو گهوٽ مون وَرُ تونهين هڪڙو.“
(شاهه: مومل
راڻو)
’سلطانه رضيه التمش جي ڌيءُ آهي.‘
*
’چڱن جو اولاد گهڻو ڪري چڱو ٿيندو آهي.‘
*
مٿين سٽن ۾ ٿلها لفظ مثالي آهن، جن جي
حالت اضافت نسبتي آهي.
5. حالت ندا يا ندائي:
جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير کي حاضر سمجهي
سڏيو يا پڪاريو وڃي يا ان کي خطاب ڪيو وڃي، تنهن
جي حالت ندا يا ندائي چئبي آهي، ’ندا‘ جي معنى آهي
’سڏ‘ يا ’پڪار‘ ’اي‘، ’او‘، ’اڙي‘، وغيره ندا جا
حرف آهن، جي سڏ ڪرڻ يا پڪارڻ لاءِ استعمال ٿيندا
آهن، مثلاً: ’اي انسان‘، او مسافر، اڙي ڇوڪر
وغيره. انهن ترڪيبن ۾ انسان، مسافر ۽ ڇوڪر جي حالت
ندائي آهي.
ڪن حالتن ۾ ندا جي لفظن ڪم آڻڻ کانسواءِ
به اسم جي حالت ندائي رهندي آهي، اهڙن اسمن جي
پوئين آواز ۾ ندا جي لفظن جو زور سمايل هوندو آهي،
مثلاً: ڪنهن کي ’پُٽَ‘ چوڻ جو مطلب ٿيندو ’اي
پُٽَ‘، ’ٻارو‘ جو مطلب ٿيندو ’اي ٻارو‘. اهڙين
مختلف صورتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
1. جيڪڏهن واحد مذڪر اسم جو پڇاڙيءَ وارو
آواز ’اُ‘ هوندو آهي ته ندائي حالت ۾ اهو واحد جي
صيغي ۾ ڦري ’اَ‘ ۽ جمع جي صيغي ۾ ڦري ’او‘، ’آ‘ يا
’اَو‘ ٿي پوندو آهي، مثلاً:
مذڪر اسم
ندائي حالت
واحد جمع
واحد
جمع
ٻارُ ٻارَ
ٻارَ
ٻارو
ڀاءُ ڀائرَ
ڀاءَ
ڀائرو
پُٽُ پُٽَ
پُٽَ
پُٽو
جَتُ جَتَ
جَتَ
جَتا، جَتَو
ڇوڪَرُ ڇوڪرَ ڇوڪَر ڇوڪروَ
دوستُ دوستَ دوستَ دوستو
عزيزُ عزيزَ
عزيزَ
عزيزو
مؤمنُ مؤمنَ
مؤمنَ
مؤمنو
مجاهدُ مجاهدَ
مجاهدَ مجاهدو
يارُ يارَ
يارَ
يارو
2. جيڪڏهن واحد مذڪر اسمن جي پڇاڙي ’آ‘،
’اِ‘، اِي اَؤ هوندي آهي ته ندائي حالت ۾ واحد جي
صيغي ۾ انهن جي صورت ساڳي رهندي، پر جمع جي صيغي ۾
ڦري ’او‘، ’اؤ‘ يا ’تا‘ ٿي پوندي آهي، مثلاً:
آقا آقا
آقا آقائو
ديوتا ديوتائون
ديوتا ديوتائون
راجا راجائون
راجا
راجائو
سيٺِ سيٺيُون سيٺ
سيٺيو، سيٺئو، سيٺئا
جوڳِي جوڳِي
جوڳِي جوڳيو، جوڳئا
سپاهِي
سپاهِي
سپاهِي
سپاهيو
قيدِي قيدِي
قيدِي قيديو
ڪيچي ڪيچي ڪيچي ڪيچيا، ڪيچيو،
ڪيچيؤ
منشي منشي منشي
منشيو
ماڙهُو ماڙهُو
ماڙهُو ماڙهئا، ماڙهئو
واٽاهُو واٽاهُو
واٽاهُو واٽا هئا، واٽا هئو
هندوُ هندوُ
هندُو هندئا، هندئو
1.
