ليکبو ليکبا
ليکبِي ليکبيون
ليکبو آهي ليکبا آهن
ليکبِي
آهي ليکبيون آهن
ليکي سگهبو آهي ليکي سگهبا آهن
ليکي سگهبِي آهي ليکي سگهبيون آهن
ليکبو هو ليکبا هئا ليکبِي
هئي ليکيبون هيون
ليکي سگهبو هو ليکي سگهبا هئا ليکي سگهبِي هئي
ليکي سگهبيون هيون
4. متعدي معروف جي مصدر جي حرف علت ڪڍڻ
سان مجهول جو صيغو ٺهندو آهي، مثلاً:
متعدي معروف
مجهول جو
جي مصدر صيغو
ٻارڻ ٻَرڻ
تارڻ تَرڻ
ٽاهڻ ٽهڻ
ٺاهڻ ٺَهڻ
چارڻ چَرڻ
چاڙهڻ
چَڙهڻ
ڊاهڻ ڊَهڻ
کارڻ کَرڻ
ڳارڻ ڳَرڻ
لاهڻ لَهڻ
مارڻ مَرڻ
ڀورڻ ڀُرڻ
جوڙڻ جُڙڻ
جهورڻ
جُهرڻ
چورڻ چُرڻ
چوڙڻ چُڙڻ
سورڻ سُرڻ
لوڏڻ لُڏڻ
لوڙهڻ
لُڙهڻ
موڙڻ مُڙڻ
ٿيڙڻ ٿِڙڻ
ڦيرڻ ڦِرڻ
ريڙهڻ
رِڙهڻ
ڪيرڻ
ڪِرڻ
کيڙڻ کِڙڻ
ميڙڻ مِڙڻ
هيرڻ هِرڻ
5. متعدي معروف جي مصدر جو وچون حرف
جيڪڏهن ’و‘ هوندو ته، مجهولي صورت ۾ اهو مٽجي ’ءِ‘
ٿي پوندو. مثلاً:
چَوڻ
چَئجڻ
ڌَنوڻ
ڌَنئِجڻ
لَنوڻ
لَنئِجڻ
فعل متعدي مجهول جو استعمال:
”توڻي ڪُسن ڪات، ته به ساڳي سلن ڪين ڪي.“
(شاهه:
يمن ڪلياڻ)
”چتان جي نه چُــــرن، الا ان مَ وِســـران.“
(شاهه: سامونڊي)
”صباح سڀيئي، پســـبيون پاتار ۾.“
(شاهه: سهڻي)
”هتان لاهوتي لڏ ته گرسين گڏجين ڪاپڙي.“
(شاهه: رامڪلي)
”جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،
ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوت ۾.“
(شاهه: رامڪلي)
”طالب العقبى مخنث، مرد نه سي چئجــن.“
(سچل: آسا)
”حبيبن ڏنهه هنءَ، اديون لکجــي آيو.“
(سچل: ڀيروي)
”ويندي وير چانگن جو چُــريو ڪين چڙو.“
(سچل:
ڪوهياري)
”مارڳ مـــرن جي، ور تني کي ويجهڙو.“
(سچل:
ڪوهياري)
”مون کي گهرجين تون، لوڪ رٺوئي گهوريو.“
(سچل:
ڪوهياري)
”تنبوءَ جا طناب، اڄ کُـــتا ڪينجهر ڪنڌئين.“
(سچل: ڪلياڻ)
”جوڳي جال ڏٺام، پر ڪوڪو لڀي ڪاپڙي.“
(سچل: جوڳ)
”سي لانگوٽيا لعل، ڀينر ڀاڳ مـِــــڙن مون.“
(سچل: جوڳ)
”سچل ساميڙن تي محبت وســـي موڪ.“
(سچل: جوڳ)
”سڄڻ ڏانهن سنجهي، ڏاهو ڏکجِـــي آيو.“
(سچل:
مالڪوس)
’جنگ ۾ بيشمار ماڻهو قتل ٿين ٿا.‘
’انسان جا روزمره جا ڪرتوت لکبا آهن.‘
’گنهگار ماڻهو، دوزخ ڏانهن تڙيا ويندا.‘
’جبلن جي اتاهين چوٽين تي برف ڪِرندي آهي.‘
3. فعل متعدي بالواسطه يا فعل سببي:
اهو فعل متعدي، جنهن جو فاعل پاڻ ڪم نه
ڪري، پر ٻئي جي وسيلي يا واسطي سان ڪم ڪرائي، تنهن
کي متعدي بالواسطه يا فعل سببي چئبو آهي، سببي
انهيءَ ڪري چئجي ٿو جو فاعل ڪم ڪرائڻ جو سبب بڻجي
ٿو.
