(6) اسم جو عدد
تعداد جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جون
ٻه صورتون ٿينديون آهن:
1.
عدد واحد
2.
عدد جمع
عدد واحد جو مطلب آهي هڪ ساهوارو يا هڪ شيءِ،
مثلاً: ڇوڪرو، رانديڪو وغيره ۽ عدد جمع جو مطلب
آهي گهڻا ساهوارا يا گهڻيون شيون، مثلاً: ڇوڪرا،
رانديڪا وغيره. عربيءَ ۾ مٿين ٻن صورتن کانسواءِ
عدد جي ٽين صورت به ٿيندي آهي، جنهن کي عدد تثنيه
يا ٻن جو عدد چئبو آهي، مثلاً: ’دارين‘، يعني ٻه
جهان، ’والدين‘، يعني ماءُ ۽ پيءُ. جيئن ته عربيءَ
جو سنڌيءَ سان گهڻو تعلق آهي، تنهنڪري عدد تثنيه
جا صيغا پڻ ڪن حالتن ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندا
آهن. سنسڪرت جنهن مان سنڌي ٻولي پيدا ٿي آهي، ان ۾
خود عدد جون ٽي صورتون آهن.
(1) ايڪ وچن (عدد واحد)، مثلاً: ’ڦلم‘ (هڪ ڦَلُ يا
ميوو)
(2) دو وچن (عدد تثنيه)، مثلاً: ڦلي (ٻه ڦُلَ)
(3) بهو وچن (عدد جمع): مثلاً: ڦلانِ (ٽي يا گهڻا
ڦَلَ) تنهنڪري مناسب ٿيندو ته سنڌيءَ ۾ به ٽي عدد
شمار ڪيا وڃن، جيتوڻيڪ سنڌيءَ کي تثنيه جي پنهنجي
صورت ۾ خير ڪا آهي.
واحد اسمن مان جمع ٺاهڻ جا طريقا
1.
اهي واحد اسم جي پڇاڙي ’اَ‘ هوندي آهي، تن جي زير
واري اعراب يا حرڪت ڪڍي، ان جي پٺيان ’اوُن‘ پڇاڙي
ملائڻ سان عدد جمع جو صيغو ٺهندو آهي، مثلاً:
واحد: جمع
آڏَ اَڏوُن
ڀِٽَ ڀِٽُون
تارَ تاروُن
ڏارَ ڏاروُن
رَڳَ رَڳُون
زالَ زالُون
سِٽَ سِٽُون
لاَمَ لامُون
لِيڪَ لِيڪُون
مُندَ مُندوُن
وِکَ وِکُون
هَوڙَ هوڙوُن
بعضي
عدد جمع يا صيغا ’آن‘ يا ’يان‘ پڇاڙيءَ سان به
استعمال ٿيندا آهن، مثلاً: اکيان، کٽان، زالان ۽
ميخان وغيره.
2. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اَ‘ آهي، تن جي
پٺيان ’ئُون‘ پڇاڙي ملائڻ سان جمع جو صيغو ٺهندو
آهي، مثلاً:
واحد
جمع
اَٻلا اَٻلائُون
اَدا اَدائُون
بَلا بَلائُون
جَفا جَفائُون
ديوتا ديوتائُون
راجا راجائُون
غَفا غَفائُون
ڪَٿا ڪَٿائُون
ڪَلا ڪَلائُون
هَچا هَچائُون
2.
جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اِ‘ آهي تن جي پٺيان
’يُون‘ پڇاڙي گڏڻ سان جمع جو صيغو ٺهندو آهي،
مثلاً:
واحد
جمع
اَکِ اَکيُون
ڀِتِ ڀِتُيون
تِڏِ تِڏيُون
جَنگِ جَنگيُون
جوءِ جوئُيون، جويُون
دِلِ دِليُون
ديڳِ ديڳُيون
ڌُرِ ڌُريُون
رَڙِ رَڙيُون
لَٺِ لَٺيُون
مَکِ مکيُون
وَلِ وَليُون
جاءِ جائُيون، جايُون
راتِ راتيُون
کاڻِ کاڻُيون
ڳالِهه ڳالهيُون
4. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اِي‘ آهي، تن
جي پوئين حرف، يعني ’ي‘ کي، ’اُون‘ پڇاڙي ڳنڍڻ سان
جمع جو صيغو ٺهندو آهي. هي قاعدو فقط مؤنث اسمن
سان لاڳو هوندو آهي، مذڪر اسمن جو واحد توڙي جمع
جو صيغو ساڳيو هوندو آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:
مؤنث اسمن جو جمع:
واحد
جمع
بَتِي
بتيُون
پتِي پتيُون
ٻانهِي ٻانهيُون
راڻِي راڻيُون
ٽڪِي ٽِڪيُون
ڪِلِي ڪِليُون
بِينِي بِينيُون
سِيٽِي سِيٽيُون
جُتي جُتيُون
کُڏِي کُڏيُون
ٻُوٽي ٻُوٽيُون
مورِي مُوريُون
چوٽِي چوٽُيون
ڇوڪِري ڇوڪريُوُن
پيٽِي پيٽيُون
نيڪِي
نيڪيُون
مذڪر اسمن جو جمع:
واحد
جمع
پَکِي پَکِي
ڌَڻِي ڌَڻي
ساٿِي ساٿِي
هارِي هارِي
پِرِين پِرِين
شِيدِي شيدِي
مُکِي مُکِي
مُنشي مُنِشي
پُوڄارِي
پُوڄارِي
جوڳِي جوڳِي
ڌوٻِي ڌوٻِي
موچِي موچِي
فَوجِي فَوجِي
ٻيلِي ٻيلِي
وِيرِي وِيرِي
قيدِي قيدِي
5. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ’اُ‘ آهي، تن جي
اها پڇاڙي مٽائي ’اَ‘ ڪرڻ سان جمع مذڪر جو صيغو
ٺهندو آهي ۽ مؤنث جي حالت ۾ واحد اسم جي پٺيان
’اوُن‘ پڇاڙي ملائڻ سان جمع جو صيغو ٺهندو آهي،
مثلاً:
واحد
جمع
ٿَڻُ ٿَڻَ
ڦَلُ ڦَلَ
ڪَکُ ڪَکَ
گَسُ گَسَ
گهرُ گَهرَ
وَڻُ وَڻَ
ڄارُ ڄارَ
غارُ غارَ
واههُ واههَ
سِجُ سِجَ
سِڙههُ سِڙههَ
لِڱُ لِڱَ
تِيرُ تِيرَ
ميرُ مِيرَ
اُٺُ اُٺَ
پُٽُ پُٽَ
سُرُ سُرَ
گُلُ گُلَ
ٻُوٿُ ٻُوٿَ
کُوههُ کُوههَ
چورُ چورَ
ڍورُ ڍورَ
ڳوٺُ ڳوٺَ
گهوٽُ گهوٽَ
ٻيٽُ ٻيٽَ
ڏيرُ
ڏيرَ
مؤنث اسمن جو جمع:
تَندُ تَندُون
سَسُ سَسُون
مَسُ مَسُون
وَٿُ وَٿُون
وِڄ وِڄُون
6. جن مذڪر اسمن جي پڇاڙي ’ءُ‘ آهي، تن جي
همزه جي جاءِ تي ’و‘ ساڻ زبر آڻڻ سان ۽ ڪن حالتن ۾
همزه جي مٿان پيش مٽائي زير آڻڻ سان جمع جو صيغو
ٺهندو آهي، مثلاً:
واحد
جمع
ڀَو،
ڀَؤُ
ڀَوَ
ٿانءُ ٿانوَ، ٿانءَ
ڏَنءُ ڏَنوَ
جَو، جَؤُ
جَوَ
سَو، سَوُ
سَوَ
ڪانءُ ڪانوَ، ڪانءَ
گهاءُ گهاوَ، گهاءَ
7. ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارن ڪن مذڪر توڙي مؤنث
اسمن جو جمع بي قاعدي ٺهندو آهي. مثلاً:
پيءُ پيئَرُ،
پِئَرُ، پِئُرَ، پِئَرَ
ڀاءُ ڀائُرَ،
ڀائِرُ، ڀائِرَ
ڀيڻُ ڀيڻوُن،
ڀينَرُ، ڀينَروُن، ڀينروُن
ڌِيءُ ڌيئوُن، ڌيوُن،
ڌِئُرُ، ڌيِئَرُ،
ڌِئروُن. ڌِئروُن.