جيڪڏهن واحد مذڪر اسمن جي پڇاڙي ’او‘ هوندي آهي ته
ندائي حالت ۾ واحد جي صيغي ۾ ڦري ’آ‘ ۽ جمع جي
صيغي ۾ ڦري ’او‘ يا ’اَؤ‘ ٿي پوندي آهي. پر جمع ۾
ڦري ’او‘، ’اوُن‘ يا ’رو‘ ٿي پوندي آهي. مثلاً:
مؤنث اسم
ندائي اسم
واحد جمع
واحد جمع
ڀيڻُ ڀيڻوُن. ڀينرُ
ڀيڻُ ڀينرُ، ڀينرو
ڌِيءُ ڌيون، ڌيئر،
ڌيءُ ڌيون، ڌيئون،
ڌِيءُ، ڌيئرون
ڌيئرو
سَسُ سَسُون
سَسُ سَسُون
ماءُ مائون، مائر
ماءُ، مائون، مائرون
مائرون
مائرون
نُنهُن نُنهُون ،
نُهَرَ نُنهُن ننهُون، نُهرون
نُهَن نُهَرون
نُهُن
نُهَرو
زالَ زالون
زالَ زالون
ماتا ماتائون
ماتا
ماتائون، ماتائو
ڇوڪرِي ڇوڪريون
ڇوڪرِي ڇوڪريون.
ڇوڪريئون
مائِي مائيون
مائِي
مائيون
5. ڪڏهن ڪڏهن مذڪر اسم واحد جي پٺيان ’ه‘
۽ جمع جي پٺيان ’اَ‘ ملائڻ سان ندائي صورت ٺهندي
آهي.
مثلاً:
اسم
ندائي حالت
واحد:
حامي حاميہ
جمع:
پرِين پرياه
6. شعر ۾ اسم جي پٺيان ’آ‘، ’يا‘ ’آء‘
پڇاڙي گڏڻ سان ندائي صورت پيدا ٿيندي آهي، مثلاً:
اسم
ندائي حالت
وَڙآ وڙاء
وَڻُ وڻا، وڻاء
ندائي حالت وارن لفظن جو استعمال:
”لڳم ٻاڻ ٻروچ جو امــڙِ پل مَ مون.“
(شاهه: حسيني)
”رُلــي ڀانيئي راند، ٻانڀڻ، عشق ٻروچ جو،“
(شاهه:
حسيني)
”آءٌ اوهان جي آهيان، ٻانهي ٻروچاه.“
(شاهه:
حسيني)
”ڪا جا ڳالهه ڳري، ٻيجليا ٻڌاءِ مون.“
(شاهه:
سورٺ)
”ڏک لڳو، ڏونگر ٻريو، ڀينرُ کاڻي ڀون.“
(شاهه:
حسيني)
”راڻــا رسڻ ڇڏ، وارِ ڪرهو ڪاڪ تي.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”زاغَ تنهنجي ذات جو ٿورو مٿي مون.“
(شاهه:
پورب)
”اديون ڪا ايندي، ڇپر مون سڱ ٿيو.“
(شاهه:
حسيني)
”ڪرڪو ڀيرو
ڪانڌَ، مون نماڻيءَ جي نجهري.“
(شاهه: ڏهر)
”آءٌ ڪانگا
ٻهه ڪول، سُڌيون ڏي ساڻيهه جون.“
(شاهه:
پورب)
”هلندي حبيبن ڏي، ڪرهــا موڙ مَ ڪنڌ.“
(شاهه:
کنڀات)
”وڳــر ويا وهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي.“
(شاهه:
ڏهر)
”تان ڪا ورِ ڪجاه ڪميڻيءَ تي ڪيچيا.“
(شاهه:
حسيني)
”ليلان ليلائيج، اٿيئي ماڳ منٿ جو.“
(شاهه: ليلان
چنيسر)
”متو آهين مَڇَ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين.“
(شاهه:
ڏهر)
”مــارئڙا ماندي، آءٌ اوهان ريءَ آهيان.“
(سچل:
کنڀات)
”پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ پسو ماڙهوئــا.“
(مخدوم
نوح)
”وڌو ڪيم وڻاءُ، اوچا ڏونگَر مَ ٿيو.“
(شاهه:
معذوري)
”آءُ اُڏامي هنجڙا، سر ۾ سارينئي.“
(شاهه:
ڪرايل)
اســمن جي عام صورت:
جملي ۾ اسم يا ضمير حالتن ۾ واقع ٿيندو
آهي، جن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي، ۽ هر حالت مطابق
ان جي صورت ۾ ڦيرو ايندو رهندو آهي. مثلاً:
1.
