سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: -

صفحو :5

Text Box:  

 

 

ڀاڱو پهريون

(4) ڳالهائڻ جا لفظ

        جملي ۾ جيڪي لفظ استعمال ٿين ٿا سي ڇهن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا ۽ انهن کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويندو آهي، اهي آهن:

اسم – صفت – ضمير – فعل – ظرف ۽ حرف

        ڪنهن به جملي ۾ استعمال ٿيل لفظن مان هرهڪ کي مٿي ڄاڻايل ڇهن نالن مان ڪنهن هڪ نالي سان سڏي سگهجي ٿو.

باب (1)

اسم

        اسم جي معنى آهي نالو. ڪنهن به ماڻهوءَ، جانور، پکيءَ، جيت، ملڪ يا شهر، هنڌ يا مڪان، جنس، شيءِ، ڌاتوءَ، ڪم، وقت، حالت، خاصيت، رشتي ۽ آواز جي نالي کي اسم چئبو آهي.

        وضع يا بناوت جي لحاظ کان اسم ٽن قسمن جو ٿيندو آهي:

جامد، مشتق ۽ مصدر

        اسم جامد: اسم جامد انهيءَ اسم کي چئبو آهي جنهن کي ذاتي يا بنيادي وجود هجي. يعني ٻئي ڪنهن لفظ مان جڙيل نه هجي. مثلاً: شينهن، ڪتو، وڻ وغيره. ’جامد‘ جي معنى آهي ڄميل يا ثابت.

”وڻــن ويـــــٺا ڪــانـــگ، وچــين ٿــي ويـلا ڪري.“

                                           (شاهه: سهڻي)

”ساهڙ مون سون سينگارُ، ماڻهن ليکي ميهڻو.“

                                        (شاهه: سهڻي)

اُتـــــاهـــن جـــبلـــن تــــي بــــرف پـــونـــدي آهــي.

        مٿين مصراعن ۽ جملن ۾ ٿلها لفظ اسم جامد جا مثال آهن.

        اسم مشتق: اسم مشتق انهيءَ اسم کي چئبو آهي جو ڪنهن لفظ مان جڙيل هجي، جنهن کي ڌاتو يا بنياد چئبو آهي، مثلاً: حاڪم، حڪيم، خادم، عالم، ڪتاب، مسافر، سردار، زيردست وغيره. پهريان ڇهه لفظ عربي ٻوليءَ جا آهن جن جا بنيادي لفظ آهن: حَڪَمَ، حِڪمَتَ، خَدَمَ، عَلِمَ، ڪَتَبَ، سَافَر. سردار ۽ زيردست فارسي لفظ آهن جي مرڪب آهن، يعني هڪ کان وڌيڪ لفظن جا ٺهيل آهن: سر + دار ۽ زير + دست.

        اسم فعل، اسم فاعل، اسم مفعول، اسم حاليه، اسم استقبال ۽ اسم حاصل مصدر، جن جو ذڪر اڳتي ايندو. اهي سڀ اسم مشتق جا مثال آهن.

        اسم مشتق جا مزيد مثال:

”عــاشق چؤمَ اُن کي، مَ ڪي چؤ معشــوق،

خالق چؤ مَ خام تون، مَ ڪي چؤ مخلوق.“

                                (شاهه: ڪلياڻ)

’مصيبت ۾ صبر ڪرڻ مردانگي آهي.‘

        اسم مصدر: مصدر خود ٻين لفظن جو سرچشمو آهي، پر جملي ۾ جڏهن اسم جي جاءِ وٺندي آهي، تڏهن ان کي اسم مصدر ڪوٺبو آهي. مصدر جي لفظي معنيٰ آهي: ’جاري ٿيڻ جو هنڌ‘ يعني جنهن مان ٻيا لفظ نڪري يا ٺهي سگهن.