ماءُ مائُون،
مائِرُ، مائِروُن، مائُروُن
نُنهُن، نُهُن
نُنهُون، نُهَرُ، نُهَروُن
8. جن مذڪر توڙي مؤنث اسمن جي پڇاڙي ’اوُ‘
آهي، تن جي جمع جي صورت به ساڳي رهندي آهي، مثلاً:
مذڪر اسم:
واحد
جمع
ڏينڀُو ڏينڀوُ
ڏيلهوُ ڏيلهوُ
ماڻهو، ماڙهُو
ماڻهو، ماڙهوُ
مِرُون مِروُن
واڳوُ واڳُو
وِڇوُن وِڇوُن
مؤنث اسم:
جُون جوُن
ڳَئوُن
ڳَئوُن
9. جن مذڪر اسمن جي پڇاڙي ’او‘ آهي، انهن
جي جمع ٺاهڻ لاءِ ’او‘ پڇاڙيءَ کي ’آ‘ ۾ تبديل ڪبو
آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:
واحد
جمع
پَنو پَنا
ٻَچو ٻَچا
ڳَلو ڳلا
ٻانهو ٻانها
ڀالو ڀالا
تارو تارا
ڪانگو
ڪانگا
نالو نالا
چِلو چِلا
ڌِڪو ڌِڪا
قِصو قِصا
کِرو کِرا
دِلو دِلا
ٻيِڙو ٻيِڙا
جيِوڙو
جيِوڙا
چِيلو چِيلا
حِيلو حِيلا
پُکو پُکا
ڦُلو
ڦُلا
ڪُلهو
ڪُلها
ٻُوٽو
ٻُوٽا
بوتو
بوتا
پورو
پورا
ڀولو
ڀولا
ڦوٽو
ڦوٽا
چولو
چولا
ڇوڪرو
ڇوڪرا
گوڏو
گوڏا
گورو
گورا
گهوڙو
گهوڙا
ڏِئُنرو
ڏَئُنرا
ڇيلو
ڇيلا
ليڙو
ليڙا
ميلو
ميلا
ميوو
ميوا
10. ڪي لفظ، جن کي اسم جمع يا اسم مجموعي
چئبو آهي. معنى ۾ جمع ليکيا ويندا آهن، پر جملي ۾
فعل واحد جو قبول ڪندا آهن، انهن جو به جمع ٺهندو
آهي، جنهن لاءِ مذڪر جي حالت ۾ پوئين پيش واري
اعراب کي زير ۾ ۽ پوئين حرف ’و‘ کي ’آ‘ پڇاڙيءَ ۾
تبديل ڪيو ويندو آهي ۽ مؤنث جي حالت ۾ ’اوُن‘
پڇاڙي ملائبي آهي. مثلاً:
واحد
جمع
مذڪر اسم:
جرڳو جرڳا
ڌَڻُ ڌَڻَ
قافلو قافلا
قبيلو قبيلا
ڪُٽنبُ ڪَٽَنبَ
لَشڪرُ لَشڪرَ
مؤنث اسم:
انجمن
انجمنُون
جماعت جماعتُون
فوج فوجُون
ڪچهري ڪچهريُون
مجلس
مجلسُون
11. ڪي اسم اهڙا آهن، جن جو واحد صيغو جمع
جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، اگرچه
انهن جو جمع عام طرح ٺهي سگهندو آهي، مثلاً:
1- اونهاري ۾ انبُ توڙي پلو جام ٿيندو
آهي.
2- مينهن ۾ ڪَــتَلَ خراب ٿي ويندي آهي.
3- پوسل تي مَڇرُ ٿيندو آهي ۽ گندگيءَ تي
مَکِ ٿيندي آهي.