ڪڪرَ مينهن وسائن ٿا.
2.
ڪڪرن مان مينهن وسي ٿو.
3.
وسندڙ مينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ يا ڪم ڪار ڏکيو ٿيندو آهي.
4.
سمنڊن جو پاڻي ٻاڦ ٿي ڪڪرن جي صورت وٺي ٿو.
مٿين جملن ۾ ڏٺو ويندو ته ’ڪڪرَ‘ جو اسم آهي ۽
پهرئين جملي ۾ فاعلي حالت ۾ آهي، ٻئي ۽ چوٿين جملي
۾ جدا جدا مفعولي ۽ فاعلي حالت ۾ آيو آهي. ٽئين
جملي ۾ جري حالت ۾ واقع ٿيو آهي ۽ ان جي پيش واري
پڇاڙي بدلجي زبر واري ٿي پيئي آهي. مفعولي، جري ۽
اضافي حالتن کي گڏي ’عام صورت‘ به چئبو آهي. هيٺ
مختلف پڇاڙين وارن اسمن جي فاعلي ۽ عام صورت جا
مثال هيٺ ڏجن ٿا.
1.
’اَ‘ پڇاڙيءَ وارن اسمن جي عام صورت واحد جي صيغي
۾ ساڳي رهندي آهي، پر جمع ۾ انهن جي ’اوُن‘ پڇاڙي
ڦري ’اُن‘ ٿي پوندي آهي، مثلاً:
فاعلي صورت
عام صورت
واحد جمع
واحد جمع
اَڏُ اَڏوُن
اَڏَ اَڏُن
ڀِٽَ ڀِٽُون
ڀِٽَ ڀِٽُن
تارَ تارُون
تارَ تارُن
رَڳَ رَڳُون
رَڳَ رَڳُن
زالَ زالُون
زالَ زالُن
سِٽَ سِٽُون
سِٽَ سِٽُن
لامَ لاَمُون
لامَ لامُن
لِيڪَ لِيڪُون
لِيڪَ لِيڪَن
مُندَ مُندُون
مُندَ مُندُن
وِکَ وِکُون
وِکَ وِکُن
هوڙَ هَوڙُون
هَوڙَ
هَوڙُن
2. ’آ‘ پڇاڙي وارن اسمن جي عام صورت واحد
جي صيغي ۾ فاعليءَ واري رهندي آهي، پر جمع ۾ ’ئون‘
پڇاڙي مٽجي ’ئُن‘ ٿي پوندي آهي. مثلاً:
فاعلي صورت
عام صورت
واحد جمع
واحد جمع
بَلا بَلائُون
بَلا
بَلائُن
جفا جفائُون
جفا جفائن
ديوتا
ديوتائُون ديوتا ديوتائن
راجا راجائُون
راجا
راجائن
غُفا غُفائُون
غُفا
غُفائن
ڪَٿا ڪَٿائُون
ڪَٿا ڪَٿائن
هَچا هَچائُون
هَچا هَچائُن
3. ’اِ‘ پڇاڙيءَ وارن اسمن جي عام صورت
واحد جي صيغي ۾ فاعليءَ جهڙي هوندي آهي، پر جمع ۾
’يُون‘ پڇاڙيءَ جي مخفف صورت ’يُن‘ استعمال ٿيندي
آهي يا فقط حرف ’ن‘ ڪم ايندو آهي، مثلاً:
فاعلي صورت
عام صورت
واحد جمع
واحد جمع
اَکِ اکيُون
اَکِ اکيُن، اکن
ڀِتَ ڀِتيون