        مصدر انهيءَ لفظ کي چئبو آهي جنهن جو پڇاڙيءَ وارو حرف ’ڻ‘ هجي، پر انهيءَ ’ڻ‘ کي ڪڍي ڇڏڻ سان امر جو صيغو ٺهي پوي، مثلاً: گهمڻ، ڇنڻ، وڃڻ وغيره، اهي مصدر جا لفظ آهن:

        اسم مصدر جا مثال:

”ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري.“

                                   (شاهه: سسئي)

”هيڪر هئڻ ڇڏ ته اوڏِي ٿئين عجيب کي.“

                                   (شاهه: سسئي)

”پـــرڻ ڇـــڏ پـــيرن ســين، وهـــڻ وســـاريــج.“

                                 (شاهه: سسئي)

        پاڻ ۾ وڙهڻ، هڪٻئي جي گلا ڪرڻ ۽ خود غرض بڻجڻ ناداني آهي.

        مٿين مثالن ۾ ٿلها لفظ اسم مصدر آهن.

        عربي زبان ۾ مصدر هيٺين وزنن تي هوندو آهي. عربي زبان جي مصدر جون ترڪيبون ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪثرت سان استعمال ٿينديون آهن، تنهنڪري انهن جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

فَعل:   فرض، فضل، قتل، قرض، مرض، مڪر وغيره.

فُعل:   جرم، حڪم، شڪر، ظلم، قرب غيره.

فِعل:   ذڪر، فعل فڪر، قِسم وغيره.

فَعَل:   ثمر، طرف، طلب، عمل وغيره.

فَعلَــة:  رحمت، زحمت وغيره.

فِعَل:   صغر، ڪبر وغيره.

فَعَلــَة:  برڪت، حرڪت، شفقت، عظمت وغيره.

فِعلــَة:    حرفت، حڪمت، خدمت، رحلت، هجرت وغيره.

فُعلــَة:    رخصت، شُهرت، فرصت، قدرت، نصرت، وغيره.

فَعَال:  ثواب، جواب، خيال، شراب، صلاح، فساد، فلاح،       طلاق، طواف وغيره.

فعَال:  جهاد، حساب، خطاب، ڪتاب، نڪاح وغيره.

فُعَال:  بُڪاء، سُوال، مُراد وغيره.

فَعَالـــَة:   امانت، سماعت، شهادت، ضمانت، عداوت وغيره.

فِعَالَــة: بشارت، عبادت، عمارت، ڪتابت وغيره.

فُعُول:  دخول، خروج، طلوع، غروب وغيره.

اِفعَال:     اجلاس، احساس، احسان، اسلام، اطلاع، اقبال، اقرار، انڪار، ايذاء، ايمان وغيره.

تَفعِيل:    تائيد، تجويز، تحرير، تصنيف، تصوير، تعظيم، تعميل، تقرير، تمهيد، تهذيب وغيره.

اِنفِعَال: انحصار، انسداد، انقلاب، انڪسار وغيره.

اِفتعال:    اتفاق، اجتماع، اجتناب، احترام، احتشام، احتياج، انتقال وغيره.

تَفَعُل:     تسلط، تشدد، تصرف، تصور، تصوف، تعجب، تقرر وغيره.

مُفَاعَلَــة:   مبالغت، مجاهدت، مراجعت، متابعت، موافقت وغيره.

تَفَاعُل:    تبارڪ، تجاهل، تعافل، تفاخر، تنازع، تناول، تواضع وغيره.

اِستِفعَال:  استدعاء، استعمال، استعماء، استغفار، استهام وغيره.

فارسي زبان ۾ مصدر جو پوين حرف ’ن‘ هوندو آهي، مثلاً: خواندن، گفتن، کردن، گشتن وغيره.

معنى جي لحاظ کان اسم جا قسم:

        (1) اسم معرفه يا خاص: اسم معرفه يا خاص انهيءَ اسم کي چئبو آهي جو عام محاوري جو لفظ نه هجي، بلڪ ڪنهن خاصي شيءِ، هنڌ يا مڪان، جاندار، وقت يا زمان ۽ ڪيفيت يا حالت جو نالو هجي. مثلاً: قرآن، تاج محل، بغداد، براق، طارق، رمضان، قيامت وغيره. ڪنهن ماڻهوءَ جي تخلص يا ڪنيت کي به اسم خاص چئبو آهي، مثلاً: غالب، بيدل، ابوالقاسم، ابن خلدون وغيره.