فعل بالواسطه يا سببي ٺاهڻ جا طريقا هيٺ
ڏجن ٿا:
1. متعدي فعل جي مصدر جي پوئين ’ڻ‘ جي
اڳيان الف ممدود ساڻ همزه (آء) آڻڻ سان متعدي
بالواسطه جي مصدر ٺهي پوندي، مثلاً:
متعدي فعل
متعدي بالواسطه
جي مصدر جي
مصدر
اَڏڻ
اَڏائڻ
ٻَڌڻ
ٻَڌائڻ
چَوڻ
چَوائڻ
ڇَڏڻ
ڇَڏائڻ
ڪَرڻ
ڪَرائڻ
کَڻڻ
کڻائڻ
ٻَارڻ
ٻارائڻ
ڄَاڻڻ
ڄاڻائڻ
چَارڻ
چارائڻ
سارڻ
سارائڻ
مارڻ
مارائڻ
ڇِڪڻ
ڇڪائڻ
سِبڻ
سِبائڻ
ڳِهڻ
ڳَهائڻ
لِکڻ
لِکائڻ
پِيڙڻ
پِيڙائڻ
پِيهڻ
پِيهائڻ
چِيرڻ
چيِرائڻ
لِيڪڻ
ليڪائڻ
پُڇڻ
پُڇائڻ
ڏُهڻ
ڏُهائڻ
ڪُهڻ
ڪُهائڻ
ڳُهرڻ
ڳُهرائڻ
ٻُوٽڻ
ٻُوٽائڻ
پُورڻ
پُورائڻ
چُوسڻ
چُوسائڻ
ڪُوڙڻ
ڪوڙائڻ
ٻوڙڻ
ٻوڙائڻ
پوکڻ
پوکائڻ
کوٽڻ
کوٽائڻ
ڳولڻ
ڳولائڻ
ڦيرڻ
ڦيرائڻ
ڪيرڻ
ڪيرائڻ
ميڙڻ
ميڙائڻ
هيرڻ
هيرائڻ
2. متعدي فعل جي مصدر جي پوئين ’ڻ‘ جي اڳيان الف
ممدود ساڻ حرف ’ر‘ آڻڻ سان متعدي بالواسطه جي مصدر
جڙندي آهي، مثلاً:
متعدي فعل
متعدي بالواسطه
جي مصدر جي مصدر
پئڻ پيارڻ
ڏيڻ ڏيارڻ
3. متعدي فعل جي مصدر جي اصل فعل پٺيان حرف ’ر‘ جو
اضافو ڪرڻ سان متعدي بالواسطه جي مصدر ٺهندي آهي،
مثلاً:
اَڏائڻ
اَڏرائڻ
چوائڻ چورائڻ
ڇڏائڻ ڇڏرائڻ
ڇِڪائڻ ڇِڪرائڻ
سِبائڻ
سبِرائڻ
ڪَڍائڻ
ڪَڍرائڻ
لَٽائڻ
لَٽرائڻ
ليڪائڻ
لِيڪرائڻ
وَڍائڻ
وَڍرائڻ
4. متعدي بالواسطه جي مصدر جي اصل فعل پٺيان الف
(ا) ملائڻ سان به بالواسطه جي مصدر ٺهندي آهي،
جنهن کي ٻٽو بالواسطه چئبو آهي. ٻٽي بالواسطه جو
مطلب آهي ته فاعل، جو ڪم ڪرائي ٿو، اهو ڪنهن ٻئي
جي مدد مان ڪرائي ٿو، جو خود وري ٻئي جو سهارو وٺي
ٿو، مثلاً:
متعدي بالواسطه
ٻٽي بالواسطه
جي مصدر جي مصدر
اَڏرائڻ
اَڏرائڻ
ٻَڌرائڻ
ٻَڌرائڻ
پَچرائڻ
پَچارائڻ
چَورائڻ
چَورائڻ
لَٽرائڻ
لَٽارائڻ
لِکرائڻ
لِکارائڻ
مَڃرائڻ
مَڃارائڻ
نَچرائڻ
نَچارائڻ
وَڄرائڻ
وَڄارائڻ
وَڌرائڻ
وَڌارائڻ
هَلرائڻ
هلارائڻ
5. متعدي فعل يا بالواسطه جي مصدر جي پوئين ’ڻ‘
جي اڳيان الف ممدوده ساڻ همزه (آء) آڻڻ سان ٻٽي
بالواسطه جي مصدر ٺهندي آهي، مثلاً:
اُٿارڻ
اُٿارائڻ
ڌُئارڻ
ڌُئارائڻ
سُڌارڻ
سُڌارائڻ
وِسارڻ
وِسارائڻ
فعل متعدي
بالواسطه جو استعمال:
”اسان ڏکئي ڏيل ۾، تون پيارئين پيڄ.“
(شاهه: ڪلياڻ)
”سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهــائڻ آئيون.“
(شاهه:
ڪاموڏ)
”سڀ مڙهايان سون سين، پکي تنهنجا پر.“
(شاهه: پورب)
”جن جو تون هين تون، سي پياديون پهچائيين.“
(شاهه: ديسي)
”يار سڏائي سڀڪو جاني زباني.“
(شاهه: بروو)
”کنڀ ڪرايان تو سندا، ساڻ جواهرن جڙاء.“
(سچل:
مالڪوس)
’ملڪيت هٿ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن پنهنجا پنهنجن کي
مارائيندا آهن.‘
’اڻپڙهيل ماڻهو خط ۽ دستاويز وغيره ٻين
کان لکرائيندا آهن.
’حاڪم جڏهن ضد تي چڙهندو آهي ته هن کي
مشڪل ڪو مڃارائي سگهندو آهي.‘
4. فعل اڪر ترڪ يا فعل بي فاعل:
اهو فعل جو جملي ۾ ڪنهن فاعل جو محتاج نه
هجي، تنهن کي اڪرترڪ يا فعل بي فاعل چئبو آهي. هي
فعل هميشه مجهولي صورت ۾ هوندو آهي. فعل اڪرترڪ
وارا جملا اڪثر اصطلاحي فقرا هوندا آهن، جن ۾
پهاڪا، عام چوڻيون، نصيحت جا نڪتا ۽ حقيقت جا ڪلما
بيان ڪيل هوندا آهن. مثلاً:
1.
موسم آهر لباس ڍڪڻ گهرجي.
2.
تندرستي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته هڏ هلائجي ۽
سادو کاڌو کائجي.
3.
ڪيترو به ڀڄبو ته موت کان بچي نه سگهبو.
مٿين جملن ۾ ’ڍڪڻ گهرجي‘، ’هلائجي‘، ’کائجي‘،
’ڀڄبو‘ ۽ ’بچي نه سگهبو‘ فعل اڪرترڪ جا مثال آهن.
فعل اڪرترڪ جو استعمال:
”گهڻو پڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”انت نه ڏجي عام کي، لوڪان ڪجي لڪ.“
(شاهه:
سريراڳ)
’هر ڪنهن سان چڱائي ڪجي ۽ برائيءَ جو بدلو ڀلائيءَ
سان ڏجي.‘
’نه ٻئي جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پَٽُ
ڦاڙائجي.‘
’محنت ڪبي ته ڦل پائبو.‘
’پاڻيءَ ۾ گهڙجي ته ڦهنگن پئي نه ڊڄجي.‘
’پوڍائي کان قرض نه کڻجي.‘
’ڪنهن جو عيب ڏسجي ته ان جي اپٽار نه ڪجي.‘
’جهڙي پوک پوکبي تهڙي لڻبي.‘
’مايا ۽ حسن تي بانور نه ڪرڻ گهرجي.‘
5. فعل معطوفي:
اهو فعل جو جملي ۾ عطف جو ڪم ڏئي، يا فاعل
جي هڪ ڪم جو ٻئي سان سلسلو ڳنڍي، يا هڪ ڪم جي
پڄاڻيءَ تي ٻئي ڪم جو اجراء ظاهر ڪري، تنهن کي فعل
معطوفي چئبو آهي.