ڀِتِ ڀِتُين، ڀِتِن
جَنگِ جَنگُيون
جَنگِ جَنگُين، جَنگِن
دِلِ دِليُون
دِلِ دِليُن، دِلِن
ڌُرِ ڌُرِيُون
ڌُرِ ڌُريُن، ڌُرِن
سيٺ سيٺيُون
سيٺ سيٺيُن، سيٺِن
لَٺ لَٺيُون
لَٺِ لَٺيُن، لَٺِن
مَکَ مَکيُون
مَکِ مَکُين، مَکِن
وَلِ وَليُون
وَلِ وَليُن، وَلِن
راتِ راتيُون
راتِ
راتيُن، راتِن
کاڻِ کاڻيُون
کاڻِ کاڻيُن، ڳالهِن
ڳالههِ ڳالهيُون
ڳالههِ ڳالهيُن، ڳالهِن
لاتِ لاتيُون
لاتِ لاتيُن، لاتِن
4. ’اِي‘ پڇاڙيءَ وارن اسمن جي عام صورت
واحد جي صيغي ۾ ساڳي فاعليءَ واري رهندي آهي، البت
پٺيان ’ءَ‘ پڇاڙي لڳائبي آهي ۽ جمع مذڪر جي ’اِي‘
َ يا جمع مؤنث جي ’اوُن‘ پڇاڙي مٽجي ’اُن‘ يا
’اِن‘ ٿي پوندي آهي، مثلاً:
مذڪر اسم:
واحد جمع
واحد جمع
آدمِي آدمِي
آدمِيءَ آدمُن، آدمِن
ٻيلِي ٻيلِي ٻيلِيءَ،
ٻيليُن، ٻيلِن
جوڳِي جوڳِي جوڳيءَ
جوڳيُن، جوڳِن
حاجِي حاجِي حاجيءَ
حاجيُن، حاجِن
ڌِڻِي ڌَڻِي
ڌڻيءَ ڌَڻيُن، ڌڻِن
ڌوٻِي ڌوٻِي
ڌوٻيءَ ڌُٻُين، ڌوٻِن
ساٿِي ساٿِي ساٿيءَ
ساٿيُن، ساٿُن
سانگِي
سانگِي
سانگيءَ
سانگيُن، سانگِن
قَيدي قيدِي قيديءَ
قَيديُن، قَيدنِ
هاٿِي هاٿِي
هاٿيءَ هاٿيُن، هاٿِن
هارِي هارِي
هاريءَ هاريُن، هارِن
نوٽ: شعر ۾ اڪثر عام صورت واري جمع جي
صيغي جي ’ي‘ حرف ڪيرايو ويندو آهي، جيئن مٿي
ڏيکاريو ويو آهي ۽ هيٺين مثالن مان ظاهر آهي:
”اڄ مروت ۽ وفات منجهه آدمن آهي الڀ.“
(آخوند محمد قاسم)
”دايون درمانديون ٿيون، ٻائِن ٻاڏايو.“
(شاهه: سورٺ)
”هارِن هر سنباهيا سرها ٿيا سنگهار.“
(شاهه:
سارنگ)
مؤنث اسم:
بَتِي بتيُون
بتِيءَ بتُين، بَتِن
ٻانهِي ٻانهُيون ٻانهيءَ
ٻانهُين، ٻانهِن
ٻولِي ٻوليُون
ٻوليءَ
ٻوليُن، ٻولِن
ٻِيڙِي ٻيڙيُون
ٻيڙيءَ ٻيڙيُن،
ٻيڙِن
پَرِي پَريُون
پَرِيءَ پَريُن، پَرِن
پيٽِي پيٽيُون
پيٽِيءَ
پيٽُين، پيٽِن
چوٽِي چوٽيُون
چوٽيءَ
چوٽيُن، چوٽِن
ڇوڪرِي ڇوڪريُون
ڇوڪريءَ
ڇوڪرين، ڇوڪرن