        اسم معرفه جا مثال:

”عـمر آندي مــارئي منجهان جهنگ جهٽي.“

                                  (شاهه: مارئي)

”گنگــا ۽ گــرنــار جو تن سامين ڇڏيو سنگ.“

                                (شاهه: رامڪلي)

        ’ڪوهنور هڪ قيمتي هيرو آهي.‘

        ’رمــضان مسلمانن جي لاءِ مقدس مهينو آهي.‘

        ’يـرقــان جي بيماريءَ ۾ ماڻهو ضعيف ۽ بي طاقت ٿي پوندو آهي.‘ مٿين مثالن ۾ ٿلها لفظ اسم معرفه آهن.

        (2) اسم نڪره يا عام: اسم عام مان مراد آهي: اهو اسم يا نالو، جو ساڳي جنس جي ڪنهن به فرد تي رکي سگهجي، مثلاً: انسان، پکي، شينهن ۽ ڏينهن وغيره کي اسم عام سڏجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هرهڪ ڳالهائيندڙ ۽ ذي عقل جاندار کي انسان جي نالي سان سڏي سگهجي ٿو، هرهڪ پکيءَ يا شينهن جي شڪل واري جيوَ کي پکي يا شينهن چئي سگهجي ٿو ۽ سال جي ٽي سؤ سٺ ڏينهن مان هرهڪ کي ڏينهن سڏي سگهجي ٿو.

اسم نڪره يا عام جا مثال:

”اڱــڻ مـــٿي اوپــــرا جـــڏهــن ڏٺَءِ اُٺ،

ڏايُءِ نه ڏاگــهن کـي اوڳي ساڻ اڳٺ“

                            (شاهه: ديسي)

”ڄـنگهه ڄــرڪـي وات ۾ سـسي کي سيسار،

چــوڙا ٻـــيڙا چــڪ ۾ لــڙ لــڙهيس وار.“

                            (شاهه: سهڻي)

”جبل ڏوريان جال، ڪارڻ پير پنهوءَ جي.“

                           (شاهه: سسئي)

        ’هر ڪنهن ماڻهوءَ تي فرض آهي ته پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري.‘

        ’انسان ته ڇڏيو، پر پکي ۽ مرون به پنهنجي خالق کي ياد ڪن ٿا.‘

        مٿين جملن ۾ ٿلها فظ اسم نڪره يا عام جا مثال آهن.

        عربي زبان وانگر سنڌيءَ ۾ اسم کي معرفه يا معين ۽ نڪره يا غير معين بنائڻ لاءِ ڪي خاص نشانيون استعمال ڪونه ٿينديون آهن. مثلاً: عربيءَ ۾ اسم نڪره لاءِ تنوين ڪم آڻبي آهي ۽ معرفه بنائڻ لاءِ اسم جي اڳيان ’ال‘ آڻبي آهي، مگر سنڌيءَ ۾ انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضميري صفتون استعمال ڪبيون آهن، مثلاً: هيءُ ماڻهو، اُهو گهوڙو وغيره.

        (3) اسم ذات: اسم ذات انهيءَ ذاتي وصف جي نالي کي چئبو آهي، جا موصوف ۾ هميشه موجود هجي، مثلاً: گرمي، روشني، ڪشش، سُرُ، نيڪي، بدي، حسن، ميٺاج، رنگ، ڪوڙ ۽ سچ وغيره، انهن کي اسم ذات چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن مان هرهڪ وصف پنهنجي پنهنجي موصوف ۾ مستقل طرح موجود هوندي آهي، جيسين ڪو حادثو يا اتفاق انهيءَ جي مٽجڻ يا ميٽجڻ جو سبب نه بڻجي.