فعل معطوفي پنهنجي سر اڻپورو هوندو آهي ۽
ڇاڪاڻ ته عطف جو ڪم ڏيندو آهي، تنهنڪري هر فعل ۽
فعل جي هر زمان سان لڳندو آهي ۽ جنس يا عدد سان نه
مٽبو آهي.
فعل معطوفيءَ جا مثال:
1.
ٻار آهستي آهستي وڌي جوان ٿيندو آهي.
2.
انسان جڏهن ڪم ڪري ٿڪبو آهي ته آرام ڪندو آهي.
3.
ڪي ڪاروباري ماڻهو جايون ٺهرائي وڪڻي ڇڏيندا آهن.
4.
انسان جڏهن هن دنيا مان لڏيندو آهي ته سڀڪجهه هت
ڇڏي پاڻ سان فقط پنهنجا اعمال کنيو ويندو آهي.
5.
بخيل ۽ لالچي ماڻهو مال ميڙيندو رکندو ويندو آهي.
6.
جهاز اڏندي ‘ڪِري‘، ’ٺهرائي‘، ’ڇڏي‘، ’کنيو‘،
’ميڙيندو‘، ۽ ’اڏندي‘ فعل معطوفيءَ جا مثال آهن.
فعل معطوفي هيٺين طريقن سان ٺهندو آهي:
1. امر جي پوئين حرف تي جيڪڏهن پيش (-ُ) هوندو
ته ان جي پٺيان حرف ’ي‘ ساڻ زير (يِ) ملائڻ سان ۽
جي امر جي پوئين حرف تي زير (-ِ) هوندي ته اُن جي
پٺيان حرف ’ي‘ ملائڻ سان فعل معطوفي ٺهندو آهي،
مثلاً:
اَچِ اچِي
وَٺُ وَٺِي
ڄاڻُ ڄاڻِي
ڏِسُ ڏِسي
لِڪُ لڪِي
بِيهه بيهِي
ٻُڌُ ٻُڌِي
ڊُڪُ ڊُڪي
ڊوڙُ ڊوڙِي
ليٽُ ليٽِي
ڍَڪِ ڍَڪِي
ڪَرِ ڪَري
آڻِ آڻي
لاههِ لاهي
مارِ ماري
وِسار وساري
ڀيڙِ ڀيڙي
چيرِ چيِري
ڦُرِ ڦُري
چُوسِ چُوسي
ڪُوڙِ ڪوڙي
پوکِ پوکي
ڏورِ ڏوري
سورِ سوري
ڀيٽِ ڀيٽي
ميڙِ ميڙي
هيرِ هيري
2. اسم مفعول به فعل معطوفيءَ جي معنى ۾
ڪم ايندو آهي، مثلاً:
1. چوپايو مال سڄو ڏينهن جهنگ مان چريو
شام جو وٿاڻ تي ورندو آهي.
2. حشر ويل هرڪو پنهنجا ڏوهه ڏِسيو پيو
ڏرندو.
3. محنت نه ڪندڙ ماڻهو قرض وٺيو يا پِنيو
پيا گذر ڪندا آهن.
4. سست ٻار کايو پيئو پيا ليٽندا آهن.
مٿين جملن ۾ ’چريو‘، ’ڏِسيو‘، ’وٺيو‘،
’پِنيو‘ ۽ ’کايو پيئو‘ اسم مفعول جا لفظ آهن.
3. اسم حاليه به فعل معطوفيءَ جو ڪم ڏيندو آهي،
مثلاً:
1. ناڙي ڇَٽ ۾ هاري زمين کيڙيندا ٻج
ڇٽيندا ويندا آهن.