دائِي دائيُون، دايُون
دائِيءَ
دائيُن، دايُن، دائِن
ڏاچِي ڏاچِيُون
ڏاچِيءَ
ڏاچيُن، ڏاچِن
راڻِي راڻيُون
راڻِيءَ راڻيُن، راڻِن
5. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اُ‘ آهي عام
صورت ۾ مذڪر جي حالت ۾ اها پڇاڙي مٽجي ’اَ‘ ٿي
پوندي آهي، مگر مؤنث جي حالت ۾ قائم رهندي آهي ۽
جمع جي صيغي ۾ مذڪر لفظ جي پٺيان حرف ’ن‘ جو اضافو
ٿيندو آهي ۽ جمع مؤنث جي پڇاڙي ’اؤن‘ جي جاءِ تي
به حرف ’ن‘ استعمال ٿيندو آهي، مثلاً:
فاعلي صورت عام صورت
واحد جمع
واحد جمع
بَرُ
بَرَ بَرَ
بَرَن
جَتُ جَتَ
جَت جَتَن
چَنڊُ
چَنڊَ چَنَڊ چَنڊَن
ڍَڪُ ڍَڪَ
ڍَڪَ ڍَڪَن
سَنڌُ
سَنڌُ سَنڌُ سَنڌَن
ٿَڻُ
ٿَنَ ٿَڻَ ٿَڻَن
ڪَکُ ڪَکَ
ڪَکَ ڪَکَن
گَسُ گَسَ
گَسَ گَسَن
گهَرُ
گهَرَ گهَرَ گهَرَن
وَڻُ
وَڻَ وَڻَ وَڻن
ڄارُ
ڄارَ ڄارَ ڄارَن
گاههُ
گاههَ گاههَ گاهَن
سِجُ سِجَ
سِجَ سِجَن
سڙههُ سِڙههَ
سِڙههَ سِڙهَن
لِڱُ لِڱَ
لِڱَ لِڱَن
تِيرُ
تِيرَ تِيرَ
تِيرَن
مِيرُ
مِيرَ مِيرَ
مِيرَن
وِيرُ
وِيرَ وِيرَ
ويرَن
اُٺَ
اُٺَ اُٺَ اُٺَن
پُٽُ پُٽَ
پُٽَ پُٽَن
حُرُ
حُرَ حُرَ
حُرَن
گُلُ
گُلَ گُلَ گُلَن
پُورُ
پُورَ پُورَ
پُورَن
کُوههُ
کُوههَ کُوههَ کُوهَن
چورُ چورَ
چورَ چورَن
ڍورُ
ڍورَ ڍورَ ڍورَن
ڳوٺُ ڳوٺَ
ڳوٺَ ڳوٺَن
گهوٽُ
گهوٽَ
گهوٽَ گهوٽَن
ٻيٽُ ٻيٽَ
ٻيٽَ ٻيٽَن
ڏيرُ
ڏيرَ ڏيرَ ڏيرَن
مؤنث اسم:
تَندُ
تَندُون تَندُ
تَندُن
سَسُ سَسُون
سَسُ
سَسُن
کَنڊُ کَنڊُون
کَنڊُ
کَنڊُن
مَسُ مَسُون
مَسُ مَسُن
وَٿُ
وَٿُون وَٿُ وَٿُن
وِڄُ
وِڄُون وِڄُ وِڄُن
ماءُ مائون، مائرون
ماءُ مائن، مائرن
6. ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارن جن مذڪر اسمن جو
پويون حرف حمزه (ءُ) هوندو آهي، انهن جي عام صورت
۾ ڪن حالتن ۾ اهو مٽجي ’و‘ ٿي پوندو آهي. مثلاً:
ڀَوءُ
ڀَوَ ڀَوَ
ڀَوَن
تَوءُ
تَوَ تَوَ
تَوَن
ڏَنءُ
ڏَنوَ ڏَنوَ
ڏَنوَن
ڍَءُ