مٿين مثالن ۾ ٿلها لفظ اگرچه خود واحد جي
صيغي ۾ آهن، پر هرهڪ پنهنجي پنهنجي مجموعي جنس
لاءِ استعمال ٿيل آهي.
12. ڪي اسم فقط جمع جي صورت ۾ استعمال
ٿيندا آهن. مثلاً:
مذڪر اسم:
ڀِنڊا ڇَتا
پيرُون ڍَڪَرَ
پَريا ڪَرتُوتَ
جَوِڙا
مؤنث:
ٻاٿُون سسِڪيوُن
تهباروُن ڪَتيُون
پِٿوُن لائُون
ڇيهُون
هَنجُون
ڏاڻيُون
13. ڪي لفظ اهڙا آهن، جي واحد ۾ صفت ٿي ڪم
ايندا آهن، پر انهن جو جمع اسم طور استعمال ٿيندو
آهي، مثلاً:
واحد
جمع
اباڻو اباڻا
پيڪو پيڪا
ڏاڏاڻو ڏاڏاڻا
ساهرو
ساهرا
ڪنواريتو ڪنواريتا
گهوٽيتو گهوٽيتا
ناناڻو ناناڻا
14. سنڌيءَ ۾ فارسي ۽ عربيءَ جا جمع جا
صيغا به ڪي قدر استعمال ٿيندا آهن، تنهنڪري انهن
جون جمع جون صورتون هيٺ ڏجن ٿيون:
1. فارسيءَ جون جمع جون ترڪيبون:
ذي روح يا جاندار شين جي اسمن جا جمع جا
صيغا:
بالغ بالغان
برادر برادران
بُت بتان
جان جانان
دختر دختران
عاقل عاقلان
ڪارڪن ڪارڪنان
يار ياران
غير ذي روح يا بي جان شين جي اسمن جا جمع
جا صيغا:
بار بارها
جام جامها
سال سالها
شب شبها
صد صدها
ڪتاب
ڪتابها
هزار هزارها
’ه‘ پڇاڙيءَ وارن اسمن جا جمع جا صيغا:
افسرده
افسردگان
آواره آوارگان
بنده بندگان
پس
مانده پس ماندگان
رفتہ رفتگان
ستاره ستگارگان
ڪشتہ
ڪشتگان
2. عربيءَ جون جمع جون ترڪيبون:
ڪي اسم، جي عربيءَ ۾ جمع هوندا آهن،
سنڌيءَ ۾ واحد جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن،
مثلاً:
واحد
جمع
اَصلُ اُصولُ
اُفقُ آفاقُ
باسورُ بواسيرُ
حالُ اَحوالُ
خبرُ اخبارُ
خُلقُ اَخلاقُ
رُوحُ اَرواحُ
سِر اَسرارُ
سِر اَسرارُ
شريفُ اشرافُ
فِعلُ افعالُ
فُوهُ اَفواهُ
ڪَبيرُ اَڪابرُ
مِلڪ اِملاڪ
مَلَڪُ مَلائِڪُ
وَلدُ اَولادُ
عربيءَ جا عدد تثنيه جا صيغا جي سنڌيءَ ۾
استعمال ٿيندا آهن:
جمع
واحد فاعلي صورت عام
صورت
اِمامُ
اِمامان
اِمامين
بَحرُ بَحران
بَحران
جانِب جانبان
جانبين
حَرمُ حَرمان
حَرمين
حَرمُ حَرمان
حَرمين
دارُ داران
دارين
طرفُ طَرفان
طرفين
قِبلہُ قَبلتان
قِبلتين
والدُ والدان
والدين
عربيءَ ۾ جمع جا ڪي صيغا قاعدي مطابق
ٺهندا آهن، جن کي جمع سالم چئبو آهي ۽ ٻيا ڪنهن هڪ
قاعدي تي ٻڌل نه هوندا آهن، جن کي جمع مڪسر چئبو
آهي. ’مڪَسر‘ جي معنيٰ آهي ڀڳل يا بي قاعدي. مثال
هيٺ ڏجن ٿا:
1.
جمع سالم جا صيغا:
مذڪر اسم:
|