2. ڪانيرا ڇلر ۾ چهنب هڻندا مڇي کائيندا
آهن.
3. ڪيترا ٻار ڄمندي مري ويندا آهن.
4. شڪاري شڪار ڪندي گهڻو پري نڪري ويندا
آهن.
مٿين جملن ۾ ’کيڙيندا‘، ’هڻندا‘، ’ڄمندي‘
۽ ’ڪندي‘ اسم حاليه جا لفظ آهن.
فعل معطوفيءَ جو استعمال:
”گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ٻوڙيائين ٻانهون.“
(شاهه: سهڻي)
”ڪنديءَ جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري.“
(شاهه: سهڻي)
”پنهون اٿي پس، سر ڀر هلي سسئي.“
(شاهه: سسئي)
”مري جيءُ ته ماڻئين جانب جو جمال.“
(شاهه: معذوري)
”واجهائيندي ورهه ٿيا، هڏ نه گڏيم هوت.“
(شاهه: معذوري)
”روجهه ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حب ۾.“
(شاهه: ديسي)
”سُڌ لڏيندي ساٿ جي، ڏيرن ڪانه ڏني.“
(شاهه: ديسي)
”پسنديئي پنهونءَ کي اکين ڪيو آرام.“
(شاهه: ديسي)
”ڏونگر مون سين رو، ڪڍِي پار پنهونءَ جا.“
(شاهه:
ڪوهياري)
”پريان پيـــر ڀـــري، تولئي آيو آهيان.“
(شاهه: سورٺ)
”سڪي مون سڱ ڪيو، لڪــي وچان لوڪ.“
(شاهه: حسيني)
”شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”وٽ سوريندي ولها، ويو تيل ٻرِي،
موٽ مسافر سپرين چانگي تي چڙهي،
راڻي لاءِ رڙِي ويئي وهامي راتڙي.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”روز نهاريان نڪرِي، راڻا تنهنجو راهه.“
(شاهه:
مومل راڻو)
”پســيو آسڻ ان جا اچي نه آرام.“
(شاهه:
رامڪلي)
”سامي کامِــي پرينءَ لئي ڪُــسي ٿيا ڪباب.“
(شاهه:
رامڪلي)
”جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته مڙهي ٻاري مر.“
(شاهه: رامڪلي)
”جوڳي جڳ ڇڏي، پُريا پورب پنڌ ڏي.“
(شاهه:
رامڪلي)
”ســـاري سنياسين کي، رنم ساري رات.“
(شاهه: رامڪلي)
”ڌڪــي ڪندئي ڌار، ماڻڪ ڏيــئي مٺ ۾.“
(شاهه: پرڀاتي)
”ڪالهه ڪلاچيءَ ويا، ڇٽيو کڻــي ڇڳير.“
(شاهه: گهاتو)
”مون کي مون پرين ٻــڌي وڌو ٻار ۾.“
(شاهه: آسا)
”پانڌي پرينءَ سين روئــي ڪج رهاڻ.“
(شاهه: مارئي)
”هاڃوڪيو همير، بالله نئي ٿو بند ۾.“
(شاهه: مارئي)
”آڻيو وجهن آهرين روڙيو رتا گل.“
(شاهه: مارئي)
”مارو ســاريو مير، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.“
(شاهه: مارئي)
”سَٻر پَسِـــي سومرو ڏڪي ويو ڏيهي.“
(شاهه: مارئي)
”سونهن وڃايم سومرا هتي اچِـــي هاڻ.“
(شاهه: مارئي)
”چڀڙ آءٌ چــوُپــي، سڪ لاهيندَس سومرا.“
(شاهه: مارئي)
”کنيـــو کنياتو خبرون کيرون ڏيــو کُلي.“
(شاهه: پورب)
”سمي ســڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”نيڻن سين ناز ڪري، ريجهايائين راءُ.“
(شاهه: ڪاموڏ)
”روئي زاروزار پرزو پرينءَ ڏي لکيوم.“
(سچل: ڀيروي)
”وٺــي هليو خط، پانڌي پار پرينءَ جي.