ڍَوَ ڍَوَ
ڍَوَن
رَءُ
رَوَ رَوَ
رَوَن
سَوءُ سَوَ
سَوَ سَوَن
پاءُ پاوَ
پاوَ پاوَن
ٿانءُ ٿانوَ، ٿانءُ
ٿانوَ، ٿانءَ ٿانوَن، ٿانئَن
ڪانءُ ڪانوَ، ڪانءَ ڪانوَ، ڪانءَ
ڪانوَن، ڪانئَن
گهاءُ گهاوَ، گهاءَ گهاوَ،
گهاءَ گهاوَن، گهائَن
جن اسمن جي پوئين حرف ‘ءُ‘ جي اڳئين حرف
جو آواز يا اُچار ’اِي‘ هوندو ته همزه کي ’و‘ ۾
مٽائڻ جي ضرورت نه پوندي. مثلاً:
جيءُ جيءَ
جيءَ جِيئَن
سِيءُ سِيءَ
سِيءَ سِيئَن
وِيءُ
وِيءَ وِيءَ وِيئَن
7. ’اُ‘ َ پڇاڙي وارن بي قاعدي ٺهندڙ مذڪر
توڙي مؤنث اسمن جي عام صورت واحد ۾ ساڳي رهندي،
البت ڪن حالتن ۾ پيش زبر ۾ تبديل ٿيندو آهي ۽ جمع
۾ ’اُون‘ پڇاڙيءَ جي بدران حرف ’ن‘ ڪم ايندو آهي.
مثلاً:
پيءُ پِئَرُ، پِئَرُ، پِئُرَ
پيءُ پِئُن، پِئَرُن، پَئُرَن
ڀاءُ ڀائُرَ، ڀائِرُ، ڀائِرَ
ڀاءُ ڀائُن، ڀائُرِن، ڀائِرَن
ڀيڻُ ڀيڻُون، ڀينَرُ، ڀينرُون ڀيڻُ،
ڀيڻَ، ڀينَرُن، ڀينِرُن
ڌِيءُ ڌِيئَرُ،
ڌِئَرُ، ڌيءَ ڌِيئَرُن،
ڌيئُن،
ڌيءَ ڌيئرُون، ڌيُون ڌيءَ
ڌئَن
مَاءُ مائُون، مَائِرُ، مائِرون،
ماءُ مائُن،مائِرُن، مائُرُن
مائُرون
نُنهَن نُنهُون، نُهَرُ، نهرُون
نُنهُن نُنهُن، نُهَنِ، نُهَرُن
نُهن نُهرُون
نُهَن نُهَرُن
8. جن اسمن جي پڇاڙي ’اُو‘ آهي، تن جي عام
صورت واحد جي حالت ۾ ’ءَ‘ پڇاڙي ملائڻ سان ۽ جمع
جي صيغي ۾ پڇاڙيءَ واري حرف ’و‘ جي جاءِ تي ’ن‘
آڻڻ سان ٺهندي آهي، مثلاً:
فاعلي صورت
عام صورت
واحد جمع
واحد جمع
ڏينڀُو
ڏينڀُو ڏينڀُوءَ
ڏينڀُن
ماڻهُو ماڻهُو
ماڻهُوءَ ماڻُهن
مرُون مِرُون
مِرُونءَ
مِرُنِ
واڳُو
واڳُو واڳُوُ واڳُن
وِڇُون
وِڇُون وِڇُونءَ
وِڇُن
هندُو هِندوُ
هندُوءَ هِندَن
مؤنث اسم:
جُون جُون
جُونءَ جُونئُن
ڳَئُون ڳئُون
ڳئُونءَ ڳَئُن
9. جن مذڪر اسمن جي پڇاڙي ’او‘ آهي، انهن
جي عام صورت واحد جي صيغي ۾ ’و‘ جي بجاءِ ’ي‘ آڻڻ
سان ۽ جمع جي صيغي ۾ ’ن‘ آڻڻ سان ٺهندي آهي.