        اسم ذات جا مثال:

”ســونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،

وڃڻ تت پيومِ، جت هلڻ ناهه حسن ريءَ.“

                                 (شاهه: مارئي)

”لڳين لَنءُ لطيف چئي، فنا ڪيا فــراق.“

                                (شاهه: ڪلياڻ)

        ’ڳائيندڙ جي ســر ۾ جيڪڏهن ميٺاج نه هوندي ته ٻڌندڙ کي مزو نه ايندو.‘

        اسم ذات ٺاهڻ جا مختلف طريقا هيٺ ڏجن ٿا:

        (الف) صفت کي ’ي‘ ملائڻ سان مثلاً:

                        آزاد                    آزادي

                        بزرگ                  بزرگي

                        بهادر                  بهادري

                        جوان                   جواني

                        خوش                   خوشي

                        روشن                  روشني

                        گرم                    گرمي

                        مهربان         مهرباني

                        نرم                    نرمي

                        نيڪ                   نيڪي

        (ب) صفت جي پوئين علت جي حرف کي ڪڍي ان جي جاءِ تي ’آئي‘ آڻڻ سان، مثلاً:

                        ڀلو                     ڀلائي

                        ڊگهو                   ڊگهائي

                        سچو                   سچائي

                        صفا                    صفائي

                        ڪچو                  ڪچائي

                        گهڻو                   گهڻائي

                        وڏو                     وڏائي

                        ويڪرو         ويڪرائي

        (ت) صفت جي پوئين علت جي حرف کي ڪڍي ان جي جاءِ تي ’آڻ‘ وجهڻ سان، مثلاً:

                        اڇو                     اڇاڻ

                        ٿڌو                     ٿڌاڻ

                        کٽو                    کٽاڻ

                        ڪارو                   ڪاراڻ

                        مٺو                    مٺاڻ

                        ميرو                    ميراڻ

(ث) صفت جي پوئين علت جي حرف کي ڪڍي ان جي جاءِ تي ’پڻ‘ يا ’پائي‘ آڻڻ سان، مثلاً:

                        مُکِي                   مکپڻ يا مکپائي

                        ننڍو                    ننڍپڻ يا ننڍپائي

        (ج) صفت جي پوئين علت جي حرف کي حذف ڪرڻ سان، مثلاً:

                        اڇو                     اَڇ

                        اونداهو         اوندهه

                        ٿڌو                     ٿڌ

                        ڏِنگو                   ڏِنگ

                        سِڌو                    سِڌ

                        ميرو                    مير

                        وِچون                   وچ

                        ويڪرو         ويڪر

(ح‌)اسم کي ’آئي‘ گڏڻ سان، مثلاً:

سچ                 سچائي

ڪم                        ڪمائي

(خ‌)اسم جي پٺيان ’پ‘ يا ’پو‘ ملائڻ سان. مثلاً:

ڪانڌ                       ڪانڌپ يا ڪانڌپو

ماڻهو                       ماڻهپ يا ماڻهپو

واهه                 واهپ يا واهپو

هاري                        هارپ يا هارپو

(د‌)   اسم کي پٺيان ’ڪار‘ گڏڻ سان، مثلاً:

ٿڌ                  ٿڌڪار

ڦٺ                 ڦٺڪار

وس                 وسڪار

وڻ                  وڻڪار

هٻ                 هٻڪار

        فارسيءَ ۾ اسم ذات يا اسم معنى هيٺ ڄاڻايل طريقن تي ٺهندو آهي.

(ذ‌)   اسم يا صفت کي پٺيان ’ي‘ لڳائڻ سان، مثلاً:

دشمن                       دشمني

دو                   دوئي

دوست                    دوستي

روشن                       روشني

سخت                       سختي

(ر‌)   اسم يا صفت کي ’ت‘ يا ’يت‘ گڏڻ سان، مثلاً:

آدم                 آدميت

انسان                       انسانيت

جاهل                       جاهليت

شجاع                      شجاعت

قابل                        قابليت

محب                       محبت

(ز‌)   امر کي ’ش‘ گڏڻ سان، مثلاً:

بخش                       بخشس

دان                  دانش

رنج                 رنجش

ڪوش              ڪوشش

گرد                 گردش

(س) ماضيءَ جي پٺيان ’آر‘ گڏڻ سان، مثلاً:

                        ديد                     ديدار

                        رفت                    رفتار

                        گفت                   گفتار

(ش) اهڙا اسم يا صفتون، جن جي پڇاڙيءَ وارو حرف هاي ’غير ملفوظ‘ هجي، انهن جي انهيءَ پڇاڙيءَ واري حرف ’ه‘ کي ڪڍي، ان جي جاءِ تي ’گ‘ وجهي پٺيان ’ي‘ گڏڻ سان اسم ذات ٺهندو آهي، مثلاً:

                        آسوده                  آسودگي

                        بنده                    بندگي

                        پاڪيزه         پاڪيزگي

                        تشنه                   تشنگي

                        زنده                    زندگي

        (4) اســم جـنــس: هرهڪ مادي يا معدني شيءِ، جنهن کي حواسن جي ذريعي معلوم يا محسوس ڪري سگهجي، ان کي اسم جنس چئبو آهي، مثلاً: هوا، باهه، پاڻي، لوهه، لوڻ، هيرو ۽ پٿر وغيره کي اسم جنس چئبو آهي.

        اسم جنس جا مزيد مثال:

”ڳـــچــيءَ ڳــانا لـــوهه جــا، زيــرون ۽ زنــجير.“

                                      (شاهه: مارئي)

”ســـــويــن بـــرابر ســـڳڙا، لـــــونءَ بــرابـر لک

رپـــو جنهن رد ڪيو ڪوڙ تنهن کي ڪــک،

مـــون مـاروءَ جو مکُ، تيل نه لائيان تنهنجو.“

                                      (شاهه: مارئي)

        ’ٽامو، قلعيءَ کان پٿر، ڪوئلي کان وڌيڪ سخت آهي.‘

_______

        ’کير ۾ کنڊ هوندي ته ڌيڪ لذيذ ٿيندو.‘

        مٿيان ٿلها لفظ اسم جنس جا مثال آهن.

        (5) اســم آلــه: اها شيءِ يا اوزار جنهن مان ڪو ڪم نڪري سگهي، ان جي نالي کي اسم آلــه چئبو آهي. آله جي معنيٰ آهي اوزار.

        گهڙيال، مطرقو، چاقو، ڪهاڙو وغيره کي اسم آله چئبو آهي.

اسم آله جا مزيد مثال:

”ڇو وڳي ڇڏيئي ارٽ الوڙي.“
                        (شاهه: ڪاپائتي)

”مئي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄـار.“
                        (شاهه: ڪاموڏ)

”مس منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ ڪي آڻين،
لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلـم تي.“

                          (شاهه: مارئي)

”سـڙهه سڃاڻيو چوءِ، سامونڊي آڻيا،
مانَ منهنجو هوءِ، جاني هن جهــاز ۾.“
                       (شاهه: سامونڊي)

        رڪ مان ڪپ، قينچيون، ڪاتيون ۽ ٻيو وڍ ڪُٽ جو سامان ٺهندو آهي. مٿيان ٿلها لفظ اسم آله جا مثال آهن.

        (6) اسم ظرف: اهو لفظ جو ڪنهن هنڌ يا مقام، وقت يا زمان، ريت يا تميز جو نالو ٿي ڪم اچي، تنهن کي (1) اسم ظرف چئبو آهي، مثلاً:

        گهر، مڪتب، بازار، پلڪ، سال، سحر، شام، آهستگي ۽ تيزي وغيره.

        (2)عربيءَ ۾ اسم ظرف عام طرح مفعل جي وزن تي ٺهندو آهي، مثلاً:

مجلس، مسجد، مشرق، مغرب، مڪتب، منزل، وغيره.

        اسم ظرف جو استعمال:

”شهر ڏسي سرهو ٿئين ڏٺيءَ نه بازار.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

تن کيڏي منُ حجرو ڪيم چاليها رک.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هوءِ هزار جو.“
                                     (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”تن ري سال پيام، جن ري ساعت نه سهان.“
                                            (شاهه: سهڻي)

”هن مند مارو سنرا، ساڻيهه منجهه سڌير.“
                                             (شاهه مارئي)

        ’انسان قبر کي پنهنجي آخري منزل نه سمجهي.