روئي روئي رت، تنهن هلندي حال وڃايو.“
(سچل: ڀيروي)
”سٽ پڙهندي سرتيون منهنجو ساهه سڪو.“
(سچل: ڀيروي)
”اٿي ويا اوٺار، کڻـــي ساٿ سويل جو.“
(سچل:
ڪوهياري)
”ڪيچان اچي قافلو، مون وٽ ٿيو مهمان.“
(سچل:
ڪوهياري)
”مومل ماڻي مينڌري، ڪاهي ڪاڪ وڃي.“
(سچل: راڻو)
”ٻر مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيا ڪر.“
(سچل:
ڪاريهر)
”چڙهيو سا چؤڏول ۾، ٿي حڪم هلائي حور.“
(سچل: ڪلياڻ)
”نوريءَ ناٿ نوايو، آڻي منجهه اٽڪل.“
(سچل: ڪلياڻ)
”روجهون رڻ ڦٽو ڪري، لاهه لهي آيون.“
(سچل: پهاڙي)
”سِگهي ايندَس ايڏهين، لاهــي لاڳاپو.“
(سچل: کنڀات)
”پورب ۾ پيهي وڃي واصل ٿيا وصال کي.“
(سچل: جوڳ)
”پڙهي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي.“
(سچل:
مالڪوس)
”ساري ڳالهه
سچي، اچي ڪانگي ڪئي قريب جي.“
(سچل:
مالڪوس)
”پکي سوئي پر، اڄ اڏاڻو اوڏهين،
خاص وٺي خبر، موٽيو ماڳن پنهنجي.“
(سچل:
مالڪوس)
6. فعل مرڪب:
سنڌي زبان ۾ اڪثر اهڙا فعل استعمال ٿيندا
آهن، جن ۾ هڪ کان وڌيڪ مصدرن جا فعل شامل هوندا
آهن، اهڙن فعلن کي فعل مرڪب سڏبو آهي، مرڪب فعلن ۾
ڪم آندل فعلن مان پهريون فعل گهڻو ڪري معطوفي صورت
۾ هوندو آهي. مرڪب فعل ڪم جي ٿيڻ يا پوري ٿي وڃڻ
جي يقيني معنيٰ ظاهر ڪندا آهن، مثلاً:
مُفرَد فعل
مرڪب فعل
ماريو
ماري وڌو
لکيو
آهي لکي ڇڏيو آهي
کنيو
هو کڻي آيو هو
روئندو روئي
ڏيندو
مٿين مرڪب فعل جي مثالن ۾ ڏسبو ته ڪٿي ٻن
مصدرن ۽ ڪٿي ٽن جي فعلن جا صيغا ڪتب آيل آهن.
مثلاً: ’ماري وڌو‘ ۾ مارڻ ۽ وجهڻ، ۽ لکي
ڇڏيو آهي، ۾ لکڻ، ڇڏڻ ۽ هئڻ مصدرن جا مختلف صيغا
هڪ ئي فعلي ترڪيب ۾ شامل ڪري ڪم آندا ويا آهن. جن
۾ پهريون فعل ’ماري‘ يا ’لکي‘ معطوفي صورت ۾ آهي،
انهيءَ سان گڏ منفرد فعل ۽ ساڳئي قسم جي مرڪب فعل
جي ڀيٽڻ سان معلوم ٿيندو ته منفرد فعل جيتوڻيڪ
پنهنجي سر معنيٰ ۾ مڪمل آهي، پر مرڪب فعل اهڙي
تڪميل جو يقين ڏياري ٿو. مثلاً:
’لکيو آهي‘ فعل مان معلوم ٿئي ٿو ته لکڻ
جو ڪم ڪيو ويو آهي، پر فعل مرڪب جي ترڪيب ’لکي
ڇڏيو آهي‘ مان پتو پوي ٿو ته لکڻ جو ڪم يقيناً
پورو ڪيو ويو آهي.
فعل مرڪب جون ترڪيبون:
1.
فعل معطوفيءَ جي پٺيان ڪنهن ٻئي فعل جو صيغو آڻڻ
سان فعل مرڪب ٺهندو آهي، مثلاً:
بيهي رهي ٿو. اچيو نڪري.
