مفعول مؤنث جمع: چِٺِيون
متڪلم: (چِٺِيون) پڙهيَم
(چِٺِيون) پڙهيونسون، پڙهيونسين
حاضر: چِٺِيون پڙهَيئي، پڙهَيءِ
(چِٺِيون)
پڙهَيوَ
غائب: (چِٺِيون) پڙهيون، پڙهيائين
(چِٺِيون) پڙهيون، پڙهيائون، پڙهيَن
مٿين مثالن مان معلوم ٿيندو، ته فاعل جي
جنس مٽائڻ سان ماضي مطلق جي صيغي ۾ ڪو ڦيرو نه ٿو
اچي.
متعدي فعل جي ماضي مطلق جو گردان:
ماضي مطلق جو صيغو جنهن جو مفعول مذڪر
واحد هجي، مثلاً: ’هَرڻُ‘.
گردان:
متڪلم: ڏٺُم، ڏٺوم
ڏٺُم، ڏٺوم
ڏٺوسون، ڏٺوسين، ڏٺوسون، ڏٺوسين
حاضر: ڏٺُئي ڏٺُءِ، ڏٺُئِي، ڏٺُءِ
ڏٺُوَ ڏٺووَ(3) ڏٺُوَ، ڏٺووَ
ڏٺوءِ (2) ڏٺوءِ
غائب: ڏٺو، ڏٺائين، ڏٺو، ڏٺائين، ڏٺو، ڏٺائون،
ڏٺُن، ڏٺو، ڏٺائون، ڏٺُن
ڏٺوس (4) ڏٺوس
ڏٺونِ ڏٺونِ
ماضي مطلق جو صيغو جنهن جو مفعول مذڪر جمع هجي،
مثلاً: ’هَرڻَ‘
متڪلم: ڏٺَم، ڏٺام (6) ڏٺَم، ڏٺام ڏاسون،
ڏٺاسين ڏٺاسون، ڏٺاسين
حاضر: ڏٺَئي، ڏٺَءِ، ڏٺاءِ (7)
ڏٺَئي، ڏٺءِ، ڏٺُوَ، ڏٺاوَ (8) ڏٺَوَ، ڏٺاوَ
غائب: ڏٺا، ڏٺائين، ڏٺا، ڏٺائين، ڏناس
ڏٺا، ڏٺائون، ڏٺَن، ڏٺائون، ڏٺَن،
ڏٺاس (9)
ڏٺانِ (10) ڏٺانِ
ماضي مطلق جو صيغو، جنهن جو مفعول مؤنث واحد هجي،
مثلاً: ’هرڻي‘.
”پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.“
(شاهه: يمن
ڪلياڻ)
”ڪچ ڪمايم ڪوڙ، ڀڳم عهد الله جا.“
(شاهه:
سراگ)
”گهڙو ڀڳو، مُنڌ مُــئي، ويــا وسيلا.“
(شاهه:
سهڻي)
”اُٿيس آءٌ اوير، ڪري سڃ سنجهي ويا.“
(شاهه:
ديسي)
”ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنهي ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانيم
سک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.“
(شاهه:
ديسي)
”اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏٺءِ اُٺَ،
ڏايُئي نه ڏاگهن کي، اوڳي ساڻ اڳٺ.“
(شاهه:
ديسي)
”ڀلي ڪري ٿيوم، هي سڱ ٻاروچن سين،
وڃي ڪيچ ڏٺوم، پٺيءَ لڳي جن جي.“
(شاهه:
حسيني)
”ڪيئن اڙايئَي پاند، پلؤ پرڏينهن سين؟
متيون موڙهئي
سسئي، ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،
رلي ڀانيئــَي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.“
(شاهه:
حسيني)
”لڌيسون لطيف چئي، ڪنا ڏاتر ڏات.“
(شاهه: مومل
راڻو)
”ڪونه ڏٺوسين ڪوءِ، سناسي سور ري.“
(شاهه:
رامڪلي)
”وڳر وساري، ويٺيئـــَن ڪيئن ماٺ ڪري؟“
(شاهه:
ڏهر)
”عمر آئين اوچتو، ڪهڙي حاج حمير،
ميان منجهه ملير، اڳ نه ڏٺين ڪڏهين؟“
(شاهه:
مارئي)
”عمر اڄ گڏيام، ڏوٿي انهيءَ ڏيهه جا،
پارانڀا پرينءَ جا، اڀي ان چيــام،
لهي لوهه پيــام، لطف ساڻ لطيف چئي.“
(شاهه:
مارئي)
”مون ماروءَ سين لڌيــون، لوئيءَ ۾ لائون.“
(شاهه:
مارئي)
”ڪنگن لٿِي ڪاڻ، گڏيو هنج حبيب کي.“
(شاهه:
ڪارايل)
”ڪاغذ مڪئَين ڪيترا، پر ريڌو نه راڻو.“
(سچل:
راڻو)
”سپ سڃاتئون
ڪين ڪي، جوڳين ماري جکه،
جني سنگهيو ڪک، سڀاڳائي ٿيا.“
(سچل: ڪاريهر)
”ساريم سي
سنگهار، جنم لنگهايم جن سان.“
(سچل:
کنڀات)
”جڏهن آءٌ ڄاياس، وٽيءَ وهه نه وڌاءِ،
سرتيون ساماياس، تا آيس اوراتن ۾.“
(سچل:
کنڀات)
”جوڳن جٽائون، جوڙي جڙيون جان تي،
چمٽا ٻڌي چيلهه سان، تنبيون تڻيائون،
جنجيرن سان جان تي، ڪشتا ڪڙيائون.“
(سچل:
جوڳ)
”آڻي ڪانگ
ڏنوس، ڪو عريضو عجيب جو،
ڀينر سڀ ڀنوس، ڳاڙيندي ڳوڙهن سين.“
(سچل: مالڪوس)
2. زمان ماضي استمراري: اهو زمان
جنهن مان گذريل زماني ۾ ڪنهن ڪم جي جاري هجڻ جي
خبر پوي، تنهن کي زمان ماضي استمراري چئبو آهي.
’استمراري‘ لفظ جي معنى آهي: جاري رهڻ وارو. هن
فعل کي ’ماضي ناتمام‘ به چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته ان
مان ڪم جي اجراءَ جي خبر ته پوي ٿي پر تڪميل جي
نه.
اسم مفعول جي پٺيان ’ٿيڻ‘ يا ’پوڻ‘ مصدر
جو فعل معاون ’ٿي‘ يا ’پئي‘ آڻڻ سان زمان ماضي
استمراري ٺهندو آهي، مثلاً: کيڏيو ٿي ۽ لکيائون
پئي وغيره.
ماضي استمراريءَ جون صورتون به ساڳيون
ماضي مطلق واريون هونديون آهن، البت انهن ۾ فعل
معاون جو گڏيل استعمال ٿيندو آهي جو پڻ هر حالت ۾
ساڳيو رهندو آهي، جيئن هيٺ ڏنل گردان مان ظاهر
آهي:
زمان ماضي استمراريءَ جو گردان:
|