مثلاً:
فاعلي صورت
عام صورت
واحد
جمع واحد جمع
پَنو
پَنا پَنِي پَنَن
ٻَچو
ٻَچا ٻَچي ٻَچَن
ڳَلو
ڳَلا ڳَلي ڳَلَن
ٻانهو
ٻانها ٻانهي ٻانَهَن
ڀالو
ڀالا ڀالي ڀالَن
تارا
تارو تاري تارَن
ڪانگو
ڪانگا
ڪانگ
ڪانگَن
قِصو
قِصا قِصي قِصَن
کِرو
کِرا کِري کِرَن
دِلو
دِلا دِلي دِلَن
جِيوڙو
جِيوڙا جِيوڙي جِيوَڙن
چِيلو
چِيلا چِيلي چِيلَن
حِيلو
حِيلا حيلي حِيلَن
پُکو
پُکا پُکي پُکَن
ڦُلو
ڦُلا ڦُلي ڦُلَن
ڪُتو
ڪُتا ڪُتي ڪُتَن
ڪُلهو ڪُلها
ڪُلهي ڪُلَهن
ڪُئو
ڪُئا ڪئي ڪُئَن
ٻُوٽو
ٻُوٽا ٻُوٽي ٻُوٽَن
بوتو
بوتا بوتي بوتَن
ڦوٽو
ڦوٽا ڦوٽي ڦوٽَن
ڇوڪرو
ڇوڪرا
ڇوڪري
ڇوڪَرن
گورو
گورا گوري گورَن
گهوڙو
گهوڙا گهوڙي
گهوڙَن
ڏَئُنرو
ڏَئُنرا ڏَئُنري
ڏَئُنَرن
ڇيلو
ڇيلا ڇيلي ڇيلَن
ليڙو
ليڙا ليڙي ليڙَن
ميوو
ميوا ميوي ميوَن
نيزو
نيزا نيزي نيزَن
مٿين مثالن مان معلوم ٿيو ته عام صورت ۾
’آ‘، ’اَ‘، ’اِ‘ پڇاڙين وارا واحد اسم ساڳي حالت ۾
رهندا آهن، ’اِي‘ ۽ ’اُو‘ پڇاڙين وارن واحد اسمن
کي پٺيان همزه ساڻ زبر (ءَ) لڳندي آهي، ’اُ‘
پڇاڙيءَ وارن واحد اسمن جي پڇاڙي مٽجي ’اَ‘ ٿي
پوندي آهي ۽ ’او‘ پڇاڙيءَ وارن واحد اسمن جي پڇاڙي
مٽجي ’اِي‘ ٿي پوندي آهي. جمع جي صيغي ۾ ’اَن‘،
’اِن‘، ۽ ’اُن‘ پڇاڙيون لڳنديون آهن.
اسمن جون عام صورتون ڪن حالتن ۾ فاعل جي
صيغي ۾ به استعمال ٿينديون آهن، اهي حالتون هي
آهن:
1. فاعل جو لفظ جيڪڏهن ’اِي‘، ’اُ‘، ’اُو‘
۽ ’او‘ پڇاڙيءَ وارو هوندو ۽ ان جي فعل جو لاڳاپو
ماضيءَ سان هوندو. مثلاً:
مالهيءَ گلن کي پاڻي ڏنو.
پُٽ ڪم ۾ پيءُ جي مدد ڪئي.
مرونءَ فصل تباهه ڪري ڇڏيو.