ڪري ڇڏيو آهي. ڊوڙيو ايندو آهي.
اچي ويو هوندو. بيٺو نهاريندو هوندو.
ڏِسي ورتو. هليو ويو.
پڙهِي نڪتو هو. کنيو بيٺو هو.
لِکي وٺندو. ويٺو ليلائي پيو.
2. مطلب ته زور ڏيڻ ۽ ڪم کي ترت نباهڻ
خاطر مکيه فعل جي اڳيان، کڻڻ مصدر جو فعل معطوفي
آڻبو آهي، مثلاً:
کڻي ترس کڻي
جواب ڏي
کڻي چؤ کڻي
ٻک وڌو مانس
کڻي ڳول کڻي
تڪڙ ڪيائين
کڻي مڃ کڻي
گُهٽو ڏنائينس
کڻي هائو ڪر
کڻي پنڌ پيا
3. فعل معطوفيءَ جي پٺيان ’ڄاڻڻ‘ مصدر جو
فعل لڳائڻ سان فعل مرڪب ٺهندو آهي. اهڙي فعل مرڪب
سان امڪان ۽ استعداد جي معنيٰ نڪرندي آهي، مثلاً:
لکي ڄاڻي
ٿو.
وڙهي
ڄاڻندو آهي.
پڙهي نه
ڄاتو.
ڳالهائي
ڄاڻندو هو.
4. فعل معطوفيءَ جي پٺيان ساڳي مصدر جو
ٻيو فعل آڻڻ سان فعل مرڪب جي صورت ٺهندي آهي،
مثلاً:
پڙهيو
پڙهه
ڇڏيو
ڇڏي.
رويو
روء.
لکيو لک.
هليو هل.
هليو
هلندو.
5. فعل مرڪب ۾ فعل معطوفيءَ جي جاءِ تي
مصدر به استعمال ٿيندي آهي، مثلاً:
پڙهڻ وڃي
ٿو.
گهمڻ
ويندو آهي.
ڏسڻ لڳو.
روئڻ
ويهي رهيو
ملڻ آيو
هو.
کيڏڻ ويو
هوندو.
وٺڻ
ايندو
فعل مرڪب جو استعمال:
”وڄون وســـڻ آئيـــون، سارنگ سينگاري.“
(شاهه:
سارنگ)
”هيڪر حبيبن سان مون کي نيئي گڏ.“
(شاهه:
کنڀات)
”وڍ وڌائون، هو جو وڻ هئڻ جو.“
(شاهه:
سسئي)
”مزمانن مهري آڻي جهوڪيا جهوڪ ۾.“
(شاهه: ڪوهياري)
”هاڃو ڪري هوءِ، آڌيءَ رات اُٿي ويا.“
(شاهه: ڪوهياري)
”اچي عجيبن جو اورانگهِج اڱڻ.“
(شاهه:
پورب)
”اچيو اچيو پون، واڪا ڪيو وڻن ۾،
سنيها سيڻن جا چوٽيءَ چڙهيو چون.“
(شاهه:
پورب)
”چارڻ چنگ ڪلهي ڪري رمِي رهيو رات.“
(شاهه:
سورٺ)
”مون وٽ مون پرينءَ جي ويهي ڪر وائي.“
(شاهه:
مارئي)
”مارو ساريو مير، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.“
(شاهه:
مارئي)
”عمر آندئي مارئي منجهان جهنگ جهٽي.“
(شاهه:
مارئي)
”مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾.“
(شاهه: آسا)
”پني ۾ پيغام، لکي مڪا سڄڻن.“
(سچل: ڀيروي)
”سوڍا سندءِ ساءِ، آءٌ ويٺي ڪانگ اڏائيان.“
(سچل:
راڻو)
”ڪيچان اچي قافلو، مون وٽ ٿيو مهمان.“
(سچل: ڪوهياري)
”پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولي لهج پاڻ کي.“
(سچل:
آسا)
”ڪو نئون سبق پڙهي، اڄ پڻ آيو اوڏهون.“
(سچل: مالڪوس)
”ڇڏي رڻ راهي ٿي روهن مٿي روجهه.“
(سچل:
پهاڙي)
|