        ’ڪنهن وقت ۾ مشرق کان مغرب تائين مسلمانن جي حڪومت هوندي هئي.‘

        (7) اسم صوت: اهو لفظ، جو ڪنهن انسان، جانور يا ٻي ڪنهن شيءِ جو آواز ظاهر ڪري، تنهن کي (3)’اسم صوت‘ چئبو آهي. صوت جي معنى آهي آواز. ڀؤنڪ، مِيائو مِيائو، قَهقَهه، ٽِيون ٽِيون، چِيڪٽ، ڪان ڪان ۽ ڪُوڪَ وغيره.

اسم صوت جو استعمال:

”ڪڇان تان ڪــوُڪَ ٿئي صبر آءٌ نه سهان.“
                                         (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”وڄون وسڻ آئيون ٽــهه ٽــهه مينهون ٽمن.“
                                              (شاهه: سارنگ)

”لاٿم گوندر گــوڙ، مون کي کنوڻين خوش ڪيو.“
                                              (شاهه: سارنگ)

”عمر جي انصاف جو پيس ڪن پــڙاءُ.“
                                               (شاهه: مارئي)

”گهـــڻ گهـــڻ گندريءَ گهنگهرو،
ڇـــم ڇــــم پيون ڇيريون.“
                                              (سچل: ڪلياڻ)

”درياء توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي.“
                                              (شاهه: سهڻي)

’مظلوم جي رڙيــن جو لنگهندڙن تي ڪو اثر نه پيو.‘

’چــور جي سـيـنـڍ تي ٻيا چور به اچي وارد ٿيا.‘

’بندوق جي ٺــڪاءَ تي شهر جا ماڻهو ٻاهر نڪري آيا.‘

مٿيان ٿلها لفظ اسم صوت جا مثال آهن.

        (8) اسم عدد: اهو لفظ، جنهن مان ڪنهن شيءِ جو مقرر عدد معلوم ٿئي، تنهن کي اسم عدد چئبو آهي، مثلاً:

        سؤ، هزار، لکُ، چؤنڪ، ڊزن، ڪوڙي، اڌ، ٽهائي، ٻيڻ، ڏهوڻ وغيره.

اسم عدد جو استعمال:

”ڪوڙييــــن تنهن جون ڪامڻيون،
تون ڪوڙيــــن سندو ڪانڌ.“
                                    (شاهه: ليلان چنيسر)

”همه منصور هـــزار، ڪهي ڪهندين ڪيترا.“
                                                    (شاهه)

”مرليءَ مستانا ڪيا، جنهن جي لک هزار.“
                                        (سچل: ڪاريهر)

”ڪک هيٺان لک پيو آهي.“

 

        ’چئن جي ٻيڻ ۾ ڇا گڏجي جو جواب ڏهه اچي.‘

        ’هن پنهنجي ملڪيت جو اڌ خيرات ڪيو.‘

        (9) اسم ڪيفيت: اهو لفظ، جو ڪا ڪيفيت يا حالت ظاهر ڪري، تنهن کي ’اسم ڪيفيت‘ چئبو آهي. اُڃ، بک، بيماري، ٿڪ، ڏڪر، خمار، صبر، عشق، قرار، نشو وغيره، اهي اسم ڪيفيت جا مثال آهن.


(1)  سنڌيءَ ۾ اسم ظرف کي اسم عام ڪري سڏيو ويندو آهي. اسم ظرف جيتوڻيڪ عربي ٻوليءَ جي ترڪيب آهي، پر ان جو استعمال سنڌيءَ ۾ ڪري سگهجي ٿو.

(2)  عربيءَ ۾ اسم ظرف جا لفظ عام طرح مشتق هوندا آهن.

(3)  سنڌيءَ ۾ ’اسم صوت‘ کي عام طرح اسم عام ڪري ليکيو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com