گهوڙي ٽپو ڏئي واهه پار ڪيو.
2. فاعل جيڪڏهن جمع ۾ هوندو ۽ ان جي فعل
جو لاڳاپو ماضيءَ سان هوندو، مثلاً:
زالن مڙدن لاءِ کاڌو تيار ڪيو.
راجائن گڏجي جنگ جي تياري ڪئي.
سيٺين مسافرن لاءِ سراءِ ٺهرائي.
هارين ٻنين ۾ ٻج ڇٽيو آهي.
اُٺن وڏو بيابان لتاڙي پار ڪيو.
ماڻهن زندگيءَ جي آرام لاءِ گهڻي ئي شيون
ايجاد ڪيون آهن.
گهوڙن ميلي ۾ عجيب ڪرتب ڏيکاريا.
عام صورت وارن اسمن جو استعمال:
”ٻانهي ٻاروچن جي، گولي ڇڏ مَ گَسُ.“
(شاهه: سسئي)
”چانگن سر چڙهي ويا ساٿي سوارا،
اکيون اوتارا، پسو رون پنهونءَ جا.“
(شاهه: سسئي)
”ڏونگر ڏَکَ سنداءِ، پرينءَ گڏجان ته چوان.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”ڪيئن آڙايئي پاندُ، پلُو پرڏيهين سين.“
(شاهه:
حسيني)
”ڪالهوڪو ڪاڏي ويو، سندو جوڳين جوڙ.“
(شاهه:
رامڪلي)
”ڪل شيءِ يرجع الٰي اصلہ، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ.“
(شاهه: مارئي)
”ٿَرَ کي ڀانئيو ٿوڪَ، جو ڍڪُ ڍاٽيڙن جو.“
(شاهه: مارئي)
”راڻين ۾ راڙو ٿيو، پُٽَن پئي پچار.“
(شاهه: سورٺ)
”جي ڀانئين وس چران ته سنگهارن سين گهار.“
(شاهه: سورٺ)
”ونگي ولين ويڙهيو ساڻ سناسين ساهه.“
(شاهه:
رامڪلي)
”ڏاهي هيس ڏيههَ ۾، سرتين منجهه سڄاڻ.“
(شاهه:
ليلان چنيسر)
”جي ماڻهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان.“
(شاهه: سسئي)
”ووڙيم سڀ وٿاڻَ، يــارَ ڪارڻ جَــتَ جي.“
(شاهه: سسئي)
”وييون پٻ پئي، کيرون کاهوڙين جون.“
(شاهه: کاهوڙي)
”ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر ڏينديئي ڏسُ.“
(شاهه: سسئي)
”تنهين وير ڪيوم، وَچنُ ويڙهيچن سين.“
(شاهه: مارئي)
”چانگي تي چڙهي ڪري، ڪندو
ورِو لهن،
مٿي معذورين، هوت ڌريندو هٿڙا.“
(شاهه: حسيني)
جهڙي طرح اسمن جون عام صورتون ڪن حالتن ۾
فاعل جي صيغي ۾ استعمال ٿينديون آهن، اهڙي طرح
فاعل وارا صيغا به مفعولي صورت اختيار ڪندا آهن.
مثال هيٺ ڏجن ٿا:
”رائيون نه پسي لبيس، دليون
پرکي داسڙو.“
(شاهه: ليلان چنيسر)
*
’ڪن ملڪن ۾ ماڻهو هرن ۾ اُٺ ۽ گهوڙا وهائيندا
آهن.‘
*
’زميندار زمينَ آباد ڪرڻ لاءِ هارِي رکندا آهن.‘
*
’ڪي مرد هڪ کان وڌيڪ زالون پرڻبا آهن.‘
*
’باندر وڻن تي چڙهي ميوو پٽي کائيندا آهن.‘
*
’مالهي وَڻُ پوکي کيس پاڻي ڏئي ٿو.‘
*
’ڪي شڪاري شوق سان مــِرُون ماريندا آهن.‘ |